لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سنڌي ٻوليءَ جا سرجڻهار شاعر

سنڌي شاعريءَ جي مختلف دورن بابت لکيل تحقيقي مضمونن ۽ مقالن تي مشتمل هن ڪتاب جو ليکڪ پروفيسر سروپچندر شاد آهي. شاد صاحب مهاڳ ۾ لکي ٿو:
”مون پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جا سرجڻهار شاعر“ ۾ قاضي قادن کان شيخ اياز تائين جي زماني واري شاعري کي ارڙهن دور ۾ ورهايو آهي. مون تفصيل سان هر دور ۾ اڀرندڙ نقطن، مضمونن ۽ شاعرانه نمونن جو تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي.“

Title Cover of book Sindhi Boli'a ja Sarjenhaar Shair

شاهه لطف الله قادري(1020هه 1090هه) (1610ع 1679ع)

[b]اديبن ۽ نقادن جا رايا
[/b]
”مرحوم شاهه لطف الله قادري هڪ عارف، ڪامل ۽ عالم باعمل بزرگ ٿي گذريو آهي. پاڻ ظاهري خواه باطني علمن ۾ ڪماليت جي درجي تي پهتل هو. رفتي رفتي سندس علمي ماهيت جي سڄي سنڌڙي ۾ ناموس ٿي ويئي.“
[b]ميمڻ عبدالغفور سنڌي. سنڌي ادب جي مختصر تاريخ
[/b]
”هن دور جو هڪ ٻيو شاعر لطف الله قادري آهي. قاضي قادن تائين دوهو (بيت) ٻن مصراعن جو هو پر جيئن ته هن دور ۾ مضمون طويل ٿيڻ لڳو، اُن ڪري دوهي کي (هن دور ۾ سنڌي شاعري ڪافي ترقي ڪئي) کي به ٻن مصراعن جي پابندي مان ڪڍي 3 4 ۽ پوءِ 6 7 مصرائن تائين وسيع ڪيو ويو.“
[b]سيد حسام الدين راشدي. سنڌي ادب
[/b]
”شاهه لطف الله جي ڪلام ۾ مسئلي جي اُپٽار نهايت دقيق انداز ۾ ملي ٿي. هن جي سمجهاڻي ايتري عام فهم ناهي جيتري شاهه ڀٽائي جي ڪلام ۾ آهي. زبان اُن جو پهريون سبب آهي.“
[b]ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو. سنڌي ادب جي مختصر تاريخ
[/b]
شاهه لطف الله قادري ئي اُهو وڏو ۽ بنيادي شاعر آهي جنهن جي ڪلام تي ئي سنڌي ترقي يافته ۽ سڌريل شاعري جي ديوار کنيل آهي.“
[b]قاسم ٻُگهيو. ڇهه ماهي سنڌي ادب ۾ ڇپيل هڪ مضمون
[/b]
”شاهه لطف الله قادري پنهنجي بيتن ۾ ڪا ڳالهه نٿو کڻي ڪو قصو نٿو ٻڌائي پر محض سالڪ جي مقصد ۽ حقيت کي بيان ڪري ٿو. انهي لحاظ کان هو سنڌي بيتن ۾ ڪنهن قصي يا ڳالهه جي بدران معنيٰ ۽ خيل جي اظهار جو باني مباني آهي.“
[b]ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ. سنڌي رسالو ۽ سندس ڪتاب منهاالج المعرفت جو مقدمو.
[/b]
شاهه لطف الله قادري هڪ تمام وڏو اساسي سنڌي شاعر ۽ اهل علم عارف آهي. هن جو اهو ادبي ڪارنامو هميشه زندهه رهندو ته هن بيت جي صنف کي عروج تي پهچائڻ جي لاءِ راهه هموار ڪئي ۽ سنڌي شاعري جي موضوئاتي ۽ فني حيثيت کي مستحڪم بنايو. هن جي ڪلام جي اهميت کي سمجهڻ کانسواءِ سنڌي شاعري جو مطالعو اڻ پورو ۽ اڌورو رهندو. لطف الله قادري پنهنجي خُداداد ڏات، قابليت ۽ موزون ۽ مناسب اسلوب جي ذريعي نوان نوان تجربا ڪري سنڌي شاعري جي اوسر ۾ نمايان اضافا ڪيا.

[b]زندگيءَ جو احوال:
[/b]شاهه لطف الله قادري جي زندگي بابت هن وقت تائين ڪا تفصيلي معلومات ملي نه سگهي آهي. هو ڪٿي جو رهاڪو هو؟ هن جي ولادت ۽ وفات جون ڪهڙيون تاريخون آهن؟ هن جي ولادت ۽ وفات ڪٿي ٿي؟ هن ڪٿي تعليم حاصل ڪئي؟ انهي بابت ڪا ڄاڻ نٿي ملي. ميمڻ عبدالغفور سنڌي پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“ ۾ ڊاڪٽر دائود پوٽي جو حوالو ڏيندي ڄاڻايو آهي ته ”شاهه لطف الله قادري جن خيرپور ميرس جي ڀر سان پريالي جي ڳوٺ ۾ رهندا هئا. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي لکڻ موجب ”منهاج المعرفت سان لاڳيتو شامل شاهه ڪريم جي رسالي (بيان العارفين) جي قلمي نسخي تي لکندڙ ٽن جدا جدا حاشين تي ”منهاج المعرفت“ مان عبارتون نقل ڪيون آهن ۽ هر جاءِ تي مصنف جو نالو شيخ لطف الله تتوي يعني ٺٽوي ڪري لکيو آهي.“ انهن عبارتن مان اهو گمان پيدا ٿئي ٿو ته هو شايد ٺٽي جي ڀرواري ڳوٺ اگهم جو رهاڪو هو، پر اهو صحيح نٿو لڳي. جيڪڏهن هو ٺٽي جي ڀرواري ڳوٺ اگهم جو رهاڪو هجي ها ته مير علي شير طانع جي ڪتاب ”تحفة الڪرام“ ۾ هن جو ذڪر ضروري ڪري ها.
غالباً شاهه لطف الله قادري سنڌ جي مشهور تاريخي شهر اگهم ڪوٽ جو رهاڪو هو، جنهن جا آثار ماتلي تعلقي ۾ موجود آهن. سندس تصنيفن جي مطالعي مان اِهو معلوم ٿئي ٿو ته سندس ولادت 1020هه مطابق 1611ع ڌاري ٿي هجي ۽ وفات 1020هه مطابق 1679ع ۾ ڌاري ٿي هجي. اندازو لڳايو ويو آهي ته سندس ولادت اگهم ڪوٽ جي شهر ۾ ٿي ۽ سندس وفات به انهي شهر ۾ ٿي.
اگهم ڪوٽ ڏهين صدي هجري ۾ علمي ۽ روحاني تعليم جو وڏو مرڪز هو. اُتي گهڻائي مدرسا قائم ٿيا، جن ۾ مشهور عالم پڙهائيندا هئا. هتي جون درسگاهون ۽ بزرگن جون درگاهون ٻارهين صدي هجري تائين وڏي اوج تي رهيون. شاهه لطف الله قادري جي تعليم ۽ تربيت به اگهم ڪوٽ جي اهڙن اعليٰ درسگاهن ۽ مشهور اُستادن جي زير اثر ٿي.
اگهم ڪوٽ شهر وردي توڙي قادري طريقي جي بزرگن جي فيض ۽ برڪت جو پڻ مشهور مرڪز هو. حضرت عبدالقادر جيلاني جي اولاد مان شيخ جمال الدين عبدالله جي مريدن مان شيخ اسحاق اگهم ڪوٽ ۾ رهائش اختيار ڪئي جتي قادري طريقي جي فيض جا سرچشما جاري هئا. شاهه لطف الله قادري انهن مان سيراب ٿي قادري مشرب اختيار ڪيو ۽ قادري نسبت سان مشهور ٿيو.
پنهنجي تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ شاهه لطف الله قادري راهه طريقت ڏانهن مائل ٿيو. قادري طريقي سان وابسته ٿيڻ کان پوءِ پنهنجي علمي لياقتن ۽ ذاتي ڪوششن سان هو تصوف قادري طريقي جو مُرشد ٿيو ۽ شيخ واري منزل کي حاصل ڪيائين. عام ماڻهن کي سلوڪ ۽ معرفت سمجهائڻ خاطر هن پهريون ڪتاب ”تحفتھ السالڪين“ تحرير ڪيو. پوءِ ”منهاج المعرفت“ لکيو جيڪو ورهين جي لڳاتار وسيع مطالعي ۽ راهه سلوڪ جي گهري ڄاڻ جو ثمر آهي. سنڌي خواندن جي سهوليت خاطر هن ڪتاب ”سنڌي رسالو“ لکيو سندس رشد ۽ هدايت جي ڪري کيس شيخ المشائخ تسليم ڪيو ويو.

