14
”منهنجي خيال ۾ بارش اڌ ڪلاڪ ۾ اچي ويندي. بارش ۾ جبل تي هلي نه سگهبو. ڇو نه مينهن پئجي وڃڻ کان پوءِ نڪرجي.“
سوڍو جيڪو، هينئر پسار ڪري اُٿيو هو. تنهن سانول جي ڳالهه جي مخالفت ڪندي چيو
”نه بارش هروڀرو پاڻ کي تڪليف نه ڏيندي اهو به لازمي ڪونهي ڪو ته بارش ته ڪا گهڻي پئي. تنهنڪري مُنهنجي خيال ۾ پاڻ کي پنهنجو سفر جاري رکڻ گهُرجي ۽ پاڻ سڀني کي خبر آهي ته حالتون ڳنڀيرتا واريون آهن ۽ برهمڻ آباد ۽ آس پاس جي سنگت به پاڻ لاءِ پريشان هوندي. دير جو فائدو پنڊت نائومل وٺڻ جي ڪوشش نه ڪري. هو پنهنجن چيلن چپاٽن سان گڏجي، موهن ڪاڪي ۽ ادي راڌا کي ڪو نقصان نه پهچائي، تنهن ڪري موسم جون سختيون ڏسي پروگرام ملتوي نه ڪرڻ گهرجي.“
ڀڳڙي مل به سوڍي جي ڳالهه جي تائيد ڪندي چيو
”سانول ادا! اها ڳالهه ادا سوڍي جي صحيح آهي. اسان کي هلڻ گهرجي، جيتري به ويرم ڪنداسين اوترو پنهنجو ئي نقصان آهي.“
ڪرمچند جيڪو هيتري دير خاموشي سان دوستن جون ڳالهيون ٻڌي رهيو هو، تنهن چيو
”جيڪڏهن سفر جاري رکي سگهجي ٿو ۽ ڪا وڏي دقت ۽ تڪليف ناهي ته پوءِ ڀل هلڻ گهرجي، جيئن منزل کي ويجهو پهچي سگهون.“
سانول، سڀني جي راءِ ٻڌي، خاموش ٿي ويو. تيسين هلڪي هلڪي بوندار به شروع ٿي ويئي آهي. هيٺ اُڀرندي پاسي کنوڻ جا تجلا هئا ۽ گوڙ جو ڪنهن ڪنهن وقت دٻيل آواز ٿي آيو. جبل ۾ بوندار پوڻ ڪري مٽي جي هلڪي سُڳنڌ سڄي فضا کي معطر ڪري ڇڏيو هو. بوندار پوڻ ڪري موسم مان حبس به ختم ٿي چڪو هو. موسم ڏاڍي خوشگوار ٿي وئي هئي. ڪرمچند، بادلن جو جبل کي ائين ڇُهي گذري وڃڻ جو نظارو زندگي ۾ پهريون ڀيرو ڏسي رهيو هو. پنهنجي ڌرتي جا اهڙا خوبصورت نظارا ڏسي ڪرمچند جي دل خوشي وچان ٻهڪي پئي هُئي.
سانول وارا، پنهنجي منزل ڏانهن روانا ٿيا جيئن هي اڳتي وڌندا ويا. تيئن تيئن بارش به پنهنجو زور وٺندي ويئي. اڳتي هلي بارش پنهنجي پوري جوڀن تي اچي ويئي. بارش جي زور، هوائن جي تيز جهڪڙن ۽ نئين جي زوردار پاڻي، هنن کي بيهڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. ڪرمچند زوردار بارش کي ڏسندي وراڻيو
”سانول، ڳالهه سچي ڪئي هئي، اهڙي بارش ۾ هلڻ ته مشڪل ٺهيو. پر ناممڪن آهي.“
آسو مل وراڻيو
” لڳي ٿو اڄ رات، هن بارش ۾ ئي پسندا رهنداسون بارش جو نمونو اهڙو آهي جو اڄ نه ڪو بيهي.“
تيسين ڀڳڙي مل چيو
”ڇو نه تيسين ڪو گيت ٿي وڃي. سانول جو آواز به مٺو آهي ۽ ڪافي گيت به ياد اٿس. سانول، ٿي وڃي گيت......“
جهيڙن جهٽن کان ڪونه ڊڄون. اسين وطن جا سپاهي آهيون
خوف خطرن کان ڪونه لڪون، اسين وطن جا سپاهي آهيون.
اسان جا قدم وڃن ٿا وڌندا، اسان جون منزلون اڃا به اڳتي
ڪٿي اسين ٿا ٿڪ ڀڃون، اسين وطن جا سپاهي آهيون
لُڪن ۽ لَڪن جا ته ڏاڍا، جوان اسان جا ڪونڌر ۽ ڪوپا،
هر پل ڌرتيءِ لاءِ وڙهون، اسين وطن جا سپاهي آهيون.
