9
سانول غور سان، ٻيڙين جي ڀانڊن کي ڏسڻ لڳو ۽ من ۾ سوچيائين ته پڪ ڪنهن غلط جاءِ تي پهتو آهيان، هيڏي وڏي پارٽيءَ جو اڳواڻ هتي ٿوري ئي هوندو؟!
” او ڀائو، ڪهڙين سوچن ۾ گُم آهين؟ ڪُجهه گهرُجيئه ڇا؟ “
هڪڙي همراهه، سانول کي ائين وائڙو ڏسي، وڏي واڪي پُڇيو.
سانول ٿورو اڳڀرو ٿي وراڻيو
” اد! هي خان محّمد جي جاءِ آهي ڇا؟ “
سڀني ڄاتو ٿي ته ڪو ڳوٺاڻو اچي شهر ۾ ڦاٿو آهي.
”ها، هيءَ خان محمد جي ئي جاءِ آهي. اوهان کي ڪنهن سان ملڻو آهي؟ “
سانول وراڻيو
”پوءِ ته آئون صحيح ڏس پتي تي پهتو آهيان. ادا مونکي خان محمد سان ملڻو آهي.“
سڀني هڪ ٻئي ڏانهن نهاريو ۽ ڪُلها اُچڪائي حيرت جو اظهار ڪيو. خان محمد خود به انهيءَ اوپري شخص کي ڏسي شڪجي پيو ته متان انگريز سرڪار جو ڪو ڇاڙتو، ٻهروپيو ٿي هنن وٽ آيو آهي.
”ڀاءُ، خان محمد ته آهي ڪونه. باقي ڪو ڪم ڪار هُجي ته ٻُڌايو؟ “
سانول وراڻيو
”ها ادا! ڪم ته کوڙ سارا آهن. پر پهرين پاڻي ڍُڪ پيئندس.“
”جانو، همراهه کي پاڻي پيئار.“
سانول يڪ ساهي ۾ پاڻي پي ويو ۽ پوءِ کيسا ٽوٽلي، چٺي ڪڍي انهي همراهه جي حوالي ڪئي جيڪو سانول کان حال احوال وٺي رهيو هو. همراهه چٺي پڙهي، وري سانول ڏانهن نهاريائين جيڪو اڃا تائين ڇتي اُس ۾ بيٺو هو.
” اچ اچ! اندر ٿي ويهه! اڙي سومار! گهران ماني ٺهرائي اچ “
خان محمد، سانول کي مگهه وٽ ويهاريو، جنهن مان واءُ ڦُرڪ به آئي پئي.
”سانول، تُنهنجو ئي نالو آهي نه؟!“
”جيءُ ادا “
”هن چٺين جي خبرچار، ٻئي ڪنهن سان ته ڪا نه ڪئي اٿئي نه!“
”نه ادا! چٺي پڙهي، آئون سمجهي ويو هُئس ته هي ڪيڏي اهم شيءِ آهي ۽ وشني جيڪو مون تي اعتماد ڪيو آهي. تنهن کي به ته پاڻي ڏيڻو هو نه . ادا چوندا ڪونهن ته اک ڪاڻي ڪجي پر ڏِس خراب نه ڪجي.“
خان محمد، سانول جي ڳالهين مان ئي اندازو لڳائي ورتو ته سانول ڪا معمولي ۽ مٿاڇري شخصيت نه آهي. خان محمد ڪجھه ئي گهڙين ۾ سانول جو مڪمل جائزو وٺي ورتو هو.
خان محمد وراڻيو
”هائو ادا، سانول سچ ٿو چئين ۽ اها ئي سچائي پنهنجي طبقي جي ماڻهن لاءِ هُجڻ گهرجي. وشني پنهنجي حصي جو ڪم پوري ايمانداريءَ ۽ سچائي سان ڪيو آهي. اهڙا ڪم، اُهي ئي ڪن ٿا سانول، جيڪي اک ته ڪاڻي ڪن ٿا پر ڏِس خراب ڪونه ٿا ڪن.“
” وشني، پنهنجي جان ته ڏئي ڇڏي پر پنهنجي وطن، ماڻهن ۽ طبقي سان وفاداري نڀائي ويو.“
سانول، ڪنڌ ڌوڻي هاڪار ڪئي.