[b]شخصيت:
[/b]شاهه لطف الله قادري سنڌي شاعري جو وڏو سرجڻهار ۽ علمبردار ٿي گذريو آهي. هو هڪ عارف، ڪامل ۽ عالم بااصول بزرگ هو، پاڻ هڪ وڏو ۽ حق گو مجاهد هو. جيتوڻيڪ سندس طبع ۾ عجز ۽ نياز هو پر جابر کان جابر ۽ ظالم کان ظالم امير کي به مذهبي اصولن مطابق حق چوڻ کان گريز نه ڪندو هو. هن پنهنجي ڪلام ۾ ڪوڙن صوفين کي خوب ننديو آهي. هو وڏو بيباڪ بزرگ هو ۽ هن جو روح رب جي طلب ۾ مسرور هو.
”هو جي رمي گڏيا رحمان کي، سي سامي بيباڪ“
سندس وفات جي ڪا به خبر نٿي پوي ۽ نه وري سندس آخري آرام گاهه جو ڪو پتو پوي ٿو.

[b]وفات:
[/b]شاهه لطف الله قادري اندازاً 1169صدي هجري مطابق 1679ع ۾ تقريباً 70 سالن جي وڏي ڄمار ۾ غالباً اگهم ڪوٽ ۾ وفات ڪئي. سندس آخري آرام گاهه بات ڪا به معلومات نٿي ملي.

[b]تصنيفون:
[/b]شاهه لطف الله قادري جون ٽي تصنيفون آهن.
(1) ”تحفتھ السالڪين“
اهو ڪتاب علم سلوڪ ۽ راهه طريقت جي باري ۾ لکيل آهي هي ڪتاب في الحال دستياب نه ٿي سگهيو آهي.
(2) ”منهاج المعرفت“
هي ڪتاب سلوڪ ۽ طريقت جي باري ۾ فارسي ٻولي ۾ لکيل آهي. هڪ ڪتاب ڄڻ معرفت الاهي جو دستور آهي ”تصوف جي سلسلي جو هڪ معياري ڪتاب آهي. هي هڪ خالص علمي ڪتاب آهي لطف الله قادري کي اهو احساس ٿيو ته سلوڪ جي انهن نڪتن کي سنڌيءَ ۾ پڻ سمجهايو وڃي ته هوند فيض ۾ وڌيڪ عام ٿئي. انهي احساس ۽ جذبي هيٺ گهڻو ڪري ڪتاب جي هر هڪ باب ۾ هڪ يا ٻه سنڌي بيت شامل ڪيا ويا. هن سڄي ڪتاب ۾ ويهه يا وڌيڪ بيت ڏنل آهن.
(3) ”سنڌي رسالو.“
”منهاج المعرفت“ جوڙڻ کان پوءِ سگهو ئي شاهه لطف الله قادري وڏي چاهه ۽ ڪوڏ سان سنڌي بيتن ۾ ”سنڌي رسالو“ تحرير ڪيو جيئن ته عام سنڌي ماڻهو به پنهنجي مادري ٻولي سنڌي ۾ سولائي سان سمجهي سگهن ۽ مستفيض ٿين.

[b]شاعري جا نمايان پهلو:
[/b]موجوده ڄاڻ مطابق شاهه لطف الله قادري جو ”سنڌي رسالو“ پهريون وڏو ڪتاب آهي جيڪو سڄو سنڌي بيتن تي مشتمل آهي.
شاهه لطف الله پهريون عارف ۽ سنڌي شاعر آهي جنهن مادري ٻوليءَ جي اهميت کي محسوس ڪيو ۽ سنڌ جي عوام لاءِ سنڌي بيتن ۾ شاعري ڪئي جيئن ته هو سولائي سان ۽ وڏي ذوق سان پڙهن ۽ سمجهن.
”ته هوءِ سنڌي وائي، سَهلو ٻُجهڻ اٻوجهن.“
شاهه لطف الله قادري پهريون سنڌي شاعر آهي جنهن جي ڪلام ۾ ڊگهن بيتن جوڙڻ جا ثبوت ملن ٿا ”سنڌي رسالي“ جي مُنڍ ۾ ٻه ڊگها بيت شامل آهن، جن جي هڪ بيت ۾ ڇهه مصراعون ۽ ٻئي بيت ۾ يارهان مصرائون آهن.
شاهه لطف الله قادري بيتن جي سٽاءَ ۾ وراڻ يا تڪرار قائم ڪرڻ واري روايت جو پهريون سنڌي شاعر آهي. وراڻ واري روايت شاعري ۾ تسلسل قائم ڪري موضوع کي مناسب ۽ موزون اختطام تي پهچڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿي. شاهه لطف الله قادري جي بيتن ۾ شروع واري سٽ جي وراڻ ۽ آخري سٽ جي وراڻ جا ٻئي نمونا موجود آهن پهرين سٽ واري وراڻ ”حسن جيبن جي“ جا 31 بيت ۽ آخري سٽ جي وراڻ ”آئون گهوريون مٿان تن“ 9 بيتن ۾ موجود آهي.
ڊاڪٽر نبي بخش جي راءِ ۾ ”شاهه لطف الله قادري پهريون سنڌي شاعر آهي جنهن قصن جي اُپٽار يا ڳالهه جي پچار بدران عارفانه فڪر ۽ معنوي پس منظر واري راهه کي پهريون ڀيرو سنڌي شاعري ۾ رائج ڪيو آهي.
شاهه لطف الله قادري سنڌي اساسي شاعري ۾ پهريون ڀيرو سامونڊين ۽ ناکئن ۽ جوڳين ۽ آديسين وارا تمثيلي مضمون شامل ڪيا ۽ جيڪي پوين شاعرن جهڙوڪ شاهه عنات، شاهه لطيف ۽ ٻين شاعرن لاءِ مثال بنيا.
شاهه لطف الله قادري پهريون سنڌي شاعر آهي جنهن رسالي ۾ بيتن جوڙن واري مقصد کي بيان ڪرڻ واري روايت (Innovation) جو بنياد وڌو ۽ هو ئي هن روايت جو باني مباني بنيو.
”ڪوڏان ڪيم رسالو اي فقير جوڙي بيتن،
ته هوءِ سنڌي وائي سَهلو ٻُجهڻ اٻوجهن،
پانهنجي ٻولي ڪري، سگهائين اي سکن،
لطف الله چئي، لئه پيو، وَر سکن ۽ پڙهن.“
شاهه لطف الله قادري پنهنجن بيتن ۾ آيل معرفت جي نڪتن کي مناسب ۽ موزون نموني ۾ سمجهائڻ لاءِ پهريون ڀيرو دليلن وارا عربي ۽ فارسي حوالا ڏيئي هڪ نئين روايت قائم ڪئي. جنهن کي شاهه عنات، شاهه عبداللطيف، سچل سرمست، خليفي نبي بخش لغاري ۽ ٻين شاعرن پنهنجي ڪلام ۾ استعمال ڪري وڏو فني ڪمال ڪري ڏيکاريو آهي.

