11
شارڌا، موهن ۽ راڌا کي نه ”ها“ جو جواب ڏنو نه ئي وري ”نه“ جو. هوءَ موهن وارن کان هلي ته آئي هئي پر اڃان تائين ذهني ڇڪتاڻ جو شڪار هُئي.
هوڏانهن ڪارو ۽ سترام وارا، پنڊت نائومل ڏانهن نڪرڻ جي تياري ۾ هئا. هُنن سوچيو ته مانجهاندو ڪري ڏينهن ٺاري نڪري ويندا. شارڌا معمول جيان هنن جي ڪمرن ۾ ماني پهچائڻ ويئي ته هُنن جي چهرن تي اطمينان جو رنگ ڏسي، حيران ٿي وئي ته رات ته هنن جو پريشاني ۾ هڪڙو پگهر سُڪو نه ٿي ته ٻيو شروع ٿي ويو ٿي ۽ رات پيٽ ۾ اهڙو ڪهڙو چمتڪار ٿي ويو جو هي ايڏي اطمينان سان ويٺا آهن. ڪٿي هنن کي سانول جو ڏس پتو ملي ته نه ويو آهي.
” ابا! هن سڄي مسافر خاني ۾ اوهان جهڙو آسيس ڏيندڙ مُسافر ٻيو ڪو ڪونهي. هو مٿئين ڪمري وارو مئو ڪاڻو سونارو ته ڪِر ڪِر ڪري، مٿو ئي کايو وڃي.“
شارڌا ڳالهه ڇيڙيندي چيو
” هائو ماسي! سڀ ماڻهو ته هڪجهڙا ٿوري هوندا آهن. رات کان ماسي، ماني ٻن ماڻهن جي گهٽ آڻجانءِ، ٻه همراهه ڪنهن ڪم سان ٻه چار ڏينهن لاءِ ٻاهر وڃن ٿا.“
”ڇو ابا! هتي ڪا تڪليف يا پريشاني.؟“
”نه نه ماسي! اهڙي ڪا ڳالهه ڪانهي، دراصل همراهن کي ڪو نياپو پهچائڻو آهي. هڪ ٻه ڏينهن ۾ واپس اچي ويندا.“
ڪاري کلندي، راڌا جي ڳالهه جي موٽ ۾ چيو
”ڀڳوان خير ڪري! ايترا ڏينهن ابا لنگهي ويا آهن. اوهان جو ڪم اڃان نه پيو ٿئي ڇا؟“
شارڌا دروازي ڏانهن ويندي چيو
ساهومل وراڻيو
”ماسي، چاليهه ڏينهن جو چلو آهي. اڃان تائين ته ڏينهن ٻه چار ٿيا آهن.“
”هان ابا! ڀڳوان ڪندو سڦل ٿيندئو.“
شارڌا ڪمري مان ٻاهر نڪري وئي. پنهنجي منهن کي پنهنجي رئي سان اُگهيندي، پنهنجي مُنهن چوڻ لڳي ته ”اڇا، ان جو مطلب ته ٻه ڄڻا هتي جي خبر چار پنڊت کي ٻڌائڻ لاءِ وڃي رهيا آهن.“
ائين سوچيندي سوچيندي پنهنجي ڪمري ۾ هلي آئي.
شارڌا وارو ننڍڙو، هاڻي سڄو ڏينهن پاڙي جي ٻارن سان وتندو راند ڪندو. تنهنڪري هاڻي شارڌا کي ننڍڙي وارو الڪو لهي ويو هو. سج لڙڻ جي تياري هيٺ هو. شارڌا به رات جي مسافر خاني جي توڻ تاڙي ڪرڻ لاءِ ڪمري کان ٻاهر نڪتي ته ڏٺائين ڪارو ۽ سترام پنهنجن وهٽن تي چڙهي رهيا هئا. ٻيا همراهه هڪ ٻئي سان آهستي آهستي ڳالهائي رهيا هئا جيڪو راڌا کي صاف ٻُڌڻ ۾ ڪين نه پئي آيو. تيسين پريان کان ڪو گهوڙي سوار اچي اوچتو هُنن وٽ پهتو. هُنن ڇهن ڄڻن ۾ ڄڻ ڦڙڦوٽ پئجي وئي. ڪارو ۽ سترام به وهٽن تان لهي آيا ۽ اهي سمورا اُن نئين آيل همراهه جي چوگرد ڦري ويا. شارڌا ڏٺو پئي ته گهوڙي سوار همراهه هٿن جي اشارن سان، هُنن کي ڪُجهه سمجهائي رهيو هو. انهيءَ همراهه جي ڳالهه ٻڌي وري حيرت وچان هڪ ٻئي ڏانهن نهاري رهيا هئا. ڪجهه دير انهي بحث کانپوءِ گهوڙي سوار ۽ سترام ڪنڊيءَ هيٺيان ويٺل همراهه کمون سان حساب ڪتاب ڪرڻ لڳا ۽ ڪجهه ئي دير ۾ سڀئي همراهه وهٽن تي چڙهي الائي ڪيڏانهن هليا ويا.
