ناول

لال لھوءَ جي سرگم تي

سجاد اختر ٽالپر جهڙا لکاري تمام گهٽ آهن جن جي لکڻين جو مقصد ڌرتيءَ سان پيار ۽ مقصد سان انسيت آهي. ناول ”لال لهوءَ جي سرگم تي“ تي پڻ هڪ اهڙو شاهڪار ناول آهي جنهن جي سٽ سٽ ڌرتي سان پيار ۽ غلاميءَ سان نفرت سان ڀريل آهي. ناول جي وڏي ڪاميابي تسلسل ۽ روانيءَ جو نه ٽٽڻ آهي ۽ ڪهاڻي پڙهندڙ کي پاڻ سان گڏ کڻي هلي، سجاد اختر ٽالپر جي ناول ۾ اها خوبي موجود آهي ۽ ناول پڙهندڙ کي پاڻ سان گڏ کڻي هلي ٿو، ڪٿي به بوريت جو احساس ٿيڻ نه ٿو ڏئي، جڏهن ته ناول جي اهم ڳالهه منظر ڪشي آهي جيڪا پڻ هن ناول ۾ لاجواب ٿيل آهي.

Title Cover of book Laal Lahoo'a jy Sargam Ty

7

پرڀو ڳالهه ڪري، سانول ڏانهن نهارڻ لڳو، جنهن ۾ هي ٻئي وڏي اُميد کڻي آيا هئا، راڌا تيسين اَڇُ جا گلاس ٺاهي موهن کي ڏنا، موهن، مزمانن کي اڇ جا گلاس پيش ڪيا ، سانول، موهن ڏانهن نهاريو، جيڪو اَڇ جا گلاس ڏئي، واندو ٿي هيٺ ويٺو هو هيڪر ته سڀني ۾ ماٺ ڇائنجي ويئي ۽ سڀڪو اَڇ پيئڻ ۾ مصروف نظر اچڻ لڳو هو.
موهن چيوــ
”وشني لاءِ سي آءِ ڊي وارن سان ڳالهائجي ۽ چئجي ته اُن جو ڪهڙو ڏوهه آهي، ٻيو نه ته به اها ته خبر پوندئي ته هتي آهي يا مورڳو ئي سنڌ ڏانهن نئي ڇڏيون “
سانول، موهن جي ڳالهه ٻُڌي وراڻيوــ
” ڪاڪا! ڳالهه ايتري ڪانهي، وشني جو جهلجڻ، مون تي سي آءِ ڊي جي چڙهائي، گس پنڌ تي مون کي وشني سان نه ملڻ ڏيڻ لاءِ زخمي ڪرڻ، سڀيئي ڪڙيون، هڪڙي ئي لڙي ۾ پوئيل لڳن ٿيون، وشنو گورن جي اک ۾ ڪو وڏو ڪنڊو آهي.“
موهن وراڻيوــ
” تُنهنجي ڳالهه سان ڪنهن حد تائين آئون سهمت آهيان پر، وشني جهڙي بي ضرر انسان سان، هنن جو ايترو اتاولو ٿيڻ، سمجهه کان ٻاهر آهي.“
تيسين موتي ڊوڙندو ڊوڙندو اندر داخل ٿيو
” ادا سانول !... ادا سانول! سي آءِ ڊي وارن هڪڙو ماڻهو ماري وچ بازار ۾ ٽنگي ڇڏيو آهي.“
اها ڳالهه ٻڌي سڀئي ٻاهر ڀڳا . ٽڪٽڪي تي لاش ٽنگيو پيو هو، ماڻهن جا هشام، لاش کي ڏسي رهيا هئا، موتي، راڌا، سانول، موهن، پرڀو ۽ ميگهو، سڀئي لاش ڏانهن نهاري رهيا هئا. جيڪا ٽن ڪاٺين جي ٺهيل ٽڪٽڪي تي ٻڌل هئي. ڪيترن ئي ماڻهن توبهه توبهه پئي ڪئي. موهن جي اکين ۾ لُڙڪ هئا. راڌا تي ڄڻ سُڪتو طاري ٿيو ويو هو. هوءِ بي ساخته لاش کي ڏسي رهي هئي. جنهن جي منهن تي ڪارو ڪپڙو پيل هو. موتي ڪنهن وقت لاش کي ڏسي ته ڪنهن وقت موهن، سانول ۽ راڌا ڏانهن نهاريائين ٿي.
سانول، موهن جي ڪلهي تي هٿ رکيو، اکين سان هلڻ جو اشارو ڪيو، چارئي ڪنهن لُٽيل مُسافر جيان، ڪنڌ جهُڪايو، خاموشي سان واپس هلڻ لڳا، ماڻهن جي وچ ۾ کُسر ڦسر عروج تي هُئي مرد ته مرد پر عورتن جا به ڪٽڪ لاش کي ڏسي رهيا هئا. هڪڙا ويا ٿي ته اُن جي جڳهه ٻين والاري ٿي.
ڪاڪي موهن تمام ٿڪل لهجي ۾ چيو.
”اهو لاش، اها ثابتي ٿو ڏئي ته هاڻي ڪُجهه نه ڪُجهه ڪرڻ جي شروعات ڪجي.“
سانول، ڪاڪي موهن ڏانهن نهاري، مٺيون ڀڪوڙيندي چيوــ
”ڪجهه نه ڪجهه ڇو؟ هاڻ ته سڀ ڪجهه ڪجي، هنن کي ڏيڻ لاءِ اسان وٽ جيڪو ڪُجهه آهي، تنهن تي اهو اڳ ئي قابض آهن، پر جي ويڙهه ڪنداسين ته اسان کي پنهنجو وطن ملڻ جو وڏو آسرو ۽ اُميد آهي.“
پرڀو روئڻهارڪو ٿيندي چيوــ
” لڳي ٿو ته ڀاءُ وشني کي به ڪٿي نه ڪٿي، ماري ائين ٽنگي ڇڏيو هوندن.“
سانول وراڻيوــ
” نه، هُو ائين نٿا ڪري سگهن، هنن وشني کي جهلڻ لاءِ پنهنجي سرڪاري طاقت استعمال ڪئي آهي، سي وشني کي ائين جهٽ ڪونه ماريندا.“
ميگهي چيوـــ
” پر ادا! هنن تي ڪهڙو ڀروسو؟ هنن مان رحم جي اُميد ڪرڻ اجائي آهي.“
موهن، ميگهي جي ڳالهه جي تائيد ڪندي چيو ته
”ميگهي جي ڳالهه صحيح آهي، جيڪڏهن وشنو زنده به آهي ته ڪجهه ڏينهن لاءِ“
سانول، موهن جي ڳالهه کي سمجهندي وراڻيو ـــ
”پوءِ شيام سان ڳالهائڻو پوندو، هو ئي هن وقت پنهنجي مدد ڪري سگهي ٿو.“
موهن ڪجهه ساعت سوچيندي چيوــ
”هون! ائين ٺيڪ آهي“
پنج ئي ڄڻا، واپس پنهنجي جاءِ تي هليا آيا –
پنڊت نائومول، هاڻ آزادانه طور تي سانول خلاف پنهنجي تبليغ شروع ڪري ڏني هُئي.