[b]شاهه لطف الله قادري جي شاعري
[/b]ڊاڪٽر قاسم ٻُگهئي پنهنجي ڪتاب ”ٻوليءَ“ ۾ لکيو آهي ته ”شاهه لطف الله قادري سنڌي شاعري جي دنيا جو وڏو ۽ اهم نالو آهي جنهن جي ڪلام جي ذڪر کان سواءِ سنڌي اساسي (Classical) شاعري جو ذڪر ۽ مطالعو اڻپورو ٿيندو.“

شاهه لطف الله قادري هڪ منفرد ۽ ناميارو اساسي سنڌي شاعر آهي، هو قاضي قادن ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري جي وچ واري مضبوط ڪڙي آهي. شاهه لطف الله قادري جي ڪلام جي مطالعي کان سواءِ اساسي شاعري جي فني ۽ فڪري ارتقاء ۽ عروج کي سمجهڻ ممڪن ئي ناهي.
غالباً سنڌي شاعري جي شروعات ”دوهي“ يا ”ڏوهيڙي“ جي صنف سان ٿي. دوهي يا ڏوهيڙي جي صنف مان ڳاهه ڳيچ، مدح، سِٺ ۽ بيت واريون صنفون اُسريون. سومرن جي دور وارو ”دودي چنيسر جو قصو“ هڪ وير ڪٿا (Epic) آهي. جيڪو سنڌي دوهن ۾ رچيل آهي.
”ويهه پڄاڻان پيءَ جي، آءُ چنيسر آءُ،
ڀاڳ سٻاجهو تنهنجو، توکي ڀلي ڄڻيو ماءُ.“
دودي چينسر وارو قصو. سنڌي ادب جو انمول سرمايو آهي. قاضي قادن کان اڳ ۾ شيخ حماد جمالي، شيخ اسحاق آهنگر، ماموئي فقيرن، مخدوم احمد ڀٽي، مخدوم پير محمد لکوي، مخدوم نوح، سيد علي ثاني ۽ ٻيا شاعر ٿي گذريا آهن جن جا بيت ٻن مصراعن وارا آهن، سيد علي ثاني جو هڪ چئن مصراعن وارو شعر به مليو آهي.
سرتين سانگ سکڻ جو، مون کي وريو رهائين،
آءُ ٿي هلان هوت ڏي، هوٿيون واريو وهارين،
وريتيون ورن سين، ويٺيون گهر گهارين،
کهندا ٿيون کارين، ڪا نه هلندي هوت ڏي.“
ڊاڪٽر قاسم ٻگهئي مطابق قاضي قادن جي سموري ڪلام ۾ صرف ٻه بيت ٽن سٽن کان وڌيڪ جا ملن ٿا. قاضي قادن جي ڪلام ۾ دوهي کان وٺي سورٺي، دوها سورٺا ميل ۽ بيت جي ارتقاءَ واريون سڀ صورتون موجود آهن.“
شاهه عبدالڪريم جي ڪلام ۾ آيل 92 بيتن مان صرف ٻه بيت ٽن سٽن وارا آهن ۽ باقي بيت ٻن سٽن وارا آهن. انهن 90 بيتن ۾ 31 دوها، 17 سورٺا، 25 دوها سورٺا ميل ۽ 17 بيت آهن.
شاهه لطف الله قادري جي ڪلام ۾ بيت جي ارتقاءَ واريون سموريون صورتون صاف ۽ واضح طور جرڪندي نظر اچن ٿيون. هن جي ”سنڌي رسالي“ ۾ ڪل 360 بيت موجود آهن، جن مان ٻه بيت اڻپورا آهن. باقي رهيل 358 بيتن مان 91 بيت ٻن سٽن وارا، 46 بيت ٽن سٽن وارا، 186 بيت چئن سٽن وارا، 30 بيت پنجن سٽن وارا، 6 بيت ڇهن سٽن وارا ۽ 2 بيت ستن سٽن وارا آهن. شاهه لطف الله قادري جا گهڻا بيت ڇهن ۽ يارهن سٽن وارا آهن. هن جي ڪلام ۾ ٻه ”دوها“ به آهن.
سڪ تنهنجي سپرين، من ۾ ٻارئي مچ،
اوءِ کامي تنهن ڄمار ۾، عاشق ٿيا سچ.
*-*-*
جو انانگهه، تنهن ۾ ڪيائون تڪيا،
اوءِ نه ڪنهن پير نه پُڄري، اندر وه ويا.
”منهاج المعرفت“ مان هٿ آيل بيتن جو تعداد 20 يا ان کان وڌيڪ آهي، جن مان 1 بيت ٻن سٽن وارو، 10 بيت چئن سٽن وارا، 7 بيت پنجن سٽن وارا، 1 بيت ڇهن سٽن وارو ۽ 1 بيت ستن سٽن وارو آهي.
جيئن جيئن شعر ترقي ڪندو رهيو، اُن ۾ اضافا ڪرڻ جي ضرورت وڌندي رهي آهي.
(1) شاهه لطف الله قادري قصي جي اپٽار يا ڳالهه جي پچار بدران معنيٰ ۽ خيال کي نروار ڪرڻ جي روايت جوڙي.
(2) شاهه لطف الله قادري معرفت جي نڪتن کي چٽائي ۽ وضاحت سان بيان ڪرڻ جي لاءِ سنڌي شاعري ۾ پهريون ڀيرو عربي ۽ فارسي حوالن کي استعمال ڪيو.
(3) بيت جي فني سٽاءَ کي وسعت بخشڻ جي لاءِ شاهه لطف الله قادري بيت جي مصراعن ۾ اضافو ڪيو. هن گهڻن مصراعن وارا بيت سرجيا جن کي ”سنڌي“ يا ”ڪبت“ چئبو آهي. هن جي ڪلام جي منڍ ۾ گهڻن مصراعن وارا ٻه بيت ڏنل آهن، جن مان هڪ بيت ڇهن مصراعن وارو ۽ ٻيو بيت يارهن مصراعن وارو آهي.
(4) شاهه لطف الله قادري بيت جي سٽاءَ کي وڌيڪ موثر، دلچسپ توجه طلب بنائڻ لاءِ وراڻ يا تڪرار جي روايت کي رائج ڪيو، شاهه ڪريم جي ڪلام ۾ وراڻ جي جهلڪ نظر اچي ٿي پر اُهو شاهه لطف الله قادري آهي، جنهن وراڻ جي روايت کي سنڌي شاعري ۾ پختگي بخشي. وراڻ جي تسلسل جي ذريعي هن ڪيترن ئي بيتن ۾ پنهنجي خيال کي واضح ۽ چٽو بنايو آهي.
شاهه لطف الله قادري برجستو تخليقڪار ۽ بيمثال شاعر آهي. هن پنهنجي ڏات، ڏانءُ ۽ قابليت جا سمورا طور طريقا استعمال ڪري سنڌي شاعري کي موضوعاتي ۽ فني نموني ۾ ترقي جي مٿاهين منزل تي پهچايو آهي. هن سنڌي شاعري جي مستقل واڌاري لاءِ تجربا ڪري صحيح ۽ قابل عمل واٽون گهڙيون آهن.

