13
هوڏانهن انگريز سرڪار به پنهنجن جاسوسن ذريعي سانول توڙي ٻين ماڻهن تي ڪڙي نگراني ڪري رهي هئي. سانول ۽ موتي ڪانٽئي ۾ هوندي به ٻن الڳ جاين تي هُئا. انگريز سرڪار ۽ پنڊت نائومل جا ٽوهيندڙ به سانول کان وڌيڪ موتي تي ڪڙي نظر رکيو ويٺا هئا ته موتي ئي اهو ماڻهو آهي، جيڪو سانول سان ملائي سگهي ٿو. تنهنڪري ست سنگ لاءِ ٿيندڙ تيارين ڏانهن هنن جو گهڻو ڌيان نه هو. موتي کي جنهن جاءِ جو اطلاع هو اُتي سانول موجود ئي نه هو. ڇو ته عين وقت تي سانول وارن ان جاءِ کي ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو هو. موتي سانول کي ان جاءِ تي نه ڏسي سخت پريشان ٿي ويو هو، هن جي ذهن ۾ هڪدم جيڪو خيال آيو سو هو ته ڪٿي سانول، پنڊت نائومل جي چيلن جي ور ته ڪونه چڙهي ويو آهي. هُن پنهنجي پر ۾ پُڇا ڳاڇا ڪئي ته خبر پيس ته هتي ڪي مُسافر آيا ته ضرور هئا پر ڪالهه رات کان الائي ڪيڏانهن الوپ ٿي ويا آهن. وري اسان هُنن کي نه گهُمندي ڏٺو نه ڦرندي. موتي ان گس تي رهندڙ پنهنجن همراهن کان پُڇا ڪئي ته هُنن به اڻ ڄاڻائي ظاهر ڪئي. هنن موتيءَ کي محض انهيءَ ڪري ٻڌائڻ مناسب نه سمجهيو ته هنن ڪانٽئي ۾ ڪيترن نون ماڻهن کي ايندي ڏٺو پئي، ممڪن آهي ته موتي کي اصل ڏس ڏين ۽ موتي سانول سان ملڻ جي ڪوشش ڪري جنهن ڪري ڪو نقصان ٿئي، تنهنڪري جيترو به محتاط رهي سگهجي ٿو رهجي. سڀني مقامي ماڻهن به سانول واري پاسي وڃڻ ڇڏي ڏنو هو. صلاح مصلحت جو جيڪو به ڪم هو سو زالن ۽ ٻارن کان پئي ورتو ويو.
ڪرنل ايونس جو سڀ ڪم مڪمل هو، سونهان به هن هٿ ڪري ڇڏيا هئا، بس، هُن کي جيڪڏهن انتظار هو ته مٿئين انتظاميا کان اجازت نامي جو. عام ماڻهن کي ڄاڻ هئي ته فوج جيترو به وقت برهمڻ آباد ۾ رهندي، اوترو هنن جي زندگي ڪنهن عذاب کان گهٽ ڪين نه گُذرندي. هر ماڻهو اهو چاهيو ٿي ته فوج پنهنجو ڪم ڪري هلي وڃي نه ته فوج کي هتان ڀڄائي ڪڍجي. پهريون سبب فوج جي مرضي تي هو ۽ ٻيو سبب عام ماڻهو جي وس ۾ ئي ڪونه هو.
جيوت رام وارن کي به انگريز فوج جي اچڻ جي خبر پئجي چُڪي هئي. سو هو به هاڻ ڪنهن به هڪ جاءِ تي مسلسل نه پئي رهيا. انهن هر ٻئين ٽئين ڏينهن پنهنجو ٺڪاڻو تبديل ٿي ڪيو. اهو عمل تمام گهڻو ڏکيو هو پر هنن وٽ ٻئي ڪا واٽ ڪانه هئي. نه ته ڪنهن به وقت گهيري ۾ اچي، اڳين بغاوتن جيان ختم ٿي ٿي سگهيا. هنن پنهنجي سوچ ۽ سمجهه آهر پنهنجون رٿابنديون ٿي ڪيون پر هنن جي اندر ويٺل هڪ ماڻهو، هنن جي هر حرڪت ۽ چرپر جي خبر انگريز سرڪار کي پهچائي رهيو هو جنهن جو هنن کي ذرو به شڪ نه هو.
راڌا ۽ موهن وٽ موتي واپس پهچي سڄو سارو حال احوال ڏنو، راڌا ۽ موهن به سانول جي نه ملڻ ڪري سخت پريشان ٿي ويا هئا. راڌا، ان اڻ ڄاتي خوف سبب روئڻ لڳي ته سانول کي پڪ پنڊت نائومل وارن ماري لاش گُم ڪري ڇڏيو آهي. موهن به مٿو جهلي ويهي رهيو هو ته هي ڇا ٿي ويو. ايڏو پڪو اطلاع هوندي سانول اُتي ڇو نه پهتو، اتي نه پهتو ته پوءِ ڪيڏانهن گُم ٿي ويو.؟
موتي ڪاڪي موهن جي ڀر ۾ ايندي چيو
”ڪاڪا! ائين ويهي رهڻ سان ته مسئلو حل ته ڪونه ٿيندو. ڪُجهه نه ڪُجهه ته ڪرڻو پوندو.“
ڪاڪي موهن، موتي ڏانهن نهاريندي چيو
”ڇا ڪريون؟ گس گس ۽ چپي چپي تي پنهنجا ماڻهو ويٺل آهن ۽ هر پل جي پاڻ کي خبر پيئي پئي، اُن هوندي به سانول پاڻ کان گُم ٿي ويو..................!“
موهن ائين چئي اٿي راڌا ڏانهن آيو ۽ راڌا جي مٿي تي هٿ رکي چيائين
”امڙ، مونکي معاف ڪجئين، آئون سانول کي بچائي نه سگهيس. هي مذهبن جا ٿلها متارا هاٿي، اڳ مون کان مُنهنجي ٻچڙيءَ زينب کي بيدردي سان کسي ڇڏيو ۽ اڄ هنن مذهبي هاٿين سانول کي به ماري ڇڏيو ۽ آئون سانول لاءِ ڪجهه ڪين نه ڪري سگهيس. ا هي ٿلها مذهبي هاٿي اسان جن اصولن، آدرش، جذبن ۽ نفيس نازڪ خيالن کي بيدردي سان لتاڙيندا ٿا وتن. مُنهنجي ڌيئڙي، اسين بي وس آهيون اسين بي وس آهيون....“
۽ روئڻ ۾ اچي ڇُٽڪيو، موتي ويتر پريشان ٿي ويو. ڪاڪي موهن جي حالت ڏسي، راڌا کي پنهنجو روئڻ وسري ويو ۽ ڪاڪي موهن کي سنڀالڻ ۾ لڳي ويئي.