”سانول، مُسلو آهي، جنهن ايشور جا زيور چوري ڪيا، اسان جي مهانَ مهاراج کي قتل ڪيو ۽ راڌا کي يرغمال بڻائي، اُن جي عزت سان کيڏي پيو. مون کي ٻڌايو ته اڄ ڏينهن تائين اوهان ڪنهن مُسلي کي ڪنهن مندر ۾ مندر جي سيوا ڪندي ڏٺو آهي؟ مُسلن هميشهٰ اسان جي ديوين ۽ ديوتائن جي توهين ڪئي آهي. اسان جا مندر ڊاٺا آهن. اسان جي نياڻين جون عزتون لُٽيون آهن، ڇا سانول، اُنهن مُسلن مان نه آهي!؟ جي اوهين ڌرم جا سچا پرچارڪ (تبليع ڪندڙ)۽ سٻنڌي آهيو ته سانول خلاف يُڌ (جنگ) ڪريو. پنهنجي ايشور جي مندر کي، اُنهي جي ناپاڪ قدمن کان آزاد ڪرايو.“
اهو گجگوڙ ڪندڙ آواز، شيوَناٿ جي ڳوٺ ۾ پنڊت نائومل جو گُونجي رهيو هو. ماڻهن جا ڪٽڪن جا ڪٽڪ جوش وچان پنڊت نائومل جي حق ۾ نعرا هڻي رهيا هئا. مجمع ۾ هڪ جوش پيدا ٿي ويو.
” هن آستاني تي هميشه ڌرم جا سچا پوئلڳ پيدا ٿيندا رهيا آهن، هن آستاني کي وڏي اهيمت حاصل آهي. توهان کي خبر آهي ته هيترن ڏُڪارن کانپوءِ به برهمڻ آباد سرسبز ۽ خوشحال رهيو آهي ڇو؟ ڇاڪاڻ ته هن مندر جي پويترتا(پاڪائي) ۽ اَناپورنا ديوي جي دُعا اٿس! جي اُن پويتر(پاڪ) مندر سان اهڙو ناحق ٿيندو رهندو ته ائين پڪ سمجهو ته برهمڻ آباد سان گڏ هن پوري علائقي جو خير نه آهي.“
هجوم ۾ پنڊت نائومل جي حمايت ۾ زور زور سان نعرا گونجي رهيا هئا.
” انهيءَ يُڌ(جنگ) ۾ ڪهڙا ڪهڙا جوان، منهنجو ساٿ ڏيندا ۽ مون سان گڏ هلندا “
پنڊت نائومل، پنهنجي محنت طلب تقرير کان پوءِ پنهنجن لفظن جو اثر ڏسڻ لاءِ اها آخري ڳالهه مجمع ڏانهن اُڇلائي. پنڊت نائومل جو اندازو غلط نه نڪتو اڌ ڳوٺ کان مٿي ماڻهن، پنڊت سان ڪلهو ڪلهي ساڻ ملائي، سانول سان وڙهڻ لاءِ تيار هو، پنهنجي تقرير جو نتيجو ڏسي پنڊت مُرڪي پيو.
”.................................................................ته پوءِ تون نُورل کي ڪونه سُڃاڻين؟! “
”نه -! “
” چيف لڳي ٿو ته هميرسنگهه جون خدمتون وٺڻيون پونديون.“
”هميرسنگهه.....................! چه چه چه- پوءِ ته هي ويچارو مري پوندو توبهه توبهه، ڀڳوان همير کان بچائي.“
”پر ڇا ڪريون چيف، پاڻ چاهيون ٿا ته هي پنهنجي جواني ۽ زندگيءَ جون خوشيون ماڻي، پر هن جي ضد، ارڏائي، پاڻ پئي هن کي موت ڏانهن ڇڪي.“
” ڏس، تون اسان کي پنهنجو سڄڻ سمجهه، اسين سرڪار کان معافي وٺائي ڏينداسين، اهو واعدو آهي توسان ، تون هروڀرو ضد نه ڪر“
”جڏهن ته مون ڪو ڏوهه ڪيو ئي ناهي ته پوءِ معافي وٺائي ڏيڻ جو ڪهڙو جواز آهي؟“
” تون نورل کي سُڃاڻندو آهين، اها ڳالهه خود نورل اسان کي ٻُڌائي آهي، ٻُڌندين، ٻُڌ! هن چيو ته وشني کي اسان برهمڻ آباد ۾ ڪميونسٽ ليگ جو ڪم ڪرڻ لاءِ موڪليو آهي. هن جو ڪو اولاد ڪونهي. هن جو اصل ڳوٺ سانگهڙ وٽ آهي. اصل نالو شنڀو اٿس-!“
وشني پُراعتماد لهجي ۾ وراڻيو.
”نه، اهو سڀ ڪوڙ آهي، آئون ڪنهن به نورل کي سُڃاڻان ئي ڪونه .“
زيپٽ........................زيپٽ...........................زيپٽ..........ڌڪن ۽ ٿپڙن لڳڻ سان ڏندن مان رت وهڻ لڳو.