”امان! لڳي ٿو ته مونکي سنڌ! سانول ڏانهن وڃڻ گهرُجي.!“
موهن، ڪافي سوچ ويچار کانپوءِ راڌا کي چيو
راڌا جا چونئري جي ڇنڊ ڦوڪ کانپوءِ ٻُهارو ڏيئي رهي هُئي، تنهن وراڻيو
”سنڌ ۾ سانول، الائي ڪٿي هُجي؟؟ هو اوهان کي ڪاڪا ڪٿي ملندو!؟ هن جو ڪو ڏس پتو به ته پاڻ وٽ ڪونهي بس، اچڻ جو انتظار ڪيو.“
موهن وراڻيو
”امان هونءَ ته سنڌ ڏانهن ته سانول لاءِ ڪو ڀئو ڪونهي پر ڀڳوان نه ڪري، جيڪڏهن گس تي دُشمن لڪي حملو ڪن ته پوءِ، انهيءَ پنڊت نائومل تي امان ٽڪي جو وشواس ڪونهي.“
راڌا، ڪچري کي ميڙي ڪُنڊ ۾ گڏ ڪندي وراڻي
”پر ڪاڪا! سنڌ ڏانهن هروڀرو ڪو اُلڪو ڪونهي ۽ پنڊت وارن کي به اڃان اها خبر ٿورئي آهي ته ڪو سانول سنڌ ڏانهن ويل آهي. هروڀرو اُلڪو نه ڪريو. ايشور ڪرپا ڪندو.“
تيسين شارڌا، موهن جي گهر ۾ گهڙي گهر جو دروازو ٻوڪيندي هڪدم وراڻيو
”امان راڌا! اهي ست ئي ڄڻا هڪڙي ٻئي همراهه سان رات مُسافرخانو خالي ڪري تڪڙا تڪڙا ڪيڏانهن هليا ويا آهن.“
موهن، اها جا ڳالهه ٻُڌي ته کٽ تان اُٿندي وراڻيو
” مونکي اڳيئي شڪ هو ته ڪا نه ڪا گڙ ٻڙ آهي. هُنن کي پڪ ڪنهن سانول جي باري ۾ اچڻ جي خبر ڏني هوندي، تڏهن ته تڪڙ ۾ مُسافرخاني مان نڪتا آهن.“
راڌا، موهن کي جهليندي چيو
”ڪاڪا، پر اوهان ڪيڏانهن ٿا وڃو؟“
موهن هڪدم وراڻيو
” آئون سنڌ ٿو وڃان. هاڻ چپ ڪري ويهڻ، وڏي غلطي ٿيندي، ڪٿي اسان جي ماٺ جو هو ناجائز فائدو وٺي، ڪٿي ڪو نقصان نه ڪري وجهن.“
”پر اوهان جو سفر تي وڃڻ ٺيڪ ڪونهي.“
”اوهان جو ڪاڪا! هتي رهڻ مناسب آهي. حالتون هتي گهڻيون خراب آهن. سانول کي ٿي سگهي ٿو هتي ڪٿي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪن. اوهان موتيءَ کي سنڌ ڏانهن اُماڻيو. اوهاڻ پاڻ ڀيرو جي تڙ، رتنياري، گڊڙو ۽ ٻين ڳوٺن ۾ پنهنجن دوستن سان ملو ۽ ڪجهه ماڻهو برهمڻ آباد واري رستي تي چوڪسي لاءِ رکو. خاص ڪري ڏاني ڌانڌل ۽ ويراواهه واري ورن تي ۽ راٺي واري الهندي گس تي، باقي هتي جيڪا هنن جي چرپر آهي اُن تي اوهان به نظر رکو ۽ ماسي شارڌا به نظر رکندي.“
موهن ٿڪل ۽ هارايل ماڻهو جيان پنهنجو پاڻ کي کٽ تي اُڇلائيندي چيو
”اي ڀڳوان! اسان جي قافلي جي پارت اٿئي.“
انهيءَ تڙ تڪڙ واري صورتحال ۾ ڪُجهه ٺاپر آئي ته شارڌا پيرائتي ڳالهه ٻُڌائڻ شروع ڪئي.
”ادا! اصل ۾ ڪالهه رات هنن ستن ڄڻن پاڻ ۾ صلاح ڪئي ته هنن مان ٻه ڄڻا، پنڊت نائومل سان ملڻ ويندا شايد ڪا صلاح مصلحت ڪرڻي هوندن. سو ڪالهه منجهند جي ماني کائي ٻه ڄڻا پنڊت ڏانهن روانا ٿيڻ تي هُئا. جيڪو نامعلوم گهوڙي تي سوار آيو، هنن کي ڪجهه چيائين ۽ پوءِ مسافر خاني جي حساب ڪتاب ڪري اهي اَٺ ئي ڄڻا ويا هليا. بس اهو لقاءُ ڏسي اوهان کي ٻڌائڻ لاءِ اصل اُتاولي ٿي پيس پر رات ڪم مان ئي واندڪائي نه ملي. بس اڄ صبح وجهه وٺي اچي هتي پهتي آهيان.“
موهن ڏاڍو پريشان ٿي ويو هو، راڌا پاڙي مان ڇوڪرو موتي کي سڏڻ لاءِ موڪلي ڇڏيو ۽ پاڻ اچي ڪاڪي موهن جي مٿي تي زور ڏيڻ لڳي ۽ گڏوگڏ ماسي شارڌا کان به حال احوال وٺڻ لڳي.
