ناول

لال لھوءَ جي سرگم تي

سجاد اختر ٽالپر جهڙا لکاري تمام گهٽ آهن جن جي لکڻين جو مقصد ڌرتيءَ سان پيار ۽ مقصد سان انسيت آهي. ناول ”لال لهوءَ جي سرگم تي“ تي پڻ هڪ اهڙو شاهڪار ناول آهي جنهن جي سٽ سٽ ڌرتي سان پيار ۽ غلاميءَ سان نفرت سان ڀريل آهي. ناول جي وڏي ڪاميابي تسلسل ۽ روانيءَ جو نه ٽٽڻ آهي ۽ ڪهاڻي پڙهندڙ کي پاڻ سان گڏ کڻي هلي، سجاد اختر ٽالپر جي ناول ۾ اها خوبي موجود آهي ۽ ناول پڙهندڙ کي پاڻ سان گڏ کڻي هلي ٿو، ڪٿي به بوريت جو احساس ٿيڻ نه ٿو ڏئي، جڏهن ته ناول جي اهم ڳالهه منظر ڪشي آهي جيڪا پڻ هن ناول ۾ لاجواب ٿيل آهي.

Title Cover of book Laal Lahoo'a jy Sargam Ty

8

ڪاڪي موهن جو دڪان ايڏو وڏو به نه هو، نه ئي ڪو ايترو ننڍو، مال جون ڳانيون، ڳڙ، نوار کان وٺي ڦڪي ڦيڻي سڀ ڪجهه هو. سامهون ئي ساڙڌڙي جي چشمي جو ڏيک هو. جتان کيکڙا گُذرندا هئا. سندس پاسي ۾ مٺائي ٺاهڻ واري جو هٽ هو، موهن وارو هٽ تقريبن رستي جي لاهي وٽ هو. سامهون جيل خانو ۽ انگريز عملدارن جي رهائش جون جايون صاف نظر اينديون هيون. سامهون ڪارونجهر جون ڪر کنيل چوٽيون هيون ۽ جبلن جي هيٺان وارو تلاءُ، اُتان اڪثر انگريز عملدار ۽ فوجي چڙهندا ۽ لهندا هئا.
روپلي ڪولهي واري بغاوت کان پوءِ اتي ديسي فوجين جون بيرڪون ٺهيل هيون، عام ماڻهن لاءِ اهو گس بند هو.
ساڙڌڙي جي پاسي ۾ وڏي خانقاهه هئي جنهن جو مالڪ سيٺ نارائڻ هو، جيڪو قتل ٿي چُڪو هو. تنهن ڪري هاڻي خانقاهه ۾ اُها رونق نه رهي هئي.
پرڀو، ميگهو، واگهو ۽ ٻيا سڀيئي اڄ وري وشني واري هٽ ۾ جمع ٿيا، صرف سوني کانسواءِ، سونو سنڌ ڏانهن پنهنجي نينگريءَ سان ملڻ لاءِ هليو ويو هو. واگهو، جهوپڙي جي ٿوڻي کي ٽيڪ ڏيندي چيو ته مون کي ته ادي وشني جي چنتا پريشان ڪري وڌو آهي. الائي ڪهڙين حالتن ۾ هوندو؟!
”هائو ادا واگها! گورا ته اهڙا ظالم آهن جو اسان جي ماڻهن کي ائين ٿا مارين ڄڻ ڪي ڪيڙا مڪوڙا هُجن.“
سومجي وراڻيو
” ڳالهه ٻڌو! مون وٽ ادي وشني جو سامان پيل آهي، اُنهيءَ سامان ۾ ڪُجهه ڪتاب به پيل آهن ۽ مون کي مڙيئي ڪُجهه ٻه اکر پڙهڻ اچن ٿا، مون پاڻ به هڪ اڌ ڪتاب پڙهيو آهي.............................................................“
” ڳالهه پنهنجي دل جي لکيل اٿوَ.“
” انهيءَ ڪتاب جا ڪُجهه ٽڪرا اوهان کي به پڙهي ٻڌايان ٿو.“
پرڀو هڪدم وراڻيو
”ها، ها.... ادا سومجي! شروع ڪر.“
سومجي ڪتاب کولي، پنا اٿلائڻ لڳو ۽ هڪڙي جڳهه تي اکيون مرڪوز ڪري پڙهڻ لڳو.
