1
صبح جي شروعات مندر جي گهِنڊ سان شروع ٿي .
ايشورجِيءَ، جِي جئي ـ“ ”
ڪا ڇوڪرِي ڀڄن ڳائڻ لڳي، ڳائڻ وارِي جي گلي ۾ ايترو ته سوز هو، جو اُتي پوڄا پاٽ تي ويٺل ماڻهو، جهومي جهومي “هو هو هو.....” ڪرڻ ۾ محو هُئا ڀڄن ختم ٿيڻ تي سڀني ياترين(عقيد تمندن) پنهنجي پنهنجي حال سارو ـ ايشور ديوتا جي اڳيان دانُ رکندا ٿي ويا ڪُجهـ ئي گهڙين ۾، مندر ۾ سانت ٿي ويئي.
” راڌا ـ ! “
مندر جي پوڄاري، پنهنجي نينگريءَ کي سڏ ڪيو .
” جِيءُ باپو جِيءَ ـ“
راڌا، ايشور ديوتا جي اڳيان پيل دانَ ميڙيندي وراڻي.
” آئون ڦول کڻڻ ٿو وڃان ـ“
پوڄاري مندر جي وڏي دروازي کان نڪرندي چيو.
”جِيءُ باپو ـ .“
راڌا ايشور جي اسٿان کي صاف ڪيو ۽ ايشور جي بُتُ کي ڏُڌ جي بالٽي سان اشنان ڪرائڻ لڳي
” راڌا ــ، او راڌا ڌِيءُ ــ !“
راڌا ـ ، اکين اڳيان هٿ ڏيئي وڏي واڪي وراڻي
“ ” جِيءُ باپو ــ !
” اري ــ، هتي ڪو نينگر ، زخمي پيو آهي ــ .“
مندر جي پوڄاري ، سانول کي بيهوش جبل جي ٽڪرين جي ٻوٽن ۾ پيل ڏسي ڌِيءُ کي سڏ ڪيو
راڌا ايشور جي ڏُڌ کي ڍڪي ، ڊوڙي اچي ، پنهنجي پيءُ وٽ پُهتي
“ هائي ـ ڀڳوان ـ ! ”
سانول جي زخمن تي ماڪوڙين جا ميڙاڪا هُئا ، راڌا هڪدم پنهنجي اوڍڻ سان ــ ، ماڪوڙين کي هٽائڻ لڳي ۽ مندر جي پوڄاري ، ڦٽن کي صافُ ڪيو ۽ سانول کي مندر ۾ کڻي آيا.
” باپو ـ ، ڪنهن بي رحم ، ڪيئن نه بيدردي سان ماريو آهي ــ ، ڇي ڇي ڇي ، ائين تـه ڪير حيوان کي به نه ٿو ماري “
راڌا ڦٽن کي نم جي گرم پاڻي سان صافُ ڪري ، پٽيون ٻڌندي ، پنهنجي پيءُ کي چيو
” راڌا ڌِيءَ ــ ، ان ۾ به ايشور ديوتا جو ڪو راز رکيل هوندو ، نه ته ــ ، هيڙي ويراني ۾ هيءَ گهايل ، پاڻ کي ڪيئن ملي ها؟ “
“باپو ــ ، هيءٌ شڪاري بابو ته ڪونه ٿو لڳي ــ . ”
راڌا سانول جي حُلئي ۽ ڪپڙن کي ڏسندي ، پنهنجي مُنهن انومان ڪڍيو .
پوڄاري اُٿندي چيو ـ
” لڳي ائين ٿو امان ، آئون ڦول کڻڻ لاءِ وڃان ٿو ، تون انهي ڪم مان واندي ٿي ، ايشور جي بُت کي اشنان (وهنجاري) ڪرائي ڇڏجان. “
راڌا سانول مٿان چادر ڏيندي چيوـ
“ها ، باپو.”
وڏي پوڄاري جي وڃڻ کانپوءِ ــ ، سانول واري ڪم مان واندي ٿي ، ايشور جي بُتُ کي اشنان (وهنجارڻ) ڪرائڻ لڳي ۽ گڏوگڏ ايشور جي شان ۾ ڪو ڀُڄن بـ ڳائي رهي هُئي .
هيءُ مندر ، ڪارونجهر جبل جي وچين چوٽي تي واقع هو ، جتي راڌا ۽ سندس پيءُ همنيت رهندا هُئا ، اڪثر هتي عبادت لاءِ ڳوٺ ۽ علائقي جي ماڻهُن کانسواءِ ، ٻاهرين ڏورانهين علائقن جا ياتري (عقيدت مند) به ايندا رهندا هُئا ، بارش جي پاڻي کي ذخيرو ڪرڻ لاءِ مندر جي اڳيان تلاءُ ٺهيل هو جيڪو اڪثر پاڻي سان ڀريل رهندو هو ۽ تلاءُ جي چئني ڪُنڊن تي تُلسي جي ٻوٽي پوکيل هُئي ، راڌا وارن جو ڪمرو جبل جي مٿاهين چوٽي جي اُتر طرف هو ۽ ايشور جو اسٿان راڌا وارن جي ڪمري جي ڏکڻ طرف ٿورو مٿاڇري تي هو ۽ تلاءُ وري ٻنهي کان هيٺ ڄڻ تي جبل جي قدرتي ٺهيل هنج ۾ هو، تلاءُ وٽ پهچڻ لاءِ ڏاڪڻيون ٺهيل هيون ۽ تلاءُ جي چوطرف هٿ منهن ڌوئڻ لاءِ پيڊليون (صندليون) پُڻ جُڙيل هيون. ايشور جي بُتُ کي اشنان (وهنجاري)ڪرائي ــ ، راڌا پاڻ به اچي ، تلاءُ وٽ اشنان (وهنتي) ڪري ، ڪپڙا مٽايا ۽ مٿي اچي پِپِر جي وڻ هيٺيان رامائڻ پڙهڻ لڳي.
“راڌا ! ”
راڌا کي ڪنهن پري کان سڏ ڪيو .
راڌا رامائڻ مان اک ڪڍي ، مٿي نهاريو ته موهن اچي ويجهو پُهتو هو.
“ نمستي ڪاڪا .”
“اوم نمستي ــ ، هي ، پنهنجو همنيت ڪٿي آهي؟ ”
“ باپو ــ ! ، باپو ته ايشور ديوتا لاءِ گُل ڇنڻ ويو آهي. ”
“. اڇا ــ ، چلو خير آهي ، تون ڀل رامائڻ پڙهه ، آئون تيسين انتظار ڪري ٿو وٺان”
“ جيءُ ڪاڪا .........، ڪاڪا ڪو لسي پاڻي ــ ”
“ نه نه امان ــ ”
راڌا مطمئن ٿي ، وري رامائڻ پڙهڻ لڳي.
ڪُجهه ئي دير ۾ همنيت به گُل کڻي آيو پر موهن رامائڻ ٻُڌڻ ۾ ايترو ته محوَ هو ، جو همنيت جي اچڻ جي خبر ئي نه پيس.
