لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سنڌي ٻوليءَ جا سرجڻهار شاعر

سنڌي شاعريءَ جي مختلف دورن بابت لکيل تحقيقي مضمونن ۽ مقالن تي مشتمل هن ڪتاب جو ليکڪ پروفيسر سروپچندر شاد آهي. شاد صاحب مهاڳ ۾ لکي ٿو:
”مون پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جا سرجڻهار شاعر“ ۾ قاضي قادن کان شيخ اياز تائين جي زماني واري شاعري کي ارڙهن دور ۾ ورهايو آهي. مون تفصيل سان هر دور ۾ اڀرندڙ نقطن، مضمونن ۽ شاعرانه نمونن جو تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي.“

Title Cover of book Sindhi Boli'a ja Sarjenhaar Shair

ميان سرفراز خان ڪلهوڙو1701ع کان 1783ع

[b]نقادن جا رايا
[/b]
ميان سرفراز کي مير بهرام جي فرمانبردار ۽ وفاداري تي وڏو ناز هو پر لڳي ٿو ته راجا ليکي جي ڳالهين ۾ اچي مير بهرام جي باري ۾ بدظن ٿي ويٺو.
[b]اعجاز الحق قدوسي. سنڌ جي تاريخ
[/b]
مخدوم عبدالرؤف ڀٽي برزگ جنهن هجري 1165هه برابر 1751ع ۾ رضا ڪئي، تنهن اول سنڌي زبان ۾ ڪلام (مولود) ٺاهيا هئا. مگر اُن کان پوءِ سنڌي زبان ۾ موزون ڪلام چوڻ وارا ٻه شاعر ٿيا. هڪڙو سيد ثابت علي شاهه مرثيه گو، ۽ ٻيو ميان سرفراز خان ڪلهوڙو.
[b]محمد صديق ميمڻ. سنڌ جي ادبي تاريخ
[/b]
ميان محمد سرفراز خان ڪلهوڙو پنهنجي والد ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي وفات بعد سنڌ جي تخت تي ويٺو. فارسي زبان جو وڏو ”صاحب ديوان“ شاعر هو. هي مداح شريف، قيد جي حالت ۾ 1774ع انتهائي سوز ۽ رقت سان چيائين سنڌي ادب ۾ مدح جي شروعات ميان صاحب جي هن مداح سان ٿي. سندس مدح جو غير فاني وراڻو ڀلا ڄام، هن غلام، سندو سوال سڻج تون سنڌ ۾ هر هنڌ مشهور آهي.
[b]مداحون ۽ مناجاتون. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
[/b]
