لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سنڌي ٻوليءَ جا سرجڻهار شاعر

سنڌي شاعريءَ جي مختلف دورن بابت لکيل تحقيقي مضمونن ۽ مقالن تي مشتمل هن ڪتاب جو ليکڪ پروفيسر سروپچندر شاد آهي. شاد صاحب مهاڳ ۾ لکي ٿو:
”مون پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جا سرجڻهار شاعر“ ۾ قاضي قادن کان شيخ اياز تائين جي زماني واري شاعري کي ارڙهن دور ۾ ورهايو آهي. مون تفصيل سان هر دور ۾ اڀرندڙ نقطن، مضمونن ۽ شاعرانه نمونن جو تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي.“

Title Cover of book Sindhi Boli'a ja Sarjenhaar Shair

مهاڳ :سنڌي شاعريءَ جا دور

غلام محمد گرامي هڪ وڏو سنڌي شاعر، نثر نگار ۽ لاجواب نقاد ۽ محقق هو. هن ڪيترن ئي ڪتابن تي مقدمه لکيا آهن، جيڪي هن جي لاجواب نقاد ۽ محقق هجڻ جو پڪو ثبوت آهن. هن جو هڪ ڊگهو تحقيقي مضمون ”مشرقي شاعري جا فني قدر ۽ رجحانات“ سنڌي ٽه ماهي رسالي ”مهراڻ“ ۾ ڇپيل آهي. هي هڪ لاجواب تحقيقي مضمون آهي. اهڙو ڪنهن به سنڌي نقاد تحقيقي مضمون نه لکيو آهي ۽ نه ئي وري لکي سگهندو.
”ديوان – بلبل“ ۾ غلام محمد گرامي، قاضي قادن ۽ شمس الدين بلبل واري زماني تائين لکيل شاعري کي ستن دورن ۾ ورهايو آهي.
(1) پهرين دور ۾ قاضي قادن جي هندي ڏوهيڙن واري شاعري شروع ٿي جا شاهه ڪريم تي تڪميل تي پهتي.
(2) ٻئي دور ۾ ابوالحسن جي سنڌي ۾ ”الف“ واري قافيه ۾ ٿي. اُن ۾ ٺٽي جي مخدومن جا ديني ۽ فقهي ڪتاب سنڌي ۾ شايع ٿيا.
(3) ٽيون لطيف جو دور آهي ۽ موضوع ۾ جدت ۽ ندرت ڪلام ۾ رنگيني ۽ شيريني پيدا ٿي. عارفانه ۽ عاشقانه رنگ پيدا ٿيو. سنڌي زبان جو ادبي سرمايو استعارن ۽ ڪناين سان وڌيو.
(4) چوٿين دور ۾ سماع جو ساز شروع ٿيو. مولود، مداحون، مرثيا، مناقبا لکيا ويا.
(5) پنجون سچل جو دور هو جنهن ۾ لطيف جي اعتدال پسندي ۽ رمزيت کي رندانه انداز ۾ پيش ڪيو ويو.
(6) ڇهون دور آخوند گل کان شروع ٿيو غزل چيا ويا. غزل جو عبوري ۽ تجريدي وارو ڌور هو.
(7) ستين دور جي ابتدا بلبل کان ٿي. بلبل هر پهلو تي لکيو آهي. قومي، عاشقانه، ناصحانه، اخلاقي، طنزيه ۽ ظريفانه نظم، غزل ۽ مثنويون وغيره. سندس قصيدا، نقتا، رنگين ۽ دلنشين بلاغت ۽ معانيءَ سان معمور آهن.
مون پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جا سرجڻهار شاعر“ ۾ قاضي قادن ۽ شيخ اياز جي زماني واري شاعري کي ارڙهن دور ۾ ورهايو آهي. مون تفصيل سان هر دور ۾ اڀرندڙ نقطن، مضمونن ۽ شاعرانه نمونن جو تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي.

[b]سنڌي شاعري جا دور
[/b](1) قاضي قادن 1471ع 1551ع
(2) شاهه عبدالڪريم بلڙي وارو 1534ع 1622ع.
(3) شاهه لطف الله قادري 1610ع 1679ع.
(4) مخدوم عنات رضوي 1535 1535هه 1125 1125هه.
(5) مخدوم ابوالحسن 1661ع 1751ع.
(6) شاهه عبداللطيف ڀٽائي 1689ع 1752ع.
(7) ميان سرفراز ڪلهوڙو 1956ع 1979ع.
(8) سيد ثابت علي شاهه 1745ع 1810ع.
(9) سچل سرمست 1743ع 1839ع.
(10) ڀائي چئن راءِ سامي 1743ع 1850ع.
(11) خليفو گل محمد ”گُل“ 1854ع 1855ع.
(12) شمس الدين بلبل 1857ع 1910ع.
(13) حمل فقير لغاري 1859ع 1880ع.
(14) مير عبدالحسين ”سانگي“ 1851ع 1924ع.
(15) ڪشنچند بيوس 1880ع 1947ع.
(16) حيدر بخش جتوئي 1958ع 1972ع.
(17) نارائڻ ”شيام“ 1922ع 1979ع.
(18) شيخ ”اياز“ 1933ع 1997ع.

[b]پهريون دور
[/b]سنڌي شاعري جو پهريون دور قاضي قادن جي شاعري کان شروع ٿئي ٿو. هو سنڌ جو برک عالم، وڏو بزرگ ۽ سرجڻهار شاعر هو. هن جا وڏا سيوستان (سيوهڻ) جا رهندڙ هئا، جتان لڏي بکر ۾ مستقل سڪونت اختيار ڪئي. قاضي قادن جي ولادت اندازاً 880هه مطابق 1471ع ۾ بکر ۾ ٿي. هو ديني ۽ دنيوي علمن جو وڏو ماهر هو. هو تصوف ۽ ويدانيتي علمن جو سهڻو ۽ سريلو سنگم هو.
قاضي قادن سنڌ جي تحريري شاعري رچيندڙ هڪ وڏو شاعر هو. هو تحريري شاعري نه ڪري ها ته سنڌي شاعري ترقي ڪيئن ڪري ها. هن جي تحريري شاعري سنڌي ادب، علم ۽ شاعري جو انمول سرمايو آهي.
قاضي قادن سير ۽ سفر جو وڏو شوقين هو. هن ڀر وارن ڳوٺن جا گهڻا دورا ڪيا. هن پنجابي تاريخي ڳوٺن جا به دورا ڪيا. تنهن ڪري هن جي شاعري واري زبان اُتر جي ۽ سري جي آهي جنهن ۾ پنجابي ۽ سرائڪي ٻولين جو به اثر قائم آهي.
قاضي قادن جي شاعري دوهن، سورٺن ۽ دوها، سورٺا ميل واري شاعري آهي. هن جي شاعري ۾ ٻه سٽون هونديون آهن. نقادن ٽن ۽ چئن مصراعن وار شعر به ڳولي لڌا آهن.
مهدوي تحريڪ جو اڳواڻ سيد ميران دهلوي جڏهن جيسلمير جي رستي کان ٿي بکر پهتو ته قاضي قادن هن سان مليو تڏهن هن روماني سجاڳي حاصل ڪئي.
”جوڳي جاڳايوس، ستل هوس ننڊ ۾،
تيهان پوءِ ٿيوس، سندي پريان پيچري.“

انهي کان پوءِ هو هڪ صاف دل صوفي ۽ وڏو بزرگ بنجي ويو. قاضي قادن جي شاعري شاهه لطيف ۽ ساميءَ جي شاعري جو بنياد آهي. سنڌ جا شاعر قاضي قادن جي ڪلام کان متاثر هئا. جديد سنڌي شاعر به هن جي ڪلام جا عاشق آهن. سنڌ کان ٻاهر وارا سنت به هن جي ڪلام ۽ فڪر کان ڏاڍو متاثر آهن.
قاضي قادن مديني ۾ 958هه مطابق 1551ع ۾ وفات ڪري ويو.

