10
وشني جي موت به هن لاءِ عجيب و غريب ڪيفيت پيدا ڪري ڇڏي هئي. وشني جي موت ئي هن جي زندگي ۾ هڪ نئون موڙ آندو هو. هن جي زندگي جي تبديلي جو به وڏو سبب وشني جو موت هو. هن پنهنجي زندگي جي تاني باني کي ڳنڍيندي، هن نتيجي تي پهتو هو ته ظلمن ۽ نفرت کان ڇوٽڪارو، انسانيت ۽ ماڻهپي ۾ آهي. جنهن جو هڪ مقرر دائرو هُجي. ڇو ته بي قانون شيءِ ته فطرت ۾ به موجود ڪونهي. هر شيءِ ۾ هڪ انتظام ۽ ضابطو آهي. هر شيءِ پنهنجو مقرر ڪم پنهنجي مقرر وقت تي، پنهنجي مقرر دائري ۾ ڪري ٿي. تنهن ڪري رُڳي آزادي جو مطلب مذهبي ڪٽرپڻي، طبقن جو طبقن سان وڙهڻ نه آهي بلڪه انسانن توڙي هر ساهه واري شيءِ لاءِ خدمت جو جذبو پيدا ڪرڻ لاءِ ڪهڙا عمل ڪرڻ گهُرجن جي مذهبي انتهاپسندي خراب آهي ته اهڙي هر شيءِ ۾ جنونيت خراب آهي. مذهبي انتهاپرستي جو هي خود به شڪار رهيو آهي. هڪ مذهبي جنونيت کان بچي، وري به هڪ مذهبي چڱي مڙس جي وڃي ور چڙهيو هو. جنهن هن کي مذهبي بنياد تي نه تشدد ڪيو ۽ نه ئي ماريو ۽ نه ئي هُن، هِن کي ڪڏهن چيو ته تون پنهنجو دين مٽائي ڇڏ. اسان جي هندومت کي قبول ڪر. مذهب به ڪو ماءُ جي پيٽان، سکي ڪو نه ٿواچي پر پڙهڻ، سکڻ ۽ پرجهڻ سان ملي ٿو. ائين ئي منطق، نظريا ۽ فلسفا پڙهڻ، سکڻ ۽ پرجهڻ سان حاصل ٿين ٿا. پوءِ ائين ڇو آهي ته جو مسلمان جي گهر پيدا ٿيو سو مسلم جو هندو جي گهر پيدا ٿيو سو هندو. اها ته وري به وڃي مدي خارج، فرسوده قبيلائي منطق واري ڳالهه ٿي...........
سانول ڪمري ۾ ليٽيو، مسلسل پنهنجي ذهن ۾ خيالن ۽ سوچن کي ڊوڙائيندو رهيو. سوال به پاڻ سوچي ته انهن جا نتيجا به پنهنجي سوچ ۽ سمجهه آهر پاڻ ئي ڪڍي.
موهن ۽ راڌا- سانول جي ڪري پريشان هئا، پنڊت نائومل جا ماڻهو، ڪُتن جيئن سانول کي نوسيندا وتندا هُئا پر سانول انهيءَ جوءِ ۾ هُجي ته انهن کي ملي.
” امان، سانول کي ڪيئن نياپو موڪليون ته پنڊت جا ماڻهو، هنکي مارڻ جي ڪڍ، هتي گهُمندا وتن.“
موهن پريشاني ۽ اُلڪي واري لهجي ۾ وراڻيو
”ڪاڪا! هي، پاڻ کي ائين جيئڻ ڪونه ڏيندا. اسان به پنهنجي طرف جا ماڻهو گڏ ڪري هي سڄي خبر چار ٻُڌايون ۽ پنهنجي بچاءَ لاءِ ڪونه ڪو بندوبست ڪريون.“
راڌا، موهن سان ڄڻ حتمي ڳالهه ڪئي
موهن وراڻيو
” ڳالهه تو واري ۾ به وزن آهي. بس، پوءِ سڀاڻي کان پنهنجن همراهن سان ملان ٿو.“
راڌا، پنهنجي ڳالهه جي تائيد ٿيندي ڏسي وراڻي
” آئون به پنهنجي واسطي وارين عورتن سان انهيءَ متعلق ڳالهايان ٿي ته نياءَ ۽ انياءَ ۾ فرق ڪهڙو آهي اسان کي ڪهڙو پاسو وٺڻ گهرُجي.“
موهن، راڌا جي ڳالهه ٻُڌي وراڻيو
”صحيح آهي امڙ! هن روز روز جي کُٽڪي مان ته جان ڇُٽي پوندي.“
راڌا وراڻي
”ڪاڪا، بابا جا خوني هٿ ڪونه آيا. ڀاءُ وشنو بيدردي سان مارجي ويو. سانول تي به هڪ نه ٻي ڏينهن قتل ڪرڻ جا سانباها پيا ٿين. مندر مان ٿيل چوري جو ڪو به پتو ڪونه پيو. آخر ڪيستائين ڪاڪا، هٿ تي هٿ رکيو ائين ويٺا رهنداسين.“
موهن، جيڪو ڪافي جهونو ٿي چُڪو هو، کٽ تان اُٿندي وراڻيو
” امڙ، ڀلا ڇا ڪجي؟ نه حڪومت پنهنجي ۽ نه ئي ڪنهن پارٽي جو ساٿ آهي پاڻ سان.“
راڌا، ڪاڪي موهن جي مايوس ڪن لهجو ٻُڌي وراڻي.