[b]ڪلام جا مضمون:
[/b]شاهه لطف الله قادري ”سنڌي رسالي“ کي ستن قسمن يا بابن ۾ ورهايو آهي، پهرين قسم جو مضمون آهي وحدت، ٻئي قسم جو مضمون آهي سلوڪ ۽ سالڪن بابت، ٽئي قسم جو مضمون آهي. صفت ۽ ڪلمن بابت چوٿين قسم جو مضمون آهي وحدت ۽ موحدن بابت، پنجين قسم جو مضمون آهي، عشق ۽ عاشقن بابت ڇهين قسم جو مضمون آهي فڪر ۽ فقيرن بابت ۽ ستين قسم جو مضمون آهي پير، مرشد ۽ جوڳين بابت ٻيا مضمون.
سيد حسام الدين راشدي پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ادب“ ۾ شاهه لطف الله قادري جي ڪلام جي مضمونن جو ذڪر ڪندي لکيو آهي ته ”زياده تر ترڪ دُنيا، توڪل، بي ثباتي ۽ فنا جا مضمون بيان ڪيا آهن.“

[b]زندگي ۽ موت:
[/b]شاهه لطف الله قادري پنهنجي شاعري ۾ زندگي ۽ موت ۽ دُنيا جي فنا وارن مضمونن کي پنهنجي خداداد ڏات ۽ قابليت سان شاعرانه ڪاريگري سان بيان ڪري پنهنجي اندروني لياقتن جو پڪو ثبوت پيش ڪيو آهي. هو چوي ٿو ته زندگي جو سفر ڏاڍو اڻاگو آهي. جيڪي رب تي ڀروسو ڪندا، سي ئي منزل ماڻي سگهندا.
”جنهن پنڌ نهايت ناهه ڪا، نڪو انت نه ڇيهه،
سو ڪروڙين ڏسي ڪَنبيا، ڏوران ڏاڍو ڏيهه،
اُٿ هلڻ حيرت ۾ ڏيئو، چيتان تون چيلهه،
اوري ڪرمَ آسرو، ورچي تون مَ ويهه،
ثابت ٿي سبحان سين، منجهه حقيقت پيهه،
ته سوئي پيس ڏيهه، جنهن کي سِڪي سڀڪو.“

[b]سلوڪ ۽ طريقت جي وضاحت:
[/b]شاهه لطف الله قادري پنهنجي خاص مضمون سلوڪ ۽ طريقت جي خوب وضاحت ڪئي آهي. هن حق ۽ حقيقت جي تلاش ۾ طالبن ۽ سالڪن جي جدوجهد کي تمثيلي طور سامونڊي ناکئن جو منزل ڏانهن هلڻ ۽ جوڳين ۽ آديسين جو سندن ياترائن خاطر ڪشالا ڪڍڻ سان ڀيٽي تفصيلي سمجهاڻي ڏني آهي.
مئي متي مهراڻ ۾، جي وڃي پاڻ وجهن،
نه سي اوري نه پري، اوءِ اندر وه وڃن،
تن منجهان منجهه تڪيا، اوءِ منجهان منجهه رهن،
سي پيٺا تِت وڃن، ناهه نهايت ڇيهه جي.

[b]پير ۽ مرشد:
[/b]شاهه لطف الله قادري قسم ٽئي هيٺ پيرن، مرشد ۽ سندن منزل کي تمثيل طور جوڳين، فقيرن ۽ سندن تڪين ۽ تيرٿن سان ڀيٽي ڪمال ڪري ڏيکاريو آهي.
”ڪِني مَٿي ڇَٽ منڊيا، ڪي مور ڇل وارين،
ڪي پايو دونهون اُتر سامهيون، ويٺا پاڻ پچائين،
ڪني پاتا ڪُنر ڪاپڙين، ڪي بَسِمي لائين،
ڪي پهوگفُائين گوسايا، پاڻ تَهين ساڙين،
آديسي اوءِ آهين، جن پيهي سُبحان پروڙيو.“

[b]توحيد:
[/b]شاهه لطف الله توحيد جي مضمون کي سمجهائيندي چوي ٿو ته حقيقي وجود صرف ذات مطلق جو آهي، هر هنڌ ذات مطلق جو جلوو روان ۽ دوان آهي. ڪائنات جا سمورا روپ هن ذات مطلق جا پرتوَ آهن. حق جو سچو طالب اُهو آهي جيڪو هن حقيقت کي سمجهي پنهنجو پاڻ کي فنا ڪري ڇڏي ٿو.
”حقائين حق ٿيا، حقان ٿين حق،
عقل وِياچ مَ اُن سين، جِني ذات مطلق،
لا وجود شئي، غير الله، اي ساري پڙهيائون سبق،
سي واري وحدت ورق، او نسوروئي ناههِ ٿيا.“

[b]وحدت ۽ ڪثرت:
[/b]شاهه لطف الله قادري سمنڊ ۽ لهرن جي ذريعي وحدت ۽ ڪثرت کي ڪمال ڪاريگري سان سمجهايو آهي. جهڙي طرح سمنڊ ۾ موج اچي ٿي ته لهرون اُڀري نروار ٿين ٿيون ۽ پوءِ وري ٿوري دير کان پوءِ موٽي سمنڊ ۾ ملي وڃن ٿيون. اهڙي طرح وحدت مان ڪثرت پيدا ٿيندي آهي. جيئن لهرن کي پنهنجو ڪو حقيقي وجود ڪو نه آهي تيئن ڪثرت به ڪو حقيقي وجود نٿي رکي.
سمنڊ کيون ساهه، ڪوڙين موج اُڀريا،
ڪي اُجهامي اُٿيا، اُن آهي پر اِها،
سڀئي ڪون مڪان، سي پَسئي، سي ٿيا،
الا انھ بڪل، شئيءِ محيط مڙوئي درياءَ.
حق جو طالب وحدت ۽ ڪثرت کي سمجهي ٿو ته هن جو عقل حيران ٿيو وڃي ٿو.
ذات ۽ صفات جو مسئلو صوفي بزرگن لاءِ بحث جو موضوع رهيو آهي. اُنهن جي نظر ۾ مختلف مظهر ذات مطلق جون ته صفتون آهن. انهيءَ ڪري هو سوچن ٿا ته صفتون ذات مان آهن، پر اُنهن صفتن مان ذات کي سُڃاڻي سگهجي ٿو. انهي خيال کي شاهه لطف الله قادري هن نموني سمجهايو آهي.
صفت ذاتيان نڱئي، ۽ پڻ صفتان ذات،
چئي ذات صفت کي، جم وراهين وات،
اِي گُجهي آهي ڳالهڙي، پردي اندر پهات،
سائي مسلماني ذات، سائي ڪافري هيڪڙو.“
صفت کي ذات چوڻ جي بدران صفت مان ذات کي ڳولهي لهڻو آهي.انهي ڪري سالڪ لاءِ ضروري آهي ته هو ذات مطلق جي معرفت حاصل ڪري، خودي کي ماري ۽ پنهنجو پاڻ کي فنا ڪري ڇڏي. اها اونهي حقيقت تڏهن حاصل ٿيندي جڏهن عشق جي اڳواڻي قبول ڪري، وجود کي وساري ڇڏيو وڃي.