راڌا، ڪاڪي موهن کي چيو
” ڪاڪا، سانول مليو نه آهي ته خير آهي. ممڪن آهي ته ڪاڪا هو اڃان ڪانٽئي پهتو ئي نه هجي. پاڻ کي غلط اطلاع مليو هجي. ڀڳوان نه ڪري. ڪا ٻي ڳالهه هُجي ها ته به ان جو ڪو کرُ پيرَ جي ٿوري گهڻي سُڻڪ پوي ها. ٻيو ته ٺهيو پر ڪاڪا، موتي کي کڻي سانول جي خبر نه هُجي پر ڪانٽئي جي ڪنهن ته ماڻهو کي خبر ضرور هجي ها ته سانول ڪانٽئي ۾ آيل آهي. ڪانٽئي ۾ پنهنجا به ته ماڻهو آهن..“
راڌا، سمجهائيندي رهي پر ڪاڪو موهن مسلسل روئندو ئي رهيو ڄڻ هُن راڌا جي ڳالهه ٻڌي اڻ ٻُڌي ٿي ڪري ڇڏي موتي ۽ راڌا اڃان موهن کي سنڀالڻ ۾ پورا هئا ته تيسين اوچتو سي آءِ ڊي وارا ۽ ڪُجهه انگريز فوجي دستي جا ماڻهو گهر اندر گهڙي آيا ۽ آنن فانن موتي کي کنڀي کڻي روانا ٿي ويا. موهن ۽ راڌا کان روئڻ وسري ويو دروازي ڏانهن ڀڳا پر سي آءِ ڊي ۽ فوجين وارا وهٽ، هنن جي اکين اڳيان گُم ٿي ويا.
پنڊت نائومل کي مخبرن سانول جي گُم ٿيڻ جي خبر ٻڌائي ته هيڪر ته پنڊت نائومل جون واڇون ٽڙي پيون پر ٻئي لمحي منهن مان پريشاني بکڻ لڳس.
”جيڪڏهن هو مونکي هٿ ڪونه آيو ته هو انگريزن کي به ته هٿ ڪونه آيو آهي. ڪٿي هو جيوت رام وارن جي ور تي ڪونه چڙهيو آهي. جي اُتي وڃي ها ته به خبر کڙڪو ضرور پوي ها. ڪٿي نه ڪٿي کُر پير ضرور لڳن ها. پوءِ سانول ڪيڏانهن وڃي سگهي ٿو................“
پنڊت نائومل جي ذهن ۾ اهڙيون کوڙ ساريون ڳالهيون گردش ڪرڻ لڳيون هيون. هن پنهنجن ٽوهيندڙن کي ڪانٽئي ۾ ئي رهڻ جي هدايت ڪئي. هُن کي اها ته پڪ هئي ته سانول ڪانٽئي يا اُن جي آسي پاسي جي ڳوٺن ۾ ڪٿي لڪل آهي. رڳو ٽوهيندڙن کي گمراهه ڪرڻ لاءِ ڪٿي ٿمب ماري ويهي رهيو آهي.
هاڻي موتي جهلاڻو آهي، ضرور ڪٿان نه ڪٿان ڪن ڪاپڙي نظر ايندي. تنهنڪري نظراندازي اڳ کان وڌيڪ ڪرڻ گهُرجي. پنڊت نائومل پنهنجن ٽوهيندڙن کي وڌيڪ محتاط ۽ چوڪسي واري نظرداري جون هدايتون ڏيئي واپس ڪانٽئي موڪليو هو ۽ پاڻ به سڀ ڪم ڪار هڪ پاسي ڪري، برهمڻ آباد ڏانهن روانو ٿيو. جيئن برهمڻ آباد واري مندر تي سانول جي مرڻ جي خبر ٻڌڻ سان قبضو ڪري وجهي.
جيوت رام جي موڪليل ڇاپا مار ٽولين، ٿر جي ڪيترن ئي علائقن ۾ ڦڙڦوٽ وجهي ڇڏي هئي ۽ ڪيترائي ٻيا عام ماڻهو به حب الوطني جي جذبي هيٺ، انهن ٽولين جا غير مشروط حمايتي بڻجي ويا هئا.
ان ڪامياب ڇاپامار ڪارروائين ۾ انهن محب وطنن جو ڪردار هو، جن سر جو سانگو لاهي، انهي ڇاپا مار جدوجهد ۾ حصو ورتو پئي ته انگريز سرڪار جي ڪيتري ئي سرڪاري مشينري کي ڪافي ڪاپاري ڌڪ رسيو پئي . عام ماڻهن کي ائين ٿو لڳو ته ڄڻ هنن جي فتح هاڻ ويجهي آهي. انگريز هتي مٿو کپائڻ بجاءِ ٻئي طرف ڀڄي ويندا. پر انهن جوڌن، سورهيائن ۽ سرفروشن وچ ۾ هڪڙو اهڙو ڪوڙو ڪانئر به موجود هو جيڪو انهيءَ شاندار جدوجهد کي ڪاپاري ڌڪ رسائڻ وارو هو. جنهن جي ڪنهنکي به خبر ڪانه هئي ته هو جيڪو هنن لاءِ ڏاڍو معتبر، قابل احترام ۽ قابل اعتماد هو. جنهن تي شڪ ڪرڻ ته هو پاڻ کي پاپي تصور ڪندا آهن. موتي به انهن جي چوڻ تي گرفتار ٿيو هو.