”جانو، تون هل! ڪاٺين واري ٽال تي، اسين ڪاٺيون وٺڻ اچون ٿا.“
جانو، بنا ڪنهن دير ڪرڻ جي اُٿي، ڪپڙن مٿان ٻيڙين جا ڪٽيل پن جا ٽوٽڪا ۽ تماڪ کي ڇنڊي ٻاهر روانو ٿي ويو.
تيسين سومار به وراڪو ڏيئي اچي پهتو ۽ ماني کڻي سانول جي اڳيان رکيائين.
”سانول ڀاءُ! ماني کائي وٺُ ته هلي ڪاٺين جي ٽال مان ڪُجهه ڪاٺيون وٺي مچ ٻاريون.“
سانول هٿ ڌوئيندي وراڻيو
”نه ادا، انهي جي ڪا ضرورت ڪونهي. بنا ڪنهن مچ جي به خبر چار ڪري سگهون ٿا.“
” نه نه – ٺهيو ڀلا! تون پهرين ماني کاءُ، پوءِ ٿا انهي ڳالهه تي سوچيون.“
سانول کي ڏاڍي بُک لڳل هُئي. سو ماني کائڻ لڳو.
ٺڪ...............ٺڪ............................ٺڪ...........................ٺڪ..........ٺڪ..............
دروازي جي هلڪي هلڪي ٺڪ ٺڪ، موهن کي وسوسي ۾ وجهي ڇڏيو.
” ڀڳوان ديا ڪري“
موهن جي واتان بيخودي ۾ اهي لفظ نڪري ويا پاڻ اُٿي اچي دورازو کوليائين ته سامهون مائي شارڌا بيٺل هُئي. موهن شارڌا کي ڏسي پُڇيو
” ادي خير ته آهي ننڍڙو ته ٺيڪ آهي نه!؟ “
شارڌا وراڻي
”ها ادا، سڀ ٺيڪ آهن، سانول آهي.“
موهن چيو
”نه ته- هو هتي ڪونهي.“
شارڌا هيڏانهن هوڏانهن ڏسندي وراڻي
”ادا اندر ته اچڻ ڏيو.“
موهن کي هڪدم پنهنجي غلطي جو احساس ٿيو ته دروازي کان هٽي بيٺو. موهن راڌا کي به ٻاهر سڏ ڪيو. تيسين شارڌا دروازو ٻوڪي اندر اچي چُڪي هُئي.
راڌا ٻاهر نڪري شارڌا کي نمسڪار ڪيو.
”ادي ڀلي ڪري آئين....ويههُ.......خير ته آهي نه ، جو ايترو اويري نڪتي آهين؟“
شارڌا، ٿورو آهستگي ۽ رازدارانه انداز ۾ وراڻي ته
”امڙ! خير ئي ته ڪونهي. اوهان کي ته خبر آهي ته هينئر آئون کمون واري مُسافر خاني ۾ ٿي ڪم ڪريان. اُتي ڪالهه کان ڪجھه ماڻهو اچي رهيا آهن، اڄ جيئن انهن کي ماني ڏيڻ ويس ته هنن جي پنهنجو پاڻ ۾ ٿيندڙ کُسر ڦُسر ٻُڌي ورتم. هو امڙ ڪنهن جي چوڻ تي، سانول کي مارڻ جي نيت سان آيا آهن................................!!“
راڌا، سانول کي مارڻ واري ڳالهه ٻڌي، هِڄي وئي ۽ دل زور زور سان ڌڙڪڻ لڳيس.