” ڪاڪا! پاڻ پنهنجي ساٿ ۽ جوڙ کي ساريون، ڪينَ منجهان قرار ٿيون. پنهنجي ڳالهه وڌ کان وڌ ماڻهن تائين پهچايون. حقيقتون سامهون آڻيون ته ماڻهو چڱائي جي آڙ ۾ ڪهڙا ڪهڙا ڪُڌا ڌنڌا ڪندا وتن.“
موهن، دلي مان پاڻي جي ڇل اوتيندي وراڻيو
” امان، اهو ڪم ڏکيو ته ٺهيو پر ناممڪن آهي. هتي جي ماڻهن جا ذهن، صدين جي پيدا ٿيل غلامي جي رسمن، رواجن، مذهبن، ريتن ۾ جڪڙيا پيا آهن ۽ جي ائين کڻي ڪجي به سهي ته به امڙ انهي ڪم ۾ ته صديون لڳي وينديون.“
راڌا، ٿانءَ ڌوئي، جاريءَ مٿي ترتيب سان رکندي وراڻي
”ڪاڪا، ڪهڙو ڪم آسان آهي. هر نئين ڪم لاءِ ته وڏي جاکوڙ ڪرڻي ٿي پوي، آئون پڙهيل ڪونه هئس. اوهان ڪوشش ڪئي ته پڙهي پيس ۽ ٻين کي به پاٺشالا ۾ پڙهايان پئي. اهو ڪم ڪو آسان هو ڇا ڪاڪا! ڀلا اهو ڪم آسان هو ڇا هڪ مسلمان سانول کي ههڙن فسادن ۾ پناهه ڏيئي. علاج ڪري اُن جي هر گهڙي حفاظت ڪري اڄ هن مقام تائين پهچايو آهي.“
موهن، اڄ پهريون ڀيرو مُرڪندي چيو
” امان! اڄ پڪ ٿي ويم ته مُنهنجي محنت رائيگان نه ويئي آهي. اڄ منهنجي سادي اٻوجهه راڌا نه پئي ڳالهائي پر عقلمند، ڏاهي ۽ سمجهدار نئين رڌا پئي ڳالهائي.“
راڌا، مُرڪندي، موهن جا هٿ، پنهنجن هٿن ۾ جهليندي وراڻي
” ڪاڪا، مونکي، اُن ڏينهن کانپوءِ يقين ٿي ويو. جڏهن ماڻهن اوهان کي چريو چئي، ڇڏي ڏنو پر مونکي يقين هو ته اوهان چريا ڪونه آهيو. انهي ڪري سانول وارو ڪيس موتي کي موڪلي، اوهان جي حوالي ڪيو ۽ اڄ اهو منهنجو ڪاڪا، جيڪو حالتن جي ڪري ڀڄي ڀُري پيو هو، سو منهنجي سامهون مُنهنجو واهرو ٿيو ويٺو آهي.“
موهن وڏي پاٻوهه سان وراڻيو
” امان! ڦٽ ڏاڍا گهرا آهن. ڪڏهن ڪڏهن اڃان به پيڙا ڏين ٿا. اهي گهر، اهي اڱڻ، جتي گڏجي عيدون ڪيوسين. گڏجي خوشي ۽ بهار جا گيت ڳاتاسين. همرچي جو ناچ ڪيوسين. اڄ سڀ ڪجهه اُجڙيل ۽ ويران آهي. هاڻ ته امان مُحبتن بجاءِ اندر ۾ ڪلفتون پلجن ٿيون.“
هن جي جهرين واري چهري تي پل کن اڳ جيڪا مُرڪ هئي سا ته غائب ٿي وئي پر سندس اکين جي ڪُنڊن مان لڪل لُڙڪ لڙي اچي چهري تي پيا هُئا.