”نه نه بس ڪريو ، چيف ٻُڌائي ٿو، سڀ ڪجهه ٻُڌائي ٿو.“
ٻي سنتري، اُن ٿلهي سنتري کي ٻانهن مان جهليندي چيو
” ڏس وشنا! اڃان به وقت اٿئي، جيڪي ڪُجهه اسين پُڇون پيا، سو ٻڌائي ڇڏ.“
وشني چپن تان رت اُگهندي چيوـــ
”مون کي ڪا خبر ڪونهي، آئون ته درزڪو ڌنڌو ڪري پنهنجو ۽ پنهنجي والدين جو پيٽ پاريان ٿو. مون کي پنهنجي پيٽ مان ئي ڪا فرصت ڪونهي ته اهڙا اڍنگا ڪم ڪيئن ڪندس......؟ ۽ ڇو ڪندس ؟ “
وشني اڃان ڳالهايو ئي پيئي ته ٿُلهو سنتري کيس مارڻ تي وري شروع ٿي ويو. زيپٽ..........زيپٽ..................زيپٽ................. وشنوٻن ٽن ڌڪن سان ئي زمين تي ڪري پيو..ڌپ............... ٺپ...............، ڪُکن ۾ لتون، وشنو لڙڪندو، دروازي وٽ وڃي ڪريو، وشني پنهنجو هيٺيون چپ ڏندن ۾ڏيئي پنهنجي پيڙا جي لهرن کي دٻائي ڇڏيو ۽ دانهن نه ڪيائين.
” ڪرتار، وڃ، اُنهي پوڙهي کي ته وٺي اچ “
ڪرتار اهو حُڪم ٻڌي ٻاهر نڪري ويو.
انهي ٿلهي سنتري، جيڪو سهڪيو پئي، ٻاهر بيٺل سنتري کي سڏيندي چيو،
”نندو، او نندو! پاڻي پيئار !“
جيسين نندو پاڻي کڻي اچي، تيسين ڪرتارسنگهه پوڙهي کي وٺي اندر داخل ٿيو.
” ابا! ظالمن هيءَ ڇا ڪيو آهي؟”
پوڙهي، پُٽ جي حالت ڏسي پٽ ڏانهن ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪرتار، ٻانهن مان سوگهو جهلي ورتس.
وشني ماءُ کي ڏٺو ته من کي جهولو اچي ويس. آواز ۾ روئڻ وارو ڀرائوَ ٿي ويس.
” امڙ! “
ماءُ، پٽ جي اهڙي حالت ڏسي روئڻ لڳي.
” ڏس شنڀو! ڏس، تنهنجي ماءُ تو لاءِ ڪيڏي اُٻاڻڪي آهي، پنهنجي ماءُ جي ممتا کي ائين ڇو ٿو چيچلائين، سودو ايڏو به مهانگو ته ڪونهي، تون ڪميونسٽن جا نالا ۽ ٺڪاڻن جو ڏس پتو ڏي ۽ پنهنجي ماءُ پيءُ سان کلي خوش ٿي گهر هليو وڃ.“
ماءُ کي ڏسي وشنو، هيڪر ته ٽُٽي ويو، پر ٻئي لمحي پنهنجي ساٿين جي خون ٿيڻ ، عقوبتون سهڻ جا منظر، سندس اکين اڳيان ڦري آيا ته دل ويتر مضبوط ٿي پيس، ٿلهي سنتري پاڻي جو گلاس يڪ ساهيءَ ۾ پيئندي چيو ته ”ڪرتار، هن پوڙهي کي ٻه چار ٺاهوڪا اُڦراٽا ته کارائينس. ته پُٽهين کي ڪُجھ قدر پوي، جي تڏهن به نه مڃيائين ته جبل تان هيٺ اُڇلائي ڇڏينداسين.“
ڪرتار ٻه ٽي زوردار چماٽون وشني جي ماءُ کي وهائي ڪڍيون پر وشني جي ماءُ هيٺ ته ڪري پئي باقي دانهن نه ڪيائين هو پنهنجي پُٽ جي حالت تي فڪرمند هُئي سو هُن کي پنهنجو درد ڪٿي ٿو محسوس ٿئي پيڙا وچان وشني پنهنجون اکيون پوري ڇڏيون ، پُٽ جي اها حالت ڏسي وشني جي ماءُ وراڻي
” ابا ، منهنجو اُلڪو نه ڪر ، تون پنهنجو خيال رک ، هي ڪانئر مونکي ڇا ڪندا “
ٿلهو سنتري اهو ٻُڌي اصل باھِ ٿي ويو
” وٺي وڃ انهي پوڙهي کي وڃي گولي سان اُڏائينس “
ڪرتار وشني جي ماءُ کي گهليندو ٻاهر نڪري ويو ، نندو ، جنهن اُن ٿلهي سپاهي کي پاڻي پئياريو سو وراڻيو
” ڏس وشنا! اسين سڀ تُنهنجا خير خواهه آهيون، اسين پاڻ، انهن گورن کان سخت نفرت ٿا ڪريون.اسين به هندستان آزاد ڏسڻ چاهيون ٿا، بس اسان جي مجبوري اها آهي جو اسين سرڪار جي نوڪري ٿا ڪريون، ڪُجهه ڪرڻ چاهيون ٿا، تون اسان کي پنهنجو سمجهي ٻڌاءِ جيئن اسان هُنن کي بروقت اطلاع ڏيئي، هنن گورن جي ظلم و قيد کان بچائي سگهون.“
وشني ڪرڙين اکين سان اُنهي سُڪل منهن واري سپاهي کي ڏٺو، جو بظاهر ايڏو معصوم ۽ خير خواهه پئي لڳو ڪي ڄڻ ڪي وشني جو هن کان وڌيڪ ڪو سڄڻ ئي ڪونهي، پر اندر ۾ جيڪي ڪات ڪهاڙا هئس، تنهن جي وشني کي چڱي پر خبر هُئي.
” ها مُنهنجا ڀاءُ! ڏس، ڪيڏو نه توکي ايذائين پيا، جيڪڏهن تون نه ٻڌائيندين ته هنن تي ڪهڙو فرق پوندو، ڇو ته يوسف ته سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيو آهي. توکي ڪهڙي پئي آهي جو هنن بي دينن ۽ ملڪ دشمنن جي پُٺڀرائي ۾ پنهنجي مال ملڪيت، پنهنجا مٽ مائٽ ۽ پنهنجي مور جهڙي جواني وڃائين. اسين ته چاهيون ٿا ته پنهنجن کي ڪا تڪليف نه اچي، پر جي ائين ضد نه ڇڏيندين ته اسان به سرڪار کي سفارش ڪرڻ جهڙا نه رهنداسين، تون ڏاهو آهين، سمجهو آهين، شاباش ٻڌاءِ.“
”جيڪڏهن مون کي ڪُجهه خبر هُجي ها ته آئون اوهان کي ضرور ٻڌايان ها، توهان ڇا ٿا سمجهو ته مونکي پنهنجي زندگي پياري ڪونهي؟ “
سُڪل منهن واري سنتري نريندر سنگهه، اڳيان وڌي وشني جو مُنهن ڪپڙي سان اُگهيندي چيو
” ٺيڪ آهي، پر وري به ذهن تي زور ڏجانءِ، ان ۾ ئي تنهنجي ڀلائي آهي ادا. “
۽ ٻاهر بيٺل سپاهين کي هن کي وٺي وڃڻ لاءِ چيو. انهي ساڳي سنتري نريندر سنگهه وشني کي ڄڻ آخري تنبيهه ڪندي چيو
” ڏس! هنن وٽ تُنهنجي ماءُ به قيد آهي، هو ڪُجهه به ڪري سگهن ٿا.“
لاش واري واقعي، موهن کي ته ٺهيو پر سانول کي به پريشان ڪري وڌو هو. اهڙين حالتن ۾ ڪنهن به ماڻهو جي حياتي جي ڪا به ضمانت نه هئي. ميگهو جيڪو هفتو کن هنن وٽ رهيل هو، سو بازار مان موٽي آيو ته پهرين جيڪا خبر ڏنائين، سا سانول ۽ موهن لاءِ غير متوقع ۽ عجيب هئي. سانول لاٰءِ اها تنظيم بلڪل نئين هئي، جنهن جو قصو ميگهو ٻڌائي رهيو هو.