موتيءَ جي گرفتاري پوري ٿر ۾ ڪنهن وبا جيان پکڙجي وئي. تنهن ڪري ٿر جي ڪافي ننڍن وڏن شهرن ۾ احتجاجن واپارين واپار بند رکيو هو. جيوت رام کي به موتي جي گرفتاري جو پتو پئجي چڪو هو. تنهنڪري سمنگ سنگهه موقعي جي مناسبت سان ڳالهه چوريندي چيو
”جيوت، هاڻي پنهنجي ويڙهه جو وقت اچي ويو آهي. سمجهو ته وطن خاطر، موت کي ڳلي لڳائڻ لاءِ تياري وٺجي نه ته موتي هڪ هڪ ڳالهه انگريز سرڪار کي ٻُڌائي ڇڏيندو.“
جيوت رام، غور سان سمنگ سنگهه جي اکين ۾ نهاري چيو
”سمنگ، ممڪن آهي ته موتي ائين ڪري، پر انهيءَ کان اڳ گورن کي اسان جي ٺڪاڻن جي خبر ڪنهن پئي ڏني آهي.“
سمنگ سنگهه وراڻيو
” هوندو ڪو اسان مان، ممڪن آهي موتي ئي هُجي. جنهن پنهنجو پاڻ کي سچو ثابت ڪرڻ لاءِ گرفتاريءَ جو اهو ڍونگ رچايو هُجي.“
جيوترام، پنهنجي بندوق جي نالي کي صاف ڪري ڦوڪَ ڏيندي چيو
”جي ائين آهي ته پوءِ چندرما ٽولي جي هر حرڪت جي خبر، گورن وٽ ڪيئن پهتي ۽ هنن هر گس ۽ گهيڙ تي چندرما ٽولي کي بيدرديءَ سان ماريو هو. اها خبر ته موتي کي ڪونه هئي نه سمنگ.“
سمنگ سنگهه پنهنجي تلوار ڪلهي تان لاهي، ڪارونجهر جي کڙيل اوٽ وٽ رکي ۽ جبل جي ڇپر کي ٽيڪ ڏيئي وراڻيو
”ٻيو ڪير ٿو ٿي سگهي جيوت؟ “
” تون به ٿي سگهين ٿو...................آئون به ٿي سگهان ٿو......سومار، حسين، پسايو، جڳن به ٿي سگهن ٿا..... پنهنجي لڙائي جن دشمنن سان آهي. سو تيز، هوشيار ۽ انتهائي طاقتور آهي ۽ اهو اسان کي ڪمزور ڪرڻ، ٽوڙي ڀورا ڀورا ڪرڻ، اسان کي ڇڙ وڇڙ ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪندو، تنهنڪري سمنگ، ڪنهن تي به اعتبار نه ٿو ڪري سگهجي.“
سمنگ سنگهه خلا ۾ گهوريندي چيو
”جيوت، پوءِ ڇا اسين وطن جا ماروئڙا، هميشه غلامي جي طوق کي پهري رهنداسين ۽ اسين ائين ئي مرندا ۽ ڪُسندا رهنداسين.“
جيوت رام، ٻئي هٿ سمنگ سنگهه جي ٻنهي ڪُلهن تي رکي چيو
”ها اسين پنهنجي وطن ۽ پنهنجن لاءِ ائين ئي مرندا ۽ ڪُسبا رهنداسين. وطن جا غدار پنهنجو ڪم ڀل ڪندا رهن ۽ اسين محب وطن پنهنجو ڪم ڪندا رهنداسين. ڏسون ڪير ٿو فتحياب ٿئي.“
سمنگ سنگهه، سڄو انداران ڏڪي ويو. هن جيوت رام جي اکين ۽ چهري تي جيڪو غصب جو جاهه و جلال ڏٺو ته سمنگ سنگه جيوت رام جي اکين جي دهشت جا اُلائو نه سهي سگهندين، اکيون هيٺ ڪري وراڻيو
”پر جيوت، پنهنجو بچاءَ ته ڪرڻو آهي نه!“
جيوت رام، جبل تان هيٺ هلندي چيو
” ها، هاڻ جبل ۾ رهڻ، جان کي جوکي ۾ وجهڻ برابر آهي. تنهنڪري اڄ رات جو سوچيان پيو ته هتان نڪري، هيٺ گُجرات مان ٿي ڪلڪتي ڏانهن نڪري وڃڻ گهُرجي.“
سمنگ سنگهه جا ڄڻ ڪن کڙا ٿي ويا پر ڏيکاءُ طور جيوت جي حمايت ڪندي چيائن
”صحيح ٿو چئين جيوت، پوِءِ سڀني تائين اها خبر پهچائي ڇڏيان.“
جيوت رام، اکين اڳيان هٿ ڏيئي جبل جي اوٽ ۾ هيٺ نهاريندي چيو
”نه، اڄ رات گڏپ ڪنداسين جنهن کانپوءِ ڪرم وير ۽ نيات مل وارن سان به صلاح ڪنداسين، اُن کانپوءِ ئي ڪو فيصلو ڪنداسين.“
سمنگ، جيوت جي ڪُلهي تي هٿ رکي چيو
”جيوت، توکي حالتن جي سڀ خبر آهي، پل پل جي ڪيڏي اهميت آهي. جيتري دير ٿيندي اوترو پاڻ تي گهيرو تنگ ٿيندو ويندو. وڌيڪ تُنهنجي مرضي.“
جيوت، سمنگ ڏانهن ڏسندي چيو
”ڇا مطلب، اسان پنهنجي وڏيرڪي هلائي، جيڏانهن چاهيون اوڏانهن وڃون. هي جي هيترا دوست، پنهنجا گهر گهاٽ، مٽيون مائٽيون ڇڏي اسان ساڻ ويڙهه جي ميدان ۾ آهن تن کي اڪيلو ڇڏي ڏيون.“
سمنگ سنگهه، جيوت کان ٿورو هيٺ جبل وٽان لنگهندي وراڻيو
”نه جيوت نه، منهنجو هرگز اهو مطلب ڪونهي. منهنجي چوڻ جو مطلب آهي ته گورا ڪنهن به وقت اسان تي حملو ڪري سگهن ٿا. هنن فوج به گهُرائي ورتي آهي هو مڪمل تياري ۾ آهن.“
جيوت رام، غار ڏانهن ويندي چيو
”سمنگ، وطن جي جنگ ۾ جي ماريا وياسين ته به پنهنجي وطن جا سورما ٿي مرنداسين ۽ جيڪي هينئر غداري ڪندا، تن کي شايد ايندڙ نسل ڪڏهن به معاف نه ڪندي. هونئن چاهي ڪجهه به ٿئي فتح نيٺ حق ۽ سچ جي ٿيندي. سا جي اڄ نه ٿيندي ته سُڀاڻ ٿيندي.“
سمنگ سنگهه جيوت رام، کي غار ۾ ويندو ڏسي رهيو هو، جيڪو مضبوط ۽ خود اعتمادي سان قدم کڻندو غار ۾ هليو ويو.
حيدرآباد مان نڪتل اجازت نامي وارو ماڻهو، برهمڻ آباد ۾ ڪرنل ايونس وٽ پهچي چُڪو هو. ڪرنل ايونس اجازت نامي ملڻ شرط بنا ڪنهن دير جي پنهنجن خاص ماڻهن جي گڏجاڻي گهرائي ورتي هُئي.
ڪرنل ايونس چيو
”اصل ڳالهه اها آهي جنهن لاءِ اوهان کي هتي گهرايو ويو آهي ته جبل جا هزارين گس ۽ گهيڙ آهن. جن جي اوهان کي خبر نه آهي. انڪري ان مهم جوئي لاءِ جبل جي ڪيترن ئي سونهن جو بندوبست ڪيو ويو آهي. فوج کي ڇهن ٽولن ۾ ورهايو ويو آهي. جيئن چئني پاسن کان گهيراءُ ڪيو وڃي. هڪڙو دستو جيڪو ڇاپامار ڪارروائي جو تجربو رکي ٿو سو هر اول دستي جيان سڀ کان پهرئين جبل تي چڙهائي ڪندو ۽ هڪڙو دستو پويان جمع رهندو جيئن ضرورت پوڻ تي فورن اُن کي اتي لاهي سگهجي. هر ٽولي سان ڇهه ڇهه سونهان گڏ هوندا يعني ڪو سونهون، غداري ڪري اُن کي فورن اُتي ماري ڇڏجو. اڃان به ڪنهن کي ڪا وضاحت پڇڻ آهي ته پڇي وٺي.“
پر ڪوبه ڪين نه ڪُڇيو ته ڪرنل ايونس وراڻيو
”بس هاڻي اوهين الرٽ رهو، جيئن ٽوهيندڙ اُنهن کي محفوظ جڳهه مان ٻاهر ڪڍي آڻيندو تيئن ئي حملو ڪيو ويندو.“
ائين چئي ڪرنل ايونس پنهنجي ڪمري ۾ هليو ويو.
