ناول

لال لھوءَ جي سرگم تي

سجاد اختر ٽالپر جهڙا لکاري تمام گهٽ آهن جن جي لکڻين جو مقصد ڌرتيءَ سان پيار ۽ مقصد سان انسيت آهي. ناول ”لال لهوءَ جي سرگم تي“ تي پڻ هڪ اهڙو شاهڪار ناول آهي جنهن جي سٽ سٽ ڌرتي سان پيار ۽ غلاميءَ سان نفرت سان ڀريل آهي. ناول جي وڏي ڪاميابي تسلسل ۽ روانيءَ جو نه ٽٽڻ آهي ۽ ڪهاڻي پڙهندڙ کي پاڻ سان گڏ کڻي هلي، سجاد اختر ٽالپر جي ناول ۾ اها خوبي موجود آهي ۽ ناول پڙهندڙ کي پاڻ سان گڏ کڻي هلي ٿو، ڪٿي به بوريت جو احساس ٿيڻ نه ٿو ڏئي، جڏهن ته ناول جي اهم ڳالهه منظر ڪشي آهي جيڪا پڻ هن ناول ۾ لاجواب ٿيل آهي.

Title Cover of book Laal Lahoo'a jy Sargam Ty

6

انهي ئي ڏينهن، جنهن ڏينهن سانول، وشني سان ملڻ لاءِ نڪتو هو، وشنو بـه پنهنجن ساٿين کي هن سڄي علائقي تي لکيل مُفصل رپورٽ پُهچائڻ لاءِ، برهمڻ آباد لاءِ نڪتو هو. رات سڄي سفر ڪرڻ کانپوءِ پرھ ڦٽي مهل، جبل جي چوٽي ٽپي جيئن هيٺ لٿو تـه هڪ همراه کي رت سان ڀريل ۽ بيهوش ڏٺائين وشني پنهنجي گڏھ تان لهي همراه جي نس تپاسيائين جيڪا اڃان هلندڙ هُئي، وشني پنهنجي ٽوال ڦاڙي، اُن مان ڊگهيون ڊگهيون ريڙون ٺاهي، همراه جي وڏن وڏن گهائُن کي قابو ڪري ٻڌو جتان اڃان تائين رت رسي رهيو هو ۽ اُتي ٻيو ڪو بـه سامان ڪونـه پيل هو ۽ نـه ئي سانول واري گڏھ اُتي بيٺل هُئي سانول جي اڳ جيان هيل بـه شايد قسمت زور هُئي جو وشنو بـه انهي ئي ڏينهن، انهي گس تان ئي پئي آيو، وشنو انهي همراه جي مرهم پٽي مان واندو ٿي ، اُن همراه جو مُنهن ڌوتائين ۽ پنهنجي گڏھ تي پاڻ سان گڏ سوگهو ڪري ٻڌائين ڇاڪاڻ تـه همراه اڃان تائين بيهوش هو ۽ گهڻي رت وهڻ ڪري ڪمزور بـه گهڻو هو، تيسين سج ڀي اُڀري آيو، سڄي ڏينهن جي سفر ۾ هلندي، هو ساهيون کائيندي ٿي ويو جيئن جيئن ڏينهن ٿي چڙهيو تيئن تيئن سج پنهنجي تپش تيز ڪندي ٿي ويو ۽ واري بـه ٽامڻي جيان تپندي ٿَي وئي، وشني واري گڏھ جي ڳچي ۽ پُٺي تان بـه پگهر وهڻ شروع ٿي ويو هو ۽ وشني بـه محسوس ڪيو تـه گڏھ ٿڪي پيو آهي، انهي ڪري وشنو ڪافي دير کان ، ڪنهن چڱيرڙي وڻ جي تلاش ۾ هو، هن کي ڪُجھ پنڌ کانپوءِ ٻـه ٽي روهيڙي جا وڻ نظر آيا، هي گڏھ ڪاهي اُن وڻ هيٺ وڃي بيٺو تـه هنن کي راحت ملي، سانول کي لاهي، ڪپڙو وڇائي اُن تي ليٽائي ڇڏيائين ۽ پاڻ بـه روهيڙي جي ٿُڙ کي ٽيڪ ڏيئي ويهي رهيو ، لُک هڪ تـه سخت گرم هُئي ٻيو وري واريءَ کي پئي گهوماٽيون ڏنائين، جنهن جي ڪري واريءَ جا ٻُڪن جا ٻُڪ هنن مٿان اچي ٿي ڪريا جنهن جي ڪري سانول جا ڦٽ پئي خراب ٿيا، ڪلاڪ ٻـه کن ساهي کڻي، وشني وري پنهنجي سفر جي روانگي جاري رکي، جنهن تيزي سان وشني هلڻ ٿَي چاهيو سو سانول جي ڪري هلي نـه پئي سگهيو، سانول کي اڃان تائين هوش ڪونـه آيو هو تنهنڪري سفر ۾ سانول سڄي گس وشني جي ٻانهُن ۾ جهولندو رهيو شام ڌاري وڃي وشنو برهمڻ آباد ۾ داخل ٿيو تـه سانول کي ائين زخمي ڏسي برهمڻ آباد جا ماڻهو وشني جي چوگِرد گڏ ٿي ويا.
” سانول ساڌو کي ڇا ٿيو آهي ....؟ “
” وڃ ......! ڪنهن ڏاڍو ماريو آهي ...؟ “
” الائي زنده بـه آهي يا ................“
” زخم تـه ڏسوس .... ، جن مان اڃان بـه رت پيو رَسي .... چـ چـ چـ چـ ........“
” سانول سان ڪنهنجي دُشمني ٿي سگهي ٿي ......!! ؟ “
” الائي ادا، انسان جا سوَ سڄڻ ، سوَ دُشمن ....... “
” سانول جهڙو شريف ماڻهو هن تر ۾ ڪو بـه ڪونهي ..... “
” ادا سانول تـه هروڀرو ڪنهن سان ڪينَ وڙهيو آهي پوءِ ............
” هي تـه پيار ڪندڙ ۽ سڀني جو خيرخواھ ............“
جيترا هُئا وات ، اوتريون هيون ڳالهيون... ٿوري دير ۾ جمعدار شيام ۽ ڪُجھ پوليس وارا اچي پُهتا، هجوم مان رستو ٺاهي اچي، وشني وٽ پُهتا، سانول جي اهڙي حالت ڏسي هڪ سپاهي هوٽل تان کٽ کڻائي اُن تي سانول کي سُمهاريو، سانول جي زخمي ٿيڻ جي خبر ڪنهن طوفاني واءُ جيان پوري برهمڻ آباد ۾ پکڙجي ويئي، موهن بـه سانول جي زخمي ٿيڻ جي جي خبر ٻُڌي تـه وٺي بدحواسي ۾ پنهنجو هٽ ائين کُليو ڇڏي ڀڳو ۽ هڪ ساهي ۾ اچي سانول وارن وٽ پُهتو، جمعدار شيام، وشني کان جاءِ واردات ۽ ٻي سڄي واقعي جا تفصيل وٺي لکندو پئي ويو، ايتري ۾ ڪو ڏائي ويد کي بـه وٺي آيو ، ڏائي پُهچڻ شرط سانول جي مرهم پٽي شروع ڪري ڏني .