سنڌ جو هي بدنصيب ۽ ناعاقت انديش شهزادو، ڪلهوڙي بادشاهه ميان محمد غلام شاهه خان جو پٽ هو. 1772ع ۾ سنڌ جي تخت تي ويٺو. پنهنجي تخت کي محفوظ بنائڻ جي خبط ۾ پنهنجي وفادارن جي رت سان هٿ رڱيائين. قضا جي قهري ڪان سندس تخت کي اونڌو ۽ سخت کي اونداهو ڪري ڇڏيو. کيس پنهنجن قيد ڪري ڇڏيو. نه رڳو ايترو پر قيد ۾ سندس نور جو ڏئين کي وسائي ڇڏيائون ان بيوسي کيس پڇتاءُ جي وادين جو سير ڪرايو ۽ اندر مان آواز ڪڍيائين سندس اها مناجات سندس واحد سنڌي ڪلام آهي.
[b]ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيججو. سنڌي ادب جي مختصر تاريخ
[/b]
[b]حياتي جو احوال:
[/b]ڪلهوڙا غير سنڌي هئا. ڪلهوڙن جا وڏا ڌار ڌار ٽوليون ٺاهي مقامي ماڻهن ۽ سنڌ جي ماڻهن سان تالف ۾ آيا ۽ جهيڙن، جهٽن بي قضائين، سازشن ۽ آخر ۾ عام سنڌي ماڻهن جو ساٿ ڏئي پاڻ کي سنڌ ۾ ڏاڍو مضبوط ڪيو ۽ سندس پنهنجي بادشاهي قائم ڪيائون.
ڪلهوڙن مان ميان غلام شاهه ڪلهوڙو مضبوط ٿي حڪمراني ڪرڻ شروع ڪئي. هن جي موت کان پوءِ سندس پٽ سرفراز ڪلهوڙو 1772ع ۾ سنڌ جو حاڪم ٿيو. سرفراز شڪل، صورت ۽ سيرت جي ڪري ماڻهن کي وڻيو. ماڻهن هن جي اطاعت ڪري هن کي خوش ڪيو. ماڻهن جي وفادارين ۽ مدد جي ڪري سرفراز ڏاڍو مشهور ٿيو. هن عام ماڻهن جي لاءِ ڪيترائي ڪم ڪيا ۽ انهن جي زندگي کي خوشحال بڻايو. سرفراز ڪلهوڙو نيڪ نيت، رحمدل ۽ سوچ سمجهه وارو انسان هو. هن ٽي سال حڪومت ڪئي. هن جي يارن، دوستن ۽ ڪن مٽن مائٽن هن کي غلط راهه ڏيکاري. هن جي زندگي کي ڏاڍو ڏکيو بڻايو.
سرفراز جي هڪڙي ايلچي ۽ دغاباز وزير راجا ليکي جي چوڻ تي ٽالپرن جي پرئي مڙس سيد بهرام خان کي لڳي وچ دربار ۾ مارايو.
انهي ڪري ٽالپرن ۽ بلوچن ۾ ڏاڍي ڇڪتاڻ پيدا ٿي. سن 1775ع ۾ اُنهن ميان محمد سرفراز کي تخت تان لاهي حيدرآباد جي قلعي ۾ قيد رکيائون، قلعي ۾ اُنهن سرفراز تي ڏاڍيون سختيون ڪيون. ۽ ان کي انڌو ڪري ڇڏيو. قلعي ۾ ميان عبدالنبي اُن کي، سندس ڀاءُ محمود خان ۽ پٽن مير محمد خان کي ۽ چاچس عطر خان کي بيگناهه قتل ڪرائي ڇڏيو. انهن چئن ئي شهيدن جون تربتون هڪڙي ئي قبي ۾ آهن.