نيٺ انهي ست سنگ واري تجويز کي عملي جامون پهرايو ويو، سانول ۽ ساٿين کي عورتن وارو روپ ڏنو ويو. ست سنگ شام ڌاري شروع ڪيو ويو ۽ مُنهن انڌاري، اهو ست سنگ والجي واري سماڌي ڏانهن روانو ٿيو. ڀڳت زور زور سان ڀڄن ڳائي رهيا هئا.
ڪرو هري ڪا ڀڄن پياري، عمريا بيت جاتي هئه
پورو شُڀ ڪرم ڪر آيا، منش تن ڌرڻي ۾ پايا
ڦري وشيون ۾ ڀرمايا، موت نهين ياد آتي هئه
ڀڄن ڳائيندي روان دوان هئا. ست سنگ کي جبل تائين پهچڻ ۾ ٻه ٽي ڪلاڪ لڳي ويا. والجي جي سماڌي تي ڏيئن جي جهرمر ۽ ست سنگ وارن لاءِ ڀوڄن(کاڌي) جي تياري هلندڙ هئي. طعام وغيره کانپوءِ اڌ رات جو سانول ۽ سندس ساٿين کي جبل ۾ روانو ڪري ڇڏيو ويو. سانول وارن کي جبل ۾ روانو ڪرڻ کان پوءِ به باقي سڄي رات ست سنگ جي محفل مچائي رکي وئي. جيئن سانول وارا جبل ۾ ڪافي اندر تائين نڪري وڃن. سانول وارن به ڳپل پنڌ ڪرڻ کان پوءِ ڪپڙا تبديل ڪيا ۽ پنهنجو سفر برهمڻ آباد ڏانهن چالو رکيائون. جبل ڏاڍو اڙانگو هو. ٻين جي لاءِ ته اها معمولي ڳالهه هئي پر ڪرمچند ڏاڍو مُشڪل ۾ ڦاسي پيو هو. ڪرمچند جي ڪري سڀ پريشان هئا.
سانول هڪ پٿر جي ڇپر کي جهلي مٿي چڙهندي چيو.
”خطرو اڃان به پنهنجي مٿي ته لهرائي پيو. اڃان به امڪان آهي ته ڪُجهه به ٿي سگهي ٿو.“
سوڍي وراڻيو
” ادا سانول، خطرو ته آهي پر اهو خطرو ته پنهنجي لاءِ اُتساهه جو ڪم ڏي ٿو اهو احساس ڏياري ٿو ته اسين پنهنجي وطن لاءِ سچي ۽ حقيقي ويڙهه جي رستي تي صحيح سمت ڏانهن وڃي رهيا آهيون. تڏهن ته دشمن اسان لاءِ نيون نيون ڪوڙڪيون ۽ سازشون ڪندا وتن.“
سانول، سوڍي جي ڳالهه ٻڌي چيو
”برابر سوڍا! تون صحيح ٿو چئين، پر اسان جي ويڙهه جو اهو مقصد نه هئڻ گهُرجي. اسين هرو ڀرو شهادت جو جام پيئي. پنهنجي وطن ۽ پورهيت عوام جي جنگ ڇڙوڇڙ ڪري وڃون. تنهنڪري اسانکي ۽ اسان جي عوام کي جنگ ڪنهن هڪ محاذ تي وڙهڻي ڪونهي. هتي مذهبي ڪٽرپڻي، هزارن سالن جي پيدا ڪيل غلامانه ذهنيت، قبيلائي تفرقا، پيداواري سرشتي جي اڻ ڄاڻائي ڌارين جي يلغار ۽ ڦُرلٽ ڪيترائي محاذ آهن جن لاءِ اسان کي وڙهڻو آهي پر پنهنجي عوام کي وقت بوقت هوشيار ۽ خبردار به رکڻو آهي ۽ پنهنجو بچاءِ به ڪرڻو آهي. تنهنڪري سوڍا، اهو ضروري آهي ته اسان کي مرڻ کان وڌيڪ جيئڻ کي اهميت ڏيڻ گهُرجي.“
ڪرمچند، جيڪو پنهنجن هٿن کي پٽيون ٻڌي رهيو هو، جيڪو جبل جي اڙانگي سفر ڪرڻ ڪري ڦٽجي پيا هئا سو وراڻيو
”سانول، بلڪل درست پيو چئي“
سوڍو وراڻيو
”پر ادا، اسين انهن انتهائي طاقتور ۽ وڏي عرصي کان عوام جي استحصال ڪرڻ جو تجربو رکندڙ قوتن سان ڪئين مهاڏو اٽڪائي سگهنداسين ڇا اسان کي ائين بنا ڪنهن ويڙهه ۽ رڪاوٽن ڏيڻ جي، اهي طاقتون اسان کي اڳيان وڌڻ ڏينديون.“
ڪرمچند پٽين واري ڪم مان واندو ٿي وراڻيو
”نه هو اسان لاءِ هر جڳهه ۽ هر محاذ تي، ڪئين رڪاوٽون پيدا ڪندا. اصل جدوجهد ته آهي ئي اها ته انهن رڪاوٽن کي انهن جي ئي ٺاهيل اصولن ۽ قاعدن سان ٽوڙي پار پوڻ ۽ دُشمن کي ايترو ته مجبور ڪرڻ، جو هو جنگ ڪرڻ لاءِ سنڀري اچي ۽ تيستائين اسان کي گهرجي ته اسين عوامي حمايت حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي چُڪا هجون ۽ عوام جي اڳواڻي ڪرڻ جي پوري طرح صلاحيت پنهنجو پاڻ ۾ پيدا ڪري چُڪا هُجون.“
سانول، جيڪو ڪارونجهر جي رسندڙ هڪ چشمي مان ٻه ڍڪ پاڻي جا پي وراڻيو
”اها ڳالهه پاڻ، پنهنجن اُستان کان سکي آيا آهيون ته اسان جي جدوجهد، پاڻي جي جل ڦوٽي جيان نه آهي ۽ نه ئي وري سکڻن نعرن ۽ خوابن جي دنيا آهي. هي جدوجهد ڊگهي ۽ صبر آزما جدوجهد آهي. هتي جيڪو به نعرو ڏبو سو به عوام جي دل جي ترجماني ڪندڙ ۽ ڪنهن خاص مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ ئي هوندو. تنهن ڪري دشمن اسان کي سماجي، معاشي، ذهني، تعليمي، جاني يعني هر ممڪن طرح سان مارڻ جي ڪوشش ڪندو رهندو ۽ اسان پنهنجي عوام کي جيئڻ ۽ وڙهڻ جو اُتساهه ڏيندا رهنداسين.“
سمنگ سنگهه کي به انگريز سرڪار جو نياپو ملي چڪو هو ته جيوت رام وارن کي جبل جي محفوظ ٺڪاڻن مان ڪڍي اچي. تنهنڪري سمنگ سنگهه چاهيو ته ڪنهن به صورت ۾ جيوت وارا هي محفوظ ٺڪاڻو ڇڏي اڳيان وڌن، جڏهن جيوت رام ڪلڪتي، وڃڻ جي ڳالهه ڪئي ته سمنگ سنگهه جون ته خوشي وچان واڇون ٽڙي پيون هيون. پر رات جو گڏپ واري ڳالهه هُن کي ڏاڍي ڏُکي لڳي هئي. اهو سور جو ڍُڪ ماٺ مُٺي ۾ پيئي ويو، ڪا به اُٻهرائپ ڪري ڪم خراب ڪرڻ نه ٿي چاهيائين.