موهن بـه وشني تي سوالن جي وٺ پڪڙ لائي ڏني ،
” اوهان کي ڪٿي مليو ....؟“
” اوهان اُتي ٻيو ڇا ڇا ڏٺو ....؟“
” مارڻ واري جي ڪا نشاني وغيره .....“
” گڏھ ۽ ٻيو سامان ڪٿي آهي .........؟“
وشني سڪون سان سڀني سوالن جا جواب ڏنا، آهستي آهستي رش بـه وڌندي ويئي تـه سپاهين دڙڪا داٻا ڏيئي پوري ميڙ کي ڇڙ وڇڙ ڪري ڇڏيو. ڪُجھ سانت ٿي تـه هڪٻئي جو ڳالهائڻ بـه ٻُڌڻ ۾ پئي آيو، ماڻهو ڇڙوڇڙ تـه ٿي ويا هُئا پر اڃان تائين ننڍن ننڍن ٽولن ۾ کُسر ڦُسر جاري هُين، سانول اڃان تائين کٽ تي بي سُڌ پيو هو ڏائي ويد، سانول جي ڦٽن تي ليپو ڪري ڇڏيو هو، پوليس بـه پنهنجي ضروري ڪارروائي ڪري هلي ويئي هُئي، موهن، سانول جي کٽ کڻائي گهر آيو ۽ وشني کي بـه ساڻ وٺي آيو هو.
موهن پنهنجي کٿي، سانول مٿان وجهندي چيو:ـ
” اصل ۾ سانول اوهان سان ئي ملڻ لاءِ ئي نڪتو هو، اڪيلي وڃڻ کان مون منع بـه ڪئي مانس پر توهان سان ملڻ جي اشتياق ۾ مُنهنجي ڳالھ ڪانـه ٻُڌائين ۽ اڪيلي سر نڪري ويو. ..............“
ڪاٺين کي ڦوڪ ڏيئي، باھ ٻاريائين ۽ اُن ۾ ڪوڪلن کي چاڙهي ڇڏيائين، انهيءَ ڪم مان واندو ٿي، پنهنجي ڳالھ کي اُتان کان ئي شروع ڪيائين، جتان ڇڏي هُئائين .
” ..............هن جي هميشه کان اها عادت رهي آهي تـه نون ماڻهن ۽ نون علمن سان گڏپ ڪجي، جيڪو بـه ڪتاب هٿ چڙهيس ٿو سو جيسيتائين پڙهي پورو نـه ڪندو تيسيتائين ماني بـه نـه کائيندو.“
” ڪاڪا....ڪاڪا ڇا ٿيو سانول کي ......ڪنهن ماريو آهي ......؟“
راڌا گهر ۾ گهڙيندي شرط سوال جڙي ڇڏيا پر پوءِ ڪنهن غير کي گهر ۾ ڏسي، هٻڪي پئي ۽ هڪدم ساڙهي جو گهونگهٽ ويتر هيٺ ڪري ڇڏيائين .
موهن ڪو جواب ڏي ئي ڏي، تيسين راڌا سانول جي کٽ جي ڀر ۾ پُهچي چُڪي هُئي ، جيڪو اڃان تائين کٽ تي بي سُڌ پيل هو، راڌا سانول جي اهڙي حالت ڏسي روئي پئي .
موهن راڌا جي مٿي تي هٿ رکندي چيو :ـ
” امان حوصلي کان ڪم وٺُ، اهڙا ڏينهن تـه مڙسن تي ايندا رهندا آهن، اڳ بـه توکي سانول اهڙي ئي حالت ۾ مليو هو ، پر سُرڳواسي همنيت ۽ تُنهنجي مُحبت ۽ خدمت هن کي اُٿي کڙو ڪرڻ جي قابل بڻائي ڇڏيو هو .......................“
پر راڌا اوڇنگار ڏيئي روئيندي رهي، موهن تـه الائي ڇا ڇا چوندو رهيو، تنهن جي راڌا کي ڪا ڪَل ئي ڪانـه هُئي ، بس هو ڪاڪي موهن جي ڇاتي سان لڳي روئيندي رهي ، ڪُجھ لمحا ائين ئي گُذري ويا، راڌا روئي جڏهن پنهنجي من جو بار هلڪو ڪري چُڪي تـه پوءِ موهن آيل مهمان جو تعارف ڪرائيندي چيو:ـ
” هي وشنو آهي ، جنهن سان ملڻ لاءِ پنهنجو سانول نڪتو هو ملڻ تـه ٺهيو پر امان قسمت ۾ ٻيو ڪُجھ لکيو هو، هي پنهنجو وشنو آڌي گام جي ڳوٺ ڀيرو جو تڙ ۾ درزڪو هٽ هلائي ٿو، ڀاءُ وشني پنهنجي سانول کي بچايو آهي ۽ هيءَ ايشور ديوتا جي داسي راڌا آهي .“
” نمستي ديدي “
وشني پنهنجا ٻئي هٿ نرڙ وٽ ٻڌندي چيو ۽ اچي راڌا جي مٿي تي هٿ رکيائين جيڪا اڃان بـه سُڏڪي رهي هُئي .
وشني چيو :ـ
” ڪاڪا عجيب اتفاق آهي جو آئون بـه انهي ڏينهن شهر ڪم سانگي نڪتو هُئس ، تنهنڪري ساڳيو گس هُئڻ ڪري سانول تي نظر پئجي ويم نـه تـه شايد سانول زنده پاڻ کي نـه ملي سگهي ها . “
موهن سانول ڏانهن نهاريندي چيو :ـ
” ادا ايشور جي ڪرپا اٿس ۽ ٻيون اٿس غريبن جون دُعائون نـه تـه هيسيتائين دُشمن ماري ختم ڪري ڇڏين ها . “
وشنو ، موهن جي انهي ڳالھ تي وراڻيو :ـ
” ڪاڪا ڀڳوان، پنهنجي هيڏي وڏي بادشاهي ۾ اهڙا ماڻهو ضرور پيدا ڪندو آهي ، جيڪي اُن جي پيدا ڪيل خلق سان حقيقي ۽ سچو پيار ڪري، سو سانول نـه رُڳو پنهنجن جو گهڻگهُرو آهي، هن علائقي ۽ تر جي ماڻهن جو هڏ ڏوکي ۽ همدرد آهي ، تنهنڪري ظاهر آهي تـه هزارين دليون سندس سلامتي لاءِ دُعاڳو رهنديون هونديون . “
ڪاڪي موهن ، ڪوڪلن ۾ ٿورو پاڻي وجهندي وراڻيو :ـ
”وشنا پُٽ، دُنيا هڪ مُسافر خانو آهي ۽ سانول بـه انهي مُسافر خاني جو هڪ اڻڄاڻ مُسافر آهي، جنهن جي پنهنجي ڪا منزل ڪونهي، تنهنڪري هي هتي هُتي ڀٽڪي پيو، ڪٿي نـه ڪٿي مارجي ويندو، هن کي هزار بار چيو اٿم تـه وڏن پيٽن وارن سان دُشمني نـه ڪر ، هنن مهاراج همنيت کي بـه انهي ڪري مارائي ڇڏيو پر ڇا ڪريون، هن جا آهن اوٺن تي اوتارا ۽ گهوڙن تي گهر، اڄ تـه ابا وشنا بچي ويو تـه سُڀاڻي مارجي ويندو . “
موهن ٿورو جذباتي ٿي ويو، نرڙ تي اُڀريل رڳ ڦڙڪا کائي رهي هُئي ، وشني ڏٺو پئي تـه ڪُجھ دير اڃان هتي ڪاڪو موهن ويٺو رهيو تـه يا تـه روئي ڏيندو يا مورڳو بيمار ٿي پوندو.
سو چيائين :ـ
” ڪاڪا پاڻ ڇو نـه ....، ڏائي ويد وٽ هلون ۽ سانول جي باري ۾ حالي احوالي ٿيونس، ادي سانول وٽ ويٺي آهي . “
موهن اها ڳالھ ٻُڌي تـه بنا ڪنهن دير جي پنهنجو پوتڙو کنيو ۽ وشني کي ٻانهُن مان جهلي ٻاهر نڪري ويو .