راڌا، ڪاڪي موهن جا لُڙڪ اُگهيندي وراڻي
” ڪاڪا! اهو جيڪي ڪُجهه ٿيو آهي. سو اسان لاءِ هڪ سبق هو. پاڻ طبيب آهيون.......... نه رڳو جسماني بيمارين جا، پر روحاني، سماجي ۽ ذهني بيمارين جا به، هاڻ نوان ماڻهو ٺاهي، ڪو نئون جهان اڏڻ جي شروعات جا پهريان قدم کڻون هي جيڪو ڪُجهه ٿيو آهي، انهي جي ٿيڻ جي ئي گُنجائش ختم ڪري ڇڏيون.“
موهن، ڪنهن ٿڪل مُسافر جيان پنهنجو پاڻ کي کٽ تي اُڇلائيندي چيو
” امان، ڀڳوان ڪري ائين ئي ٿئي پر مونکي ائين ٿيندي نظر ڪونه ٿو اچي.“
راڌا، پُرعزم انداز ۾ وراڻي
” پهريان قدم، ڪاڪا پاڻ کڻون ٿا. اڳيان رستو پاڻهين ملندو ويندو. ڪاڪا اصل ۾ نيت سچي هُجي.“
موهن، راڌا جي ڳالهه جو ڪوبه جواب ڪونه ڏنو. کٽ تي ليٽيو چؤنري جي ڇت کي گهوريندو رهيو. شايد راڌا جي ڳالهين جو انت ڳولي رهيو هو.
پنڊت نائومل جي آيل همراهن کي آئي اڄ ستون ڏينهن هو. جيڪو خرچ پاڻي پنڊت کان مليو هُئن. سو به وڃي باقي ٻن ڏينهن جو بچيو هو. شارڌا به هُنن جي اُنهي اُڻ تُڻ کي چڱي طرح محسوس ڪري رهي هئي. هنن نيٺ سوڀن سان ملڻ جو ارادو ڪيو جنهن جي خبر شارڌا کي به پئجي وئي. انهن جي انهي ارادي جي ڪري شارڌا به پريشان ٿي ويئي هُئي ته جي هي مُسافرخانو ڇڏي ويا ته پوءِ هنن تي نظرداري ٿي نه سگهندي پر شارڌا ڪري به ڇا ٿي سگهي. اُهي ست ئي ڄڻا، سوڀن سان ملڻ لاٰءِ هليا ويا شارڌا به هنن جي وڃڻ کان ڪلاڪ ٻن کان پوءِ پنهنجي ڪمري مان نڪتي ته ڏسي ته اُهي ست ئي ڄڻا واپس اچي پهچي چڪا هئا. شارڌا، پريشان ٿيڻ سان گڏ حيران به هُئي ته هي همراهه جهٽ ويا ۽ جھٽ آيا خير ته آهي. هُنن جي چهرن مان پريشاني صاف بَکي رهي هُئي. هو اچڻ شرط وڃي ساهومل واري ڪمري ۾ اچي گڏ ٿيا، شارڌا به ڪاڪي موهن ڏانهن وڃڻ جو ارادو ترڪ ڪري ٻلي وارا پيرڙا کڻي، ساهومل واري ڪمري جو وڃي در ورتو.
”................................. هو ته هليو ويو. هاڻي ڪيڏانهن وڃون؟ “
پڏو پريشاني واري لهجي ۾ ڳالهائيندي چيو
” پاڻ کي اچڻ شرط سوڀن سان ملڻ گهرُجي ها. هاڻي ته نه هتي جا رهياسين نه هُتي جا.“
ساهومل جو آواز آيو
” شايد کيمشي ئي سوڀن کي نه مليو آهي نه ته سوڀن ائين ٿوري ڪيڏانهن نڪري وڃي ها.“
” نه جي کيمشي، هُن سان نه مليو آهي ته پوءِ سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته کيمشي ويو ڪيڏانهن؟ “
”خبر.....................!!!“
سڀني يڪ آواز چيو
ڪارو حيرت گاڏڙ لهجي ۾ چيو
”پر يار، هاڻي ڇا ڪجي...................؟ “
ڄيٺي تجويز ڏيندي چيو
” پاڻ مان ڪو هڪڙو ٻه همراهه، مهانَ پنڊت ڏانهن وڃي هي سڄو حال سربستو ٻُڌائي اچي.“
سترام جي رڙ جو آواز آيو
” ڪير ويندو؟ “
هُنن ۾ وڃڻ تان تو تو ۾ ۾ شروع ٿي وئي. شارڌا به پوءِ پير پوئتي ڪيا. شارڌا کي هاڻي سڄي ڳالهه سمجهه اچي ويئي هئي ته هنن جو اصل مقصد ڇا هو. شارڌا، هنن وٽان جيئن پير ڊاٺا سڌو ڪاڪي موهن وارن وٽ وڃي پُهتي ۽ اها سڄي ڳالهه ڪاڪي موهن کي سربستي ڪري ٻُڌايائين.