محبتن جا سفير بڻجي، گلاب وکيرڻ نڪتا آهيون
ڌرتي تي ته امن ٿا چاهيون. اسين وطن جا سپاهي آهيون
سانول جو گيت ٻڌي، ڄڻ سڀني ۾ نئون روح پئجي ويو. بارش به پنهنجا رنگ مچائي ڇڏيا هئا. کنوڻ جي تجلي پوڻ ڪري، جبل ڄڻ هنن کي اک ڀڃي رهيو هجي. گوڙ جو آواز جبل ۾ پڙاڏو بڻجي وڌيڪ زوردار ٿي لڳو. بارش جي ڦڙين جي مالهائن، جبل تي ڪرڻ شرط، سارنگ جي رڌم جو آواز پيدا ڪري، فضا ۾ ترنم ٿي پکيڙي ڇڏيو. مينهن ڦڙين تي کنوڻ جا چلڪاٽ پوڻ سان، ائين ٿي محسوس ٿيو ته ڄڻ آسمان تان هيرن جو ن ڪڻيون، زمين تي ڪري زمين کي مالا مال ڪري رهيون هُجن. سانول وارا بارش جي رُڪجڻ جو انتظار ڪرڻ لڳا. ڪلاڪ ڏيڍ بارش پنهنجو خوب جوش ڏيکاريو. پوءِ آهستي آهستي بارش جو دم ٽٽڻ لڳو. جبل جي مختلف چوٽين مان زبردست چشما وهڻ شروع ٿيا هئا سي به هاڻي ننڍين ننڍين نئين جي صورت ۾ جبل جي وڏي چشمي ساڙڌري ۽ ٻين چشمن ڏانهن وهڻ شروع ٿي ويا هئا. سانول وارن به بارش جو دم ٽٽندو ڏسي پنهنجي سفر کي جاري رکڻ لاءِ اڳتي روانا ٿيا. هاڻ سفر پهرين جي نسبت آهستي ۽ احتياط وارو اختيار ڪيو هُئن. هنن ڪانٽئي مان جيڪو کائڻ پيئڻ جو سامان کنيو هو سو به پورو ٿيڻ تي هو. ڀڳڙي مل، جبل تي پنڌ جو اندازو لڳائيندي چيو
”پاڻ هينئر تقريبن تقريبن وچ جبل وٽ پهچي چڪا آهيون، هاڻي چند ڪوهن تي هن جي بالي چوٽِي آهي. بالي جي چوٽي کان برهمڻ آباد تقريبن ٻن ڏينهن ۽ ٽن راتين جي فاصلي تي ٿيندو.“
ڪرمچند معلومات خاطر ڀڳڙي مل کان پڇيو
”ڪانٽئي کان پاڻ ڪيترو پنڌ ڪري آيا هونداسين؟“
ڀڳڙي مل وراڻيو
”ڪانٽيو اڃا هي بيٺو آهي. اها ته ڀلي ڳالهه ٿي آهي ته اڃان ته پاڻ کي پوري سفر ۾ جبل جي ڪنهن جانور سان واسطو نه پيو آهي نه ته وٺڻ جا ڏيڻا پئجي وڃن ها.“
سانول، آسو کي هٿ ڏيئي مٿي ڇڪيندي چيو
”اڃان ته ادا ڀڳڙا، جبل پيو آهي. اڃان ته ڪٿي نه ڪٿي. جبل جي جانور سان مُنهن مقابل ٿي سگهون ٿا. تنهن ڪري ٿوري غفلت ڪنهن وڏي تڪليف ۾ نه وجهي ڇڏي. اڳ به ننڍي ڪوتاهي جي ڪري، مورڳو آسن مل کي ذري گهٽ وڃايو هيوسين.“
ڪرمچند کي ڀڳڙي مل، هيٺ ويهي پنهنجن ڪُلهن تي پير رکائي مٿي ڪندي چيو
” اها ڳالهه صحيح آهي ته ڪنهن به دشمن کي گهٽ سمجهڻ نه گهُرجي، ٿوري غفلت وڏي تباهي آڻي ٿي.“
ڪرمچند جيڪو سانول وارن وٽ پهچي چڪو هو، تنهن چيو.
”بيشڪ ڪوتاهي، وڏو نقصان رسائي ٿي. بظاهر اها ڪيڏي به ننڍڙي ۽ خسيس ڇو نه هُجي، ڀل اُن جي اُن وقت ڪا اهميت نه هُجي پر هو پنهنجا نتيجا ضرور ڏيکاري ٿي. جنهن کي پُر ڪرڻ ڏاڍو مشڪل ٿيو پوي.“
تيسين ڪنهن پٿر جي ڪرڻ ۽ ڪنهن جي هلڻ جي آواز سان سڀني کي ڇرڪ پئجي ويو. سڀني پنهنجي پر ۾ پنهنجن هٿيارن کي سوگهو ڪيو. رات جو وقت، مينهوڳي جي موسم، اونداهي ڪاري ٻاٽ، ڪنهن ڪنهن وقت، پري ڪٿي کنوڻ جو چلڪاٽ ٿئي. جنهن جي روشني ۾ چئني ڄڻن، انهي اڻ ڄاڻ حملا آور کي ڏسڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي ٿي.
ڀڳڙي مل سرٻاٽ ۾ وراڻيو
” لڳي ٿو پٽيرو آهي..............“
سانول، حملا آور کي جانچڻ لاءِ ٻه قدم اڳيان وڌيو مس ته ڀڳڙي مل ٻانهن مان ڇڪي ورتس ۽ چپن تي آڱر رکي چپ رهڻ جو اشارو ڪيائين. چارئي ڄڻا، ساهه سُڪ ڪيو، چئني طرفن ڏانهن نهارڻ لڳا ته ڪٿان ٿو پٽيرو حملو ڪري، هڪ منٽ، ٻه منٽ، ٽي منٽ، پندرنهن منٽ، اڌ ڪلاڪ، پر وري ڪو آواز ڪونه آيو.سانول اٿي بيٺو ته وري به ڀڳڙي مل ڇڪي ويهاري ڇڏيس. آهستي چيائين.
” شايد، پٽيري پاڻ کي ڏسي ورتو آهي. هو پنهنجين حرڪتن تي نظر رکيو ويٺو آهي. ڪنهن به چرپر تي هو ڪنهن به وقت اوچتو حملو ڪري سگهي ٿو. غفلت نه ڪريو بس هوشيار رهو.“
اڃان ڪجهه دير ڪو به کڙڪو ڪونه ٿيو. اچانڪ هڪ عجيب آواز آيو ڄڻ ڪنهن جابلو جيت جو هُجي. سانول وارن عجب مان هڪ ٻئي ڏي نهاريو. ڪجهه وقفي کانپوءِ وري ساڳيو آواز آيو. ڪُجهه پريان موٽ ۾ اهڙي آواز سان جواب آيو. هي چارئي پريشان ٿي ويا. هنن جي مٿان ڪهڙي شيءِ آهي تيسين کڙڪي سان ٻه ٽي ماڻهو بارودي بندوقون کنيون هنن جي مٿان اچي بيٺا. منهن ٽوال سان ڍڪيل هُئن. ڪپڙن ۽ رنگ ۾ پنهنجي ئي مُلڪ جا ماڻهو پئي لڳا.