[b]ٻيو دور
[/b]سنڌي شاعري جو ٻيو دور شاهه عبدالڪريم بلڙي واري جي شاعري کان شروع ٿئي ٿو. هو پنهنجي دور جو وڏو بزرگ ۽ شاعر هو. سچ پچ ته هو سنڌي شاعري جو وهائو تارو هو. مٽياري جي شهر ۾ سنه 944هه مطابق 1534هه ۾ ڄائو.
شاهه عبدالڪريم پنهنجي ابتدائي تعليم پنهنجن بزرگن کان حاصل ڪئي. پوءِ مخدوم نوح هالن واري جي صحبت ۾ گذاري، بعد ۾ سيد ابراهيم شاهه بخاري کي پنهنجو روحاني رهبر ڪيائين. جنهن کان گهڻو ئي روحاني فيض حاصل ڪيائين پوءِ هو اچي بلڙي ۾ رهيو.
شاهه عبدالڪريم جواني کان پيري تائين تمام گهڻو سير ۽ سفر ڪيائين. لاڙ، وچولو ۽ سري جو به سفر ڪيائين. هن دهلي، دکن ۽ گجرات جو به سير ڪيو. گهڻو وقت هن بلڙي شهر ۾ گذاريو. ۽ اُتي عبادتون ۽ رياضتون ڪري سڄي شهر ۾ مشهور ٿيو. هو ملڻ وارو، خدمتون ڪرڻ وارو ۽ صحيح راهون ڏسڻ وارو هڪ نيڪ، نماڻو ۽ هر دل عزيز شخص هو. هو سچو ماڻهو هو ۽ سندس سچائي جي هاڪ هر طرف هئي. هو 88 سالن جي وڏي ڄمار ۾ سنه 1032هه مطابق 1622ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
شاهه عبدالڪريم جي مريد محمد رضا شاهه ڪريم جي وفات کان 6 سال پوءِ هن پنهنجي ملفوظات بيان العارفين کي سهيڙي فارسي نثر ۾ مڪمل ڪيو. شاهه ڪريم جا ڪل 94 بيت آهن. اُهي دوها، سورٺا، ميل ۾ لکيل آهن. هن جي شاعري جو مضمون آهي عام انساني جذبا ۽ انساني ڏک. هن سنڌي شاعري اهڃاڻن جو آغاز ڪيو آهي. هي هڪ صاف دل صوفي آهي. هن جو دماغ صاف ۽ دل سچي آهي. جنهن به شيءِ کي هو نيڪ ۽ سچي دل سان ڏسي ٿو، هن کي سچ نظر اچي ٿو.
مورک مور نه ڏسڻا، هيڏانهن هوڏانهن ڪن،
ڪٽر جنين اکين ۾، سي ڪيئن پرين پسن.
شاهه ڪريم جو خيال آهي ته جيڪي ماڻهو ڪٽر آهن ۽ ڪٽر پڻي سان ڀريل آهن اُهي ڪڏهن به منزل حاصل ڪري نه سگهندا.

[b]ٽيون دور
[/b]سنڌي شاعري جو ٽيون دور شاهه لطف الله قادري جي شاعري کان شروع ٿئي ٿو. شاهه لطف الله قادري هڪ وڏو اساسي سنڌي شاعر ۽ اهل علم عارف آهي. هن بيت جي وصف کي وڏو اوج ڏياريو. شاهه لطف الله قادري سنڌ جي مشهور ڳوٺ اگهم ڪوٽ جو رهاڪو هو، جنهن جا آثار ماتلي تعقلي ۾ موجود آهن. هن جي ولادت سنه 1020هه مطابق 1610ع ڌاري ٿي. سندس ولادت اگهم ڪوٽ شهر ۾ ٿي.
اگهم ڪوٽ اُن وقت پڙهائي جو وڏو مرڪز هو. لطف الله قادري اگهم ڪوٽ جي مرڪز مان شروعاتي تعليم حاصل ڪئي ۽ ذاتي ڪوششن سان وڌيڪ تعليم حاصل ڪري وڏو پڙهيل لکيل نوجوان بڻجي ويو. هو هڪ وڏو شاعر ۽ عالم هو. هو مذهبي اصول سکيل هو. هر سوال جو سٺو جواب ڏيئي پڙهندڙ کي خوش ڪري ڇڏيندو هو. هن سنڌي شاعري ۾ نوان نوان مضمون آڻيا.
شاهه لطف الله قادري اندازاً سنه1090هه مطابق 1679ع ۾ 70 سالن جي وڏي ڄمار ۾ اگهم ڪوٽ ۾ وفات ڪئي. لطف الله قادري جون ٽي تصنيفون آهن. ٻه فارسي ۾ ۽ ٽئين سندس سنڌي رسالو. هن جون بيشمار ادبي خدمتون آهن. هن سنڌي شاعرن کي حوالن جي استعمال کان آگاهه ڪيو، هن وراڻ جي رسم کي سنڌي شاعري ۾ رائج ڪري، سوين رنگ رچيا. هن بيتن کي ڊگهو ڪري، اُن کي ڪاريگري ۽ هوشياري سان استعمال ڪري شاعري ۾ بيتن جي بهار آڻي پاڻ ملهايو. هو تفصيلن جو خوب ذڪر ڪري ٿو. هن جي شاعري م وراڻ يا تڪرار جو لاجواب استعمال من کي ٺاريو وجهي.
جيس جيس جو ڀٽيون ڀتيدن روءِ،
جـــاري عــاشـــق ٿـــيـــا هــــوءِ،
پــــاســــي ڀـــــر پـــريــــن جــــو.

[b]چوٿون دور
[/b]سنڌي شاعري جو چوٿون دور شاهه عنات رضوي جي شاعري کان شروع ٿئي ٿو. هو هڪ عظيم الشان شاعر هو. هن جا وڏا پهرين بکر ۾ اچي رهيا ۽ پوءِ خيرپور ۾ سڪونت اختيار ڪئي. شاهه عنات رضوي جي ولادت اندازاً 1030 1035هه ڌاري ٿي. هن هڪ مقامي مدرسي مان ابتدائي تعليم حاصل ڪئي. هن ٿوري فارسي ۾ تعليم حاصل ڪئي هئي.
والد جي وفات کان پوءِ شاهه عنات وڏي ڀاءُ احمد شاهه وٽ پرورش ۾ رهيو. شاهه عنات ننڍي هوندي کان خود خيال ۽ رسمي پابندين کان آزاد هو. هو راڳ جو شوقين هو ۽ آزادي سان عام ڪچهرين ۾ اُٿڻ ويهڻ لڳو. هن جو راڳيندڙن سان اُٿڻ ويهڻ عام هو. هن جواني ۾ شاديون ڪيون ۽ هن جا مشغلا جوان جهڙا هئا. هو ڀلن گهوڙن جو شوقين هو. جواني کان پوءِ هو درويشي طرف متوجه ٿيو. هن ملتان جو سير و سفر به ڪيو ۽ وڏن بزرگن ۽ درويشن سان ملاقاتون پڻ ڪيائين. شاهه عنات آزاد خيال ۽ سٺو شاعر هو. هن جو سينو محبت کان ٽمٽار هو. هو سنڌ جي هر فقير جو احترام ڪندو هو. جوڳين ۽ سامين سان محبت هئي. هو نيون روايتون جوڙيندڙ شاعر هو. هن مجازي عشق بابت گهڻو لکيو. هن سنڌي شاعري جي سهڻي ۽ سريلي صنف وائي کي ايجاد ڪري وڏو ادبي ڪارنامو سرانجام ڏنو. شاهه هن کان متاثر ٿي انمول وايون لکي سڄي جڳ کي رجائي ويو. نرم ۽ نازڪ لفظ، نئون ۽ نرالو خيال ۽ موسيقي کي وائي چئبو آهي. شاهه عنات اندازاً 1120هه 1125هه ۾ وفات ڪري ويو.
شاهه عنات رضوي سنڌ جو رنگين مجاز ۽ لاجواب شاعر هو. هن جي شاعري جا موضوع گهڻا آهن. هن جي ٻولي سادي ۽ سلوڻي آهي. هن جي شاعري ۾ گهرائي آهي. هن جي شاعري ۾ رنگ ئي رنگ آهن. هن وائي جي صنف کي سرجي سنڌي ۾ سونهن، سرهاڻ ۽ سنگيت کي خوب ترقي ڏني آهي. هن بيت کي خوب وسعت بخشي آهي.
پلر پيتم جن سين، سي مارو مون ميڙ،
پرهينويا پٽن تي مٿي ويهان ويڙ،
تن مهانگين سان جهيڙ جن جا ٿاڪ ٿرن ۾.

