ناول

لال لھوءَ جي سرگم تي

سجاد اختر ٽالپر جهڙا لکاري تمام گهٽ آهن جن جي لکڻين جو مقصد ڌرتيءَ سان پيار ۽ مقصد سان انسيت آهي. ناول ”لال لهوءَ جي سرگم تي“ تي پڻ هڪ اهڙو شاهڪار ناول آهي جنهن جي سٽ سٽ ڌرتي سان پيار ۽ غلاميءَ سان نفرت سان ڀريل آهي. ناول جي وڏي ڪاميابي تسلسل ۽ روانيءَ جو نه ٽٽڻ آهي ۽ ڪهاڻي پڙهندڙ کي پاڻ سان گڏ کڻي هلي، سجاد اختر ٽالپر جي ناول ۾ اها خوبي موجود آهي ۽ ناول پڙهندڙ کي پاڻ سان گڏ کڻي هلي ٿو، ڪٿي به بوريت جو احساس ٿيڻ نه ٿو ڏئي، جڏهن ته ناول جي اهم ڳالهه منظر ڪشي آهي جيڪا پڻ هن ناول ۾ لاجواب ٿيل آهي.

Title Cover of book Laal Lahoo'a jy Sargam Ty

12

تازو تازو بهار ختم ٿيو هو، وائيرن واري مند به چالو ٿيڻ واري هئي. ڀڳڙي مل وارن ڪوشش ڪئي ٿي ته وائيرن لڳڻ کان اڳ هو رڻ اُڪري وڃن ڇو ته وائيرن ۾ رڻ اُڪرڻ ڏکيو هو. وائيرن لڳڻ ڪري رڻ جا گس ۽ دڙا تبديل ٿيندا رهندا هئا. هڪ ڏينهن رڻ جو نقشو هڪڙو ته ٻي ڏينهن رڻ جو نقشو ئي اور هوندو هو. تنهن ڪري رڻ ۾ لڪل ڌٻڻين جو ڪو پتو ئي نه پوندو آهي. اهو رستو ڏکيو هئڻ ڪري هروڀورو ڪير به اختيار ڪو نه ڪندو آهي. پر هنن جي مجبوري هئي اهڙي ڏکئي رستي جي چونڊ ڪرڻ، جڏهن هي سفر پورو ڪري تلونگ ڳوٺ پهتا ته اُتي ٻه ڏينهن رڳو، ان رستي کي اختيار ڪرڻ يا نه ڪرڻ تي بحث هلندو رهيو هو ڇاڪاڻ ته ڀڳڙو مل، رڻ جو بهترين سونهون هو، تنهن رڻ اڪارڻ جو ذمو پنهنجي سر کنيو. تڏهن سڄي سنگت انهي رستي کي اختيار ڪرڻ تي حامي ڀري هئي. ڏينهن جا ٻه پهر گُذاري رات جو وري سفر تي نڪري پيا. هاڻي هي رڻ جي ويجهو ئي هئا ڳوٺن کان پاسو ڪرڻ ڪري، هنن کي وڏو ڦيرو ڪرڻو ٿي پيو. رات جي ڪري موسم ٿڌيرو هو، ڏکڻ جي ٿڌڙي هير، هنن ٿڪل جسمن کي اڳتي هلڻ کان روڪي رهي هئي پر هنن کي رڻ جي منڍ وٽ ڳوٺ لالو جي وانڍ وٽ پهچڻو هو. رات جو پهر مٽائي ڏينهن جو يارهين وڳي وڃي جي لالو جي وانڍ پهتا. جتي آسو جي ڀاڻيجي وٽ پهتا، هڪدم ماني ٽڪي جو بندوبست ڪيائين. ماني کائي چونئرن ۾ سُمهي پيا ڇو ته رات جو اوجاڳو به هئن ۽ ٿڪل به ڏاڍا هئا ۽ اڳيان اجهاڳ رڻ جو سفر به سجهيو پئي.
موهن به پرڀو ۽ سومجي سان گڏ، مختلف ڳوٺن ۾ وڃي رهيو هو ۽ پنڊت نائومل خلاف ته ڄڻ هنن به ڪي کليو کلايو هڪ محاذ کولي ڇڏيو هئن. هنن کي ڪٿي سخت مخالفت کي منهن ڏيڻو به ٿي پيو ته ڪٿي وري هنن جي ڳالهين کي حمايت ٿي ملي.
ماڻهو ٻن ٽن بغاوتن جي دٻجڻ کان پوءِ انهيءَ تاثر ۾ ورتل هئا ته انگريز ۽ انهن جا ڇاڙتا ڏاڍا آهن. تن کي ختم ڪرڻ ناممڪن آهي. پر تنهن هوندي به ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان ڪنهن نه ڪنهن سياسي جماعت جي هٿ هيٺ، انگريز سرڪار خلاف احتجاج جا سلسلا جاري رهندا پئي آيا. ڪٿي ڪٿي گوريلا بغاوت هلي رهي هئي. خاص ڪري حُرن جي جماعت جون ننڍڙي پئماني تي ڇاپا مار ڪارروائيون هيون، جن جي سنڌ ۾ هونءَ ئي مقبوليت وڌي رهي هئي پر اُن جا اثر پوري هندستان تي به سڌي يا اڻ سڌي طرح پئجي رهيا هئا. تنهن ڪري انگريز سرڪار هندستان ۾ هڪ ئي وقت تي ڪيترن ئي علائقن ۾ اُلجهيل هئي.
موهن جي محنت رنگ لائڻ لڳي هئي. ڪيترن ئي ڳوٺن جا مارو ماڻهو موهن جي ڳالهين سان متفق هئا ۽ موهن جي پنهنجي وس آهر مدد ڪرڻ لاءِ به تيار هُئا. موهن انهن ماڻهن مان ڪُجهه ماڻهن کي چوڪسي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو هو ۽ ڪجهه ماڻهن کي وري اڳين ڳوٺن تائين اها ڳالهه پهچائڻ جي ذميواري سونپيائين. اهو ڪم ايتري تيزي سان کُليو کلايو ٿيو پئي جو اها ڳالهه وڃي پنڊت نائومل جي ڪنن تائين پهتي. پنڊت نائومل ته اڳيئي اهڙين سرگرمين جي تاڙ ۾ هو، جيئن انهن سرگرمين کي ڍال ٺاهي انگريز سرڪار کي هنن خلاف ڀڙڪائي سگهي. هن جي انگريزن جي مقرر ٿيل عملدار ڪشور لال سان هڪ ڪامياب گڏپ ٿي چُڪي هئي ويتر جو اهڙين سرگرمين جي سُڻڪ پيس ته پنهنجي منهن مُرڪي پيو ته شڪار پنهنجو پاڻ ئي ڪوريئڙي جيان هن جي وڇايل ڄار ۾ ڦاسندو وڃي، جيترو به ڦٿڪندو ۽ ڦڙڪندو ايترو ئي ڄار ۾ سوگهو ٿيندو ويندو.