” موهن ــ ، آئون ته چوين ٿو ته راڌا کان رامائڻ پڙهڻ سکي وٺ ، آخر جو ڪم ايندئي ــ پر تون آهين جو سيٺين کي ڇڏين ئي نه ٿو ـ “
موهن کلندي ، سلام ورايو ـ
“نمستي مهاراج”
“اوم نمستي اوم نمستي”
۽ ايشور ديوتا جي اڳيان گُل پکيڙڻ لڳو
“ مهاراج ، اوهان کي سيٺ سڏايو آهي. ”
موهن ڪُجهه توقف رکي چيو
ٿوري دير خاموشي کانپوءِ ، پنهنجن هٿن کي ، ڪُلهي تي پيل ٽوالڙي سان اُگهيندي همنيت وراڻيو ــ
” موهن بابا ، سيٺ کي وڃي چئو ته ڀڳوان جي گهر جا دروازا سڀني لاءَ کُليل آهن ــ جڏهن مرضي پويس هليو اچي ، هاڻ مونکان اها دنياداري نٿي پُڄي “.
“ مهاراج چڱو ٿا ڪريو ،نه ته مون جيان جهنجهٽ ۾ پئجي ويندئو.”
موهن ، همنيت جي ڳالهـ جي تائيد ڪندي چيو
صبح کان تاڙي جي تنوار ۽ مور جي ميائو ميائو ٻُڌي موهن وراڻيو ــ
” مهاراج لڳي ٿو ته اڄ سڀان ۾ ورشا ٿيندي ، آگهم به آهي ، اُتر به پيو ٿو لڳي ۽ صبح کان تاڙي جي تنوار پئي ٿئي ۽ مور به وتو رڙي ــ“
همنيت پنهنجي واڻيل کٽ ، پنهنجي ڪمري جي اڳيان رکي ، جتي سج جي اُلهڻ ڪري ڪمري جي ڇانءُ اچي ويئي هُئي ، مهاراج همنيت کٽ تي ليٽندي وراڻيو ـ
“ڀڳوان ڪو ڪرپا ڪري ــ ، نه ته اڳين سال جيان لڏ پلاڻ گهڻي ٿيندي ــ ”
راڌا به رامائڻ ، ٺپي ـ ، پنهنجي پتا ڏانهن هلي آئي.
ڪاڪا ، خير سان پنڌ ڪيو اٿئو ؟ “ ”
موهن ، راڌا جي مٿي تي هٿ رکندي چيو ـ
” هائو ڌيءُ ـ ، خير سان ئي آيو هُئس ، بس سيٺين جا آهن حُڪم ـ ، سي پيا بجا آڻيون ـ چڱو مهاراج ، هاڻي اجازت ڏيو ، بس ايشور اڳيان اسان جهڙن اَڀاڳن جي بخشش پيو گهُرجين “
موهن وڃڻ لڳو ته راڌا چيس ـ
” ڪاڪا ، وري جڏهن اچجو ته مون لاءَ پُستڪ وٺيو اچجو ، ڇو ته پرُاڻو پُستڪ ، زبون ٿي ويو آهي ، باپو کي چئي ، ڀڄن نئين پُستڪ تي لکرائي وٺان ـــــ“
موهن ويندي ويندي ، هاڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيندي ويو .
سانول کي هوش آيو ته پيڙا جي ڪري چينگهڻ لڳو ، چينگهڻ جو آواز ٻُڌي ، پيءُ ۽ ڌيءُ ، ٻئي ڪمري ۾ هليا آيا.
“ راڌا ــ ، پاڻي کڻي اچ ــ ”
راڌا ڊوڪڙي پائي ، ٻاهران دلي مان پاڻي جو لوٽو ڀري آئي ، همنيت سانول جو چهرو ٿورو مٿي ڪري ، پاڻي جا ٻه ڍُڪ ، سانول کي پئياريا ــ ، سانول نقاهت ۽ ڪمزوري۾اکيون کولي ، نهاريو ته هن ڏٺو
هڪ پوڙهو ڳاڙهي لونگي سان ، مٿي تي وڏو تِلڪ ، عنبر جي خوشبوءَ ، ڌوتي پاتل ۽ ساڻ وڏين چيراوين ڪارين اکين ، ننڍڙي وات ، سنهي ڍيگهي سُهڻي نڪ مٿان ، وڏي موڪري نرڙ تي ، وڏي ڳاڙهي بنديا سان ڪا ڇوڪري بيٺل آهي ، اهو لقاءُ ڏسي ، سانول سمجهي ويو ته هووري به هُندن جي قبضي ۾ آهي يعني وري به موت جي مُنهن ۾ آهي ، مايوسي ۾ اکيون پوري ، ليٽي پيو ، راڌا پنهنجي پيءُ کي ڪن ۾ آهستگي سان چيو ــ ،
“باپو ، ڀل اڃان آرام ڪري ــ ”
همنيت ، ڌيءُ جي ڳالهـ ٻُڌي ، هاڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو ۽ ٻئي وري ٻاهر نڪري آيا ــ ، سانول ، هنن جي وڃڻ شرط ، اکيون کولي ، وري به اردگرد جي شين جو جائزو وٺڻ لڳو
ڪُجهـ ڪاٺ جون پيتيون ، ڪجهـ ڦڪين ڪُٽڻ جا اوزار ، جاري تي پيل ڪُجهـ ڪتاب ، هڪ اڌ ٽوال، ڪُجهـ ڪپڙا ٽنگيل ، هڪڙو ٿيلهو ، ڪُجهـ ديوتائُن جا ننڍا ننڍا بُتُ پيل هُئا ته ڪُجهه ٿانءُ ٿپا ۽ ڪُجهه هنڌ بسترا پيل هُئا.
سانول ، اهو سڀ ڪُجهه ڏسي ، ڀوء ۽ پريشاني گاڏڙ ڪيفيت ۾ هُتان ڀڄڻ لاءَ اُٿڻ جي ڪوشش ڪئي ته سندس جي ٺريل ڦٽن مان پيڙا جون شديد لهرون اُڀريون ، جنهن جي ڪري ، سانول کان دردناڪ رڙ نڪري ويئي ۽ ڪڙيون ٻڌل ڦٽن مان هڪ ڀيرو وري گند ۽ رت رسڻ لڳو ، رڙ جو آواز ٻُڌي ، راڌا ۽ همنيت ، ڊوڙي اندر آيا ، جتي سانول پيڙا وچان رڙي رهيو هو ، همنيت هڪدم ، پنهنجي ويدڪ (حڪيمي) ٿيلهي مان ، هڪ ٻوٽي ڪڍي ، سانول جي نڪ اڳيان رکيائين تـ سانول کي چند گهڙين ۾ ، آرام اچي ويو، تيسين ٻاهر کنوڻين جا تجلا ۽ گوڙ جو آواز ويجهو اچي چڪو هو ، همنيت ۽ راڌا ، ڪمري کان ٻاهر نڪري آسمان ڏانهن نهارڻ لڳا
” راڌا ــ ، گهڙي کن ۾ ورشا شروع ٿي ويندي ، تنهنڪري تون ڊوڙ ڪري ، گئوماتا کي سامهين ڇني ۾ بيهاري گاهـ پٺو وجهي اچ ، جي ورشا پئجي ويئي تـ ڏاڍي تڪليف ٿيندي. “
راڌا پيءُ جو حُڪم ٻڌي ، ڊوڙي وڃي ، گئوماتا کي سامهين ڇني ۾ بيهاري ، گاهـ پٺو وڌو مس ته وڏ ڦُڙي سان بارش شروع ٿي ويئي ، اهڙي تيز بارش ۾ ، راڌا ڊوڙي پنهنجي ڪمري تائين پُهچندي پُهچندي ، سڄي وهنجي وئي هُئي
” باپو ، ڏاڍي تيز ورشا آهي ، مس مس ڀڳوان ڪا ڪرپا ڪئي آهي ، هاڻي مُلڪ ۾ ڀال ڀلايون ٿي وينديون . “
۽ هوءَ پنهنجن وارن ۽ ساڙهي مان پاڻيءَ نپوڙي ڪڍڻ لڳي
همنيت پنهنجي ڪتاب ، اَٿر ويد مان ، پاٺ کوليندي چيو ــ
” هائو امڙ ، ڀڳوان ته هميشهٰ پنهنجن بندن ۽ خلق تي ڪرپا ڪندو رهي ٿو پر بندو من جو ميرو آهي ............، امان ڏيئو ته روشن ڪري وٺ ، ورشا جي ڪري اونداهـ ٿي ويئي آهي ، هاڻي ته نظر به گهٽ ٿي پئي آهي. “
راڌا وارن کي ڪاٺ جي ڪنگهي ڏيندي وراڻي ــ
“ جيءُ باپو ”
راڌا ، وارن کي ڪنگهي ڏيئي ، ڏيئو ٻاري ، اُن تي شيشي جو ڍڪ چاڙهي ڇڏيو ، جئين واءُ جي ڪري اُجهامي نه وڃي ، بارش زور سان هُئڻ ڪري جبل سڄو وڳو پئي ، ڪنهن ڪنهن وقت وِڄ جي چمڪاٽ سان گڏ گوڙ جو زبردست ٺڪاءُ ٿي ٿيو.