” ادا، وشني جو به انهي پارٽي سان تعلق آهي، خود انگريز سرڪار به انهي گروهه جي ماڻهن کي زنده ڏسڻ نٿي چاهي. اهو پنهنجو رميش، وڏيون وڏيون ڳالهيون ڪري رهيو هو، چيائين پئي ته انهي وشني بي ديني کي ڪُٽي ڪُٽي ماري ڇڏيو اٿن..........................“
سانول، ميگهي جي ڳالهه اڌ مان ڪٽيندي پُڇيو
”ڪهڙي پارٽي؟ “
ميگهي وراڻيو
” ڪمونسٽ! “
سانول، ميگهي جي ورتل نالي کي ورجايو
”ڪمونسٽ! “
ميگهي چيو
” ها ادا، اهو نالو ئي پئي ورتائين. اها پاڻ ته ڪڏهن به ڪانه ٻڌي آهي. اڄ رميش سپاهي، وڏي واڪي ذر ذر اهو نالو پئي ورتو. لڳي ٿو ته اهي ڪانگريسين کان به وڌيڪ خطرناڪ آهن.“
موهن جيڪو هيتري دير خاموشيءَ سان هنن جون ڳالهيون ٻڌي رهيو هو تنهن چيو ته
” هي ته ايتري اڪثريت ۾ به نه آهن، نه ئي هنن ڪو وڏو وروڌي ڪم ڪيو آهي، پوءِ هنن ۾ اهڙي ڪهڙي ڳالهه آهي جو انگريز سرڪار ڇتي ٿي پئي آهي. عجب آهي!“
راڌا وراڻي
”ڪاڪا! ڪجھه به هُجي، پر گورن لاءِ هي ڪا وڏي هچا آهن.“
سانول، ٻنهي جي ڳالهه ٻڌي وراڻيو
” ڳالهه چٽي پئي آهي، وشني جي هلت چلت، ڳالهائڻ ٻولهائڻ، خود اعتمادي، عام ماڻهن جي ڏک ۽ درد کي سمجهڻ، عام ماڻهو جي مسئلي کي پنهنجو مسئلو سمجهڻ، چڱن ۽ عالم ماڻهن سان واسطو رکڻ، ظلم کي ّظلم چوڻ، اهي سڀ ڳالهيون ٻڌائين ٿيون ته هن تنظيم جا ماڻهو، نه لالچي آهن ۽ نه ئي لوڀي، هو انگريز سرڪار ته ٺهيو پر سيٺ، زميندار ۽ ڪاموري جي به خلاف لڳن ٿا. وشني جي ڳالهين مان ائين ٿي محسوس ٿيو ته هي ڪا غير معمولي ڳالهه ڪرڻ چاهين ٿا. ڪاڪا! اهڙا ماڻهو جيڪي نه وڪجي سگهن ٿا ۽ نه جهُڪي سگهن، سي ته واقعي انگريز سرڪار لاءِ وڏو ڏچو بنجي سگهن ٿا.“
موهن چيو
” اهي ڳالهيون سڀ صحيح، پر هي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ماڻهو هيڏي وڏي سرڪار کي ڇا ٿا ڪري سگهن؟ “
ميگهو ۽ پرڀو، ٻنهي جون ڳالهيون غور سان ٻڌي رهيا هئا، راڌا به ڪم ڪندي ڪنهن ڪنهن وقت ڪن انهي طرف ڪري ٿي وڌو.
سانول وراڻيو
” ڪاڪا، جيڪڏهن هڪڙو ماڻهو به حق ۽ سچ تي آهي ۽ اُن ۾ دانائي ۽ پنهنجي مقصد لاءِ سچي لگن آهي ته اهو هڪڙو سون ڪوڙن کان ڳرو آهي. پاڻ ڪيئن ٿا چئي سگهون ته هي ڳڻڻ جيترا ماڻهو آهن. ٿي سگهي ٿو ته هي لکن ۾ هجن، پاڻ کي خبر نه هجي. هنن ماڻهن، انگريزن کي مُنجهائي وڌو آهي، انهي مان لڳي ڪونه ٿو ته همراهن ۾ مڻيا آهي ! “
نيٺ ميگهي وراڻيو
” ادا سانول، اهي ڳالهيون پوءِ به پيون ٿينديون پر اڳ ۾ ڀاءُ وشني کي ڇڏائڻ لاءِ ڪجهه ڪرڻ جو سوچيو.“
اها ڳالهه ٻُڌي، موهن سانول کي ٻانهن کان جهليندي چيو
”سانول اٿُ! “
سانول به بنا ڪنهن چُئو چوان جي موهن سان گڏ ٻاهر نڪري ويو.