[b]پنجون دور
[/b]سنڌي شاعري جو پنجون دور مخدوم ابوالحسن جي شاعري کان شروع ٿئي ٿو. مخدوم ابوالحسن سنڌ جي ادبي تاريخ جي مرتب، محمد صديق ميمڻ جي لفظن ۾ ”هو سنڌي علم ادب جو پايو وجهندڙ هو.“ مخدوم ابوالحسن جو جنم ٺٽي ۾ سنه 1661ع ۾ ٿيو. هو پاڻ فارسي ۽ عربي جو وڏو ماهر هو. هن کي خيال آيو ته سنڌ جي ماڻهن کي پهرين سنڌي سيکارجي.
مخدوم فارسي ۽ عربي ۾ ڪيترائي ڪتاب لکيا آهن پر سنڌي ۾ صرف هڪڙو ڪتاب ”مقدمه الصلوات“ لکيو آهي جنهن کي ”ابوالحسن جي سنڌي“ چئبو آهي. مخدوم ابوالحسن پنهنجو ڪتاب، سال 1700ع ۾ لکيو. هن کي سنڌي صورتخطي ٺاهڻ ۾ وڏي دقت پيش آئي سا خاص طرح نج سنڌي آواز ڏيکاريندڙن حرفن جي هاڻوڪي مقرر ٿيل صورت هي آهي.
ٻ، ڀ، ت، ٽ، ٺ، ڦ، ڄ، جهه، ڃ، چ، ڌ، ڏ، ڊ، ڍ، ڙ، ک، ڳ، گهه، ڃ ۽ ڙ مخدوم صاحب مٿي نج حرف لاءِ هيٺيون صورتون مقرر ڪيون هيون.
ٻ= هاڻوڪي صورت ٻ، ڀ = هه، ٿ = ٽ = ت هه، ڦ = ف، ڪٿي ڪٿي وري ڻ يا تر، ٺ = تهه، پ =، ڄ ۽ جهه = ج، ڃ = نج جيم جي اڳيان ن غنا، ڇ = چيهه، ڏ = دهه، ڪٿي ڪٿي وري د، ڏ = ڻا، د = در، ڍ = ڊ، ڙ = ر، ٽ = گهه، ڳ ۽ گهه = گ، گ = نک، گ اڳينا ن غنا، ڻ = ن.

مخدوم ابوالحسن جي وفات 90 سالن جي وڏي عمر ۾ ٿي. مخدوم ابوالحسن جي شاعري هن جي پنهنجي سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪيل آهي. هن جي شاعري مادري اصولن موجب لکيل آهي. هن جي شاعري ڊگهن دوهن واري شاعري آهي. هن بيتن جو به استعمال ڪيو آهي. هن ڪيترن ئي ڏکين لفظن جي معنيٰ پڻ ڏني آهي: وترو = تکو، مهيلي = زال، جها = جهڙا، مُلا = وٺان، ٻجهن = ٻدجن، جيڻو = ساڄو، جيرو جهڙو، هوءِ = هجي وغيره. هن جي شاعري جي اثر هيٺ غير مسلم مسلمان ٿيا ۽ ديني ۽ فقھ جي مسئلن کي سمجهي سگهيا.

[b]ڇهون دور
[/b]تتي ٿڌي ڪاهه، ڪانهي ويل ويهڻ جي،
متان ٿئي اونداهه، پير نه لهين پرين جو.
سنڌي شاعري جو ڇهون دور سنڌ جي ڏات ڌڻي ۽ نامياري شاعر شاهه عبداللطيف جي شاعري سان شروع ٿئي ٿو. شاهه لطيف جي پيدائش سنه 1101هه مطابق1989-1690ع ۾ حيدرآباد ضلعي جي تعلقي هالا جي ڳوٽ هالا حويلي ۾ ٿي. شاهه صاحب جي والد جو نالو شاهه حبيب هو.
شاهه لطيف جي تعليم جي باري ۾ ڊاڪٽر ٽرمپ لکيو آهي :
”ته شاهه جو رسالو پڙهي اهِو معلوم ٿئي ٿو ته هن درسي تعليم ضرور حاصل ڪئي هوندي .هو عربي فارسي ٻولين جو ڄاڻو هو. هن جي پنهنجي مادري ٻولي سنڌي تي پورو ظابطو ھو بلوچي، سرائيڪي ،هندي، پنجابي وغيرهه چڱي طرح ڄاڻيندو هو.“
شاهه حبيب هالا حويلي مان لڏي اچي ڪوٽڙي ۾ رهيو .اُتي مرزا مغل بيگ به رهندو هو، جنهن جا شاهه حبيب سان پيري مريدي جا لاڳاپا ھئا.ھو شاھه کي دعا پڙهڻ لاءِ پنهنجي حويلي ۾ به گهرائيندو هو. هڪ دفعي جڏهن شاهه حبيب بيمار هو تڏهين مغل بيگ جي وڏي ڌيءَ بيمار ٿي پيئيءَ ته شاهه لطيف هن کي دعا ڪرڻ لاءِ مرزا جي حويلي ۾ آيو. شاهه لطيف ڇوڪري جي آنگر کي پنهنجن هٿن ۾ جهلندي چيوته ” جنهن جي آنگر شاهه هٿ ۾، تنهن کي لهر نڪي لوڏو.“ مرزا وارن کي هي ڳالهه نه وڻي ۽ جڏهين شاهه حبيب شاهه لطيف جي لاءِ ڇوڪري جو سنڱ گهريو ته اُنهن انڪار ڪري ڇڏيو.
اِها شاهه لطيف جي لاءِ عشق جي پهرين چوٽ هئي. شاهه لطيف گهر گهاٽ ڇڏي جهنگ طرف هليو ويو. واٽ تي هن کي سنياسن جو ٽولو مليو شاهه انهن سان گڏ ڪافي رليو. ڪافي هنڌ گهمڻ کان پوءِ لاهوت به ويو . اُتان هنگلاج به ويو .گهڻن هنڌن تان گهمي هو وطن موٽي آيو مغل بيگ وارن سنڱ نه ڏنو . گهر جي عورتن هن کي شاهه حبيب جو پاراتو سمجهي شاهه لطيف کي سنڱ ڏنو شاهه لطيف پنهنجن مريدن سان گڏ ڀٽ شاهه کي آباد ڪيو. هوڏينهن جو ڪم ڪار ڪندا هئا. ۽ رات جون سماع جون محفلون مچنديون هيون. اُن کان پوءِ شاهه لطيف سير ۽ سفر مان سنڌ ۽ انهن جي ماڻهن بابت حاصل ڪيل ڄاڻ کي پنهنجي ڪلام ۾ ڳائي ٻڌائيندا هئا ۽ ماڻهن کي جهومائيندا هئا. شاهه لطيف چوڏهين صفر مطابق 1752ع ۾ ڀٽ شاهه ۾ وفات ڪئي. سندس شاندار روضو ڀٽ شاهه ۾ آهي.