جيوت رام جي موڪليل ڇاپار مار ٽولين پنهنجو پنهنجو ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڏنو، انگريزن جي رسد جو سامان، جيڪو حيدرآباد کان برهمڻ آباد اچي رهيو هو. تنهن کي ڪلال ٽولي ڦُري، لٽي، انهن جي گاڏين کي باهيون ڏيئي ڇڏيون ۽ ڪجهه سپاهين مزاحمت ڪئي ته انهن کي ماري ڇڏيائون. سامان ۽ وهٽ کڻي لڪن ۾ گم ٿي ويا. هوڏانهن احمدآباد جي هڪ ننڍي پوليس چوڪي تي رات ڌاري امبر ٽولي حملو ڪري، اُتي ويٺل پنجن، ڇهن سپاهين جا سر وڍي ڇڏيائون ۽ پاڻ صاف بچي، پنهنجن ٺڪاڻن تي محفوظ پهچي ويا. انهن ننڍين ننڍين ڇاپا مار ڪارروائين جو سلسلو ڄڻڪي هلي نڪتو هو. جيوت رام جي موڪليل انهن پنجن ٽولن مان امبر، ڪلال، چندرما ۽ آزادي جي ڇاپامار ڪاررواين جي خبر چار سمنگ سنگهه کي ملي رهي هئي پر ٽولي سوريهٰ طرفان ڪو به حال احوال ڪو نه مليو هو. اها هڪ پريشان ڪن حالت هئي. تنهن ڪري سمنگ سنگهه بنا ڪنهن دير جي اهو اطلاع پنهنجي خفيه اڏي تائين پهچائي ڇڏيو هو.
انگريز سرڪار به، انهن نئين ڇاپا مار ڪارروائين تي ڪنَ کڙا ڪيا هئا ۽ برهمڻ آباد جي مختيار ڪار تي سخت احڪامات لاٿا ويا هئا ته انهن ڪاررواين جي فورن ڇنڊ ڇاڻ ڪري، اُن جو مڪمل حال احوال موڪليو وڃي ۽ انهن ڪاررواين کي سختيءَ سان ڪچليو وڃي. انهن حڪمن ڪشور لال جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون هيون. برهمڻ آباد ۾ انگريز سرڪار جي ريزيڊنسي جي چوگرد سخت پهرو مقرر ڪيو ويو هو.
جيوت رام، جيئن گهر ڇڏيو ته واپس موٽي نه آيو. باقي موتي ۽ مصري واپس برهمڻ آباد موٽي آيا هئا ۽ مخبر جي حيثيت سان ڪم ڪري رهيا هئا. راڌا به پاٺ شالا ۾ پڙهائڻ کانپوءِ مندر هلي ويندي هئي ۽ باقي سارو ڏينهن اُتي گُذاريندي هئي.
اڄ سانول وارا ڳوٺ ڇڏي رڻ جي سفر ڏانهن نڪري پيا هئا. رڻ جو سفر سخت ۽ ڪٺن ضرور هو پر بلڪل محفوظ رستو هو. رڻ جي اجهاڳ سفر تي نڪرڻ کان اڳ، هنن اڳ کان وڌيڪ پاڻي ۽ کائڻ پيئڻ جو سامان ساڻ کنيو هو. هنن جو پهريون ٿاڪ ” تڙو“ ۾ هو. جيڪو رڻ جي ڄڻ جنت هئي. جتي ٻن ميلن تائين ڪافي وڻڪار هئي ۽ پاڻي به هنن کي اتي ميسر ٿي سگهيو ٿي. ڏينهن جو سخت گرمي جو امڪان هئڻ ڪري هي شام ڌاري نڪتا هئا جيئن رات جو ٿڌيري وقت ۾ گهڻو تڻو سفر اُڪرجي سگهجي.
سانول پاڻي جا ٻه ڍُڪ ڀريندي چيو
”ڀڳڙا، ائين نه ٿئي جو سامت سنگهه، ڦول ٻائي ۽ ٻين سوڍن جيان پاڻ کي سوڍا دوکو ڏين ۽ پاڻ سڀ وچ راهه ۾ ماريا وڃون.“
ڀڳڙي مل وراڻيو
” اڳي ته ائين ٿيندو رهيو آهي ته انگريز سرڪار سخت ويڙهاڪ ۽ مزاحمت ڪندڙن کي جاگيرون، القاب ۽ لالچون ڏيئي خريد ڪندي رهي آهي. هاڻ من ايترو ڪجهه وطن ۽ وطن جي ماڻهن سان ظلم ۽ ويڌن کي ڏسي ائين نه ڪن.“
ڪرمچند گڏهه تان لهي پنڌ هلي رهيو هو. تنهن چيو
”بُنيادي طرح انسان انتهائي لالچي ۽ خود غرض آهي. هو پنهنجي حاڪميت جو هڪ عجيب تصور رکي ٿو. غلامانه دور کان وٺي هينئر جي جاگيردارانه دور تائين جيڪي حاڪم طبقا رهيا آهن. هُنن پنهنجي ۽ پنهنجي طبقي جي بچاءَ لاءِ ڪافي اهڙا رياستي ادارا قائم ڪري ڇڏيا آهن. جيڪي بظاهر ته غريبن جي واهر، خدمتن ۽ بچاءَ جا ادارا ٿا لڳن پر اصل ۾ هو انهن ادارن جي وساطت سان گيد، ڪائنر، ويڪائو، لالچي ۽ پنهنجي ئي ننڍن طبقن خلاف نفرت ۽ ڌڪار جا ڪُل پرزا ٺاهين ٿا. تنهنڪري حقيقي، سچي ۽ اصول پسندي واري اڳواڻي ۽ حقيقي، سچي، علمي، عوامي ۽ جمهوري نظريي جي نظرداري هيٺ ئي انهن چوطرفي، ڳتيل، مُنجهيل، ورن وڪڙن ۽ لاهين چاڙهين وارين ڪوڙڪين کان بچي نڪري سگهجي ٿو.“
سوڍي وراڻيو
”پر ادا! ڪرمچند اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي. هتي ته ماڻهو جو پاڇو به پنهنجو پاڇو ڪونه ٿو لڳي ۽ پوءِ هيتري علمي ۽ سياڻپ واري ڳالهه سمجهڻ لاءِ به ته علم کپي، سو ڪٿان اچي؟“
ڪرمچند سوڍي جي ڳالهه سمجهندي وراڻيو
”بيشڪ! عالم ماڻهن جا ڪتاب پڙهڻ سان، اسان جي وڌيڪ ۽ بهتر ذهني اوسر ٿئي ٿي. اُن لاءِ پاڻ مرادو پڙهڻ جي شروعات ڪرڻ گهُرجي. پر ان سان گڏوگڏ پنهنجي ماحول، مسئلن، پنهنجي سماجي حيثيت ۽ لاڳاپن مان به سکڻ گهُرجي ته هڪڙا امير کان امير ترين ٿيندا وڃن ۽ هڪڙا غريب کان غريب ترين ڇو؟! جڏهن ته انهن اميرن کان ڏهوڻو وڌيڪ ڪم مزدور، هاري ۽ غريب پورهيت ڪري ٿو. اها اڻ برابري واري ورڇ ڪٿان کان پيدا ٿي آهي. اهڙا ۽ اهڙي قسم جا سوال پاڻ کان ۽ پنهنجن پورهيت ڀائرن کان پڇڻ گهرجن. انهن جي حل جا گس ڳولڻ گهُرجن. اهو به هڪ علمي شعور آهي.“
آسومل، جيڪو هنن کان ٿورو اڳتي نڪري ويو هو، پر پٺين همراهن جو بحث ٻڌي هنن سان اچي گڏاڻو هو.