“ روٽي کائيندو.........! ”
راڌا جو اهو پهريون سوال ، سانول کان هو ، جيڪو ڪُجهـ دير پهرين هوش ۾ آيو هو ، سانول راڌا جي سوال جي موٽ ۾ ، ڪنڌ سان هائوڪار ڪئي ، هونءُ به سانول ٽن راتين ۽ ٻن ڏينهن جو بُکايل هو ۽ کاڌي نه ملڻ ڪري به ڪافي ڪمزور ٿي پيو هو ، راڌا پيتل جي گول ٿالهي ۾ ، ڪُجهـ چانور ، ڪجهـ روٽيون ٻاجهر جون ، ٽامي جي ننڍڙين وٽين ۾ دال ، چٽڻي ، سانڌاڻو ۽ پيتل جي وڏي گلاس ۾ کير کڻي اچي، سانول جي اڳيان رکيائين ته همنيت ، اَٿر ويد ۾ نشان رکي ، اُن کي بند ڪري اچي ،سانول کي ٽيڪ ڏيئي ، مٿي ڪندي ، ٻه ويهاڻا ڏيئئ ويهاريو ۽ سانول کي ماني کارائڻ لڳو تيسين راڌا ، پيءُ طرفان ڏنل ٻوٽِين کي ڪُٽي ، انهن جو مرهم ٺاهي ورتو ، جئين سانول ماني مان فارغ ٿيو ته راڌا ، سندس جي ڦٽن کي ، نم جي نيم گرم پاڻي سان چڱي طرح ، ڌوئي ، صاف ڪري سُڪائي ، انهن تي ٺهيل مرهم جو ليپو ڪري ڇڏيو ، مرهم لڳڻ سان ئي ، سانول کي به پيڙا ۾ آرام محسوس ٿيو ، راڌا ، سانول جي مرهم پٽي مان واندي ٿي ، پنهنجي پيءُ لاءَ ماني کڻي آئي.
“ تو ماني کاڌي آهي؟ ”
همنيت ، اَٿر ويد مان اک ڪڍي ، راڌا ڏانهن نهاريندي پُڇيو ــ
“ نه باپو ، آئون گيتا جو ورد ڪري ، پوءِ روٽي کائينديس ”
سانول کي پهرين جيڪو خوف پيدا ٿيو هو ، سو هنن جي وهنوار کي ڏسي ، ڪافي حد تائين گهٽجي ويو هو ، هو ليٽيو ليٽيو ، چونري جي ڇت کي گهوري رهيو هو ، ڪجهه دير ۾ راڌا جو سُريلو آواز ، سانول جي ڪنن ۾ سُرن جو امرت رس گهولڻ لڳو ، راڌا جئين جئين گيتا پڙهندي ٿي ويئي تـ سانول جي من ۾ انڌ مانڌ مچندي ٿي ويئي ، راڌا گيتا پڙهڻ کانپوءِ ، اُن جو ترجمو پڙهڻ لڳي ته سانول ائين محسوس ٿي ڪيو ته گيتا به قرآن مجيد جيان ئي بُرائين کان تنبيهه ٿي ڪري ۽ بُرائين خلاف جنگ جوٽڻ جو درس ڏي ٿي ، ٻاهر برسات جو زور ٽُٽي ويو هو پر اڃان جهڙ ڦڙجي سنهي ڦوهار هلندڙ هُئي ، کنوڻن جي به چمڪاٽ ڪنهن ڪنهن وقت ، اولهـ اُتر جي ڪنڊ طرف هيٺيان هئي ،گوڙ جو پري ڪنهن وقت ڪو هلڪو دٻيل آواز آيو ٿي نه ته بس ، بارش جي ڪري فضا ۾ خُنڪي پيدا ٿي ويئي هُئي ۽ رات به پنهنجا پَرَ پوري طرح سان پکيڙي چُڪي هُئي.
رات واري بارش ، جبل کي ڌوئي ، پاڪ ۽ صاف ڪري ڇڏيو هو ، فضا ۾ حبس وڌي ويو هو ، همنيت ۽ راڌا به آرتي واري پوڄا پاٽ کان واندا ٿي ، سانول وٽ آيا هُئا ، جيڪو پُڻ ، هنن جي آرتي ، مندر جي گهنڊ ۽ هنن جي سُريلي آواز سان ڀڄنن واري
عبادت جي ڪري سُجاڳ ٿي چڪو هو ، سانول پنهنجو چهرو ڌوئي ، اُگهي ورتوته راڌا نيرن کڻي اچي اڳيان رکيو ، همنيت ، هيٺ زمين تي پيڊلي (ڪاٺ جي صندلي) تي ويهي ناشتو ڪيو ۽ سانول ، مٿي کٽ تي ئي نيرن جا ٻه گرهه هنيا ، راڌا ٻنهي جا ٿانءُ ٿپا کڻڻ آئي ته سانول چيو ــ
“ ٻڌو......!”
راڌا جا ٿانءُ کڻي ، چونري کان ٻاهر پئي نڪتي ، تنهن جو سانول جو سڏ ٻُڌو ته وراڻي ــ
“ ڀڳوان جي ڪرپا ، جو اوهان ڳالهايو ته سهي ”
“ مونکي هتي گهُٽ پئي ٿئي ، آئون ٻاهر نڪرڻ ٿو چاهيان....... ”
سانول ڏاڍي نماڻائي ۽ عاجزي سان چيو ــ
راڌا موٽ ۾ پنهنجي پيءُ کي سڏ ڪيو .