ڪارونجهر جي جهولي ۾ رُڳي پيچرا ئي پيچرا ٺهيل هُئا، جن تي ماڻهن جي اچ وڃ جاري رهندي هُئي، جبل جي ساڄي پاسي ساڙڌري چشمي جو پاڻي جمع ٿيل هو، ويدن ۽ مُسافرن لاءِ هي جاءِ راحت ڏيندڙ هُئي، هر ڪو هتي اچي ٿڪ ضرور ڀڃيندو هو.
يوسف، وشني کي پارٽي طرفان ڏنل نون حڪمن، هدايتن ۽ وشني کان علائقي ۾ ڪيل ڪم جي رپورٽ وٺڻ لاءِ اچي برهمڻ آباد پهتو هو، هو بـه انهي جاءِ تي ٻين ڪيترن مُسافرن جيان ساھ پٽڻ لاءِ پهتو هو انهي ئي جڳھ تي وشني سان بـه ملڻو هُئس پر وچ ۾ سانول واري اوچتي واقعي جي ڪري وشنو مقرر ڪيل جڳھ تي پُهچي نـه سگهيو هو، يوسف لاءِ هي علائقو صفا نئون هو، اڳ ڪڏهن بـه اهڙي وارياسي ۽ جابلو علائقي ۾ نـه ويو هو، انهي ڪري اُٺن جي مُسافت هڻي هڏ هڏ ٿڪائي ڇڏيا هُئس، ساڙڌري واري چشمي وٽ پُهچندي ئي، يوسف اُتي واريءَ تي ئي ليٽي پيو هو ۽ گڏوگڏ سخت پريشان هو تـه رابطي وارو ماڻهوءَ وشنو اُتي موجود ڪونـه هو .
گهوڙا، اُٺَ ۽ گڏھ بـه وڏي مُسافت کانپوءِ ٿڪ لاهڻ لاءِ جبل جي ڇانوَ ۾ ويٺا سستائي رهيا هُئا مُسافر ماڻهن ۽ ٻين واپارين بـه پنهنجو پنهنجو سامان لاهي، هڪڙي پاسي ۾ رکي رهيا هُئا ۽ پنهنجو پاڻ ۾ سڀ ڪچهري ڪرڻ ۾ مشغول هُئا، يوسف ڏاڍي حيرت سان انهن ڏٻرن، هيڻن ۽ ڪمزور ماڻهن کي ڏسي رهيو هو جيڪي هيڏي ڊگهي ۽ ٿڪائيندڙ مُسافت کانپوءِ بـه ڏاڍا چُست ۽ تيز پئي لڳا ڄڻ هڪڙي ڳوٺ کان ٻئي ڳوٺ آيا هُجن يوسف کي لطيف سائين جو بيت ياد اچي ويو تـه
مٿن ٽُٻڪ ٽُٻڪڙا ، چِڪندڙا اچن،
کوڙيون کَھَ ڀَڪليون، پگهر سر پيرن،
ايءَ وڙ ويڙهيچن، مون لوڏان ئي لکيا.
موهن ۽ وشنو جڏهن ڏائي ويد جي چونڪي (هڪ قسم جو ٿري چونرو) جي اوٽي ( ننڍو ٻنڃرو) تي پُهتا، تڏهن مس ڏائي جي نظر مٿن پئي، هو ڪايا جا ننڍا ننڍا ٽُڪر ڪٽي، اُنهن مان کير جهڙو اڇو رس ڪڍي مرتبان ۾ وجهي رهيو هو.
” اچو اچو........ مسهين مسهين موهن ڀاءُ مون مشڪين (مسڪين) جي چونڪي تي قدم ڌريو اٿوَ .“
ڏائي ٻنهي جو استقبال ڪندي چيو.
ڪاڪو موهن ڏائي جي ڀر ۾ ويهندي چيو :ـ
” ٻُڌ...... سانول جا ڦٽ گهيرا آهن، اهي ڪٿي خراب تـه ڪونـه ٿي ويندا ....!“
ڏائي ويد، پنهنجي قدرتي فرينچ ڪٽ ڏاڙهي تي هٿ ڦيري، باز جيان تيز نگاهن سان، وشني ڏانهن نهاريو، وشني کي ائين لڳو ڄڻ اهي نظرون سندس اندر تائين پيهي ويون هُجن.
ڏائي وراڻيو :ـ
” دُشمن تـه ڪا ڪسر ڪانـه ڇڏي هُئي پر ڀڳوان مڙئي ڀلي ڪئي، هاڻ ڏيڪرو (ڇوڪرو) ائين بچي ويو آهي جيئن ٻاجهر جو داڻو، جنڊ مان بچيو وڃي.“
وشني کي ڏائي جون نظرون ائين گهوري رهيون هيون، ڄڻ سانول کي گس تي وشني ئي ماريو هُجي
” مون سوچيو پئي تـه سانوڻي مٿان ڀري بيٺي آهي، متان سانول جي ڦٽن کي ڇُٽڻ ۾ دير لڳي ۽ پوءِ ڦٽ خراب ٿي نـه پون “
موهن ٿڌو ساھُ ڀري، پنهنجو خدشو ظاهر ڪندي چيو.
ڏائي، موهن جي ڳالھ کي نظرانداز ڪندي، پريان ايندڙ نينگري کي وراڻيو :ـ
” نانڪڙي (نينگري)، پنهنجي پون (ٻڪري) کي سريءَ (گهٽي) مان ڪڍ، متان ڪنهنجو نقصان نـه ڪري وجهي . “
نينگري ڏائي جي ڳالھ ٻُڌي، اوڏانهن ڊوڙي ويئي جيڏانهن ٻڪري ويئي هُئي، وشني ٻوھ جي وڍيل ننڍن ننڍن ٻوٽن ڏانهن اشارو ڪندي چيو :ـ
” هي ڇا ٺاهيو اٿئي ....؟ “
” هن جي توکي ڄاڻ نـه پوندي . “
ڏائو موٽ ۾ وراڻيو.
” پوءِ بـه ڪاڪا ..“
” انهيءَ ٻوھ جي وڍيل ٻوٽن ۾ گڊو (نانگ جو هڪ قسم) پنهنجو گهر ٺاهيندو، پوءِ اُن کي جهلي، اُن مان زهر ڪڍي دوا ٺاهيندُس .“
وشني حيرت وچان، پنهنجين اکين جا ڀرون مٿي ڪيا.
ڏائي کپ (هڪ قسم جو هٿراڌو ٺهيل واڻ) جي رسي کڻي، پنهنجي چونڪي جي دروازي کي ٻڌندي چيو:ـ
” ادا موهن، سانول کي ڪوڪلا (ٿر جي هڪ قسم جي ڀاڄي ) نـه کارائجو، اهي ڦٽن کي وڌيڪ خراب ڪري وجهندا . “
ڪاڪي موهن اُٿندي موٽ ۾ چيو :ـ
” اها خبر مون کي بـه آهي .....پر ٻيو ڇا نـه کارايونس ...؟ “
” گدرِي ۽ چڀڙ کان بـه پاسو ڪج، باقي مرهم جوڙيان پيو، اهو ڪنهن وقت اچي کڻي وڃجان ...“
موهن ڪُجھ پيسا ڪڍي، ڏائي جي هٿ ۾ رکيا، ڏائي پيسن کي ڏٺو تـه سندس اکين جي چمڪ وڌي ويئي پر ڪوڙي مُرڪ مُرڪندي وراڻيو :ـ
” هن جي ڪهڙي ضرورت هُئي .“
” هي منڪي (ڌيءَ) جي خرچي سمجھ .....“
” اها آهي تـه ڏاڍائي ...، پر خير .........“
وڌيڪ ڪُجھ چوڻ کان اڳ موهن ۽ وشنو روانا ٿي ويا.