”.......................مونکي جيئن سُڻس پيئي ته انهي وقت سانول ابل کي ٻڌائڻ لاءِ هتي هلي آيس. متان دشمن انهي ڪڌي نيت ۾ ڪامياب ٿي نه وڃن.“
موهن وراڻيو
”ادي، وڌيڪ ڌيان رکينس! آئون به سڀاڻي ڪوشش ڪري مُسافر خاني ۾ چڪر تي ايندس. توکي وڌيڪ خبر ڪانه پئي ته ڪنهن جي چوڻ تي اهي آيا آهن؟ “
شارڌا وراڻي
” ڪنهن ڀڳوان جي اوتار جي پئي ڳالهه ڪيائون، شايد ڪنهن مهاراج يا پنڊت جي چوڻ تي آيا آهن.“
موهن هڪدم وراڻيو
”بس بس ! آئون سمجهي ويس. اهو ڪم پندت نائومل جو آهي. پڪ اهي ماڻهو انهي ئي موڪليا آهن.“
شارڌا وراڻي
”پر ادا، پنڊت نائومل جي سانول بابا سان ڪهڙي دُشمني آهي؟“
راڌا، اها ڳالهه ٻڌي صفا هراسجي ويئي! نڙي مان ٿُڪ به، نه ٿي اُڪليس.
موهن، وهاڻي کي ٽيڪ ڏيندي چيو
”ادي، اڳ جي هيترا ماڻهو قتل ٿيا آهن، هي ڳوٺن جا ڳوٺ ويران ٿيا آهن. انهن جي هڪ ٻئي سان ڪهڙي دُشمني هُئي. بس ادي! ماڻهو فطرتي جانور آهي. پنهنجو پاڻ کي عقلمند ۽ سڌريل ٿو سمجهي. پر هُن ۾ اڃان تائين حيواني عادتون موجود آهن. انهيءَ ڪري هو پنهنجو پاڻ ئي ٻين مٿان پنهنجي حاڪميت جو ڌاڪو ڄمائڻ لاءِ ڪُجهه به ڪري سگهي ٿو هنن وٽ ادي، انسان جي جان جي قدر ۽ قيمت ٿورئي آهي.“
شارڌا چيو
”هائو ادا، سچ ٿو چئين، انسانن مان انسانيت وئي آهي نڪري، پر پوءِ اوندهه ڪانه ٿي آهي ادا. مُنهنجو ننڍڙو ڪِڪو ٺيڪ ڪو نه هو. مون وٽ ايترا پئسا ڪونه هُئا جو ڪنهن کي ڏيکاريان پر ٻچو ادا ٻچو آهي نه! هڪ هڪ ويد جي در تي ويس پر پيسن کان سواءِ ڪنهن ڏٺو ئي ڪونه ٿي. سانول بابو جي باري ۾ ڏس مليم پر دل نه پئي جهليم. نانگ جو کاڌل ادا نوڙي کان به ڊڄي. ٻين ويدن جا دڙڪا کاڌل هُئم پر ننڍڙي جي حالت بگڙندي وئي ته ڀڄي اوهان وٽ آيس ۽ پوءِ سانول بابو، پاڻ هلي مُنهنجي گهر آيو ۽ مُنهنجي ڪڪي جو علاج ڪيائين. ڀڳوان جي ڪرپا سان ڪڪو نوبنو ٿي ويو. ادا، جيڪڏهن سڄي ڄمار سانول جي خدمت ڪريان ته به اهو ٿورو لاهي نٿي سگهان. اهڙا به ته ٻاجهارا ماڻهو هِن دُنيا ۾ پيا آهن ادا!، بس ماڻهو مايا جي انڌي گهوڙي تي سوار ٿي پنهنجي ساڃاهه ۽ سُرت سڀ وڃائي ويهي ٿو، پنهنجو ماڻهپو ماريو ڇڏي.“
”هائو ماسي، چڱن ۽ نيڪ ماڻهن جي سرسائي ٿي ويئي ته هي خلق سڄي سُک ۽ شانتي سان زندگي گُذاريندي. نه ڪو ڪنهن جو آقا ۽ نه ڪو ڪنهنجو غلام. پر مُٺ جيترا بدمعاش ماڻهو، ناني ويڙهو ڪري اڪثريت کي رسمن، رواجن، مذهبن، معاشي تنگدستين جي عجيب ۽ غريب حالتن ۾ مُنجهائي ڇڙ وڇڙ ڪيو، حاڪم ٿيو ويٺا کائين.“
شارڌا اُٿندي وراڻي
” امڙ، آئون هلان ٿي، ڪڪو اڪيلو هوندو. بخشو بجير کي ڪلاڪ کن لاءِ پارت ڪري آئي هُيس. مڙئي هاڻي خيال رکجو. مون کي وري به ڪا سُڻڪ پئي ته اوهان سان خبر چار ڪرڻ پئي اينديس.“
راڌا به رسمن، هُن کي دروازي تائين ڇڏڻ آئي.