[b]سرفراز ڪلهوڙي جي شاعري:
[/b]سرفراز ڪلهوڙو شاعري جو وڏو شوقين هو. ننڍي هوندي کان ئي شعر چئي ماڻهن کي وندرائيندو هو. خاص ڪري وڏن گهرن جا نوجوان هن جي شعرن کي پسند ڪندا هئا. اُن ڪري هن پنهنجي گهر جي ڀر سان شوقين ماڻهن سان ملي مشاعرا رچائڻ شروع ڪري ڏنا.
سيد ثابت علي شاهه انهن مشاعرن ۾ حصو وٺندو هو. هتي غزل جي شاعري تي محفلون لڳنديون هيون. اُتي مشاعرن ۾ سنڌ جو وڏو شاعر گدا اُنهن جي تربيت ڪندو هو. اُن جي اثر هيٺ سرفراز ڪلهوڙو تمام سٺا غزل چوڻ شروع ڪيا. هو عمر ۾ جيتوڻيڪ ننڍو هو، پر پنهنجي ساٿي شاعر ثابت علي شاهه سان غزل چوڻ ۾ مقابلو ڪندو هو. سيد ثابت علي شاهه همٿائيندو هو ته اسان سڀني ننڍن سنڌي شاعرن کي سنڌي ۾ به غزل چوڻ گهرجن. غزلن کان سواءِ هن ضرور ٻين ڪن صنف ۾ شاعري ڪئي هوندي پر اهي ملي نه سگهيون آهن. هن جو مداحن جو هڪ مجموعو موجود آهي. جيڪو اعليٰ سنڌي روايتي شاعري جو شاهڪار آهي. هو فارسي زبان جو وڏو شاعر هو. هي مدح شريف، قيد جي حالت (1774ع) ۾ انتهائي سوز ۾ رقت سان چيائين. سنڌي ادب ۾ مدح جي شروعات هن مدح سان ٿي. سندس مدح جو غير فاني وراڻو ”ڀلا ڄام، هن غلام، سند سوال سڻج تون سنڌ ۾ هر هنڌ مشهور آهي.