يوسف اها رات ساڙڌري واري چشمي وٽ ئي گُذاري ۽ صبح جو وشني جي تلاش ۾ برهمڻ آباد جي ننڍڙي شهر ۾ نڪري پيو، شهر ڇا هو ائين کڻي چئجي تـ هڪ وسندڙ ڳوٺ هو يوسف پنهنجي پر ۾ هر ڪنهن هٽ ۽ چوئنري ۾ اک هڻندو ويو پئي پر وشنو ڪٿي بـه نظر ڪونـه آيس، برهمڻ آباد جي سرين (گهٽين) ۾ ڪُجھ هٽ ۽ ڪُجھ پٿرن سان اڌ گابريون ڪچيون جايون ته ڪي سڄيون پڪيون هيون، جيڪي ڪي تـه ٺَڪرن جون تـه ڪي واڻين جون هيون انهن جي ڇتين تي لهواري تي ٺِڪرن جا گلاس لڳل هُئا، جيئن مينهن جو پاڻي ڇت تي بيهي نـه رهي ۽ برهمڻ آباد جي ننڍي شهر مٿان، ڪارونجهر جبل ڪَر کنيو بيٺو هو، جبل جي هُئڻ ڪري، مينهن جي موسم ۾ ڪيترائي چشما، نيون، ننڍيون ننڍيون نديون وهي اينديون هيون جيڪي جبل مان ڪيترائي خوبصورت پٿر کڻي اينديون هيون جيڪي برهمڻ آباد جي آس پاس ڪيترائي ئي پئي رُليا، يوسف بـه گهُمندو گهُمندو، وشني کي ڳوليندو ڳوليندو، هڪ جڳھ تي ٻارن کي عجيب راند گابڙي ڪندي ڏسي بيھي رهيو ۽ راند ڏسڻ ۾ ايترو تـه محوَ ٿي ويو جو اوچتو ڪنهن اچي سندس ڪُلهي تي هٿ رکيو .
” يوسف ..“
تمام آهستگي سان وشني چيو.
يوسف ڇرڪ ڀري پويان ڪنڌ ورايو، وشني کي ڏسي شڪايت کڻي بيهي رهيو .
” اري وشنا يار، ڪٿي هُئين .... مون کي تـه تو صفا پريشان ڪري وڌو ..............“
وشني پنهنجن چپن تي اشهد جي آڱر ڏيئي، يوسف کي چُپ رهڻ جو چيو، يوسف کي بـه پنهنجي غلطي جو احساس ٿيو تـه هڪدم کڻي ماٺِ ڪيائين، وشني يوسف کي پنهنجي پويان اچڻ جو چئي، پاڻ اڳڀرو هلڻ لڳو، برهمڻ آباد جي گهٽين مان نڪري ٻاهر ڪارونجهر جي اُترئين ٽڪري ڏانهن هليو آيو ۽ هڪ ننڍي ڇپر نڪتل ٽڪري جي ڇانوَ هيٺيان بيٺو، جيڪا برهمڻ آباد کان تقريبن ميل کن جي فاصلي تي هُئي، انهي ٽڪري جي سامهون ڪارونجهر جي چوٽي ڏانهن آڏو ڦڏو هڪ پيچرو وڃي رهيو هو، جنهن تي جابجا ننڍا ننڍا پٿر ۽ ڪُجهـ سُڪل ۽ ڪُجھ سائو گاھ بيٺل هو، انهي پيچري کي ڏسي ائين پئي لڳو تـه انهي پيچري کي ڇڏيئي ڪيئي سال ٿي ويا آهن، انهي ٽڪري جي ڏاکڻي پاسي کان ڪارونجهر جي لسي ۽ چمڪندڙ لاهي هُئي جيئن ڪنهن ڪاريگر سوَن مزدورن جي مدد سان اُن کي ايڏو لسو، لاهوارو ۽ خوبصورت ٺاهيو هُجي، وشني ۽ يوسف کي پگهر تقريبن سڄو وهنجاري ڇڏيو هو.
” ڏي خبر، رات ڪٿي هُئين ....؟ “
وشني آڱر سان پنهنجي نرڙ جي پگهر کي اُگهيندي، يوسف کان پڇيو.
” رات اُتي ئي گُذاريم، جتي سڄو قافلو سُتل هو “
يوسف ، پنهنجي قميص جا بٽڻ کولي، پنهنجي ڇاتي ۽ پيٽ کي ڦوڪا ڏيندي وراڻيو.
وشني ڇپر هيٺ ويهندي چيو :ـ
” ڪنهن کي تو تي شڪ تـه ڪونـه پيو آهي نـه ...! “
يوسف ، وشني جي ڀر ۾ ويهندي چيو:ـ
” الائي .........پر هرو ڀرو مون تي ڪو شڪ ڇو تـه ڪندو ......... ! ؟ “
وشني، يوسف جي اکين ۾ اکيون وجهندي چيو :ـ
” يوسف ، تون پيو اها ڳالھ ڪرين جيڪو مُنهنجو سونهون ٿي رهيو آهين ۽ جڏهن تـه سياسي صورتحال اها آهي جو پاڇو، پاڇي کان پيو ڊپ ڪري، اُتي تون ائين پيو چوين ... حيرت آهي . “
يوسف تصديق لاءِ چيو:ـ
” تون ڇا ٿو سمجهين، مون تي ڪنهن کي شڪ پيو هوندو ڇا ......؟ “
وشني حتمي طور تي چيو:ـ
” مون کي شڪ نـه پر پڪ آهي ڇو تـه جنهن وقت تو مون کي ڳوليو پئي تـه هڪ ڪاريسرو همراه تُنهنجي پويان هو، مون توکي اڳ ۾ ئي ڳولي لڌو هو پر اهو ڪاريسرو همراه تُنهنجو پيڇو ئي نـه ڇڏي نيٺ ڪُجھ وقت لاءِ هو ڪيڏانهن گُم ٿي ويو تـه آئون توسان ملڻ لاءِ اچي ويس ۽ مون کي پڪ آهي تـه اها ڳالھ مُختيارڪار ڪشور تائين پُهچي چُڪي هوندي تـه هڪ اجنبي ماڻهو شهر ۾ هلندو وتي، هتي هاڻي ڪابـه ڳالھ نـه آهي ڪرڻي، جيڪا سڀني ساٿين لاءِ ڪو ڏچو بڻجي، تنهنڪري جيڪو ڪُجھ هُجنيئي تـه اُن کي هينئر جو هينئر هتي جو هتي ضايع ڪري ڇڏ . “
يوسف اڃان بـه وشني جي ڳالھ کي وزن نـه ڏيندي چيو :ـ
” تون هرو ڀرو پيو خوف ڏين، برهمڻ آباد ۾ تـه مُسافر ايندا رهندا هوندا، آئون ڪو پهريون مُسافر تـه نـه آهيان جو هو مون تي شڪ ڪندا “
وشنو ٿورو سخت لهجو استعمال ڪندي، يوسف کي حُڪم ڏنو .
” آئون حُڪم ٿو ڪريان تـه جيئن آئون چوان پيو تون ائين هينئر جو هينئر ڪر ! “
يوسف ٿوري گهڻي چئو چوان کانپوءِ پارٽي طرفان مليل سڀ ڪاغذ ساڙي ڇڏيا، انهي ڪم مان فارغ مس ٿيا تـه هنن جي اُڀرندي پاسي کان کُڙڪي جو آواز آيو، وشني جا ڪن کڙا ٿي ويا ۽ زور سان پُڇيائين :ـ
” ڪير آهي ....؟ “
وشني جو ايترو پُڇڻ ۽ ڪنهنجي ڀڄڻ جي قدمن جو آواز آيو، وشنو ٽپ ڏيئي، اُنهي طرف ڀڳو پر ڪابـه شيءِ نظر نـه آيس، وشنو فڪرمند ٿي ويو، هن کي جيڪو شڪ پيو هو سو هاڻ يقين ۾ بدلجي ويس .