موهن، پنهنجي مُنهن وراڻيو
” هون، انهيءَ جو مطلب ته پنڊت جو ايترو من وڌي ويو آهي جو هو سانول کي مارائڻ لاءِ سٽون سٽيندو وتي.“
راڌا، موهن جا اهي لفظ ٻڌا ته وراڻي
”ڪاڪا، هي ڇا پيو ٿئي، سڀ ڇو اچي سانول جا دُشمن بڻيا آهن.“
موهن راڌا جي مٿي تي هٿ رکندي چيو.
” امان، جن به چڱا ڪم ڪيا آهن. انهن تڪليفون ۽ مصيبتون ته سُٺيون آهن. سانول، ويڙهه وڙهي پيو بُرائي سان چڱائي لاءِ ته پوءِ اهي ڳالهيون ته ٿيڻيون آهن. بس تون هُن جي مدد ۽ هُن لاءِ دُعا ڪندي رهه.“
پرڀو، ميگهو، اڄ سهي سنڀري، وشني جي خبر چار وٺڻ لاءِ برهمڻ آباد وڃڻ لاءِ تيار ٿيا هئا پر ڪاڪي ماڻي جي خبر ٻُڌي، هنن جا ته تاڪ ئي لڳي ويا هُئا. وشني جي مرڻ خبر منٽن ۾ سڄي ڳوٺ ۾ واءُ وانگي پکڙجي وئي.
سڀئي ڳوٺاڻا، هڪ هڪ ٿي وشني واري هٽ ۾ گڏ ٿيا هُئا، منجي جي اکين ۾ ته لڙڪ هئا، والجي به رُنو پئي، سڀني ڳوٺ وارن جي چهرن تي ڏک جون ريکائون صاف نظر اچي رهيون هيون _ سڀئي ڪنڌ لاڙيو، خاموش ويٺا هُئا، ڄڻ هنن جو ڪو صفا ويجھو مائٽ گذاري ويو هجي، وشنو ڪٿان آيو؟ ڪير هو؟ ڪنهن کي انهيءَ جي ڪل ئي نه هُئي، بس هو ڪجھه ڏينهن لاءِ هنن جي زندگي ۾ آيو ۽ هنن جو سڀ ڪجھه ٿي ويو.
پرڀو ڏُک ڀرئي لهجي ۾ چيو-
” اسان مان اڄ وري هڪ وڇڙي ويو-“
واگهو، ٻئي هٿ مٿي تي رکي وراڻيو-
”۽ اسان ڪجھه به نه ڪري سگھياسين“
سومجي ڏکاري ۽ ڪاوڙ ڀرئي لهجي ۾ انگريزن کي گار ڏيندي چيو-
” گورا سوئر- حرامي ڪنهن جاءِ جا“
شوڀو وراڻيو-
”اڙي اُهي ته ڌاريا- پر موهن ۽ سانول ڇا ڪيو- حرامي؟ “
نانگجي مٿي تان پٽڪڙي لاهي- زمين تي اڇلائيندي وراڻيوـ
”مٺ جيترا ڪميڻاـ اسان هيترن کي ڪڙين جيان ماريندا ٿا وتن ۽ اسين چوڙيون پايو، گھرن جي ڪنڊ ۾ ڪوئن جيئان لڪا ويٺا آهيون ـ ٿوءِ......ٿوءِ ٿوءِ اسان جي حياتي تي.......“
روئڻهارڪي لهجي ۾ چيوـ
”ڪاڪاـ توکي ڪا وڌيڪ خبر پئي هوندي ـ“
ماڻي، ڪنهن بازي هارايل ماڻهو جيان چيوـ
”نه پرڀوـ، اها خبر به موهن وڏي رازداري ۾ ٻُڌائي هئي.ملڪ ۾ انهي جو واءُ سواءُ ڪونهي ۽ مونکي موهن تاڪيد ڪئي هئي ته اها خبر رُڳي اوهان کي ٻڌايان ـ وڌيڪ ڪا خبر مون سان ته ڪانه ڪيائين ـ؟ “
شوڀو هڪدم وراڻيوـ