سانول بحث ۾ حصو وٺندي چيو
”ائين ته آهي پر اسان پنهنجو پاڻ کي، هڪ عجيب و غريب مذهبي، ذاتي ۽ سماجي اڻ برابري جي مُنجهيل سُٽ ۾ اُلجهائي ڇڏيو آهي جو ان مان نڪري ڪا نئين راهه وٺڻ لاءِ تيار ئي نه آهيون.“
ڪرمچند اهو چاهيو پئي ته سانول بحث ۾ حصو وٺي، سانول جي ڳالهه ٻُڌي ڪرمچند وراڻيو
”صحيح ٿا چئو. اصل مسئلو آهي ئي اهو ته اسان کي اهڙا اهڙا عجيب فلسفا مڙهي ڏنا ويا آهن. جيڪي صرف خيالي ۽ تصوراتي شيون ٻڌائين ٿا. ازغيبي قوتون لهي اسان جي مدد ڪنديون پاڻ کي خبر آهي ته ائين ڪونهي ۽ اها ڳالهه ئي ته ماڻهن تائين پهچائڻي آهي. پنهنجا، پنهنجي نسل جا، پنهنجي مستقبل جا، پنهنجي زمينن، سگهن ۽ ڪمن جا پاڻ ڌڻي ٿيون ۽ پنهنجا واهرو پاڻ ٿيون.“
آسو مل وراڻيو
”صحيح ٿا چئو ادا! علم حاصل ڪرڻ جو مکيه ذريعو مُشاهدو به آهي. جيڪو پنهنجي ارد گرد ڦهليل انيڪ شين، علمن ۽ عملن جو غور سان مُشاهداتي اڀياس نه ڪندو ته اهو انهن خيالي ۽ تصوراتي فلسفن جي جڪڙ ۾ جڪڙبو ويندو ۽ ڪڏهن به آزاد ٿي زندگي گهاري نه سگهندو.“
سانول، ڀٽ جي مٿاري تي بيهي اکين آڏو هٿ ڏيئي، چانڊوڪي ۾ رڻ طرف نهارڻ لڳو، جيڪو صاف نظر اچي رهيو هو. لڳو ائين پئي ته جتي هي بيٺا هئا. اها گس جي آخري ڀٽ هئي باقي سامهون رڳو ڪپرا هئا ۽ پوءِ رڻ جي سنئين زمين، سانول نهاريندي وراڻيو
”اسان ۾ صدين کان ڪي ڳالهيون، اهڙيون ته مڙهيون ويون آهن جيڪي اسان جي ڄڻ رت ۾ شامل ٿي ويون آهن. اسان ڪيڏا به ماڻهپي جا علمبردار ٿي وڃون. پر اسان مان مذهبي جنونيت ڪانه ويندي ۽ اها مذهبي جنونيت، انسانن جي مارا ماري جو سبب بڻبي، جيستائين اسان جي ذهنن مان ڀڳوان ۽ الله يا ڪنهن ازغيبي تصور جو غلط استعمال ٿيندو رهندو.“
ڪرمچند، ڀٽ جي گاٺوڙ وٽان هيٺ لهندي وراڻيو
”ادا سانول، اسان وٽ رڳي مذهبي جنونيت نه آهي اسان وٽ قبيلا، ذات، ڪٽنب، پراڻيون غلامانه رسمون ۽ رواج، غلامانه ادب، تعليم ۽ روايتون، جيڪي اسان سمجهندي به اکيون پوري اُنهن جي تقليد ڪندا آهيون جيئن اسان وٽ ڪافي غلامانه پهاڪا آهن ته “ادا، سڀ آڱريون سريکيون ٿوري ئي آهن.“
سڀئي ڄڻا ڀٽ تان لهي لينجهه وٽ پهچي ويا سانول، ڀڳڙو، ڪرمچند، سوڍو، ڪرمچند ٿورو اڳڀرو نڪري ويا هئا ته پويان آسو رڙ ڪري چيو
”ابا ڙي!...........بلا ڪکي ويم.................................“
۽ واري تي ڪري پيو، سڀئي همراهه ڊوڙي، آسو وٽ پهتا، ڀڳڙي هڪدم، پنهنجي ٽوال سان آسو جي ڄنگهه زور سان ٻڌي ورتي. سوڍي ٻه واري جا ٻه ٻُڪ وات ۾ وڌا تيسين ڀڳڙي، بلا جي ڏنگ وٽ ڇُري سان چيرو ڏيئي وڌو، سوڍو اُن وڍ وٽان رت چوسي چوسي ڪڍڻ ۾ لڳي ويو. پر تڏهن به آسومل تي غنودگي طاري ٿيندي ويئي ۽ ڪجهه دير ۾ بيهوش ٿي، ڀڳڙي جي ٻانهن تي جهولڻ لڳو.