انهي اوچتي حملي، هنن چئني کي وائڙو ڪري ڇڏيو، سانول ۽ ڀڳڙي مل جي ذهن ۾ جيڪو پهريون خيال آيو ته پنڊت نائومل جي ماڻهن جي هٿ چڙهي ويا، هاڻ ڇا ٿيندو؟؟
ڪجهه دير ۾ چار پنج ٻيا همراهه، هُنن هٿياربند ساٿين سان اچي ڪٺي ٿي هنن کي اڳيان ڪري پاڻ پويان هلڻ لڳا. هنن مان ڳالهايو ڪنهن به ڪونه ٿي، جي ڪا ڳالهه هڪ ٻئي کان پڇيائون ٿي ته ڪن مخصوص اشارن سان پڇيائون ٿي.
موتي بدستور ساڳئي ڪوٺيءَ ۾ قيد هو، تشدد هڻي هيڻو ڪري ڇڏيو هئس. هو جيڪڏهن زنده هو ته صرف پنهنجي حب الوطنيءَ جي جذبي جي ڪري نه ته هيستائين ڪڏهو ڪو مري کپي چُڪو هجي ها.
”خدا بيگ، هن کي صاحب واري ڪمري جي لاڪپ ۾ وٺي اچ، صاحب جو حڪم آهي.“
ڏٻري پٽيوالي صاحب جو حڪم ٻڌي سپاهي خدابخش کي پهچائيندي چيو. خدابخش به شايد ڪو انهي حڪم جو منتظر هو. سو پٽيوالي کي ورندي ڏيندي بغير، ڪوٺي جو در کولي، اچي موتيءَ کي کوليائين. جيڪو تقريبن نيم بيهوشي جي حالت ۾ هو. تنهن پڪ سمجهيو ته شهادت جو وقت اچي ويو هو. تشدد جي ڪري موتي هلڻ ۾ سخت تڪليف پئي محسوس ڪئي پر دشمن اڳيان پنهنجو پاڻ کي ڪمزور ظاهر ٿيڻ نه ٿي ڏنائين تنهنڪري رڙهندو رڙهندو. لاپ سنگهه واري ڪوٺي واري لاڪپ ۾ پهتو. جنهن ۾ ماحول پهرين کوليءَ کان ڪجهه بهتر ماحول هو.
موتي، بيهي ڪو نه پئي سگهيو تنهنڪري ڀت کي ٽيڪ ڏيئي هيٺ فرش تي ويهي رهيو. تشدد سان ٿيل زخم، مينهوڳي جي موسم ڪري ويتر خراب ٿي پيا هُئس. جن ۾ رت سان گڏ پُون ۽ گند به وهي رهيو هو، مکين جي بچاءَ لاءِ پنهنجي قميص جو داون ڦاڙي، ڦٽن تي ٻڌو هئائين پر ڪي اهڙا ڦٽ هئس جتي هن جو هٿ پهچي نه سگهيو هو. اتي مکين کيس ڏاڍو تنگ ٿي ڪيو.
”.............نه نه هي ماڻهو، انهن مان ڪونهي. نه ته هي ڪالهوڪو ڇوڪرو، هڪ ٻه ڌڪ سان سچي ڪري وجهي ها. هي هيترو موچڙو هاٿي کي نمائي ڇڏي ها. سر منهنجو تجربو ٻڌائي ٿو، هي جيوت رام وارن کي سڃاڻي ئي ڪونه. باقي جواني جي جوش ۾ ديش ڀڳتي جو اجايو جن سوار اٿس.....“
لاپ سنگهه جو آواز، موتي سڃاڻي ورتو هو. جيڪو ڀت جي ٻي پاسي ڪنهن سان ڳالهائي رهيو هو.
” ائين ٿي ئي نه ٿو سگهي ته سمنگ جي ڏنل رپورٽ غلط هُجي.“
هڪ اڻ ڄاڻ آواز سان گڏ سمنگ سنگهه جي نالي ٻڌڻ سان موتي جا ڪن کڙا ٿي ويا. هاڻي پهرين کان وڌيڪ غور سان ڪن لڳائي، ڀت جي ٻي پاران ايندڙ ڳالهيون ٻُڌڻ لڳو.
لاپ سنگهه جو ڳالهائڻ ...............................
”ممڪن آهي ته ماڻهو ٻيو ڪو هُجي ۽ هن ڀُل مان اهو نالو ڏنو هجي. سمنگ سنگهه جي اطلاع ڪري ئي ته هن ڇوري کي سچي ڪرائڻ لاءِ ايترو ماريو اٿم پر پوءِ مون محسوس ڪيو ته ڇوري کي ذري ڪا به خبر هُجي ها ته ٻڙڪ ضرور ٻاهر ڪڍي، آخر سڄو هندستان پيرن هيٺيان ڪڍيو اٿم، وڏن وڏن ديش ڀڳتن کان سچيون ڪرايون اٿم، ايترو آئون به سمجهان ٿو سرلارنس.“
”اڇا ته ٻيو همراهه انگريز آهي.“ موتي پنهنجي منهن ڀڻڪيو. ڪجهه دير ڀت جي ٻئي پاسان خاموشي رهي ٿوري دير کان پوءِ ساڳي عملدار لارنس جو آواز آيو.
”پوءِ سمنگ سنگهه جي انهي اطلاع جي به ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻي پوندي ته هو جيوت وارن کي جبل مان ڪڍڻ ۾ ڪيترو ڪامياب ٿي سگهيو آهي. جمعي جي ڏينهن ۾ به باقي ٻه ڏينهن آڏا آهن. جمعي واري ڏينهن چڙهائي به پاڻ کي نقصان نه ڏي..........................“
لارنس جي ڳالهه ٻڌي، موتي جو ته هانءُ ئي ڊهي پيو
هاڻ ڇا ٿيندو؟ آئون جيل ۾، هوڏانهن هو ڪارو نانگ سمنگ، اسان کي مارائڻ جا سڀ بندوبست پيو ڪري. موتي پنهنجي منهن آهستي ۾ چيائين. ” غدار... لعنتي.” هو ٻيو ڪجهه ڪري نه پئي سگهيو. پنهنجي مُنهن ڀڻڪي پنهنجي نفرت جو اظهار ڪيو.