[b]شاعري ۾وراڻ جو سلسلو
[/b]شاهه لطف الله قادري بيتن جي سٽاءَ ۾ ”وراڻ“ يا ”تڪرار“ کي شامل ڪري وڏو ادبي ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي. وراڻ يا تڪرار جي ڪري سندس ڪلام ۾ دلچسپي ۽ رنگا رنگي پيدا ٿي ويئي آهي. ۽ عام فهم ماڻهو به سندس ڪلام طرف متوجه ٿي ويا آهن.
وراڻ يا تڪرار جي سٽاءَ هڪ فني معاملو آهي. انهي موجب شاعر هڪ کان وڌيڪ بيتن ۾ ساڳئي مضمون کي ڪمال ڪاريگري ۽ دانشمندي سان ورجائڻ واسطي ڪي ساڳيا لفظ، اصطلاح يا فقرا ورائي ورائي ڪم آڻيندو آهي. هو خيال يا معنيٰ خيز نڪتن کي چٽائي سان پيش ڪندو آهي جيئن ته اُنهن جي تصديق يا توثيق ٿي سگهي. شاهه لطف الله قادري جي ڪلام ۾ وراڻ جو سلسلو تسلسل ۽ تفصيل سان نظر اچي ٿو. شاهه قادري جي پيشروُ شاهه عبدالڪريم جي ڪلام ۾ وراڻ جي جهلڪ موجود آهي. شاهه ڪريم وحدت ۽ خودي جي ماهيت کي ائين بيان ڪيو آهي:
پاڻ ئي سلطان، پاڻ ئي ڏي سنيهڙا،
پاڻ ڪر، پاڻ لهي، پاڻ سڃاڻي پاڻ.
*-*-*
سوئي سلطان، شاهه سو، سوئي پيڙهي راءِ،
سوئي حڪم هلائي عالم ۾، سوئي ڏيکاريندڙ راهه.
شاهه ڪريم انهن ٻنهي بيتن ۾ پاڻ ۽ سوئي لفظن کي ورجائي وراڻ واري ڪيفيت پيدا ڪئي آهي.
شاهه لطف الله قادري باقائدگيءَ سان پنهنجي ڪلام ۾ وران جو استعمال ڪري رنگ رچايا آهن، منڊ مچايا آهن. جيڪڏهن شاهه لطف الله قادري کي ”وراڻ“ جو خالق سڏجي ته اُن ۾ ڪو مبالثو ڪو نه آهي. وراڻ يا تڪرار جون ٻه صورتون هونديون آهن. بيت جي پهرين سٽ جي پهرين اڌ کي وراڻ طور استعمال ڪبو آهي ۽ آخري سٽ جي پهرين اڌ کي وراڻ طور استعمال ڪبو آهي. شاهه لطف الله قادري جي ڪلام ۾ وراڻ جون هي ٻئي صورتون موجود آهن. شروعات واري وراڻ جا 12 مثال ملن ٿا. مثال طور پهرين وراڻ ”عقل اُت او ڇوڻ ٿيو جا ٽي بيت، ”مئي مٿي مهراڻ ۾“ جا ٻه، بيت ”واجهائيندي وجهلي“ جا 2 بيت، ”سڪ تنهنجي سپرين“ جا 17 بيت، ”آءُ اکڙين ۾“ جا 2 بيت، ”نانگا سؤرا ٿيا“ جا 7. بيت، ”نه گدا نه گبري“ جا 8 بيت، ”نه ڪين هيٺ نه هيٺ ڪين.“ جا 5 بيت، ”هٿ جنين جا ٽامڙا“ جا 5 بيت ”جيجل جوڳيئڙن جو“ 3 بيت آهن، آخري سٽ جي وراڻ ”آءُ گهوريو مٿان تن“ جا 9 بيت آهن.
شاهه لطف الله قادري جي وراڻ ”حسن حبيبن جي“ جي سلسلي جا سچا سارا 31 بيت آهن. وراڻ جي سلسلي جا ايترا بيت ڪنهن ٻئي سنڌي شاعر ڪو نه سرجيا آهن. انهيءَ جو شرف شاهه لطف الله قادري کي آهي. لوڪ شاعرن ۽ شرف سگهڙن وراڻ جي سلسلي جا ان کان وڌيڪ بيت گهڙيا هوندا. اُنهن کي داد ڏيڻ لازمي آهي.
شاهه لطف الله قادري ”حسن حبيبن جي“ جي وراڻ جا 31 بيت سرجيا آهن. اچو ته ڪن بيتن جو مطالعو ڪريون ۽ وراڻ جي خوبين کي سمجهون:
حسن حبيبن جو، پسن جي پيهي،
توکي سڀيئي، ٻيون وڃن وسري.
*-*-*
حسن حبيبن جي پيئي جن تنوار، پرين ري،
تن ويا وسري يار، سي پسن ڪين.
*-*-*
حسن حبيبن جو، جني ڏٺو ماءُ،
تنين منجهان ڪاءِ، سُک نه سُتي ڪڏهن.
*-*-*
حسن حبيبن جي، ناهه اونهائي تَر،
تنين عاشقن سَر، وڍي ڏنا پنهنجا.
حبيبن جو حسن برق آهي، اصل شيءِ آهي، هر شيءِ کي وساري پرين طرف راغب ڪري ٿو. اُهو مسلسل بيقراري آهي ۽ ڏاڍو عميق آهي جيڪو سر وڍي عاشقن کي رب جي حضور ۾ حاضر ڪري ٿو.

[b]شاعريءَ جون خويبون
[/b]شاهه لطف الله قادري جي شاعري جي پهرين خوبي آهي مناسب ۽ موزون اسلوب جو استعمال. هو مضمون جي مطابق زبان استعمال ڪري پڙهندڙن جي شعور کي جاڳائي ٿو ۽ انهن جي روحن کي راحت پهچائي ٿو. جي مضمون سهل ۽ سولو آهي ته اُن جي لاءِ هو عام فهم ۽ سلوڻي ٻولي جو استعمال ڪري ٿو. هو دقيق ۽ پيچيده مضمون کي دقيق ۽ ڏکئي انداز ۾ بيان ڪري ڪمال ڪاريگري ڏيکاري ٿو.
شاهه لطف الله قادري جي شاعري جي ٻي خوبي آهي ته هو معنيٰ خيز نڪتن ۽ خيال کي بيان ڪرڻ لاءِ اُستادانه ۽ بزرگانه طرز تحرير جوڳوڙهو ۽ ڳنڀير استعمال ڪري ٿو. هو پنهنجن پيتروئن قاضي قادن ۽ شاهه ڪريم جي قصن ۽ داستانن بدران نج فڪر ۽ خيال کي اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. هو تزڪيه نفس ۽ اخلاقي تربيت خاطر خالق جي سڃاڻ ۽ مخلوق سان محبت جو درس ڏکئي ٻولي ۾ ڏئي ٿو.
راهه شريعت هليا، تفڪر طريق ٿئون،
حال حقيقت رسيا، حرڪت حرص وئون،
لئه لاهوت لڱيا، وحدت وضالون،
پسي پيٺا حق باغ ۾، فنا فرق پئون،
پسو پنڌ سندون، اوءِ وجودان وهي ويا.
شاهه لطف الله قادري جي شاعري جي ٽئي خوبي آهي. تمثيلن جو فنڪارانه استعمال. لطف الله قادري پهريون سنڌي شاعر آهي، جنهن پنهنجي شاعري ۾ سامونڊين ۽ ناکئن ۽ جوڳين جو استعمال ڪيو آهي. هن سامونڊين ۽ ناکئن جي پيڙا ۽ مشڪلاتن کي طالبن ۽ سالڪن جي جدوجهد سان ڀيٽي خوب ڪمال ڪيو آهي. هن جوڳين ۽ آديسين جي ياترائن لاءِ ڪڍيل ڪشالن کي معرفت جي منزل حاصل ڪرڻ وارن سالڪن جي جدوجهد سان ڀيٽي پنهنجي ڏات ۽ قابليت جو وڏو ثبوت پيش ڪيو آهي.
شاهه لطف الله قادري جي شاعري جي چوٿين خوبي آهي وراڻ يا تڪرار جو اعليٰ ۽ عمده استعمال. هن پنهنجي ڪلام ۾ وراڻ جا مختلف نمونا پيش ڪري پنهنجي ڪلام کي دلچسپ ۽ دل پسند بنايو آهي. هن ”حسن حبيبن جي “جي وراڻ کي 31 بيتن ۾ استعمال ڪري وڏو ڪمال ڪيو آهي.
حسن حبيبن جو ڀتون ڀتين روءِ،
جاري عاشق ٿيا هوءِ، پسي پر پرين جي.
*-*-*
حسن حبيبن جي، گرهڻ ڪانھ ڳت،
ڪا ڪا آهي تِت، سا اندر ڪُهيو اڌ ڪري.
*-*-*
حسن حبيبن جي، پئو جنين پڙاءُ،
سي ويا پاڻ ڳراءُ، پسن ڪين پري ري.
شاهه لطف الله قادري جي شاعري جي پنجين خوبي آهي نون ۽ نرالين تشبيهن ۽ چوڻين جو نئون ۽ نرالو استعمال.
الله سندي راڄ ۾، جو کٽي سوکاءِ.
*-*-*
فنا فاني جي ٿيا، من تِنين سين ميڙ.
ڪمتر سي ڏسجن، جنين آهه اوڙاهه جي.