” ادا- اهي ڳالهيون، آئون پنهنجن هن گناهه گار ڪنن سان ٻُڌي آئي آهيان.“
شارڌا آخر ڳالهه ختم ڪندي، پنهنجي ڪنن کي هٿ لائيندي چيو
” انهيءَ جي معنيٰ ته. رڳو پنڊت نائومل انهي ڪم جي پويان ڪونهي، بلڪه سڀيئي ٺڳ سانول کي ختم ڪرڻ جي پويان آهن.“
موهن پريشاني جي ڪيفيت ۾ هيڏانهن هوڏانهن هلندي چيو
راڌا، جيڪا هاڻي هاڻي گهر جي ڪم ڪارين مان فارغ ٿي، ڪتاب پڙهڻ لاءِ ويٺي هُئي تنهن وراڻيو
” ڪاڪا، اهي نٿا چاهين ته ڪو هن دُنيا ۾ امن ۽ ماڻهپو اچي. سچو، اصول پسند ۽ حق کي حق چوندڙ هُجي جي هجي ته انهيءَ کي هلڻ ته ڏيڻو ئي ڪونهي.“
شارڌا، راڌا جي ڳالهه جي تائيد ڪندي چيو
” امان، سچ ٿي چئين. پر هنن مُئن جو ڇا ڪجي؟؟ هي ته مُئا، صفا سانول ٻچڙي جي پويان ڇتي ڪتي جيان لڳا وتن.“
راڌا وراڻي
”ماسي، هنن جو علاج هڪ ئي آهي ته هنن جي ئي چال اُلٽي، هنن جي ئي گلي ۾ وجهجي.“
موهن راڌا جي ڳالهه ٻڌي هڪدم وراڻيو
” ائين ممڪن نه آهي امڙ!!“
راڌا، ڪاڪي موهن جي ڳالهه کي رد ڪندي چيو
” ممڪن آهي ڪاڪا، بس ماسي شارڌا ڪُجهه همت ڪري ته............!!“
شارڌا، راڌا ڏانهن حيران ٿيندي چيو
” آئون ڇا ٿي ڪري سگهان........ ؟ “
راڌا، پنهنجي رهيل ڳالهه کي جاري رکندي چيو ته
” ماسي، تون هنن ستن ئي ڄڻن کي پاڻ ۾ ويڙهائي ڇڏ. هي هونءَ به اوهان جي چواڻي. الڳ الڳ ڪمرن ۾ رهن ٿا. هنن کي هڪ ٻئي جي خلاف ڀڙڪائي ڇڏ. بس پوءِ ته هنن جا پنهنجا شڪ ۽ وسوسا ڪيئن نوڙي مان نانگ ٿا بڻجن.“
موهن راڌا نهاريندي وراڻيو
”امان تون سمجهين ٿي ته ائين ڪرڻ سان ڪم ٿي ويندو“
راڌا پرعزم ٿيندي
”جي ڪاڪا..... ڪم نه به ٿيو ته به خير آهي، پر جي هنن ستن ڄڻن ۾ ڦاٽ پئجي ويو ته هي پاڻ هڪ ٻئي لاءِ ڏچو ٿي پوندا ۽ انهي مان پاڻ کي فائدو رسندو.“
موهن ۽ راڌا، شارڌا ڏانهن نهارڻ لڳا، شارڌا ٻنهي جي نظرن کي سمجهي ته وئي هئي پر منجهي پئي هئي ته ها چوي يا نه!
