15
”اڇا ته تون آهين موهن؟“
موهن، لاپ سنگهه پاڻ ڏانهن ايندو ڏسي، احترام مان اُٿي بيٺو هو تنهن چيو
”ها سائين، آئون ئي آهيان موهن.“
هن پنهنجن مُڇن کي تاءُ ڏيندي چيو
”ڇورو تُنهنجو ڇا ٿئي؟“
موهن، ساڳئي ڌيرج سان وراڻيو
”منهنجو پٽ آهي“
لاپ سنگهه، انهي بئيچ کي زوردار لت هئين. جيڪا اُن ورانڊي ۾ پيل هئي ۽ رڙ ڪري چيائين
”ڪوڙ ٿو ڳالهائين! “
لاپ سنگهه جي انهي اوچتي رويي موهن کي ڇرڪائي وڌو
” تون ڪوڙ پيو ڳالهائين خبيث پوڙها، تنهنجو هن سان ڪو به خوني رشتو ڪونهي.“
لاپ سنگهه خوني بگهڙ جيان ڏاڙهيو
موهن پنهنجي اندر جي ڊپ تي قابو پائيندي وراڻيو
”بيشڪ منهنجو هُن سان ڪو خوني رشتو ڪونهي پر اُن سان منهنجا انساني ۽ رُوحاني کوڙ رشتا آهن.“
اهو جواب ٻڌي، لاپ سنگهه، موهن کي حقارت ڀريل نگاهن سان نهارڻ لڳو، موهن، لاپ سنگهه جي نفرت ڀريل نگاهن جو تاب نه جهلي سگهيو، سو اکيون جهُڪائي ڇڏيائين.
لاپ سنگهه، ٿُڪ ٻاهر اُڇلائيندي ڪمري ۾ هليو آيو ۽ آچو کي، موهن کي اندر وٺي اچڻ جو اشارو به ڪندي آيو. آچو موهن کي ڪمري ۾ وٺي آيو، موهن کي ڪمري ۾ داخل ٿيندي پهريون جيڪو منظر ڏٺو اهو هن لاءِ ڪنهن ڀيانڪ حادثي کان گهٽ ڪو نه هو. موتي زخمي حالت ۾ کولي ۾ اونڌي مُنهن پيو هو. موهن اڃان موتي واري انهي ڌچڪي مان اڃان نڪتو ئي ڪونه هو جو لاپ سنگهه فائل اڳيان وڌائيندي چيو
”هن تي آڱوٺو هڻ“
موهن ڇرڪ ڀري وراڻيو
”هان....................هي ڇا آهي..........؟؟“
موهن جو ايترو چوڻ، لاپ سنگهه جي چماٽ، موهن جي منهن تي زپاٽ ڪري اچي لڳي، لاپ سنگهه ڪنهن وحشي جانور جيان چيلهه سان ٻڌل، ٺونٺ جيڏو ڊگهو، تيز رام پوري ڇرو ڪڍي، موهن جو هٿ جهلي، اهو ڇرو موهن جي آڱوٺي جي پاڙ وٽ رکي، ڪاوڙ ۾ سهڪندي وراڻيو
” منٽ ڪريان.......... اصل منٽ ڪريان.... هتان وڍي.........مس ۾ ٻوڙي فائل تي آڱوٺو هڻي، پوءِ ڪارن ڪُتن اڳيان اُڇلائي ڇڏيان..“
۽ وري ڇُرو ميز تي اڇلائيندي موهن جو آڱوٺو زور سان پڪڙي فائيل جي پني تي هڻندي وراڻيو
”هن پني جي قسم نامي مطابق تون ۽ تنهنجو حرامي ڇورو، ڀڳوان ڪرشن ۽ شوِ جو قسم کڻي، اقرار ٿا ڪريو ته توهان ٻئي انگريز سرڪار سان وفادار رهندا. نه پاڻ ڪو انگريز سرڪار خلاف ڪم ڪندا ۽ نه ئي انگريز سرڪار خلاف ڪم ڪندڙ ماڻهو جي ڪا اخلاقي، سماجي ۽ معاشي مدد ڪندا ۽ اهڙو ڪو ڪم ڪندي، انگريز سرڪار کي علم ۾ آيو ته اوهان ٻنهي کي اُتي جو اُتي گولي مارڻ جو حُڪم هوندو.!“
موهن، پنهنجو آڱوٺو، پنهنجي مٿي جي وارن سان صاف ڪرڻ لڳو، هن لاپ سنگهه جي انهي تقرير جو جواب ڏيڻ بجاءِ صرف ايترو چيو
”سائين ڇوڪرو مونکي ڏيو ٿا يا نه!؟“
لاپ سنگهه حقارت سان موتي ڏانهن نهاريندي، پنهنجي سپاهي کي حُڪم ڏنائين ته
”نانڪ، هن سوئر جي ڦر کي ٻاهر ڪڍ......“
نانڪ چاٻيون کڻي، موتي واري کولي جي تالي کي کولڻ ۾ لڳي ويو
”....... ۽ ها پوڙها، پنهنجا افعال درست ڪريو. اڄ ڇڏيانوَ ٿو باقي آئيندي گولي...............................مان مٽائي ڇڏيندو مانوَ..“
موهن، لاپ سنگهه جي ڳالهه ٻڌي اڻ ٻڌي ڪندي وڃي موتي کي سهارو ڏنو ۽ آهستي آهستي ڪري ٻاهر وٺي آيو. موهن پاڻ به جهونو ۽ ڪمزور، سو ههڙي جانٺي جوان کي ڪيتري تائين گهلي. سو ٻه فرلانگ مس هلي ته سهڪي پوي ۽ ساهي پٽڻ لاءِ ويهي رهي، ائين هن کي راٺي جي چؤڪي جي ڀرواري ڳوٺ تائين پهچندي پهچندي، پوري رات مٽي ويئي. انهي ڳوٺ ۾ پهچڻ کانپوءِ ئي ڪنهن سواري جو بندوبست ٿي سگهيو، انهي ڏينهن شام ڌاري، موهن، موتي کي وٺي برهمڻ آباد پهچي ويو. رڌا، موتي جي حالت ڏسي اچي روئڻ ۾ ڇُٽڪي.