“ باپو..........باپو، اندر اچي مزمان جي کٽ ٻاهر ڪڍرايو ”
همنيت ، جيڪو نيرن کائي ، گئو ماتا کي کاڌو پيتو کارائڻ لاءِ ويو هو ، سو ڌيءُ جو سڏ ٻُڌي چونري ۾ هليو آيو ۽ اچي سانول کان حال احوال پُڇڻ لڳو
“پُٽ ، هاڻي طبيعت ڪئين آهي ؟ ”
سانول وراڻيو ــ
“پيڙا ۾ هاڻي گهڻو آرام آهي ــ”
راڌا پنهنجي ڳالهه وري ورجائيندي وراڻي ــ
” باپو ـــ ، مزمان جي کٽ ٻاهر کڻي هلون ، هتي مونجهارو ٿو ٿيس ، هونءَ به باپو رات واري ورشا کانپوءِ ، حبس ويتر وڌي ويو آهي “
همنيت ۽ راڌا ، ريڙهي سيڙهي ، سانول جي کٽ کي ٻاهر ڪڍيو
سانول ندامت ۾ وراڻيو ــ
” ڪاڪا ، مُنهنجي ڪري ، اوهان تڪليف ۾ پئجي ويا آهيو ، آئون جئين هلڻ جهڙو ٿيس ته هتان هليو ويندس “
همنيت ، راتوڪي برسات سبب وهندڙ چشمي ڏانهن نهاريندي وراڻيو ــ
” پُٽ ، آڪاش کان وٺي پاتار تائين ، ڀڳوان هر شيءَ ۽ هررنگ ۾ وسي ٿو ۽ جيڪو ڀڳوان جي پيدا ڪيل هر شيءَ ۽ رنگ سان پيار نه ٿو ڪري ، اهو ڄڻ ڀڳوان کي ناراض ٿو ڪري ــ ، اصل ڀڳوان جو راضپو ، ڀڳوان جي پيدا ڪيل ـ ، هر شيءَ سان مُحبت ۽ خدمت ڪرڻ سان حاصل ٿئي ٿو “
تيسين راڌا ، سانول لاءِ ڪاڙهو ، ڪاڙهي کڻي آئي
” راڌا ــ ، منهنجي خاص پوڄا پاٽ ڪرڻ جو وقت ٿئي پيو ــ ، آئون پوڄا لاءِ وڃان ٿو ، تون مزمان وٽ ئي رهجان ، متان ، موتي ڏانهن جبل نڪري وڃين “
راڌا فرمانبرداري ڪندي وراڻي ــ
“ نـ باپو آئون ڪيڏانهن ڪونـ وينديس ”
همنيت پنهنجي ڪمري مان ٿالهي ۾ ڪُجهـ سيندور ، کوپرو ، مٺائي ۽ اگربتيون کڻي ، چاڙهين تان چڙهي ايشور جي آسٿان ڏانهن هليو ويو
“مزمان اوهانجو نالو ڇا آهي ؟ ”
راڌا معصوميت مان ، سانول کان پُڇيو ــ
سانول ، جواب ڏيڻ بجائي ، راڌا کي چتائي ڏسندو رهيو
راڌا ،سانول کي ائين چتائي ڏسندي ڏٺو تـ شرمائيندي وراڻي ــ
“ائين گهوري ڇا ٿا ڏسو!؟ ”
سانول مُرڪي چيو ــ
“ ڪجهـ به نه!!! ”
“اوهان کي ڪنهن زخمي ڪيو؟ ”
وري سوال ڪيائين پر سانول ڪو به جواب ڪونه ڏنو راڌا پنهنجي سوال جو جواب نه ٻُڌي پاڻ ئي جواب ڏيندي چيو ــ
“ ڇا به هُجي پر جنهن به اوهان کي زخمي ڪيو آهي سو انسان آهي ئي ڪونه! ”
راڌا جي ڳالهـ ٻُڌي ، سانول هڪ ڊگهو ٿڌو ساهُ کنيو ۽ وراڻيائين ــ
“ مونکي پاڻي پئياريندئو ”
راڌا هونءُ ڪري ، پاڻي کڻي آئي ۽ پوءِ گئو ماتا کي ٻئي پاسي ٻڌي، اُن جي وٿاڻ کي صاف ڪرڻ لڳي ، جيڪو ڪالهوڪي بارش ڪري گپ ڪري ويو هو .
برسات پوڻ ڪري ، سڄو ڪارونجهر جبل ڌوپجي ، صاف ٿي ويو هو ــ ڪارونجهر جي چوٽين مان ، اڃان تائين برسات وارو پاڻي رَسي رهيو هو ، حالانڪي برسات کي پئي ، ٻـ پهر گُذري چُڪا هُئا ، مندر جي سامهون واري چشمو به وهڻ شروع ٿي ويو هو جنهن جو پاڻي مندر واري تلاءُ ۾ به اچي پوندو هو ، آسمان تي اڃان به ڪڪر ڇانيل هُئا ۽ واءُ به بلڪل بند هو ــــ ، مندر جو مور سامهون پِپِر جي وڻ هيٺيان چوڳو ڪري رهيو هو
سانول ڪنڌ ورائي وري مندر ڏانهن نهاريو جيڪو بارش پوڻ ڪري وڌيڪ صاف ٿي بَکِي پيو هو ، پوڄا پاٽ لاءِ برهمڻ آباد ۽ آس پاس جي علائقن کان ماڻهو اچڻ شروع ٿي ويا هُئا ، ايسيتائين همنيت ـ پنهنجي خاص پوڄا کان فارغ ٿي اچي ويو هو ،ماڻهو ايشور جي مندر جي سامهون ٺهيل چبوتري تي ويهڻ شروع ٿي ويا هُئا راڌا به گئو ماتا واري ڪم مان فارغ ٿي ، وهنجي سهنجي ، ڪپڙا مٽائي ، مٿي تي تِلڪ هڻي ، ايشور جي آسٿان تي پُهچي ويئي هُئي ، راڌا جي اچڻ شرط ، مهاراج همنيت شلوڪ ٻُڌائڻ شروع ڪيا.
سانول پنهنجي ڳوٺ ۾ ، سڀني کان ڳڀرو جوان هو ، ملهه ۾ ته سندس جي پوري علائقي ۾ هاڪ هُئي ، ڳوٺ ۾ اڪثر هر راند ۾ حصو وٺندو هو ، يتيم ته هو اڳ ئي هو ، انهي ڪري هو شاهـ جي گهر ۾ رهندو هو ۽ اُن جي ٻني ٻاري ۽ گهر جو ڪم ڪار ڪندو هو ، ڪُجهه مهينن کان هندو مُسلم فسادن مُنهن ڪڍيو هو،جتي مُسلمانن جي اڪثريت هُئي اُتي مُسلمانن ، هُندن کي ٿي ماريو ۽ جتي هندن جي اڪثريت هُئي ته اُتي وري هندن ٿي مُسلمانن کي ماريو ، اها ڪنهن کي به خبر ڪانه هُئي ته هو هڪٻئي کي مارينَ ڇا لاءِ پيا ، هُتي هندن ، شاهـ ۽ اُن جي خاندان کي ماري ، ساڙي ڇڏيوهو ته سانول ٻي ڪا راهـ نه ڏسي ، وٺي ڀڳو هو ۽ پنهنجي جان بچائڻ لاءِ ڪوشش به ڪندو رهيو ، ڪافي دير بلوائين سان مزاحمت ڪرڻ ڪري ، ڪافي زخم لڳا هُئس ، تڏهن به هنن کان جان بچائي ، ڀڄڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو هو ، هڪ ڏينهن ۽ هڪ رات لڪندو ۽ ڀڄندو رهيو هو ، زخمي هُئڻ ڪري هُن جبل ۾ لڪڻ ٿي چاهيو پر هو مندر جي ڀر ۾ بيهوش ٿي ڪِري پيوهو.