[b]شاعري جون خصوصيتون
[/b](1) سرفراز ڪلهوڙو هڪ نئون ۽ نرالو شاعر هو. هن گهڻي شاعري ته نه ڪئي پر جيڪا ڪيائين سا لاجواب ۽ بي مثال آهي.
(2) هن جي شاعري ٺڳي ۽ مڪاري، نفرت ۽ بداخلاقي کان بلڪل آجي هئي. ان کي ٻڌي سڀ ماڻهو ڏاڍا سرها ٿيندا هئا ۽ انهن جي چهرن تي سچي خوشي نمايان طور تي چمڪڻ لڳندي هئي. اُن جي مداحن کي خوب ساراهيو ويندو هو. ۽ ماڻهو خوش ٿي رب تعاليٰ جا نعرا هڻندا هئا ۽ نچندا هئا.
(3) هڪ هي سُريلو ۽ جادوگر شاعر هو. اُن جي شاعري جو مواد، خدا پرستي، سٺائي ۽ سچائي سان رچيل آهي. هي ڄڻ هڪڙو اصلاح پسند ۽ ضميرن کي جاڳاڻ وارو نيڪ نماڻو ۽ اصول پرست شاعر هو.
(4) هن جي شاعري پاڪ آهي، اها ڪرود، ڪاوڙ ۽ لالچ کان آجي آهي. اُن کي پڙهي ۽ ٻڌي ڪري برايون ختم ٿي وڃن ٿيون ۽ نيڪن جي آمد شروع ٿئي ٿي. ماڻهو سچ پچ ماڻهو بڻجي وڃي ٿو. معاشري ۾ ظاهر ٿي. ماڻهن کي آزادي، قرب ۽ سچي نصيحت حاصل ٿئي ٿي. هو هيڻائي ڇڏي همٿ وارا ٿي وڃن ٿا.
(5) هو ڪا به ڳالهه لڪائن نٿا. پنهنجي طرفان ڪيل براين تي پريشان ٿي، نبين ۽ ولين کي پڪاري پنهنجن براين کي عوام اڳيان قبول ڪري دلي سڪون حاصل ڪن ٿا. اها کين جُرئت مند بنائي ٿي. هو پنهنجي طرفان ڪيل غلطين تي سچ پچ پشيمان ٿين ٿا. انهن جون دليون صاف ۽ پاڪ ٿي وڃن ٿيون. هو پاڻ کي نفرت، ڪدورت ۽ ڪٽر پڻي کان بچائي معاشري جا سُٺا ۽ سُريلا ماڻهو بڻجي وڃن ٿا.
(6) هن پنهنجي پاڻ کي حسد ۽ تعصب کان بچائي وڏي روحاني منزل حاصل ڪئي. سنڌ جي هڪ جهوني شاعر شاهه عبدالڪريم جو چوڻ هڪ وڏو سچ آهي ته:
ڪٽر جني اکين ۾،
سي ڪيئن پرين پسن.
سرفراز ڪلهوڙي هر قسم جو ڪٽر پڻو ڇڏي ڪري ماڻهن کي نيڪ بنايو ۽ دنيا ۾ هڪ اهڙو روحاني علاج موهيا ڪيو. جيڪو هر قسم جي روحاني بيماري کي ختم ڪري اُن کي نيڪ، سچو، سٺو ۽ صحتمند انسان بنائي ٿو.
(7) ڪلهوڙو اهڙو شاعر آهي. جنهن وٽ مواد ۽ فن جون سڀئي خوبيون موجود آهن. هن جي ٻولي صاف ۽ سٿري عام ماڻهن جي ٻولي آهي. جنهن کي هرڪو پڙهي سمجهي انسانيت جي وڏي منزل حاصل ڪري ٿو.
مداح معنيٰ، وصف، مقصد:
سڀ کان اول ”مداح“ ۽ مناجات لفظن جي معنيٰ سمجهڻ ضروري آهي. لفظ مداح عربي لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي. ساراهه يا تعريف ڪرڻ. ”مداح“ سنڌي نظم جي خاص صنف آهي. عربي لفظ ”مدح“ جي معنيٰ ”تعريف“ پوءِ ڀل اها ڪنهن بادشاهه امير، حاڪم، دوست وغيره جي به هجي. سنڌي ۾ ”مداح“ مفهوم خاص آهي. يعني ته اها منظوم ساراهه يا تعريف، جا نبي ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم ۽ اصحابن سڳورن يا ڪنهن ولي يا درويش جي شان ۾ ڪيل هجي. مداح ثنا ۽ نعت جي برابر آهي. ”مداح“ چوندڙ شاعر کي عربي لفظ ”مادح“ يا ”مداح“ جي بجاءِ سنڌي ۾ مداحي چئبو. تاريخي طور ”مداح“ جو سلسلو ڄڻ عرب شاعر ڪعب بن زهير کان شروع ٿيو. انهي واقعي جي ڪري ”مداح“ جي روايت معاشري ۾ مشهور ٿي. مدح جو سنڌ جي شاعري تي به اثر پيو ۽ ڪيترن ئي سنڌي شاعرن مداحون لکي ماڻهن کي ڏاڍو متاثر ڪيو.
مقامي طور سنڌ جي چارڻن، ڀانن ۽ ڀٽن آڳاٽي وقت کان وٺي سنڌ جي سورهيه ۽ سخي سردارن کي پئي ڳاتو آهي.
ڪلهوڙن جي دور ۾ سنڌي شاعرن جي فارسي جي اثر هيٺ ”مداح“ کي بحر وزن جي غلطين ۽ چُڪن تي رابطو رکي اُن کي باقاعدگي ڏني. جمن چارڻ ۽ صدرالدينن جي اثر هيٺ ”مداح“ سٺي ترقي ڪئي.
سنڌ جي مداح نگارن مدح نبي، مدح بادشاهه پير،مدح محي الدين جيلاني رضه، مدح غوث اعظم جيلاني رضه، مدرح يار چار، مدح شاهه عبداللطيف ڀٽائي، مدح نبي صلي الله عليھ و آلھ وسلم جنهن تي اڃا تائين به ڪي مدح نگار انسان ضمير کي جاڳائي رهيا آهن.