موهن راڌا جي مٿي تي هٿ رکندي وراڻيو
”امڙ، اها به ايشور جي ڪرپا آهي ته موتي صحيح سلامت پاڻ کي مليو آهي. مونکي ته انهن زناورن وٽان رحم جي ٽڪي جي به اُميد ڪو نه هُئي.“
موتي، راڌا جو هٿ پنهنجي هٿ ۾ جهليندي وراڻيو
”ديدي! ادا جيوت وارن جي زندگي خطري ۾ آهي. مونکي ادي پرتاب کي گهُرائي ڏيو ته نياپو ڏيانس ته جيوت وارن وٽ پهچائي.“
راڌا، پنهنجي ساڙهي جي پلؤ سان پنهنجا ڳوڙها اُگهيندي وراڻي
”ادا، پهرين اوهين ته ٺيڪ ٿيو ته پوءِ ادا پرتاب کي سڏي وٺنداسين.“
موتي، ضد ڪندي وراڻيو
”نه نه ديدي! پوءِ دير ٿي ويندي. ادا جيوت وارن جي زندگي خطري ۾ آهي. جيستائين اهو نياپو ادا جيوت وارن تائين نه پهچائينداسين تيستائين ادي مونکي چين نه ايندو.“
راڌا، شايد ڳالهه جي ڳنڀيرتا کي سمجهي ويئي، تنهنڪري ڪاڪي روپا جي ننڍڙي نينگر کي پرتاب کي سڏڻ لاءِ موڪليو موتي جي اچڻ جي خبر برهمڻ آباد ۾ باهه جيان پکڙجي وئي هئي. برهمڻ آباد جا مارو ماڻهو، موهن واري چوئنري اڳيان گڏ ٿيڻ شروع ٿي ويا هئا. تيسين پرتاب به اچي، موتي وٽ پهتو. موتي ڪاڪي موهن، پرتاب ۽ راڌا کي جيڪو هن سان وهيو واپريو سو تفصيل سان ٻڌايائين. آخر جو پرتاب کي تاڪيد ڪندي چيائين
”ادا وارن جي زندگي پرتاب هاڻي پنهنجن هٿن ۾ آهي، ٿوري دير ۽ ڪوتاهي، اسان جي خيالن، جذبن ۽ امنگن کي ناس ڪري ڇڏيندي. تنهنڪري تنهنجو هتي ويهڻ نٿو جڳائي.“
پرتاب جي اکين ۾ لڙڪ ڀرجي آيا، پرتاب، موتيءَ جو هٿ چُمندي وراڻيو
”سلام آهي توکي موتي، هي ڌرتي تو جهڙن جوان مرد ۽ سورهيه پٽن تي هميشه فخرڪندي.“
۽ پوءِ ٻاهر نڪري ويو، ٻاهر ماڻهن جو وڏو مجموعو گڏ ٿي ويو هو ۽ پوءِ سڀ واري واري سان موتي جي خير و عافيت پُڇڻ لاءِ ايندا ويا.
ايونس جي اوچتي موت، سڀني ٿيندڙ ڪمن کي روڪي ڇڏيو، هڻ کڻ بلا، ايونس کي جبل جي پٿر کان لهڻ جي به مهلت ڪا نه ڏني. سڄو بدن زهر جي ڪري نيرو ٿي چڪو هئس. لاش حيدرآباد به نيڻ جهڙو ڪونه رهيو هو. تنهنڪري انگريز عملدارن پنهنجون مسيح رسمون ادا ڪري، اتي ئي دفنائي ڇڏيو. ايونس جي انهي ناگهاني موت سبب عملدارن هڪدم پنهنجي گڏجاڻي گهُرائي ورتي هئي.
لارنس، جيڪو راٺي جي چوڪي کان آيل هو، تنهن چيو “هن اوچتي موت، اسان کان اسان جو عظيم سپه سالار ڦري ورتو آهي. پر اسان جون اهي قربانيون، عظيم سلطنت برطانيا جي بنيادن کي ويتر مضبوط ۽ پائيدار ڪرڻ ۾ مدد ڪنديون. تنهنڪري اسان جو مشن رُڪجڻ نه گهُرجي. جبل تي چڙهائي واري حُڪم تي عمل ٿيڻ گهُرجي پر مخبرن جي آيل خبرن مطابق ئي حملي جي رٿابندي ڪرڻ گهرجي.”
سيمن، جيڪو ڪرنل ايونس جو اسسٽنٽ به هو ته ايونس جي ڪيڏانهن وڃڻ کان پوءِ سڄي فوجي اسڪواڊ ۽ ڇانوڻي کي پڻ سنڀاليندو هو. تنهن چيو
”اسان سڀني کي خبر آهي ته اڃان تائين، اسان جي پڪڙ هن علائقي ۾ پختي ۽ سگهاري نه آهي. هنن گوريلن کان سواءِ، ڌاڙيلن جون ٽوليون، جيڪي رڻ کان وٺي ڪڇ جي مٿئين ڪارين ٽڪرين تائين پکڙيل آهن. جن جي ڪري اسان کي جاني توڙي مالي نقصان رهڻ جو انديشو هر گهڙي رهي ٿو. هتي جون مقامي حڪومتون بظاهر ته برطانيا سرڪار جي حمايت جو دم ڀرين ٿيون پر اندروني طرح هو انهن ڌاڙيلن ۽ گوريلن کي مالي توڙي افرادي مدد فراهم ڪنديون رهن ٿيون. انهي ڪري انهن ٽولن جي سرزنش ڪرڻ تمام گهڻي ضروري آهي نه ته هي مقامي حڪومتون به اسان لاءِ ڪو نه ڪو ڏچو يا مصيبت پيدا ڪنديون رهنديون. تنهن ڪري بنا ڪنهن دير ۽ خبر جي جبل تي چڙهائي جو عمل هڪ ٻه ڏينهن ۾ شروع ٿي وڃڻ گهُرجي.“
اسٽيفل، جيڪو انهيءَ اسڪواڊ جو ميجر هو، جيڪو جبل تي حملي ڪرڻ لاءِ تياري ڪري رهيو هو، تنهن سيمن جي ڳالهه جي ڀرپور تائيد ڪندي وراڻيو