بُنيادي طرح پارڪر جو حصو، پرمارن ۽ ڦُورن جو مسڪن رهندو آيو هو. هتي لُٽ مار جي ڪري، هر ڦُر مار ٽولي جي پنهنجي پنهنجي هڪ ننڍي رياست قائم هوندي هئي ۽ انهي ئي ڪري هي علائقو بغاوتن ۽ ڏڦيڙن جو مسڪن رهيو ٿي. انگريز سرڪار اهڙين بغاوتن کي ڪچلڻ لاءِ پنهنجي فوج ۽ توپ خانن جو به استعمال ڪيو هو ۽ انهن ڦورن ۽ ڏڦيڙ وجهندڙ ٽولن کي ماري ڪمزور ڪري ڇڏيو هُو ۽ جيڪي بهادر سوڍا ۽ ڪولهي هئا جن کي لالچون ڏئي لُڀائڻ جي ڪوششن ۾ ناڪام ويا هئا ته انهن جي ڏاڍي سرزنش ڪيائون. ڪيترن کي سرعام توپن جي منهن ۾ ٻڌي، توپن سان اُڏائي ڇڏيائون ته ڪن کي جيلن ۾ واڙي سڄي ڄمار لاءِ قيد ڪري ڇڏيائون. خاص ڪري ٻه ٽي اهڙيون بغاوتون ٿيون جن انگريز سرڪار جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو هو ۽ انگريز سرڪار جي پارڪر تان گرفت به ڪمزور ڪري ڇڏي هئي. جنهن ۾ راڻي ڪرڻجي جي بغاوت، جنهن انگريز سرڪار جي ٺڪاڻن ۽ ماڻهن کي تباهه و برباد ڪري ڇڏيو هو. جنهن کي دٻائڻ لاءِ انگريز سرڪار کي حيدرآباد کان بلوچ ريجمينٽ نالي فوج توپن سان گهُرائڻي پئي هُئي ۽ ان بغاوت کي بيدردي سان ڪُچلي ڇڏيو ويو هو. ويڪائو سوڍن ۽ ٺڪرن، انگريز سرڪار جا مُخبري ٿي ڪجڙرالو جي باغين جي اهم ٺڪاڻن تائين وٺي آيا ۽ اتي سورهيه، دلير ۽ وطن دوست سوڍن کي مارايو ۽ انهن ٺڪاڻن کي تباهه و برباد ڪرائي ڇڏيو. انهيءَ بغاوت جي دٻجڻ شرط وري راڻي اُڌيسنگهه جي بغاوت ٿي. جنهن پنهنجي پيءُ جي بدلي وٺڻ خاطر انگريزن تي سڌا فائر ڪيا ۽ انگريز، خوف وچان پنهنجا ٺڪاڻا ڇڏي مينگهواڙن ۽ ٻين جي گهرن ۾ لڪي وڃي پناهه ورتي هُئائون. ان بغاوت کي دٻائڻ ۾ پنهنجن ئي غداري جو ثبوت ڏيندي، مخبريون ڪري، اهم حصو ورتو، ان بغاوت ۾ شاندار روپلي ڪولهي جي بغاوت شامل آهي جنهن انگريزن جا اصل ڏند کٽا ڪري وڌا هئا. انهي ڪري حال في الحال وطن دوست ماڻهن ۾ ماٺار ڇانئجي وئي هئي ۽ وطن فروشن ۽ ويڪائو............سوڍا......... ٺڪرُ ۽ راجپوتن جي مڳي ٿي پئي هُئي.!
اڄ وري سيٺ شرنارٿي ۽ پنڊت نائومل جي ملاقات حيدرآباد مان آيل انگريز سرڪار ايونس سان، مختيارڪار ڪشورلال جي ڪچهري هال ۾ رٿيل هئي. تنهن ڪري پنڊت نائومل سوير کان ئي سيٺ شرنارٿي وٽ پهچي ويو هو. سيٺ شرنارٿي به جلد تيار ٿي، پنڊت نائومل کي ساڻ ڪري ڪچهري هال ۾ پهچي، اردلي کي پنهنجي اچڻ جو نياپو، ڪرنل ايونس تائين پهچائڻ جو چيائين، ڪُجهه ئي ساعتن کانپوءِ ٻئي ڪرنل ايونس جي دفتر ۾ موجود هئا.
ڪرنل ايونس، تند تيز ۽ ڏاڍو چابڪدست هو، نيڻن ۾عجيب مڪاري ۽ چالاڪي هئي. هي اهو ساڳيو ڪرنل ايونس هو، جنهن پارڪر جي سوڍن ۽ ٺڪرن جي بغاوتن کي ڏاڍي بيدردي سان دٻايو هو.
ايونس، ٻئي هٿ ميز تي رکي، مختيار ڪار ڪشورلال جي اکين ۾ اکيون وجهندي چيو
”هي آئون ڇا پيو ٻڌان ته پارڪر ۾ وري ڪنهن وڏي بغاوت جون تياريون پيون ٿين.................؟!“
ڪشور لال، ڪرنل ايونس جي اکين جو تاب نه جهليندي اکيون جهُڪائي وراڻيو
”سائين، اهڙي ته ڪابه ڳالهه ڪونهي. باقي چند پرمار ۽ ڌاڙيل قسم جا ماڻهو آهن. جيڪي وري به هندو مسلم فساد جهڙي شورش ڪرائڻ جي چڪر ۾ آهن. انهي ڪم ۾ سرفهرست سانول آهي، هي ماڻهو هتي جي معزز شخصيت ۽ انگريز سرڪار جي وفادار پنڊت صاحب لاءِ سازشون سٽيندو وتي، جنهن جو اطلاع اوهان صاحب ڏانهن روانو به ڪيو هُئم......!؟“
ڪرنل ايونس چيتي جهڙي تيزيءَ سان وراڻيو
”مسٽر ڪشور، آئون انهي ذاتي رنجش ۽ بدلي وٺڻ واري بغاوت جي ڳالهه ڪونه ٿو ڪريان، آئون ته ان بغاوت جو ذڪر پيو ڪريان، جنهن ۾ اسان جي رسد جي قافلن ۽ چونڪين ۽ ٿاڻن تي حملو ڪري اسان کي تمام گهڻو نقصان رسايو آهي. مسٽر ڪشور لال، توکي اُن لاءِ سخت احڪامات به اُماڻيا ويا هئا. تو اُن سلسلي ۾ ان بغاوت کي روڪڻ لاءِ ڪهڙا جوڳا بندوبست ڪيا اٿئو.............................“
ڪشور لال، کي سيٺ شرنارٿي جي اڳيان، پنهنجي گلا نهايت ڏُکي لڳي پر اڳيان انگريز عملدار هو. جيڪڏهن ٻيو ڪو هُجي ها ته ڪشور لال اصل هُن جو منهن پٽي وجهي ها.
