5
” سانول ابا، ڪُجهـه وقت پهرين، مُکي شارو جي ڳوٺ واري پنهنجي ٻائي شارڌا آئي هُئي ، چيائين پئي تـه سندس جو ڪِڪو سخت بيمار آهي، اُلٽي ۽ پيچش وغيره ٿي پيا اٿس، تون هتي هُئين ڪونـه، سو تنهنجو انتظار ڪري ڪري ويئي هلي، هاڻي تون هيئن ڪر تـه سندس گهر وڃي، اُن جي ننڍڙي ڪِڪي کي ڏسي اچ . “
ڪاڪي موهن آندل سامان کي سنڀاريندي ، سانول کي چيو .
سانول بـه پنهنجي حڪمت وارو ٿيلهو کڻي، مُکي شارو جي ڳوٺ ڏانهن روانو ٿي ويو، هڪ ٻـه لَڪَ ٽپِي سانول مُکي شارو جي ڳوٺ پُهچي، سِڌو ٻائي شارڌا جي چونري ڏانهن هليو آيو، جتي، ٻائي شارڌا سخت پريشاني جي حالت ۾ پنهنجي ننڍڙي ڪِڪي کي، پنهنجي جهولي ۾ سُمهاريو ويٺي هُئي، سانول ايندي شرط ننڍڙي کي چڪاسيندي چيو ــــ ،
” ڀيڻ ، هن کي سائي ٿي ويئي آهي پر اڃان گهٽ حالت ۾ آهي ، ان جو علاج ڪريون ٿا باقي پيچش تـه انشاءَ الله هاڻ ئي بند ٿي ويندا “
۽ پنهنجي حڪمت واري ٿيلهي مان ڪُجهـه ڦڪين جون پُڙيون ۽ ڪُجهـه ڪک ڪڍي ، شارڌا کي ڏنا تـه ٻائي شارڌا پنهنجي منَ جي تسلي لاءِ پُڇيو ـــ
” ابا مُنهنجو ٻچڙو ٺيڪ تـه ٿي ويندو نـه ! “
سانول دلداري ڏيندي وراڻيو ـــ ،
” ادي ، اهڙي ڪا ڳالهـ ڪونهي جنهن جي ڪري ڪا پريشاني ٿئي ، هلڪي سائي اٿس ، دوا ڏيو پيو وڃان باقي گيهـ ، مکڻ ۽ مٺائي وغيره کان پاسو ڪرائيجانس ۽ ڪُجهـه ڏينهن مال وغيره ۾ نـه ڇڏجانس ، ڀل ڪُجهـ ڏينهن آرام ڪري ۽ هي پُڙي صبح شام کارائڻي آهي ۽ هي ڪک نيراني پاڻي ۾ ٽهڪائي، ڇاڻي، ان جو جوشاندو پئياريجينس ، الله ڪندو تـه ٻـه چار ڏينهن ۾ بيماري ۾ ڪافي فرق اچي ويندو ادي. “
شارڌا سانول کي دُعائون ڏيندي وراڻي ـــ ،
” ادا ڀڳوان ڪري ، سدائين خوش رهين ، مُنهنجي ٻچي جو علاج ڪري ٺيڪ ڪندين تـه تُنهنجي هيءَ ڀيڻ ، توکي سڄي ڄمار پئي دُعائون ڏيندي. “
سانول ، ٻائي شارڌا جي مٿي تي هٿ رکندي وراڻيو ـــ ،
” ڀيڻ ، اسان کي وڏڙن هميشـهٰ ، الله جي پيدا ڪيل هر شيءِ سان پيار ڪرڻ سيکاريو آهي ۽ جيون تـه ڀڳوان طرفان ڏنل هڪ املهـ تُحفو آهي، جنهن کي بچائڻ تـه مُنهنجو فرض ٿئي ٿو ، تون ڀيڻ اُلڪو نـه ڪر ، انشاءَالله دوا پنهنجو اثر ڪندي ۽ الله جي حڪم سان ڪِڪو ٺيڪ ۽ جلد نوبنو ٿي ويندو “
سانول ننڍڙي کي پيار ڪندي چيو ـــ ،
” اڙي هيڏڙِي بيماري کان ڊڄي ويو آهين ، تون تـه شينهن لڳو پيو آهين ......هان ......ڪاڪو ويٺو آهي نـه ، دوا ڏني آهي ، ضرور کائيجان ، ٺيڪ آهي نـه ... دوا جي ڊپ وچان بيماري ڀڄي وڃي ڀٽن ۾ لڪندي . “
ننڍڙي ڪنڌ ڌوڻي “هائوڪار” ڪئي ۽ لڄائيندي ، پنهنجو مُنهن ، پنهنجي ماءُ جي هنج ۾ لڪائي ڇڏيائين سانول بـه ڪُجهـه هدايتون ڏيئي ، واپس هٽ لاءِ نڪري آيو .
انگريز سرڪار ڪشور کي نئون مُختيارڪار ڪري برهمڻ آباد ۾ موڪليو هو، خاص ڪري ڪميونسٽ پارٽي جي هلندڙ سرگرمين تي، ڪڙي نظر رکڻ لاءِ. جڏهن کان 1857ع جي بغاوت ٿي هُئي ، تڏهن کان انگريز عملدارن ۾ ڦڙڦوٽ پيل هُئي ، هو اڳي کان وڌيڪ چوڪس رهڻ لڳا هُئا ، جڏهن کان ڀڳت سنگهـ واري بغاوت دٻاڻي هُئي تڏهن کان، بغاوتن ۾ ماٺار تـه ٿي ويئي هُئي پر ڀڳت سنگهـه جي بُک هڙتال ۽ بغاوت جي ڪري ، هندستان جي نوجوانن ۾ نئون روح پئجي ويو هو.
