شاهه عبدالڪريم بلڙي وارو(944هه 1032هه) - (1534ع 1622ع)
[/b]
شاهه ڪريم جو شعر نه فقط قدامت جي لحاظ کان اعليٰ آهي پر زبان ۽ بيان جي خوبين جي خيال کان مٿاهون آهي. مضمون کي موثر بنائڻ لاءِ تشبيهن ۽ تمثيلن کان ڪم ورتو اٿس.
[b]ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ. سنڌي ادب جو تنقيدي اڀياس
[/b]
شاهه ڪريم ڪو لفظن جي کيڏ جو شاعر نه آهي. هن جو مقصد انسان جي روحاني ترقي آهي. ان ڪري هر ڳالهه مثال، تشبيهه ۽ دليل سان ظهار ڪري ٿو. ان مان سندس شاعرانه قابليت ظاهر ٿئي ٿي.
[b]ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو. سنڌي ادب جي مختصر تاريخ
[/b]
ڊاڪٽر دائود پوٽي جو اهو چوڻ ته شاعر هو آهي، جنهن جي دل ۾ جذبو آهي ۽ جو جذبي جي اظاهر جي لاءِ لفظن جو موزون ۽ موثر لباس فراهم ڪري سگهي. شاهه ڪريم ۾ هي وصف اعليٰ درجي ۾ موجود آهي. هو شعور ۽ جذبي وارو انسان هو.
[b]ڊاڪٽر نجم الاسلام. ابيات شاهه ڪريم جو مقدمو
[/b]
شاهه عبدالڪريم ارغوني دور ۾ وڏو شاعر ٿي گذريو آهي. سندس سمورو ڪلام محفوظ رهي نه سگهيو آهي. کيس سنڌي شاعري جو وهائو تارو سڏيو ويندو آهي. سندس سمورو ڪلام بيتن ۽ دوهن جي صورت ۾ ملي ٿو جن جو تعداد 94 چيو وڃي ٿو جيڪو هندي دوهن جي طرز ۾ لکيل آهي.
[b]ميمڻ عبدالغفور سنڌي. سنڌي ادب جي مختصر تاريخ
[/b]
شاهه ڪريم جا لفظ سنڌي ٻوليءَ جا آهن. صرف 29 لفظ ۽ هڪ استعارو عربي ٻولي جو 8 لفظ فارسي ٻوليءَ جا آهن. جڏهن انهن جي اهڃاڻڪاري ۽ معنيٰ انگيزي جو مفهوم ڄاڻڻ وقت شاهه ڪريم جي شاعري خود مختيار ٿي لفظن کان آزاد ٿي وڃي ٿي. تڏهن پڙهندڙ به لفظن کان مٿاهون ٿي ويندو آهي.
[b]موتي لال جوتواڻي. انگريزي ڪتابچي ”شاهه ڪريم سنڌ جو صوفي شاعر“ جي تمهيد
[/b]
[b]سنڌي ادب جو چاسر:
[/b]ڊاڪٽر عمر بن دائود پوٽي پنهنجي مرتب ڪيل ”شاهه ڪريم بلڙي واري جو ڪلام“ جي مهاڳ ۾ شاهه ڪريم کي سنڌي ادب جو چاسر (Chaucer) ٿو سڏي. جيڪڏهن انهي جو مطلب شروعات ڪرائڻ وارو آهي ته ٺيڪ آهي. حقيقت ۾ چاسر ۽ شاهه ڪريم جي شاعري ۾ اهڙي ڪا به ڳالهه ناهي. جنهن جي ڀيٽ ڪري سگهجي.
شاهه ڪريم کي سنڌي شاعري جو وهائو تارو سڏڻ سؤ في صدي درست آهي. وهائو تارو اونده گم ٿيئڻ جو اعلان ڪري ٿو، جوت جي پکڙجڻ جي هام ڀري ٿو ۽ نئين صبح جي آمد جي اڳڪٿي ڪري ٿو. ساڳئي نموني شاهه ڪريم جي شاعري آڳاٽي ڇڙوڇڙ ڪلام کي ڇڏي، نئين شاعري جي آمد جو اعلان ڪندي نظر اچي ٿي. شاهه ڪريم جي شاعري پرهه جو پيغام آهي. نئين صبح جو نئون ترانو آهي ۽ جدت ۽ انفراديت جو نئون نغمو آهي.
[b]وڏن جو احوال:
[/b]شاهه عبدالڪريم بلڙي واري جا وڏا هرات جا رهاڪو هئا. هن خاندان جو هڪ بزرگ مير حيدر هرات مان لڏي سنڌ ۾ آيو ۽ هالا ڪنڊي (موجوده هالا پراڻا) ۾ اچي رهيو. هالا جي حاڪم هالا جي شهرين تي 525 روپيه ڏنڊ وڌو. هالا واسي ڏنڊ ڀرڻ جهڙا نه هئا. سيد حيدر اهو ڏنڊ ڀري ڏنو ۽ شهرين جي پريشاني دور ٿي.