لاپ سنگهه جو آواز
”جي اوهان سمجهو ٿا ته ڀل ڇنڊ ڇاڻ ڪريو. پر سمنگ، انگريز سرڪار جو اهو وفادار ماڻهو آهي. جنهن پنهنجو پاڻ کي هنن وحشي ۽ جهنگلي ماڻهن جي وچ ۾ ويهي، تمام ڪارائتيون خبرون پهچايون آهن نه ته هيل تائين پاڻ تمام گهڻو نقصان کائي چڪا هجون ها تنهنڪري سر لارنس صاحب، اهڙن ڪمن ۾ ڪڏهن به تڪڙ ناهي ڪبي. هو ضرور ڪوشش ڪندو هوندو، هن جي نئين اطلاع اچڻ تائين ڪا به اڳرائي نه ڪرڻ گهُرجي.“
لارنس جو آواز
” تون ٺيڪ پيو چئين لاپ سنگهه، اها تجويز ڪرنل تائين پهچڻ گهُرجي.“
لاپ سنگهه جو آواز
”نائيڪ، نانڪ کي هينئر ئي برهمڻ آباد ڏانهن اُماڻي ڇڏيون“
ڪجهه دير ڀت جي ٻئي پاسي وري به خاموشي
لارنس جو آواز ٿورو پري ٿيندي ٿيندي پئي آيو
” آئون پاڻ برهمڻ آباد لاءِ نڪران ٿو. هتي جي نظرداري تنهنجي حوالي آهي. منهنجو خود جو اُتي وڃڻ ضروري آهي.“
لاپ سنگهه جو ٿورو ڏاڍايان آواز
”هن ڇوري جو ڇا ڪريون؟“
پريان کان لارنس جو آواز آيو پر موتي لارنس جي ڳالهه سمجهي نه سگهيو. موتي ٿورو ڀت کان اوريان بيهوشي وانگر ليٽي پيو. لاپ سنگهه، موتي واري کولي واري ڪوٺي ۾ آيو ۽ ڪجهه ڪاغذي ڪارروائي ڪرڻ ۾ لڳي ويو ۽ گڏوگڏ موتي تي به اڇاتري نظر اڇلائيندي ويو
اڌ ڪلاڪ کان پوءِ لاپ سنگهه جو آواز موتي ٻُڌو
”نانڪ“
”جيءُ سائين“
”هتان آچو کي برهمڻ آباد موڪلي، موهن کي گهُرائي وٺ“
”جيءُ سائين“
نائيڪ نانڪ. وفاداري جو سليوٽ ماري، ٻاهر نڪري ويو
موتي، موهن کي گهُرائڻ واري ڳالهه ٻُڌي، سخت پريشان ٿي ويو، هاڻ وري الائي ڪهڙي هچا، هي مُڇر اسان لاءِ گهڙي پيو.
پنڊت نائومل، پنهنجن پنهنجن چيلن سان گڏ، اچي برهمڻ آباد ۾ ٿاڪ ٺاهيا، پنڊت نائومل پاڻ ته سيٺ شرنارٿي جي عاليشان اوطاق ۾ رهيل هو. باقي سندس چيلا، مندر جي آس پاس واري علائقن ۾ اچي ويٺا هئا. پنڊت نائومل ۽ ان جي چيلن جو اچڻ ڏسي ڪاڪي موهن ۽ سانول جا ساٿاري به مندر جي حفاظت لاءِ پهچي ويا هئا. موهن ۽ پرتاب جيڪي برهمڻ آباد ڇڏڻ جي تياري ۾ هئا. سي ان نئين صورتحال کي ڏسي پريشان ٿي ويا هئا. هاڻي هنن کان اهو فيصلو نه پئي ٿيو ته هو قلعي ڏانهن وڃي گُلاب چند سان ملن يا ان نئين صورتحال ۾ برهمڻ آباد ۾ ئي رهي پون.
پرتاب، ان نئين پيدا ٿيل صورتحال کي نظر ۾ رکندي، اِن متعلق، ڪاڪي موهن کان راءِ پُڇندي چيو
”ڪاڪا، هاڻي ڇا ڪجي؟ هيءَ نئين مصيبت اچي پهتي آهي، هاڻي توهان جي ڇا راءِ آهي ته قلعي ڏانهن هلون يا هن نئين مصيبت کي مُنهن ڏيون.“
موهن پاڻ به سخت پريشان هو، سو وراڻيو
”پرتاب، ڳالهه مُنهنجي سمجهه کان به ٻاهر آهي، هاڻي ته پاڻ سان ڪاتي گدري وارو ڪم آهي، ڪجي ته ڇا ڪجي؟“
پرتاب به چونئري ۾ پيل کٽ تي ويهندي وراڻيو
”هنن جي مندر ۾ ياترين سان کٽ پٽ ۽ کينچل ته مونکي ڀؤ ۾ وجهي ڇڏيو آهي، هي ڪٿي سرڳواسي مهراج همنيت جيان راڌا کي ڪو نقصان نه پهچائين.“
موهن، پريشاني جي عالم ۾ چونئري ۾ اچ وڃ ڪندي وراڻيو
”شُڀ، شُڀ! ڳالهائي، ڀڳوان ڪندو ته دشمن ناڪام ويندو. بس مونکي ڪُجهه سوچڻ ڏي.“
تيسين پرتاب کي ڪنهن سڏ ڪيو
پرتاب ٻاهر ويندي پنهنجي مُنهن وراڻيو
”ڀڳوان ڪري خير هُجي.“
ڪُجهه ئي دير ۾ وري واپس آيو. چهري تي مرڪ ۽ رونق موٽي آئي هئس سو خوشي منجهان وچان ڪاڪي موهن جا ٻئي هٿ جهليندي چيائين
”ڪاڪا، موتي بي قصور ثابت ٿيو آهي. انگريز سرڪار هن کي آزاد ڪرڻ واري آهي.“
اها خبر ڪاڪي موهن لاءِ ڪنهن وڏي زلزلي جي جهٽڪي کان گهٽ نه هئي. ڪاڪي موهن خوشي ۽ حيرت گاڏڙ لهجي ۾ رڙ ڪئي
”هان................................!! واقعي.....................!!؟“
پرتاب آيل همراهه واري سڄي ڳالهه ٻڌائي، ڳالهه ٻڌي موهن جي چهري تي اطمينان جون ريکائون رقص ڪرڻ لڳيون ۽ فورن چيائين.