”نه صرف جهونيون جاگيردارن جون رياستون غلامن ۽ هاري غلامن کي ڦرڻ لٽڻ ۽ مارڻ جا ادارا آهن، پر اهڙي طرح اڄ جي رياست به دولت جي هٿان روزمرهه جي محنت کي لٽڻ ڦرڻ ۽ مارڻ جي هڪ ڪوڙڪي آهي.“
”ٻيو ته رياست دٻائڻ جي لاءِ هڪ خاص طاقت آهي.“
”اينگلس جي هن لاجواب تعريف ۾ تمام گهرائي آهي.“
” اُن کي هن وڏي صفائي سان پيش ڪيو آهي. اُن مان هي نتيجو ٿو نڪري ته انهي دٻائڻ جي لاءِ هڪ خاص طاقت جي جڳهه جنهن جي ذريعي وڏپيٽا، غريب مزدورن کي صرف مُٺ جيترا امير، ڪروڙن، مزدورن ۽ غريبن کي دٻائين ٿا. پاڻ پنهنجي لاءِ ٺاهڻ جي محنت ڪن ته جيئن رياست جي حيثيت سان ئي رياست جو انت هجي. ٺيڪ اهڙي طرح جيئن امير، غريب جي پيداواري ذريعن تي قابض آهن، اُهي انهن کان ڦُري مزدور ۽ غريب قابض ٿين، اُها ڳالهه هڪدم نه پر آهستي آهستي ايندي............................... اسان تاريخ پڙهي آهي ته مزدور انقلاب جو پهريون قدم اهو هوندو آهي ته هو مزدورن ۽ غريبن کي مٿانهون ڪري حڪومت ڪندڙن جي حالت تائين پهچائي ۽ جمهوريت کي فتح ڪري.“
ميگهي کي دل سان ڳالهه لڳي سو رڙ ڪري چيائين
”برابر، سچو آهي، اسين غلام آهيون ئي تڏهن !“
ڪاڪي مانو، کانگهارو ڀري اڇلائيندي چيو
”ها، ابا اڳتي پڙهه “
” مزدورن جي پارٽي جي تربيت جي ذريعي مارڪسزم غريب ۽ محنت ڪندڙن کي ويڙهه جي سڀ کان اڳين دستي جي حيثيت سان تربيت ڪري ٿو. جيڪو حڪومت جون واڳون سنڀالڻ ۽ سڄي عوام کي سوشلزم ڏانهن وٺي وڃڻ، نئين نظام جي رهبري ۽ تنظيم ڪرڻ!. اميرن کان سواءِ، اميرن خلاف پنهنجي سماجي تنظيم جي ڪم ۾ سڀيئي محنت ڪندڙ ۽ ڦُريل، لُٽيل، چيڀاٽيل ۽ ماريل ماڻهو جي اُستاد رهبر ۽ اڳواڻي جي صلاحيت رکندو هجُي.“
”هي ڪميونسٽ سماج، جيڪو سرمائيداري جي پيٽ مان تازو پيدا ٿيو آهي ۽ هر لحاظ کان اُن تي گُذريل سماج جا نشان باقي رهندا. مارڪس، اُن کي ڪميونسٽ سماج جو پهريون ۽ هيٺيون مرحلو چئي ٿو...............“
ميگهي اڌ مان ڳالھ ڪٽيندي پُڇيو
”اهو مارَ ڪَس ڪير آهي. ؟“
سومجي وراڻيو
” الائي ادا، پر اُن جو ذڪر سڄي ڪتاب ۾ آهي.“
والجي چيو
”مونکي ته ڪا ڳالهه سمجهه ڪو نه آئي، الائي ڪهڙيون ڳالهيون پيو ڪتاب ٻُڌائي.“
پرڀو، ٺڪر واري سُلفيءَ جو سوٽو ڀريندي چيو
”حقيقت اها آهي ته ڪا ڳالهه اسان سڀني کي سمجهه ۾ نه پئي اچي، ڪمونسٽ پارٽي، وري الائي اُن جاڪهڙا ڪم.!؟ “
سومجي، پرڀو جي ڳالهه ٻڌي وراڻيو
”مون کي جيستائين ڳالهه سمجهه ۾ آئي آهي ته هي اسان جهڙن غريبن جي حڪومت جوڙڻ لاءِ، غريبن کي پنهنجو پاڻ ۾ ٻڌي ڪرڻ ۽ ناجائز طريقن سان قابض دولت اميرن کان ڦُري، گهڻيري عوام جي لاءِ ڪتب آڻڻ بابت، هنن ڪتابن ۾ سمجهاڻيون ڏنل آهن.“
واگهي ڪانڀ کي کوليندي وراڻيو
”ادا، اهو ممڪن ئي ڪونهي، ڀڳوان پنج ئي آڱريون ڪي هڪ سريکيون ڪيون آهن ڇا؟ هي ته ڀڳوان جي دَينَ آهي جنهن کي وڻي تنهن کي دولت ۽ عزت ڏئي ۽ جي غريب نه هوندا ته پوءِ ڪم ڪيئن هلندو؟ هي ڪتاب ته وتان ڦوڪون ڏين.“
” جي ادا، ڪتاب ڦوڪون ڏين ٿا ته پوءِ پنهنجي مهاڀارت، اها پنهنجي گيتا ۽ رامائڻ به پوءِ ڪوڙيون ڳالهيون آهن، ائين نه !؟“
”هل، ڪٿي ڀڳوان ۽ اُن جا ڪتاب ۽ ڪٿي مٽي جو بوتو انسان، واهه ادا سومجي واهه!“
سومجي وراڻيو
”ادا واگها، اهڙي ڳالهه ڪونهي، ڪتاب سياڻا ئي ته لکن ٿا، تڏهن ته هي راڄ، جيڪو ڪتابن جا ڪتاب پڙهيل آهي سو ويٺو پاڻ تي حڪومت هلائي.“
ميگهي ڀاءُ، کي دڙڪو ڏيندي چيو
”هاڻ ماٺ ڪر، خبر مُڙس کي پوري پارڪر جي ڪونهي ۽ ڪندو وري وتي ڪتابن تي جهيڙو.“
واگهو ڪاوڙ ۾ مُنهن ٻئي پاسي ڪندي وراڻيو.
”هون-!“
راڌا جي زندگي هاڻ ڪافي مصروف گُذرڻ لڳي هئي مندر ۽ ياترين جي سيوا کانپوءِ پاٺ شالا ۾ پڙهائڻ، ڪاڪي موهن، سانول ۽ موتي جو خيال رکڻ ڪري، سڄو ڏينهن مشغول رهندي هئي. هاڻ ته سوز ۽ ساز سان گڏ سُر ۾به ڪافي پڪائي اچي ويئي هُئس.