”بلڪل سر، سيمن صحيح ٿو چئي. ڇاڪاڻ ته هن علائقي جو مضبوط ۽ مشهور ويڙهاڪ ٽولو آهي ته اهو جيوت وارن جو ٽولو آهي. تنهنڪري اُن تي جيترو به جلد حملو ڪري سگهجي ٿو ته ڪجي. انهي ٽولي جي عبرتناڪ شڪست کي ڏسي، پوءِ گهڻن جو گهمنڊ ٽٽي پوندو.“
سينال، جيڪو هڪ جهونو فوجي ماهر هو ۽ آفريڪا جي مختلف علائقن تي حملي ۾ پنهنجين فوجي حڪمت عملين سبب شاندار ڪاميابيون ماڻي چڪو هو، تنهن لارنس واري ڳالهه جي حمايت ڪندي چيو ته
”اهو صحيح آهي ته اسان جو مقصد هنن بدمعاش ٽولن کي ناس ڪري، هن علائقي ۾ پنهنجا پير پختا ڪرڻ آهي. پر اهو مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ، اسان کي پنهنجي طاقت ڪنهن صحيح رخ ۾ لڳائڻ گهرجي. ائين نه ٿئي جو اها ڪنهن غلط سمت تي لڳي وڃي ۽ نفعي جي بجاءِ ڪنهن وڏي نقصان ۾ نه پئجي وڃون. تنهنڪري فوجي حڪمت عملي ته اهو ئي چئي ٿي ته دشمن ۽ دشمن جي چرپر جو صحيح تجزيو ۽ معلومات کان پوءِ ئي حملي لاءِ اڳتي وڌجي، تنهنڪري اهو ضروري آهي ته اسان کي پنهنجن مخبرن جي ڏنل معلومات جي آڌار تي پنهنجون حڪمتِ عمليون جوڙڻ گهُرجن.“
سيمن، سينال جي ڳالهه ٻڌي وراڻيو
”سر سينال، جي ڳالهه بلڪل صحيح آهي ۽ ان کان ڪو به فوجي ڪمانڊر انڪار نٿو ڪري سگهي پر ڪڏهن ڪڏهن ۽ ڪِن ڪِن حالتن ۾ اهڙا اڳرا قدم کڻڻ، هڪ مجبوري هوندي آهي. هتي به ڪجهه اهڙيون حالتون آهن، جن لاءِ مجبورن اسان کي اهي اڳرا قدم کڻڻ گهُرجن.“
لارنس وراڻيو
”هڪڙي ڳالهه طئه آهي ته جبل تي چڙهائي ڪنهن به حالت ۾ ڪرڻي آهي. آئون سر سيمن کي گُذارش ڪندس ته ٻه چار ڏينهن مخبر جي خبر جو انتظار ڪرڻ گهُرجي. جي مخبر طرفان ڪا خبر نه پهچي ته پوءِ خطري جي گهنٽِي آهي ۽ پوءِ تُرت حملو ڪري ڏجي.“
ڪجهه ڪلاڪن تائين انگريز عملدارن جو بحث هلندو رهيو، نيٺ ان ڳالهه تي بحث کٽو ته ڪجهه ڏينهن تائين صبر ڪجي، جي مخبر پاران خبر انهن چند ڏينهن ۾ نه اچي ته پوءِ حملو ڪري ڇڏبو.
جيئن ئي ٻاهران سُکديو، پرتاب واري ڳالهه جيوت کي ٻڌائي هئي، تيئن جيوت، پنهنجي غار ۾ اڪيلو ويٺو هو ٻه ٽي ڀيرا سمنگ، جيوت سان ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي پر جيوت جي ڳاڙهين لال غضبناڪ اکين ۽ دهشت ڀريي چهري کي ڏسي سندس لفظ ئي نڙي ۾ اٽڪي بيهي رهيا هئا. سمنگ سنگهه ههڙي ڪروڌ ۽ دهشت اڳ ڪڏهن به جيوت جي چهري تي ڪانه ڏٺي هئي. سمنگ سنگهه کي ته اهو چهرو ۽ اکين ۾ نفرت جا اُلا ڏسي اندران ئي اندران ڏڪڻي وٺي ويئي هئي. سندس ڇهين حِس بار بار خبردار ڪري رهي هئي ته اجهو ڪجهه ٿيڻ وارو آهي. اها ٻن ٽن ڪلاڪن واري جيوت جي خاموشي، ڄڻ ڪنهن طوفان اچڻ جي پيشنگوئي هئي. ڪنهن کي جرئت نه ٿئي جو جيوت سان ڳالهائي، نيٺ سانول، جيوت ڏانهن هليو آيو، جيوت، سانول کي ڏسي ڄڻ روئي پيو. هن جي اکين جي ڪنڊ مان خاموش ڳوڙها وهڻ لڳا هئا.
سانول، جيوت جي ويجهو ايندي، تمام ڌيرج ۽ آهستگيءَ سان پڇيو
”جيوت! خير ته آهي“
جيوت، بي وسي مان سانول ڏانهن نهاريندي وراڻيو
”سانول، پاڻ مارجي وياسين.“
سانول، جيوت جا هٿ مضبوطيءَ سان جهليندي وراڻيو
” ائين ٿي نه ٿو سگهي. جيڪڏهن جيوت پاڻ جسماني طرح مارجي به وڃون ته به روحاني طرح روپلي جيان ماڻهن جي دلين ۾ زنده رهنداسين. تنهن ڪري پاڻ کي زندگيءَ جي آخري حد تائين وڙهڻو آهي. جيوت، ويڙهه سواءِ پاڻ وٽ ڪا ٻي واهه ڪانهي.“
جيوت، سانول جي ڳالهه ٻڌي، ڪنڌ هيٺ ڪندي وراڻيو
”ڪنهن سان وڙهون سانول، جتي پنهنجا ئي پنهنجن جا دُشمن هُجن ته اُتي پوءِ ڌارين تي ڪهڙي ميار؟“
سانول، جيوت جي ڳالهه جو مطلب سمجهي نه سگهيو سو وضاحت طلب ڪندي پُڇيائين.