[b]ستون دور
[/b]سنڌي شاعري جو ستون دور ميان محمد سرفراز ڪلهوڙي جي شاعري سان ٿئي ٿو. هو هڪ مڻيادار مرد هو. هو شڪل ۽ صورت ۾ اُڀ ۾ چمڪندڙ تارو هو. هن سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ هڪ لاجواب ۽ لازوال مدح خلقي نه صرف پاڻ کي هڪ وڏو مدح نگار شاعر ثابت ڪيو، پر سر زمين سنڌ کي چمڪائي، اُن جو مان وڌائي ويو.
ميان سرفراز ڪلهوڙو ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جو وڏو فرزند هو. هن جي پيدائش سنه 1701ع ۾ ٿي. پيءَ جي انتقال کان پوءِ هي سنه 1772ع ۾ سنڌ جو حاڪم ٿيو. ۽ ٽي ورهيه حڪومت هلائي سنه 1781ع ۾ قتل ٿي ويو. ميان محمد سرفراز ڪلهوڙو ٽالپرن جي پرئي مڙس مير بهرام خان کي پنهنجي وزير راج ليکي جي چورڻ تي لڳي وچ درٻار ۾ قتل ڪرائي ڇڏيو. ٽالپرن ۽ بلوچن جي وچ ۾ ڏاڍو شور پيدا ٿي ويو. آخر سنه 1775ع ۾ ميان محمد سرفراز کي تخت تان لاهي، هن کي حيدرآباد جي قلعي ۾ قيد ڪري رکيو ويو. قلعي ۾ هن جون اکيون ڪڍي هن کي انڌو بنايو ويو. هاڻي هن کي پنهنجي ظلم جو احساس ٿيو. هو پڇتاءُ جي حالت ۾ سڄو ڏينهن رئندو ۽ رڙندو رهندو هو. روئڻ هن جي دل کي ڌوئي ڇڏيو. هو روئڻ سان گڏ ڪجهه پڙهندو رهندو هو جيڪو پوءِ هن جي مدح جو متن بڻيو. پوءِ قلعي ۾ هن کي ۽ هن جي ٽن عزيزن کي قتل ڪري هڪ ئي مقبري ۾ دفن ڪرائي ڇڏيو.
ميان محمد سرفراز ڪلهوڙي کي پارسي شاعري سان عشق هو. هو ۽ سيد ثابت علي شاهه هڪڙي اُستاد ميان غلام علي جي رهنمائي سان موزون شاعري ڪندا هئا. ميان سرفراز ڪلهوڙي جو ڪو به ڪلام ملي نه سگهيو آهي. هن جي صرف هڪڙي مدح سنڌي ۾ ملي آهي، جيڪا مشهور آهي. اُها ٽيهن بندن واري مدح بحر مڪفوف،محزوب تي ٺهيل آهي، جنهن جا ارڪان آهن مفائيل مفائيل مفاعيل فعول. هي مدح پُر تاثير، روان ۽ سحر انگيز آهي.

[b]اٺون دور
[/b]سنڌي شاعري جو اٺون دور سيد ثابت علي شاهه جي شاعري سان شروع ٿئي ٿو. سيد ثابت علي شاهه هڪ قابل ۽ مقبول شاعر ٿي گذريو آهي. هو سيوهڻ ۾ سن 1181هه برابر 1745ع ۾ پيدا ٿيو.
سيد ثابت علي شاهه جڏهن پڙهڻ جي عمر تي پهتو تڏهن پهريائين آخوند عبدالرحمان وٽ ۽ پوءِ آخوند محمد الياس وٽ قران شريف پڙهي پورو ڪيائين. اُن کان پوءِ سيد چراغ شاهه وٽ فارسي جي تعليم حاصل ڪئي. هن مخدوم احسان حڪيم وٽ عربي جي تعليم حاصل ڪئي. هن مراد واعظي کان علم تفسير، علم حديث ۽ علم فقھ جي تعليم پرائي. هن مخدوم چراغ شاهه کان متاثر ٿي ڪيترائي فارسي ڪتاب ۽ فارسي ۽ هندي (اردو) مرثيا پڙهيا۽ هن کي مرثيا ٺاهڻ جو شوق جاڳيو. شاعري سکڻ لاءِ نورالحق سيوهاڻي جو شاگرد ٿيو. اهڙي نموني هو مرثيا نگاري سکي وڏو مرثيا نگار شاعر بڻجي ويو.
ٿوري عرصي کان پوءِ جڏهن مير ڪرم علي خان سنڌ جو حاڪم ٿيو. تڏهن سيد ثابت علي کان متاثر ٿي هن کي گهڻا انعام اڪرام ڏئي هن کي نوازيائين. مير فتح علي ۽ مير مراد علي خان ساراهه ڪري هن کي خوب همٿايو. سيد ثابت علي شاهه سيوهڻ ۾ سنه 1225هه برابر 1810ع ۾ وفات ڪئي.
سيد ثابت علي شاهه فارسي، هندي (اردو) ۽ سنڌي ۾ تمام گهڻو لکيو آهي جنهن کي گڏي ڪليات يا گنج چئبو آهي. هن جا مرثيا ڏاڍا موثر ۽ مشهور آهن. هن جي واقعات نگاري، جذبات نگاري ۽ پوري مرثيا نگاري خوب آهي، هن جي شاعري پنهنجو مٽ پاڻ آهي. هن جي جذبات نگاري ڏاڍي حسين ۽ رنگين آهي. هن جو مڪالماتي انداز بيان ڏاڍو اثر انگيز آهي. هن جا سلام، نوحا ڏاڍا سهڻا آهن. هن عربي ۽ فارسي لفظن کي باڪمال نموني پيش ڪري ڪمال ڪيو آهي.
هئي هئي قاسم تنهنجو ڪاڄ،
گهوٽ ڪٺائون رڻ ۾ راج.
هئي هئي حسرت واويلا.

[b]نائون دور
[/b]سنڌي شاعري جو نائون دور سچل سرمست جي صوفي ۽ انساني حوصلي جي صاف سُٿري ۽ کلي شاعري سان شروع ٿئي ٿو. سچل جي ولادت سنه 1152هه مطابق 1739ع ۾ درازن ۾ ٿي. هن جي تعليم ۽ تربيت سندس ڏاڏي ميان صاحبڏني ۽ چاچي، سهري ۽ مرشد ميان عبدالخالق جي نگراني ۾ ٿي. شاهه عبداللطيف جڏهن هن سان ملڻ لاءِ درازن ۾ آيو ته سچل کي ڏسي ائين چيو: ”اسان جيڪا ديڳ چاڙهي آهي، اُن جو ڍڪ هي لاهيندو.“ ٿيو به ائين.
سچل سرمست روحاني فيض پنهنجي چاچي ميان عبدالحق کان پرايو. شروع کان هو شرع جي پابندي ڪندو هو. پوءِ حالتن جي تبديلي کان پوءِ ان ۾ نرمي اچي ويئي. هو سچو هو ۽ سچائي جو طلبگار به هو. هن فارسي، سنڌي اردو، سرائڪي ۽ پنجابي ۾ به شاعري ڪئي. هو سچ کي ڇڏي، ڪچ ڏي نه مڙيو. هو صاف دل صوفي ۽ وسيع دماغ وارو شاعر هو. هو 14 رمضان 1242هه برابر 1869ع ۾ درازن ۾ رحلت ڪري ويو. هر سال انهي تاريخ تي درازن ۾ ميلو لڳندو آهي.
سچل سرمست تمام گهڻو ڪلام تحرير ڪيو آهي. هن جون 5 تصنيفون (1) آشڪار، (2) راز نامه، (3) رهبر نامه، (4) گداز نامه ۽ (5) تار نامه فارسي ۾ آهن. (6) رسالو سچل فقير جلد 1، جنهن ۾ سنڌي ڪافيون ۽ عزل آهن. ۽ 7 رسالو سچل فقير جلد ٻيو. هن سنڌي ۽ پنجابي ڏوهيڙا. ڪافيون، ريخته غزل، بيت ۽ ڏوهيڙا تمام گهڻا لکيا آهن. هن ڪيترائي بيت تحرير ڪيا آهن، جيڪي سنڌ جي قصن ۽ ڪهاڻين کي بيان ڪن ٿا.
سچل سرمست هڪ وڏو صوفي ۽ انقلابي شاعر هو. هن ڪوڙ ۽ ڪوڙن کي ڏاڍو ننديو آهي. هو هڪ وڏو سرجڻهار شاعر ۽ فني ماملن جو وڏو ماهر هو. هو سنڌي ڪافي جو امام هو. هن جون ڪافيون ٻيڻيون اڍائڻيون ۽ چوڻيون ڪافيون آهن.
”ڀول نه ٻئي ڪنهن ڀل، تون ته آدم نه آهين،
لڪيو ٿو لانبون ڪرين جئن، باغ اندر بلبل.“
سچل گهڻو ڪري سڀني صنفن ۾ لکيو آهي. بيت، مسلسل بيت، ڪافي، ريختو، غزل، جهولڻو، گهڙولي وغيره. انهن صنفن ۾ ڪافي صنفون سچل جون خود گهڙيل آهن. انهن ۾ رس آهي، رچاءُ آهي، فڪر آهي ۽ نصيحت جا انمول نڪتا پڻ آهن. سچل جي ڪلام ۾ شاعري ۽ ستليت جو سريلو سنگم به آهي.