[b]شاهه لطف الله قادري جون ادبي ايجادون:
[/b]شاهه لطف الله قادري وڏو ڏات ڌڻيءَ هو. هن پنهنجي شاعرانه ذهانت ۽ قابليت استعمال ڪري ڪيتريون ئي ايجادون قائم ڪيون ۽ سنڌي شاعري کي سگهارو بنايو.
شاهه لطف الله قادري پهريون سنڌي شاعر آهي، جنهن شاعري جي مقصد کي بيان ڪرڻ جي روايت جو آغاز ڪيو. هوئي هن نئين روايت (Innovation) جو باني مباني آهي. هن جي زير اثر شاهه لطيف ڀٽائي، سچل سرمست، سامي ۽ ٻين شاعرن پنهنجي شاعري جي مقصد کي کُلي طرح بيان ڪيو آهي.
شاهه لطف الله قادري پهريون سنڌي شاعر آهي جنهن خيالن جي طوالت خاطر سنڌي بيت کي ٻن سٽن جي پابندي کان آزاد ڪري گهڻن مصراعن جا ڊگها بيت تحرير ڪيا جن کي سنڌي يا ڪبت چيو ويندو آهي. ٺٽي جي سنڌي شاعرن مخدوم ابوالحسن، مخدوم ضيالدين، مخدوم محمد هاشم، مخدوم عبدالله ۽ ٻين شاعرن لطف الله قادري جي ڊگهن بيتن کي ڪاريگري سان استعمال ڪري ڊگهن بيتن جي شاعري کي عروج تي پهچايو.
شاهه لطف الله قادري پهريون سنڌي شاعر آهي جنهن ”وراڻ“ يا ”تڪرار“ جي روايت جو بنياد رکيو. هن وراڻ جي روايت سان پنهنجي شاعري ۾ رس رچاءَ، لطافت ۽ رنگا رنگي کي ڀرپور نموني ۾ اُجاگر ڪيو آهي. هن جي واٽ تي هلندي شاهه عنات رضوي، شاهه لطيف ڀٽائي، سامي، خليفي نبي بخش لغاري ۽ ٻين سنڌي شاعرن وراڻ جي روايت کي بلندين تائين پهچايو آهي.
شاهه لطف الله قادري پهريون سنڌي شاعر آهي جنهن جي ڪلام ۾ بيت جي ارطقا واريون سڀئي صورتون ملن ٿيون. هن بيت کي ٻن سٽن جي بدران ٽن چئن، پنجن ڇهن ۽ ستن سٽن جي بلندي تي پهچايو.
شاهه لطف الله قادري پهريون سنڌي شاعر آهي جنهن پنهنجن معرفت جي نڪتن جي صداقت، توثيق ۽ تصديق جي لاءِ عربي ۽ فارسي حوالن جو استعمال ڪيو آهي. پوءِ جي شاعرن جهڙوڪ شاهه عنات رضوي، شاهه لطيف ڀٽائي، خليفي نبي بخش لغاري ۽ ٻين شاعرن جا حوالا استعمال ڪري پنهنجي ڪلام کي خوب چمڪايو آهي.

[b]شاهه لطف الله قادري ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي:
[/b]شاهه لطف الله قادري اندازاً سن 1090هه مطابق 1679ع ڌاري وفات ڪئي. شاهه عبداللطيف هن جي وفات کان ٻارهان سال پوءِ 1101هه مطابق 1668ع ۾ پيدا ٿيو. اهو ممڪن ئي ناهه ته شاهه لطيف هن جي عارفانه بيتن کان واقف نه هجي شاهه لطيف جي شاعري جو مطالعو ڪندي اِهو محسوس ٿيئ ٿو ته نه صرف هو شاهه لطف الله قادري جي ڪلام کان واقف هو پر متاثر به هو. شاهه لطف الله قادري جي ڪلام ۾ بيان جي وسعت ۽ موضوع جي وضاحت واري نوعيت جو شاهه لطيف جي اسلوب بيان تي چڱو چوکو اثر نظر اچي ٿو.
شاهه لطيف جي بيتن ۾ شاهه لطف الله قادري جي ڪلام جو چٽو اثر پسجي ٿو. اچو ته ٻنهي اساسي شاعرن جي ڪلام کي ڀيٽي ڏسون:
(1) شاهه لطف الله قادري:
اُت آهي عجز سڀ ڪنهن کي، نه ڪري غيرت نه گاءِ.
شاهه لطيف:
مهاڻيءَ جي من ۾، نه غيرت نه گاءِ. (ڪاموڏ)
(2) شاهه لطف الله قادري:
ساهه ۾ سارين سُپرين، پساهه ۾ پسن.
شاهه لطيف:
ساهه سين سڃاڻان، پساهه سين، پسان پرين. (آسا)

(3) شاهه لطف الله قادري:
”جتي ڪون“ نه ”مڪان“ ڪو نڪو ڏينهن ۽ رات.
شاهه لطيف:
اچي پيئي ڪنن ۾، جتي ڏينهن نه رات. (سهڻي)
(4) شاهه لطف الله قادري:
مڙوئي محو ٿيو، نڪا بات خاص نه عام.
شاهه لطيف ڀٽائي:
نڪو عام نه خاص جي ويا سي وڍيا. (مومل راڻو)
(5) شاهه لطف الله قادري:
نڪو عرش نه ڪرسي، نڪو ڏينهن نه رات.
شاهه لطيف ڀٽائي:
جتي عرش نه اُڀ ڪو، ذرو ناهي زمين. (رامڪلي)
(6) شاهه لطف الله قادري:
جيجان جوڳيئڙن جون، مڙهيون مون مارين.
شاهه لطيف ڀٽائي:
آديسي اُٿي ويا، مڙهيون مون مارين. (رامڪلي)
(7) شاهه لطف الله قادري:
اوءِ هيجان هلن حق ڏونھ، ٻيون ڏيئي ٻَن.
شاهه لطيف ڀٽائي:
”هير هلندي هوت ڏي، ٻيون وجهي ٻن. (رپ)
شاهه لطف الله قادري:
سو سيڪڙو، سا سڪ، ڳالهه مڙوئي هيڪڙي.
شاهه لطيف ڀٽائي:
سو اوزار سو پراڙ، ڳالهه مڙوئي هيڪڙي. (سهڻي)

(9) شاهه لطف الله قادري:
جنھ ڪارڻ جوڳي ٿيا، جان جان سو نه پسن،
ورهه وهاڻي راتڙي، تان تان سنباسين.
شاهه لطيف ڀٽائي:
جنهن ڪارڻ جوڳي ٿيا، جان جان سو نه پسن،
تنا تان سناسين، ورهه وهاڻي راتڙي.
(رامڪلي)
(10) شاهه لطف الله قادري:
ُٻجهي ٿين اٻوجهه، پاڻ وڃائي پاهنجو،
هوئين جي سٻوجهه، ته ٻُجهه مَ ٻُڙي جيترو.
شاهه لطيف ڀٽائي:
پريتڻي پرينءَ سين، سڪڻ ڪي سٻوجهه،
هئي گهڻو اٻوجهه، سورن سنهائي سسئي.
(سسئي)
مٿين مثالن جي ڀيٽ مان معلوم ٿيئي ٿو ته شاهه لطيف پنهنجي پيشروءَ شاهه لطف الله قادري جي بيتن کان نه رڳو واقف هو، پر متاثر به هو. شاهه لطف الله قادري ۽ شاهه لطيف جي لفظن، فقرن ۽ اهڃاڻڻ ۾ ڪافي مناسبت آهي. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي لفظن ۾ ”شاهه لطف الله قادري جون ڪي ساڳيون مصرائون شاهه لطيف جي ڪلام ۾ ضم ٿيل آهن، ان کان سواءِ لفظن توڙي معنيٰ جي لحاظ سان پڻ شاهه صاحب پنهنجا ڪي بيت شاهه لطف الله قادري جي بيتن کان متاثر ٿي چيا.