”ڇا مطلب؟!“
جيوت، سانول جي اکين ۾ اکيون وجهي وراڻيو
”سمنگ سنگهه غدار آهي“
اها ڳالهه ٻڌي، سانول ڇرڪ ڀري اُڀو ٿي بيھ رهيو، ڄڻ ڪنهن وڇونءَ هٿ تي ڏنگي وڌو هُجيس. جيوت، سانول کي ٻانهن مان جهلي هيٺ ويهاريندي چيو
”هاڻ تون ٻڌائي ته ڪنهن تي يقين ڪريان، ڪنهن تي نه ڪريان.“
سانول جي نڙي خشڪ ٿي وئي هئي. وڏي ڳيت ڏيندي وراڻيو
” توکي ڪنهن ٻڌايو؟ “
جيوت، سُکديو واري سڄي ڳالهه رازداريءَ واري انداز ۾ سانول کي سربستي ڪري ٻڌائي، سانول کي ڄڻ چڪر اچي ويو. اها ڳالهه ٻڌي، ٻئي هٿ مٿي تي رکي ويهي رهيو. سمنگ ۽ غدار! اهو ته هنن ڪڏهن تصور ئي نه ڪيو هو. سمنگ ته اهو ماڻهو هو، جنهن تي انگريز سرڪار سڀ کان وڌيڪ ظلم ڪيو هو. جيڪو وطن پرستي جي ڪري هميشه گهر کان دربدر رهيو. جيڪو جيوت جو ننڍي هوندي کان پڳ مٽ يار هو. جيڪو ان وطن پرستي جي ڪري ڪيترائي ڀيرا موت جي منهن ۾ وڃي چڪو هو سو غدار!! هنن لاءِ ڄڻ سڄي ڪائنات ۾ اونداهه ٿي ويئي هُئي.
ٻئي ڪيتري وقت تائين خاموش رهيا. ڄڻ ڪنهن جي مرتئي تي آيا هُجن، اچانڪ جيوت اُٿي بيٺو، سانول کي ٻانهن مان جهلي اٿاريندي چيائين
” اُٿ ٻاهر هلون.“
سانول، حيرت مان ڪُجهه پُڇي ئي پُڇي..... جيوت، هن کي گهلي ٻاهر اچي ويو. جيوت کي ٻاهر ايندي ڏسي ڪافي دوست مڙي آيا. سمنگ جيوت جو حال پُڇندي وراڻيو
”جيوت هاڻ طبيعت ڪيئن آهي؟“
جيوت، سمنگ ڏانهن نهاريو ڪونه، هن پنهنجي اندر جي ڪروڌ کي مس مس قابو پاتو هو. صرف ايترو چئي ڏنائين
”بهتر“
سانول به، جيوت جي انهي اوچتي رويي کي سمجهي ڪين نه سگهيو هو. جيوت سڀني ساٿين کي حُڪم ڏيندي چيو
”سڀئي ساٿي، اڄ رات جو هلڻ جي تياري ڪن، هتي ڪُجهه دوست رهندا، باقي هتان کان نڪري ڪاري ٽڪري پهچن.“
هيري مل، انهي اوچتي فيصلي ڪرڻ جو سبب پُڇندي وراڻيو
”اهڙي ڪهڙي ڳالهه آهي، جيڪا اسان ساٿين کان لڪائي، هيئن هلڻ جو حُڪم پيو ڏنو وڃي؟“
جيوت، هيري ڏانهن ڏسندي وراڻيو
”ڇا ڪريون، هتي رهون ٿا ته مرون ٿا. تنهن ڪري بچاءِ لاءِ ڪوشش ڪريون ٿا. هتان نڪري ڪاري ٽڪري ۾ هلي پناهه وٺون جيڪا گهٽ ۾ گهٽ برهمڻ آباد کان ته پري آهي پر ان لاءِ هيرا پهرين پاڻ کي اڳيان نڪري رستي جي چونڊ ۽ وقت جو تعين ڪرڻ لاءِ نڪرڻو پوندو.“
سمنگ سنگهه، هلڻ جي جا خبر ٻُڌي ته اندر ئي اندر ۾ گد گد ٿيڻ لڳو ته هاڻ اجهو ٿو انگريز سرڪار جي اڳيان سُرخرو ٿيان.
هيري مل سختي سان چيو
”نه آئون ڪونه هلندس، اوهان مان جنهن کي وڃڻو آهي سو ڀلي وڃي.“
سمنگ سنگهه پنهنجي قابليت ڏيکارڻ لاءِ هڪدم هيري مل جي ڀر ۾ اچي ويهندي وراڻيو
” ادا هيرا، بيشڪ تون صحيح آهين پر حالتون ته پنهنجي وس ۾ ڪونهن نه.. تنهنڪري حالتن کي نظر ۾ رکندي پوءِ ئي فيصلن ۾ ردو بدل ڪرڻو پوندو آهي. هتان پاڻ ڪو خوشيءَ سان ٿوري ٿا هلون پر حالتون پاڻ کي هلڻ لاءِ مجبور پيون ڪن.“
هيرمل، سمنگ کي حقارت مان ڏسي، منهن ڦيري ڇڏيو، جيوت پاڻ سان گڏ، سمنگ، سانول، سوڍو، هريش ۽ هيري مل کي ساڻ کنيو. هو جبل ڏانهن نڪري ويا. پٺيان ڪي حيرت وچان ته ڪي ڏُک منجهان ته ڪي بيزاريءَ سببان سڄو سامان سهيڙڻ ۾ جنبي ويا. هي ست ئي ڄڻا صبح نڪتل منجهند ڌاري جبل وچ ۾ قدرتي ٺهيل ننڍڙي ڍنڍ رام وتي وٽ پهتا ته جيوت، پنهنجي بندوق سمنگ سنگهه جي سيني تي سڌي رکي، جيوت جي اکين ۾ رت لهي آيو هو، سانول جيوت جو ارادو ڏسي، جيوت جي بندوق ۾ هٿ وجهي، بندوق ڦُري ورتي ته جيوت ڄڻ مڇرجي پيو ۽ رڙ ڪري چيائين.