ڪرنل ايونس پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو
”باقي تون سانول جي ٿو ڳالهه ڪرين ته اُن جو سڄو پويون دفتر کولي جاچيو ويو آهي ته هو هڪ امن پسند ۽ صلح پسند ماڻهو رهيو آهي ۽ اُن کي ڦاسائڻ لاءِ ڪيترن ئي ماڻهن گهاٽ گهڙيا هئا ۽ گهڙين پيا. باقي ڳالهه رهي پنڊت جي ته انهي ڳالهه مان قطعي انڪار ڪونهي ته هي ماڻهو، اسان جو سچو دوست ۽ وفادار آهي. تنهن ڪري هن کي گهُرجي ته پنهنجي دين جي تبليغ ڪندو رهي. اسان سندس ان معاملي ۾ هر قسم جي مدد ڪندا رهنداسين.“
اها ڳالهه ٻُڌي، ڪشور لال جيان، پنڊت نائومل جي مُنهن جو پنو ئي لهي ويو. سيٺ شرنارٿي، انهن ٻنهي جي بي عزتي ٿيندي ڏٺي ته ماٺ رهڻ ۾ ئي عافيت سمجهيائين.
ڪشور لال، پنهنجي ڳالهه کي پاڻي ڏيڻ لاءِ وراڻيو
”سائين ائين ته آهي پر سانول، جيڪي ڳالهيون ڪندو وتي ۽ ڪميونسٽ جي حمايت ڪرڻ سان گڏ، ماڻهن کي انگريز سرڪار جي پاليسين جي خلاف اُڪسائيندو وتي، اهو ته ذاتي رنجش يا ذاتي بدلي جي زمري ۾ ته ڪو نه ٿو اچي نه !“
ڪشور لال، جي ڳالهه ٻُڌي، ڪرنل ايونس، باز جي نظر جيان ڪشور لال تي نظر اُڇلائي ۽ وراڻيو
”ڪير ڇا ٿو ڪري. انهي جي خبر چار اسان وٺندا رهون ٿا. هينئر سانول اسان لاءِ ڏکيو نه آهي جيترو مسٽر جيوت مل ٽاڪرڙو. جنهن جون سرگرميون پهرين ئي مشڪوڪ هيون پر هينئر انهن ۾ تيزي اچي ويئي آهي. ڇاپا مار ڪارروائين جي پويان، انهي جو ئي هٿ آهي.“
اها نئين ڳالهه ٻُڌي، مختيار ڪار ڪشور لال حيران ٿي ويو.
” ادا، هي نشان ته گورهيڙي نانگ جا ٿا لڳن. جهڙي تيزي سان هنن وٽن جا نشان آهن. اهي نشان ٻيو ڪو نانگ نه ڪندو آهي.“
سانول، نانگ جي ڀڄي وڃڻ وارن نشانن کي ڏسي وراڻيو ۽ پنهنجي کيسي مان مڻ ڪڍي، چير ڏنل جڳهه تي پٽي کولي، رکي وري پٽي زور سان ٻڌي ڇڏيائين ۽ آسو کي ٿورو پرڀروءَ کُلي واءَ ۾ ليٽائي ڇڏيو. ڀڳڙي مل، آسو جي ڳلي ۾ آڱريون هڻڻ شروع ڪيون ته جيئن اُلٽي ڪري ته معدي ۾ به ويل زهر ٻاهر نڪري وڃي. ڪُجهه دير جي ڪوشش کان پوءِ آسو اُلٽي ڪئي، تڏهن ڀڳڙي مل، آسو مل مان هٿ ڪڍيا، هٿ ڌوئيندي وراڻيو
”هاڻ ڀؤ ڪونهي. نستائي ته اڃا به رهندس پر زهر هاڻ مٿي ڪين چڙهندو. باقي رهيو سهيو زهر جي هوندو به ته اهو زهر مڻ ڇڪي وٺندي.“
سانول، ڀڳڙي ڏانهن نهاريندي چيو
” گورهيڙي جو هي وقت ناهي، هي ته سنجهي ۾ نڪرندو آهي، هينئر لُنڊي يا وري ٻوگهي جو خطرو هوندو آهي.“
ڀڳڙو مل وراڻيو
” ائين ته برابر آهي پر اڄ صبح کان گرمي گهڻي هئي. مون کي اُڍڪو هو ته ڪٿي اسان کي هلندي نانگ بلا نه ڏنگي. اُنهي اُڍڪي جو ذڪر، مون آسو سان به ڪيو هو پر پوءِ به هن الائي ڇو لاپرواهي ڪئي.“
ڪرمچند، جيڪو اهو سڄو لقاءَ ڏسي رهيو هو ۽ پنهنجن ماروئڙن جي سٻاجهپ، سياڻپ، سهپ ۽ محبت ڏسي خوش ٿي رهيو هو تنهن چيو
” ٿي سگهي ٿو ڪچهري ۾ ايڏو محو ٿي ويو هُجي، جو ان طرف ڌيان ئي نه ڏنو هُجيس.“
ڀڳڙي مل فڪرمندي مان چيو
”ممڪن آهي ائين هُجي، پر ادا! هي رڻ آهي جيڪا هنن جيت جڙن جي جنت آهي ۽ اها خبر ته آسو کي به هئي ۽ پوءِ بي ڌياني....................!“
ڪرمچند به ٿڪاوٽ کي سڪون ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ واريءَ تي ٽنگون پساريندي وراڻيو
”جڏهن آسو جو ڪنڌ، اوهان جي ٻانهن تي کڙيو ته مون پڪ سمجهيو ته آسو، هاڻي اسان جي وچ ۾ نه آهي پر اوهان جي ۽ سانول جي مُک تي ڪو به ڊپ ۽ فڪرمندي نظر نه آيم ته ڏاڍو حيران ٿيس ته همراهه هليو ويو پر هنن کي ڪابه پرواهه ڪونهي.“
سانول مُرڪندي وراڻيو
”اسان وٽ اڪثر، ائين ٿيندو رهندو آهي اسان جو ۽ هنن بلائن جو چولي دامن جو ساٿ آهي. هو پنهنجو ڪم ڪن ٿا، اسان پنهنجو ، اسان کي انسان جي جسم ۾ ذرو به ساهه جي سمڪ جو پتو هوندو ته اسان اُن کي بچائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪندا رهندا آهيون.“