”هاڻي آئون انهي پنڊت کي به ڏسان ٿو. آيو آهي مندر تي قبضي ڪرڻ جا خيال کڻي.“
پرتاب جي نرڙ تي چُمي ڏئي، موهن پنهنجي گهر ڏانهن روانو ٿي ويو.
لارنس به برهمڻ آباد ۾ ڪرنل ايونس وٽ پهچي چڪو هو، ديسي لشڪر به جبل تي چڙهائي جي تيارين ۾ مشغول هو ڇاڪاڻ ته سڀاڻي جمعي جو ڏينهن هو.
لارنس، ايونس سان ملي، سڄي نئين صورتحال سامهون رکي. ڪرنل ايونس سڄي ڳالهه ٻڌي وراڻيو
” لارنس! مونکي اڳيئي شڪ هو ته انهي ماڻهو جو جيوت واري ٽولي سان ڪو تعلق ڪونهي پر سمنگ جي رپورٽ به رد نه پئي ڪري سگهيس. ايتري ته مونکي به ڄاڻ هئي ته هن جو واسطو ساڌو سانول وارن سان آهي. جيڪي پنڊتن، مُلائن ۽ مذهبي انتهاپسندي جي خلاف آهن. هي ڪي ڇاپا مار ڪونهن. خير هيڙن پيچيده ڪمن ۾ ڪڏهن ڪڏهن غلطي ٿيو وڃي.“
لارنس، ڪرنل جي ڳالهه ٻڌي وراڻيو
” ائين ته ڪرنل صاحب برابر آهي. پر اِن سان اها ڳالهه ثابت ڪانه ٿي ٿئي ته جيوت جي پڪڙ، پنهنجن ماڻهن تي انتهائي مضبوط آهي. جو هُن جي انهي پڪڙ سمنگ سنگهه جهڙي شاطر ماڻهو کي به مُنجهائي وڌو آهي.“
ڪرنل ايونس، حيرت مان لارنس ڏانهن ڏسندي چيو
”ها واقعي! انهي ڳالهه ڏانهن ته منهنجو ڌيان ئي ڪو نه ويو. پوءِ ته هن جي حملي ڪرڻ واري اطلاع تي به وڌيڪ تحقيق ڪرڻ جي ضرورت آهي.“
لارنس، ڪرُسي ڇڪي، ٽيبل جي ڀر ۾ ويهندي چيو
”ڇا سمنگ سنگهه، اوهان کي جمعي جي ڏينهن تي حملي ڪرڻ جو پڪو اطلاع ڏنو آهي؟“
ڪرنل ايونس به پنهنجي ڪُرسي تي ويهندي چيو
”نه پڪو اطلاع ته ڪونه ڏنو هئائين، ها! پر ايترو ضرور چيائين ته هو ٻن ڏينهن اندر، جيوت وارن کي جبل جي محفوظ ٺڪاڻن مان ڪڍي ٻاهر ايندو، انهي ڪري حملي جي رٿابندي چئن ڏينهن کانپوءِ ڪرڻ جي ڪئي هُئي.“
لارنس، ٽيبل تي ٻانهون رکي، رازداري واري انداز ۾ وراڻيو
” انهي اطلاع کانپوءِ وري ڪو سمنگ جو نياپو مليو آهي؟ “
ڪرنل ايونس مختصرن چيو
”نه“
لارنس ٿڌو ساهه ڀري، ڪُرسي کي ٽيڪ ڏيندي چيو
”....ته پوءِ اُن جي ٻئي اطلاع جو انتظار ڪيو ۽ پوءِ ئي حملو ڪريو.“
ڪرنل ايونس بي چين ٿيندي چيو
” لارنس، ائين ته پوءِ دير ٿي ويندي. انهي دير ڪري، اڳيئي پاڻ تمام گهڻو نقصان کائي چُڪا آهيون. پاڻ ان حالت ۾ آهيون جو سمنگ سنگهه جي ٻئي اطلاع کانسواءِ به حملو ڪري سگهون ٿا.“
لارنس ڪرسي تان اُٿندي چيو
” ته پوءِ ڪرنل، انهي ڳالهه تي ضرور ويچار ڪر ته هوءِ بچاءُ واري حالت ۾ آهن. اسين ٻاهر ۽ هو جبل جي حفاظتي آڏ ۾ آهن. انهن ۾ سمنگ ڦوٽ وجهڻ ۾ به ناڪام ويو آهي. هي تر ، علائقا ۽ ان جا رهواسي به انهن جا پنهنجا آهن. هو جبل جي سڀني انگن ۽ آرن کان واقف آهن. ائين نه ٿئي جو پاڻ ٿورڙي نفعي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪنهن وڏي نقصان ۾ نه پئجي وڃون.“
لارنس جي ڳالهه ٻڌي، هيڪر ته ايونس سوچ ۾ ٻُڏي ويو، پر ڪجهه دير کانپوءِ وراڻيو
”حملو سڀاڻي ئي ڪنهن وقت ڪبو، باقي اڄ رات جو سمنگ سان رابطي جي ڪوشش ڪندس.“
لارنس، ڪمري کان ٻاهر ويندي وراڻيو
”جيئن تنهنجي مرضي ڪرنل.“
سج اُلهي چڪو هو، ايونس، لارنس جون ڳالهيون ٻڌي پريشان ٿي ويو هو، ان ڪري سمنگ سنگهه سان رابطي رکڻ واري ماڻهو کي گهُرائي ورتو.
”سمنگ سان رات جو ئي ملڻو آهي.“
ڪرنل ايونس، ٽيڪچند کي گهرائڻ جو سبب ٻڌايو.