”بندوق ڏي سانول! منهنجين اکين ۾ رت لٿل آهي. دل ۾ ڪروڌ ۽ دماغ ۾ اُلا آهن. آئون سڙي راک ٿي ويندس.“
سانول، جيوت کي ڀاڪر پائي پري ڪندي، هيري وارن کي رڙ ڪري چيو
”غدار سمنگ سنگهه کي قابو ڪريو“
سانول جو ايترو چوڻ، چار ئي ڄڻن سمنگ سنگهه کي جهلي قابو ڪيو. سمنگ کي پهرين ئي جيوت واري اوچتي حملي ڊيڄاري وڌو هو. سمنگ پنهنجي ڇاتي تي بندوق جي ٿڌي نالي محسوس ڪندي. خوف وچان سڄو ٿڌو ٿي ويو هو. جيستائين هو پنهنجو پاڻ کي سنڀالي ئي سنڀالي تيستائين هيري وارن ٻڌي قابو ڪري وڌو هئن.
جيوت، سانول کان پنهنجو پاڻ ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪندي چيو
”ڇڏ سانول! اڄ هن غدار کي ٻوٽي ٻوٽي ڪري وجهان، ويساهه گهاتي، اسان جي اندر ۾ لڪيل ڪارا نانگ، غدارِ وطن، ٿُؤ............................... تنهنجي مُنهن ۾................لعنت تنهنجي ڄمڻ تي.........ڇڏ سانول، مونکي ڇڏ............................“
سانول، جيوت کي وٺي ٻئي پاسي ڪندي وراڻيو
”عقل ڪر جيوت، هي هڪ ته ڪونه هوندو پنهنجي ٽولي ۾ هن جا ٻيا به ساٿاري هوندا. جي هنکي ماري ڇڏينداسين ته به پنهنجو مسئلو ته حل ڪونه ٿيندو. هن کان سڀ سچيون ڪرايون پوءِ هن جو فيصلو ڪنداسين.“
جيوت، سمنگ واري پاسي کان منهن ڦيريندي چيو
”پوءِ هن کي منهنجي نظرن کان ڏور ڪر نه ته آئون پنهنجو پاڻ تي قابو پائي نه سگهندس.“
سانول، جيوت کي سمجهائيندي چيو
”جيوت تون لال محمد سان گڏجي واپس ٺڪاڻي وڃ ۽ اُتي وڃي ماحول کي سنڀال، متان هن غدار جا ڪميڻا ساٿي خبردار نه ٿي پون.“
جيوت ۽ لال محمد انهي وقت ٺڪاڻي ڏانهن روانا ٿي ويا، ٺڪاڻي تي پهچڻ کان پوءِ جيوت جو سُک چين ڦٽي ويو هو. هُن اچڻ شرط ٺڪاڻي جي ساٿين کي اهو چئي ته “ٻيا ساٿي جيئن رستي جو تعين ڪري پهچندا، پاڻ سڀ هتان نڪري هلنداسين.”مطمئن ته ڪري ڇڏيو هو پر پاڻ اها شام ۽ سڄي رات نفرت جي اُلن ۾ لُڇندو رهيو. ڄڻ ڌرتي، ٽانڊن جيان ٽامڻي هڻي ويئي هُجي. ٻئي ڏينهن صبح جو هيرو ظاهر ٿيو ۽ جيوت کي سڄو حال احوال ڏنائين جيوت، ٻين ستن ڄڻن کي هلڻ لاءِ چيو، جنهن ۾ پنج ته سمنگ جا ساٿي هئا، جن جا نالا هيري جيوت کي ٻُڌايا هئا. انهن کي کاڌي پيتي جي شين جو کڻي هلڻ جو چيائين. کاڌي پيتي جو سامان کڻي، جيوت وارا ساڳئي رام وتي ڍنڍ وٽ پهتا. جتي سانول وارا ويٺا هئا. سانول وارن کي ڄڻ انهن گهُربل پنجن ماڻهن جو انتظار هو. هنن جو رام وتي ڍنڍ وٽ پهچڻ تي سانول وارن گهيرو ڪري ورتو. ولو، ڌنو. ڀيشم، پرتي ۽ ٻيجل کي گهيري ۾ وٺي ڇڏيو هو پنج ئي ڄڻا وائڙا ٿي ويا ته هي ڇا پيا ڪن؟
سانول، جيوت جي ڀر ۾ ايندي، هيري مل کي رڙ ڪري چيو
”وٺي اچ، انهي غدارِ وطن کي ته اچي پنهنجن ساٿين سان ملي.“
هيرو مل، ٿُڏا ۽ ٿڦڙون هڻندو، سمنگ کي وٺي آيو. جنهن جي مڇن جا اڌ وار پٽيل هئا. منهن ڌڪن سان سُڄيل هو. هنڌان هنڌان ڪپڙا ڦاٽل، هڪ ٽنگ ڀڳل، جيڪا گوڏي کان هيٺيان لڙڪي پئي هئي هو نيم بيهوشي جي حالت ۾ هو. هيري گهلي انهن پنجن جي وچ ۾ اُڇليو. سمنگ سنگهه جي اها حالت ڏسي، ٻين جي سڄي جسم ۾ رڦڻي وٺي ويئي، هو سانول۽ جيوت وارن جي پيرن تي ڪِري ايلازون ڪرڻ لڳا پر سانول، جيوت کي بندوق ڏيندي وراڻيو
”جيوت، هاڻي اجازت اٿئي وڃي پنهنجو هانءَ ٺار ۽ هن پاڪ پويتر ڌرتيءَ کي هنن ناپاڪن کان صاف ڪر.“
پر جيوت کي ته ڄڻ ڪا باهه وڪوڙي ويئي هُجي. هن هنن جي منٿن ايلازن کي رد ڪندي، هنن ڇهن ڄڻن کي گولين سان ڀُڃي ڇڏيو. انهيءَ ڪم فارغ ٿي. هو واپس پنهنجي ٺڪاڻي تي آيا ۽ سڪون سان ويهي سڄي ڳالهه پنهنجن ساٿين کي ٻڌائي. سڀني کي ڏاڍي حيرت ٿي ۽ پنهنجن اڳواڻن تي فخر به ٿين ته هو اسان لاءِ ۽ وطن لاءِ ڪيڏو پتوڙين ٿا.