انگريز سرڪار پنهنجي پر ۾ ڪانگريسين ۽ ليگين کي ويڙهائڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي هئي ۽ مُلڪ سڄي ۾ بدامني واري ڪيفيت هئي، پر اها نئين مصيبت انگريزن جي گلي ۾ اٽڪي پئي هئي. ٽوڙي به نه پئي سگهيا ۽ نه پاڻ ۾ وڙهائي پئي سگهيا، هُنن کي ته اها فڪر کائي ويئي هئي ته متان هندستان تي مورڳو ئي ڪميونسٽ رياستون حاوي نه ٿي وڃن. جيئن جرمن فوجين کي ڪميونسٽ رياستن ٽوٽا چٻائي ڇڏيا هئا ۽ پنهنجن علائقن مان تڙي ٻاهر ڪڍيو هو. هو ڪميونسٽ ڌُر جو هاڻ نالو ٻڌڻ لاءِ به تيار نه هئا. اسٽالن جي پاليسين ۽ ٻين ڪميونسٽ ڌُرين جي جنگي طريقن ۽ لائحه عملن، انگريزن اندر ڦڙڦوٽ وجهي ڇڏي هئي. ٻئي پاسي، چين جي خانا جنگي به منظر عام تي هئي، جتي به ڪميونسٽن جي فتح يقيني پئي نظر آئي، مٿان سون تي سهاڳي وارو ڪم اهو ٿيو جو هندستان ۾ به ڪميونسٽ نظريي پنهنجا پير پُختا ڪرڻ شروع ڪري ڏنا هئا. انهيءَ ڪري انگريز سرڪار، ڪميونسٽ پروپئگنڊه کي روڪڻ لاءِ وڏي چال چلي، جو هندو ۽ مسلم جاگيردار ۽ سرمائيدارن اڳيان لقب القاب، جاگيرون، نوازشون اڇلائڻ لڳا ته اوهان کي اجهو ٿا ملڪ آزاد ڪري ڏيون. بس ٿوري مڙسي ڪريو. هنن ڪميونسٽن جي پاڙ پٽڻ ۾ مذهبي منافقت سان اسانجي مدد ڪريو. انهي چال ۾ هو سئو سيڪڙو ڪامياب ويا پئي. مُسلم ته ٺهيو پر هندو جاگيردار ۽ سرمائيدار کي آئينده پنهنجو مستقبل چٽو پئي نظر آيو. هندن جڏهن تاريخ تي نظر ٿي ڊوڙائي ته هنن هٿان هميشه مسلمانن ئي حڪمراني ڪئي هئي ۽ هن وقت به هندستان ۾ مسلمانن جي اڪثريت هئي. جي هندستان آزاد ٿي به وڃي ته به فائدو مسلمانن کي هو. تنهن ڪري هندو سيٺين ۽ جاگيردارن، انگريز سرڪار جي ڇانو ۾ اچي پناهه ورتي هئي. انگريز سرڪار، انگلينڊ وڃي بئريسٽر علي محمد کي اُن ڳالهه تي آماده ڪيو ته هو ڪانگريس کي سنڀالي، جيڪڏهن ڪانگريس گلي ۾ پوي ته ان کي ٽوڙي اڌو اڌ ڪري سگهجي.
سانول ۽ ڪاڪو موهن، شيام جي ڏنل مشوري تحت نئين ڪوٽ جي قلعي ۾ ٺهيل وڏي جيل جي وڏي مُنشي گلاب چند سان ملڻ لاءِ آيا، شيام جي معرفت هئڻ ڪري، هنن کي گُلاب سان ملڻ ۾ ڪا دشواري آڏي نه آئي. گلاب چند ڪن ٻن سپاهين سان، ڪنهن نقشي تي جهُڪيل هو.
”صاحب!“
گلاب، ڪنڌ مٿي ڪري سپاهي ڏانهن نهاريو.
”صاحب، هي اوهان سان ملڻ چاهين ٿا.“
گُلاب، وري به موهن ۽ سانول کي غور سان، پيرن کان وٺي مٿي تائين ڏٺو، پوءِ همراهن کي چيائين
” ٺيڪ آهي، باقي سُڀاڻي، رهيل ڳالهين تي بحث ڪنداسين، اوهان وٽ به نقشا موجود آهن، انهن جو مطالعو ڪري اچجو.“
انهن ٻنهي کي هدايت ڪري، هنن ڏانهن مخاطب ٿيو.
”ويهو“
۽ ڪرُسي تي پاڻ به ويهي رهيو.
”ڪاڪا! هاڻ ٻڌاءِ چانهه پيئندين يا مَهي!؟“
موهن وراڻيو
”ڪجهه به نه! “
گلاب چند وراڻيو
” ائين الائي ڪيئن ڪاڪا، شيام جا موڪليل ماڻهو آهيو ۽ خدمت جو موقعو نٿا ڏيو، ائين ته ٿيندو ئي ڪونه. گوتم، ٽي مَهيون ٺاهي اچ، ها، هاڻ خبر ڪريو، خير سان پنڌ پيا آهيو؟ “
موهن سان شڪ پڪ واري ڪيفيت ۾ وراڻيو
” هتي ڳالهه ڪرڻ مناسب آهي الاءِ نه.......!! “
گلاب چند، ڪُرسي کي ٽيڪ ڏيئي، ٽنگون پساريندي چيو
” توهان ڳالهه ڪريو“
”اسين............... اسين وشني متعلق خبر چار وٺڻ آيا آهيون؟ “
گلاب چند هڪدم وراڻيو
”ڪاڪا، انهي ڳالهه جي سچي پُڇين ته پاڻ کي به خبر ڪانهي.“
سانول وراڻيو
”پر سائين، هيڏو وڏو ماڻهو، سوين ماڻهن جي موجودگي ۾ کڄاڻو آهي ۽ ان متعلق، اوهان واسطيدار ماڻهن کي به خبر ڪانهي ته پوءِ ڪنهن کي خبر هوندي؟ “
گلاب چند، تحمل سان، سانول جي ڳالهه ٻڌي چيو،
” تُنهنجي ڳالهه سچي آهي، پر ڪي معاملا اسان کان به مٿي جا هُجن ٿا، جنهن جي اسان کي ٻڙڪ به پوڻ نه ڏيندا آهن. وشني جي معاملي ۾ انگريز سرڪار، خود ويٺي دلچسپي وٺي سو انهي متعلق صرف ايتري خبر آهي ته وشنو ڪميونسٽ پارٽي جو ميمبر آهي، انهي ڪري ڪميونسٽن کي سرڪار ختم ڪرڻ چاهي ٿي.“
موهن مَهي جو گلاس کڻندي وراڻيو
” آخر پوءِ ڇا ڪجي جو وشني جو جنهن سان بچاءُ ڪري سگهجي؟ “
گلاب چند، مَهي جو ڍُڪ ڀريندي چيوــ
”ڇا ٿو ڪري سگهجي، پنهنجي عزت ۽ پٽڪي بچائڻ جو ڪوشش ڪجي“
سانول، موهن کي ۽ موهن، سانول کي ڏٺو،ڄڻ هڪ ٻئي کان سوال پُڇندا هُجن ته هاڻ ڇا ڪجي؟!