پوڄا پاٽ ڪري ، همنيت ۽ راڌا ، ٻئي سانول وٽ هليا آيا ــ ، راڌا پيءُ کي موڙهو آڻي ڏنو ، همنيت پنهنجي بُت کي ٽوالڙو ويڙهي ، موڙهي تي ويهي رهيو
” پُٽ هاڻي پنهنجي خبر چار ڏي ، ڪٿان آيو آهين ؟ ڪنهن زخمي ڪيو اٿئي.........؟ “
همنيت ، سانول کان پُڇا ڪئي .......سانول جي ذهن ۾ هيڪر ته آيو ته سڀ ڪُجهـ سچ ٻُڌائي ڇڏي پرٻئي ساعت بجلي جي تيزي جيان خيال آيس ته جي سچ ٻُڌائيم ته پوءِ موت يقيني اٿم...................!
همنيت سانول کي سوچ ۾ ٻُڏل ڏسي چيو ــــ
” تون اُلڪو نـ ڪر ، مونکي خبر آهي ته تون مُسلمان آهين ، ڇاڪاڻ ته تنهنجو چهرو ۽ لباس صاف صاف ٻڌائينَ پيا ـــ “
سانول ، همنيت جي انهي انڪشاف تي ڇرڪي پيو ۽ هڪدم وراڻيائين ــ
“ پوءِ!!!!!! ”
همنيت ، سانول جو هٿ ، پنهنجن هٿن ۾ جهليندي ، وڏي پاٻوهه سان چيو ــ
” ڌرم ، ڪڏهن به ظُلم نه ٿو چاهي .......ڌرم ته پُٽ من جي شانتي (سُک) جو نالو آهي ، جيڪي به ڌرم جي نالي ظُلم ڪن ٿا اُهي دراصل ڌرم کي سمجهن ئي نه ٿا ــ ، ڌرم ته امن ، انصاف ۽ مُحبت جو نالو آهي ۽ جنهن دل ۾ اصل ڌرم ناهي ته اها دل اشانت ( بي سُکي) ئي رهي ٿي. “
سانول ، همنيت جون اهي ڳالهيون ، ٻُڌي ، ڪُجهه آٿت ۾ آيو ــ
“ ڪاڪا ـــ ، مونکي ته ڊپ هو ته ڪٿي اوهان ڀي......................! ”
سانول پنهنجو خدشو ، ڳالهـ اڌ ۾ ڇڏي ، ظاهر ڪري ڇڏيوـــ .
سانول جي اها ڳالهـ ٻُڌي ، همنيت جي ڀر ۾ ، زمين تي ويٺل راڌا جي چهري تي مُرڪ ڦهلجي ويئي
همنيت ،سانول جي خدشي کي اهو چئي ويتر ختم ڪري ڇڏيو ته ـــــ
” پُٽ ، ڊپ ٿوري ڪبو آهي ــ ، مارڻ واري کان ته جيئارڻ وارو هزار ڀيرا وڌيڪ آهي ، هي ته ڀڳوان جو گهر آهي ، هي ته اشانت انسان جي پناهـُ گاهـ آهي ـــ“
راڌا ، موقعي جي مناسبت ڏسي ، پنهنجي پيءُ سان ، سانول جي شڪايت ڪندي وراڻي
” باپو ــ ، مزمان ، جيئن ڪُجهـ ٺيڪ ٿيو آهي ته نيرن صفا نه کاڌي آهي ، جي روٽي نه کائيندو ته باپو ، ٺيڪ ڪيئن ٿيندو......؟ “
همنيت کلندي ، پنهنجي ڌيءُ جي مٿي تي هٿ رکندي وراڻيو ــ
“ کائيندو ...، هن جي روزي پاڻ وٽ ئي لکيل آهي ”
راڌا پيار ڀري شڪايت سان ، سانول کي چيو ــ
“ ٻڌو پيا مزمان ــ ، هاڻي روٽي ضرور کائڻي پوندي ، ها.....!! ”
هوءَ جيتري معصوم هُئي ، ايترو ئي وري ڳوٺاڻي حُسن جو شاهڪار هُئي
همنيت ، موڙهي تان اُٿي ، چونري ڏانهن ويندي چيو ــ
“ اڄ ، ڪالهـ جي نسبت ڏينهن ڪُجهه ٿڌيرڙو آهي ”
راڌا ،اکين مٿان هٿ ڏيئي هيٺ نهارڻ لڳي ، حالانڪي سج جي روشني نه هُئي پر هڪ عام عادت جي ڪري ، هُن ائين ڪيو ٿَي
“ باپو ، هيڏانهن ڪُجهه ماڻهوءَ پيا اچن ــــــ ”
ڌيءُ جي چوڻ تي ، همنيت به اوڏانهن نهارڻ لڳو ، جيڏانهن راڌا نهاري رهي هُئي ، ڪُجهـ ئي دير ۾ ، اهو ماڻهن جو ٽولو ، همنيت وٽ اچي پهتو ۽ سانول کي ڏسي ، پاڻ ۾ کُسر ڦُسر ڪرڻ لڳا . نيٺ هنن مان هڪڙي همنيت کي سلام ورايو ــ
“مهاراج نمستي ”
شايد اهو ماڻهوءَ انهي ٽولي جو چڱو مُڙس هو ، مهاراج سلام جو جواب ڏيئي ، انهن ڏانهن سواليهٰ نگاهن سان نهارڻ لڳو
انهي همراه مهاراج جي سواليهٰ نگاهن کي سمجهندي چيو ــ
“مهاراج ، اوهان سان نويڪلائي ۾ ڳالهائڻو آهي ــ ”
همنيت وراڻيو ــ
” هي ايشور ڀڳوان جو مندر آهي ، هتي ڪنهن کان ڪُجهه به ڪينَ نه لڪائبو آهي ، تون ڳالهـ ڪر....“
هن ُ همراه ، ٻين همراهن ڏانهن نهاريو ، ڄڻ انهن کان اجازت وٺندو هجي ۽ چيائين ــ