شام کان ئي غار ۾ چُر پُر هئي. سڀني سوچيو پئي ته اڄ وري ڪي اهم فيصلا متوقع آهن. ممڪن آهي ته وڌيڪ ڇاپا مار ٽُوليوُن ٺهن.
شام ڌاري سڀ اچي گڏ ٿيا، جيوت ڳالهائڻ شروع ڪيو.
” اسان پنهنجي وطن ۽ پنهنجن معصوم ماروئڙن جي ناحق وهيل رت جو بدلو وٺڻ لاءِ ساهه جي آخري تند تائين ويڙهه جي ميدان ۾ نبرد آزما رهنداسين. انگريز اسان کي غلام بنائڻ ۾ پنهنجي پاران ڪا به ڪسر ڪونه ڇڏيندو. اُن ڪري اسان جو ڪنهن هڪ جڳهه تي رهڻ انتهائي خطرناڪ آهي. ظاهر آهي ته پاڻ سڀ حالتِ جنگ ۾ آهيون جيئن پاڻ پنهنجي بچاءَ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪريون ٿا. تيئن انگريز به اسانکي ناڪام ڪرڻ ۽ مارڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندڙ هوندو. ان جا ٽوهيندڙ هر جڳهه موجود هوندا. ممڪن آهي. هتي پنهنجي وچ ۾ هنن جو ڪو ٽوهيندڙ موجود هجي جنهن جي پاڻ کي خبر نه هُجي. ممڪن آهي هنن جو ڪو ٽوهيندڙ هتي نه هجي پر پاڻ کي هر گهڙي احتياط ڪرڻ گهرجي. تنهنڪري مُنهنجو خيال آهي، هتان نڪري هيٺ پنهنجن دوستن ڏانهن ڪلڪتي نڪري وڃجي.“
لعل محمد وراڻيو
”جيوت، ويڙهه اسان جو مقصد آهي ۽ مختلف علائقن ۾ اسان جون ڇاپا مار ٽوليون پنهنجن عملن ۾ سرگرم آهن ۽ پاڻ هتان کان ويهي، صحيح نموني ڪم ڪري پيا سگهون. تنهن ڪري هتان کان هينئر وڃڻ قطعي نامناسب ۽ بي مهل ٿو لڳي. ها البت ائين ڪري سگهجي ٿو ته جبل ۾ مختلف جڳهن تي ٺڪاڻا ٺاهڻ گهُرجن ۽ اسان سڀ چار پنج حصن ۾ تقسيم ٿي، انهن ٺڪاڻن کي سنڀاليون، جيئن انگريز هڪ ئي وقت ۾ اسان کي ماري نه سگهي.“
هريش جذباتي ٿيندي وراڻيو
” اسان سڀني کي خبر آهي، هن راهه ۾ اسان جا ڪيترائي دوست، ڌرتي مٿان قربان ٿي ويا آهن ۽ هنن کي خبر هئي ته هو جنهن جنگ تي وڃن پيا. تنهن ۾ جيئڻ جو ڪو به آسرو ڪونهي ته به اُهي انهيءَ جنگ ۾ ويا. هنن ته اسان جيان ويهي پنهنجي جان بچائڻ لاءِ هيئن ٻارن جيان هونگڙيون ڪونه هنيون هيون ۽ اهو ڪهڙو ۽ ڪير ضمانت ڏيندو ته انگريز اسان کي ڪلڪتي ۾ ڪجهه ڪونه ڪندو ۽ چوندو ڀل منهنجي خلاف هي ٻارڻ جاري رکو. تنهن ڪري اسان وٽ صرف هڪڙو ئي گس آهي ويڙهه بس.!“
سلطان، هريش جي ڳالهه جي تائيد ڪندي چيو.........