موتي گئو ماتائن مان کير جي بالٽي ڏُهي اچي راڌا جي سامهون رکندي چيو
”ادي، انسان! انسان کي ڇو ٿو ماري؟ جڏهن ته هر انسان هڪ ئي عورت ذات جي پيٽان جنم وٺي ٿو ۽ سڀني کي پيدا ڪندڙ ڀڳوان آهي ۽ ادي. سڀني کي خبر آهي ته نرڳ ۽ سرڳ آهن ۽ مرڻ کانپوءِ سڀني کي پنهنجن پنهنجن عملن جو حساب ڏيڻو آهي.“
راڌا، کير ڪُني ۾ وجهي ٽهڪائڻ لاءِ رکندي وراڻي.
”موتي، انسان جو ذهن هڪ خالي ٿانءُ مثل آهي. جنهن کي جهڙو ماحول ۽ صحبت ملي ٿي، اهو اُن ماحول ۽ صحبت جهڙا عمل ڪري ٿو ۽ جي ڪو ان ماحول ۽ صحبت جي گهيري مان نڪري، دماغ جون ڳڙکيون کولي، ساڃاهه ۽ سمجهه جون وکون کڻي ٿو ته اُن ماحول ۽ صحبت جا رکوالا، جيڪي اُن ماحول ۽ صحبت مان ناجائز طور لاڀ حاصل ڪندا آهن سي انهن ساڃاهه وند ماڻهن کي ماري، پنهنجي لاءِ هتي ئي سرڳ ٺاهڻ جي ڪوشش ڪندا آهن.“
موتي خالي بالٽي، پاڻي سان ڌوئيندي وراڻيو
”پر، ادي پوءِ انسان ته سڀ انسان آهن پوءِ هڪڙا بدمعاش ۽ ٺڳ ۽ هڪڙا ساڃاهه وند ۽ سمجهدار، سو وري ڪيئن؟“
راڌا وراڻي
”هڪڙا ساڃاهه وند ۽ سمجهدار ماڻهو، سماج اندر پيدا ٿيل اُبتن قانونن، غلط روين، جاهلاڻين رسمن ۽ رواجن کي رد ڪري هڪ نئين دنيا جون ڳالهيون ڪن ٿا ۽ ٻيا انهن ختم ٿيل ۽ ناسور بڻيل سماج کي حقيقي ۽ سچو ثابت ڪرڻ لاءِ ڪوڙي وطن پرستي ۽ ڪوڙي مذهب پرستي کي هٿي ڏئي. غلاماڻا ذهن، توهم پرستي جون رسمون ۽ مدي خارج روايتن ۾ ساهه وجهي پنهنجا مُفاد حاصل ڪن ٿا.“
موتي حيرت وچان چيو
”اڇا-! ادي، ته پوءِ هي دُنيا نسوري نرڳ آهي.“
راڌا وراڻي
” نرڳ ۽ سرڳ ته انسان پنهنجو پاڻ ٺاهيندو آهي. جيڪي انسان پنهنجي آس پاس جي ڪُل جيوَ سان پيار ۽ برابري جو ناتو رکندو آهي ته اهو پنهنجي هن دنيا ۾ ئي سرڳ ٺاهي وٺندو آهي ۽ جيڪي اسان پنهنجي چوگرد رهندڙ ڪُل جيوَ تي پنهنجي حاڪميت ڏاڍ ۽ جبر سان قائم رکڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ته اهي سڄي ڄمار اشانت ۽ خوفزده رهندو آهي. اهڙي طرح موتي هو پنهنجي لاءِ هن ئي دُنيا ۾ نرڳ جوڙي وٺندو آهي.“
موتي، پنهنجي ڪُلهي تي پيل، ٽوالڙي سان هٿ اُگهيندي وراڻيو
” ادي، پوءِ جيڪي ڌرمي آهن، سي ظالم ڇو آهن؟“
راڌا مُرڪندي وراڻيو
” ڌرم ظلم لاءِ نٿو چئي پر ڪي ڌرمي، پنهنجي دُنياوي مايا جي موهه لاءِ ظلم ڪن ٿا ۽ ڀڳوان تي پنهنجو اڌيڪار ڄاڻائن ٿا. پر هي سڀ جيڪي ڌرمي ڪتاب آهن، تن ۾ ڪنهن تي به جبر ڪري ظُلم ڪري يا زور زبردستي ڌرم ۾ داخل ڪرڻ جو نه چيو ويو آهي. انهن ۾ ته حڪم آهي ته پنهنجن عملن، اخلاقن، محبتن ۽ سٺين ڳالهين جو پرچار ڪري، انسان کي ڌرم ۾ آڻڻ لاءِ آماده ڪريو.“
موتي، راڌا، جي ڳالهين جو نتيجو ڪڍندي وراڻيو
”ادي، انسان اُن وڻ مثل آهي، جنهن ۾ ڪنڊا به آهن، پن به آهن، گُل به ٿين ۽ ڦل به جهلي ائين نه.“
راڌا، کير کي ساڀيندي وراڻي
”هائو، موتي ڀاءُ!“
موتي اڄ خوش هو، اُن کي، اُن جي ڪيترن ئي سوالن جا جواب ملي ويا هُئا-