[b]ڏهون دور
[/b]سنڌي شاعري جو ڏهون دور ڀائي چئنراءِ سامي جي نرمل ۽ اتساهه وڌائيندڙ شاعري سان شروع ٿئي تو. هو هڪ وڏو سرجڻهار شاعر هو. هن جو جنم شڪارپور شهر ۾ وڪرمي سنبت 1800 برابر 1742ع ۾ ٿيو.
انهن ڏينهن ۾ شڪارپور شهر ۾ هڪ ودوان (عالم) پنهنجي مڙهي ۾ رهندو هو. هو نوجوانن کي ڌرمي علم پڙهائيندو هو ۽ شاعري به سيکاريندو هو. ڀائي چئنراءِ پاڙي جي جوانن سان گڏ سوامي مينگهراج جي مڙهي ۾ پڙهڻ ويندو هو. ڌرمي معلومات سان گڏ شاعري به سکندو هو. ڀائي چئنراءِ سوامي مينگهراج کان ڏاڍو متاثر ٿيو. اُن کي مان ڏيئڻ جي لاءِ هن سامي جو تخلص اختيار ڪيو. ڪٿي ڪٿي هن مينگهو ۽ ٻانڀڻ جو تخلص به استعمال ڪيو آهي.
غريبي گلزار موچاري مينگهو چوي.
وڏو ٿيئڻ کان پوءِ چئنراءِ سامي پنهنجو اباڻڪو ڌنڌو شروع ڪيو. هو ماٺو ۽ ايماندار هو گرهاڪن کي عزت ڏيندو هو ۽ هو هن جي نيڪي ۽ نماڻائي جي واکاڻ ڪندا هئا. سڄو ڏينهن دُڪان تي ڪم ڪرڻ کان پوءِ هو گهر ايندو هو. ٿوري آرام کان پوءِ هو وهنجي سهنجي وري سواميءَ جي مڙهي ويندو هو، اُتي ڌرمي علم حاصل ڪري پوءِ شاعري جي محفل ۾ حصو وٺندو هو. سامي پنهنجا شعر پني جي چٽڪين تي لکي پوءِ مٽن ۾ وجهي ڇڏيندو هو. هن جي شعاري پختي ٿيندي رهي.
شادي ڪرڻ کان پوءِ 45 سالن جي عمر ۾ هو ڌنڌي ڪرڻ لاءِ امرتسر ويو. هو سڄو ڏينهن ڌنڌو ڪندو هو ۽ شام جو ڌرمي محفلن ۾ ويندو ۽ شاعري به ڪندو هو. اُتي هن کي 60 65 سالن جي عمر ۾ پٽ ڄائو جنهن جو نالو گهنشيامداس رکيو ويو.
ڀائي چئنراءِ سامي وڪرمي سنبت 1907ع برابر 1743ع ۾ شڪارپور شهر ۾ گذاري ويو. هن جي وفات کان پوءِ گهنشيامداس مٽڪا کولي هن جي ڪلام کي گڏ ڪيو، ديوان ڪوڙيمل 2100 سلوڪن کي مرتب ڪري اُن کي ٽن جلدن ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. هن سنڌي شاعري ۾ سلوڪن جي صنف کي رائج ڪيو آهي.
ڀائي چئنراءِ سامي مڻيادار مرد ۽ سرجڻهار شاعر هو. هو سنڌ ۾ ڄائو هو. سنڌ سان ۽ سنڌين سان پيار ڪندو هو. هو سنڌ جي واين کان واقف هو. هو مرد کي جهونجهار ۽ عورت کي سهاڳڻ چوندو هو. هو انسانيت جو سچو علمبردار هو.

[b]يارهون دور
[/b]سنڌي شاعري جو يارهون دور خليفي گل محمد ”گل“ جي شاعري کان شروع ٿئي ٿو. گل محمد گل سنه 1226هه مطابق 1808ع ۾ هالن پراڻن ۾ پيدا ٿيو، پنهنجي اباڻي مڪتب مان پارسي ۽ عربي ۾ تعليم جو چڱي طرح اڀياس ڪيو. گل جي والد جي وفات کان پوءِ خلافت جي پڳ گل محمد گل جي مٿي تي آئي. پير صاحب پاڳارو خليفي گل محمد گل کي گهڻو چاهيندو هو ڇاڪاڻ ته هو فرمانبردار ۽ زميندار هو. هو پير پاڳاري جا سمورا ڪم باقائدگي سان ڪندو هو. هو ماڻهن جي ڏاڍي خدمت ڪندو هو ۽ ماڻهو هن کي ڏاڍو چاهيندا هئا ۽ هن جي خدمت ڪرڻ لاءِ هر وقت تيار رهندا هئا.
خليفو گل ستيتاليهه ورهين جي ڄمار ۾ حج ڪرڻ ويو. ڪجهه وقت لاءِ بمبئي ۾ رهي پيو. هن پنهنجي سموري ڪلام کي ليٿو ۾ پايو ۽ اُن جون ڪاپيون سنڌ ڏي روانو ڪيائنس. بمبئي مان جيئن عربستان پهتو ته مڪھ معظمھ ۾ سنه 1271هه مطابق سنه 1855ع ۾ گذاري ويو.
خليفي گل محمد ”گل“ جو ڪلام وزندار ۽ رنگدار آهي. صوفيانه رنگ هن جي ڪلام ۾ گهڻو آهي. عاشقانه رنگ جي چمڪ هن جي ڪلام ۾ جام آهي. جيڪو هن جي ڪلام جي خاص خوبي آهي. هن جي ڪلام ۾ فطرت نگاري اعليٰ آهي. جيڪا هن جي ڪلام کي مقصد ۽ خوبصورتي بخشي ٿي. هن جي ڪلام ۾ گهڻو ڪري مجازي عشق جو رنگ موجود آهي. اخلاقي رنگ به هن جي ڪلام کي قرباعتو بنائي ٿو.
جنهن جي سخن کي ناهه سچ، واعدا ڪري هو ڳچ،
ٿو لهين وفا ڪوڙن ڪنان، آهي عبث، آهي عبث.
خليفو گل اُهو پهريون سنڌي شاعر آهي جنهن پنهنجو ”ديوان“ پيش ڪري نالو ڪمايو آهي. علم عروض جي ارڪانن ۽ بحرن ۾ ايراني رنگ ملائي هن پنهنجي ڪلام ۾ سهڻو رنگ پيدا ڪيو آهي. هن جا قافيا پڪا ۽ پختا آهن. هن سنڌي عوام کي موزون ڪلام جي سوکڙي ڏني آهي. هن پنهنجي ڪلام ۾ ڳوٺن ۽ شهرن جا نالا ڏيئي نواڻ پيدا ڪئي آهي. هن جي ڪلام ۾ ڪٿي ڪٿي چڪون آهن پر هن جو ڪلام اخلاقي طور اعليٰ ۽ عمدو آهي.