ڀيرو جي تڙ ڳوٺ ۾ وشني واري دُڪان کي ڳوٺاڻن ملي عوامي اوطاق ٺاهي ڇڏيو هو ،
منوهر عوامي اوطاق ۾ دفتر رکڻ جي مخالفت ڪندي چيو
” ڀيرو جي تڙ جي ڳوٺاڻن جا نالا دفتر ۾ لکڻ سان بڇڙا پنهنجون بڇڙايون ڇڏي ويندا. نه ادا، ائين ٿيندو ڪونه، هو ڏاڍا آهن ۽ پاڻ هيڻا.“
والجي کي منوهر جي ڳالهه نه وڻي چيائين
”منوهر بابا، ڳالهه کي هميشه اڌورو ئي سمجهندو آهين. دفتر رکڻ سان پاڻ پنهنجن چڱن، نيڪ ۽ صاف ڪردار ماڻهن جي فهرست ٺاهيندا وينداسين ۽ پاڻ سڀ جي پيسو پيسو به گڏ ڪندا وينداسين ته سيٺين جا قرض به لاهي ڦٽا ڪنداسين پر ڪنهن چڱي، نيڪ ۽ صاف ڪردار هارين جي به وسڪاري جي موسم ۾ پوک لاءِ مدد ڪري سگهنداسين.“
سوڍي پن جي ٻيڙي کي دُکائيندي چيو
” ائين ٿئي ته پوءِ ڇا گهرجي؟ پر ائين ٿيندو ڪونه! “
”ڇو ائين ڇو ڪونه ٿيندو“
اُلٽو والجي، سوڍي تي سوال جڙيو
سوڍي ٻيڙيءَ جو ڪشُ هڻندي وراڻيو
”پاڻ وٽ گهر گهر سان ڪونه ٿو ٺهي ڪاڪا ، ماسات، ماسات سان، سؤٽ سؤٽ سان ڪونه ٺهي. ڀاءُ، ڀاءُ سان وڙهيو ويٺو آهي. ننڍين ننڍين ڳالهين جي ڪري، هڪٻئي جي گهرن ۾ اچڻ وڃڻ بند آهي. سرين کي ڍينگر ڏيئي هڪ ٻئي جا گس بند ڪريو ڇڏيون، سو اهو وري ڪيئن ٿيندو جيڪي اوهين پيا چئو؟“
سومجي، سوڍي جي سڄي ڳالهه ٻُڌي وراڻيو
”ادا، سوڍا ڳالهه تون صحيح پيو ڪرين. پر اهي مسئلا به ڪير اچي حل ڪندو. پاڻ به ان شخص جي گناهي ۽ بي گناهي کي ڏسنداسين. جيڪو مظلوم هوندو ۽ صاف ڪردار وارو هوندو ته اُن کي چڱي دفتر ۾ لکنداسين ۽ جيڪو ناحقي ڪيو ويٺو آهي اُن کي بڇڙن واري دفتر ۾ لکنداسين ۽ پوءِ ڪوشش ڪنداسون ته ناحقي ڪندڙ ماڻهو سان ڪوبه ڏيتي ليتي، سڱاوتي ۽ خوشي غمي جو واسطو نه رکون.“
ڪاڪي والجي، جيڪو ستر اَسي جي ڏهاڪي ۾ هلي رهيو هو، تنهن پنهنجي ڏٻري ران تي هٿ هڻندي چيو
” او اهو........! ڳالهه ڪئي اٿئي هاڻي، جڏهن اسين ڪارونجهر جبل بڻجي پونداسين جنهن کي ڏارڻ ڪو سوَلو ڪم ڪونه ٿيندو.“
ڪجهه دير لاءِ سڀ ماٺ ٿي ويا ۽ هڪ ٻئي ڏانهن نهارڻ لڳا ته ڄڻ هڪ ٻئي کان پُڇندا هُجن ته ائين ڪرڻ گهُرجي يا نه!
سومجي، هنن جي اُڻ تُڻ واري ڪيفيت کي سمجهي ويو. تنهنڪري پنهنجي ڳالهه جي وڌيڪ وضاحت ڪندي چيائين
”اسان سڀني کي خبر آهي ته اسان وٽ نه ڪو پنهنجو ذاتي گهر آهي ۽ نه ئي ڪو ٻني ٽڪر ۽ نه ئي ڪي اسين تونگر قسم جا واپاري آهيون. آهي نه آهي اهي چوپائي مال جا ٻه پُڇ، جنهن تي به روز جو ڪونه ڪو جهيڙو لڳو رهندو آهي ته هي علائقو مُنهنجي واڙ آهي. هتي کان هُتي تائين منهنجي رک آهي. هن ڀٽ کان هُن ڀٽ تائين منهنجي ڏهر آهي. اهڙين ڪٺن حالتن ۾ به اسين گُذر ڪيون پيا. هونءَ به دل تي هٿ رکي، پنهنجي ضمير کان پڇو ته اسان وٽ وڃائڻ لاءِ ڇا آهي؟ جنهن جو اسان کي ڀؤ هُجي پر جي گڏجي ڪُجهه ڪيوسين ته گهڻو ڪُجهه حاصل ڪري سگهون ٿا. پاڻ سڀني کي اها چڱي پر ڄاڻ آهي ته اسان جي مٿان ڪُجهه شيون حاوي آهن هڪ گورن جي حڪومت، ٻيو ذات پرستيءَ ۽ ٽيون مذهبن جو تمام گهڻو پيچيده اُڻيل ڄار، جيڪي حقيقيت ۾ اسان جا نه آهن پر اسان جي ذهنن تي مسلط ڪيا ويا آهن. جيڪي مٿي ويٺا اسان تي حڪومت هلائين. سي انهي ڄار۾ ئي اسان کي ڦاتل ڏسڻ چاهين ٿا ۽ انهي ۾ ئي هنن جو جياپو آهي هاڻي فيصلو اوهان تي آهي. ٻُڏو يا ترو! “
مولچند، جيڪو ڪافي دير کان ڳالهيون ٻُڌي رهيو هو تنهن چيو
” تنهنجون سڀ ڳالهيون سون جهڙيون کريون ۽ سچيون، پر پاڻ هيترڙا ڇا ٿا ڪري سگهون ۽ ٻيو ته پنهنجو واهرو ڪير ٿيندو؟ “
اها ڳالهه سڀني جي دل وٽان هُئي خود سومجي به انهي سوال تي مُنجهي بيهي رهيو.