سانول کي ڳوٺان نڪتي، اڄ ٻيو ڏينهن هو، گس تي ڪن جڳهن تي پراڻيون فوجي گاڏيون بيٺيون هيون، جيڪي اڳ ۾ ٿر ۾ موجود ڪونه هيون. رڳو وهٽن تي ڪم هلندو هو پر جرمن فوج جي حملن، انگريزن جا اوسانَ خطا ڪري وڌا هئا. انهي ڪري، پنهنجي بيٺڪيت کي بچائڻ لاءِ پنهنجي فوجي طاقت، ٿر ۾ لاٿي هئي اهي ٽرڪ نما گاڏيون به ساڻ وٺي آيا هُئا. اهي اڄ به انهن جي استعمال هيٺ هيون. سانول پنهنجي وهٽ سان، انهن ٻن ڏينهن ۾ ڪافي پنڌ ڪري آيو هو. انهيءَ پنڌ دوران سانول جي ذهن ۾ هزارين خيال آيا ٿي. خاص ڪري وشني جي باري ۾، سانول ڪافي حيرت ۾ هو ته وشنو، مرڻو ته مري ويو پر پنهنجي قول ۽ فعل تي قائم رهيو. جيڪڏهن وشنو چاهي ها ته پنهنجي جان بچائي سگهيو ٿي پر هُن ائين نه ڪيو، ڇو؟؟ اهڙو ڪهڙو هن جو وچن هو، جو پنهنجا پساهه ڏيئي ٻين همراهن جي جان بچائي اٿس. اهڙا ويچار ۽ خيال هن جي من بار بار ايندا پئي رهيا. هو چوٿين ڏينهن قلعي وٽان لنگهائو ٿيو. جتي اڳ ۾ هي ۽ موهن، هتي جي وڏي مُنشي گلاب چند سان وشني جي سلسلي ۾ ملڻ آيا هئا. هاڻي تقريبن ڀٽن جو سلسلو ختم ٿي ويو هو. سنئون ۽ ڊسڙ پٽ هو. ڪرڙ، کٻڙ، اڪ ۽ ٻٻر جي وڻن جي گهڻائي هئي. نئون ڪوٽ شهر، نئون نئون گذرگاهه جو آباد شهر هو. شهر ۾ چڱي خاصي چهل پهل هئي، عام ماڻهن کان وڌ، ديسي سپاهين جي گهڻائي پئي نظر آئي، ٻي عالمي جنگ ۽ اُن کان پوءِ جي خانا جنگي ملڪ ۾ بدحالي ۽ چوري چڪاري جو رواج وجهي ڇڏيو هو. شهر ۾ امن واري وقت واري رونق جي ذري به جهلڪ نظر نه پئي آئي. خاڪسار تحريڪ، خلافت تحريڪ ۽ هاڻ وري ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جي روز روز جي هڙتالن جي ڪري ڪافي دُڪان به بند هئا. گهٽيون به سُڃيون ۽ بي رونق لڳيون پيون هيون. ڪٿي ڪٿي هڪ ٻه ٻار، ڪنهن گھٽي ۾ راند ڪندي نظر آيو ٿي نه ته بس-
سانول به اُتان گذرندڙ ماڻهوءَ کان، ميرپورخاص وڃڻ واري گاڏي جو ڏس پتو پُڇيو ۽ انهي ڏس تي وڃي، هڪ کيکڙي تي وڃي ويٺو، جيڪو به ديسي سپاهين جي ڪُجهه ضرورتن جو سامان کنيو ميرپورخاص وڃي رهيو هو.
والجي، واگهي کي ڪاوڙبو ڏسي چيو
”ابا اجهو.... ڏيو منهن................هي ٻه ڀائر ئي پاڻ ۾ ڪو نه ٿا ٺهن ۽ ديس آزاد ڪرڻ جون ڳالهيون ٿا ڪن.“
واگهي چيو
”ڪاڪا، مون ڪا غلط ڳالهه ته ڪونه ڪئي هُئي جو ادا مون کي ڇنڀي ٿو.“
”اڙي! هڻ موچڙو ٻلي کي، هروڀرو اچي ڪچهري جو مزو ٿا ڦٽايو. ها، ادا سومجي! ڀلا ٻيو ڪتاب پڙهي ٻُڌائي !“
سومجي وراڻيو
”ادا ڪتاب ته الاهي پيا آهن، پر يار پڙهڻ ۾ ڏاڍا ڏُکيا آهن، اسان ٻڪرين، ٺڪرين تي هلندي گهمندي ٻه اکر پڙهياسين سو به ديوان سيٺين جي ڪري، سو اهڙا ڪتاب ڪٿي ٿا پڙهي سگهون؟“
پرڀو، مٿي کان ٽوال ڏيئي ڊگهو ليٽندي وراڻيو
”پوءِ به مڙئي ڀڳوان جي ڏني مان ڪُجهه ٻُڌائي“
سومجي، وشني جي پيل ڪتابن جي اُٿل پٿل ڪرڻ لڳو. والجي، هٿونگي ڏانهن پير ڊگهيري چيو
”سومجي جيسين وڃي ڪو ڪتاب هٿ ڪري تيسين ڪو ڏوهيڙو ٻڌاءِ “
هٿونگو مُرڪندي وراڻيو
”هڪ ته ڪاڪا، اوهان جون ڳالهيون وڏيون، مٿان ادي وشني جو اُلڪو، ڪاڪا، سچي پُڇين نه! نڙي مان لفظ ئي نٿا اُڪلن.“
والجي، اُنهي ڳالهه تي ٿڌو شوڪارو ڀريندي چيو
”هائو ابا! سچو آهين. ابل وشني جي ڪا خبر ئي ڪانه پئي پوي.... اي ابا! پرڀو، صبح ته ڪو وڃِي سانول کان خبر چار ته وٺي اچجان، صفا اُٻاڻڪا ٿيو ويٺا آهيون.“
پرڀو وراڻيو
”هائو ڪاڪا، وڃبو، مُنهنجي پنهنجي من ۾ به ڏاڍي اُڻ تُڻ لڳي پيئي آهي.“
ميگهي وراڻيو
”اسان رڳو ويٺا هتي ڳالهيون ڪريون ۽ هُتي ادي وشني سان الائي ڪهڙي ويڌن ڪندا هوندا.“
واگهي چيو
”ادا ! پنهنجي وس ۾ آهي به ڇا؟ رُڳو دانهون آهن ڪرڻيون، سي پاڻ به ڇڏيون ڪونه ٿا.”