”ماسي! هيترو ڪُجهه ناحقي ٿيڻ کان پوءِ به ماڻهو مذهب کي پنهنجي ذاتي مُفاد لاءِ ڪيئن ٿا ڪم آڻين. يعني چوغو چڱو اندر ڍونڍ! انهي چڱي چوغي جي آڙ ۾، وڏا قانون ٺاهي، ڦُرلٽ ۽ زبردستي کي جائز قرار ڏئي الائي ڪهڙا ڪهڙا ڪم ڪندا وتن.“
شارڌا، جيڪا پريان کٽ تي ويٺي هئي سا وراڻي
” امان ڀڳوان جوڪم ڀڳوان ئي ڄاڻي، جيڪي اهڙا ڪرتوت ڌرم سان ڪندا ته ڀڳوان پاڻيهي ئي ڏسندن، بس پاڻ کي رام رام ڪرڻو آهي. بُرائي ۽ ڀلائي جو نتيجو ڀڳوان وٽ ئي آهي.“
”ادي، خير ته آهي. اهڙو اُٻهرو سڏ ڪرايو اٿئي؟“
موتي، اچڻ شرط راڌا کان پُڇا ڪئي، راڌا موتيءَ جي سوال جو ڪو جواب ڏي ئي ڏي، تيسين موهن وراڻيو
” تون سنڌ وڃڻ جي تياري ڪر ۽ سنڌ وڃي سانول سان مل.....“
موتي حيرت وچان نهاريندي پُڇيو
”خير ته آهي نه! ڀڳوان دُشمنن جي منهن ۾ ڌوڙ وجهي، ادا سانول کي ڪُجهه ٿيو ته ڪونهي نه!؟“
”نه نه ... سانول کي ڪُجهه ڪونه ٿيو آهي، پر دشمن سانول کي مارڻ جي پويان لڳا وتن. تون سنڌ وڃي سانول کي هٿ ڪر ۽ هتي جو سڄو احوال سربستو ٻُڌائينس.“
موهن، موتيءَ کي سمجهائيندي چيو
”ڪاڪا، ڪو ڏس پتو آهي ڪهڙي شهر ۾ آهي، ائين ته پوري سنڌ پئي آهي. مونکي ڪهڙي خبر ڪٿي آهي.؟“
شارڌا جيڪا راڌا سان گڏ ويٺي هئي تنهن اُٿندي چيو
”ادا، ائين تڪڙ ڪرڻ سان.. پاڻ جيڪي هتي چار پنج گڏ آهيون سي ڇڙوڇڙ ٿي وينداسين. اوهان ڪُجهه ڌيرج کان ڪم وٺو. آئون به کوج لڳايان ٿي ته اهو گهوڙي سوار ڪير مڙس هو ڪٿان آيو هو ۽ اوهين به سڻڪ ڀڻڪ لڳائڻ جي ڪوشش ڪريو. ڪا نه ڪا! ادا واٽ نڪري ايندي باقي سنڌ اماڻي ڇوڪري کي روليو نه !“
موتي وراڻيو
”ماسي شارڌا، واري ڳالهه ۾ وزن آهي. اوهان ڀيرو جي تڙ وڃڻ جي تياري ڪريو. آئون هتي منوهر، پرتاب ۽ مصري وارن سان ملي چؤڪسي جو جوڳو بندوبست ٿو ڪرايان.“
”ائين ته ٺيڪ آهي پر پنهنجي لاپرواهي جي ڪري، جي سانول کي ڪو نقصان ٿيو ته پوءِ........؟؟ “
راڌا وراڻي
” ڏاني کان ويراواهه، ويراهه واهه کان راٺي، راٺي کان سلام ڪوٽ ۽ سلام ڪوٽ کان مٺي تائين، چؤڪسي هوندي، باقي سنڌ ڏانهن پنڊت کي به خبر ڪونهي ته سانول ڪٿي آهي.“
موهن، واري سان ٻنهي کي ڏٺو ۽ پنهنجي کٻڙ واري انگڙي ۽ ونگڙي ڪاٺي کڻي، پوتڙو ڪُلهي تي رکي ٻاهر نڪري ويو.
پنڊت نائومل، ڏاني ڌانڌل مان نڪري، برهمڻ آباد ۾ سيٺ شرناٿي جي محل نما گهر ۾ اچي ويٺو. سوڀن کي اوچتي دغا، پنڊت کي چوڪس ڪري ڇڏيو هو. انهيءَ ڪري ٻي ڪا اُٻهرائپ ڪرڻ لاءِ تيار نه هو. تنهنڪري هاڻي هو سڄو ڪم، پنهنجي ئي هٿ هيٺ ڪرڻ ٿي چاهيائين.