جنتا راڄ هلچل جي نوجوان ليگ، خفيـهٰ ڀرتي مُهم چالو ڪري ڇڏي هُئي جنهن ۾ هندستان جا نوجوان ڀرپور حصو وٺي رهيا هُئا، جنتا راڄ هلچل جي خُفيـهٰ ليگ جي ميمبر پارورتي جي موت ، جنتا راڄ هلچل جي لاءِ ڄڻ خطري جو هڪ اڻ ڏٺو چتاءُ هو پر پارورتي گرفتار ٿيڻ وقت ، مُنڊي ۾ پيل زهر کائي ورتو، جنهن جي ڪري جنتا راڄ هلچل ڪنهن وڏي نقصان کان بچي ويئي پر انگريز سرڪار جي سڄي ميشنري کي اندر تائين ڏڪائي وڌو هو ، انگريز سرڪار اڳ ٿيندڙ بغاوتن کان پريشان هُئي تـه مٿان وري ڪميونسٽ پارٽين جي وڌندڙ زور ۽ اثر رسوخ ، سندن جون وايون بتال ڪري وڌيون هيون ، تنهنڪري انگريز سرڪار ڪميونسٽن کي ڪچي ۾ ئي ماري ختم ڪرڻ ٿي چاهيو جيئن اڳتي هلي هنن لاءِ ڪا وڏي مُصبيت کڙي نـه ڪن ، اُن ڪري شڪ جي بُنياد تي ڪيتريون ئي گرفتاريون بـه ڪيون هُئن پر انهي سان بـه ڪو خاص نتيجو ڪونـه نڪري سگهيو هو .
برهمڻ آباد ۽ اُن جي ڀر پاسي ۾ راجپوتن ۽ ٺڪرن جي بغاوتن ۽ اُتي رهندڙ ننڍن ننڍن ڌاڙيلن جي ٽولن جي ڪارروائين جي ڪري ڪافي مُحتاط رهڻو ٿَي پيو پر ڪشور بـه ڪا گهٽ شخصيت ڪونـه هُو، هو ذهين ۽ ماڻهن جي چهرن کي پڙهڻ جو وڏو ماهر هو ، هُن، هِن کان اڳ ڪيترن ئي بهادر ۽ نڊر بلوچ اڳواڻن کي مارائي، بلوچن جي طاقت کي ٽوڙي ڀورا ڀورا ڪري چڪو هو ،تنهن ڪري انگريز سرڪار بـه پنهنجي وڇايل هن بساط تي ، هندستان جي ئي ديسي پيادي کي ميدان ۾ لاٿو هو .
راڌا ، ايشور جي سيوا ڪرڻ کانپوءِ ، هندي ۽ سنڌي ٻولي جا پاٺ(سبق) بـه پڙهڻ لڳي هُئي ، جنهن ڪري هاڻ گهڻو ڪُجهـه لکڻ ۽ پڙهڻ بـه سکي ورتوهُيس ، لکڻ پڙهڻ جي مشغولي جي ڪري راڌا هاڻ ڪافي مصروف رهڻ لڳي هُئي ، ان کان سواءِ علائقي جون ڪافي عورتون بـه پنهنجا ننڍا ننڍا مسئلا ، هن وٽ ئي کڻي اينديون هيون ، راڌا انهن جا اهي ننڍا ننڍا مسئلا ، اهڙي تـه سهڻي نموني نبيريندي هُئي جو ڪيتريون عورتون کلي ، خوش ٿي اُٿينديون هيون .
ڪشور جي اک ۽ سندس ماڻهو چوگرد علائقي ۽ ماڻهن جي سخت نظرداري ڪري رهيا هُئا ، پر مندر ڏانهن هنن جو ڪڏهن ڌيان ڪونـه ويو ، راڌا ۽ سانول ، پنهنجي هلت چلت ، اخلاق واطوار، ڌيرج ۽ ڏاهپ جي گُڻن جي ڪري، برهمڻ آباد جي سڄي علائقي ۾ ممتاز حيثيت حاصل ڪري ورتي هُئي سو هنن کي ڪشور بـه عزت و احترام جي نگاهـ سان ڏِسندو هو .
راڌا پنهنجي والد جي ويدڪ ڪتابن ۽ ڌرمي پُستڪن کي بـه آهستي آهستي ڪري ، پڙهڻ لڳي هُئي ، جيڪي ڳالهيون ، سمجهـه ۾ نـه ٿَي آيون تـه اُن متعلق سانول کان ٿَي پُڇا ڪيائين انهي ڪري راڌا جي ذهني اوسر بـه چڱي طرح ٿي رهي هُئي ، ڳالهين کي جلد سمجهڻ ، انهن کي وسيع نظري سان پرکڻ سکي ويئي هُئي ، انهي ڪري ڳالهين کي مٿاڇري نظر سان ڏسڻ ڇڏي ڏنو هُئائين ، هاڻ پنهنجو پاڻ ۾ فيصلي ڪرڻ جي قوت ۾ بـه اضافو ڪري ڇڏيو هُئائين.
وشنو ، ڪالهـ آڌي گام جي ڳوٺ ، ڀيرو جي تڙ پهتو هو ، جتي رابطي وارو ماڻهو ملي نـ سگهيو هو ، ان جي گهر کي باهِـ ڏنل هُئي ۽ سامان جو ذرو بـ اُتي موجود ڪونـ هو ، اهو سڀڪُجهـ ڏسي وشنو هيڪر تـ پريشان ٿي ويو پر پوءِ همت ڪري ، اُنهي ساڳي جاءِ تي ، نئين سري سان چوئنرو اڏڻ شروع ڪري ڏنائين ، اُتي رهندڙ هندن مان ڪنهن بـه ڪو اعتراض ڪونـه ڪيو، رات اندر اڪيلي سر هُن چوئنري جون ڪافي ڀتيون کڻي ورتيون هيون ، هڪ ٻن ڏينهن جي محنت سان وشني چوئنري کي مڪمل ڪري ورتو جيئن ئي چوئنري واري ڪم کان فارغ ٿيو تـه پنهنجي ڪم ڪرڻ جي باري ۾ سوچ ويچار ڪرڻ لڳو تـه هن کي ڪم ڪرڻ لاءِ ڪٿان کان شروعات ڪرڻ گهُرجي ، ڇو تـه رابطي وارو ماڻهو بـه هن کي ڪونـه مليو هو ۽ ٻيو تـه مذهبي جهيڙو بـه پنهنجي عروج تي هو ، هي پاڻ بـه هن علائقي ۾ صفا نئون ماڻهو هو .