اجهو، هيءُ ڪتاب ! “
والجي، پرڀو، واگهو، هٿونگو، ميگهو، ساکو سڀيئي ڪن لائي ڪتاب ٻُڌڻ لاءِ تيار ٿيا.
”.................................سماجي پيداوار جي دوران، ماڻهن کي پاڻ ۾ اهڙا سٻنڌ ٺاهڻا پون ٿا. جنهن کان سواءِ سماجي پيداوار ممڪن ئي ڪونهي. انهن سٻنڌن کي ٺاهڻ ۾ هنن جي پنهنجي مرضي شامل نه هوندي آهي.دولت پيدا ٿيڻ وارا سٻنڌ، دولت پيدا ٿيڻ جي مادي عناصر جي واڌ ويجهه، هڪ خاص دور سان مطابقت رکندا آهن. سماج جو معاشي ڍانچو پيداوار جي انهي سٻنڌن جي جوڙ تي مشتمل هوندو آهي.“
واگهي وچ ۾ ئي ڳالھ ڪٽيندي چيو
”ٻيلي الائي ڇا پيو چئين؟ ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي، ڇڏيو انهي ڪتابي علمن کي، مورڳو ئي ڪچهري سڄي مزو پئي وڃائي.“
ٻيا سڀئي شايد اُنهي ڳالهه جا منتظر هئا، هڪدم سڄي ڪچهري ۾ ها ها ها پئجي ويئي. سومجي کي اهو ڪتاب شايد ڏُکيو پئي لڳو سو هڪدم ڪتاب کڻي بند ڪيائين.
ڄيٺو، ڪارو، رامون، پڏو، سترام ۽ ساهومل، پنڊت نائومل جي سحر انگيزي ۾ گرفتار ٿي، سانول کي قتل ڪرڻ لاءِ برهمڻ آباد پهُچي چُڪا هئا
هو کمون جي مُسافر خاني ۾ اچي لٿا هئا. کمونءَ جي مُسافرخاني کي هٿي تڏهن ملي جڏهن سيٺ نارائڻ داس جي قتل ٿيڻ سان نارائڻ وارو مسافر خانو بند ٿي ويو ۽ ٻيو کمون جي مسافر خاني جي پوري برهمڻ آباد ۾ ماني مشهور هئي ۽ ان مشهور ماني پويان هٿ، ماني ٽڪي ٺاهڻ جي ماهر، مائي شارڌا جو هو. هوءَ هميشه صبح جو سوير مُکي شارو جي ڳوٺان ايندي هئي پر پوءِ آهستي آهستي، انهي مسافر خاني ۾ هڪ ٽٽل ڦٽل پراڻي ڪمري ۾ اچي رهي پئي هئي. انهي ڪري کمونءَ کي وڏي سهولت ٿي پئي هئي. ماني پچائڻ، ڪمرن جي صفائي کان وٺي ۽ سامانن جو حساب ڪتاب پاڻ وٽ رکندي هئي. کمون تقريبن آزاد رهندو هو. کمون، پراڻي ڪنڊي هيٺيان کٽ رکيو آرامي ئي رهندو هو.
پنڊت نائومل جا چيلا، ڇهه ڄڻا هئا ۽ هڪڙي ڪمري ۾ ٻه رهي پئي سگهيا، هُنن جي ڪوشش هئي ته پاڻ ۾ سڀئي گڏجي رهن، پر ڪمرا ننڍا هئا جن ۾ وڌ ۾وڌ ٻه ڄڻا گڏجي رهي سگهيا ٿي ۽ هو ڇهه ئي ڄڻا، هي مُسافرخانو ڇڏڻ لاءِ تيار به ڪونه هئا سو نيٺ مجبورن الڳ الڳ ڪمرن ۾ رهڻ تي راضي ٿي ويا.
”ڄيٺا! مُنهنجي دل چوي ٿي ته مون کي هينئر پر ٿي وڃن، ته وڃي اُنهي سانول جا ٽوٽا ڪري وجهان.“
رامون اها ڳالهه پنهنجي کي سامان کوليندي چئي
ڄيٺي چيو
”رامون، منهنجو ته خيال آهي ته اڄ رات ئي، سانول کي ماري وڃي ڀڳوان جي اوتار جي چرڻن ۾ مٿو ٽيڪيون. تون هيئن ڪر رامون ڇڏ سامان کي، وڃي پاڻ وارن يارن کي سڏي اچ ته گڏجي ڪا صلاح ڪريون.“
رامون کي اها ڳالهه ڪانه وڻي سو وراڻيائين
”انهن کي سڏڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. اهو ڀاڳن ڀريو ڪم پاڻ پنهنجن هٿن سان ڇو نه ڪريون. اهڙو موقعو وري ٿورئي ڪو ملندو؟“
ڄيٺي ڪُجهه سوچيندي چيو
”چوين ته تون ٺيڪ پيو پر مهان پنڊت کي ڇا جواب ڏينداسين؟“
رامون هڪدم وراڻيو
”مهان پنڊت، اهو ڪم سڀني تي برابر رکيو آهي، اهو ڪم جيڪو اڳ ۾ ڪندو سو ئي سرڳ جو حقدار هوندو.“
ڄيٺو وري به ڪُجهه دير لاءِ سوچ ۾ ٻُڏي ويو، ٿوري دير کانپوءِ ڄڻ هٿيار ڦٽا ڪندي وراڻيو
”رامون، سوچي وٺ، متان وٺڻ جا ڏيڻا نه پئجي وڃن.“
رامون، ڄيٺي جي ڪلهي تي هٿ رکي چيو
”مون سڀڪجهه سوچي ورتو تون اُلڪو ئي نه ڪر“
ڄيٺي پنهنجو مُنهن رامون ڏانهن ڪندي چيو
” ڏس رامون، ڪٿي ڦاسي نه وڃون؟ “
رامون حتمي طور چيو
” بس، تُون الڪو نه ڪر، مون سڀ ڪجهه سوچي ورتو آهي، تون رڳو ساٿ ڏي.“
ڪمري جو دروازو کولي، شارڌا ماني کڻي اندر داخل ٿي ته رامون، شارڌا کان ماني وٺندي پُڇيو
”ڀيڻ، هتي سانول رهندو آهي نه!“
” ابا، سانول ساڌو کي هتي ڪير ڪونه سُڃاڻي؟! ڀڳوان سندس هٿ ۾ ايتري ته شفا رکي آهي جو هر بيماريءَ جو علاج وٽس آهي.“
”پر اسان جيئن برهمڻ آباد ۾ آيا آهيون اسان کي ته نظر ڪونه آيو آهي.“
رامون، پنهنجي مطلب تي ايندي شارڌا کان پُڇيو.