” يوسف، بس هتان نڪرڻ جي ڪر، هاڻ ڪُجھ بـه ٿي سگهي ٿو .....“
يوسف به هاڻي سڄي ڳالهه کي سمجهي ويو هو. اهو ته شُڪر جو پارٽي جي هدايت وارا ڪاغذ، وشني ساڙائي ڇڏيا.
ٻئي واپس برهمڻ آباد ۾ هليا آيا ۽ سڌو موهن وارن جي گهر پهتا، جيڪو سانول کي هوش اچڻ کان پوءِ سانول کي ٻاجهر جي ماني، اڇ سان کارائي رهيو هو.
” نمستي ڪاڪا! “
” اوم...............! “ موهن، يوسف کي ڏسي، سلام اڌ ۾ رهائي ڇڏيو ۽ يوسف ڏانهن سواليه نگاهن سان ڏسڻ لڳو. سانول به اوپرن ماڻهن کي پنهنجي گهر ۾ ڏسي حيرت ۾ هو.
وشني، ٻنهي جي نگاهن جي سوال جو جواب ڏيندي چيو،
”ڪاڪا، هي هميرو هوٿار آهي، سنڌ کان آيو آهي“
سنڌ جي نالي وٺڻ سان ئي موهن جي هٿ مان اَڇُ جو گلاس ڪِري پيو، ڄڻ ڪنهن پٺي تي ڪماني وهائي ڪڍي هُجيس، موهن جي اها حالت ڏسي، هڪ ئي وقت ۾ وات مان لفظ ”ڪاڪا “ نڪري ويو.
موهن يوسف جي بلڪل ويجهو پهچي چڪو هو، يوسف جي دل اندران زور زور سان ڌڙڪڻ لڳي هئي، ويٺي ويٺي هن پوڙهي کي ڇا ٿي ويو آهي؟
” تو........................................تو.............................موهن جا لفظ، ڄڻ نڙي ۾ ئي اٽڪي پيا هُجن، تو مُنهنجي يار ..........مُنهنجي ڀاءُ احمد کي ڪٿي ڏٺو آهي؟ هو به..................... سنڌ ويو آهي........ ها ...............ابا مون پنهنجن هنن چنڊن هٿن سان، هتان بي يارو مددگار روانو ڪيو هو................هان...............ٻڌائي نه......... مُنهنجي احمد کي ڪٿي ڏٺو هُئي.............؟؟ “
يوسف، حيرت وچان، موهن کي ڏسِي، وشني کي ڏسي، موهن، يوسف جي گلي ۾ هٿ وجهي، زور زور سان جهٽڪا ڏيئي ور ور ساڳئي ڳالهه پئي پُڇي.
” هان.................. ٻڌائي نه.................. چُپ ڇو آهين..........؟ هوءَ خيريت سان آهي نه......... زينب..... مُنهنجي مِنڪِي (نينگري)............. هان .............ٻُڌائي نه.............. ڳالهائي نه.................. چُپ ڇو آهين.................؟؟ “
آهستي آهستي موهن جا هٿ يوسف جي گلي تان ڍر ا ٿيندا ويا ۽ اُن جڳهه تي اکين مان لُڙڪ لارون ڪري وهڻ لڳا، ٿوري دير ۾ موهن روئڻ ۾ اچي ڇُٽڪيو. وشنو ۽ يوسف حيرت سان ڪاڪي موهن ڏانهن نهاري رهيا هُئا جيڪو چوئنري جي ٿوڻي کي ٽيڪ ڏيئي روئي رهيو هو. سانول ڌيرج سان هنن کي ڪاڪي موهن جي سڄي ڳالهه ڪري ٻڌائي، تڏهن وڃي وشني ۽ يوسف جو تجسس ختم ٿيو.
گرمي جي شدت به هاڻ گهٽجڻ لڳي هئي، سج به ٿڪل پوڙهي جيان آهستي آهستي لَڪن ڏانهن رڙهندو ويو پئي. ڪشور جي سجايل ڊرائنگ روم ۾ ايسرو ويٺو هو جتي هڪ ڏٻرو پوڙهو، زور زور سان هٿ پکو هڻڻ لاءِ بغلون هڻي رهيو هو، جيئن آيل ماڻهو سندس شڪايت صاحب سان ڪري نه وجهي.
ڪشور، انگريزن وارو گاؤن پهري، ڊرائنگ روم ۾ آيو، جيڪو هلڪي بليو رنگ ۾ هو. اکيون ڳاڙهيون لال هئس شايد رات گهڻو شراب پي ويو هو، ڪشور بنا ڳالهائڻ جي ايسري کي گهوري ڏسڻ لڳو.
”سرڪار، ڪانگريس جو اهم ميمبر هارون سوڍي ٺڪر جي گهر ۾ لالو بجير جي ڳوٺ ۾ لڪو ويٺو آهي. “
ايسري تي جيڪو ڪم رکيو ويو هو، سو ايمانداري سان پورو ڪري آيو هو ۽ ڪانگريس جي روپوش اڳواڻ جي پڪي خبر ڪڍي آيو هو.
”صاحب، آئون وڃان..................................؟ “
سورنهن سالن جي ڇوڪري، اڌ وگابرا ڪپڙا پايو ڪشور جي بيڊ روم واري دروازي وٽ بيهندي چيو، ڪشور اُٿي ڪٻٽ مان ڪجهه پيسا ڪڍي اچي اُن جي هٿ تي رکيا ۽ ڀاڪر پائي، ڏهه پندرهن منٽ تائين چُميون ڏيندو رهيو، پوءِ وڃڻ واري دروازي تائين ڇڏي واپس آيو، ايسري ڏٺو ته ڇوڪري سڄي پگهريل هُئي، وار وکريل هُئس، جسم ۽ ڳلن تي چَڪنُ جا نشان به هئا، جنهن وقت ڪشور ، ڇوڪري کي دروازي تي ڇڏڻ ويو پئي ته ايسري به هوَس ڀريل نگاهن سان ڇوڪري کي ڏٺو پئي، ڪشور جهُومندو اچي ساڳي صوفي تي ويهندي چيو. ” ها تو ڇا پيئي چيو؟ “
هُن اهڙي انداز سان پُڇيو، ڄڻ هيستائين ايسري رُڳو بڪواس پيئي ڪئي، ايسري وري، سڄي ڳالهه سربستي ڪري ٻُڌائي. ڪشور ساڳي بي نيازي سان چيو ته
” ٺيڪ آهي، ٺيڪ آهي. “
ايسري داد طلب نگاهن سان ڪشور ڏانهن نهاريو.
ڪشور اُٿندي چيو
”بس نـه، هاڻي هل هتان، مون کي آرام ڪرڻو آهي.“
ائين چئي، ايسري جي دل تي ڄڻ ڇُرو وهائي ڪڍيو هُئائين، مُئل آواز سان وراڻيو
” جي سرڪار.“
۽ ٿڪل ٿڪل قدمن سان ڪشور جي عاليشان بنگلي مان ٻاهر نڪري ويو.