سانول، جيوت کان اڳتي جي لائحه عمل جو پڇندي وراڻيو
”هاڻ جيوت، ڇا ڪرڻ گهُرجي. هتي ئي رهجي يا ٻي ڪنهن پاسي؟!“
جيوت ڪا وراڻي ڏي، تيسين هيري مل چيو
” ڪٿي ڪو نه هلبو، پاڻ هتي ويهي انگريز فوج جو مقابلو ڪري سگهون ٿا. بس ڪوشش اها هجي ته کاڌي پيتي ۽ هٿيارن جو جيترو به گهڻو ذخيرو ٿي سگهي اوترو گهڻو جمع ڪري وٺجي.“
جيوت به هيري جي ڳالهه جي حمايت ڪئي
ڪرمچند ٻنهي جون ڳالهيون ٻڌي وراڻيو
”اها ڳالهه صحيح آهي ته پنهنجي بچاءَ لاءِ جوڳو بندوبست ڪرڻ گهُرجي پرجي پاڻ حملي ڪرڻ جي حالت ۾ اچي وڃون ته پوءِ پاڻ ئي فيصلا ڪن بڻجي وينداسين.“
هيري مل جي ڄڻ ڪرمچند، دل جي ڳالهه ڪري وڌي هئي، تنهن خوشيءَ جو اظهار ڪندي چيو.
”واهه.. جي ائين ٿي سگهي ته وڌيڪ بهتر آهي. ساٿي اوهان جي ذهن ۾ ڪا اهڙي تجويز هُجي ته اُن تي غور ڪري سگهجي ٿو.“
ڪرمچند وراڻيو
” پهرين ڳالهه، پاڻ سڀني کي اها ڳالهه سمجهڻ گهُرجي ته دشمن، اسان کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ ڪابه ڪسر ڪا نه ڇڏي هئي ۽ هو انهيءَ چال ۾ ڪامياب به ٿي وڃي ها پر اها هن جي بدقسمتي هئي جو انهن جو اهو راز پاڻ وٽ فاش ٿي ويو. پر پاڻ به هتي ويهي ڪيتري عرصي تائين پنهنجو بچاءُ ڪري سگهنداسين.تنهنڪري بچاءَ واري حالت ۾ اچڻ تي سوچڻ بجاءِ ان ڳالهه تي سوچجي ته حملي ڪرڻ واري حالت ۾ ڪيئن پهچون. منهنجي ذهن ۾ ٻه ٽي خيال گردش ڪري رهيا آهن، هڪ ته پنهنجون جيڪي به ڇاپا مار ٽوليون ٻين جڳهين تي ڪارروايون ڪرڻ ۾ مشغول آهن، تن کي هڪدم برهمڻ آباد ۽ ان جي آس پاس وارن علائقن تي پنهنجن ڪارروائين جو مرڪز بڻائڻ گهرجي. ٻيو برهمڻ آباد ۽آس پاس جي پنهنجن ماڻهن کي بغاوت ڪرڻ لاءِ تيار رکڻ گهُرجي ۽ ٽيون ته پوءِ پاڻ به مختلف ڇانوڻين تي حملا ڪري فتح حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون جي ڪامياب ٿياسين ته اها پنهنجي ۽ پنهنجن ماروئڙن جي شاندار فتح هوندي جي ناڪام به موٽياسين ته به دشمن کي ڪمزور ۽ نٻل ڪري وجهنداسين.“
ڪرمچند جي اها ڳالهه ٻڌي، جيوت، سانول ڏانهن ڏٺو ۽ سانول، جيوت ڏانهن ڏٺو، جيوت، سانول کان راءِ پڇي چيو
”ڇا خيال آهي سانول؟“
سانول، ڪرمچند ڏانهن نهاريندي چيو
” توکي ڪرمچند اندازو آهي ته تون ڇا پيو چوين، پاڻ هيڏي وڏي فوجي مشينري سان اڪيلي سر وڙهي سگهنداسين.“
ڪرمچند مُرڪندي وراڻيو
”ادا انقلاب! ڪا مٺائي ڪونهي جو پاڻ کي ائين ٿالهي ۾ سجائي، پاڻ اڳيان اچي رکندا. انقلاب ته ادا نالو آهي اُن جو ته مٿئين طبقي کان اقتدار زوريءَ ڦُري، هيٺئين طبقي کي ڏيڻ . انقلاب ته رت جي آبياري چاهي ٿو ۽ ٻي ڳالهه ته اسين ٿورا، ٿوري ڪي آهيون. پاڻ جيڪي ٿورا آهيون سي صرف اڳواڻي ڪنداسين. باقي ڪم خود عوام ڪندو ۽ مونکي پُختو يقين آهي ته جي پاڻ سُٺي ۽ مضبوط حڪمت عملي سان وڙهياسين ته فتح اوس پنهنجي ئي ٿيندي.“
هيري مل، وڏي واڪي، ڪرمچند جي ڳالهه جي حمايت ڪندي چيو
”ساٿيءَ جي تجويز زبردست به آهي ته قابل عمل به. جي اسان هڪ ئي وقت تي، دُشمن کي گهڻن محاذن تي اُلجهائڻ ۾ ڪامياب ٿي وياسين ته دُشمن جي طاقت به ڇڙوڇڙ ٿي ويندي ۽ هو ڪمزور به ٿي ويندو ۽ انهيءَ جو اسان کي ڀرپور فائدو ملندو.“
لارنس وارا، سمنگ سنگهه جي نياپي جي انتظار ۾ هئا ۽ هوڏانهن جيوت وارن، بولي ڌراڙ ڏانهن سمنگ سنگهه جو نياپو پهچايو هو. اهو ئي نياپو ٽيڪچند کي مليو هو ۽ ٽيڪچند اهو نياپو لارنس وارن کي ڏنو ته سڀاڻي جيوت وارا، جبل جي اُترئين پاسي کان رڻ پٽ جو وچ وٺي، جيوت وارا اڳيان روانا ٿيندا. تنهن ڪري سڀاڻي حملو ڪري سگهجي ٿو. بس نياپي ملڻ جي دير هئي فورن جنگي تياريون شروع ٿي ويون، ٻئي پاسي برهمڻ آباد شهر ۾ ٻين ڏينهن جي بنسبت اڄ ماڻهن جي رش ۽ چرپر وڌيڪ هئي. موهن، اڄ ڀيرو جي تڙ هو ۽ ڀيرو جي تڙ جا ماڻهو، ٻين ڳوٺن ۾ هئا ۽ ٻين ڳوٺن وارا، اڃان به ٻين ڳوٺن ۾ هئا. ائين پرتاب به ٻين ڳوٺن ۾ هو ۽ اهو ساڳيو عمل ٻين ڳوٺن تائين هلي رهيو هو. اڄ ڄڻ ڪو خاص ڏڻ هجي، ڄڻ ماڻهن ۾ ڪا بي چيني هجي، پنڊت نائومل به ههڙي غيرمعمولي چُرپُر ۽ حرڪت ڏسي سخت پريشان ٿي پيو هو ته هي ڪهڙي ماجرا آهي جو هڪ طرف انگريز فوج جي تياري پئي هلي ته ٻئي طرف، برهمڻ آباد جي ماڻهن جي هي غير معمولي چرپر هلي پئي. ويجهڙائي ۾ ڪو ميلو به ڪو نه پيو سُجهي. پنڊت نائومل جهڙي ماهه شاطر جو دماغ به اڄ چڪرائجي ويو. راڌا به موتيءَ ۽ ڳوٺ جي ڪافي عورتن کي مندر وٺي ويئي هُئي.