رات پنهنجي آخر پهر ۾ هئي. ڪجهه ئي ڪلاڪن کان پوءِ اوڀر کان روشني جو لاٽون اڀرڻ واريون هيون. رڻ جي ٿڌي واري چند گهڙين کان پوءِ تپي ٽانڊا ٿيڻ واري هُئي. وڻ ٽڻ ته پري جي ڳالهه پر ڇانءَ ڇانوري لاءِ ڪابه شيءِ ڪانه هئي. هي ” تڙو“ کان اڃان ڪافي پري هُئا. جيڪڏهن آسو کي سپ نه ڪکي ها ته هي هينئر تائين ” تڙو“ نخلستان ۾ هُجن ها نه ته به اُن جي ويجهڙ ويجهڙ هُجن ها. هاڻي آسو کي هوش اچي ويو هو پر گورهيڙي نانگ جو ڪکيل هو ۽ گورهيڙو رڻ جو سڀ کان وڌيڪ زهريلو سپ آهي. جنهن جو کاڌل پاڻي به نه گهُري. سو آسو کي هڻي صفا ڪمزور ڪري وڌو هُئس پر هنن کي ڪنهن به حالت ۾ جيترو جلد ٿي سگهي ” تڙو“ پهچڻو هو سو آسو کي گڏهه تي ويهاري هي سڀئي تڙو ڏانهن روانا ٿي ويا. گس تي ئي سج اُڀري آيو اڃان ته صبح جا پهريان پهر هئا. پر گرمي چوي ته اڄ نه پوان ته ڪڏهن نه پوان ۽ اها گرمي، آسو لاءِ چڱي ڪانه هئي. تنهنڪري اجرڪ پاڻي ۾ پسائي، آسو تي وجهندا ويا ٿي، ائين ڪرڻ سان هنن جو پاڻي جو ذخيرو به ختم ٿيڻ تي هو. انهي ڪري پاڻي گهٽ پيئڻ لاءِ استعمال ٿي ڪيائون ۽ گهڻو تڻو پاڻي ڄڻڪي آسو تي پئي استعمال ٿيو. جئين جئين ڏينهن ويو چڙهندو، گرمي به چوٽ ته چڙهندي ٿَي وئي. همراهه سڀ نستا ٿي پيا هئا. خاص ڪري ڪرمچند جا پير ته هاڻي نه ٿي کڄاڻا سوڍو، ڪنهن ڪنهن وقت اچي سهارو ڏيس ته ڪنهن وقت سانول تقريبن پوري ٽاڪ منجهند جو هنن کي ” تڙو“ نظر اچڻ لڳو. جيتري وک وجهن اوترو تڙو پري ٿيندي ٿي ويو. رفتار به صفا گهٽجي ويئي هُئن. ائين پئي لڳو ته تڙو پهچڻ کان اڳ ۾ ئي هنن کي رڻ ڳڙڪائي ويندي. پر هڪ ٻئي کي سهارو ڏيندا ڏيندا اچي ” تڙو“ ۾ پير پاتائون سڀ کان پهريائين، هنن جو اڪ جي ٻوڙن استقبال ڪيو. ڪجهه پرڀرو ڪانڪهه وڻن جا جگهٽا نظر پئي آيا ته ڪٿي ٿوهر جا ٻوٽا سر کنيو بيٺا هئا. ڦوڳ جا به ڪيترائي ٻوٽا ڄڻ هڪ ٻئي سان جُڙيو سرگوشيون ڪندا وتن. آرڻي جا ٻوٽا، تڙو نخلستان ۾ ائين اُڀريو بيٺا هئا، ڄڻ ڪنهن اوطاق ۾ ڪجهه يارن جون پنهنجون پاڻ ۾ ڪچهريون لڳل هُجن. کپ، مُرٽ، جهرڪلي، کيٽ، کٻڙ وغيره ائين ڏيک ڏيئي رهيا هيا ڄڻ ته واقعي رڻ جي جنت جو ٽڪرو “تڙو” هو.
سوريه ٽولو، جنهن جي ڪابه رپورٽ سمنگ سنگهه کي نه پئي ملي، تنهن بيڪانير جي فوجي ڪئمپ تي زبردست حملو ڪيو ۽ سڄي فوجي ڪئمپ کي تحس نحس ڪري ڇڏيو ۽ اُن ڪارروائي ۾ ٻه انگريز عملدار جن ۾ هڪ ڪرنل مائيڪل به مارجي ويو هو. هيستائين ٿيل ڇاپا مار ڪارروائين ۾ هي وڏي مان وڏي ڇاپا مار ڪارروائي هئي. جنهن انگريزن کي اندر تائين ڏڪائي ڇڏيو هو. انهن ڇاپا مار ڪارروائين انگريز سرڪار کي مجبور ڪيو ته گهڻو خرچ ڪري، انهن علائقن ڏانهن پنهنجي فوج موڪلي ۽ هنن انهن ڇاپا مار ڪارروائين کي روڪڻ لاءِ ائين ئي ڪيو حيدرآباد مان ايڊورڊ سمٿ جي سربراهي ۾ فوج برهمڻ آباد ڏانهن رواني ڪئي جيوت رام وارن ڇاپا مار ٽولين پاران مليل خبر چار جي آڌار تي رٿابندين ۾ تبديليون ڪندا رهيا ٿي ۽ نوان نوان حُڪم ٽولن ڏانهن اُماڻڻ جا بندوبست به ڪندا ويا پئي، جيئن ڪم اڳ کان بهتر، جٽاندار ۽ پنهنجو پاڻ کي گهٽ نقصان ڏئي، وڌ مان وڌ نتيجا حاصل ڪري سگهجن. سوريه ٽولي جي رپورٽ ته اطمينان جوڳي هئي. پر اُن ۾ هنن کي جيڪو وڏي مان وڏو ڇيهو رسيو هو سو هو سوريه ٽولي جي بهادر اڳواڻ ڪُنال ڀٽ جو، جيڪو انهيءَ ڇاپا مار ڪارروائي ۾ مارجي ويو. تنهن ڪري ئي اهو ٽولو حال في الحال لڪي ويو هو. انهيءَ مسئلي کي فورن حل ڪندي، جيوت رام وارن سوانتو مل کي ٽولي جو نئون اڳواڻ مقرر ڪري جوڳي جي روپ ۾ سوريه ٽولي ڏانهن روانو ڪري ڇڏيو هو جيئن سوريه ٽولي ۾ اڳواڻ نه هئڻ ڪري ڦڙڦوٽ نه پوي.