وشني ٻئي ڏينهن صبح ساڻ پهريون ڪم اهو ڪيو جو پنهنجو درزڪو هٽ کولي ، سڀني کي چانهـ جي دعوت ، گهر گهر وڃي ڏنائين ، تنهنڪري ڳوٺ جو هر ماڻهو ، انهي دعوت جي باري ۾ پنهنجي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪري رهيو هو .
ڪاڪي ماني چيو تـه ــــ ،
” ادا ، نئون نئون ڳوٺ ۾ آيو آهي ، انهي ڪري ڳوٺ وارن سان لهـه وِچڙ ۾ اچڻ لاءِ اها دعوت ڪئي اٿس . “
سومجي ، انهي ڳالهـ جي مُخالفت ڪندي چيو ـــ ،
” ڪاڪا ، تون تـه صفا ڪو ڀورو آهين ، ائي ...مُسلمانن لُٽي ڦُري ڇڏيو اٿس ، هاڻي ڳوٺ وارن کان چندو ڪٺو ڪرڻ لاءِ دعوت ڪئي اٿس ، ٻيو ڇا ؟ “
ڪاڪو مانو ، سومجي جي ڳالهـه ٻُڌي ، بخيلائي ۾ وراڻيو ـــــ ،
” هل پُٽ ، ايسيتائين ابا ڪيترن جي مدد ڪئي اٿو ۽ اڳي ڀلا ڪيترن اوهان کان مدد گهُري آهي ، جو هاڻ هي اوهان کان مدد گهُرندو . “
پرڀو ، ڪاڪي ماني جي ڳالهـه ۾ وڌاءُ ڪندي چيو ـــ ،
” سچي ڳالهـه آهي ......، هي پنهنجو سونو ، لُٽجي ڦُرجي هتي آيو هو تـه رهڻ لاءِ ، ڪنهن جاءِ بـه ڪونـه ڏنس پر کائڻ لاءِ ٻن وقتن جي مانيءَ جو ويلو بـه ڪنهن ڪونـه کارائيس ، شابس وري بـه ڪاڪي موهن ۽ سانول کي هُجي ، جن ويهـه ڪوهـه تان ويهي بـه سونو جي مدد ڪئي هُئي . “
سومجي ويچارو ڳالهـه ڪري ڦاسي پيو هو ، نانگجي ، جيڪو پريان ، اُٺ جي ڪجاوي کي سبي رهيو هو تنهن چيو ـــ ،
” پرڀو ، سوَ سيڪڙو کرِي ڳالهـه ڪئي اٿئي ،ڪاڪي موهن ۽ سانول نـه رڳو ، سونو جي مدد ڪئي پر ٻين ڪيترن ئي غريبن کي پنهنجي وس آهر مدد ۽ آٿت ڏيندا رهندا آهن ، سانول جي هٿ ۾ ڀڳوان اهڙي تـه شِفا رکي آهي جو هر ڪنهن غريب غُربي جو علاج مُفت پيو ڪندو ............................“
روجي ، نانگجي جي ڳالهـه اڌ مان ڪٽيندي چيو ــــ ،
” اڙي نانگجي ، اهي تـه آهن ساڌو سنت ۽ بُزرگ ماڻهو پر وشني جو تـه نـه ڪو اتو پتو آهي تـه ڪٿان آيو آهي ڪيڏانهن ويندو ۽ نـه ئي وري ڪو ٻار ٻچو اٿس ، انهي ڪري اُن لاءِ تـه ادا ڪُجهـ چئي نـه ٿو سگهجي نـه !“
ڪاڪي ماني ، تجويز ڏيندي چيو ـــ ،
” منهنجو تـه خيال آهي ، ڪاڪي موهن وارن کي بـه دعوت تي وٺي وڃجي ، اهي سياڻا ۽ ڏاها بـه آهن ، جي اهڙي تهڙي ڪا ڳالهـه ٿي تـه ماحول کي پاڻهي سنڀالي وٺندا . “
نانگجي ، ڪاڪي ماني جي ڳالهـه جي تائيد ڪندي چيو ـــ ،
” هائو ، اها ڳالهـه دل کي لڳي ٿي . “
پرڀو ، انهي ڳالهـه تي وراڻيو ــــ ،
” ڪاڪا پهرين پاڻ تـه ملي ڏسونس تـه همراهـه ڪيتري پاڻي ۾ آهي ، هروڀرو ڪاڪي موهن وارن کي تنگ ڪريون ، پاڻ ملي ، خبرون ڪري وٺونس ، پوءِ پيا ڪاڪي موهن ۽ سانول سان انهي وشني جون خبرون ڪنداسين . “
والجي ، ڇني جي ٿوڻي سان پنهنجي اَڀري گڏهـه کي ٻڌندي ، سڀني کي سلام ورايو ۽ گڏهـه تان آٿر لاهيندي چيو ـــ ،
” ٻيلي ، ڳالهـه ٻُڌو ، آئون چانهـه پيئندس ، سڄو بدن پيو پيڙا ڪري ..! “
سومجي هڪدم وراڻيو ــــ ،
” هائو ٻيلي ، لڳي ٿو تـه راتوڪو پنڌ ۾ آهين ، ٿڪاوٽ تـه ٿيندي نـه ....، پرشوتم وارو ڪر ، مُنهنجي گهران پتي ، کنڊ ۽ کير کڻي اچي ، جلدي ۾ چانهـه ٺاهي وٺ ............، ويهـه تـ سهي ، ڏي ڪي خبرون جبل جون! “
ڪاڪو مانو ، ٻڪري جي ڏاس مان ، رسي کي وٽيندي وراڻيو ـــ ،
” هائو ٻيلي ، تون تـ پورا ست ڏيهاڙا جبل ۾ هُئين ، ڪئين رنگ ڏٺا هوندئي ! “
والجي ، پنهنجي چتين لڳل صدري لاٿي تـه سندس هڏائون پڃرو ظاهر ٿي پيو ، والجي پنهنجي پٽڪڙي بـه چوئنري جي ٻاهران نڪتل ڪاٺي ۾ ٽنگي ڇڏي ۽ پاڻ اٿلي پٿلي ماري ، سڀني جي وچ ۾ ٿي ويٺو ۽ ستن ڏينهن جون سانڍيل خبرون ٻُڌائڻ لڳو .