صبحُ، اڃا پکين به تنوار نه ڪئي هُئي جو موهن واري چؤنري اندر سي آءِ ڊي جا سپاهي اوچتو اندر گهڙي آيا ۽ ايندي شرط سُتلن مٿان کان اوڙهيل اوڍلن کي ڇڪي لاهي پري اڇلائيندي ٿي ويا، پر هُنن کي وشنو ۽ يوسف هٿ نه آيا، سانول اڳيئي زخمي مٿان انهي گوڙ ڪري ٽپ ڏيئي اُٿيو ته ڪچي ڪڙي چڙهيل ڦٽن مان رت رَسڻ لڳو ۽ پيڙا جون شديد سٽُون اُڀري پيس، سي آءِ ڊي جي هڪ آفيسر ڪڙڪيدار آواز ۾ موهن کان پڇيو.
“ڪٿي آهن وشنو هَئي ۽ هميرو هوٿار؟”
موهن وڏي اعتماد سان وراڻيو
”هو اسان کان رات ئي هليا ويا هئا “
” ڪيڏانهن؟ “
” خبر ناهي “
خبر ناهي چوڻ سان گڏ هڪ زوردار ٿڦڙ، موهن جي ڳل تي ٺڪاءُ ٿي ويو، موهن جي ڏندن مان رت نڪري آيو.
”سڌي طريقي سان ٻڌاءِ ته ڪٿي آهن؟ “
موهن پنهنجي ٻانهن سان رت اُگهندي چيو“
”چيم نه ، ته مون کي خبر نه آهي“
سي آءِ ڊي جو اهو آفيسر، چند گهڙيون موهن کي کائي وڃڻ وارين نگاهن سان ڏسندو رهيو ۽ پوءِ ڪاوڙ ۾ ڏند ڪُرٽيندي چيو
” آئون چوائين ٿو ته ٻُڌائي ڇڏ. اُنهي ۾ تُنهنجو ئي فائدو آهي.“
موهن بدستور ساڳئي پُراعتماد لهجي سان وراڻيو
” چيم نه..........! مون کي ڪابه ڄاڻ نه آهي، هُن سانول کي بچايو هو، اُنهي ڪري ڪُجهه گهڙيون مون وٽ هو، مهمان آيس ته اُن سان گڏ الائي ڪيڏانهن نڪري ويو.“
نيٺ سانول کان صبر ڪو نه ٿيو، تنهن چيوـــ
” هڪ ڀيرو نه، چار ڀيرا ٻڌايو آهي ته اسان کي خبر ناهي، ته پوءِ اها ڪهڙي شرافت آهي ته.....................................“
بندوق جو بٽ، ٺڪاءُ مُنهن تي ٿي ويس، ڌڪ لڳڻ سان سانول کٽ تي اونڌي مُنهن ٿي ڪري پيو ۽ ڪُجهه لمحن کان پوءِ سي آءِ ڊي وارا ٻاهر نڪري ويا ۽ ڪڪڙ جي ٻانگ جو آواز گُونجيو، سج شرميلي ڪنوار جيان پنهنجي ڳاڙهاڻ سان آهستي آهستي نڪرڻ شروع ٿيو هو.
راڌا، ڪپڙي جي ٽڪريءَ سان، سانول جو رت هاڻو مُنهن اُگهيو، جيڪو بٽ لڳڻ ڪري ڦٽجي پيو هو.
موهن سنجيدگيءَ سان چيو
” لڳي ٿو ته وشنو، ڪو ڪانگريسي آهي ! “
راڌا وراڻي
”پر ڪاڪا! ڪانگريسي ٿيڻ ڪو ڏوهه ته ڪونهي نه! ۽ جڏهن هُو هتي نه هُئا ته هنن اسان سان ناحق ڇو ڪيو؟ “
سانول، جيڪو ڪنهن گهري سوچ ۾ هو، تنهن چيو.

” ڪاڪا! ڪانگريس جي ايڏي ڇتي پُڇا ڇو ڪندا؟ هُو ته هُنن کي سڪون سان گرفتار ڪري سگهن ٿا، هو پنهنجو نهالچند ڪانگريسي ۽ اُن جا هڙئي دوست گرفتار ڪيون ته اُتي ته اهڙي ڪا به ڳالهه ڪين نه ٿي.“
موهن پنهنجي ڏاڙهي کي کنيندي وراڻيوـــ
” پوءِ........!! تُنهنجو ڇا خيال آهي؟ “
سانول وراڻيوـــ
” مُنهنجي ذهن ۾ به اوهان جيان مونجهارو آهي ته وشني ۾ اهڙي ڪهڙي خاص ڳالهه آهي، جو سي آءِ ڊي وارا ائين ڇتا ٿيو پيا گهُمن..!! “
اُنهي سوال جو ٽنهي وٽ ڪو به جواب ڪونه هو، راڌا، دوا دارون جو سامان سميٽي کڻي چونئري ۾ هلي ويئي، پر ويندي چوندي ويئي ته
” ڪُجهه ڪونهي، مڙيئي غريب ماڻهن کي آهي تنگ ڪرڻو ۽ پنهنجو ڌاڪو ڄمائڻو................ بس.........!! “
سانول، اوٽي تي ٺهيل ڇپر تي ويٺو هو ۽ ڪاڪو موهن به سانول جي کٽ جي لڳو لڳ، پيڍلي تي ويهي رسو وٽي رهيو هو. سانول، راڌا جي ڳالهه ٻُڌي مُرڪي پيو ۽ چيائين
” راڌا !، توهان ڪڏهن کان اهڙين ڳالهين ۾ دلچسپي وٺڻ شروع ڪيئي اٿوَ ؟ “
راڌا، چونئري جي اندران ئي چيوــ
” جڏهن کان ماڻهن، انياءَ کي پنهنجو ڌرم بڻائي ڇڏيو آهي. “
ڪاڪي موهن چيوـــ
”سانول، راڌا هاڻ اڳئين جهڙي نه رهي آهي، هاڻي ته پاٺ شالا ۾ پڙهائي ٿي ۽ گهڻيون ڳالهيون چڱيءَ طرح سمجهي ٿي. “
سانول، وري وشني واري موضوع تي ايندي چيو ـــ
” ڪاڪا، وشني جي ڳالهين ۾ ڪيڏي نه پُختگي ۽ خود اعتمادي هُئي، اها ڳالهه نوٽ ڪرائي ٿي ته وشنو ڪا معمولي شخصيت نه آهي.“
موهن کلندي چيو ـــ
” توکي ته هونئن ئي وهم ٿي ويو آهي، هر ڳالهه ۾ پيو پنهنجا انومان ڪڍين. “
راڌا، چونئري مان ٻاهر نڪرندي چيو ـــ
” ڪاڪا، سانول اڄ تائين جيڪي انومان ڪڍيا آهن، سي ڪڏهن به غلط ڪو نه نڪتا آهن. “
موهن پيار وچان راڌا ڏانهن نهاريندي چيوـــ
” نانڪڙي، ڳالهه تو واري ۾ وزن آهي“
سانول وراڻيو،
” ڪاڪا، اهو ماڻهو دوستي رکڻ جي لائق آهي، خيالن ۽ سوچن ۾ پنهنجي ٻاري جو ماڻهو ٿو لڳي، هاڻ ته.............................“
موهن سانول، جي ڳالهه اڌ مان ڪٽيندي چيو
”جي وشنو، ابا سي آءِ ڊي وارن کان بچي ته نه.....! سي آءِ ڊي وارا جنهن تي اک رکن سو بچي، ممڪن ئي ڪونهي..............!“
سانول، موهن جي ڳالهه دل ڏانهن ڪوبه ڌيان نه ڌري رهيو هو، هو ته خيالن ئي خيالن ۾ وشني سان ملڻ جون تدبيرون سوچڻ ۾ لڳي ويو هو.