ڪاڪي والجي جواب ڏيندي چيو
”پنهنجا اصل واهرو ته خود پاڻ آهيون ۽ ٻيو موهن ۽ سانول وارا آهن، جن هميشه ڪوڙ، ڏاڍ ۽ مڪر خلاف جهيڙو جهيڙيو آهي.“
اها ڳالهه ٻڌي، سوڍي سوال جڙي ڇڏيو، جيڪو پريان ٿوڻي کي ٽيڪ ڏيو ويٺو هو
”.......پر هو اها ڳالهه مڃيندا، جيڪا پاڻ ڪندا وتون“
ڀڪشو، جنهن کي مس ساوڪ آئي هُئي تنهن پنهنجي منهن چيو
”هُونءُ! رُڳي خيالي ڪاڪ منڊل “
سومجي، ڀڪشو جي ڳالهه کي نظر انداز ڪندي چيو
”جڏهن پاڻ ۾ ايڪو ۽ اتفاق هوندو ته اڳتي ڳالهائڻ به آسان ٿيندو ۽ سڀ ڪو اسان جي ڳالهه ٻُڌندو به سهي ۽ اُن ڳالهه کي وزن به ڏيندو. اوهان سڀني جو ڪاڪي والجي واري ڳالهه تي ڇا ويچار آهي.“
پرڀو، پنهنجي ٺڪر جي سُلفي کي صاف ڪندي چيو
”جتي ججهن جي صلاح، اسين به اُتي گڏ آهيون.“
انهيءَ ڳالهه تي نيٺ سڀني ها ڪئي-
انهي گڏجاڻيءَ ۾ سانول کي پنجاهه کن ماڻهو نظر آيا پئي، سانول کي گهڻي حيراني انهيءَ ڳالهه تي هئي ته مرد ته مرد پر عورتون به چڱيرڙي تعداد ۾ ويٺل هيون گفتگو جو انداز انتهائي مؤدبانا هو. ڪجهه دير خان محمد، امرلال، سومار ۽ ڪُجهه ٻيا همراهه، پنن تي ڪُجهه لکي پاڻ ۾ صلاح مشورو ڪري رهيا هُئا. وشني واري پاڪيٽن واري دستي به اُتي موجود هُئي. ڪُجهه دير کان پوءِ خان محمد، باقاعده اٿي بيٺو ۽ پوري ڪمري ۾ ماٺار ڇائنجي ويئي، خان محمد ڳالهائڻ شروع ڪيو.
”دنياجا پورهيتو ۽ مظلومو هڪ ٿي وڃو! اڄ اسان لاءِ تمام گهڻي ڏُک ۽ رنج جو ڏينهن آهي. جو اڄ وري اسان کي اسان جو عظيم ساٿي وشن ڪمار واسواڻي کي مظلوم ۽ محڪومن جي مدد جي پاداش ۾ ماريو ويو آهي. اُن لاءِ سڀني دوستن کي گذارش آهي ته هڪ منٽ اُٿي بيهي خاموشي اختيار ڪن.“
خان محمد جو ايترو چوڻ، سڀئي ڄڻا اُٿي بيٺا ۽ ڪنڌ هيٺ ڪري وڏي عقيدت سان خاموش رهيا. سانول کي به مجبورن ائين ڪرڻو پيو. هڪ منٽ جي عقيدت واري خاموشي کانپوءِ سڀڪو پنهنجين پنهنجين جائين تي ويهي رهيو.