” اصلئون ئي گورن جا ڇاڙتا آهن ـ انهي ڪري ته اسانجي ڦٽن تي لوڻ ٻُرڪڻ لاءِ خبر موڪلي اٿن ـ حرامي ڪنهن جاءِ جاـ “
سومجي وراڻيو ـ
”سڀئي ائين ئي، بي ڪفن ۽ نڌڻڪا ٿي مري وينداسين ـ ڪو ڪنهنجو ڪونهي، اڪيلا آهيون ـ ڪير به ڪنهنجو ڪونهي،ڪير به.............“
سومجي جي اکين مان وري لڙڪ وهي آياـ
سڀئي ايڏا ته خاموش هُئا ـ جو ائين ٿي لڳو ڄڻ وشني سان گڏ هي به مارجي ويا هجن،
ملڪ ۾ افراتفري وارو ماحول هوـ انگريز، پوري هندستان کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيندا ويا پئي ـ ڪنهن نه ڪنهن علائقي ۾ شورش ۽ بغاوت ٿيندي رهندي هُئي ـ مٿان ٻي عالمي جنگ به انگريزن جا حوصلا خطا ڪري وڌا هئاـ اتحادي فوجن جي ڪافي جڳهن تي شڪست جي ڪري، گورن جي گرفت نه رڳو هندستان پر دنيا جي ڪافي ملڪن تان ڪمزور ٿيندي ويئي پئي ـ مٿان ڪميونسٽ پارٽي جي پاليسن ۽ چين ۾ هر محاذ تي چيانگ ڪائي شيڪ جي ڪميونسٽن هٿان شڪست هنن کي تقريباَ وائڙو ڪري ڇڏيو هوـ هندستان ۾ خود به ڪميونسٽ نظريي جي حمايت وڌندي پئي وئي.
سانول ماني کائي، خان محمد سان گڏجي، خان محمد واري اوطاق تي آيو.خان محمد ڳنڀيرتا مان وراڻيو
”اسان کي وشني جي موت جي ڄاڻ پئجي وئي هئي پر اسان اهو نه ڄاتو ته وشنو مرندي مرندي به پنهنجي مٿان پارٽيءَ جي آيل ذميواري پوري ڪري ويندو...............سانول، اهي ماڻهو عظيم ۽ لافاني آهن، جيڪي ٻين جي سُک، امن ۽ خوشيون حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي جان جي به پرواهه ڪونه ٿاڪن.“
سانول وراڻيو
”ها، ادا، وشنو واقعي عظيم ۽ دانا هو پر مُفاد پرستن ۽ حيواني صفت رکندڙ ماڻهن لاءِ ته ادا، اک جو ڪنڊو هو نه!“
خان محمد وراڻيو
” اسين سڀ اڃان تائين جهالت، عقيدي پرستي ۽ لڪير جا فقير آهيون. ڳالهين کي سمجهڻ، علم حاصل ڪرڻ کان عاري ، عجيب غريب ٺهيل جاگيردارن، مذهبي دلالن جي ڪوڙڪين ۾ ڦاٿل آهيون. هي جيڪو ڪُجهه هُنن وٽ آهي. سو پنهنجو آهي، اُن کي وٺڻ لاءِ هنن جي بدلي، اسان کي سؤڻو وڌيڪ ڪم ڪرڻو ٿو پوي.“
سانول حيرت مان وراڻيو
”ها ادا، ائين ته آهي، پر پوءِ به پنهنجي سگهه ڇو ڪونه ٿي وڌي.؟!“
خان محمد مُرڪندي وراڻيو