”مهاراج، انهي ساڌو سانول جو اثررسوخ، هن علائقي ۾ اسان کان وڌيڪ آهي. ماڻهو رڳو ڀائينس ئي نه ٿا پر ساڻس عشق ڪن ٿا عشق.“
سيٺ شرنارٿي پنهنجي پيگ مان ڍُڪ ڀريندي چيو
پنڊت مُرڪندي وراڻيو
”سيٺ! هي ڪم پاڻ ٿورئي ڪنداسين. هن ڪم لاءِ ته انگريز سرڪار سان ڳالهائڻو پوندو ته هنن جون سرگرميون مشڪوڪ آهن، هي ماڻهو انگريز سرڪار خلاف بغاوت ڦهلائيندا وتن.“
سيٺ شرنارٿي، حيران ٿي پنڊت ڏانهن نهاريندي چيو
”واهه پنڊت واهه! منهنجو ڌيان ته انهيءَ ڳالهه ڏانهن ويو ئي ڪو نه هو.“
پنڊت پنهنجي مخصوص انداز ۾ وراڻيو
”سيٺ! اوهين ته پنهنجن ڌنڌن ۾ مشغول رهندا آهيو. پر اسان چوطرفي نظر ۽ چوڪسي رکندا آهيون. سيٺ صاحب! اسان وٽ ته اهو به ثبوت آهي ته سانول وشني جو ساٿاري آهي. اُن کي بچائڻ لاءِ ڪوششون به ورتائين.“
شرنارٿي ڄڻ ڇرڪجي پيو وراڻيو
” اهو وري ڪيئن؟؟ “
پنڊت، پنهنجي مخصوص مڪارانه مُرڪ مُرڪندي وراڻيو
”سيٺ، جتي سانول جا عاشق آهن ته اُتي هن ناچيز جا وفادار به ته آهن. جيڪي هن ناچيز کي پل پل جي خبر ڏين ٿا. وشني جي گرفتاريءَ کانپوءِ قلعي جي ٿاڻي تي سانول ۽ موهن، اُتي جي وڏي منشي گلاب چند سان وشني جي آزادي لاءِٰ مليا به هئا.“
سيٺ شرنارٿي وڌيڪ اڇنبي ۾ وراڻيو
”اڇا!“
”بس سيٺ! اها ڳالهه انگريز سرڪار جي ڪنن تائين پهچائڻي آهي پوءِ رستو پاڻهين صاف ٿي ويندو.“
سيٺ شرنارٿي، ٿورا گهنج پنهنجي تباخ جيڏي چهري تي آڻيندي وراڻيو
” انگريز سرڪار جي ڪنن تائين اها ڳالهه پهچائڻ جو ڏکيو ڪم ڪونهي پر جي اهي ڳالهيون جيڪي اوهين پيا ٻڌايو تن ۾ ڪا گڙ ٻڙ نڪتي ته منهنجي انگريز سرڪار سان سالن جي وفاداري پاڻيءَ ۾ ملي ويندي.“
”سيٺ، پنڊت ڪچ ڪوڏيون نه کيڏيون آهن پاڻ وٽ شاهد موجود آهن ۽ گُلاب چند به ڪوڙ ڪو نه ڳالهائي سگهندو. اڳيان انگريز سرڪار به شينهن جو منهن آهي ڪو مذاق ڪونهي.“
سيٺ شرنارٿي، نرڙ تان ٿورو پگهر ڏسي، پکو جهوليندڙ ڏٻري نوڪر کي ڇڙٻيندي چيو
”ٻانهن کي هلاءِ، کائڻ لاءِ ته ڏريو پوين ۽ ڪم ڪرڻ لاءِ آڱوٺو، جلدي جلدي هٿ هلاءِ نه ته ڀرتو نه ڪڍي ڇڏيائين.“
نوڪر سان ڳالهه پوري ڪري، پنڊت نائومل ڏانهن مخاطب ٿيندي وراڻيو
”مهاراج! پوءِ ته ڳالهه ٺهي پئي آهي. انگريز سرڪار جو مونتي وڏو اعتماد آهي. هو مُنهنجي ڳالهه کي وزن به ڏيندا ۽ پاڻي به.“
پنڊت نائومل خوش ٿيندي چيو
”بس.............. انگريز سرڪار رُڳي اسان جي پُٺي ٺپري. باقي ڪم اسان پاڻيهي ڪنداسين......................................“
پنڊت پنهنجي ڳالهه مڪمل ڪري ئي ڪري، تيسين ڍاڪاون ٿانون ۾ سيٺ شرنارٿي جا نوڪر ماني کڻي آيا.
سانول ۽ ڪرمچند پارٽي ذميواري ملڻ کانپوءِ ٻه ڏينهن کان برهمڻ آباد جي سفر ۾ هئا. سانول، نون ماڻهن سان ملي، ذهني طرح صفا نوبنو ٿي ويو هو. نوان خيال، نوان گس، نيون راهون، نيون ڳالهيون، نيون حقيقي رٿابنديون، نوان گهيڙ ۽ لاهيون چاڙهيون، هاڻي ته سانول کي نئين دنيا پئي نظر آئي. خوشحال، برابري واري، عزت ڀري، هن جيڪي خواب ڏٺا هئا. انهن جي تعبير جو ڄڻ ڪي رستو ملي ويو هئس. ايستائين هنجي نظر ۾ حڪومتن جون واڳون سنڀاليندڙ ماڻهو گندا، لالچي، لوڀي ۽ ٺڳ هئا پر هاڻ هن جو اهو خيال بدلجي ويو هو. هاڻ هي پاڻ پنهنجا اڳواڻ هئا. هاڻ هي پنهنجا فيصلا پاڻ ڪري سگهيا ٿي. هنن وٽ هاڻي هڪ روشن منزل هئي.
هوڏانهن موهن ڀيرو جي تڙ پهچي چڪو هو، اُتي جي همراهن کي پنڊت نائومل جي نت نين سازشن ۽ سانول کي قتل ڪرڻ لاءِ موڪليل ماڻهن جا حال احوال پيرائتا ڪري ٻڌايا.