ڪاڪي موهن ۽ سانول گڏجي ، برهمڻ آباد ۾ نينگرين جي پاٺ شالا(مُڪتب) کولي ورتي هئي ، جنهن ۾ راڌا روز ٻارڙين کي پڙهائڻ ، مندر کان برهمڻ آباد ايندي هُئي ، پاٺ شالا (مُڪتب يا اسڪول) جو پهريون ڏينهن تـه صفا مايوس ڪن هو ، راڌا پاٺ شالا (مڪتب يا اسڪول) ۾ اڪيلي ويٺي رهي ، ڪاڪي موهن گهر گهر وڃي ٻارڙين کي پڙهائڻ لاءِ چيو پر ڪو به ماڻهو پنهنجي نينگري پڙهائڻ لاءِ تيار ڪونـه هو ، هفتي ڏيڍ جي مٿا ڪٽ کانپوءِ مسهين مسهين ٻـه نينگريون پڙهڻ لاءِ آيون هيون سوبـه پندرهن ويهن منٽن لاءِ ، راڌا جو باقي ڏينهن ائين فارغ ئي گُذري ويندو هو .خود سانول کي بـه برهمڻ آباد کان ڪيئي مهينا ٻاهر رهڻو پوندو هو ، علاج معالج جي سلسلي جي ڪري ، ڏور ڏور جا ماڻهو سانول کي وٺي ويندا هُئا ۽ جيڪڏهن ڪو وقت ملندو بـه هُئس تـه جبل ۾ ٻوٽيون ڳولڻ لاءِ نڪري ويندو هو .
هونءَ تـه سڄي هُندستان ۾ مذهبي رُحجان ڏينهون ڏينهن وڌي وڻ ٿيو هو پر اُن جو چڱو خاصو اثر ٿر ۽ پارڪر جي علائقي تي بـه پئجي رهيو هو ۽ انهي اثر جو فائدو ، پنڊت نائون مل ۽ سندس چيلا وٺي رهيا هُئا ، مذهبي ڳالهين کي واءُ ڏيئي ، پنهنجي آس پاس پنهنجن چيلن ۽ پوئلڳن جو وڏو حلقو پيدا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا هئا ، مهاراج همنيت جي قتل ٿيڻ جو فائدو ـــ ، سيٺ نارائڻ داس کي تـه نـه مليو البت ان قتل جو فائدو پنڊت نائون مل کي ضرور مليو .
راڌا ، سانول ۽ موهن وارن جو پرچار خالصتن اصلاحي هو ، تنهنڪري هنن جي حلقي ۾ غريب طبقي جا ماڻهو تمام گهڻا پئي شامل ٿيا باقي وڏا سيٺي ۽ زميندار ، پنڊت نائون مل جي جهولي ۾ پيل هُئا ، پنڊت نائون مل ، سانول جي شُهرت کان ساڙ کائيندو هو ۽ من ئي من ۾ پيو سانول کي ختم ڪرڻ جون سازشون سٽيندو هو ، انهي ڪري پنهنجن اجتماعن ۾ سانول خلاف زهر اوڳاڇيندو رهندو هو ڇاڪاڻ تـه سانول ئي پنڊت نائون مل جي انتها پسندي ۽ مڪارانا ڳالهين جو پردو فاش ڪندو هو ، پنڊت نائون مل جي اصل اک ، ٿر جي سڀ کان وڏي ۽ پويتر (پاڪ) ڪارونجهر جي انهي مندر تي هُئي جتي سانول ۽ راڌا رهندا هُئا هن پنڊت نٿي چاهيو تـه هن جي برابر جو ڪو ماڻهو هُجي ، هُن سانول خلاف ڄڻ هڪ محاذ کولي باقاعدي ويڙھه شروع ڪري ڏني هُئي ۽ اُن جي حمايت وڏا سيٺي ۽ زميندار ڪري رهيا هُئا.
ڪشور جي اوچتي سرڪاري عملدارن ۽ عهديدارن سان گڏجاڻي سرڪاري مُلازمن ۾ عجيب ڦڙڦوٽ وجهي ڇڏي هُئي ، هر ڪو حيرت ۾ هو تـه اوچتو اوچتو، اهڙي هنگامي گڏجاڻي ڪرڻ جو مقصد ........! جيترن سرڪاري حلقن ۾ اهو چوٻول بـه هو تـه جيڪو بـه سرڪاري مُلازم، ڪنهن بـه پارٽي سان همدردي رکي ٿو ٿا اُن لاءِ ڪم ڪري ٿو اُن کي نوڪري مان ڪڍيو پيو وڃي ـــ ، ايسري کي تـه پڪ هُئي تـه هن جي نوڪري تيل ٿي ويندي ، انهي ڪري ڊوڙي وڃي ڪانگريس جي چڱي مڙس نهال چند وٽ پهتو .
” سائين ، اڄڪلھه تـه مسلم ليگين جي چُرت تي ، ڪانگريس جي حمايتين کي ، نوڪرين مان ڪڍڻ جون سازشون پيون جوڙيون وڃن ..... سائين ٻُڌڻ ۾ آيو آهي تـه مٿي اهڙن ڪيترن ئي سرڪاري مُلازمن کي نوڪري تان جواب ڏيئي گهر اُماڻيو ويو آهي ........، سائين مُنهنجا ننڍا ننڍا ٻچا آهن ، مٿي ڳالهايو نـه !“ نهال چند وٽ بـه اهي اُفواھ پُهتا هُئا تـه انگريز سرڪار ، ڪُجھ سختي ڪئي آهي پر اهي افواھ ايترو وڃي اثر ڪندا ان جو اندازو نـه هُئس سو ايسري جي ڳالھ ٻُڌي هيڪر تـ منهن تي پريشاني ظاهر ٿي پيس پر آخر هن پوري علائقي جو ڪانگريس جو اڳواڻ هو ، انهي ڪري پنهنجي ڪارڪنن کي تـ هر حال ۾ مُطمئن نظر اچڻو هُئس .