” هريش صحيح ٿو چئي ته اسان وٽ ويڙهه سوا ٻي ڪا واهه ڪونهي بچي. انگريز ڪنهن به حالت ۽ صورت ۾ اسان کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو. تنهنڪري هو اسان کي ٿڪائڻ ۽ ڀڄڻ لاءِ مجبور ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندو. پاڻ مان سڀني کي خبر آهي ته هن جابلو سلسلي ۾ سڀني کان محفوظ جڳهه هي آهي. جتي ويهي پنهنجو بچاءُ به ڪري سگهجي ٿو ۽ انگريز سان وڙهي.............“
سمنگ سنگهه ڏٺو ته ٺهيل ٺُڪيل ڳالهه، هٿن مان نڪرندي پئي وڃي، تنهنڪري سُلطان جي ڳالهه اڌ ۾ ڪٽيندي وراڻيو
”......................... يعني اسين هتي آسانيءَ سان انگريز جي گهيري هيٺ اچي وڃون. اسان جي رسد جا گس بند ٿي وڃن ۽ اسان بُک وگهي. هڪ هڪ ٿي مرندا وڃون ۽ اسان جون جيڪي ڇاپامار ٽوليون ڪم پيون ڪن. تن وٽ ڪابه هدايت نه پهچي سگهي ۽ هو به ويڙهه جي ميدان ۾ ڇڙ وڇڙ ٿي ماريا وڃن. دوستن کي ڳالهائڻ کان اڳ ۾ پنهنجي چوطرف نهارڻ به گهُرجي، جيوت بلڪل صحيح رخ ۾ سوچي پيو ۽ اسان کي انهي تجويز تي عمل ڪرڻ ۾ دير نه ڪرڻ گهُرجي.“
هيري مل، سمنگ جي ڳالهه ٻُڌي چيو
” دوست سمنگ ائين پيو ڳالهه ڪري، ته ڄڻ اسان وٽ تيز رفتار وهٽ هُجن، جيڪي هتان نڪرڻ کانپوءِ اسان کي اک پور ۾ ڪلڪتي پهچائي ڇڏيندا ۽ اسان کي سڄي گس ۾ اسان جو دشمن اکيون پوريو ويٺو هوندو ته هي ڀل وڃي آرام سان ڪنهن محفوظ ٺڪاڻي تي پهچن، پوءِ هنن کي ويهي ماربو. اسان وڏين قربانين ۽ محنتن کانپوءِ هيترو هٿيار گڏ ڪيو آهي. ان کي ٻئي هنڌ منتقل ڪرڻ تمام وڏو مسئلو آهي. تنهنڪري اسانکي هتان نڪري ٻي ڪنهن هنڌ منتقل ٿيڻ لاءِ ڪافي وقت درڪار هوندو ۽ ڪلڪتو هتان کان هزارين ميل پري آهي. اُتي پهچڻ لاءِ مهينن جا مهينا لڳي پوندا. تنهنڪري حال في الحال اسين ڪيڏانهن ۽ ڪٿي به نڪرڻ جي حالت ۾ نه آهيون.“
هيري مل جي ڳالهه سمنگ سنگهه کي ڄڻ چيڙائي وڌو. هو وڏي مشڪل سان پنهنجو پاڻ تي ڪنٽرول ڪندي وراڻيو
”.........ته پوءِ هتي ويهي، ڇا انگريز سرڪار سان مقابلو ڪرڻ ڪا عقلمندي چئبي. هو اسان کان ڏهوڻو طاقتور آهي تنهن ڪري هو اسان کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪا ويرم نه ڪندو. تنهنڪري گهيري ۾ اچي هڪ هنڌ ماريا وڃون. بهتر ائين ٿيندو ته نڪرڻ جي تياري ڪريون. جيڪڏهن اسان ننڍين ننڍين ٽولين جي صورت ۾ هتان نڪرڻ شروع ڪريون ته اسان جو ڪم ۽ سامان به ورهائجي هلڪو ٿي ويندو ۽ اهو هزارن ميلن وارو سفر به سون ميلن ۾ ٿي پوندو. ڪيئن جيوت؟“
سمنگ سنگهه جيوت ڏانهن پنهنجي ڳالهه اُڇلائيندي، جيوت ڏانهن پنهنجي حمايت لاءِ ڏسڻ لڳو. جيوت سمنگ سنگهه جي ڳالهه جو جواب ڏئي ئي ڏي، تيستائين هيري مل وراڻيو
”مونکي اها ڳالهه سمجهه ۾ ڪونه ٿي اچي ته سمنگ ائين ڇوٿو چاهي ته اسان جي گڏيل طاقت ٽولين جي صورت ۾ ڇڙوڇڙ ٿئي. اسين هن وقت جيڪي به چند دوست آهيون. اهي هڪ ٻئي جي آڌار تي ٽڪيل آهيون. جيڪڏهن اسان ورهائجي ٽولين ۾ ٿي پياسين ته پوءِ اسان جي سگهاري قوت به ورهائجي ويندي ۽ پوءِ اسين آسان شڪار هونداسين پنهنجي دُشمن جا. جي ايترو ئي خطرو محسوس ڪيو پيو وڃي ته پوءِ بهتر آهي ته پنهنجن ڇاپامار ٽولين کي هدايتون موڪلجن ته هو فورن پنهنجون ڪارروائيون پهرين جي نسبت ٻيڻيون ٽيڻيون ڪري ڇڏين. جئين دشمن جو ڌيان ورهائجي وڃي.“
سُلطان، هيري جي ڳالهه جي تائيد ڪندي چيو
” ائين ڪرڻ سان اسان دشمن کي مُنجهائي، پنهنجي قوت ۾ ويتر اضافو ڪرڻ جي ڪوشش به تيز ڪري سگهنداسين ۽ پنهنجي بچاءَ لاءِ وڌيڪ جوڳا انتظام ڪرڻ جي حالت ۾ به اچي وينداسين.“
جيوت، پنهنجي حتمي راءِ ڏيندي وراڻيو
”بهرحال انهي سڄي صورتحال ۾ واقعي اسان جو هتان نڪرڻ، ڪنهن خطري کان خالي نه هوندو. تنهنڪري مُنهنجي خيال ۾ ڪرم وير ۽ نيات مل وارن ٽولن کان به صلاح مصلحت ڪرڻ گهرجي. جيستائين انهن جي ڪا راءِ نه ٿي اچي تيستائين پاڻ هتي ئي رهنداسين.“
سمنگ سنگهه اها ڳالهه ٻڌي ته سندس منهن جو پنو ئي لهي ويو. جيوت رام پنهنجي مخصوص ٺڪاڻي ڏانهن هليو آيو. سمنگ به جيوت پويان پويان هليو آيو
سمنگ سنگهه جيوت کي چيو
”پوءِ .........................!؟“
جيوت، ڪجهه توقف کان پوءِ وراڻيو
” تون، ڪرم وير ۽ نيات مل وارن ڏانهن نياپو اُماڻي ڇڏ ۽ منهنجي خيال ۾ سڀاڻڪي رات تائين هُنن جي راءِ معلوم ٿي ويندي. پوءِ ئي پاڻ ڪو فيصلو ڪري سگهڻ جي حالت ۾ هونداسين. پنهنجن ڇاپا مار ٽولين جي خبرچار وٺڻ لاءِ سبحان، هرچند، مٺو ۽ سائينداد کي روانو ڪر. جيئن وقت سر ڪنهن کي به فيصلي کان آگاهه ڪري سگهجي.“
سمنگ سنگهه، هاڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻي ٻاهر نڪري ويو
”هاڻ ته تون مڃين ٿو نه ته تون جيوت وارن لاءِ ڪم ڪرين ٿو“
مُڇر لاپ سنگهه پنهنجي مخصوص انداز ۾ موتي جي وارن کي پنهنجي چنبي ۾ جهلي، موتي جو مُنهن مٿي ڪندي چيو . موتي تي ايترو ته تشدد ٿيل هو جو هو ڳالهائڻ جي حالت ۾ نه هو. منهن سُڄي چڪو هئس. ٻه ٽي ڏند ڀڄي چُڪا هئس. چپن مان رت پئي وهيو. جسم ۾ به ڪا خاص طاقت نه هئس. اها حالت ڏسي مُڇر لاپ سنگهه، موتيءَ جي نڪ کي زور سان جهٽڪو ڏئي پنهنجي ماتحت کي چيائين
”خدو! هن کي پاڻي پيارينس ۽ سامت ۾ آڻينس“
۽ ڪمري مان ٻاهر نڪري ويو.