ٽيڪچند فورن چيو
”سر، اهو ممڪن ڪونهي. اسين ان سان ڪو به رابطو نٿا ڪري سگهون. هو ئي اسان سان رابطو ڪري سگهي ٿو. “
ڪرنل ايونس پنهنجي ڪمري ۾ هيڏانهن هوڏانهن هلندي پنهنجي منهن چيو
” اڄ هُن کي اسان سان رابطو ڪرڻ گهرجي ها....................!“
وري ٽيڪچند ڏانهن مخاطب ٿيندي چيائين
”اُن سان ملڻ جا ڪا تدبير؟“
” سر! ڪا به نه “
ڪرنل ايونس ويتر پريشان ٿيندي وراڻيو
”پوءِ .....؟“
ٽيڪچند ڪجهه دير سوچيندي وراڻيو
”ها سر هڪ ڪم ٿي سگهي ٿو اسان ٻنهي جي رابطي رکڻ واري ماڻهو سان ملي سگهجي ٿو.“
ڪرنل ايونس جيڪو ڪُجهه دير اڳ مايوس ٿي چُڪو هو، سو اها ڳالهه ٻڌي فورن ٻاهر نڪري گهوڙي جي لغام ۾ هٿ وجهندي چيو
”هل، اُن سان هلي ملون.“
ٽيڪچند ڪجهه ڳالهائي ئي ڳالهائي، ڪرنل ايونس گهوڙي کي ڀڄائي اڳيان نڪري ويو، ٽيڪچند کي مجبورن گهوڙي تي چڙهي ڪرنل جي پويان وڃڻو پيو، ڪرنل ڪافي اڳيان نڪري ويو هو، ٽيڪچند گهوڙو ڊوڙائي ڊوڙائي مس وڃي ڪرنل ايونس وٽ پهتو. پهچڻ شرط چيائين
” پر، سر اوهان اُن سان ملي ڪونه سگهندؤ، جي هن اوهان کي مونسان گڏ ڏسي ورتو ته پوءِ هو اسان ٻنهي ۾ پُل وارو ڪم ڪونه ڪندو.“
ڪرنل ايونس وڏي اعتماد سان چيو
”ٺيڪ آهي. آئون ان سان ڪو نه ملندس. آئون ڪنهن مناسب جڳهه تي بيهي رهندس. تون حال احوال وٺي اچجان.“
رات پنهنجا پر مڪمل طرح پکيڙي چُڪي هئي، تازي تازي بارش پئجي وڃڻ ڪري، مٽي جي هٻڪار فضا ۾ پکڙيل هئي. موسم بدستور جهڙالي هُئي. جنهن ڪري رات جي اونداهي ويتر وڌيڪ هئي. جبل جي قدرتي ٺهيل جامن ۾ بارش جو صاف پاڻي بيٺل هو. ڪرنل ايونس ۽ ٽيڪچند جبل جو پاسو وٺي، جبل جي وڏي وَر کان مُڙيا ته ٽيڪچند ڪرنل ايونس کي اُتي بيهڻ جو اشارو ڪري، پاڻ سرپٽ گهوڙو ڊوڙائيندي اڳتي نڪري ويو ۽ پنجن ڪلاڪن کانپوءِ واپس وريو ته ڪرنل ايونس جو گهوڙو اُتي ئي بيٺو هو ۽ ٿورو پرڀرو جبل جي هڪ وڏي پٿر وٽ ڪرنل ايونس، اونڌي مُنهن ڪِريو پيو هو. ٽيڪچند ڊوڙي وڃي، ڪرنل ايونس وٽ پهتو، ڏٺائين ته هو مري چُڪو هو.
سانول وارا قيدي بڻجي، الائي ڪيڏانهن وڃي رهيا هئا. اها سانول وارن مان ڪنهن کي به خبر نه هئي، هنن کي هاڻي پنهنجو موت بلڪل سامهون نظر اچي رهيو هو.
”مذهبي عفريت نيٺ کٽي ويئي. نيٺ عوام جو استحصال ڪندڙ قوتون، پنهنجي پر ۾ ڪامياب ٿي ويون، پر اسان جيڪو ٻج انسانن جي ذهنن ۾ ڇَٽي آيا آهيون. انهن مان ڪي سِلا ڦُٽي نيٺ ته وڻ ٿيندا ۽ نيٺ ته عوامي راڄ ايندو.“
سانول جي ذهن ۾ اهڙي قسم جون ڳالهيون گردش ڪرڻ لڳيون هيون. هُن ذهني طور ڄڻ پنهنجو پاڻ کي موت لاءِ تيار ڪيو پئي. هلندي هلندي، هڪ جڳهه تي، هٿياربند بيهي رهيا ۽ ڪجهه عجيب قسم جي جانور جيان آواز ڪڍيائون. لالٽين جي انهي هلڪي روشني ۾ هڪ ڀيرو سانول هنن جا چهرا ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي پئي پر هُنن جا چهرا راجستاني اجرڪ سان ويڙهيل هئا. هنن وري به ساڳيو آواز ٽي ڀيرا ڪڍيو ته مٿان جبل جي هڪ وڏي پٿر وٽان ٻه ٽي همراهه ظاهر ٿيا ۽ آواز ڏيندڙ همراهه هنن کي ڏسي، سانول وارن کي ساڻ ڪري، هنن وٽ پهچي ويا. هنن مان هڪ همراهه بندوق جي نالي سان، هنن جا چهرا مٿي ڪندو ڏسندو ويو، جيڪي ڍگهي سفر ڪري، ٿڪل ۽ ڪمزور لڳي رهيا هئا. انهي همراهه، هنن کي هٿ جي اشاري سان هيٺ ويهڻ جو چئي پاڻ وري جبل ڏانهن نڪري ويو. عجب ته اهو هو جو هڪٻئي سان ڳالهائي ڪين نه رهيا هئا. ٻن ڪلاڪن جي موتمار خاموشي کان پوءِ ڪنهن جي هلڻ ۽ ڳالهائڻ جو آواز اچڻ لڳو. چند گهڙين کانپوءِ اهي همراهه هنن جي سامهون هئا.