” ايسرا ـــ ، دراصل اها سرڪار جي نئين پاليسي آهي تـه هرڪنهن پارٽي جي انهي ميمبر تي نظر رکي وڃي جيڪو ڪنهن نـه ڪنهن پارٽي ۾ آهي ، اُن ۾ صرف ڪانگريسي ٿوري آهن اُهي سڀئي پارٽيون جيڪي انگريزن جي خلاف آهن سي سڀئي شامل آهن ، بس هاڻ توهان رُڳي هئين ڪريو ڪي پنهنجون سڀئي سياسي سرگرميون حال فلحال مُعطل ڪري ڇڏيو ۽ آئون بـه تيسين مٿي پارٽي وارن سان ملڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو. ”
ايسري گهٻراهٽ ۾ پاسو ورائيندي چيو :ـ
” پر سائين ، هينئر جيڪڏهن لسٽن ۾ چڙهي وياسين تـه پوءِ.......................! “
نهالچند نهايت اطمينان ۽ ڌيرج سان وراڻيو :ـ
” سرڪار اهڙي تڪڙ ڪونـه ڪندي ، هن پوري سرڪاري ميشنري ۾ ڪنهن هڪ پارٽي جا ميمبر ته ڪونـ هوندا ، ايسرا هزارن جي تعداد هوندي ، انهن کي ائين هڪدم ٿوري ڪڍندا جي ڪڍندا تـه پوءِ مُلڪ ۾ انتشار ڪونـه پکڙجي پوندو ، تون دلجاءِ ڪر ، اهڙو ڪُجھ ڪونـه ٿيندو . “
ايسري کڻي ماٺُ ڪئي پر هو نهالچند جي ڳالهين مان مُطمئن ڪونـه پئي نظر آيو ، نهالچند، ايسري جي حالت ڏسي ، پنهنجو ٻيو دائو کيڏيو ، پين ۽ پنو کڻي ڪُجھ لکڻ ويهي رهيو .
نهالچند، ڪانگريس جي مقبوليت ڏسي پنج سال اڳ شامل ٿيو هو ، پنهنجي چڱي ساک ۽ ذهانت جي ڪري ، ڪانگريس جي مرڪز ۾ پنهنجي جڳھ ٺاهي ويو هو ، انهيءَ دوران پاڻُ ٻـه ڀيرا جيل جو مُنهن بـه ڏسي آيو هو تنهنڪري تجربي جي لحاظ کان ، ڪافي اڳڀرو هو ۽ پنهنجي علائقي ۽ ذات جو چڱو مڙس پُڻ هو .
ڪاغذ کي لفافي ۾ بند ڪندي ، ايسري کي چيائين :ـ
” هن ۾ مون هتي جي سياسي صورتحال ۽ انگريز سرڪار جي هن ٿيندڙ ڪارروائي جي باري ۾ تفصيل سان لکيو آهي ۽ تُنهنجي تمام گهڻي پارت ڪئي اٿم، هاڻ تون، هي پيسا وٺ، هتان سڌو دهلي وڃجان، اُتي ڪانگريس جي مرڪزي آفيس ۾ هي لفافو پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ شري رام لال کي ڏجان، هو پاڻهين ڪونـه ڪو بلو ڪري وٺندو ، ٺيڪ آهي نـه بابا ...، هرو ڀرو پريشان ٿيڻ جي ضرورت ڪونهي ڀڳوان چڱي ڪندو ....“
ايسري لفافو کڻي، پنهنجي اندرين صدري جي کيسي ۾ وڌو ۽ روانو ٿي ويو ، نهالچند تـه ايسري کي لفافو ڏيئي ، مُطمئن ٿي ويو هو پر ايسري جي من ۾ ڀئو گهر ڪري چُڪو هو ، تنهن هن کي دهلي وڃڻ بجاءِ سڌو مُختيارڪار ڪشور جي گهر ڏانهن وٺي آيو .
” او ڀايا...... ڪيڏانهن ٿو وڃين ؟ “
پهري تي بيٺل سنتري ، جيڪو پريان ٺهيل هڪ ننڍي لانڍي ۾ ماني کائي رهيو هو ، ايسري کي ائين پنهنجي منهن لوءَ ڪري اندر ويندي ڏٺائين تـه رڙ ڪري پُڇيائين .
انهي اوچتي سڏ جي ڪري ، ايسرو ڇرڪي پيو ۽ ڏڪندي وراڻيائين :ـ
” مائي باپ ... صاحب سان ضروري ڪم سان ملڻو اٿم .....“
سنتري اُٿي اچي ، ايسري کي ٻاهر ڌڪيندي چيو:ـ
” هل هل ـــــ ، ملڻ جو بـه ڪو وقت هوندو آهي ، جنهن وقت ڏس ...... مُنهن کنيو ڀڳا اچن، هل هتان ، صبح جو صاحب سان آفيس ۾ ملجان ... ! “
ايسري ويچارڳي سان ، مُختيارڪار جي گهر کي ڏٺو ۽ ڪنڌ هيٺ ڪري ، پنهنجي گهر ڏانهن هليو آيو ۽ سڄي رات پاسا ورائيندي گُذري ويس ، ايسري کي ايترو پريشان ڏسي ، سندس گهر واري بـه پريشان ٿي پئي هُئي ۽ ور ور ڏئي ، ايسري کان پريشاني جو سبب ٿَي پُڇيائين پر ايسري دڙڪو ڏيئي ، ماٺِ ٿَي ڪرائي ڇڏيس ، صبح جو ايسرو نيرن کائي بغير ئي اچي مختيارڪار جي آفيس پُهچي ويو پر مُختيارڪار تـه پنهنجي ٽائيم تي ئي تـه اچڻو هو نـه .. سو ايسري کي ڪلاڪ کن انتظار ڪرڻو پيو .