” ماڻهو ڳالهيون سمجهن پيا، اسان جي سگهه ۾ به واڌارو ٿئي پيو، اصل معاشي تنگدستي ۽ رياستي جبر جا ماڻهن کي چُرڻ جهڙو ڇڏيو ئي ڪونهي. رياستي ادارا، انهن جا بيگاري آهن، عام ماڻهو ته ويچارو ٿيو پيو هلي نه. انڪري ان ماڻهو کي ئي ته ميڙڻو آهي. ان کي ئي ته اڳواڻ ڪرڻو آهي ۽ ان لاءِ ئي ته ڪوششون ڪرڻيون آهن...... سانول، باقي ڳالهيون صبح جو ڪنداسين. تون به ڊگهي سفر تان آيو آهين، ٿڪجي پيو هوندين.“
ائين چئي، خان محمد اوطاق مان ٻاهر نڪري هليو ويو، سانول به کٽ تي الهي پيو-
شارڌا، واري خبر راڌا لاءِ وڏي پريشانيءَ جو وڏو سبب بڻجي پئي هئي. موهن به اڄ کمون واري مُسافر خاني ۾ چڪر ڏيڻ ويو هو. پر اُتي خبر پيس ته همراهه مندر ۾ پوڄا لاءِ ويا آهن. راڌا پنهنجي ڪوٺڙي جي پئي صفائي ڪئي ته اهي ڇهه، ست ئي ڄڻا. ”هئه ايشور، پاپ جي نگري آ، بخش ڪر! هئه ايشور، هي پاپ جي نگري آ......بخش ڪر.................................“
اهو آواز ٻُڌي، راڌا ڪوٺڙي کان ٻاهر نڪري آئي، اُهي ست ئي ڄڻا، راڌا کي اجنبي لڳي رهيا هيا، ايشور جي مورتي اڳيان مٿي کي ٽيڪي، زور زور سان ڪُجهه پڙهي رهيا هئا. ڌوتين ۽گيڙو رتي پوتڙن سان، اهي ماڻهو سنت پئي محسوس ٿيا. راڌا اُنهن کي نظر انداز ڪري، وري پنهنجي ڪم کي لڳي وئي. سانوڻ جي موسم جي آمد هُئي. تنهن ڪري موسم ۾ آگم محسوس ٿيو. واءُ سري جو مهينو آکاڙ اچي ختم ٿيو هو. پکي پکڻ به سانوڻي جي آمد کي محسوس ڪندي پنهنجي آکيرڙن کي ٺاهڻ جي شروعات ڪري ڇڏي هئي. هارين به پنهنجي کيٽن جي سنڀال شروع ڪري ڏني هُئي.
سوڀن جو ساهه سامت ۾ نه پئي آيو، همراهه ويتر پريشان ٿي ويو.
”پيئڻ ته ڪانه ڏٺي اَٿئي....................................“
کيمشي، سوڀن کي مٿي تي زور ڏيندي وراڻيو
”نه نه، مون ڏاڍو ڀوائتو سپنو ڏٺو آهي........................ اي ايشور! مونکي پنهنجي پناهه ۾ رک!............. مون توبهه ڪئي.....................مون زاري ڪئي.......... آئون.................................... آئون هٿ نه لاهيندس................................مونکي بخش ڪر ...........................مون کي بخش ڪر...............“
سوڀن، هٿ مٿي وٽ ٻڌي، پنهنجي منهن چوندو پئي ويو.