پرڀو سڄي ڳالهه ٻڌي وراڻيو
”هُونءُ..... ڳالهه اصل اِها آهي ته اسان جا پنهنجا ماڻهو اسان کي مارائڻ ۾ اڳڀرا آهن. ڪاڪا! سياڻن ڪيڏو نه سچ چيو آهي ته گهر جي ڀيدي کان سواءِ گهر جي چوري نه ٿيندي آهي.“
سومجي وراڻيو
”بندهي سي بندهي ملا، ڪون ڪري اُپائي،
سيوا ڪر نربندهه ڪي، جو پل ۾ دي ڇوڙائي
هي پنڊت ۽ سيٺيا پاڻ ئي غلام ٿيو گهُمن. سي ڌوڙ پاڻ کي غلامي کان ڇڏائيندا. هتي ته سانول جهڙا سچا ۽ ڀاءُ وشني جهڙا ارڏا ماڻهو گهُرجن. جيڪي غلامي جي طوق کي ٽوڙي ڀورا ڀورا ڪرڻ جي سگهه رکن ٿا.“
موهن ٿڌو ٿي وراڻيو
”پر ادا! هي سڀ انگريز جي وفاداري جي چڪر ۾ پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجن ماڻهن کي مارائڻ جي پويان لڳا وتن جي سانول کي ڪو نقصان ٿيو ته پوءِ سمجهو ته پنهنجو ڪو اوهي نه واهي اٿوَ!“
والجي، جيڪو سڀني کان جهونو هو، حياتي جون اسي بهارون ڏسي چڪو هو، ڪالهه کان بيمار کٽ تي ستل هو تنهن اهي ڳالهيون ٻڌي چيو
”منهنجي ڳالهه مڃيندؤ!؟“
سڀني هڪ آواز چيو
”ها ڏاڏا..!“
والجي ٿوري توفق کان پوءِ چيو
”روپلي جيان، مڙس ماڻهو ٿيو. اکوڙيو هنن ڪائنرن جا پير، ماري ماري ڪيترا ماريندا. تر پنهنجو.......... ڀاڳ پنهنجو، هتي جا گس، گهيڙ پنهنجا ، جبل جي پيچرن ۾ ورن وڪڙن کان پاڻ واقف. هي پاڻ کي ڪيترو ڳوليندا. ڳالهه رڳو مڙس ماڻهو ٿيڻ جي آهي.“
پرڀو، ڏاڏي والجي جي ڳالهه ٻُڌي فڪرمندي مان چيو
” ڏاڏا! ڳالهه تنهنجي سورهن آنا سون، پر هينئر جيڪا تلوار، ادا سانول جي مٿان لٽڪي پئي آهي، ان جو ڇا ڪريون.؟“
والجي، بيماري ۾ چيگهندي چيو
”ڀڳوان! اي............... ابا! پنهنجن ماڻهن کي مختلف ڳوٺن ڏانهن موڪليو ۽ اُهي وري نياپو اڳين ڳوٺن تائين کڻي وڃن، جي سانول ڪنهن کي ملي ته انهي کي وڏي رستي مان ڪڍي پنهنجي علائقن ۽ ڳوٺن واري رستي کان ڦيرائي وٺي اچن.“
موهن، والجي جي ڳالهه ٻڌي رڙ ڪري چيو
”صحيح بلڪل صحيح! پرڀو، وارو ڪر همراهن کي روانو ڪر اُٿ! دير نه ڪر !“
پرڀو ۽ سومجي ٻئي ماڻهو موڪلڻ جي تياريءَ ۾ لڳي ويا
ٻئي پاسي موتي، منوهر ۽ مصري وارا پرتاب سان ملي، مختلف رستن جا نقشا ٺاهي ورتا ته ڪهڙن ڪهڙن جائين ۽ رستن تي مندر موجود آهن جتي پنڊت نائومل جا ماڻهو لڪي ويهي سگهن ٿا. انهيءَ ڪم مان فارغ ٿي منوهر ۽ پرتاب ويراواهه لاءِ نڪري ويا. موتي ۽ مصري، برهمڻ آباد ۾ ويٺل ٻين دوستن سان ملندا، حال احوال ڪندا اچي پرڪاش وٽ پهتا، جيڪو سيٺ شرنارٿي وٽ ڪم ڪندو هو، تنهن سان جڏهن اهو حال احوال اوريائون ته هُن رڙ ڪري چيو
”ماڻهو ڪٿي مصري؟؟ پنڊت نائومل، خود رات کان سيٺ شرنارٿي وٽ ترسيل آهي.“
”ڇا؟!“
پرڪاش وراڻيو
”ها ها! آئون ڪالهه جيئن سيٺ وارو آخري گودام بند ڪري چاٻيون ڏيڻ لاءِ سيٺ جي گهر ويس ته اُتان خبر پئي ته سيٺ اوطاق تي آهي. آئون اوطاق تي وڃان ته پنڊت نائومل ۽ سيٺ صاحب گڏ ويٺا ڪچهري ڪن. مونکي ڏسي، مونکان چاٻيون وٺي مونکي گهر وڃڻ جي موڪل ڏئي ڇڏيائين. مون کي پريشاني به ٿي ته حيرت به! ڇاڪاڻ ته اڃان مونکي مال ڏهائي، کير گهر پهچائڻو هوندو آهي.، موتي، مصري ڏانهن ۽ مصري موتي ڏانهن ڏٺو ڄڻ چئي رهيا هُجن ته خطرو ٻاهر ڪٿي نه پر گهر ۾ ئي موجود آهي.“
موتي، فڪرمندي ۾ چيو
”انهيءَ جو مطلب ته ڪاڪي موهن سچ پئي چيو ته پنڊت ادا سانول کي نقصان پهچائڻ لاءِ ننهن چوٽيءَ جو زور لائيندو.“
مصري فڪرمندي مان وراڻيو
”هاڻ موتي!“
موتي، مصري جو هٿ، هٿن ۾ جهليندي وراڻيو
”مصري، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته ادا سانول جو ساٿ ڏجي، اُن کي ۽ ان جي مقصد کي بچائڻ لاءِ پنهنجو پاڻ کي قربان ڪجي بس، هاڻ ويڙهه سواءِ ٻي ڪا واهه ڪانهي!“
تيسين پرڪاش، هنن ٻنهي لاٰءِ لسي ساڻ، ماني ڀور کڻي آيو. هنن ماني کاڌي نه کائڻ جهڙي! اُتان نڪري سڌو جيوت رام جي واڙي تي پهتا، مصري ۽ موتي، جيوت رام سان سڄي ڳالهه پيرائتي ڪري ٻڌايائون. جيوت اهو ماڻهو هو جنهن جي پيءُ راڻي اڌي سنگهه سوڍي جي ٽولي ۾ رهي انگريز سرڪار خلاف وڏي ويڙهه ڪندي قربان ٿيو هو. تنهن ڪري جيوت رام سان راڻي اڌي سنگهه سوڍي روپلي ڪولهي جي بغاوت کانپوءِ جيڪي بچيا هئا ۽ جيڪي بغاوت دوران مارجي ويا هئا انهي جي اولاد جو رابطو لڪل طرح سان هو. جيوت رام پورڻ جي ڳوٺ ۾ رهندو هو، جيڪو برهمڻ آباد کان ڪو ايترو پري ڪونه هو.