” سائين هي لفافو ، مونکي ڪانگريس جي مُکي نهالچند ڏنو هو تـه وڃي دهلي پُهچايان پر سرڪار آئون تـه انگريز سرڪار جي نمڪ حرامي تـه نٿو ڪري سگهان نـه ...! بس سرڪار ، انهي ڪري سڌو اچي اوهان جي خدمت ۾ حاضر ٿيس . “
ڪشور لفافو کڻي ميز تي اُڇلائيندي چيو :ـ
” رات بـه تون آيو هُئين ڇا .....؟ “
ايسري هڪدم ساک ڀرئي لهجي ۾ چيو :ـ
” ها ها سائين ، مون سوچيو سائين ، نيڪ ڪم ۾ دير ڇا جي ... ، پر سائين ٻاهر بيٺل سنترين ، اوهان سان ملڻ ئي نـه ڏنو . “
ڪشور لال ، ايسري کي غور سان ڏٺو پئي ، جنهن جي منهن تي هڪ رنگ اچي ۽ ٻيو وڃي .
” تون تـه سرڪاري مُلازم آهين نـه .................! “
انهي سوال تي ايسري کڻي ڪنڌ هيٺ ڪيو .
” ٻيو ڪهڙو ڪهڙو ماڻهو هتي سياسي سرگرمي پيو ڪري . “
ايسري پنهنجو پاڻ کي وفادار ثابت ڪرڻ لاءِ هڪدم پنهنجن ساٿين جا نالا کڻڻ لڳو.
” جيسو ....، پنهون .....، علي ڏنو ...... ، واشو .....، انلا چند تـه سائين انگريز سرڪار جا اصل ڪٽر دُشمن آهن . “
ڪشور هٿ جي اشاري سان ايسري کي چيو:ـ
” چڱو ، تون هينئر هل ...... جي وري ضرورت پئي تـه وري سڏ ڪرائي وٺندومائين . “
” جيءُ سرڪار .“
چئي ايسرو وڃڻ لڳو تـه ڪشور هدايت ڪندي چيس :ـ
” ٻُڌ .... !هتي ڪانگريس جو مکيه اڳواڻ هارون گم آهي ان جو پتو ڪري ڏي ۽ ها انهي ڳالھ جو ڪنهن سان بـه ذڪرنـه ڪجانءِ . “
ايسرو جيئن مُختيارڪار جي آفيس مان نڪتو تـه سندس جي چهري تان خوف جون ريکائون گُم ٿي چڪيون هيون ، هو اطمينان سان پنهنجي گهر ڏانهن هليو آيو.
وشني پنهنجي ذهانت ۽ ملنساري سبب ڳوٺ وارن جي دلين ۾ گهر ٺاهي ورتو هو ، پرڀو ۽ سومجي تـه سڄي ڏينهن جي ڪم ڪارين مان واندا ٿي ، شام جو ايندا ئي ، وشني واري چوئنري ۾ هُئا ۽ پوءِ آهستي آهستي سونو ، والجي ، ميگهو ، مانو ، واگهو ، نانگجي وارا بـه پهچندا هُئا ، پوءِ ڳالهين ۽ ڪچهري جو دور رات دير تائين پيو هلندو هو .
اڄ تـه پرڀو ، وشني وٽ سوير ئي پُهچي ويو هو ، اُن وقت وشني ، ڪاڪي والجي جي صدري پئي ٺاهي ، جيڪا هو ڪالھ مرمت لاءِ ڏئي ويو هو .
” ادا وشنا ، ڪا خبرچار ٻُڌي اٿئي ......!! ؟ “
پرڀو وشني سان مُخاطب ٿيندي چيو.
وشني صدري جي اوٽي ورائيندي چيو:ـ
” نـه تـه ...! “
وشني کي ڄاڻ هُئي تـه پرڀو .... ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جي ڪارڪنن جي گرفتاري بابت ئي ڪُجھه چوندو، جنهن جي باري ۾هن خود رات ويهي، علائقي جي سياسي صورتحال بابت تفصيل سان پارٽي لاءِ نوٽس لکيا هُئا .
پرڀو، ٿورو رازداري واري انداز ۾ چيو:ـ
” ٻُڌو اٿم تـه ڪانگريس جي مُکي نهالچند کي ، پنهنجن ڪيترن ساٿين سميت انگريز سرڪار جهلي ورتو آهي ( ٿورو توقف کانپوءِ) هنن گورن تـه اصل باھ ٻاري ڇڏي آهي ، واھ ڀڳوان تُنهنجا رنگ ، هي کائينَ بـه اسان جو ۽ مارينَ بـه اسان کي . “
وشني پنهنجي چهري تي حيرت جا آثار آڻيندي چيو :ـ
” اڇا ......!! پر گرفتار ڪهڙي ڏوھ ۾ ڪيو اٿن .“
پرڀو وراڻيو :ـ
” اها تـه خبر ڪانهي پر جيستائين ادا وشنا آئون سمجهان ٿو تـه گورا هندستان کي آزاد ڏسڻ نٿا چاهينَ، انهي ڪري ئي تـه آني بهاني ڪانگريسين کي پيا گرفتار ڪن . “
وشني ڳالھ کي پنهنجي نظرئي ڏانهن آڻيندي چيو :ـ
” ادا ڀلا ائين ڪونـه ٿو لڳي جو اسان پاڻ ۾ وڙهيا پيا آهيون ۽ اُن جو فائدو هي گورا پيا وٺن . “
پرڀو حيرت مان وشني ڏانهن نهاريو .