سي آءِ ڊي واري ڇاپي کان پوءِ برهمڻ آباد ۾ وشني خلاف ڪيتريون ئي ڳالهيون ٿيڻ لڳيون هيون، سي آءِ ڊي وارن يوسف ۽ وشني کي انهي ڏينهن آڌيگام وٽ گرفتار ڪري ورتو هو. وشني جي گرفتاري تي هر ڪنهن جا پنهنجا پنهنجا رايا هئا پر ڳوٺ وارن الڳ پنهنجو ميڙاڪو ڪوٺايو هو.
” سي آءِ ڊي وارن پنهنجي نينگر کي ناحق پڪڙيو آهي ۽ جي اها حالت رهي ته سُڀاڻي پنهنجي ڳوٺ تي به هلان ڪندي دير ڪونه ڪندا. انهي ڳالهه تي ماٺ ڪري ويهڻ سٺو شگون نه آهي.“
ڪاڪي والجي، پنهنجي سوچ ۽ سمجهه آهر ڳالهه ڪئي، پرڀو جيڪو ٿورو پرڀرو ويٺو هو، پنهنجي آڱر کي پٽي ٻڌي رهيو هو، تنهن چيوــ
” پر خبر ته پيئي ته آخر وشني جو ڪهڙو ڏوهه آهي، جو ائين بيدردي سان پڪڙي کڻي ويا آهن، نه هو لوفر آهي ۽ نه ئي ڪو ڪانگريسي يا ٻئي ڪنهن سان آهي.“
واگهو، پرڀو ۽ والجي جي ڳالهه جي موٽ ۾ چيو ـــ
” اوهان ڇا ٿا سمجهو، ڪي سي آءِ ڊي وارا چريا آهن، جو وشني کي بس ائين ئي پڪڙي ويا آهن، ڪا ته ڳالهه ضرور آهي نه “
سونو، واگهي جي ڳالهه جي تائيد ڪندي چيو ته
” ها، ها، واگهو صحيح ٿو چئي، ناحق ڪير ڪنهن کي ڇو ٻَڌيندو؟ “
والجي، سوني جي ڳالهه ٻڌي تپي باهه ٿيندي وراڻيوــ
” ڇو ٻڌيندو.......هونُ......... هو ويچارو اڳي ئي فسادن مان لُٽجي ڦُرجي، هتي پناهه وٺڻ لاءِ آيو ته اِتي ڀي هي گورن جا چمچا، ويچارن کي سُک جو ساهه نٿا کڻڻ ڏين، اهو ته ميگها ڀاءُ ناحقي آهي نه! “
ميگهو، شايد ڪنهن ٻئي خيال ۾ ٻُڏل هو، سو ڪاڪي والجي جي ڳالهه جو ڪو به جواب ڪونه ڏنائين.
هنن ڏٻرن جسمن مٿان هٿ بتي پنهنجي قوت آهر روشني پکيڙي رهي هئي. سومجي، پنهنجي اوزارن کي هڪ پاسي ڪري خلاصو ٿي ويهندي چيو ته
” ڪجهه به آهي، پر وشني کي گرفتار ڪري گورن چڱو نه ڪيو آهي، اڳي ئي نهالچند واري ڳالهه ٿڌي ڪو نه ٿي آهي. مٿان وري هي رينگٽ، اهڙي ناحقي ۾ جيئڻ جو ڪهڙو فائدو؟ “
والجي، سومجي واري ساڳئي ڳالهه ۾ وڌاءُ ڪندي وراڻيو ـــ
” ائين جي ڪندا رهيا ته پوءِ ابا پنهنجو به جيئڻ حرام ڪري ڇڏيندا. “
ڪجهه دير لاءِ خاموشي ڇائنجي ويئي، سڀني جي چهري تي پريشان پئي بکي.
پرڀو وراڻيو
” پوءِ ڇا ڪجي..................؟؟؟ “
انهيءَ سوال سڀني کي مُنجهائي وڌو، هر ڪو هڪ ٻئي ڏانهن ڏسڻ لڳو، ميگهو جيڪو هيتري دير خاموش ويٺو هو، تنهن چيو ـــ
”وشني جي مدد ڪجي.“
مختصر پر سڀني جي دل وٽان جواب هو
سومجي ٿورو اڳيان وڌندي چيو
” ڪاڪي، موهن ۽ سانول سنٿ سان مشورو ڪجي“
سڀني جي چهري تي مُرڪ ڇانئجي ويئي، ڄڻ ڪي وڏو ڪو بار مٿي تان لهي ويو هُجين.
سوني، ڪُجهه سوچي پُڇيو.
” ڪاڪي، موهن ۽ سانول سان ڪير ملندو؟؟ “
سڀ حيرت مان اوڏانهن نهارڻ لڳا، جتان کان سوال آيو هو، ميگهي، هڪ هڪ ڪري سڀني ڏي ڏٺو ۽ ڪُجهه دير خاموش رهڻ کانپوءِ چيائين:
”پرڀو ۽ آئون.........!!“
والجي انومان ڪڍندي چيو
”جي، جواب ڏيئي ڇڏيائون ته......“
سومجي هڪ دم وراڻيوــــ
” جواب ڇو ڏيندا ؟؟ “
ميگهي، سومجي جي ڪلهي تي هٿ رکي ماٺ رهڻ جو اشارو ڪيو، چيائين ته
” مُنهنجي خيال ۾ هو پاڻ کي انهي ڪم لاءِ جواب ڪو نه ڏيندا، هونئن به هو ڪنهن کي به ڪنهن به ڪم جو جواب ڪو نه ڏيندا آهن ته پوءِ پاڻ کي ڇو جواب ڏيندا ؟؟ “
سوني وراڻيو ــــ
” پوءِ، صبح سويرو ئي نڪري ويندؤ ڇا ؟؟ “
ميگهي وراڻيو
” ها ! “
انهيءَ بحث کان پوءِ نڪتل نتيجي سبب، سڀني جي چهري تي اطمينان جي لهر گردش ڪرڻ لڳي.
”ڌپ.................ڌپ.......................ضرب..............شڙپ.................ٺا........... ڌپ...............“ سچوپترن ۽ ڪنداقن جو آواز، هات ناڪي جي قدرتي ديوارن سان ٽڪرائي، فضا ۾ گونجي ٿي ويو، وشني جي جسم مان جا بجا رت وهيو پئي، اکين وٽان ڳل جي چمڙي ڦاٽي پئي هُئي ۽ سڄو جسم پگهر سان شرابور هو، هر ڌڪ کان پوءِ آواز گُونجيو ٿي.