جيوت رام وڏي اعتماد سان هنن جي ڳالهه ٻڌي چيو
”پنهنجي هر هڪ بغاوت، انگريز سرڪار لاءِ هڪ تنبيهه آهي ته هي ديس اوهان جو ڪونهي، اوهين جيترو وقت هتي هوندا اوترو ئي اسان وقفي وقفي سان پيا وڙهنداسين. بس آئون ڪجهه گهران تياري ڪري اچان، پوءِ پاڻ هلون ٿا.“
اهو چئي جيوت، ڪجهه پرڀرو پنهنجي چونئرن نما گهرن ڏانهن هليو ويو
مصري، جيوت جي وڃڻ کانپوءِ وراڻيو
”هي ماڻهو، پاڻ کي تمام گهڻو ڪم ڏيندو“
موتي وراڻيو
”اهو ته ٺيڪ آهي پر هي پاڻ کي وٺي ڪيڏانهن ٿو هلي؟“
مصري وراڻيو
”اها ته مون کي به خبر نه آهي. پر ضرور پاڻ کي ڪنهن ڪم واري جاءِ تي وٺي هلندو.“
تيسين جيوت رام وڏي کٿي اوڙهي هنن وٽ پهچي ويو
”هلو“
پهچڻ شرط هنن کي چيائين.
پاڻ اڳيان ٿيو، هي ٻئي ڄڻا پويان پويان، جبل جو ڪافي پنڌ ڪري ويا پر منزل جو ڪو اتو پتو ڪونه هو. جبلن جي ورن وڪڙن، لاهين چاڙهين تان هلندا پئي ويا. ڳپل پنڌ کان پوءِ جيوت اوچتو بيهي رهيو ۽ ڪنهن عجيب و غريب جانور جيئن زور سان آواز ڪيائين. موٽ ۾ ڪجهه ديرخاموش رهيو پر ڪٿان به ڪو جواب ڪو نه آيو. جيوت ائين ٻه ٽي چڪر ڪيو ته ڳپل وقت کان پوءِ موٽ ۾ به اهڙو آواز ٻڌجڻ ۾ آيو. جيوت، هٿ جي اشاري سان پنهنجي پويان اچڻ جو اشارو ڪري، انهيءَ پاسي هلڻ لڳو جتان آواز آيو هو. ڪجهه دير هلڻ کانپوءِ جيوت وري به اهڙي قسم جو آواز ڪيو ته هڪ وڏي پٿر جي اوٽ مان هڪ همراهه نڪري آيو، ڳالهايو وري به ٻنهي ڪجهه ڪونه. هو همراهه اڳيان ٿيو. جيوت ۽ هي ٻئي پويان پويان هلڻ لڳا. هتي به هنن کي ڳچ پنڌ ڪرڻُو پيو. اُتي به اُن همراهه ڪنهن مخصوص جانور جو آواز ڪڍيو موٽ ۾ ٻه ٽي آواز ساڳئي نوعيت جا آيا ۽ ٿوري دير ۾ پنج ڇهه همراهه جبل جي مختلف جاين مان نڪري آيا.
هُنن جيوت رام کان، موتي ۽ مصري جي باري ۾ ڳالهائڻ لڳا ڪجهه دير انهيءَ بحث مباحثي کانپوءِ هنن موتي ۽ مصري کي مٿي سڏائي ورتو. هي سڀئي گڏجي، ڪجهه ورن وڪڙن کانپوءِ هڪ غار ۾ گهڙي ويا. جتي اڳيئي ويهه کان پنجويهه کن همراهه ويٺا هئا. جيوت سان ائين ملي رهيا هئا ڄڻ هڪ ئي گهر جا ڀاتي هُجن. ٿوري ديرکانپوءِ جيوت انهن سان ڳالهائڻ شروع ڪيو.