وشني ڏٺو تـه تير ٺيڪ نشاني تي وڃي لڳو آهي، سو پنهنجي ڳالھ جاري رکندي چيو :ـ
” هُندستان جي ڌرتي هڪڙي آهي ۽ صدين کان پئي هلندي اچي، ڪيترائي حملا آور آيا پر اُهي هن ڌرتي جي ماڻهن ۾ ويڇا نـه پيدا ڪري سگهيا الٽو هن ڌرتي جي خمير ۾ گڏجي ، هن ڌرتي جا ئي ٿي رهجي ويا،پوءِ مُسلمان ۽ هندو الڳ الڳ ڇو ٿا ٿيڻ چاهينَ “
پرڀو هڪدم وراڻيو :ـ
” مُسلا حرامي آهن ...... نيت جا کوٽي ...... گوشت خورا ....! “
وشني صدري کي ڇنڊي، نوڙي تي ٽنگيندي چيو :ـ
” برابر ائين هوندو پر اهي ئي لفظ مُسلا، هندن لاءِ چون ٿا ۽ انهي ڳالهـ جو فائدو گورا پيا وٺن . “
پرڀو پنهنجي ٺڪر جي سُلفي ۾ تمباڪ ڀريندي چيو :ـ
” ادا وشنا ، تون آهين ڀورڙو ماڻهو، تون ڳالھ کي سمجهين ئي ڪونـه ٿو ، مُسلن جي تـه اها سازش آهي تـه هندستان ٽُٽي ۽ گورا بـه انهي ڳالھ ۾ خوش آهن ، اهڙي طرح ادا ٻئي مٿا فائدو تـه مُسلن کي ٿو ملي نـه “
وشني نئون ڪپڙو ڪٽائي لاءِ کنيو ۽ سلائي مشين تي رکندي وراڻيو :ـ
” پوءِ پرڀو ادا هي هيترا مسلمان ڪانگريس ۾ ڇو آهن ۽ ڪيترن اختلافن سبب ڪانگريس کي ڇڏي ڇو ويا، انهن ڳالهين مان لڳي ڪونـه ٿو تـه ڪٿي نـه ڪٿي ڪانگريسين ۾ بـه ڪوتاهيون آهن، جنهن جي ڪري ڪيترائي هندو توڙي مُسلمان ناراض اٿن . “
پرڀو سُلفي جو شوٽو ڀريندي چيو :ـ
” ادا وشنا، ڪجھ بـه هُجي، پاڻ تـه ايترو سمجهون ٿا تـه گورن کي ڪو حق نٿو پُهچي تـه اسان تي ويهي ڏاڍايون ڪن . “
تيسين والجي، ميگهو، واگهو ۽ سوني وارا وشني جي هٽ ۾ گهڙيندي ئي سلام ورائي ويهي رهيا، والجي پنهنجي صدري، نوڙي تان لاهيندي چيو:ـ
” واھ ڏيڪرا (ڇوڪرا) ، تو تـه صفا نئين ڪري ڇڏي .“
ميگهي مذاقن چيو تـه
”ڪاڪا، شايد تو ۾ ڪا لالچ اٿس، تڏهن تـه اهڙي محنت ڪئي اٿس .“
ڪاڪو والجي پنهنجن چار کنڊن ڏندن سان کلندي چيو :ـ
” سُڃا آيا ڀينگن وٽ تـه هل تـه هلي عيد ڪريون، ابا پوءِ ڏيڪرو (ڇوڪرو) مُنهنجي آسري ڍايو آهي .“
سڀني ۾ ٽهڪ پئجي ويو
مٿان وري سوني ٺمڪو ڏيندي چيو :ـ
” ادا ميگها، ڪاڪي والجي وٽ آهن ٽپڙ پورا سارا ، سو وشني ڀاءُ کان چاپلوسي کان پيو ڪم وٺي نـه تـه اها صدري، آخري صدري ثابت ٿئي ها . “
ڪاڪو والجي ناس نڪ ۾ ڏيندي وراڻيو :ـ
” هائو ٻيلي، ڳالھ اهڙي ڪئي اٿئي، جهڙي پنهنجو نورو ڪُنڀار پنهنجا مٽڪن وڄائي چوندو هو تـه وڄ ڙي مٽڪا وڄ، ٻيو نـه تـه بـه دُهل جون تـه سِڪون لاهين ٿو، اسان وارا حال بـه مڙئي ڪُجھ اهڙا آهن جو هاڻ صرف سِڪون پيا لاهيون....بس..! “
هڪ ڀيرو وري محفل ۾ ٽهڪڙو مچي ويو .
وشني ڪاڪي والجي جو بچاءُ ڪندي چيو :ـ
” ڪاڪي والجي کي اڪيلو سمجهي ، سڀني اچي سڱن تي کنيو آهي ، ڪاڪو جهونو آهي تـه مڙئي خير آهي ، اڄ بـه کوھ مان پاڻي ڇڪي ڪڍي ، دِلا ڀرڻ جي سگھ رکي ٿو ، ڪئين ڪاڪا ..؟ “
والجي وري بـه پنهنجن چار کنڊن ڏندن سان کلندي چيو:ـ
” واهه ڏيڪرا (ڇوڪرا ) واهه، ٺلهن آسرن تي ڪُڄاڙو (ڇا) ورندئي، هاڻي تـه دِلا وڃي قبر ۾ ڀريندس، باقي اٿئي مڙئي خير .....“
محفل ۾ کل جا ڪوڪريا پئجي ويا.