[b]ٻارهون دور
[/b]سنڌي شاعري جو ٻارهون دور شمس الدين بلبل جي شاعري کان شروع ٿئي ٿو شمس الدين ”بلبل“ جي پيدائش سنه 1857ع ۾ ميهڙ ۾ ٿي. هن اُتي جي مڪتبن ۾ سنڌي، فاريسي ۽ عربي جي تعليم حاصل ڪئي. هو 1898ع ۾ ميهڙ ڇڏي ڪراچي ويو. هو حسن علي آفندي سان لهه وچڙ ۾ آيو. هو سياسي، سماجي ۽ تنظيمي تهريڪن ۾ شامل ٿي ويو. هو هڪدم سٺو ۽ پيارو صحافي بڻجي ويو. هن سنڌي صحافت کي ڏاڍي ترقي ڏياري. ڪرچاي ۾ رهندي بلبل مجازي عشق جي چوٽ کاڌي.
اچي نه اچي ڪين بلبلان ڪين ٿئي اي گل گلان،
روز چمن ۾ چهچٽو، تازه تازه نوبنو.
بلبل ڪچهرين جو ڪوڏيو هو. هو سياسي ۽ ادبي اڳواڻ هو. هن جي دل قوم ۽ دين جي درد سان ٽمٽار هئي. بلبل جي شخصيت نرالي هئي اُها يڪ سوئي، يڪ خيالي ۽ يڪ وجودي تي قائم هئي.
بلبل جي ڪلام ۾ ڪيترائي موضوع آهن. هو طنز جو وڏو شاعر آهي. هن جي طنز ۾ چوٽون آهن، چڱيون ڀليون ٽوڪون آهن ۽ کل جا ڦوهارا آهن پر هو ڪنهن کي ماري خوار نٿو ڪري بلبل کلي دل ۽ کلي دماغ جو مالڪ آهي. هو ٺاهڻ ڄاڻي پر ڊاهڻ هن جو ڪم ناهي.
شمس الدين بلبل 1919ع ۾ گذاري ويو. اهو سنڌي شاعري جو وڏو نقصان هو. هن جا ٻه ڪتاب ديوان بلبل ۽ ڪلام بلبل ڇپيل آهن ۽ خوب مشهور آهن.
شمس الدين بلبل طنز جي صنف کي سنڌ ۾ رائج ڪري ڪيترن ئي ٺڳن ۽ غلط ڪم ڪندڙ کي سماج ۾ اُگهاڙو ڪيو. هن سنڌي شاعري ۾ غزل جي صنف کي ڏاڍو مقبول بنايو. هن وائتي انداز ۾ به عمديون غزلون لکيون آهن. هن جا مزاحيه غزل به پنهنجو مٽ پاڻ آهن. هن جي ”ڪريما“ هڪ مثالي لاجواب نظم آهي. هن جي نظم نئون زمانو هڪ شاهڪار شاعري آهي. هن جي قصيدا لاجواب آهي. تجنيس نگاري ۾ بلبل ڪمال ڪيو آهي. ادبي خدمتن جي ذريعي هن سنڌي شاعري کي خوب سينگاريو آهي.

[b]تيرهون دور
[/b]سنڌي شاعري جو تيرهون دور حمل فقير لغاري جي سان تعلق رکي ٿو. حمل فقير هڪ سريلو سگهڙ ۽ مقبول عوامي شاعر آهي. هن جي ولادت خيرپور رياست ۾ پنهنجي اصلي ڳوٺ مير خان لغاري ۾ 1225هه مطابق 1809ع ۾ ٿي نواب ميان سعيد خان حمل کي ننڍپڻ کان وٺي پاڻ وٽ رهايو. ممڪن آهي ته هن حمل جي پڙهائي جو بندوبست ڪيو هجي. وقت جي رواج موجب حمل پنهنجي اباڻي ڳوٺ ۾ پارسي تعليم حاصل ڪئي. فطري ذهانت ۽ سنجيدگي جي ڪري حمل پارسي جو اُستاد بنيو. سڪرنڊ تعلقي جي ڳوٺ ۾ هن پنهنجو مڪتب کوليو ۽ مشهور استاد بنجي ويو.
خوش طبعي جي ڪري حمل فقير هر طرف قابل ۽ احترام لائق اُستاد جي طور ڏاڍو مشهور ٿي ويو. هن جا تعلقات وڌي ويا ۽ هن جي شاگردن جو تعداد به وڌي ويو. هن پنهنجي علائقي ۾ تعليم ۾ وڏي ترقي ڏياري. هو سڀني ماڻهن جو يار ۽ دوست هو. جيڪو هن سان ملندو هو، خوش ٿي موٽندو هو. هو ننڍن ۽ وڏن سان عزت ۽ احترام سان ملندو هو. هو سڀ ڪنهن جي عزت ڪندو هو. حمل فقير لغاري 71 سالن جي ڄمار ۾ تاريخ 2 صفر 1225هه مطابق 1880ع ۾ وفات ڪئي.
حمل فقير لغاري سنڌي شاعري جو نالي وارو شاعر هو. هن جي شاعري نياري، نرالي ۽ جادوئي هئي. هن هر موضوع تي لکيو. هن جي عبارت ڏاڍي سهڻي هئي. هن سنڌي شاعري کي گهڻو ڪجهه ڏنو.ھن جي شاعري ڏاڍي سهڻي هئي. هن جي شاعري ڪلاسيڪيت ۽ رومانويت جو سهڻو سنگم آهي. اها ڪڏهن کلائي ٿي ته ڪڏهن وري گهڙيپ کي وڌيڪ گهرو ڪري ٿي. حمل فقير وڌو استاد ۽ وڏو شاعر آهي. هن جي شاعري ۾ سنڌ جا سڀ رنگ شامل آهن. عشق، لوڪ شاعري ۽ مزاج حمل فقير لڳ ڀڳ 222 صنفن ۾ شاعري ڪئي آهي. هن گهڻن ٻولين ۾ شاعري ڪئي آهي. هن جي شاعري ۾ رنگ، روپ ۽ ڍنگ پيارا ۽ دل ٺار آهن.
هس گيا، دل ڦس گيا، بي وس ميري دل هوئي،
حمل هون محبوب بنان ٻيا ڪو نه ڪري دلجوئي.