”خير آهي ادا سوڀن، بس مڙيو ئي سپنو هو، ڪا آفت ته نه اچي ويئي.“
کيمشي وراڻيو
سوڀن، ڀئو وارين نظرن سان همراهه ڏانهن نهاريو ۽ چيائين
”ميان، تون به انهي ڪُڌي ڪم مان هٿ ڪڍي ڇڏ” سانول، ايشور جو خاص ٻانهو آهي. مونکي ايشور، پنهنجي رٿ سان مارڻ پئي آيو. توبهه توبهه................صبح وڃي.................ايشور کي دان چاڙهيندس، خيرات ڪندس“
کيمشي ڪو اڳيئي، خوف ۾ ڀريو ويٺو هو، سو چيائين
”ادا مونکي، اڳيئي انديشو هو ته سانول سان هٿ چُراند ڪرڻ سان، ايشور ناراض ٿي پوندو. مون اها ڳالهه ڀڳوان جي اوتار، نائومل کي به چئي پر هُن مونکي ڇڙٻ ڪڍي ماٺ ڪرائي ڇڏيو ..................................... ڏٺئي نه......................... اڄ ڏيکاري ٿي نه .....؟!“
سوڀن مٿي تان پگهر اُگهيندي چيو
”اها سڀاويڪ ڳالهه، کيمشي تنهنجي مُنهنجي وچ ۾ رهي.“
” اها ڳالهه پنڊت نائومل جي ڪنن تائين نه پهچي، ڪو نه ڪو بهانو ڪري، انهي ڪم مان هٿ ڪڍي وڃون.“
کيمشي هٿ بتي کي ٿورو سوريندي وراڻيو
”پنڊت وڏو تيز ذهن آهي سوڀن! هُن تُنهنجي آسري ۾ ڪارو، ڄيٺي، رامون، پڏو، سترام ۽ ساهو کي هيڏانهن اُماڻيو هو. اُهي جي ايندا ته اُنهن کي ڇا چوندين؟“
سوڀن هڪدم وراڻيو
” اُهي بچندا ته ايندا نه!؟ اهو ته مُنهنجي تپسيا جو ڦل آهي جو ايشور، مون کي ڏيکاري ڏني آهي ته آئون به ڪنهن نه ڪنهن ڏچي ۾ هُجان ها. اها ته ايشور مون تي ڪرپا ڪئي آهي.“
کيمشي سوڀن جي ڳالهه جي جهڙوڪر تائيد ڪندي وراڻيو
” هائو، ادا ڳالهه تون سورهن آنا سچي پيو ڪرين..........پر جي اچي ويا ته پوءِ...................؟!“
سوڀن کٽ تي اٿلي پٿلي ماري ويهندي، فڪرمنديءَ سان وراڻيو
”پوءِ، انهيءَ ڳالهه کي ڏسنداسين، آئون صبح جو ئي هيٺ ماڻابائو ڏانهن نڪري ٿو وڃان. تون واپس پنڊت نائومل وٽ وڃجان ۽ کيس چئجانس ته آئون سوڀن جي گهر ويو هئس پر سوڀن گهر هو ئي ڪونه. تنهن ڪري واپس موٽي آيو آهيان. نانگ به مري ۽ لٺ به نه ڀڄي.“
کيمشي وراڻيو
”واهه جي ڳالهه ڪئي اٿوَ، اوهين به اُنهي ڪڌي ڪم کان بچي ويندو ۽ آئون پنڊت وٽ سچو ٿي ويندس.“
سوڀن، کيمشي جي ڪُلهن تي هٿ رکندي چيو
”کيمشي جي ڳالهه ڦاٽ کاڌو ته سمجهه ته پاڻ هن دُنيا ۾ هونداسون ئي ڪونه.“
کيمشي، سوڀن جي هٿن تي هٿ رکندي چيو
”سمجهه ته اصل ڳالهه دفن ٿي ويئي ۽ هونءَ به مون انهي ڪم کان، اڳيئي پيئي لنوايو، مُنهنجي ته ايشور ٻُڌي ادا.“
سوڀن، کٽ تي ليٽي، رلي ڇڪيندي وراڻيو
” ته بس پوءِ صبح جو گڏباسين“
کيمشي به اُٿي پنهنجي کٽ تي هليو آيو، سوڀن جي چهري تي پهرين جيڪي ڀؤ جون ريکائون هيون. سي ختم ٿي ويون هيون. هاڻي سندس چهري مان سڪون پئي بَکيو هڪ نظر آسمان ڏانهن نهاريائين. جتي تارا ٽم ٽم ڪري رهيا هئا. شڪراني جو وڏو ساهه ڀري پاسو ورائي چهري هيٺيان ٻانهن ڏئي سُمهي پيو.