[b]سرفراز ڪلهوڙي جا قافيا:
[/b]قافين تي پورو ضابطو آهي. ڪلهوڙي کي فن جي قافيي تي پورو ضابطو آهي. هو هڪ ماهر قافيا دان آهي. هن جا قافيا سادا، عام فهم ۽ ٺهڪي ايندڙ آهن. هو مداح جي ٻن مصراعن ۾ قافين جي تعداد ۾ تبديليون آڻي اظهار راءِ پاڻ کي بچائي فطري آزادي کي ماڻي ڪلام ۾ بهتري ۽ بلندي پنهنجا بهتر کان بهتر گُڻ ڪري پاڻ کي بلند کان بلند تر شاعر شاعر بنائڻ جي ڪامياب ڪوشش ڪندو نظر اچي ٿو. هن جي مداحن ۾ ڪٿي 3+2=5 قافيا هوندا آهن. انهي ڪري ڪلام ۾ نواڻ، اچرج ۽ رواني اُڀري مٿي اچي ويندي آهي ۽ ڪلام ۾ رنگ ۽ رونق جو اضافو ٿي ويندو آهي.

[b]سرفراز جون مداحون:
[/b]هي مداحون سرفراز ساري مداح بحز هزج مڪفوف محدوف تي ٺهيل آهي. جنهن جا ارڪان آهن؛ مفاعيل، مفاعيل، مفاعيل، فعولن. اها مداح يڪ بيتو ترجيح بند آهي. هن مداح ۾ ڀلا ڄام، هن غلام سندو سوال سڻج تون وريو وريو اچي ٿو.
هن مداح ۾ هر هڪ مصرا ۾ گهڻو ڪري ٽي ٽي ڪافيا آهن. هن مداح ۾ ٽيهه مصراعون آهن. جن مان تيرهان مصراعون ٻن ڪافين واريون ۽ سترانهه مصراعون ٽن ڪافين واريون آهن. مثال طور ٻن ڪافين واري هن مصره کي پڙهي لطف حاصل ڪريو.
صغير ۽ ڪبير، ڪَيُم ڪرتَ، ڪچايون،
محمد مير، من حقير، سَنديون ميٽ مَٺايون،
ڀلا ڄام، هن غلام، سندو سوال، سڻج تون.
هائي ٽن ڪافين واري هڪڙي مصرا جي،مٺاس ماڻيو ۽ دل کي سڪون پهچايو.
روز قيامت شفاعت، ڪندين اُمت اُتي تون،
تنهن وير، ڀري پير، سگهو شير رسين مون،
ڀلا ڄام، هن غلام، سندو سوال، سڻج تون.
هن جي هڪڙي مصرا ۾ ٻه ٻه ڪافيا ۽ ڪن مصران ۾ ٽي ٽي ڪافيا آهن.
هن جي وراڻي سڄي مدح کي سُنهن، سچائي ۽ نصيهت جو انمول نمونو بنائي ڇڏيو آهي. هن مداح کي پڙهندي دل مان کوٽ نڪريو وڃي ٿي ۽ سڪ وڌايو وڃي ٿي. هيڻائي، غائب ٿي و ڃي ٿي ۽ همٿ نڪري نروار ٿئي ٿي. ڪهڙو به ميڻو شڪي ۽ لالچي ۽ تعصب پرست ماڻهو سچو سٺو ۽ مخلص بڻجيو وڃي ٿو. اُهي مداح پيار، محبت وڏائي شهڪار دل کي موتين کان وڌيڪ منور ڪري ٿي.
سنڌي شاعري ۾ هي مدح شاهڪار آهي. هي دل کي مضبوط ڪري ٿي ۽ مجبور ڪري ٿي ته هو پنهنجن ڪچائين، برائن ۽ غلط ڪمن کي ظاهيرن ڇڏڻ جي ڪوشش ڪري سچو بڻجي پاڻ کي سڌاري ۽ پڙهندڙن کي آمداه ڪري ته هو پنهنجن برن ڪمن تي پشيمان ٿي پاڻ کي الله جي نظرن ۾ پيارو ۽ مقبول بڻائن. هن جي مداحون فارسي وزن تي قائم آهن. هن مداحن کي صاف، سولي، آسان ٻولي ۾ چيو آهي. هن جا ڪافيا سُٺا، سهڻا ۽ اثر انگيز آهن، جيڪي ماڻهن کي جهومائي ڇڏين ٿا.