[b]چوڏهون دور
[/b]سنڌي شاعري جو چوڏهون دور مير عبدالحسين سانگي جي شاعري سان واسطو رکي ٿو. مير عبدالحسين سنڌ جي آخري ٽالپر حڪمران مير فقير جان جو پوٽو ۽ مير محمد حسن علي جان جو سڳو ڀائٽيو هو. سانگي سنه 1298هه مطابق 1851ع ۾ يورپين ماءُ جي پيٽان ڪلڪتي ۾ ڄائو هو. هو حاڪم خاندان مان هو، پر پنهنجي عام طبيعت ۽ سوڀاري زندگي جي ڪري هن سانگي جو تخلص اختيار ڪيو يعني عام محنت ڪندڙ ماڻهو هو. پنهنجي چاچي مير حسن علي خان سان سنه 1864ع ۾ پنهنجي ڏاڏاڻي ملڪ سنڌ پهتو ۽ مير سانگي آخر ڊاڪٽر جي ڌيءَ مس رائيٽ سان شادي ڪئي. هن کي سڀ سور وسري ويا ۽ مير سانگي سٺي نموني زندگي گذارڻ لڳو. سانگي ننڍي کان وٺي فقيري خيالن جو ماڻهو هو. هو فقيرن واري زندگي گذاريندو هو.
مير سانگي ڪائنسل مجسٽريٽ طور نيڪي سان ڪم ڪيو. هو سڄو ڏينهن ڪورٽن ۾ ڪم ڪندو هو ۽ شام جو ادبي ڪمن ۾ حصو وٺندو هو ۽ مشاعرن کي خوب مچائيندو هو. شاعر هن کي ڏاڍو ساراهيندا هئا ۽ هو وري انهي جي خوب خدمت ڪندو هو. انهن کي وظيفا ڏيئي، اُنهن کي خوش به ڪندو هو. هن جي شاعري ڪوڙ کان آجي هئي. هن جي شاعري سچ جو سرمايو هئي. سنڌي شاعري جي سونهن هئي. هن جون تشبيهون جام آهن. دل مان نڪتل آهه کي هيري مارٽن جي بندوق سان بيمثال ڀيٽ ڪيئي اٿس.
”عاشق جي ته آهه لاءِ آ رقيب،
هينسري مارٽن جي آهه تفنگ.“
سانگي جي ڪلام ۾ حسن پرستي ۽ عشق باري جو کُليو کُلايو ۽ گهڻو مواد موجود آهي. هن جي شعاري ۾ انگريزي جا گهڻا لفظ ڏنل آهن. جهڙوڪ رجسٽر، ليمپ، گلاس، آفيس وغيره هن جام، ساقي، گل، بلبل جهڙا لفظ به استعمال ڪري خوب مزو ڏنو آهي.
سانگي جهڙو عشق ورهائيندڙ شاعر سنه 1924ع ۾ گذاري ويو.

[b]پنڌرهون دور
[/b]سنڌي شاعري جو پندرهون دور ڪشنچند بيوس جي شاعري سان تعلق رکي ٿو. ڪشنچند بيوس هڪ وڏو اديب، وڏو شاعر ۽ وڏو تعليمي ماهر هو. هو لاڙڪاڻي شهر ۾ 35 فيبروري 1880ع ۾ پيدا ٿيو. بيوس ننڍپڻ کان وٺي سنڌي اسڪول ۾ داخل ٿيو. هو ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج حيدراباد مان سنڌي فائنل پاس ڪري، پوءِ سنڌي ماستر طور نوڪري ۾ گهڙيو. گهڻو وقت هن لاڙڪاڻي ۾ گذاريو. پوءِ شاهه محمود اسڪول لاڙڪاڻي جو هيڊ ماستر ٿيو جتان 1945ع ۾ رٽائر ڪيائينس.
ڪشنچند بيوس هڪ ڪامياب ماستر ٿي لاڙڪاڻي ۾ تعليم جي نظام کي سڌاريو ۽ ٻارن ۾ پڙهڻ جو چاهه وڌايو. شهر ۽ ٻهراڙين ۾ رهندڙ شاگرد خوشيءَ سان اسڪولن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ شروع ڪري ڏني ۽ تعليمي طرح لاڙڪاڻو پڙهائي جو وڏو مرڪز بڻجي ويو. ماڻهن ڪشنچند بيوس جي ادبي ڪوششن کي ڏاڍو ساراهيو. هن جي عزت تمام گهڻو وڌي ويئي ۽ هو شهر جو وڏو عزت وارو شخص ٿي ويو.
بيوس پنهنجي شاعري جي شروعات نوڪري واري وقت کان ئي شروع ڪري ڏني هئي. هن لکيو ۽ دليري سان لکيو. هن جي شاعري اعليٰ هئي. هن جي سادي ۽ سلوڻي ٻولي، اعليٰ خيالن، استعارن، محاورن، تشبيهن ۽ تجنيس حرفي هن کي سنڌي ٻوليءَ جو وڏو شاعر بنائي ڇڏيو. هو 1947ع ۾ گذاري ويو.
ڪشنچند بيوس جديد سنڌي ادب ۽ شاعري جو سنڌ ۾ آغاز ڪرائي وڏي ڪاميابي ماڻي. هن سنڌي شاعري ۾ گيت جي صنف کي تخليق ڪري وڏو ڪم ڪيو. ”سڀ ڪن تنهنجي ساراهه قدرت وارا.“ هن ٻارن جي لاءِ لاجواب گيت به لکيا جيڪي وڏي عمر وارن ماڻهن کي اڃان به ياد آهن. هن جا غزل ڏاڍا وڻندڙ آهن. هن ادب ۽ شاعري جي موضعن تي بيمثال مضمون لکي سنڌي ادب ۽ شاعري کي وڏي ترقي ڏياري آهي.

[b]سورهون دور
[/b]سنڌي شاعري جو سورهون دور حيدر بخش جتوئي جي شاعري کان شروع ٿئي ٿو. حيدر بخش جتوئي سنڌ جي ادبي شاعري جو ناميارو شاعر ۽ بيباڪ اديب هو. سادگي، سنڌ سان محبت، اصولن سان عشق، حق لاءِ هوڪو هڻي ميدان ۾ اچي وڃڻ ۽ انصاف پسندي هن جي زندگي جا سونهري اصول هئا.
حيدر بخش جتوئي 10 آڪٽوبر 1901ع ۾ لکي ديري تعلقي ڏوڪري ۾ پيدا ٿيو. هو هڪ محنتي ۽ ذهين شاگرد هو 1919ع ۾ سنڌي سرڪيولر فائنل امتحان ۾ لاڙڪاڻي مان پاس ڪيائين ۽ لاڙڪاڻي ۽ سڄي سنڌ ۾ پهريون نمبر آيو. هن مئٽرڪ جو امتحان سنڌ يونيورسٽي طرفان ڪرايل امتحان لاڙڪاڻي سينٽر مان ڏيئي پهريون نمبر حاصل ڪيو. 1927ع ۾ ڊي.جي. سنڌ ڪاليج ڪراچي مان بي.اي. پاس ڪيائين.
1927ع ۾ روينيو کاتي ۾ نوڪري ڪيائين. 1931ع ۾ مختيارڪار 1941ع ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر ۽ 1945ع ۾ سرڪاري نوڪري مان رٽائر ٿي، ملڪي ۽ قومي خدمت لاءِ پاڻ کي وقف ڪري ڇڏيو. هن شاعري جي ذريعي ملڪ ۾ تعليمي سُڌارا آڻڻ جي ڪوشش ڪئي. هو هڪ دلير ۽ ايماندار آفيسر هو. هن مٿي ڦريل ۽ بي ايمان زميندارن سان مقابلو ڪيو جيڪي رشوتون ڏيئي ججن کان ڪوڙا ڪم ڪرائيندا هئا. هن ماڻهن کي ڏاڍو ننديو ۽ اُنهن جي غلط حرڪتن کي پنهنجي شاعري ۾ خوب ڌڪاريو پر اصولن تان نه هٽيو. هو نه رشوتون وٺندو هو ۽ نه وري ڪنهن کي وٺڻ جي اجازت ڏيندو هو. هن ڏوهي زميندار، ڪوڙن ملن مولوين جي ڪريل حرڪتن کان مجبور ٿي نوڪري کان رٽائر ٿي، ميدان عمل ۾ اچي سنڌ جي سياسي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ هاري ڪاميٽي، شاگردن ۽ عوامي نمائندن کان جلسا ۽ جلوس ڪري ون يونٽ کي ٽوڙائڻ جي لاءِ سرگرم عمل ۾ رهيو. ون يونٽ ٽٽي ويو ۽ سنڌين کي حق ملڻ شروع ٿي ويا. هن هاري گيت لکيا ۽ نون نمونن جون نظمون لکي سنڌي شاعري کي انقلابي شاعري بنائي ڇڏيو. هن سنه 1976ع ۾ وفات ڪئي. هن زندگي ۾ گهڻو ڪجهه لکيو. هن جون هي صنفون مشهور آهن. آزادي راهه، هاري گيت، وغيره.