سوريه ٽولو، ڄڻ هن ڌرتي تان گم ٿي پاتال ۾ هليو ويو هو. انگريز سرڪار جا جاسوس، پنهنجي سر، سوريه ٽولي جي ٺڪاڻي جي ڳولها ۾ ننهن چوٽيءَ جو زور لڳائي چُڪا هئا پر ڪٿان به ڪو ڏس پتو هٿ ڪونه آيو هُئن. ڄڻ سوريه ٽولو آسمان ۾ گُم ٿي ويو يا زمين ڳڙڪائي ويس.
ڪرنل ايونس، جيوت رام تي حتمي حملي جي منظوريءَ لاءِ حيدرآباد ڏانهن سنهيو اُماڻي ڇڏيو هو ۽ حيدرآباد مان موڪليل فوجي دستو به برهمڻ آباد ۾ پهچي چُڪو هو. فوج جي آمد سان برهمڻ آباد ۾ ڄڻ ڦڙڦوٽ پئجي وئي هئي. برهمڻ آباد ۽ اُن جي ڀرپاسي جي ماڻهن ۾ هڪ اڻ ڄاتو ڀؤ پيدا ٿي ويو هو. هنن ماضي ۾ به ڪيترائي خون ٿيندي اکين ڏٺا هئا. جن ۾ ڪيترائي بيگناهه به مارجندي ڏٺا هئن ۽ جنهن بيدرديءَ سان انگريز فوجن اُهي ماڻهو ماريا، تن جي تصور سان لڱ ڪانڊارجي ٿي ويا، هن وقت به فوج جي اچڻ سان، غريب ۽ مسڪين ماڻهو عذاب ۾ پئجي ويا هئا. فوجين کي ڪنهن جي ڀلي ٻڪري نظر چڙهندي ٿي وئي ته اُن کي زوري ذبح ڪري کائي ٿي ويا. زمينن جي ڀيلاڙ ته ٺهيو پر نياڻين سياڻين سان ته ناحق لائي ڇڏيو هُئن. غريب ويچارا ڪُڇن ٿا ته مرن ٿا. ڍولئي ڪولهي کي فوجين محض انهي ڪري لتن، مُڪن سان ماريائون جو هُن، هُنن کي کوهه تان پاڻي ڀري ڏيڻ کان انڪار ڪيو هو. ڪرنل ايونس وٽ جيوت رام خلاف سڀ ثبوت، گس ۽ شاهد موجود هئا. صرف حملي ڪرڻ جي اجازت نامي جي ضرورت هُئي. جنهن جي هي انتظار ۾ هو.
موتي پنهنجي پر ۾ سمنگ سنگهه ڏانهن پل پل جي خبر چار ڏيندو پئي آيو ۽ موهن به پنهنجي هٽ تي ويهي سانول جي خبرچار لاءِ اتاولو هو. راڌا به موتي ۽ موهن جي خدمت ڪرڻ ۾ مشغول هُئي. راڌا، پاٺ شالا ۾ به مذهبي تعصب، طبقاتي مت ڀيد ۽ ذات پرستي خلاف به پرچار ڪرڻ لڳي هئي، جيڪا هندو مت جي بُنيادي مذهبي فلسفي جي اُبتڙ هُئي.
موهن ڪافي جهونو ٿي ويو هو. هاڻي ته نظر به سندس ساٿ ڇڏيندي پيئي ويئي. بظاهر ائين پئي لڳو ته سڄو ماحول پرسڪون آهي پر انگريز سرڪار اندر اندر ۾ وڏي کچڻي پچائي رهي هُئي
موهن جا رابطا مسلسل ٻين ڳوٺن جي دوستن سان به هلندا پئي آيا ۽ گسن، مندرن جي پل پل جي خبر موهن کي ملندي رهي پئي ته انهن جڳهن تي اهڙي ڪا به چُر پُر نظر نه پئي آئي. جنهن سان اهو اندازو ٿئي ته اُتي سانول کي مارڻ لاءِ ڪو بندوبست ٿيل هُجي يا ڪي شڪي ماڻهو موجود هُجن تڏهن به چوڪسي کي برقرار رکيو پئي ويو، ڇاڪاڻ ته جيستائين سانول خير و خيريت سان برهمڻ آباد پهچي نٿو وڃي.
ٻه ڏينهن اڳ، ڪاڪي والجي جي ديهانت تي سڀئي گڏاڻا هُئا. جتي چوڪسي برقرار رکڻ ۽ برهمڻ آباد، احمد آباد، بڪانير، ڇور، امرڪوٽ، غرضڪه ٿر جي سڀني شهرن ۾ پهتل انگريز فوج جي حرڪت تي به نظر رکڻ جو فيصلو ڪيو هئن ۽ ٿر جي ماڻهن کي ذهني طرح ڪنهن امڪاني حملي جي صورت ۾ پنهنجي بچاءُ جو بندوبست ڪرڻ جي باري ۾ سکيا ڏيڻ جو پروگرام به ترتيب ڏنو ويو هو.
ڪاڪي والجي کي سندس وصيت موجب روپلي ڪولهي جي ڀر ۾دفنڪيو ويو هو. موتي، موهن ۽ ٻيا ڪيترائي ماڻهو روپلي ڪولهي واري سماڌي ۾ پهچڻ سان ئي جوش ۾ ڀرجي ويا هئا ۽ اُتي انگريزن خلاف اندر جي باهه خوب ڪڍيائون. هونئن به انساني فطرت رهي آهي ته هو جڏهن پنهنجن بهادرن ۽ سورهين جي مدفن تي پهچن ٿا ته هُنن جا ڳاٽ هڪدم اوچا ٿي وڃن ٿا. ڇاتيون بود ۾ ڀرجي وڃن ٿيون. اسين اُنهن جوڌن ۽ جوانن جي تسلسل جو حصو آهيون، جيڪي نه ڪڏهن جهُڪيا ۽ نه ڪڏهن وڪيا.