خان محمد پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو
” اسان کي چڱي طرح پروڙ آهي ته مختلف علائقن جون حالتون معلوم ڪرڻ جو واحد ذريعو آهي ته اُنهي علائقي جي سماجي ۽ معاشي تحقيقات ڪئي وڃي. معاشري سان تعلق رکندڙ، هر طبقي جي چاهي امير سيٺيو هُجي چاهي وڏو زميندار هُجي، چاهي وڏو ڪامورو هُجي يا کڻي هاري، مزدور، پخالي، موچي يا دلال يعني هنن جي حقيقي زندگي جي حالتن جي ٺوس، چوطرفي ۽ جٽادار تحقيق ڪئي وڃي. اُن لاءِ پنهنجي پارٽي، پنهنجن ڪُجهه دوستن تي اها ذميواري رکي هُئي. جيئن هو چند ڳوٺن ۽ شهرن تي پنهنجي توجهه جو مرڪز ٺاهي. مارڪسزم جي طبقاتي تجزيي وارو اصل ۽ حقيقي طريقو استعمال ڪري، چوطرفي تحقيقي ڪن، انهي ذميواري ۾ اسان جو عظيم ۽ پيارو ساٿي وشن ڪمار واسواڻي به هو. جنهن پنهنجي جان ته ڏئي ڇڏي پر پنهنجي ذميواري نهايت خوش اسلوبي سان پورو ڪئي ۽ اسان سڀني جو سندس انهي ڪم تي عقيدت ڀريو سلام آهي ۽ اسان هُنکي انهي ڪم تي ”ٿرٽائيگر“ جو لقب ڏيون ٿا.“
”.......................اسان سڀني کي خبر آهي ته اسين هن وقت ظالم جاگيرداراڻا سماج ۾ رهون ٿا. جنهن ۾ اسان جي مزدور، هاري ۽ زمين سان لاڳاپيل ٻيا ڌنڌا ڌاڙي ڪندڙ، سڌي يا اڻ سڌي طرح اڻ ڏٺي غلامي ۾ جڪڙيل آهي. اسان جي محنتن تي، اهي پيسي وارا، وطن جي خدمت نه پر پنهنجي عياشيانه زندگي بسر ڪن ٿا. هندستان ۾ انگريز قوتن جي حملي ۽ فتح ڪرڻ جو اهو مقصد هرگز ڪونهي ڪي، هو اسان کي زميندارن يا ڪامورن يا اُنهن ڇاڙتن کان آزاد ڪندا. هو ته ڀارت کي پنهنجي بيٺڪيت ٺاهڻ چاهين ٿا. جتان ڦُرلٽ ڪرڻ ۽ گهٽ اجرت تي ڪم وٺڻ سان گڏ هتي جي مڙني معدني، دريائي ۽ ٻين روزگار جي وسيلن تي قابض ٿي، پنهنجي لاءِ ۽ پنهنجي وطن انگلستان لاءِ دولت ڪٺي ڪرڻ آهي.هندستان ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي نالي سان واپار جو ڄار، شهرن کان وٺي، ٻهراڙي جي علائقن تائين پکيڙي ۽ اُن تي پنهنجي هڪ هٽي قائم رکڻ لاءِ مقامي غدارن، زميندارن، ويڪائن جو هڪ عجيب و غريب طبقو پيدا ڪري ڇڏيو اٿن. جنهن وياج خوري جو ڌنڌو ڪري غريبن جو رت چوسڻ جو ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڏنو آهي. ايتري ته بس ڪونهي، هي ڌاريا ته وڏا لُٽيرا آهن ئي آهن پر اسان جي قوميتن، مذهبن ۽ سماجي ڍانچي جي ڪمزورين کان وٺي، سردار، راڄ جا چڱا مڙس، پنڊتن ۽ ملائن جو ته اهڙو ٽڪساٽ ٺاهيو آهي جو اسين سڀ ان ٽڪساٽ ۾ سياسي ۽ سماجي طور ايترا ته اُلجهيل آهيون. جو وڏا ڏور رس ۽ مفائد عامه وارين ڳالهين تي سوچي ئي نٿا سگهون.
تعليم هڪ ته ناپيد آهي ٻيو جيڪا به تعليم ڏني پئي وڃي، سا به اهڙي ڪي، صرف هُنن جي سرڪاري مشينري جي ڪم لاءِ ماڻهو ڦاسائي، ڪوڙي دانشوري جا پٽڪا ٻڌائي، عوام کي پنهنجن بُنيادي سماجي، سياسي ۽ معاشرتي حقن کان پري رکڻ جو سبق ڏيڻ.