”دوستو! لڳي ٿو ته هاڻ وري، آزادي جي جنگ لڙڻ جي تياري وٺون. حالتون هاڻ اجازت ڏين ٿيون ته لڪي لڪي حملا ڪرڻ جي شروعات ڪجي. هاڻي پنهنجي ڀرتي ان قابل ٿي وئي آهي جو پاڻ ڏهه کان چاليهه، چاليهه ماڻهن جا جٿا ٺاهي سگهون ٿا. جيڪي سرڪاري مشينري، سرڪاري ماڻهن ۽ سرڪاري جاين ۽ انگريزن جي ايندڙ ويندڙ جٿن تي حملا ڪن. ان لاءِ حال في الحال پنج اهڙا جٿا ٺاهيون ٿا. جنهن جو وڏو اڳواڻ سمنگ سنگهه سوڍو هوندو. جيڪو پل پل جي خبر چار وٺندو رهندو ۽ هر ڪارروائي جي رپورٽ سمنگ سنگهه سوڍي کي پهچائڻي آهي. تنهن ڪري ٽولو نمبر هڪ جو نالو هوندو آزادي، تنهن جو اڳواڻ آهي تولارام. اُن جو علائقو ڀُڄ، احمد آباد ۽ ان جي ڀرپاسي وارا علائقا هوندا. ٽولو نمبر ٻه جو نالو هوندو امبر، تنهن جو اڳواڻ آهي ڀرت ڪمار، هن جو علائقو ڪاسبو ۽ ان جي ڀرپاسي وارا علائقا هوندا. ٽولي نمبر ٽي جو نالو هوندو چندرما، ان جو مکيه اڳواڻ آهي ڪُنال ڀٽ.انهي جو علائقو آهي ڇاڇرو، امرڪوٽ ۽ ان جي ڀرپاسي وارا علائقا . ٽولي نمبر چار جو نالو هوندو سوريه. جيسلمير ۽ ان جي ڀرپاسي جا علائقا ان جي حوالي هوندا. ٽولي نمبر پنج جو نالو ڪلال آهي. جنهن جو اڳواڻ هوندو خوشبو، انهي جو علائقو قلعي ٿاڻي کان برهمڻ آباد تائين جو علائقو هوندو ۽ سڀني کي خبر آهي ته ڪارروائي ڪري هڪدم پنهنجن پنهنجن ننڍن ٺڪاڻن ۾ لڪڻو آهي. هاڻي اڳواڻ دوست ڌرتي ماتا تي ٻئي هٿ رکي وچن ڪن ته هو پنهنجي ڌرتي سان ڪڏهن به غداري نه ڪندا. پنهنجي جان ۽ مال کان وڌيڪ ڌرتي لاءِ ڪم ڪندا. پنهنجي ڌرتي ماتا جي ڪنهن به ڪم ۾ سُستي، ڪاهلي ۽ غفلت نه ڪندا.“ سڀني ڄڻن ڌرتي ماتا تي ٻئي هٿ رکي وچن ورجايو ۽ پوءِ پنهنجن مليل نين ذميوارين جي رٿابندين ۾ مصروف ٿي ويا.
پنڊت نائومل کي سيٺ شرنارٿي برهمڻ آباد جي مختيارڪار ڪشور لال جي بنگلي تي وٺي آيو هو.
”مهاراج! توهان جيڪي ڳالهيون پيا ڪريو، انهن ڳالهين جي تصديق لاءِ ڪجهه ڏينهن لڳندا ۽ انهن ڳالهين جي تصديق لاءِ انگريز سرڪار کان اجازت نامو وٺبو.“
پنڊت نائومل، سمجهيو ته مختيارڪار، هن کي مڙئي ٽڙڪائي پيو، تڏهن وراڻيو
”سائين چئو ته تصديق لاءِ ماڻهو گهُرائي وٺان، جن اهو سڀ ڪجهه ڏِٺو به آهي ۽ ٻڌو به آهي.“
ڪشور لال، ڪوڙين نگاهن سان پنڊت نائومل کي گهوريندي وراڻيو
”مهاراج! تُنهنجي ۽ منهنجي چوڻ سان ڪنهن کي ڏوهي يا بيڏوهي قرار ڏئي نه ٿو سگهجي. ڇنڊڇاڻ ٿيندي. ڳالهين جي چڪاس ٿيندي ته سرڪاري ماڻهو انگريز سرڪار جا نوڪر آهن نه ڪي اوهان جا. جو انگريز سرڪار کي ٻڌائڻ بجاءِ هر ڳالهه اوهان کي وڃي ٻڌائين .“
پنڊت نائومل جيڪو اهڙي ته پرجوش نموني آيو هو، ڄڻ ڪي هينئر ئي ٿو سانول کي ٻڌرائي پر مختيارڪار جون ڳالهيون ٻڌي، اصل ٺپَ ئي ٺري پيس.
شرمندو ٿيندي وراڻيو
”جيئن سرڪار، اوهان مناسب سمجهو. ائين ڪريو.........!“
سيٺ شرنارٿي، سرڪار سان پنهنجي وفاداريءَ جو ثبوت ڏيندي، پنڊت نائومل کي ڇڙٻ ڏيندي چيو
”سرڪار، اعليٰ ظرف جا مالڪ ۽ انصاف پسند آهن. توکان، مونکان وڌيڪ ڳالهين کي ڄاڻن ٿا هروڀرو پنهنجي نه ناڙ...... ها!“
پنڊت نائومل، مختيارڪار جون ڳالهيون ٻڌي صفا وائڙو ٿي ويو هو ته سندس ڳالهه سندس ئي ڳلي ۾ ٿي پوي. سو ڪنڌ هيٺ ڪري سيٺ شرنارٿي جي ڳالهه جو جواب به هاڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻي ڪيائين.