سانول، وارا ” تڙو“ پهتا ته ڄڻ سندن ۾ نئون روح ڦوڪجي ويو هُجي. آسو کي به، ڪانڪهه جي وڻن جي جهڳٽي واري ڇانءَ ۾ ليٽايون. سوڍو ڪنهن تلاءُ مان پاڻي ڀري آيو، جانور به پاڻي وغيره پي مختلف وڻن جي ڇانو ۾ آرام ڪرڻ ويهي رهيا هئا. آتش فشان جبل جي چوٽي تان نڪري ڄڻ سانوڻي جي ٿڌڙن ڪڪرن جي ڦوهار ۾ پهچي ويا هُجن. اهو آرام ۽ سڪون هنن لاءِ ڪُجهه گهڙين لاءِ هو ڏينهن سڄو هنن تڙو ۾ گذاريو. شام جڏهن پوري طرح پنهنجا پر پکيڙي چڪي ته هي به پنهنجي منزل ڏانهن اُسهڻ لڳا. آسو به پهرين کان ڪافي بهتر هو. تنهنڪري منزل ڏانهن تيزي سان هلڻ لڳا ۽ صبح جو پهرين پهر ۾ هي ڪانٽئي ۾ داخل ٿي ويا. جتي ڪاڪي والجي جي وڏي نياڻَي دلپت راءِ جي گهر ۾ ٿائينڪا ٿيا. ڪانٽئي پهچڻ تي، هنن کي جيڪا پهرين ڇرڪائيندڙ خبر پئي سا هئي ڪرنل ايونس ۽ ان جي توپ خانن سان پهتل فوج جي، ٻئي نمبر ڪاڪي والجي جي ديهانت ٿي وڃڻ جي ۽ ٽئين نئين خبر ٿيل بغاوت جي، جنهن جي ڪري، هنن محسوس ڪيو ته ڪانٽئي پهچڻ شرط، هي ٽي طرفي نگاهن ۾ اچي ويا آهن. هڪ ته انگريز، ٻيو پنڊت نائومل، ٽيون نئين ٿيل بغاوت جا اثر تنهن ڪري هنن لاءِ ڄڻ، رڻ کان به وڌيڪ ڪٺن سفر، ڪانٽئي کان برهمڻ آباد تائين جو هو، هنن به سڌو برهمڻ آباد وڃڻ بجاءِ ڪارونجهر جي اندارن برهمڻ آباد وڃڻ جو فيصلو ڪيو هو.
سانول، جي ڪانٽئي پهچڻ جي خبر، پنڊت نائومل کي پئجي وئي هُئي. پر هن وقت حالتون سراسر پنڊت نائومل جي خلاف هيون ۽ ڪرنل ايونس جي اچڻ سان پنڊت نائومل جي پهچ به محدود ٿي وئي هئي. سانول جي ڪانٽئي پهچڻ جو اطلاع انگريز ڪرنل ايونس تائين به پهچي چُڪو هو. ڪرنل ايونس به سانول ۽ اُن جي ساٿين تي ڪڙي نظر رکڻ جي هدايت جاري ڪري ڇڏي هئي. سانول لاءِ ڪانٽئي مان نڪرڻ مسئلو بنجي پيو هو. لڳو ائين پئي ته ٽنهي ڌُرين ۾ ماٺار واري جنگ ڇڙي چُڪي آهي. برهمڻ آباد ڏانهن ڪارونجهر کان وڃڻ جو فيصلو ته هي پهرين ئي ڪري چُڪا هُئا. پر هتان کان نڪري ڪارونجهر تائين وڃڻ جو بندوبست ڪيئن ٿئي؟ انهي تي ڪالهه رات کان بحث هليو پئي. هڪڙن جي راءِ هُئي ته تڪڙ نه ڪجي هتي ويهي حالتن جو جائزو وٺندو رهجي. جيئن حالتون سازگار ٿين ته پوءِ برهمڻ آباد ڏانهن نڪرجي. ڪن نوجوان جوشيلن جو خيال هو ته هتان هٿياربند ٿي نڪرجي، جي ڪو مزاحمت ڪري ته اُن کي منهن ٽوڙ جواب ڏئي، اڳيان نڪري وڃجي. ڪن ٻڏتر رهندڙ ساٿين جو وري خيال هو ته هتي جي انتظاميا جي مدد وٺي، اڳتي نڪرجي، پر آخر جو خيال سڀني کي پدمن راءِ جو پسند آيو. جنهن پنهنجي راءِ ڏيندي چيو ته حالتن جو جيڪڏهن جائزو وٺڻ جي ويهي رهياسين ته پوءِ مهينن جا مهينا لڳي ويندا ۽ اڳيان جن جي اڳواڻي پاڻ ڪري رهيا آهيون سي ڇڙ وڇڙائي ۾ اُٻهرائي جا ڪم ڪري، وڏي نقصان ۾ پئجي ويندا. ٻيو هٿيار بند ٿي نڪتاسين ته اڳ ته اسان صرف شڪ جي بنياد تي نگاهه ۾ آهيون ٻيو هي نئين شروع ٿيل بغاوت جي زمري ۾ اچي ناحق ڪنهن ڏچي ۾ ڦاسي پونداسين. ٽيون ته هتي جي انتظاميا کي چوڻ معنٰي ته پنهنجو پاڻ پنڊت نائومل جي ماڻهن کي اطلاع ڏيون ته اسان تي لڪي ڇپي حملي ڪري نقصان پهچائين، تنهن ڪري اسان سڀني کي ماڻهن جي نظرن کان لڪي ڪارونجهر جي اندر هلڻو پوندو. اُن جو هڪ ئي طريقو آهي ته ڪاڪي والجي جي ياد ۾ هڪ ست سنگ ڪرڻ جو پروگرام رٿيون . جيڪو صرف خالصتن عورتن جو هُجي. جنهن ۾ اسان سڀ عورتن جي لباس ۾ هُجون ۽ گهر ۾ عورتن کي مردن جي لباس ۾ ڇڏجي، جيئن جيڪي اسان جي ٽوهه ۾ آهن سي گهر تي ئي مُنجهيا رهن ۽ اسين سانول وارن کي سُرڳواسي والجي جي سماڌي تائين پهچايون جيڪا ڪاورنجهر جي ڪور ۾ آهي. اُتان کان سانول وارا جبل ڏانهن نڪري وڃن ۽ ٻيا سڄي رات ست سنگ ڪري واپس هليا اچن.”
تنهن ڪري پدمن راءِ جي تجويز تي عمل شروع ٿي ويو. اُن لاءِ آڙي پاڙي، آس پاس جي مائٽن ۽ ڳوٺن کي دعوت ڏيڻ جو سلسلو به شروع ڪيو ويو. سانول ۽ ساٿين لاءِ ڪپڙن، والن، چوڙين، زيورن، پائيلن جو لڪ ڇُپ ۾ بندوبست ڪيو پئي ويو. ست سنگ جي پروگرام لاءِ ڀڳت به پهچڻ شروع ٿي ويا هئا. اتفاق سان موتي به سانول سان ملڻ لاءِ ڪانٽئي پهچي ويو هو. جنهنکي ڏسي انگريزن توڙي پنڊت نائومل جي ٽوهيندڙن جا ڪن کڙا ٿي ويا. موتي جي ڪري، ٽوهيندڙ ٻه طرفا ٿي ويا. جنهن جو فائدو اڻ سڌي طرح سانول کي ملي رهيو هو.