” تون ڪير آهين؟ تُنهنجو ڪميونسٽن سان ڪهڙو تعلق آهي؟ “
هر ڌڪ ۽ سوال کان پوءِ وشني جو اهو ئي جواب هو ته
” مُنهنجو ڪميونسٽن سان ڪوبه تعلق ڪونهي “
پر انگريز عملدار جو مسلسل اهو ئي اسرار هو ته هي ڪميونسٽ آهي ۽ راڄ جنتا هلچل جو ميمبر آهي ديسي سپاهي، پنهنجي آقا کي قابليت ڏيکارڻ خاطر وشني کي پهرين کان به وڌيڪ ماريو ٿي. اهو سلسلو ڪافي دير هلندو رهيو، انگريز عملدار جي انهي ڪوشش مان ڪو کـڙ تيل نه نڪتو، وشني کي هات نڪي مان ڪڍي، فوجي نموني جي ٿري گاڏي تي ويهاري واپس جيل خاني کڻي آيا. جتي يوسف ڀي قيد هو، جنهن گوڙ ۽ گهمسان جي آواز سان ئي ڄاتو ٿي ته سي آءِ ڊي وارا اچن پيا، جيڪي يا ته هن کي وٺڻ پيا اچن يا وشني کي واپس وٺي آيا آهن. ڪجهه ئي دير ۾ ماٺار ٿي وئي، يوسف کي پڪ ٿي وئي ته هو وشني کي وٺي آيا آهن ۽ هاڻ ڪئين به ڪري وشني جي حال احوال کان واقف ٿجي پر ڪو ذريعو نظر نه پئي آيس ته پيٽ جي سور جو بهانو ٺاهي، لوهي دروازي کي زور زور سان وڄائڻ لڳو، دروازي جو آواز ٻُڌي، سنتري ڊوڙندا آيا ۽ دروازو کولي، بنا پُڇا جي يوسف کي بندوق جي ڪنڌاقن سان کڻي ڇڏيون. يوسف کي ڌڪ هڻي هڻي بي ستو ڪري ڪيرائي وڌائون. يوسف پيٽ جي سور جون دانهون ڪندو رهيو پر سنترين جي ڪنن ۾ ڄڻ ڪپهه پيل هُئي. جڏهن يوسف صفا نستو ٿي ڪري پيو ته سنتري ڪڙڪيدار آواز ۾ چيو
” هي ڪا پڻهين جي ماڙي ڪونهي ۽ نه ئي اسين تُنهنجي ابي جا نوڪر آهيون، هاڻ آواز آيو ته اصل ساهه نپوڙي ڇڏينداسين“
۽ زور سان کولي جو دروازو بند ڪري هليا ويا، جيل خاني ۾ جيڪي قيدي هئا، تن تي هنن رڙين ۽ ڪنڌاقن جي آوازن جو ڪو به اثر نه وڌو هو، ڄڻ اهو ڪو معمول جو عمل هُجي، ڪجهه دير کان پوءِ جيل خانو ساڳئي سڪونت ۾ اچي ويو، جهڙو انهي مار کان پهرين هو، وشنو، بي سُڌ، بيهوش پيو هو، سندس زخمن مان رت رسي رهيو هو.
پرڀو ۽ ميگهو، اسر ويل ئي موهن ۽ سانول ڏانهن نڪري ويا هئا، هنن چاهيو ٿي ته هو ٻئي ڏينهن ٽاڪ منجهند کان اڳ برهمڻ آباد پهچي وڃن، ٿري وک هوندي سوندي به ڀٽن جون لاهين چاڙهين، هوا جي تِک جي ڪري هي ٻئي ڄڻا ٽاڪ منجهند کان پوءِ ئي برهمڻ آباد اندر گهڙي سگهيا. انهي ساري سفر ۾ هو خاموش ئي رهيا هئا، شايد هنن مسئلي جي ڳنڀيرتا کي ڄاتو ٿي، جڏهن هو موهن واري هٽ تي پهتا ته اهو بند پيو. پرڀو ميگهي ڏانهن ۽ ميگهي پرڀو ڏانهن معنيٰ خيز نگاهن سان ڏٺو، پريان هڪ پوڙهو بيٺو هو، تنهن کان، موهن وارن جي پڇا ڪيائون.
” هو هتي ٻه ٽي ڏينهن ٿيا آهن جو ڪو نه آيا آهن، سانول کي ڌڪ لڳا آهن، تيئن هو گهر ئي رهن ٿا. “
پوڙهي ٿوري وضاحت سان هنن کي چيو، پرڀو چيو
” گهر ڪٿي آهي.....؟ “
پوڙهي، پنهنجي پُٺيان اچڻ جو اشارو ڪري پاڻ اڳتي روانو ٿي ويو، هي ٻئي به بنا تامل، هُن جي پٺيان هلڻ لڳا، هو ڪُجهه ويڙهن ۽ پيچرن کان گُذري، موهن واري گهر تائين پُهتا، سونهين گهر ڏانهن اشارو ڪيو، پاڻ اڳتي روانو ٿي ويو، دورازي کي وڄائڻ لاءِ پرڀو، هٿ وڌايو ئي مس هو ته راڌا دروازو کولي ڇڏيو. راڌا پرڀو کي ائين دروازي ڏانهن وڌيندي ڏٺو ته رڙ ڪري، اندر ڀڳي، ڪاڪي موهن به هڪدم ڪُهاڙي کنئي ۽ دروازي ڏانهن هڪل ڪري وڌيو.ڪاڪي موهن کي، پاڻ ڏانهن لوٰءِ ڪري وڌيندي ڏٺو ته ميگهي رڙ ڪري چيو
” ڪاڪا، پنهنجا آهيون پنهنجا، هٿ جهلجين.“
ڪاڪي موهن اها رڙ ٻُڌي ڪهاڙي ڦٽي ڪندي چيو
” ايشور ڪرپا ڪئي جو بچي ويا نه ته ڪُجهه به ٿي سگهيو ٿي.“
پرڀو، هٿ ٻڌندي چيوــ
” ڪاڪا! مورڳو ماريو هُيئي، چڱو ٿيو جو ميگهي رڙ ڪئي، نه ته اڄ اسان وارا ڪم پورا هئا. “
موهن ڪم جي ڳالهه تي ايندي چيو
” ڏيو خبر، ڪير مُڙس آهيو، ڪيئن پنڌ پيا آهيو ؟ “
پرڀو، پن جي ٻيڙي دُکائيندي چيو
” ڪاڪا! خير ڪٿي آهي؟ سي آءِ ڊي وارا وشني کي ناحق کنڀي پاڻ سان گڏ کڻي ويا آهن، هاڻي خبر ڪانهي ڪٿي رکيو اٿن!؟ “
سانول، وشني جي باري ۾ اهڙي ڳالهه ٻڌي ته اندران ئي رڙ ڪري چيائين: ـــ
” ڪاڪا! مزمانن کي اندر وٺي اچ.“
ميگهي، اندران آواز تي موهن کان پُڇيو
” اهو پنهنجو سانول آهي نه !؟ “
موهن ڪنڌ سان هائوڪار ڪئي، ٽيئي ڄڻا اندر هليا آيا، سانول اوٽي وٽ کٽ تي، ڀت کي ٽيڪ ڏيو ويٺو هو.
تنهن وڌيڪ چيو ــ
”ها، هاڻي سربستي ڳالهه ڪر.“
” ادا رات آخري پهرن ۾ هئي، هڪ اڌ وهٽ نه هو پر پنجاهي وهٽن جي هئي، هڪڙي موٽر به هئي، گوڙ تي سڄي ڳوٺ جي اکُ کُلي ويئي، پر ڪير ڪُڇي؟ هُنن ايندي ئي، وشني جي چوئنري جي تلاشي وٺڻ شروع ڪئي ۽ اهڙِي ته بيدردي سان سامان پئي اُڇلايون ڄڻ ڪو بم ڳوليندا هُجن. اسان سڀئي بيوس نظرن سان ڏسندا رهياسين. تيسين ٻيون ٻه ٽي گاڏيون به اُتي پُهچي ويون جن ۾ وشني ۽ هن جي مزمان کي ٻڌي کڻي آيا هُئا . انهن کي گرفتار ڏسي اسان جو ته هانءُ ئي ڊهي پيو، سي آءِ ڊي وارا اسان کان پُڇي بغير ٻنهي کي کڻي روانا ٿي ويا ۽ اسين بس ڏسندا رهياسين.“
سانول وچ ۾ پُڇيوــ
” اوهان کان ڪُجهه ڪونه پڇيائون؟ “
پرڀو وراڻيوــ
” نه ڪو! “
پرڀو، ساڳي ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي چيو
”پوءِ صبح، اسان سڀ گڏياسين ۽ رٿ رٿيسين ته اوهان کان صلاح ۽ مدد وٺجي ته وشني جي انهي ناحقي سزا مان ڪيئن جان ڇڏايون؟ اڄ وشني سان ائين ٿيو آهي سڀاڻ اسان مان به ٻئي ڪنهن سان ائين ٿي سگهي ٿو.“