[b]سترهون دور
[/b]سنڌي شاعري جو سترهون دور نارائڻ شيام جي بيباڪ ترقي پسندانه ۽ دليرانه شاعري سان تعلق رکي ٿو. نارائڻ شيام جي پيدائش نواب شاهه ضلعي جي نوشهروفيروز تعلقي جي ڳوٺ کاهي قاسم ۾ 22 جولاءِ سنه 1922ع ۾ ٿي. هن پنهنجي تعليم جي شروعات پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪئي. مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ هن کي پنهنجي ڳوٺ ۾ ماستري جي نوڪري ملي. هو فارسي پڙهائيندو هو. هن وٽ سنڌي ۽ فارسي جي لفظن جو وڏو ذخيرو موجود هو.
نارائڻ شيام وڌيڪ تعليم پرائڻ لاءِ ڪراچي جي ڊي.جي. سنڌ ڪاليج ۾ داخلا ورتي هن کي ميٺارام هاسٽل ۾ رهڻ جي جڳهه به ملي هن وقت ڪراچي ۾ ڪيتريون ئي ادبي تحريڪون جهڙوڪ جديد تحريڪ، ترقي پسند تحريڪ، ڪميونسٽ تحريڪ ۽ اردو نقادن جون تحريڪون هلي رهيون هيون. نارائڻ شيام انهن تحريڪن ۾ حصو وٺي ڏاڍو پرايو. هو سنڌ جو دلير ۽ ترقي پسند شاعر بڻجي ويو. انهي وقت لڏ پلاڻ جي تحريڪ شروع ٿي ويئي ۽ هو سنڌ مان ڪٽنب سميت لڏي دهلي ويو .
نارائڻ شيام کي دهلي ۾ پوسٽ ۽ تارکاتي ۾ اڪائونٽس برانچ ۾ ڪلارڪ جي نوڪري ملي. هو ايماندار ۽ محنتي هو. هو نوڪري ڪري گهر ڀاتين جي ڏاڍي خدمت ڪندو هو. هو باقائدگي سان شاعري ڪري، ڏاڍو مقبول بڻجي ويو. نارائڻ شيام قدرت جو وڏو عاشق هو. قدرتي نظارا هن جي ضمير کي جاڳائي هن کان بيمثال شعر لکارائي هن جي عظمت کي چارچنڊ لڳائي ڇڏيندا هئا.
نارائڻ شيام هيڊ ڪلارڪ جي حيثيت ۾ سنه 1980ع ۾ رٽائر ٿي ويو. اُن کان پوءِ ساهتيه اڪيڊمي ۾ عمدو ڪم ڪري وڏو رتبو حاصل ڪيو. هو سنه 1989ع ۾ دهلي ۾ گذاري ويو. سنه 1970ع ۾ هن ساهتيه اڪيڊمي جو انعام حاصل ڪيو. هن جون ڪجهه تصنيفون هي آهن. ماڪ ڦڙا، پنکڙيون، رنگ رتي لهر، ماڪ بنان رابيل، مهڪي ويل صبح وغيره. هن جون وايون، غزل، هائيڪا بيمثال آهن.

[b]ارڙهون دور
[/b]سنڌي شاعري جو ارڙهون دور جديد سنڌي شاعري جي باني شيخ اياز جي قومي ۽ بين القومي شاعري سان آهن شيخ اياز جو جنم 28 سيپٽمبر 1923ع ۾ شڪارپور شهر ۾ ٿيو. هن شروعاتي تعليم شڪارپور مان حاصل ڪئي.
بي.اي کان پوءِ اياز کي وڪالت جو شوق جاڳيو هو. وڪالت جي وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ هن ڊي.جي. سنڌ ڪاليج ڪراچي ۾ داخلا ورتي رهائش جي لاءِ ميٺارام هاسٽل ۾ جڳهه ملي ويئي. هن ڪراچي ۾ وڪالت جي تعليم تي خاص زور رکيو. اُن وقت ڪراچي نون خيالن ۽ تحريڪن جو مرڪز هو. هن انهن تحريڪن جهڙوڪ جديد ادب جي تحريڪ رشين ادب جي تحريڪ، ترقي پسندي جي تحريڪ، اردو نقادن جي تحريڪ ۾ خاص حصو ورتو ۽ انهن تحريڪن مان ڪافي پرايو.
وڪالت جي ڊگري وٺي هو شڪارپور آيو ۽ وڪالت شروع ڪري ڏنائين. هن سنڌي ادب ۽ شاعري ۾ انهن تحريڪن جي اثر کي شامل ڪري جديد ادب ۽ شاعري جي سنڌي ادب ۾ شروعات ڪئي. انهن تحريڪن سنڌي ادب ۽ شاعري تي وڏو اثر ڪيو. سنڌي ادب ۽ شاعري نئون روپ وٺي وڏي ترقي ڪئي. رسالن تي رسالا، ڪتابن تي ڪتاب ۽ ترجمن تي ترجما شايع ٿيڻ لڳا. سنڌي ٻولي ترقي ڪري، اردو ادب ۽ شاعري سان مقابلو ڪرڻ واري بڻجي ويئي.
وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽي هن کي سنڌ يونيورسٽي جو وي سي بنايو. اُتي هن جو نئون رنگ نظر آيو. هن سنڌي جيالن کي جن هن جي شاعري کي مشهور ڪيو، انهن جي خلاف ٿي بيٺو. هن جيالن کي سزائون ڏنيون ۽ يونيورسٽي مان خارج ڪري ڇڏيو. هن تي الزام لڳڻ شروع ٿي ويا. ڪٽرپڻي جا الزام، غير مسلم جا الزام، کائو جا الزام ۽ فتني بازي جا الزام آخر هن کي نوڪري ڇڏڻي پئي. مايوسي جي انهي حالت ۾ هن هڪ ڪتاب الوداعي گيت لکيو ان کان پوءِ هن جي شاعري لٽجڻ لڳي.

اياز 50 کن ڪتاب لکيا آهن جن مان 30 کن شعري مجموعا آهن. اياز سنڌ جو وڏو علامتي شاعر آهي. هن شاه جي رسالي کي علامتي رنگ ۾ رنگي، وڏو ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي.
جاڳ ڀٽائي گهوٽ، سنڌڙي ٿي توکي سڏي.
مرن پيون ماريون، قابو اندر ڪوٽ.
اچ ته تنهنجي اوٽ، ڏاڍن کي ڏاري وجهون.
مون سنڌي شاعري جا دور لکڻ لاءِ مولانا محمد گرامي جي ديوان بلبل جي مقدمي کان مدد حاصل ڪئي آهي. انهي ڪم جي لاءِ آئون مانواري ميڊم آمنه خميساڻي، پروفيسر شامداس جوشي، پروفيسر ارجن لال جهاماڻي، شمشير الحيدري، نياز همايوني، پروفيسر نارائڻ پي شرما، مسٽر نند لعل نند وغيره جو شڪرگذار آهيان جن مونکي مواد هٿ ڪري ڏيئڻ ۽ اُن کي مرتب ڪري ڏيڻ ۾ وڏو سهڪار ڪيو آهي.

[b]پروفيسر سروپچندر ’شاد‘
[/b]گاڏي کاتو
حيدرآباد، سنڌ