انگريز فوج، جبل ڏانهن رواني ٿي چُڪي هئي. انگريز فوج جيئن جبل جو اڳيون پاسو ڪراس ڪري رڻ واري ور ڏانهن مُڙيا ته پُٺيان کان اوچتي حملي انگريز فوج جا هوش ئي اڏائي ڇڏيا. هو اڃان انهي حملي جي ڌڪ کي پچائي ڪونه سگهيا هئا ته وري اڳيان کان ٻيو زوردار حملو ٿيو. ۽ انگريزن جي لڪل دستن کي به گهيري ۾ آڻي ماريو ويو عين اُن وقت برهمڻ آباد ۾ به باغين ويڙهه شروع ڪري ڏني. ٿاڻا باغين جي قبضي ۾ اچي ويا هئا. انگريز سرڪار جي حامين کي ماريو ويو هو يا جهليو ويو. انهيءَ ساڳئي ئي وقت تي ڇاپا مار ٽولين، آس پاس جي سڄي علائقي تي ڪنٽرول حاصل ڪري ورتو هو. پنڊت نائومل جا ڪي چيلا ته وڙهندي مارجي ويا ته ڪي جهلجي پيا. سيٺ شرنارٿي باغين کان بچڻ لاءِ وڃي پنهنجن گُدامن ۾ لڪو هو پر باغين ڄڻ اڄ ڪنهن زردار کي بخش نه ڪرڻ جو قسم کنيو هو. سو سيٺ شرنارٿي توڙي اُن جو خاندان به انهن کان ڪين بچي سگهيو. پنڊت نائومل به باغين وٽ قيد ٿي چُڪو هو. شورش ايڏي ته زوردار ۽ منظم نموني ٿي هئي جو انگريز سرڪار ۽ انهن جا حامي، پنهنجو ڪو به بچاءُ نه ڪري سگهيا. ٻن ڏينهن اندر برهمڻ آباد ۽ اُن جي آس پاس وارو سڄو علائقو جيوت ۽ سانول وارن جي قبضي هيٺ هو پر جيوت ۽ سانول لاءِ اهو هڪ نئون تجربو هو ته هو پنهنجي علائقي جو بچاءُ ڪيئن ڪن ۽ سڄي علائقي جو ڪار وهنوار ڪيئن هلائين. تنهن ڪري چئن پنجن جي باهمي صلاح مصلحت کانپوءِ هنن سڀني علائقن مان پنهنجا خاص ساٿي، برهمڻ آباد گهُرائي ورتا. هڪ مرڪزي ڪائونسل جوڙي ويئي ۽ ٻيون ننڍيون ننڍيون ڳوٺ ڪاميٽيون جوڙيون ويون، جيڪي پنهنجن علائقن ۽ ماڻهن جي سارسنڀال لهڻ ۽ نوان ويڙهاڪ ڀرتي ڪري، نوان فوجي دستا ٺاهڻ جو فورن ڪم ڪنديون. جيڪي سرڪاري عمارتون ۽ سيٺين جا گهر ۽ گودامن کي اسڪولن ۽ ڳوٺ ڪميٽين جي آفيسن لاءِ مقرر ڪيو ويو. هن اقتدار جو ڌڻي پورهيت آهي. جو نعرو عوام کي ڏنو. ڪارونجهر جي ننڍين ننڍين ڍنڍن کي گڏي هڪ وڏي ڍنڍ ٺاهڻ جي رٿابندي عوام سامهون رکيل هئي. جنهن لاءِ ڪيترن رضاڪارانه ڪم ڪرڻ لاءِ پنهنجا نالا لکرايا هئا ۽ جيڪو اناج ۽ ٻيو مال، سيٺين جي گودامن مان هٿ آيو هو سو سڄي عوام ۾ برابر تقسيم ڪيو ويو. مال به ڪائونسل پنهنجي قبضي ۾ وٺي ڇڏيو هو، هنن پندرهن ڏينهن ۾ پورهيت عوام ۾ ڄڻ نئون اُتساهه پئجي ويو هُجي. هنن محسوس ٿي ڪيو ته هنن مٿان ڪوبه ڪونهي هو پاڻ ئي پنهنجا مالڪ آهن. سڀ پنهنجين ٻنين، دُڪانن ۽ ڳوٺ جي ترقي جي ڪمن ۾ جُنبي ويا هئا. ڄڻ اڄ ته هُنن کي پنهنجي زندهه هجڻ ۽ پنهنجي اهميت جو احساس ٿيو هُجي. اڄ ئي هنن کي خبر پئي هُئي ته حُڪم، صرف حاڪم ۽ امير نٿا هلائي سگهن پر هي به پنهنجي راڄ، ڳوٺ ۽ ماڻهن جا مسئلا حل ڪري سگهن ٿا. سانول، خود به انهن پندرهن ڏينهن ۾ ايترو ته مصروف رهيو جو ڪاڪي موهن، راڌا ۽ موتيءَ سان به ڪين نه ملي سگهيو. هو مختلف ڳوٺاڻين ڪاميٽين وٽ جيڪي به قيد ٿي آيا هئا انهن جا فيصلا انهن جي اڳئين ڪم ۽ ڏوهن آڌار تي ڪري رهيو هو. پنڊت نائومل کي به برهمڻ آباد جي ڳوٺاڻي ڪميٽيءَ آڏو پيش ڪيو ۽ کيس پورهيت عوام کي منجهائي، انگريز سرڪار ۽ مٿئين طبقي جي پيرن ۾ اڇلائڻ، مذهب کي غلط رنگ ڏيئي پورهيت عوام کي پاڻ ۾ ويڙهائڻ ۽ همنيت مهاراج کي قتل ڪرڻ جي الزام ۾ عمر قيد جي سزا ٻڌائي.