گلاب چند، مهي جو گلاس خالي ڪري، پنهنجي ڪڙڪيدار مڇن تي هٿ ڦيريندي چيو
”ڪاڪا، دل ۾ نه ڪجو، اوهان جو سر، هي ڇوڪرو پيو وڍي چڱا خاصا ويد آهيو، پنهنجو هٿڙو کولي، باقي ڏينهن ڀڳوان جي عبادت ۾ گهاري ڇڏيو. هي ڌنڌا اوهان کي ٿورئي ٿا سونهنَ.“
ڪاڪو موهن، حيرت وچان گلاب چند کي ڏسندو رهجي ويو
سانول مُرڪي پيو ۽ چيائين
”سچي ڳالهه اٿؤ. ڀڳوان جي خلق سان، ڀڳوان جي اوَتارن جو ڪهڙو ڪم..............؟ ڪاڪا اُٿي !“
گلاب چند ويندڙ، سانول کي ڪُرڙين اکين سان نهاريندو رهيو.
وشني جي حالت، ڏينهون ڏينهن ڪرندي ٿي ويئي، هُنن وشني کي چار ڏينهن کان کائڻ پيئڻ لاءِ ڪُجهه به نه ڏنو هو. انهيءَ ڪري حالت ڪافي بگڙي ويئي هئس. انهيءَ قيد ۽ بند دوران، هُن سگريٽن جي اُڇلايل پاڪيٽن تي، اڱار سان ڪُجهه نه ڪُجهه لکندو ۽ لڪائيندو رهيو هو. انهيءَ عرصي دوران، هُن سنتري نيرسنگهه کي پنهنجو همدرد بڻائي وڌو هو. سگريٽن جا خالي کوکا به نيرسنگهه ئي هن کي آڻي ڏيندو هو. وشني محسوس پئي ڪيو ته هاڻ هن جو بچڻ مُشڪل آهي ۽ هتي هي جيڪو ڪُجهه لکيو آهي سو سنڌ ڏانهن ته وڃي نه ٿو سگهي ۽ هتي ڪميونسٽ پارٽي جو ڪوبه ذميوار به موجود ڪونهي ته پوءِ هي مواد ڏئي ته ڪنهن کي ڏئي. انهيءَ خيال دوران وشني کي سانول جو نالو ذهن تي تري آيو، هاڻ وشنو، نيرسنگهه جي ڊيوٽي لڳڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو. جيڪا هاڻ تبديل ٿي لڳڻ واري هئي. رات ٿيڻ سان سپاهين جون به ڊيوٽيون تبديل ٿي ويون. ڀيمي جي جاءِ تي نيرسنگهه اچي ويو. وشني کي انهيءَ ئي گهڙي جو انتظار هو.
”نيرسنگهه، لڳي ٿو مُنهنجو بچڻ مُشڪل آهي، هي ڪجهه ڪاغذ، سانول کي ڏيئي ڇڏجان، جتي مُنهنجو ايترو خيال رکيو اٿيئي، اُتي هي مُنهنجو آخري ڪم، پنهنجي وطن، قوم ۽ پنهنجي طبقي جي خير خواهي لاءِ ڪجانءِ.“
نير سنگهه جا هٿ، ڪاغذ وٺندي رڦيا پئي ۽ سڄي بدن ۾ ڪپ ڪپي طاري هُئس.
”نيرسنگهه، اسان انهي سماج جو بنيادي ڪم ڪندا وڃون پيا، اهو انقلاب جنهن جو خواب، اسان جي اکڙين ۾ سجايل آهي. اهو هڪ ڏينهن ضرور پورو ٿيندو ۽ اسين سڀ..............“
تيسين پريان کان تيزي سان ڪجهه سپاهين جو تيز تيز ڳالهائڻ جو آواز آيو. نيرسنگهه هڪدم اٽينشن ٿي بيهي رهيو. ساعت کن ۾ پنج ڇهه سپاهي وشني کي کنڀي کڻي ويا. صبح جو ڊيوٽي تان لهڻ شرط، نيرسنگهه کي جيڪا پهرين خبر ملي اُها اِها هُئي ته وشنو گُذاري ويو ۽ اُن جي هات نڪي جي ڪنهن غار ۾ ساڙيو ويو آهي ۽ سڀني سپاهين ۽ عملي کي سخت حڪم مليو هو ته اها ڳالهه قطعي ٻاهر نڪرڻ نه گهُرجي.
نيرسنگهه کي دل ۾ ڪيترا ڀيرا اهو خيال آيو ته اهي ڪاغذات سرڪار کي ڏئي ڇڏي. پر وري هُن کي وشني جون التجا ڀريون اکيون نظر ٿي آيون، نيرسنگهه اصل مُنجهي پيو هو، دماغ ٿي چيس ”ڪاغذات ،سرڪار کي ڏئي ڇڏ، ڇو اچي پنهنجي نوڪري، زندگي ۽ ٻار ٻچن جي پويان پيو آهين.“ ٻي لمحي دل ٿي چيس ته
” هُن توکي، مرڻ وقت امانت ڏني آهي، امانت ۾ خيانت نه ڪر، نه ته اُن جو روح توکي سراپ ٿي لڳندو. وطن صرف وشني جو ڪونهي، وطن ماءُ آهي ۽ ماءُ جي ٿڃ جو قرض لاهڻ جو اهو ئي وقت اٿئي.“
نيرسنگهه، ڊيوٽي تان لهي، عجيب ڪشمڪش ۾ پئجي ويو هو، جيئن ٿاڻي مان ٻاهر نڪتو ته سُکندرسنگهه سڏ ڪيو.
” نيرو......................او نيرو.........“
نيرسنگهه بيهي رهيو.
”واهه يار واهه! ڊيوٽي تان لهڻ کان پوءِ سڃاڻين ئي ڪو نه ٿو“
سُکندرسنگهه ڪلهي تي هٿ رکندي چيو
نيرسنگهه وائڙپ ۾ چيو
”جيءُ......................!! هونءِ............!!“
سُکندرسنگهه، نير سنگهه جي چهري کي ڏسي وراڻيو.
”نيرو، طبعيت ته ٺيڪ اٿئي نه........!“
”هان........... ها ! طبعيت....... ها مُنهنجي طبعيت کي ڇا ٿيو آهي ؟!“
سُکندر حيرت مان وراڻيو.