ڪمرو ڇا هو، هڪ ننڍڙي دري، ٿوري کُلي پئي هئي. مٿان ننڍو گول واءَ لاءِ ڄڻ گس ڇڏيل هو. البت ڀتين تي هڪ ٻه سنگهرون ٽنگيل هيون. جن جي ڇيڙي تي هٿ ڪڙا ٺهيل هئا. لڳو ائين پيئي ته اهو ڪمرو خاص تشدد ڪرڻ لاءِ ئي جوڙيو ويو هُجي. لاپ سنگهه ٻاهر اچي سگريٽ دُکائي ويهي رهيو هو ڄڻ موتيءَ تي نئين سر تشدد ڪرڻ لاءِ پنهنجي طاقت گڏ ڪري رهيو هو. ڪمري جي سامهون اڻ کٽندڙ ڀٽن جو سلسلو هو. پاسي ۾ هڪ مٿڀري ڀٽ تي ننڍي فوجي ڇانوڻي ٺهيل هئي. جنهن ۾ هڪ بيرڪ ۽ پنج ست پڪيون جائيون هيون.
لاپ سنگهه کي پنجاب مان خاص باغين کان سچيون ڪرائڻ لاءِ گهرائي هتي مقرر ڪيو ويو هو. هو ايڏي ته بيدردي سان جسماني ۽ ذهني تشدد ڪندو هو جو ڪافي ڀيرا قيدي مري به چُڪا هئا پر انگريز سرڪار کي انهن ديسي پيادي سان ايترو پيار هو جو سندس ديسين تي ڪيل هر گناهه معاف ڪيو ويندو هو. ڪلاڪ ڏيڍ جي وقفي کان پوءِ خدابخش لاپ سنگهه کي اطلاع ڏنو ته
”صاحب، هاڻي هوش ۾ آهي.“
لاپ سنگهه جنهن انهي ڪلاڪ ڏيڍ ۾ سگريٽن جو پورو پاڪيٽ پي ڇڏيو هو، تنهن خدا بخش کي اڇاتري نظر سان ڏٺو ۽ ٻئي لمحي ٽپ ڏيئي اُٿيو ۽ اچي موتيءَ جي مٿان بيٺو.
” تون مڃين ٿو نه، ته تون جيوت رام وارن لاءِ ڪم ڪرين ٿو. “
موتي جيڪو مس مس مڙئي سامت ۾ آيو هو، تنهن لاپ سنگهه جي اکين ۾ اکيون ملائيندي چيو
” آئون جيوت کي ڪونه سڃاڻان پر تون ائين کڻي سمجهه ته آئون هر اُن انسان سان ڪم ڪرڻ پسند ڪريان ٿو جيڪو پنهنجي ڌرتي سان محبت ڪري ٿو ۽ پنهنجي وطن ۽ قوم کي آزاد ڏسڻ چاهي ٿو.“
لاپ سنگهه هڪ وڏو ٽهڪ ڏيندي وراڻيو
”چريو ٿيو آهين، انگريز سرڪار سڄي هندستان تي قابض ٿي چُڪي آهي. وڏن وڏن لشڪرن ان جو ڪجهه ڪونه ڪيو ته اوهان جهڙا جيتامڙا ڇا ڪندا، اوهان جهڙن بيوقوف باغين جي قبرن ۽ سماڌين تي هاڻي چٻرا ويٺا دانهون ڪن.“
موتي، نفرت سان لاپ سنگهه ڏانهن نهاريندي ــ
”هي ڌاريا ڇا ڪن ها هن ڌرتي کي، اوهان جهڙا پاڻ ڏس ڏيو، پنهنجي ڌرتي ۽ قوم کي مارائين ٿا.“
لاپ سنگهه ڪاوڙ وچان، موتي جي ٽنگن تي زوردار ٿڏو هڻندي وراڻيو
” اسين واءُ جو رخ ڏسي، ان طرف هلون ٿا. اسان کي سائين گرونانڪ صاحب عقل ۽ سمجهه ڏني آهي. اوهان جيان بيوقوف ڪونه آهيون.“
موتي، ٿڏي لڳڻ ڪري ڪجهه دير پيڙا ۽ تڪليف ۾ ٻڏي ويو، پر ٻڙڪ ٻاهر نه ڪڍيائين، ڪجهه دير کانپوءِ جڏهن سامت ۾ آيو تڏهن چيائين.
” توکي خبر آهي ته اڄ نه ته سڀاڻ، هنن کي اسانجي ڌرتي خالي ڪرڻي پوندي. ڇو ته هو ڌاريا آهن ۽ ڌارئي کي ڌرتي ماتا ئي قبول ڪونه ٿي ڪري ته اسين هنن کي ڪيئن قبول ڪريون. هڪ نه هڪ ڏينهن ڀڄي ويندا. اهو اسان جو عقيدو ۽ اوهان..................“
لاپ سنگهه، موتي جي منهن تي زوردار ٿپڙ هڻندي وراڻيو
” اهي ديش ڀڳتي جون نصيحتون پاڻ وٽ رک، تون ٻُڌائي جيوت سان گڏ ٻيو ڪير ڪير آهي. “
موتي جي منهن مان رت وهڻ لڳو ۽ سور جي شدت کان نستو ٿي پيو، سور کي برداشت ڪرڻ لاءِ موتي هٿ جون مٺيون ڀڪوڙي ورتيون ۽ وات مان هلڪي رڙ نڪري ويس. لاپ سنگهه ڪاوڙ وچان، موتي کي ٻه چار لٺون، ٻيون به زور سان وهائي ڪڍيون ۽ ڪاوڙ مان ڪمري کان ٻاهر نڪري ويو.