سوني ڪانڀ ٻڌندي چيو:ـ
” يار محفل ڪيڏي بـه متل ڇو نـه هُجي پر پاڻ وارا يار نورو ۽ سُليمان نـه آهن تـه مزو ئي ڪونهي “
ميگهي وراڻيو :ـ
” بس يار سڀ قسمت جا رنگ آهن نـه تـه ياد اٿوَ تـه ڪاڪي والجي کي سپ ڪکي وڃي تـه سُليمان، پنهنجي وات سان ويهي ڪاڪي جو زهريلو رت چوسي چوسي ڪڍيو هو نـه تـه اڄ هن محفل ۾ ڪاڪي والجي کي ڪينَ نـه ڏسي سگهون ها. “
والجي ٿڌو ساھُ کڻندي چيو :ـ
” ابا آئون تـه ويٺو آهيان پر نورو ۽ سُليمان ڪونهي، اهڙو ڪو اونڌو واءُ وريو، جو سڄڻ، سڄڻ کان وڇڙي ويو ..... آها...!!!! “
وشني وري سياسي ڳالھ ڇيڙيندي چيو :ـ
” اهو واءُ ادا هنن گورن جو واريل آهي اڳ بـه اهڙا هلڪا ڦلڪا جهيڙا جهٽا ٿيندا رهندا هُئا ۽ چار چڱا مَٺا وچ ۾ پئي ڳالھ لئي مٽي ڪري ڇڏيندا هُئا پر ههڙو ويڌن ڪڏهن بـه نـه ٿيو هو، هونءَ بـه زر جيڪو آهي نـه، سو ادا ڀاءُ کي ڀاءُ جو دُشمن بڻائي وجهندو آهي ۽ گورا اسان جي انهي بُڇڙي عادت کان چڱي طرح واقف ٿي ويا آهن، انهي ڪري ئي هو اسان جي اڳواڻن ۽ ٻين ويڪائو ماڻهن کي خريد ڪري، پوءِ اسان کي ويڙهائي، پاڻ مٿي ويٺا آرام سان کائينَ ۽ پئينَ .“
واگهو جيڪو ڪافي دير کان ماٺُ ڪيو ڪچهري مان محظوظ پئي ٿيو تنهن کي سياست جي ڳالھ ڪانـه وڻي سو وشني جي انهي ڳالھ تي دانهن ڪندي چيو :ـ
” ادا وشنا ڳالھ ٻُڌ، اڳ ئي هنن پارٽين هانءُ ساڙي وڌا آهن، وري مٿان انهن جو ذڪر، اهو تـه ادا ائين ٿيو زخم ڏيئي وري زخم مٿان لوڻ ٻُرڪڻ، ڇڏيو انهن پارٽين وارٽين کي، ٻي ڪا چڱي ڳالھ ڪريو .“
ميگهي چيو :ـ
” ادي وشني جو آواز ڏاڍو سُريلو آهي ڇو نـه ڪو گيت ٻُڌونس ....“
ميگهي جو ايترو چوڻ، سڀني کڻي ها ڪئي .
سانول کي جڏهن کان وشني جي باري ۾ معلوم ٿيو هو تـه هُن کي پنهنجي وڇڙيل دوست هريش جي ياد تري آئي هُئي سڀ ڪنهن پئي وشني جي ڀائيچاري، دوستي ۽ مُحبت جي پئي تعريف ڪئي، ڪالھ خود ڪاڪي موهن بـه وشني جي باري ۾ اهڙن ئي ويچارن جو اظهار پئي ڪيو، سو سانول گڏھ تي آٿر رکي، وشني ڏانهن وڃڻ جي تياري ۾ لڳو پيو هو، ننڍي سانداري ۾ پاڻي، ڪُجھ کاڌي پيتي جو سامان، هڪ اڌ ڪپڙن جو جوڙو کنيو هُئائين ۽ رات جو ويلو ساري وشني ڏانهن آڌي گام لاءِ نڪري پيو، پارڪر جي زمين دريائي پٽ جهڙي سخت هُئي پر ٻن ٽن ڪوهن کانپوءِ واريءِ جا دڙا، ڀِٽون ۽ وڏا وڏا لڪ سڄي ٿر ۾ پکڙيل هُئا، سانول گرمي جي شدت کي محسوس ڪندي رات جو نڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو سو ٻن ٽن ڪوهن جي طئه ڪيل سفر جي تڪليف جي سانول کي ڪَل ئي ڪانـه پئي پر پوءِ جبل جو اڙانگو سفر شروع ٿي ويو هو پوءِ بـه رات ٿڌيري پر صفا اماوس واري هُئي، صفا سانت هُئي ڪنهن ڪنهن وقت واري جا جيت زون ڪري اچي سانول کي لڳا ٿي، سانول بـه احتياط طور گڏھ جي ٻنهي پاسن کان بصرن جون ڪُجھ ڳنڍيون لٽڪائي ڇڏيون هيون، جيئن اُن جي بدبوءَ کان نانگ يا بلا ڏور رهن خاص ڪري هڻ کڻ بلا، جبل جي چوٽين تي گڏھ کي چڙهڻ ۾ تڪليف پئي ٿي، انهي ڪري ڪٿي ڪٿي سانول کي گڏھ تان لهڻو ٿَي پيو، گڏھ جي رفتار ايڏي تـه سُست هُئي جو سانول ٻئي ڏينهن بـه شايد آڌي گام پُهچي سگهي، ڪُجھ ننڍيون ننڍيون جبل جون چوٽيون چڙهڻ کانپوءِ گڏھ هلڻ کان جواب ڏيئي بيهي رهيو مجبورن سانول کي رات جو باقي حصو وچ راھ ۾ ئي ڪاٽڻو پيو، تنهنڪري سانول ڪُجهـه ڪک پن، اڪ ۽ ٿوهر جا ڪُجھ سُڪل ٽار گڏ ڪري، باھ ٻاري اُتي ليٽي پيو، باھ ٻرڻ ڪري واريءَ جي هزارين قسمن جا جيت، باھ جي روشني تي اچي گڏ ٿيا هُئا، نانگن جي سيٽين جو آواز ۽ آر جيت جي تيز تِرتِرتِر، رات جي سڄي خاموشي کي ٽوڙي ڀورا ڀورا ڪري رهيو هيون، سانول کي ليٽي اڃان ٻـه گهڙيون مس ٿيون هونديون تـه اوچتو ڪنهن جي قدمن جو آواز آيو، سانول هوشيار ٿي اوڏانهن نهارڻ لڳو جتان قدمن جو آواز آيو هو، باهـ جي روشني ۾ ڪوشش ڪندو رهيو پر سانول کي ڪو نظر ڪونـه آيو ۽ پوءِ ڳپل وقت تائين وري ان طرفان ڪو آواز بـه ڪونـه آيو، سانول ڪنهن جانور جو کُڙڪو سمجهي وري بـه بي اونو ٿي ليٽي پيو، هن جو ليٽڻ ۽ ڪنهن شيءِ جو ٽپ ڏيئي هن تي حملو ڪرڻ، انهي اوچتي حملي سانول کي سنڀرڻ جو ڪو موقعو ئي نـه ڏنو ۽ انهي همراه سانول کي سخت زخمي ڪري وڌو ايسيتائين حملو ڪندو رهيو جيسيتائين سانول جي مرڻ جي پڪ نه ٿيس.