[b]شاهه لطف الله قادري جي عبارت:
[/b]ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“ ۾ لکيو آهي ته ”شاهه لطف الله قادري جي ڪلام ۾ مسئلي جي اُپٽار نهايت دقيق انداز ۾ ملي ٿي ۽ هن جي سمجهاڻي ايتري عام فهم ناهي جيتري شاهه ڀٽائيءَ جي ڪلام ۾ آهي. زبان ان جو پهريون سبب آهي. اهو اڌ سچ آهي. سنڌي شاعري جو ڏات ڌڻي شاهه لطف الله قادري نه صرف بيباڪ شاعر هو پر هڪ وڏو عالم ۽ صوفي بزرگ هو. هن جي ذهانت ۽ قابليت قابل قدر آهي. هو سوچڻ، سمجهڻ ۽ غور ڪري لکڻ جو عادي آهي. هن جو اسلوب بيان مضمون جي مطابق هوندو آهي. جي مضمون عام فهم ۽ آسان آهي ته هن جي طرز تحرير به عام فهم ۽ آسان هوندي آهي. جي هن جو مضمون پيچيده ۽ ڏکيو آهي ته هو ڏکئي ۽ دقيق ٻولي استعمال ڪندو آهي. هن جي عبارت مضمون جي مطابق موزون ۽ مناسب هوندي آهي.
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي راءِ موجب ”هو (شاهه لطف الله قادري) سنڌي بيتن ۾ محض ڪنهن قصي يا ڳالهه جي بدران معنيٰ ۽ خيال جي اپٽار جو باني مباني آهي. هن عمداً ۽ ارادتاً علم سلوڪ ۽ معرفت جي ڳوڙهن نڪتن کي سنڌي بيتن ۾ ورجايو.“ شاهه لطف الله قادري جي عبارت عين مضمون جي مطابق آهي. هن جو مضمون سلوڪ ۽ طريقت جي اپٽار آهي. ان جي اپٽار عام فهم ۽ سلولي ٻوليءَ ۾ ڪرڻ وڏو ڏکيو ڪم آهي. انهي ڪري هن پيچيده مضمون جي اپٽار لاءِ پيچيده ۽ ڏکئي زبان جو استعمال ڪيو آهي. هن رب جي وحدت جو ذڪر مشڪل لهجي ۾ ڪيو آهي.
”سوئي رزاق رب سو سوئي سو جليل،
سو ئي عالم، علام سو، سوئي سو خليل،
سوئي هادي، هدايت سا، سوئي سو دليل،
جي ڪثير، جي قليل، سو سوئي سپرين.“
شاهه لطف الله قادري عام فهم مضمون جي لاءِ عام فهم، سولي ۽ سلوڻي ٻوليءَ جو استعمال ڪري پنهنجي ڪلام ۾ رنگيني دلنشيني ۽ لطافت ڀري ڇڏي آهي.
”سڪ تنهنجي سپرين، ڪيئن لهندي مون،
هينئڙي اندر تون، جي جاڳان، جي سمهان.“
*-*-*
”سڪ تنهنجي سپرين چريو ڪيئن چت،
اور اُڀا سپرين سِمث، ٻي ڏونھ پسڻ ناه ڪين.“

حسن حبيبن جو، پسين جي هيڪار،
ته توکي سڀ ڄمار وڃي اُڃ ورهين جي.“
*-*-*
حسن حبيبن جو، ڏٺو جيئن برق،
سي پايو لوڪ فرق سدا پوڻن سڪيا.
*-*-*
”نه گدا نه گبري، نڪي لاڳاپو سين لوڪ،
ساميڙا ڇڏي ٿوڪ، نانگا نسورا ٿيا.“
*-*-*
جيجان جوڳيئڙن جو، مون جو ڏٺو حال،
ائن ماءِ تن جو مال، نه ڦيرو اُن کي.
شاهه لطف الله قادري پنهنجي عبارت کي حسين، رنگين ۽ دلنشين بنائڻ جي لاءِ تشيهن، محاورن ۽ تجنيس حرفي جو ڪمال ڪاريگري ۽ فني مهارت سان استعمال ڪري وڏا منڊ مچايا آهن. مضمون جي پيچيدگي جي باوجود شاهه لطف الله قادري عام فهم تشبيهن جي ذريعي ڳوڙهن مسئلن جو سولو ۽ سلوڻو اظهار ڪيو آهي.
سمنڊ کنيو پساهه، ڪوڙين سج اُڀريا.
*-*-*
سڀئي وهيا واهڙا، اڌ مئو مهراڻ.
*-*-*
سوئي پاڻ کوهين، سوئي سمنڊين هوءِ.
*-*-*
هيڪڙو سالڪ، ڳالهه مڙيو ئي هيڪڙي.
شاهه لطف الله قادري جا محاورا ۽ تشبيهون پنهنجو مٽ پاڻ آهن.
ڳُجهي پريان ڳالهڙي، اوکي پروڙن هوءِ.
*-*-*
آديسي اوءِ آهن، جن پنهنجو سُبحان پروڙيو.
*-*-*
سپيريان جي ڳالهڙي، لکين دليلي.
*-*-*
سو پيچرو، سا سِڪ، ڳالهه مڙوئي هيڪڙي.
*-*-*
آئون گهوريو مٿان تن، جن الله اوڙکيو ڪاپڙين.
تجنيس حرفي سنڌي شاعري جي سونهن آهي، سينگار آهي ۽ سڃاڻپ آهي. شاهه لطف الله قادري ڏکئي مضمون جي باوجود تجنيس حرفي جو عمدو ۽ عاليشان استعمال ڪري ٿو.
نڪو اوري نه پري، نڪي وچ نه پاند،
پري پانهين پاڻ سين، هئن ۽ هيڪاند،
نڪو وچ نه وساند، مڙوئي مطلق سو.
*-*-*
واجهائيندي وجهلي، ويئڙ ورهه وَهي،
هائي سگهان ڪين سهي، ڪئن مڙيو سڄڻين.
شاهه لطف الله قادري جي عبارت شعور کي جاڳائڻ واري ۽ روح کي ريجهائڻ واري آهي. سندس عبارت جو لهجو ڌيان ڇڪائيندڙ آهي. عام فهم ۽ سلوڻي سنڌي ۾ هن سلوڪ ۽ طريقت ڳوڙهن نڪتن کي سولي نموني سمجهائي روحن کي روشن ڪيو آهي ۽ پنهنجي ذهانت ۽ قابليت جو حيران ڪن نموني ۾ اظهار ڪيو آهي.

[b]شاهه لطف الله قادري جي ڪلام جي اهميت:
[/b]ڊاڪٽر قاسم ٻگهئي پنهنجي ڪتاب ”ٻولي“ ۾ لکيو آهي ته ”لطف الله قادري ئي اُهو وڏو ۽ بنيادي سنڌي شاعر آهي، جنهن جي ڪلام تي ئي سنڌي ترقي يافته ۽ سُڌريل شاعري جي ديوار کنيل آهي.“