سيٺ نارائڻ داس ، ايشور ديوتا لاءِ هي مڻيا (روپيا) موڪلي آهي ۽ هُن روپين جي ٿيلهي ، همنيت ڏانهن وڌائي ، همنيت ، ٿيلهي کي هٿ سان ڌڪيندي چيو ــ
” ابا ، سيٺ کي وڃي چئو ته ايشور ديوتا کي ڪنهنجي به دانَ جي ضرورت ڪونهي هو پاڻ اوهان جهڙن کي دانَ ڏيندو آهي گهُرندو نه آهي “
“ مهاراج ، سيٺ خوشي مان ڏنا آهن ، مندر جي مرمت ڪرائي ڇڏجو ـــ ”
همنيت وراڻيو ــ
“ نه ، اُن جي ضرورت ڪونهي ــ ”
همراه پنهنجن ڪُلهن کي مٿي اُچڪائيندي چيو ــ
“ جيئن اوهان جي مرضي مهاراج....! ”
۽ هو پوءِ ايشور جي مندر ۾ ، پوڄا لاءِ هليا ويا ، هنن جي وڃڻ کانپوءِ ، راڌا پنهنجي نڪ کي موڙو ڏيندي چيو ــ
” هي ماڻهو ته مورڳوئي راڪشکس (شيطان) پئي لڳو ...........۽ ها باپو ، هي سيٺ هروڀرو دانَ ڏيڻ جي پويان اچي ڇو پيو آهي ، هڪ ڏينهن ڇڏيو ٻئي ڏينهن دانَ ڏيڻ جي بهاني ڀڳا اچن ..........هونءُ ...! مرمت ڪرائي ڇڏجو “
راڌا جي ان معصومانهٰ ادا تي سانول مُرڪي پيو ،همنيت چڱي پر ڄاتو ٿَي ته سيٺ نارائڻ جون هوَس ڀريون نگاهون ، سندس نينگري راڌا ۾ آهن ،هو پيسن ۽ پنهنجي دولت جو رُعب ويهارڻ لاءِ ، هڪ نه ٻئي ڏينهن اهو ناٽڪ ڪندو رهي ٿو
” امڙ ، تون اُلڪو نه ڪر ، هي ايشور ڀڳوان کي رنجائينَ ٿا ۽ پنهنجو پاڻ لاءِ هتي ئي نَرڳ (دوزخ) جوڙين وتا “
راڌا ،پيءُ جي ڳالهـ ٻُڌي ، مُرڪي رڌڻي ڏانهن هلي ويئي ، سانول حيرت وچان ٻنهي کي نهاريندو رهجي ويو
راجستان جو وڏو شهر برهمڻ آباد ، اڄ گئو مُکي ميلي جي ڪري ، بارونق لڳو پئي ، هر طرف طرحين طرحين جا دُڪان لڳل هُئا ،مال جا واپاري الڳ ، مال جي پڙي لڳايو بيٺا هُئا ته مٺائين وارا وري پنهنجي الڳ بازار سجايو ويٺا هُئا ٻئي پاسي راندين ۽ مدارين جو ميلو متل هو ته ناچ ڳائڻين جا تنبو ئي الڳ منظر جو ڏيک ڏيئي رهيا هئا پر ميلي ۾ ايترو سڀ ڪُجهـ هوندي به ، اڳ جي نسبت رونق تمام گهٽ هُئي شايد اُن جو سبب تازو شروع ٿيندڙ ، هندو ، مُسلم فساد هُئا ــ
سيٺ نارائڻ جي دُڪان تي به ڪافي رش هُئي ، سيٺ نارائڻ داس ، پنهنجن نوڪرن کي دانهون ڪري ڪري گراهڪن ڏانهن متوجهـ ڪرائي رهيو هو.
“ سيٺ صاحب........!! ”
ڪنهن اوچتي سڏ تي ، سيٺ نارائڻ ڪنڌ ورائي ، اوڏانهن ڏٺو جتان سڏ جو آواز آيو هو ته سامهون پالڪي ۾ سيٺ شرنارٿي ويٺو هو، سيٺ نارائڻ ، سيٺ شرنارٿي کي ڏسي ، اهڙو ته ٽپ ڏنو ڄڻ ڪاريهر تي پير پئجي ويو هُجيس.
هڪدم وراڻيو ــ
” اچو اچو سيٺ صاحب ......، اسان جا ته ڀاڳ کُليا آهن جو اوهان پاڻ ، اسان ڏانهن پنهنجا ڀاڳن ڀريا قدم ڀري آيا آهيو....!“
۽ اڳيان بيٺل ماڻهن کي جلدي جلدي هڪ طرف هٽائڻ لڳو ۽ پنهنجي ڌوتي کي ٻنهي هٿن سان جهلي ، سيٺ شرنارٿي جي پالڪي وٽ پُهتو ۽ هٿ ڏيئي ، سيٺ شرنارٿي کي پالڪي مان هيٺ لاٿو ،سيٺ شرنارٿي .......ڪنن ۾ سونيون واليون ـــــ ، اڳيان وڏو نڪتل پيٽ ـــــ ، انهي پيٽ مٿان پيل صدري ۾ سون جا بٽن لڳل ــــــــ ، گلي ۾ ٿُلهي سنڪڙي (زنجير) پيل هئس ، وڏي شان سان هلي ، اچي ، سيٺ نارائڻ داس جي ڪمرا ءِ خاص ۾ ويٺو ، سيٺ نارائڻ داس ، پنهنجن نوڪرن کي ، ڪُجهـ خاص هدايتون سيٺ شرنارٿي جي خدمت لاءِ ڏيڻ لڳو
سيٺ نارائڻ داس جو ڪمرا ءِ خاص واقعي سيٺ شرنارٿي جي شان وٽان هو ، عاليشان ، هٿ سان ٺهيل غاليچا وڇايل هُئا ــــــ ، در ۽ درين تي بهترين پردا ٽنگيل هُئا ته مٿان هٿ پکو ، جنهن جي ڇوَ تي زري ۽ ٽڪن جو شاندار ڪم ٿيل هو ۽ دلي جا بهترين صوفا سيٽ پيل هُئا ، سيٺ نارائڻ داس ، شراب جي ٻاٽلي(بوتل) مان ٻه پيگ ڀريا.