”اڙي.........................سانول تون......!“
جيوت، سانول کي سامهون بيٺل ڏسي، حيرت ۽ خوشيءَ گاڏڙ لهجي ۾ چيو ۽ ڀاڪر پاتائين. جيڪي همراهه هنن کي جهلي آيا هئا سي به جيوت ۽ سانول کي حيرت مان ڏسي رهيا هئا. جيوت، سمنگ، هريش ۽ لعل محّمد وارا سانول وارن کي پنهنجي ٺڪاڻي تي وٺي آيا.
”موتي غدار ٿي نٿو سگهي. انهي ڳالهه تي جيوت آئون يقين نٿو ڪري سگهان. اهو ممڪن ئي ڪونهي.“
جيوت وارن سان حال احوال اورڻ کان پوءِ سانول جو اهو موتي واري ڳالهه تي پهريون ردِعمل هو.
سمنگ سنگهه سانول جي ڳالهه ٻڌي وراڻيو
”اسان پاڻ به اڃان تائين يقين نه پيا ڪري سگهون ته موتي ائين ڪري سگهي ٿو پر اسان جي هر حرڪت ۽ چُر پُر جي انگريز کي ڪو ته خبرچار پهچائيندو رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته اسان جي ۽ اسان جي ڇاپا مار ٽولين جي گهڻي تڻي معلومات موتيءَ کي معلوم هئي ۽ اسان سمجهون ٿا ته انگريز سرڪار کي اها معلومات موتي ئي پهچائيندو رهيو آهي. هاڻي ته اهو به خوف ورائي ويو آهي ته اسان جي هن خفيه ٺڪاڻي جي خبر به انگريز سرڪار کي هوندي. انهي ڪري اسين پاڻ انهي ڇڪتاڻ ۾ آهيون ته هتان کان نڪري ڪهڙي پاسي وڃون؟“
ڀڳڙي مل، سمنگ جي ڳالهه ٻڌي وراڻيو
”ٿي سگهي ٿو ادا، ماڻهو ۽ مُند کرئي جي سُڌ ڪونه ٿي پوي.“
جيوت وراڻيو
”سانول، آئون سمنگ جي ڳالهه سان متفق ڪونه آهيان ڇو ته ڪي ڳالهيون اهڙيون آهن، جن جي خبر صرف اسان چند ماڻهن کي ئي آهي پر اهي ڳالهيون انگريز سرڪار تائين پهچي ويون. انهي ڪري ئي منهنجو شڪ موتي ۾ پُختو ڪو نه ٿو بيهي.“
ڪرمچند، جيڪو هنن جون ڳالهيون ڪافي دير کان ٻڌي رهيو هو، تنهن چيو
” ادا جيوت، جي اها ڳالهه وزنائتي ۽ غور طلب آهي ته ڪو اهڙو ماڻهو، اوهان جي ٽولي ۾ آهي، جيڪو اوهان جي هر ڳالهه تي نظر رکندو پيو اچي پر اها ڳالهه به ذهن ۾ رکڻ گهُرجي ته ڪيتريون اهڙيون ڳالهيون آهن، جن جي خبر، چند ماڻهن کانسواءِ ٽولي جي ٻين ماڻهن کي نه هوندي. انهيءَ مان اندازو ائين ئي وڃي بيهي ٿو ته اهو مخبر ماڻهو به انهن چند ماڻهن مان ڪو هڪ هوندو.“
سمنگ سنگهه ڦڪي مُرڪ مُرڪندي وراڻيو
”بلڪل، پر اها خبر ڪيئن پوي ته اهو اسان مان ڪهڙو آهي؟“
ڪرمچند وراڻيو
” آسان آهي.................“
تنهن تي سانول ڪرمچند جي ڳالهه اڌ ۾ ڪٽيندي چيو ته
”ائين به ڪونهي، جيئن ڪرمچند چئي ٿو، اسان وٽ هر دوست ۽ ٽولي جو خاص ماڻهو آهي. تنهنڪري ڪي ڳالهيون ڀل اسان چند ماڻهو پاڻ ڪري، ڪو فيصلو لاهيون پر ان ڳالهه لاءِ اسان صفا رازداريءَ ڪو نه ٿا اپنايون. تنهن ڪري اسان وٽ هر دوست ٿوري يا گهڻي دير لاءِ ايندو ويندو رهي ٿو. تنهنڪري اسان ڪنهن تي به ڪو شڪ نٿو ڪري سگهون.“
جيوت اُٿندي چيو
” سانول، بلڪل ٺيڪ پيو چئي پر قسم هن پاڪ امڙ ڌرتيءَ جو ته جي اهو غدار مونکي ملي ٿو وڃي ته آئون ان جي ٻوٽي ٻوٽي ڪري، ڪانگن ۽ چٻن کي کارائي ڇڏيندس. ٽُوهه ۾ آئون به لڳو پيو آهيان ۽ اوهان به اچي ويا آهيو. هاڻي گڏجي ڪو بندوبست ڪنداسين.“
اهو چئي هو ٻاهر نڪري ويو. تيسين سانول وارن جي ماني پهچي ويئي. ماني کائي سانول وارا، آرام سان ليٽي پيا، ٿڪل هئا تنهن ڪري هنن کي ننڊ ورائي وئي.
موهن، پرتاب کان نڪري، سڌو راڌا وٽ پهتو، موتي جي بي قصور هُجڻ ۽ آزاديءَ واري اچي خوشخبري سُڻايائين ته راڌا به خوشيءَ وچان ٻهڪي اٿي. اڃان ڀائيٽي ۽ ڪاڪو خوشي ملهائن ۾ پورا هئا ته ٻاهران سڏ ٿيو، موهن ٻاهر نڪتو ته سامهون برهمڻ آباد ٿاڻي جو سپاهي رائيمل بيٺو هو. رائيمل، ڪاڪي موهن کي ڏسندي ئي وراڻيو.