سانول، اڄ واندو ٿي جيوت ۽ ڪرمچند وارن کان موڪل وٺي، مندر پهتو هو، جيڪو هاڻ مندر گهٽ ۽ اسڪول گهڻو لڳندو هو. سانول جو پهريون آڌر ڀاءُ ڪندڙ ڪاڪو موهن هو. جنهن سانول کي ڀاڪر پائي، نرڙ تي چُمي ڏيندي چيو.
”سانول پُٽ! اڄ منهنجي من کي سڪون مليو آهي. مون پنهنجي ڌيءَ زينب ۽ ڀاءُ احمد جو بدلو، هنن لٽيرن کان وٺي ورتو آهي ۽ سانول پٽ، تنهنجي عقلمندي ۽ ڏاهپ ڪري، اڄ اسان جو پورهيت آزاد آهي. خود مختيار آهي ۽ اقتدار ڌڻي آهي.“
سانول، ڪاڪي موهن ڏانهن نهاريندي چيو
”ڪاڪا! مُنهنجي ڪري نه پر اسان سڀني جي ڪري، سڀني پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪم نهايت ايمانداريءَ سان ڪيو آهي ۽ ڪاڪا سلام آهي انهن نوجوانن کي، جن پنهنجي وطن ۽ ماروئڙن لاءِ پنهنجين جانين جا نذرانا پيش ڪيا. ڪاڪا ائين کڻي سمجهو ته اڄ جنهن وڻ جو ڦُل پيا کائون، تنهن وڻ جي آبياري، هنن نوجوانن پنهنجي رت سان ڪئي آهي.“
موهن، برهمڻ آباد ڏانهن منهن ڪري وراڻيو
”بيشڪ ابا!“
سانول، راڌا کي نه ڏسي ڪاڪي موهن کان راڌا جي باري ۾ پڇيائين.
”ڪاڪا راڌا ڪٿي آهي؟!“
موهن، سانول جو سوال ٻُڌي مُرڪي پيو ۽ سانول کي وٺي، اُن هال ۾ آيو جتي اڳ ايشور جا پنڊت ۽ مهاراج اچي ترسندا هئا. راڌا، اُتي ننڍن ٻارڙن، ٻارڙين ۽ عورتن کي پڙهائي ۽ سمجهائي رهي هئي. سانول ڏٺو ته ان کي خيال آيو ته سرڳواسي همنيت مهاراج جيڪو خواب پنهنجي ڌيءَ جي لاءِ ڏٺو هو سو اڄ ساڀيان ٿي ويو هو. سانول، راڌا جي ڪم ۾ دخل نه ڏيندي، موهن سان گڏ موتيءَ وٽ هليو آيو، جيڪو پڻ هيترن ڏينهن جي اوجاڳن کان پوءِ گهري ننڊ ۾ سُتل هو ۽ اڳ کان ڪافي نوبنو هو. سانول هڪ نظر موتي تي وجهي، ڪارونجهر جي اُن ٽڪري وٽ هليو آيو. جتي هو زخمي حالت ۾ راڌا وارن کي مليو هو. اتي بيهي، سامهون جبل تي پريان پورهيت، بنا ڪنهن لوڀ لالچ جي جبل ۾ قدرتي ٺهيل ننڍن ننڍن تلائن کي ملائي هڪ وڏو تلاءُ ٺاهڻ واري ڪم ۾ جُنبيل هئا. سامهون سج جبلن جي چوٽين ۾ اُڀري رهيو هو، واهوندي جي هلڪي واءُ، سمنڊ تي گهميل پاڻي جو احساس ڏياري رهي هئي تيسين ڪاڪو موهن، راڌا کي به اُتي وٺي آيو. جتي سانول پنهنجن خيالن ۾ بيٺل هو، راڌا به اچي سانول جي ڀر ۾ بيهي رهي. سانول کي راڌا جي اچڻ جو احساس ٿي ويو هو. تنهن راڌا کي ڏٺي بغير، مسلسل ڪم ڪندڙ مزدورن ڏانهن نهاريندي وراڻيو
”راڌا، هي ڄڻ پنهنجون اُٿي بيهي هلڻ لاءِ، پهريون وکون آهن. ڏس! ڌرتيءَ جا ڌڻي، جڏهن واقعي ڌڻي بڻجن ٿا ته وڏا ۽ ڏُکيا ڪم به آسان ٿي پوندا آهن. هو پنهنجي حقيقي مالڪي تي ڪيڏا نه خوش آهن. ممڪن آهي ته پاڻ سڀ ايترو وقت جٽاءُ نه ڪري سگهون. ڇو جو اسان جو دشمن، اسان کان ڏهوڻو طاقتور آهي. هوءَ پاڻ کي هيئن آسانيءَ سان جيئڻ ڪونه ڏيندو. پر هي پهرين وٽِي کير جي آهي. هي اُن پورهيت راڄ لاءِ ڄڻ ٻج پيو ڇٽجي ۽ ٻج ڪڏهن نه ڪڏهن هڪ ڀرپور فصل ٿيندو ۽ هن پوري ڪائنات تي پورهيت راڄ قائم ٿيندو.“
سانول ۽ راڌا هڪ ٻئي ڏانهن نهاريو ۽ مُرڪيا، هٿ، هٿن ۾ ڏيئي، آزاد فضا ۾ هڪ ڊگهو ساهه کنيائون.........