”هٽ تي ويا هيوَ؟ “
”هائو، پر اُتي به ڪو نه هو.“
شارڌا وري پُڇيو
”ڇو؟ اوهان مان ڪنهن کي ٺيڪائي ڪونهي ڇا؟ “
”نه نه! ڀڳوان جي ڪرپا آهي، سڀ ٺيڪ آهيون، بس ائين ئي ملاقات ڪرڻ ٿي چاهيسين.“
رامون پهرين ته ٿورو گهٻرائجي ويو پر پوءِ هڪدم پنهنجو پاڻ کي سنڀالي ورتائين.
”پوءِ ڇا جي تڪڙ آهي؟ اڄ نه ته سُڀاڻي ملي ويندو.“
ڪمري جي دورازي کي ٻوڪي، شارڌا هلي وئي-
راڌا، پپر جي وڻ هيٺيان اچي ويٺي، گيتا ۽ رامائڻ جي ورد کان پوءِ اُتي پپر جي وڻ هيٺان ئي ليٽي پئي هئي. اڄ طبعيت ۾ به گراني هيس. بدن ۾ ٽوٽ ۽ سستي هُئس. ڪارونجهر جي چوٽين مٿان ڪارا ڪڪر جهوُمي اُٿيا هئا. سج به تقريبن لڙي چُڪو هو. سج جون آخري ڪرڻو ڪڪرن جي لڪ لڪوٽي مان ڪنهن ڪنهن مهل، ڪارونجهر جي سرمئي رنگ تي نچيو ٿي. اونهاري جي پهرين برسات، ٻڪراڙ جي ڪنڊ کان چڙهندي پئي آئي گرمي ۽ آگم گهڻو هو. تڏهن به پکي پکڻ خوش هئا. تاڙي جي تنوار، ڄڻ اونهاري جي پهرين بارش جي ڀرپور آجيان پئي ڪئي. انهن ڪارن ڪڪرن ۾ ڪنهن ڪنهن وقت کنوڻ تجلا ٿي ڪيا.
راڌا، ليٽي ليٽي انهي خوبصورت منظر ڏانهن نهاريندي، پنهنجي ننڍپڻ جي خيالن ۾ گُم ٿي وئي. جڏهن پاڻ بنا ڪنهن خوف جي ڪارونجهر جي انهن چوٽين ۾ راند ڪندي رهندي هئي. موتي سان گڏجي، برهمڻ آباد جي اوڀرپاسي ۾ بيٺل ٻيرن مان ٻير ڇاڻي کائيندي هُئي. ڪارونجهر جا ور وڪڙ ۽ لاهيون چاڙهيون، ڄڻ ته هن جا سنگتي ساٿي هئا. ڪيڏي صاف، سادي ۽ بي فڪري واري زندگي هُئي-
هن پنهنجي ماءُ کي ڪڏهن به نه ڏٺو هو، ڇو ته هوءَ راڌا جي پيدائش دوران ئي گُذاري وئي هُئي. راڌا جي ماءُ جي مرڻ کانپوءِ هيمنت ڪڏهن به ٻي شادي ڪرڻ لاءِ سوچيو به ڪونه هو. بس هو راڌا جي تعليم، تربيت ۽ پرورش ڪرڻ ۾ لڳي ويو.
راڌا تي انهي ڪري پيءُ جو اثر گهڻو هو.
راڌا جا ايترا ڪي مائٽ به نه هُئا. جن وٽ هوءَ اچي يا وڃي. هڪڙي ماسي هُئس، سا به تمام گهڻو پري رهندي هئي، جنهن ڏانهن هڪڙو ڀيرو پيءُ سان گڏ ويئي هُئي. پوءِ اها به جلد گُذاري ويئي.
پوءِ اهو ڪارونجهر ۽ اُن جون چوٽيون ۽ اهو يتيم نينگر موتي، سندس جا ساٿاري هئا. هڪ ٻه ڀيرا همنيت، راڌا سان شادي جي باري ۾ ڳالهه چوري پر راڌا ڪا خاص دلچسپي ڪانه ڏيکاري انهي ڪري پوءِ همنيت راڌا کي، ايشور جي داسي بنائڻ جي تياري شروع ڪري ڏني. اهڙي تربيت جي ڪري ئي هُن کي داسي ٿيڻ ۾ ڪابه ڏُکيائي ڪانه ٿي-
شارڌا، ڪارو ۽ ساهومل جي ڪمري جي در وٽ جيئن پُهتي ته اندران کسُر ڦسر جي آواز ٻڌڻ ۾ آيس ته پاڻ در وٽ ئي بيهي رهي.