برهمڻ آباد ۾ موهن ۽ راڌا لاءِ ڄڻ قيامت برپا ٿي وئي هئي. پهرين سانول جو ڪو اتو پتو ڪونه ملينَ، مٿان وري هنن جي اکين سامهون سي آءِ ڊي وارا موتيءَ کي کڻي روانا ٿي ويا. موهن ۽ راڌا، ايڏا لاچار اڳ ڪڏهن به ڪونه ٿيا هئا. جهڙا هيل هو ويٺا هئا. هنن کي ڪا ڳالهه نه پئي سجهي ته هو وڃن ته ڪيڏانهن وڃن؟ ڪنهن وٽ وڃن؟
راڌا، ڪاڪي موهن کي التجا واري انداز ۾ چيو
”ڪاڪا، توهان قلعي ڏانهن وڃو، ڀاءُ گلاب سان ملي ڪري موتيءَ جو ڪو ڏس پتو حاصل ڪريو. ادي گلاب، اڳ به سانول جي سلسلي ۾ پنهنجي مدد ڪئي هئي. ڪاڪو آهين نه!“
موهن، راڌا ڏانهن نماڻائي وارين نگاهن سان نهاريندي چيو
”امان، گلاب چند يا شيام ڇا ڪندا؟ هنن ويچارن جي هٿ ۾ ڇا آهي؟ امڙ، پاڻ سڀ بيوس آهيون، لاچار آهيون. هي، هي انسانيت جا قاتل، دولت جا پوڄاري، پاڻ جهڙن کي زنده رهڻ ٿورئي ڏيندا.“
راڌا، روئڻهارڪي لهجي ۾ چيو
”پر ڪاڪا، ڪوشش ڪرڻ ۾ ڇا آهي؟ من ڪو گس ڪا واهه نڪري پوي. هو هروڀرو پاڻ کي ڇو ماريندا ڪاڪا، پاڻ .. پاڻ هُنن جو ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي؟“
ڪاڪي موهن، راڌا جي مٿي تي هٿ رکي چيو
”امان، اسان جو ڏوهه اهو آهي ته اسين انسانيت جا علمبردار آهيون، پنهنجي وطن سان محبت ڪندڙ آهيون. ويڙهه، زور زبردستي، جبر ۽ ظلم جي خلاف آهيون. اسين، اسين ته امان، هنن جا وڏا ڏوهاري آهيون. بس امڙ، آسرو ڪونه اٿم، ته ڪا واهر ٿيندم پر تون چئين ٿي ته وڃان ٿو.“
ائين چئي ڪاڪو موهن، وڃڻ جي تياري ڪرڻ لڳو، ڪجهه ضروري سامان کڻندي راڌا کي چوندو به ويو.
”امڙ تون اڪيلي نه رهجين، پنهنجي پارو ڪاڪي ۽ ادي جمنا ٻائي کي پاڻ وٽ گهرائي وٺجان، ڏينهن جو هونئن پاٺ شالا جي نانڪڙين جي اچ وڃ لڳي رهندي آهي. رات جو ڪاڪي پارو ۽ ادا جمنا واريون تو وٽ ستيون رهنديون ۽ ها، ٻاهر ڪنهن ڪم لاءِ، هروڀرو وڃڻ جو ڪو لاچار ڪونهي. مندر لاءِ به ڪاڪي پارو کي ساڻ وٺي ويندي ڪجان............“
راڌا، ڪاڪي موهن جي ڳالهين جو جواب ”هوُن“ ها ۾ ڏيندي به رهي ۽ ڪاڪي موهن کي سامان کڻڻ جي يادگيري به ڏياريندي رهي.
موهن گهران نڪري، سڌو پرتاب ڏانهن هليو آيو ۽ پرتاب کي ٻانهن مان جهلي، شهر کان ٿورو پرڀرو، ڪونڀٽ ڀٽ ڏانهن وٺي آيو.
موهن، پرتاب کي سمجهائڻ واري انداز ۾ چوڻ لڳو،
”موتيءَ جي گرفتاري جي پاڻ سڀني کي خبر آهي. پر موتي کي گرفتار ڪري ڪٿي رکيو اٿن، اها خبر پاڻ مان ڪنهن کي به ڪانهي. ممڪن آهي ته ڪٿي وشني هَئي ۽ هميرو هوٿار جيان، هن کي به ماري نه ڇڏين. تنهنڪري جيترو به جلدي ٿي سگهي ته پاڻ کي موتيءَ جو اتو پتو معلوم ڪرڻو پوندو، سو انهيءَ سلسلي ۾ منهنجو خيال آهي ته پاڻ ٻنهي کي نئين ڪوٽ قلعي ۾ گلاب چند سان ملڻ لاءِ هلڻ گهرجي.“
پرتاب خاموشيءَ سان ڪاڪي موهن جي ڳالهه ٻڌندو رهيو جڏهن ڪاڪي موهن، پنهنجي ڳالهه پوري ڪئي ته پرتاب وراڻيو
”ڪاڪا اوهين صحيح ٿا چئو ته جيترو به جلد ٿي سگهي همراه جي واهر ڪجي ۽ مون به پنهنجي هڪ دوست ڪامل کي اڳ ۾ ئي ادي موتي جي خبر چار لاءِ لڳائي ڇڏيو آهي. هو هڪ ميجر وٽ بورچي آهي اميد اٿم ته هڪ ٻن ڏينهن ۾ ڪا نه ڪا چڱي خبر ملي پوندي. اوهان جي ڳالهه به وزنائتي آهي ته گلاب چند سان به ان سلسلي ۾ ملڻ گهرجي پر اوهان کي عمر ۽ طبيعت ايڏي سفر جي اجازت نه ٿا ڏين. تنهنڪري منهنجي خيال ۾ اوهان گلاب چند لاءِ مونکي چٺي لکي ڏيو. باقي حال احوال روبرو وڃي ڪندس. اوهين ادي راڌا وٽ ئي رهو ۽ پنهنجي هتي جي ساٿين سان لهه وچڙ ۾ رهو. جيئن پاڻ ۾ پنهنجو ڪم به ڪندا رهون ۽ ادي موتي جي بچاءَ لاءِ به تدبيرون ڪندا رهون.“
ڪاڪو موهن، پرتاب جي ڳالهه ٻڌي ڪجهه دير خاموش رهيو ڄڻ پرتاب جي ڳالهه ٻڌي، ڪنهن فيصلي تي پهچڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هجي، ڪجهه لمحن کان پوءِ وراڻيو
”نه پاڻ ٻئي گڏجي هلنداسين. ٿي سگهي گلاب چند تنهنجي اڳيان ايترو کُلي نه ڳالهائي سگهي ۽ هونئن به هاڻ هن جان ۾ رهيو ئي ڇا آهي. جنهن جو بچاءُ ڪريان. هي ڪنهن سٺي ڪارج ۾ ڪم اچي وڃي اها وڏي ڳالهه آهي.“
پرتاب، موهن جو جذبو ڏسي ڏاڍو متاثر ٿيو. وراڻيائين
” ڪاڪا جسم ڪونه ڏسبا آهن، روح ، ضمير، ذهن ۽ سوچ جي ڳالهه آهي. اوهان جي اسان کي هر گهڙي، هرپل جي ضرورت آهي ۽ رهندي آئنده اسان جي اڳيان اهڙي ڳالهه نه ڪجو.“
ڪاڪو موهن، ڪونڀٽ جي وڻ وٽان اُٿندي
”پرتاب، اسان کي دير نه ڪرڻ گهرجي. توکي جيڪو ضروري سامان کڻڻو هجي، سو کڻ، پوءِ پاڻ قلعي ڏانهن نڪري هلون.“
ٻئي گڏجي برهمڻ آباد ڏانهن نڪري آيا.