”ڪاڪا، اوهان کي وڏي صاحب، ٿاڻي تي سڏايو آهي“
”مونکي “
رائيمل وراڻيو
”ها ڪاڪا، مونکي ته اوهان کي سڏڻ لاءِ ئي موڪليو اٿن“
موهن، رائيمل جي ڳالهه ٻُڌي پريشان ٿي ويو ۽ وراڻيو
” سڀ خير ته آهي نه !؟“
رائيمل، پنهنجي بندوق ڪُلهي تي سڌي ڪندي، اڻ ڄاڻائي ظاهر ڪندي وراڻيو
” الائي..........!“
موهن يڪدم وراڻيو
”الائي مان ڇا مطلب آهي؟!“
رائيمل پنهنجي ڳالهه جي وضاحت ڪندي وراڻيو
”ڪاڪا، مطلب ته مونکي ڪا به خبر ڪونهي، صاحب مونکي حُڪم ڏنو ته اوهان کي ٿاڻي تي وٺي اچان.“
موهن پريشاني ۽ فڪرمنديءَ واري حالت ۾ وراڻيو
” ترس، آئون ڇوڪريءَ کي ٻڌائي اچان.“
۽ اندر اچي راڌا سان ڳالهائي ئي ڳالهائي، اُن کان اڳ ۾ ئي راڌا وراڻي
”نه ڪاڪا، ڪو ضرور ڪونهي ٿاڻي تي وڃڻ جو“
”ڇو گهرايو اٿن ٿاڻي تي ؟“
راڌا، ڪاڪي موهن جي سامهون ايندي چيو
”اوهان کي به جهلي ٿاڻي تي ويهارڻ لاءِ، جيئن پنڊت نائومل آرام سان ويهي مندر سان مستيون ڪري.“
موهن اها ڳالهه ٻڌي ويتر پريشان ٿي ويو، وراڻيو
”پوءِ......................!؟“
راڌا، فيصلا ڪن لهجي ۾ چيو
”پوءِ ڇا؟ ٿاڻي تي وڃڻ جو ڪو ضرور ڪونهي، جيستائين ٿاڻي تي گهرائڻ جو سبب نٿا ٻڌائين.“
موهن، راڌا کي وراڻيو
”پر هن کي ته خبر ڪونهي.“
راڌا وراڻي
”ڪاڪا، چئوس، پنهنجي صاحب کان ٿاڻي گهرائڻ جو سبب پُڇي اچي.“
موهن، راڌا کي چتائي ڏسندي چيو
”مڃيندؤ!؟“
راڌا، شينهڻ جيئن وراڻي
”نه مڃيندؤ ته اوهان به ٿاڻي وڃڻ کان نابري واريو.“
موهن ۾ ڄڻ نئون اُتساهه پئجي ويو، موهن جيئن چونري کان ٻاهر نڪتو ته رائيمل چيو
”هلون ڪاڪا“
موهن هٿ جي اشاري سان هُن کي روڪيندي وراڻيو
”ابا، ائين بنا ڪنهن سبب جي آئون ٿاڻي تي ڪين هلندس، تون، صاحب کان پڇي اچ ته مونکي ٿاڻي تي ڇو گُهرايو آهي؟ “
رائيمل نماڻائي مان وراڻيو
”جيئن اوهان جي مرضي.“
۽ خالي واپس ٿاڻي ڏانهن روانو ٿي ويو
موهن ۽ راڌا هڪ ڀيرو وري ٻيهر پريشان ٿي ويا هئا ته موهن کي ٿاڻي تي ڇو گهُرايو اٿن؟ ڪجهه پل اڳ ۾ موتي جي خوشي، هينئر وري فڪرمندي ۾ تبديل ٿي وئي هئي. هنن جي ذهن ۾ بار بار جيڪو نالو تري ٿي آيو سو پنڊت نائومل جو هو. ڪٿي پنڊت نائومل ڪا نئين سٽ ته ڪو نه پيو سٽي. چوندا ڪونه آهن ته نانگ جو کاڌل، نوڙي کان به ڊڄي، سو موهن ۽ راڌا سان به اها ئي ڪار هُئي. هنن سان اوچتا اڳ ئي ويل وهيل هئا جو هُنن کي هاڻي پنهنجي پاڇي کان به ڀئو ٿي ٿيو.
موهن راڌا کي راءِ ڏيندي چيو
”امڙ، پاڻ ڇو نه سالڪ ۽ پرتاب وارن کي پاڻ وٽ سڏائي وٺون.“
راڌا، جيڪا صبح وارا ٿانءَ ڌوئي رکي چُڪي هئي ۽ گئو ماتا وارو کير، ڪاڙهڻ لاءِ چُلهه تي رکندي وراڻي
”نه ڪاڪا، هروڀرو هو پريشان ٿيندا. پاڻ پهرين اهو ڏسون ته ٿاڻي وارا، پاڻ کي چون ڇا ٿا؟!!“
موهن انديشو ظاهر ڪندي چيو
” ٿي سگهي ٿو هاڻي هو اٺ ڏهه ڄڻا سپاهي اچن ۽ مونکي کنڀي کڻي روانا ٿين ته پوءِ..................؟!“
راڌا، ٻوُهه جي ڪاٺين کي چُلهه ۾ سوريندي وراڻي
” نه ڪاڪا، ائين هو ڪو نه ڪندا. جي انهن کي ائين ڪرڻو هجي ها ته هو ماڻهو موڪلي، خبردار ڪرڻ وارو ڪم ڪونه ڪن ها. ڪا ته ڳالهه آهي ڪاڪا، بس ڏسون ته سپاهي واپس جواب کڻي اچي ٿو يا نه .!“
تيسين وري به ٻاهران سڏ ٿيو، موهن پنهنجو پوتڙو کڻي نڪري آيو، هينئر رائيمل سان گڏ ٻيو به سپاهي موجود هو، هٿ جي اشاري سان موهن جو تعارف ڪرائيندي چيو
” آچو............. اهو ئي ڪاڪو موهن اٿئي...“
خير و عافيت کان پوءِ آچو وراڻيو
” اوهان کي، سر لاپ سنگهه راٺي واري چوڪي تي گهُرايو آهي، جتي شايد اوهان جو ڇوڪرو موتي قيد آهي. شايد اُن متعلق اوهان سان ڪُجهه ڳالهائڻو اٿس.“