” سيٺ صاحب ــــ ، هاڻي ته موقعو به آهي ۽ حالتون به پنهنجو پاڻ پيون ساٿ ڏينَ ۽ اوهان اڃان تائين ماٺ ڪيو ويٺا آهيو.....؟ “
سيٺ نارائڻ ، پيگ سيٺ شرنارٿي ڏانهن وڌائيندي وراڻيو ــ
” سيٺ صاحب ، مذهبي معاملو آهي ـــ ، ڪٿي وٺڻ بجاءِ ڏيڻا نه پئجي وڃن ــ ، انهي ڪري صبر کان پيو ڪم وٺان..“
سيٺ شرنارٿي ، پنهنجي هاٿي جهڙي جسم کي صوفي تي چوريندي وراڻيو ــ
” هيئنر ته هندو مُسلم فساد به عروج تي آهن انهي کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو موقعو ملندئي مذهبي معاملو آهي ته اهو ڪم به هنن مذهبي فسادن ۾ ڪٿي گُم ٿي ويندو. “
سيٺ نارائڻ داس پيگ مان ڍُڪ ڀريندي چيو ــ
” سيٺ صاحب ، اوهان جو چوڻ بجا آهي پر ايڏو وڏو قدم حال فلحال ، آئون کڻڻ لاءِ ذهني طور تيار نه آهيان ۽ منهنجو هيڏو ڪاروبار.............................................“
سيٺ شرنارٿي نارائڻ جي ڳالهـ اڌ ۾ ڪٽيندي ، ڪاوڙ مان وراڻيو ـــــ
” آئون پوءِ ڇا لاءِ ويٺو آهيان ، ڪليڪٽر تائين ته مُنهنجي رسائي آهي ۽ جي ڪا اوڻيهه ويهه ٿي به سهي ته آئون پاڻهين سنڀالي وٺندس. “
سيٺ نارائڻ داس ، ڪياڙي کنيندي ، ساڳي انداز ۾ چيو ــ
” پر سيٺ صاحب منهنجو هيڏو وڏو ڪاروبار آهي ، جي ڪُجهه ٿيو تـ منهنجو ته الهه تلهه ختم ٿي ويندو. “
سيٺ شرنارٿي وٽجي سٽجي ، مس صوفي تان اُٿندي ، فيصلا ڪُن لهجي ۾ چيو ــ
” سيٺ اهڙو ڪُجهه ٿيو ته تُنهنجي ڪاروبار جي ضمانت به آئون کڻڻ لاءِ تيار آهيان ـــ ، ڪمون .......، اها پيتي سيٺ صاحب کي ڏيئي ڇڏ ...، ۽ ها نارائڻ ، مونکي ڪم کپي ، ٻُڌئي ... هيئنر مونکي دير پئي ٿئي ، آئون هلان ٿو ـــ“
۽ جهڙي شان سان آيو هو، اهڙي ئي شان سان هليو ويو ، سيٺ شرنارٿي ته حُڪم ڏيئي هليو ويو هو ، نارائڻ داس جي نرڙ تي پگهر جا ڦُڙا چمڪڻ لڳا هُئا ، هونءُ سيٺ نارائڻ داس به ڪا معمولي شخصيت نه هُئي ، پنجاهه جي پيٽي ۾ هلندڙ ــــــــ ، ڪنن ۾ سونيون واليون ـــــــ ، مٿي تي گانڌي ڪيپ ـــــــ ، پيٽ نڪتل ـــــــــ، نڪ تي گول چشمو ٽڪيل ۽ لٺ جي دستاني تي سون جو پاڻي چڙهيل هُئس ۽ پنهنجي دُڪان تان لهي ، جڏهن وڏي شان سان برهمڻ آباد جو چڪر هڻندو هو ته سڀڪو پيو نمستي نمستي ڪندو هو ، سيٺ نارائڻ داس جو ڪاروبار رُڳي هتي نه هو پر پوري راجستان ۾ پکڙيل هو ۽ اُپت جو چڱو خاصوحصو بيوروڪريسي کي کارائي ڇڏيندو هو
ٽن ڏينهن کان وٺي مهاراج همنيت بيمار هو ،موسم جي ٿڌي هُئڻ ڪري ، زُڪام ۽ بُخار ٿي پيو هُئس ، راڌا لاءِ ٻنهي جي تيماداري ڪرڻ ڏکيو ٿي پيو هُو ، پر تڏهن به راڌا هر ممڪن ڪوشش ڪئي ٿَي ته ڪم ۾ ڪا گنجائش رهجي نه وڃي ،سانول جا به هاڻي گهڻا ڦٽ ڇُٽي چُڪا هُئا.
” سانول بابو ـــ ، هاڻي ته اوهان جا ڪافي زخم ڇُٽي ويا آهن لڳي ٿو هي مرهم ، اوهان کي چند ڏينهن ۾ نو بنو ڪري ڇڏيندو.“
راڌا سانول جي رهيل ڪُجهه زخمن تي مرهم جو ليپو ڪندي وراڻي ــ
سانول ويهاڻي کي ٽيڪ ڏيئي ، وڏي پاٻوهه سان وراڻيو ــــــ
“راڌا ، هن مرهم ۾ ايڏي شڪتي(طاقت) ٿوري آهي اها ته اوهان جي هٿن جي شِفا آهي. ”
راڌا موٽ ۾ کلندي وراڻي ــ
“ سچي ، سانول بابو ”
سانول ، چاهه سان راڌا ڏانهن نهاريندي چيو ــ
“ راڌا ، ڇا چاهه ۾ شڪتي(طاقت) نه هوندي آهي؟ ”
راڌا ، زخم تي پٽي ٻڌندي وراڻي ــ
“ الائي..........! ”
سانول ، راڌا جي مٿي تي پيار وچان هلڪي ٿپڙ هڻندي وراڻيو ــ
“ منهنجن ڦٽن کي ـــــ ، چري تُنهنجي چاهت ٺيڪ ڪيو آهي ــ ”
راڌا ، ڄاڻي واڻي ـــــ ، اڻ ڄاڻ ٿيندي چيو ــ
” نـ بابو ــ ، ائين ٿوري آهي ـــ ، اوهان کي باپو جي هن ٺهيل مرهمن ٺيڪ ڪيو آهي ، باپو ، ڏاڍي محنت سان هي مرهم ٺاهيندو آهي ــ“
۽ مرهم پٽي جو سامان کڻي ، پنهنجي پيءُ وٽ هلي آئي..
“ باپو ــ ، ڪاڙهو پيتو ـــ؟ ”
“ها امان ــ ”
همنيت وراڻيو ــ
راڌا ، پنهنجي پيءُ جي سيراندي وٽ ويهي ، پيءُ کي مٿي تي زور ڏيڻ لڳي ــ
همنيت راڌا کان پُڇيو ــ
“ راڌا امڙ ــ ، صبح رامائڻ پڙهي هُئي ــ؟ ”
“جيءُ باپو ــ ”
“ ياتري آيا هُئا ــ ؟”
“ جيءُ باپو ـــ ”
“ ايشور جي بُت کي اشنان ڪرايو هو ـــ؟ ”
“ جيءُ باپو ــ ”
۽ گئو ماتا کي ـــ!؟ “ ”
“ جيءُ باپو ــ ، گئو ماتا کي به گاهـُ پٺوڏيئي ، وهنجاري ڇڏيو آهي ـــ ”
“ مهاراج جي ..جئي!”