” آئون ته چوين ٿو ته ٻي ڪنهن کي ڪن تي ذرا به ٻڙڪ پوڻ نه ڏي، رات جي ماني کائي، آڌي رات جو ٻٽ ٻڌي، انهيءَ مُسلي سانول جو ڪم پورو ڪري اچون.“
ساهومل جو هلڪو پر تکو آواز صاف ٻُڌڻ ۾ پئي آيو. شارڌا جو سانول نالو ٻڌو ته ڪن وڌيڪ کڙا ڪيائين. شارڌا کي ته ڄيٺي ۽ ڪاري واري پُڇا ڪرڻ تي ئي شڪ پئجي ويو هو، پر هينئر جيڪو ٻُڌائين ته شڪ، پڪ ۾ بدلجي ويس پڏو پنهنجي مخصوص ڳري آواز سان وراڻيو.
”پاڻ تيار آهيون، اهو ڪم ڪري، راتو رات همراهن کي خوشخبري سُڻايون ۽ ڀڳوان جي اوَتار جي چرڻن ۾ وڃي سيس نِوايون.“
شارڌا جو ڀؤ وچان ساهه، تِکو ٿي ويو هو، هڪدم پنهنجو پاڻ کي سنڀالي، هلڪي کنگهه سان ساهومل وارن جي ڪمري ۾ گهڙي آئي. شارڌا کي ڪمري ۾ اوچتو ڏسي، هيڪر ته هٻڪي پيا پر شارڌا، پنهنجو پاڻ کي هنن جي ڳالهين ٻُڌڻ کان اڻ ڄاڻ ڄاڻائيندي پنهنجي مُنهن ڳالهائڻ لڳي.
” ڪهڙو مالڪ آهي؟ مُسافرن جو خيال ئي نٿو رکي ۽ ڪِر ڪِر اسان نوڪرن تي. ڪم پاڻ کان نه پُڄي ۽ ڇڙٻون وري اسان کي ڏي. ماني ۾ دير ٿي ڪرين........ ٿانءَ ۽ ٽپڙ صاف ڪو نه ٿي ڌوئين.........“
پڏو مُرڪندي وراڻيو.
” لڳي ٿو مالڪ سان کِٽ پِٽ ٿي اٿئي؟ “
شارڌا، روئڻهارڪو لهجو ٺاهيندي وراڻي
” ادا غريب جو ڪير به ڪونهي ڪو. سڄو ڏينهن وهٽن جيان ڪم ڪريان ٿي. تڏهن پيو هڪ نه ٻئي تي وڙهي. ڪالهه مُنهنجي طبعيت ٺيڪ ڪونه هُئي ته چيو مانس. آئون ڏائي ويد کي وڃي ڏيکاري اچان ٿي! ته مئو وڙهي پيو، چوي ته وڃي سانول ساڌو کي ڏيکار، مون به ٺڙ ٺپ جواب ڏنو مانس ته ڀلي مري وڃان ته مري وڃان. پر پنهنجي تپسيا کي ڪارو ڪانه ڪنديس اُنهي مُسلي وٽ وڃي، پنهنجي سرڳ وڃايان. مورڳو ابا، ذِر ٿي ويو. ......الا ! چيلهه ڪانه ٿي سڌي ٿئي.“
شارڌا! اهڙو ته ناٽڪ ڪيو جو پڏو ۽ ساهو کي به سندس تي رحم اچي ويو.
” تون وڃ، وڃي آرام ڪر، هروڀرو هلڪو ڦلڪو ڪم ڪرڻ جو ضرور ڪونهي، اهو اسين پاڻهي ڪري وٺنداسين.“
” اي ادا! ڪٿي ٿو مئو بخش ڪري. هاڻي ته هي چاڪري ڇڏڻي پوندي. مئو انهي مُسلي سان ٻٽ ٿيو هلي. پاڻ ته نسورو نرڳي ٿيو پر اسان جي زندگي تباهه و برباد ڪري ڇڏيو اٿس. مجبوري آهي ادا. ٻئي ڪنهن جڳهه تي چاڪري ملي ڪانه ٿي. ڀڳوان جو ڪو اوَتار اچي، اسان جهڙن تي ڪرپا ڪري.......“
ڳالهائيندي ڳالهائيندي ڪمري کان ٻاهر نڪري ويئي، شارڌا کان وڌيڪ سانول جي باري ۾ هنن کان جيڪو ٻُڌڻ ٿي چاهيو سو ٻُڌي ڪانه سگهي. پڏو ۽ ساهومل جي ڀرواري ڪمري ۾ ڪارو ۽ سترام به انهي ساڳي ڳالهه تي سهمت هئا ته پنهنجن ساٿين کي دوکو ڏيئي. پاڻ وڃي، اهو ڀاڳن ڀريو ڪم ڪري اچن، شارڌا، باقي مُسافرخاني جي مُسافرن کي ماني ڏئي، بخشو بجير کي ٻڌل وهٽن کي گاهه پٺو ڏيڻ لاءِ چئي پاڻ سانول وارن ڏانهن وڃڻ جي لاءِ سنڀري-
سوڀن کي ڪافي ڏينهن کان، نائومل جي موڪليل ماڻهن جو انتظار هو، جيڪو اڃان تائين سوڀن وٽ نه پُهتا هُئا. اصل ۾ هنن سڀني کي پهرين سوڀن سان ملڻو هو. پر مُسافر خاني ۾ رهڻ کانپوءِ هنن جي من ۾ چور اچي ويٺو هو ته انهي پاڪ ڪم ۾ ٻئي ڪنهن کي شامل نه ڪريون. انهي ڪري، هو سوڀن سان ملڻ کان به لنوائي ويا. سوڀن کي پنڊت جي انهن شيوڪن جي انتظار ۾ ڪافي ڏينهن وهامي ويا هئا. انهي ڪري، من ۾ عجيب و غريب خيال ۽ وسوسا اچڻ لڳا هئس.