ڪشورلال، پنڊت جو چهرو ڏسي سمجهي ويو ته همراهه جي آڪڙ ڦوڪ نڪري ويئي آهي. سو سيٺ شرنارٿي ڏانهن ڏسندي وراڻيو
”سيٺ صاحب، پنهنجي دوست کي سمجهايو ته تڪڙ نه ڪري، اسين به دوستن جا دوست آهيون. جيڪو اسان سان وفاداري نڀائيندو ته مايوس اسان به اُن کي نه ڪنداسين. ڪريون ٿا ڪو نه ڪو بلو پر صبر سان!“
پنڊت نائومل، مختيارڪار جي ڳالهه ٻُڌي ٻهڪي اٿيو
سيٺ شرنارٿي وراڻيو
”مائي باپ آهيو. ٻڌي ڇوڙي اوهان جي هٿن ۾ آهي. اها ته اوهان جي قرب نوازي آهي جو اسان جهڙن ننڍڙن ماڻهن کي عزت ڀري نگاهه سان ڏسو ٿا.“
ڪشور لال مُرڪندي چيو
”سيٺ، توهان به هن علائقي جا معزز ماڻهو آهيو. اوهين عزت ڏيڻ به ڄاڻو ۽ عزت وٺڻ به ڄاڻو.“
”سائين ڇو ٿا شرمندو ڪيو، اسين ته نوڪر ئي انگريز سرڪار جا آهيون.“
ڪشور لال، پنڊت نائومل کي مخاطب ٿيندي چيو
”مهاراج، هاڻي ڀل تون وڃي آرام سان پنهنجو ڪم ڪر، هاڻ اسان جو ڪم آهي. انهن ڳالهين جي کوج لڳائڻ ۽ ان کي انجام تائين پهچائڻ.“
اها ڳالهه ٻڌي پنڊت نائومل ۽ سيٺ شرنارٿي اٿندي وفادار ڪتي جيان پُڇ لوڏيندي وراڻيو
”مهرباني سرڪار!“
ڪشور لال، هلي ٻنهي وٽ آيو. انهن سان موڪلائڻ لاءِ بنگلي جي در تائين ساڻ گڏيو آيو. سيٺ شرنارٿي پنهنجي عزت، انگريز سرڪار وٽ ڏسي اصل گد گد پئي ٿيو.
سانول، مٺي ڪراس ڪري ٻپوهار کان جيئن ٽپيو ته همراهن کي خبر پئجي وئي ۽ گس تي وڃي، ٻنهي کي رسيا ۽ سڄي صورتحال کان آگاهه ڪيائون. ڪرمچند، جيڪو پهريون ڀيرو ٿر جي سفر لاٰ نڪتل هو، سو هنن جو وسيع رابطي جو ڄار ڏسي، حيران ٿي ويو. سانول ۽ ڪرمچند انهن همراهن پويان هلڻ لڳا جيڪي ساڻن اچي گس تي رسيا هئا. همراهن سان گڏ هلندي سانول وراڻيو
” اڇا ته ڳالهه اُن حد تائين پهچي وئي آهي جو پنڊت اسان کي مارڻ لاءِ سازشون ڪندو وتي.“
” ها ادا! پنج ست ڄڻا ته پڪا آهن. جن جي پاڻ کي خبر پئي آهي. اهڙا الائي ڪيترا ٽولا هوندا، جيڪي ممڪن آهي مختلف هنڌن ۽ گسن تي لڪل هجن.“
” ائين ته ڪونهي ته هي وري ڪٿي مسلم هندو فساد ڪرائڻ جي چڪر ۾ آهن.“
ڪرمچند جيڪو سانول سان گڏو گڏ هو. تنهن وراڻيو،
”نه سانول، هاڻ ائين ڪونه ٿي سگهندو. ڇو ته رياست هاڻ ماڻهن ۾ اهو ستُ ئي نه ڇڏيو آهي باقي ننڍي مذهبي فرقيواريت، قبيلائي جهيڙن جهٽن جهڙن ننڍن وڏن مسئلن کي واءُ ضرور ڏيندا رهندا. جيئن ماڻهو پنهنجي وٺ وٺان ۾ لڳا رهن ۽ هي ويهي آرام سان لُٽيندا ۽ ڦُريندا رهن ۽ ٿي سگهي ٿو ته توکي به مارڻ انهيءَ سلسلي جي ڪا ڪڙي هُجي.“
سوڍو جيڪو ڀڳڙي مل جو ماسات، پرڀو جو گهاٽو سنگتي ۽ ڪاڪي والجي جو نياڻو هو، تنهن وراڻيو
”اها، ڳالهه ڀاءُ جي صحيح آهي، ٻه چار ڏينهن اڳ ڪولهين جي ڳوٺ تي ٺڪرن چڙهائي ڪري، ڪيترائي ڪولهي ماريائون ۽ انهن جي عورتن جي بي حرمتي به ڪيائون ۽ مال مڏي به ڪاهي ويا. پر ڪوئي داد فرياد ئي ڪو نه ٿيو.“
سانول حيرت مان پڇيو
” اها ڪڏهن جي ڳالهه آهي.؟“
ڀڳڙي مل چيو
”منهنجي خيال ۾ ڦڳڻ جي 20 تاريخ هُئي.“
تنهن تي آسو رڙ ڪندي چيو
”نه ادا نه ، 20 نه پر 21 جمع جو ڏينهن هو.“
سانول، ڪرمچند ڏانهن نهاري چيو
” انهي جو مطلب ته هو صرف اسان کي مُنجهائڻ چاهين ٿا ائين نه ادا ڪرمچند “
ڪرمچند وراڻيو
”ها ادا بيشڪ!“
ڀڳڙي مل، ڪاري لڪ تي گڏهن تان لهي مٿي چڙهن جو اشارو ڪيو، ڀٽ نه هئي پر عمق ۾ ڄڻ جبل هو. ٻين سڀني لاٰءِ ته هو روز جو عمل هو پر ڪرمچند کي مٿي چڙهڻ ۾ ڪافي ڏکيائي پي ٿي. ڀڳڙي مل، اهو لقاءُ ڏٺو ته رڙهي اچي ڪرمچند جو پاسو ورتو ۽ ڪرم چند کي ڀٽ تي چڙهڻ ۾ مدد ڪرڻ لڳو.