”سڄو هيڊو لڳو پيو آهين، خير ته آهي نه؟! ڪا پريشاني آهي ڇا ؟ “
نيرسنگهه وراڻيو
” نه ته ! “
سُکندرسنگهه هڪدم وراڻيو.
” اڇا، اڇا. وشني جي موت جي ڪري پريشان آهين. (سُکندر سنگهه ڪجهه رازداري مان چيو) نيرسنگهه، سچي پُڇين ته وشني جي موت جو مونکي به تمام گهڻو ڏُک ٿيو آهي يار! وشنو واقعي دلير ماڻهو هو! اسانجي ماڻهن کي سورمن ۽ هيرن جو قدر ڪونهي.“
نيرسنگهه، اڃان به بوکلاهٽ جو شڪار هو
”هون! ها............“
سُکندرسنگهه نيرسنگهه جي اهڙي حالت ڏسي وراڻيو
”وڃ، وڃي آرام ڪر. پنهنجي ذهن تي اجايو بار نه وجهه، رب جي شئي رب کي پرتي. هونءُ، شاباس، وڃ...........آرام ڪر“
سُکندرسنگهه، پنهنجي رهائش واري ڪوٺي ڏانهن هليو ويو پر نيرسنگهه، پنهنجي رهائش واري ڪوٺي ڏانهن وڃڻ بجاءِ سانول وارن ڏانهن هليو آيو.
دروازي جي وڄڻ تي راڌا پُڇيو.
”ڪير..........؟“
نيرسنگهه، ٿورو ڏاڍايان چيو.
”ڀيڻ جي .........................سانول آهي.“
راڌا، اوپرو آواز ٻڌو ته ٿورو شڪي.
وراڻيائين
”نه گهر ڪونهي-!“
نيرسنگهه، پنهنجي پينٽ جي کيسي مان سگريٽ جي دٻي جا ستر اسي کن ٽُڪر ڪڍي، گهر جي دروازي کان اندر اڇلائيندي چيو
”ڀيڻ جي. اها امانت سانول کي ڏئي ڇڏجو“
راڌا، اهو سگريٽن وارو ڪاغذن جو دستو کڻندي چيو
”جيءُ ٺيڪ آهي ادا “
نيرسنگهه، جواب ٻُڌندي اطمينان سان واپس هليو آيو پر تڏهن به من ۾ ڪٿي نه ڪٿي اُڻ تڻ ضرور متل هئس.
پنڊت نائومل، پاڻ سان ڪيترن نوجوانن کي گڏ کنيو ڳوٺ ڳوٺ وڃي رهيو هو، هن ماڻهن جي ذهنن ۾ مذهبي ڪٽرپڻي جا ٻج ڇٽڻ شروع ڪري ڇڏيا هئا. اُن جي اُنهي ڇٽ جو فائدو پنڊت نائومل کي برابر ملي رهيو هو. هن پنهنجي هيترن چيلن مان ڪُجهه وفادار چيلا پنهنجي لاءِ چونڊي ورتا هئا. جن کي هن ڪيئي ڀيرا آزمايو هو. هو هن جي معيار تي بلڪل پورا لٿا هئا، تنهن ڪري ڏاني ڌانڌل جي اولهه پاسي ڀٽن جي وچ ۾ شو مهاراج جي مندر ۾ پنهنجن اُن خاص چيلن سان پنهنجي مقصد جي ڳالهه لاءِ اچي گڏ ٿيو هو.
” ايشور جا سچا پوئلڳو! هيترن ماڻهن کي ڇڏي اوهان کي هن عظيم ڪم لاءِ چونڊڻ جو سهرو اوهان جي ڪانڊي ديوي جي سر تي وڃي ٿو. ڪالهه رات پاڪ پويتر ڪاندي ديوي مُنهنجي سپني ۾ آئي ۽ چيائين
”اي مُنهنجا پنڊت! تون ايترو آهستي ڇو پيو هلين؟ هُن مسُلي جا قدم ايشور جي پاڪ مندر ۾ گهُمن پيا ۽ هر قدم ڄڻ مُنهنجي سيني مٿان پيو پوي، جي پرچار ڪرڻ جو ايترو موهه اٿئي ۽ تو وٽ ايترو وقت ناهي جو مندر کي صاف ڪري سگهين ته پوءِ تُنهنجن شيوڪن ڪارو، جيٺو، رامون، پڏو، ساهومل ۽ سترام کي چئو ته هُو مندر کي انهن ناپاڪ قدمن کان پاڪ ڪن. ۽ مونکي بيحد خوشي ٿي آهي ته اُهو ڀاڳن ڀريو ڪم اوهان جي نصيب ۾ لکيو ويو آهي. پاربتي ديوي، اوهان لاءِ رستا آسان ڪندي ۽ شڪتي ديوي اوهان کي انهي پاڪ ڪم ڪرڻ لاءِ سگهه ۽ طاقت عطا ڪندي.
اي ڪانڊي ديوي جا شيوڪو! ۽ مُنهنجا سڄڻئو! وشنو ديوتا اوهان کي پنهنجي پناهه ۾ رکندو. اوهان پنهنجي مندرن جي رکشا( حفاظت) ڪرڻ ڄاڻو ٿا، اوهان کي آئون بُشارت ٿو ڏيان ته اوهين حياتيءَ ۾ به سرڳي(جنتي) آهيو. مُئي کان پوءِ سرڳي(جنتي) لهندو ۽ ٻي جوُڻ ۾ اعليٰ ۽ عرفيٰ انسان ٿي وري ڌرتي تي موٽندا. “
ويٺل همراهه خوشي وچان ڪپڙن ۾ نه پئي ماپيا ۽ ايڏي بي تابي ٿي پئي هئن ته ڄڻ هينئر کنڀ ٿي وڃن، وڃي سانول کي ماري اچن.
پنڊت نائومل ڏٺو پئي ته هن جون ڳالهيون هنن جي ذهنن ۾ ڇپبيون وڃن پيون، هنن جا دماغ بلڪل صاف ٿي چُڪا هئا. هاڻ هو ڄڻ هن جا غلام هئا. هي جيئن چوندن تيئن ڪندا، تڏهن به پنڊت نائومل پنهنجي چهري تي بردباري ۽ ڳنڀيرتا قائم رکندي ڳالهه جاري رکي.