شاهه لطف الله قادري جون ٽي تصنيفون آهن، جن مان ”منهاج المعرفت“ ۽ ”سنڌي رسالو“ موجد آهن ”تحفة السالڪين“ ۽ ”منهاج المعرفت“ ٻئي فارسي ٻولي ۾ لکيل آهن. انهن ڪتابن ۾ سلوڪ ۽ معرفت جي مختلف مرحلن جي سمجهاڻي ڏنل آهي. شاهه لطف الله قادري هڪ قابل قدر تعليمي ماهر هو. پنهنجي تعليم پوري ڪرڻ کان پوءِ خود قادري طريقي جي مرشد ۽ شيخ واري منزل حاصل ڪئي. هن ٻين کي سمجهائڻ خاطر ”تحفة السالڪين“ ۽ ”منهاج المعرفت“ فارسي ٻولي ۾ تحرير ۽ ٽيون ڪتاب سنڌي رسالو“ سنڌ جي خواندان جي سهوليت خاطر جوڙيو. هن کي اهو احساس هو ته سلوڪ جي انهن معنيٰ خير نڪتن کي سنڌي ٻوليءَ ۾ به سمجهايو وڃي. انهي ڪري هن منهاج المعرفت جي هر باب ۾ هڪ يا ٻه سنڌي بيت شامل ڪيا. هن جي تصوف واري يادگار ڪتاب ۾ ويهه يا اُن کان وڌيڪ سنڌي بيت شامل آهن.
سنڌي رسالي جوڙڻ وقت لطف الله قادري کي اهو احساس هو ته سنڌي ۾ سلوڪ جي نڪتن کي سمجهائجي. هن وڏي چاهه ۽ شوق وچان مادري ٻوليءَ سنڌي ۾ ”سنڌي رسالو“ جوڙيو. هن رسالي ۾ ست قسم جا باب آهن ۽ ڪل 379 بيت آهن. رسالي جوڙڻ وقت شاهه لطف الله قادري جو مقصد شاعري نه مگر تعليم هو. سندس نظريئي مطابق مادري ٻولي ۾ ماڻهو سولائي سان چاهه منجهان سمجهي سگهن ٿا.
غالباً سنڌي شاعري جي شروعات ٻن سٽن واري صنف ”دوهي“ يا ”ڏوهيڙي“ سان ٿي. سومرن جي دور وارو ”دودي چينسر جو قصو“ دوهن ۾ رچيل آهي. اُن کان پوءِ وارن شاعرن شيخ حماد جمالي، اسحاق آهنگر، ماموئي فقيرن، مخدوم احمد ڀٽي، مخدوم نوح، پير محمد لگوي، شير علي شيرارن ۽ ٻين بيت کي ٻن سٽن تائين محدود رکيو. حيرت انگيز طور تي شير علي شيرازي جو هڪ بيت چئن سٽن وارو به ملي ٿو.
قاضي قادن جو ڪلام به ٻن سٽن بيتن تي مشتمل آهي. سندس ڪلام ۾ بيت جي ارتقاءَ واريون سموريون صورتون ملن ٿيون.

شاهه ڪريم جي 92 بيتن مان ٻه بيت ٽن سٽن وارا آهن باقي 90 بيت ٻن سٽن وارا آهن.
شاهه لطف الله قادري پهريون اساسي سنڌي شاعر آهي، جنهن پنهنجي نئين ۽ نرالي ڏات ۽ ڏانءُ جي ذريعي بيت کي ٻن سٽن جي پابندي کان آزاد ڪري اُن کي ٽن چئن، پنجن ڇهن ۽ ستن سٽن تائين فروغ ڏنو ۽ بيت جي آئيندي جي ترقي ۾ وڏو اضافو ڪيو.
شاهه لطف الله قادري جي ٽن سٽن واري بيت کي پڙهي ڏسو.
هئا جرجي ذات، جر منجهان ٿي لگيا،
عقل وياچ مَ ان سين، هي جي منجهه منجهائين ويا،
هو عينو ئي عين ٿيا، نڪو اسم نه جسم ڪو.
شاهه لطف الله قادري چئن سٽن وارا گهڻائي بيت جوڙيا. هن چئن سٽن واري بيت کي پڙهو ۽ سرور حاصل ڪريو.
مئي متي مهراڻ ۾، هي جي پاڻ وجهن،
نه سي اوري، نه پري اوءِ اندر وه وجهن،
من منجهان منجهه تڪيا، اوءِ منجهان منجهه رهن،
سي پيٺا تت وڃن، ناهه نهايت تنھ جي.
شاهه لطف الله قادري جي پنجن سٽن وارو بيت ڏسو:
ڄِڀون جني ادا ڪرين، ڪلمو وحدت پڙهن،
هوندا سي هميشھ سينءَ، پاسي پاڻ پرين،
سو ته سليو عام کي، جيڪين ڪارڻ تن،
جتي ’ڪون‘ نه ’مڪان‘ ڪو، اوءِ پيٺا تت وڃن،
وادي منجهه رهن، جتي ڏينهن نه رات ڪا.
شاهه لطف الله قادري ڇهن سٽن وارا بيت به جوڙيا هي هڪ ڇهن سٽن وارو بيت ڏسو:
گر اڳيان گوڏو هڻي، ڪي جو ٻُڌائون،
تنھ اوسيئڙي اُٿيا، رهه پر رُنائون،
پاتائون موڳ تهين، مرڪي مُدائون،
اوءِ ڇڏي هليا سُپرين، کهه ۾ کندائون،
گنگا، گورک، هٽڙي، مڙئي ڏٺائون،
ماءُ اسي مندائون، اوءِ نه پنيون جوڳئين.
شاهه لطف الله قادري ستن سٽن وارا ٻه بيت جوڙي وڏو ادبي ڪارنامو سرانجام ڏنو ۽ بيت جي آئيندي کي روشن ڪيو. هن جي واٽ تي هلندي شاهه عنات رضوي، شاهه لطيف ڀٽائي، سچل سرمست، خليفي نبي بخش لغاري ۽ ٻين شاعرن بيت جي صنف کي عروج تي پهچايو. شاهه لطف الله قادري جي ڪلام ۾ ٻه بيت ستن سٽن وارا آهن. هڪڙو ستن سٽن وارو بيت پڙهي لطف حاصل ڪريو:
تان ڪو ڏهو پهيڙا، سنبهڙو سندون،
ڪئن پانڌيڙا پنڌ ۾، ڪنھ پر اهڃاڻون،
ڪنھ پر هلن حق ڏونهه، ڪنھ پر وصالون،
ڪئن فنا ٿيا في الله ۾، ڪنھ پر مشاهدون,
ڪهڙو حال حقيقت ان جي، ڪهون پنڌ پرون،
”لليهم تاويلھ اِلا الله“ اونهون اَنت سندون،
ڪو نه ڄاڻي منجهون، اوءِ ٻُجهڻان ٻهار ٿيا.
شاهه لطف الله قادري ستن سٽن وارا بيت جوڙي بيت جي دائري ۾ وسعت پيدا ڪئي ۽ ان کي هر قسم جي فڪر ۽ خيال جي اپٽار جوڳو بنايو.
شاهه لطف الله قادري تجربا ڪري بيت جي سٽاءَ ۾ ڪيئي تبديليون آنديون. هن ڊگها بيت جوڙي بيت کي يارهن مصراعن تائين پهچايو.
شاهه لطف الله قادري جو ڪلام گهڻن ئي موضوعاتي ۽ فني خوبين تي مشتمل آهي. هن جي ڪلام ۾ سنڌي بيت جي ارتقاءَ جون سموريون صورتون باقائدگي سان نظر اچن ٿيون. سنڌي شاعري جي ترقي ۾ هن ڪيئي ۽ اضافا ڪيا. هن جي سڌارن ۽ واڌارن کان سواءِ سنڌي شاعري اڌوري ۽ اڻپوريءَ آهي.


[b]مددي ڪتاب
[/b](1) ميمڻ عبدالغفور سنڌي. سنڌي ادب جي مختصر تاري.
(2) قاسم ٻُگهيو. ڇهه ماهي سنڌي ادب. انسٽيٽيوٽ آف سنڌيالاجي ۾ شايع ٿيل مضمون.
(3) ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو. سنڌي ادب جي مختصر تاريخ.
(4) ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ. لطيفي لات.
(5) ڊاڪٽر قاسم ٻگهيو. سنڌي ٻولي ۾ شايع ٿيل مضمون.
(6) ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ. سنڌي ادب جو تنقيد اڀياس.
(7) سيد حسام الدين راشدي. سنڌي ادب.
(8) ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ. سنڌي رسالو ۽ منهاج المعرفت جو مقدمو.