سيٺ نارائڻ داس سهڪندي سهڪندي چيو ـ
راڌا کي همنيت وٽ ڏسي ، سيٺ نارائڻ پنهنجي نوڪر کي ٻاهر موڪلي ڇڏيو ۽ پاڻ اچي همنيت جي پاسي ۾ ويٺو ۽ پنهنجي قيمتي رومال سان ، نرڙ تي آيل پگهر کي اُگهڻ لڳو ــ
“اي ڀڳوان ـــ ! ڏاڍي گرمي آهي ــ اُف ـــ! ”
” سيٺ ، هيءَ ته فطرت جو قانون آهي ته گرمي سردي پاڻ ۾ برابرهلن ٿيون ــ ، انهي ڪري اوهان کي ڌيان رکڻ کپي ها ــ ، هيڙي گرمي ۾ اچڻ جو ڪهڙو لاچار هو ــ“
سيٺ نارائڻ ، پنهنجا هيڊا ڏند ڪڍي ، راڌا ۾ اکيون وجهندي وڏي واڪي وراڻيو ــ
” مهاراج ـــ ، اوهان جي خراب طبيعت جو ٻُڌي ، اصل چينَ ئي ڦٽي ويم ، سو صبر نه ٿيو ، هليو آيس اوهان کي ڏسڻ......“
مهاراج همنيت ، سيٺ جي بُکينَ نظرن کي پنهنجي ڌيءَ جي مٿي محسوس ڪندي ، پنهنجي ڌيءُ سان مُخاطب ٿيندي چيو ــ
“ امان ، تون وڃي گئو ماتا جي خدمت ڪرــ ”
راڌا ، سيٺ کي ڏسندي ئي ، پنهنجي ساڙهي جو پلوءَ وڌيڪ هيٺ ته ڪري ڇڏيو هو پر تڏهن به سيٺ نارائڻ داس کائي وڃڻ وارين نظرن سان راڌا کي ڏٺو پئي ، راڌا ، اُٿي ٻاهر هلي ويئي ، سيٺ نارائڻ ويندڙ راڌا کي ڏسي ، پنهنجن چپن تي زبان ڦيرائيندي وراڻيو ــ
“ مهاراج ٻڌو اٿم ته اوهان وٽ ڪو پرديسي ترسيل آهي ـــ ”
همنيت وراڻيو ــ
“ هائو ، هو زخمي آهي ــ ”
“ ڪير آهي ــ؟ ”
“ ڇو ، اوهان ڇو پيا پُڇا ڪريو......، اُنهي سان ڪو ڪم اٿوَ ــــ!؟ ”
مهاراج همنيت ٿوري تلخ لهجي مان پُڇيو ــ
سيٺ نارائڻ ، پنهنجي شرمندگي لڪائيندي ، مُئل مُرڪ چپن تي آڻيندي چيو ــ
“مهاراج ...................هڪ ڳالهـ چوان ، جي ناراض نه ٿيو ته......! ”
همنيت ، سيٺ نارائڻ کي گهوري ڏٺو
سيٺ نارائڻ ، همنيت جو جواب نه ٻُڌي ، پنهنجي گلي ۾ پيل سوني سنڪڙي ( زنجير) سان کيڏندي چيو ــ
” اوهين مهاراج ، بُزرگ ماڻهو آهيو ، اسان کان وڌيڪ سمجهو ۽ دُنيا جي لاهين چاڙهين کان خوب واقف آهيو ، پوءِ به اوهان هڪ اجنبي نوجوان کي مندر ۾ رهايو ويٺا آهيو ـــ ، پنهنجو نه سهي مندر جو ته کڻي خيال ڪيو ۽ ٻيو اوهان وٽ جواڻ جماڻ ڇوڪِرِي رهي پئي................................................“
مهاراج همنيت ڪاوڙ وچان ، سيٺ نارائڻ داس جي ڳالهـ اڌ مان ڪٽيندي چيو ــ
” سيٺ صاحب ، نينگرِي مُنهنجي آهي ــــ ، اوهان کي چنتا ( فڪر) ڪرڻ جي ضرورت ڪانهي ، ۽ هونءَ به مونکي ، پنهنجي نينگرِيءَ تي اعتماد آهي ۽ مون اُن کي ايشور جي آسري ۽ حوالي ڪري ڇڏيو آهي ـــــ“
سيٺ نارائڻ ، مهاراج همنيت جي ڪاوڙ ڏسي ، ڦڪي مُرڪ چپن تي آڻيندي وراڻيو ــ
” مون ته مهاراج مڙيو ئي زماني جي حوالي سان ٿَي ڳالهه ڪئي ــ ، خيرـــ ، آئون ته ايشور جي مندر جي سيوا ڪرڻ چاهيان ٿو پر اوهين هر ڀيري مون پاران ڏنل دانُ واپس ڪريو ڇڏيو ، الائي اوهان سيوڪار( قبول) نـ ٿا ڪريو يا ايشور ئي اسان کان ناراض آهي.“
” سيٺ صاحب ــــ ، ايشور اسان جهڙن جو ڪو مُحتاج ٿوري آهي ، هو ته اسان جو اَن داتا آهي انهي جي ئي ڪرپا سان اوهان وٽ ايترو ڪُجهه آهي ، جي سيٺ صاحب ـــ، ايشور کي خوش ڪرڻو اٿوَ تـ غريبن ۽ مسڪينن جي واهُر ڪريو.“
همنيت ڌيرج سان ، سيٺ نارائڻ داس کي چيو ـــ ، جيڪو اهڙي ڳالهـ ٻُڌڻ لاءِ ئي تيار ڪونه هو ، سو هڪدم ڳالهه ۽ موضوع کي مٽائيندي وراڻيو ـــ
” مهاراج موسم ڪچو لڳو پيو آهي ، انهي ڪري پنهنجي صحت جي لاپرواهي نـ ڪريو ڪنهن سُٺي ويد ( حڪيم) کي ڏيکاريو ــ“
همنيت مُرڪي چيو ـــ
” ننڍي وڏي بيماري جي دوا دارون آئون پاڻ ئي ڪري وٺندو آهيان ، وڌيڪ ايشور ڪرپا ڪندو ته آئون جلد ئي نوبنو ٿي پوَندسُ ــ“
سيٺ نارائڻ کي گرمي اچي تنگ ڪيو هو گرمي جي ڪري سيٺ جي گنج تي پگهر وهڻ لڳو هو ، انهي ڪري پنهنجي چمڪندڙ ،اڇي ڌوتي کي اڳيان کان جهلي اُٿيوــــ
” مهاراج ، هاڻي اجازت ڏيو ــ ، باقي هن بندي ۾ ڪو به ڪم پوي ته بنا ڪنهن ججهڪ جي حُڪم ڪجوــ“
مهاراج همنيت به ادب ۽ اخلاق جي تقاضا کي مدِنظر رکندي ، کٽ تان لهي اُٿي بيٺو ــ .سيٺ جيئن ئي ، مهاراج جي چونري مان ٻاهر نڪتو ته سندس نوڪر ، ڇٽي کولي ، سيٺ جي مٿان ڪئي ۽ سيٺ ڏاڪڻين تان لهي ، هيٺ لهي هليو ويو ، همنيت ٻاهر ، اُس جي تپش ۽ لوءَ کي محسوس ڪندي ، پنهنجي ڌيءُ کي سڏي چيو ــ
” راڌا ڌيءُ ـــ ، موتي کي سڏي ، سانول جي کٽ ڪمري اندر ڪرائي وٺ ، ٻاهر لوءَ پئي لڳي.“
راڌا ، پيءُ جو چوڻ ڪندي ، هاڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻي ، موتي کي سڏڻ هلي ويئي
انگريز سرڪار ، پنهنجي حڪمت عملي ۾ ڪنهن حد تائين ڪاميابي حاصل ڪري ورتي هُئي ، هندستان ۾ صدين کان گڏ رهيل ، ٻن وڏن مذهبن کي ويڙهائي ــــ ، انهن کي ڇڙوڇڙ ڪري ، اڪيلو ڪري وڌو هو ، هر مذهب واري انگريزن جا غلط فيصلا به ، هڪٻئي جي ضد ۾ قبول ڪيا ٿَي ، انهي ڪري اُهو مُلڪ ، جنهن جي پنج هزار سال پُراڻي تهذيب هُئي ، امن جي حوالي سان ، جنهن ڪڏهن به ، ڪنهن مُلڪ تي ڪابه چڙهائي نه ڪئي هُئي ـــ ، سي هيئنر هڪٻئي جي خون جا پياسا ٿيو پئي گهُميا ۽ مُلڪ جي وڌندڙ خانـا جنگي ، گنڀير صورتِحال اختيار ڪري چُڪي هُئي