” اوهان خوش نصيب آهيو! جو اوهان جي ۽ اوهان جي سڄي خاندان جي جنم پُرڻ عزت وڌندي. اوهان ڌرم جا سچا شيوڪ آهيو. اوهان تي راڌا ديوي جي خاص ڪرپا آهي. حقيقت پڇو ته مُنهنجي دل خوشي ۽ مسرت وچان ڦاٽي پئي ۽ ديوين ۽ ديوتائن مون تي ۽ مُنهنجي شيوڪن تي اهو عزت ڀريو ڪم رکيو آهي، نه ته اوهان کي ڄاڻ آهي ته منهنجو گرو سرڳواسي اويناش سڄي ڄمار ڌرم جي شيوا ڪندو رهيو پر ديوين ۽ مهانَ ديوتائن جو وشواس جيتي نه سگهيو. هاڻي پنهنجو وقت آهي امتحان ۾ پاس ٿيڻ جو، پنهنجي ڌرم کي بچائڻ لاءِ پنهنجي جان ۽ مال ٻليدان(قربان) ڏيڻ جو. مُنهنجا سڄڻؤ! شُڀ ڪم ۾ دير بدشگوني سمجهبي آهي. تنهن ڪري صبح ٿيڻ کان اڳ اوهان اِنهي ڪم تي نڪري وڃو. برهمڻ آباد ۾ اوهان کي سرڳواسي اويناش جي مُک چيلي سوڀن سان وڃي ملڻو آهي. اهو اوهان کي وڌيڪ ڪم ٻڌائيندو، مُنهنجو آشريواڌ اوهان سان گڏ آهي.“
سڀني چيلن واري واري سان پنڊت نائومل جي چرڻن تي مٿو ٽيڪيو، پنڊت نائومل انهي ڪم مان واندو ٿي سوڀن ڏانهن چٽ لکڻ شروع ڪيائين، اُها چٽ پنهنجي خاص چيلي کيمشي کي گهرائي، ڪُجهه خاص هدايتون ڏئي چٺ، اُن جي حوالي ڪيائين ۽ پوءِ سڪون سان پاڻ مُرڪي ليٽي پيو ۽ سپنن ۾ ايشور جو مندر سندس چرڻن هيٺ پئي نظر آيس .
رڌا، چٺ سانول جي حوالي ڪندي وراڻي.
”سانول، ادا وشنو، گورن هٿان مارجي ويو.“
سانول کان ڇرڪ نڪري ويو
”ڇا ......؟ ڇا پيئي چَئينءَ؟؟ “
راڌا، ڏُکاري لهجي ۾ وراڻي
” هنن چٺين ۾ سڀ ڪجهه لکيو پيو آهي، هنن کي پڙهي وٺو“
”ڪنهن ڏنيون آهن......؟؟ “
” خبر ناهي ڪير هو، بس هي چٺيون دروازي مان اُڇلائي چيائين “هي امانت، سانول کي ڏيئي ڇڏجان، مون جاچيو هو ڪو سپاهي ٿي لڳو.“
سانول، اُهي سگريٽ جي پاڪيٽن واريون چٺيون پڙهڻ لڳو جنهن ۾ وشني، برهمڻ آباد ۾ پنهنجي اچڻ جو مقصد بيان ڪيو هو ۽ ڪميونسٽن سان رابطي واري پتي ۽ علائقي جي سڄي سياسي صورتحال جو تجزيو لکيو هئائين ۽ پنهنجي موت جي تصديق به ڪري ڇڏي هئائين. ڪُجهه دير سانول سوچ ۾ ٻُڏي ويو هو ته ڪري ته ڇا ڪري؟ پوءِ راڌا کي ٻُڌائي بغير، ڪاڪي موهن ڏانهن هليو آيو. جيڪو پنهنجي هٽ تي ويٺل هو. هٽ تي چڱي خاصي رش هئي. سانول اچڻ شرط، اُهي چٺيون، ڪاڪي موهن جي حوالي ڪيون. موهن چٺيون پڙهي، سڪتي ۾ اچي ويو. سانول، ماڻهن کي وکر ڏيڻ لڳو. سانول، کي موهن جي طبعيت جي ڄاڻ هئي ته اهڙين اوچتين ڳالهين جو تمام گهڻو اثر ٿئي ٿو. دُڪان تي انهي گهما گهمي ۾ ڪافي دير کانپوءِ نرمائي آئي. سانول به جڏهن سانتيڪو ٿيو ته
موهن جو، سانول کان پهريون سوال اهو هو ته
”سانول، هي ڇا ٿي ويو ..؟ “
سانول وراڻيو
” ڪاڪا، انهي ڳالهه مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته گورا توڙي پئسي وارا ڪنهن به حالت ۾ اهڙي هلچل کي وڌڻ نه ڏيندا. وشني ۽ يوسف جو ائين بيدردي سان قتل اهو چتاءُ ڏئي ٿو ته آزاديءَ نه گهرون؟. ۽ هو چاهين ٿا ته اسان هنن جا ۽ هنن جي ڇاڙتن جا غلام ٿي هلون.“
موهن وراڻيو
”ائين ته آهي سانول! پوءِ ڇا ڪرڻ گهُرجي ؟ “
سانول وراڻيو
”منهنجي خيال ۾ مون کي اُنهيءَ ڏنل رابطي واري ڏس پتي تي وڃڻ گهرجي.“
موهن ڪُجهه توقف کان پوءِ وراڻيو
”ها! توکي ائين ئي ڪرڻ گهرجي.“
ڪُجهه دير ٻنهي ۾ ماٺار رهي، شايد هُنن انهي مسئلي جي ڳنڀيرتا کي سمجهيو ٿي.
سانول چيو
”ڪاڪا، حالتن اهو ثابت ڪيو آهي ته مسلم-هندو ڪي به فساد نه آهن ۽ نه ئي ڪو عام ماڻهو، ماڻهو جو دشمن آهي، ويڙهه رڳو هنن ٽن پيٽن جي وچ ۾ آهي. جيڪي عوام جي دولت ۽ روزگار کي ڦٻائڻ جي چڪر ۾ آهن. ۽ عوام جي اکين ۾ جهالت جي ڌوڙ وجهي، اڻ ڏٺي ڌٻڻ ۾ ڦاسائي انهن کي پنهنجي مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ استعمال پيا ڪن.“
ڪاڪي موهن مختصرن چيو
”هُونءُ.!“
سانول اُٿندي وراڻيو
” ڪاڪا، مون کي سنڌ ڏانهن وڃڻ جي تياري ڪرڻ کپي. توهان هتي جو ۽ راڌا جو خيال رکجو ۽ ها مُنهنجي وڃڻ جي خبر هروڀرو ڪنهن کي نه پوي.“
۽ دُڪان مان ٻاهر نڪري ويو.