انهي مان واضح آهي ته ڌارين ۽ اسان جي وچ ۾ تضاد موجود آهي. اهڙيءَ طرح غريب طبقن جو امير طبقن سان ٽڪراءُ موجود آهي. صرف اُن کي چٽو ڪري عوام جي سامهون اُڀاري، حقيقي تعليم ڏيئي حقيقي ۽ سچي سماج لاءِ رشتو هموار ڪري سگهجي ٿو.انهيءَ سڄي ڳالهه ڪرڻ جو مقصد صرف اهو هو ته اسان کي پنهنجي رستي ۽ منزل جو علم هُجڻ گهرجي. اسان کي خبر هجڻ گهرجي ته اسان جو دشمن ڪير ۽ سڄڻ ڪير آهي. سو انهيءَ وضاحت کانپوءِ اسان جيڪي مرڪزي دوست ويٺا آهيون، تن پنجن ڇهن ڏينهن جي بحث کان پوءِ انهي نتيجي تي پهتا آهيون ته برهمڻ آباد جي سڄي صورتحال جو اسان جي عظيم دوست وشن ڪمار واسواڻي تجزيو ڪيو آهي. ان کي مدنظر رکندي اسان برهمڻ آباد جو باقي ڪم ڀاءُ سانول تي رکون ٿا ۽ ساڻ ۾ سندس تعليم لاءِ ساٿي ڪرمچند کي ٿا ذميوار ڪريون. اسان اها تجويز اوهان سڀني دوستن اڳيان رکون ٿا.“
اڪثريت راءِ سانول جي حق ۾ ووٽ ڏنو. باقي ڪجهه دوستن پنهنجي اختلاف راءِ رکي.
پنڊت نائومل، کيمشي جي ڳالهه ٻُڌي تپرس ۾ پئجي ويو ته جڏهن سوڀن سان سڀ معاملا طئه ٿي چُڪا هئا ته پوءِ سوڀن کي هيٺ ماڻابائو ڏانهن وڃڻو ڇو پئجي ويو.
کيمشي هٿ ٻڌيو، ڪنڌ لاڙيو پنڊت نائومل جي اڳيان نئين حڪم جي انتظار ۾ بيٺو هو.
” اُتي ڪو نڙو، ڪو نياپو ڪو نه ڇڏي ويو هو.“
پنڊت نائومل کيمشي کان وري پڇيو
”نه سائين. اول ته گهر بند پيو هو، ٻيو اُتان پُڇا ڪيم ته اُنهن صرف ايترو ٻڌايو ته ماڻابائو مان ڪو ماڻهو آيو هو بس ڪلاڪ کن ۾ وهٽن تي چڙهي ٻئي ڄڻا ماڻابائو ڏانهن نڪري ويا.“
پنڊت نائومل، پنهنجي مُنهن وراڻيو
” ائين هُن کي نه ڪرڻ کپي ها. هاڻي ته همراهه به رُلي ويندا.“
پنڊت نائومل، جيڪو وار لهرائي بلڪل گنجو رهندو هو. ڪنن ۾ وڏيون سونيون واليون پاتل هونديون اٿس. نرڙ تي وڏو ڳاڙهو سيندور جو تلڪ لڳل، گلي ۾ رنگ برنگيون ڪٽ مالائون پيل، ڌوتي مٿان، گيڙو رتو ڪلهي کان پيرن تائين ڪپڙو ٻڌل، ٿُلهو متارو ۽ صحتمند لڳو پيو هو.
” کيمشي، تون واپس وڃ، سترام وارن کي انهيءَ ڪم کان روڪ، ڪٿي اُٻهرو ڪم ڪري نه وجهن.“
پنڊت نائومل ڪُجهه دير سوچڻ کان پوءِ وراڻيو
کيمشي، ڪنهن تابعدار غلام جيان وراڻيو
”جيءُ.... سائين.“
پنڊت رڙ ڪري چيو
” بيٺو ڇو آهين، مُنهنجي مٿي تي....................................ٽرنه ............!“
کيمشي تير جيان ٻاهر نڪري ويو
پنڊت نائومل، انهيءَ نئين صورتحال کي ڏسي پريشان ٿي ويو هو. هُن کي سوڀن مان اها اميد ڪونه هُئي ته هو ائين هن کي دوکو ڏيندو. کيمشي اتان روانو ٿي ته ويو. پر من ئي من ۾ روئندو به ويو پئي ته ”چڱو ڦاٿو آهيان. جي پنڊت کي ٿو جواب ٿو ڏيان ته سامهون يمراج، ڪٽارو کنيو ڪنڌ تي بيٺو آهي. جي سانول کي ڪُجهه ڪريان ٿو ته ايشو رجي! مُنهنجو سر ٿو ڪپي. مونسان ته ڪاتي گدري وارو ڪم آهي. ڪيئن ڪريان، ڪيئن نه ڪريان.“