[b]ڪلهوڙي جي شاعري جي اهميت:
[/b]سرفراز ڪلهوڙو هڪ بلند اخلاق ۽ اعليٰ شاعر هو. هن پنهنجي ڪيل يا ڪرايل گناهه تي خوب سختيون سٺيون هن کي تخت تان لاٿو ويو ۽ حيدرآباد جي قلعي ۾ قيد ڪري رکيو ويو. قلعي ۾ هن جون اکيون ڪڍي اُن کي انڌو بڻايو ويو. قلعي ۾ رهندي هو روئندو ۽ رهڙندو نه هو. هو پنهنجو پاڻ ته قابو پائي ويٺو رهندو هو. پنهنجو پاڻ کي پرچائڻ لاءِ هن مداحون چوڻ شروع ڪيون، جن ۾ پنهنجي ڪيل ڏوهه تي پڇتاءُ ڪري نبين، ولين ۽ درويشن جي ذريعي پنهنجو پاڻ کي بچائڻ لاءِ هن ”ٽيهه“ مداحون لکيون. هن روحاني سُڪون پاتو. هن جي هدايتن کي پڙهي۽ ٻڌي عام ماڻهن، پنهنجو پاڻ کي ڏوهن کان بچائڻ لاءِ مداحون لکيون. مداح هڪ موجزانه شعري صنف آهي. جنهن ۾ نبين، ولين، درويشن کي ساراهيو ويندو آهي. ۽ اُنهن کي پنهنجي گناهن کي معاف ڪرڻ لاءِ فرياد ڪيو ويندو آهي. مداح جي ذريعي ماڻهن کي صبر سُڪون ۽ امن ملي ويندو آهي ۽ انهن جي زندگي نيڪين جي راهن ڏانهن ورندي نظر ايندي آهي. اسان وٽ معاشري ۾ ڏاڍيون برايون وڌيل آهن. ماڻهو حاسد ٿي ويل آهن، ڪاوڙ ۽ ڪرود عام جام آهي، ۽ ماڻهو بدحالي ۾ گرفتار آهن. انهن ڪري انهن ڏکيائين کان بچڻ جي لاءِ غلام شاهه ڪلهوڙي جي ڪيل اثر انگيز شاعري جي ضرورت آهي. شاعر اهڙي شاعري ڪري سماج ۾ قرب، سُک ۽ امن جي حاصلات ذريعي هر طرح سان خوشحال رهندا ۽ خوشيون پکڙندا.

[b]سرفراز خان ڪلهوڙي جون ڪي اثر انگيز مداحون:
[/b](1) شريعت، طريقت، ڪرين نصيب، اسان ڪون،
هقيقت، معرفت، سنڌو نظر، ڪرين تون،
ڀلا ڄام، هن غلام، سندو سوال، سڻج تون.

(2) سر زمين، ڪيمُ ڪين، آهيان ناقص نمائون،
مٿي دين، تون امين، اُڀيا ريج اسان ڪون،
ڀلا ڄام، هن غلام، سندو سوال سڻج تون.

(3) جمال، ۽ ڪمال، تنهنجي لاءِ، واجهائون،
ٿيون شال، منجهه وصال، وڃي هو تن هائون،
ڀلا ڄام، هن غلام، سندو سوال، سڻج تون.

(4) بسم الله، لڳ الله، محمد شاهه، ڪر پناهه پرين تون،
منجهه درگاهه، ڪيم آهه، مٿي راهه، سين تون،
ڀلا ڄام، هن غلام، سندو سوال سڻج تون.

(5) چار ئي طرف، تنهنجي شرم، ڪيون روشن اُڀ،
زمينون، منجهان نور، ٿيو معمور، مڪو ملڪ مدينو،
ڀلا ڄام، هن غلام، سندو سوال سڻج تون.

(6) هي مداح، تنهنجي شاهه، چيم صف، واکائون،
سئي پاڻ، ڪنن ساڻ، ڏيئن ڏاڻ، ڏڏائون،
ڀلا ڄام، هن غلام، سندو سوال، سڻج تون.



[b]مددي ڪتاب
[/b](1) اعجاز الحق قدوسي. سنڌ جي تاريخ.
(2) محمد صديق ميمڻ. سنڌ جي ادبي تاريخ.
(3) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ. مداحون ۽ مناجاتون.
(4) ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو. سنڌ ادب جي مختصر تاريخ.
(5) سنڌي اخبارون، رسالا ۽ انهن جا خاص نمبر