سندس اوچتو دروازو وڳو، سوڀن ڌوتي کي ٻنهي هٿن سان جهلي، تڪڙو تڪڙو اچي دروازو کوليو. دروازي تي اڪيلو کيمشي بيٺو هو. سوڀن اڪيلي کيمشي کي ڏسي وائڙو ٿي ويو. چيائين
”ٻيا ڪٿي آهن؟ “
کيمشي حيرت مان پُڇيو
”ٻيا ڪير؟؟!“
سوڀن، همراهه جي سوال کي في الحال نظرانداز ڪندي چيو
”اچ، اچ اندر اچ!“
کيمشي اندر هليو آيو
”تون اڪيلو، نائومل ته چيو هو ڳچ همراهه ايندا.“
سوڀن کي کيمشي جي اکين ۾ اکيون وجهندي وراڻيو ۽ پنهنجي ڌوتي کي سنڀاليندو، وڃي کٽ تي ويٺو.
کيمشي، سوڀن جي ڳالهه ٻُڌي حيران ٿي ويو.
”همراهه، اڃان تو وٽ پُهتا ئي نه آهن؟!“
سوڀن ڳٽڪار سان نهڪار ڪئي.
کيمشي کيس وراڻيو ته
” مونکي ته مهانَ پنڊت، هي اوهان لاءِ چٽ ڏيئي موڪليو آهي ۽ همراهن جي خبر چار به وٺڻ لاءِ، آئون ڪا نه ڪا خوشخبري وٺي اچي ايشور جي مهانَ پنڊت کي ٻُڌايان ۽ اوهان چئو پيا ته هو اڃان پهتا ئي ڪونهن! جي توهان وٽ پهتا ناهن ته پوءِ ڪيڏانهن ويا؟“
سوڀن، پريشانيءَ وچان اُٿي ٽهلڻ لڳو.
کيمشي پنهنجو خدشو ظاهر ڪندي چيو
”ڪٿي مُسلي، ماري ته نه ڇڏيا آهن؟“
سوڀن، بيهي کيمشي کي ڏسڻ لڳو ۽ چيائين
”نه ! هو هتي ڳچ ڏينهن ٿيا آهن، آهي ئي ڪونه!“
”ڇا...............................؟؟ ......................... پوءِ !!؟“
سوڀن وري به ٽهلندي وراڻيو
”مونکي ته اها پريشاني کايو پئي وڃي ته اُهي ماڻهو ڪيڏانهن گُم ٿي ويا آهن؟!“
کيمشي کي اچي ڊپ ورايو، سو چيائين
”سائين! ڪٿي پاڻ سانول ڀڳت کي مارائي غلطي ته نه پيا ڪريون؟!“
سوڀن يڪ ٽڪ کيمشي ڏانهن نهاريو
” ڇا مطلب..............................................................؟؟!!“
کيمشي وراڻيو
” ايشور جو سيوڪ آهي، متان ايشور پاڻ تي ڪو قهر ته نازل نه پيو ڪري؟ “
سوڀن، کيمشي جي ڳالهه ٻُڌي هيڪر ته پريشان ٿي ويو. پر پوءِ دل کي ڏڍ ڏيندي چيائين
”نه نه ......... ايشور قطعي هڪ مُسلي کي پناهه ڪونه ڏيندو ..............!“
”هُونءُ................................ تون ٿڪجي پيو آهين. وڃ آرام ڪر... مونکي ڪُجهه سوچڻ ڏي.....!“
کيمشي واري ڳالهه، سوڀن کي به پريشان ڪري وڌو هو ته واقعي ايشور هنن تي عذاب ته نازل نه پيو ڪري. ڪوشش ڪري پنهنجي دل مان اهو خيال ڪڍڻ لڳو پر ڊپ اندر گهر ڪري ويو هُئس. کٽ تي ليٽي پيو. سوچيندي سوچيندي اکِ لڳي ويس ته سپني ۾ ڇا ٿو ڏسي ته سامهون سانول بيٺو آهي ۽ چئيس پيو ”سوڀن! تون مونکي مارڻ لاءِ نڪتو آهين............. اچ مون کي قتل ڪر.............ايشور توتي قهر نازل ڪندو...............هو ڏس.............................مٽي جو طوفان...................ايشور، ڪرشن سان گڏ پنهنجي رٿ تي سوار ٿي اچي پيو. توکي هاٿين ۽ گهوڙن جي سنبن هيٺ لتاڙي ڇڏيندو. اجهو اچي پهتا اٿئي! تون مونکي ماريندين!! ها ........ها................ها.............ها.............ها .......اهو آواز ويجها اچي ويا آهن. مرڻ لاءِ تيار ٿي.....“
”الاڙي.......................!.................گهوڙاڙي.............بچ..........بچا.............بچايو...............بچايو................ مونکي بچايو ڙي.............................. “ شپڪ، پاڻي جي گلاس هارجڻ سان ئي، سوڀن ٽپ ڏيئي کٽ تان اُٿيو ۽ ڀڄي وڃي ڀت کي ٽيڪ ڏنائين. پگهر ۾ سڄو ٻُڏي ويو. سڄي بُت ۾ رڦڻي هُئس.
کيمشي رڙيون ڪندي چيو
”سوڀن..........سوڀن ...............سوڀن ! ڇاٿيو؟؟ ڇا ٿيو؟؟!!“
سوڀن، سهڪندو رهيو-
کيمشي، ڊوڙندي وڃي پاڻي جو گلاس ڀري آيو.
”وٺ ادا، پاڻي پيءُ.......“
سوڀن ڏڪندڙ هٿن سان، هڪ ئي ساهيءَ ۾ پاڻي پي ويو.