مير حيدر جو پاڙيسري شاهه محمد هالو هو. مير حيدر جي نيڪي ۽ بزرگي کان ڏاڍو متاثر ٿيو ۽ هن کي پنهنجي نياڻي جي سنگ ڏيئڻ جي آڇ ڪئي جيڪا هن خوشيءَ سان قبول ڪئي. شادي ڪرڻ کان پوءِ هو هالا ڪنڊي ۾ سڪونت اختيار ڪري ويٺو. ڪجهه عرصي کان پوءِ پنهنجي پيءَ جي انتقال جو ٻڌي هو هرات هليو ويو. هرات ۾ اڳين گهر واري مان ٻه پٽ سيد محمد ۽ سيد حسن پيدا ٿيا. هن جي هرات وڃڻ کان پوءِ هالي گهراڻي واري ڇوڪري مان به هڪ پٽ پيدا ٿيو جنهن جو نالو مير علي رکيو ويو.
مير علي سنڌ ۾ ٻه شاديون ڪيون. هڪ هالي ذات وارن مان ٻي ترڪ قوم مان. هن کي هالي ذات واريءَ مان هڪ پٽ شرف الدين ۽ ترڪ قوم واريءَ مان سيد احمد ڄائو ڪجهه عرصي کان پوءِ هو هالاڪنڊيءَ کي ڇڏي مٽيارين ۾ اچي ريها. مٽيارين ۾ رهڻ کان پوءِ سندس خاندان چئن قبيلن جهڙوڪ جرار پوٽا، باقيل پوٽا، موسيٰ پوٽا ۽ ميعين پوٽا قبيلن ۾ ورهائجي ويو. شاهه عبدالڪريم جو تعلق جرار پوٽا قبيلي سان آهي.
[b]ولادت:
[/b]سرزمين سنڌ جو باضمير، بلند اخلاق ۽ بيمثال صوفي ۽ سنڌي شاعري جو ”وهائو تارو“ شاهه عبدالڪريم بلڙي وارو مٽيارين جي شهر ۾ سن 844هه مطابق 1534ع ۾ پيدا ٿيو. هن جي والد جو نالو سيد لعل محمد شاهه عرف سيد الله شاهه هو جيڪو پنهنجي وقت جو بزرگ ٿي گذريو آهي.
[b]سياسي حالتون:
[/b]شاهه عبدالڪريم سمن جي دور (1331ع 1551ع) کان 17 سال پوءِ ڄائو. اُن وقت سمن جي خاندان جو آخري حاڪم ڄام فيروز هو. ڄام فيروز هڪ بد دماغ، ڪاهل، ٻين جي صلاحن تي هلڻ وارو ۽ شڪي مزاج شخص هو. هن پنهنجي سنڀاليندڙ ۽ محسن درياء خان تي شڪ ڪيو، جنهن تي ڪاوڙجي درياء خان هن کي ڇڏي هليو ويو. درياء خان جي وڃڻ کان پوءِ ڪڇ مان صلاح الدين سنڌ تي ڪاهي آيو ۽ ڄام فيروز کان حڪومت کسي ورتي. ڄام فيروز ۽ ماڻهن جي منتن کي ٻُڌي درياء خان موٽي آيو ۽ بکر ۽ سيوهڻ مان لشڪر گڏ ڪري صلاح الدين تي چڙهائي ڪئي ۽ ڄام فيروز کي حڪومت واپس وٺرائي ڏني.
شاهه بيگ ارغن انهيءَ وقت ۾ قنڌار جو حاڪم هو، بابر جي فوجين جو قندار طرف زور ڏسي هو سنڌ فتح ڪرڻ لاءِ سنڌ آيو. ڄام فيروز غافل ۽ پرمتڙيو هو. هن پنهنجي حڪومت جي انتظام کي درهم برهم ڪري ڇڏيو هو. شاهه بيگ ارغون 1521ع ۾ ٺٽي تي چڙهائي ڪئي. هن لڙائي ۾ بهادري سان وڙهندي سنڌ جو دولهه درياء خان شهيد ٿي ويو. شاهه بيگ جي جيت ٿي ۽ ارغون جي سنڌ ۾ حڪومت قائم ٿي. شاهه بيگ جي موت کان پوءِ سندس پٽ مرزا حسن سنڌ جو حاڪم ٿيو. ڄام فيروز گجرات مان لشڪر وٺي سنڌتي حملو ڪيو ۽ هارائي وري گجرات طرف ڀڄي ويو.
مرزا شاهه حسن 34 سال حڪومت ڪئي ۽ اڌ رنگ جي بيماري ۾ بنان اولاد مري ويو. انهيءَ کان پوءِ مرزا عيسيٰ خان مرزا شاهه حسن جي زال ماهه بانو سان شادي ڪري ٺٽيءَ جو حاڪم ٿيو. هن کان پوءِ سندس پٽ مرزا محمد باقي گادي تي ويٺو. هي وڏو حاڪم حڪام هو. هن پنهنجي زال ماهه بيگم کي بُکن ۽ اُڃن ۾ مارائي ڇڏيو. باقي جي موت کان پوءِ اميرن سندس پوٽي مرزا جاني بيگ کي تخت تي ويهاريو. هو ظالم هو. هن ڪيترائي خون ڪرايا شهنشاهه اڪبر هن کي سزا ڏيارڻ لاءِ نواب محمد صادق کي چاڙهي موڪليو جنهن سيوهڻ تي حملو ڪيو جتان هو هارائي موٽيو. شهنشاهه اڪبر ڪاوڙجي مرزا خان عبدالرحيم خان کي سنڌ تي چاڙهي موڪليو جنهن سخت لڙائي کان پوءِ سيوهڻ تي قبضو ڪري فتح حاصل ڪئي.
مرزا جاني بيگ ٺٽي کي باهين ۾ ساڙائي برباد ڪري ڇڏيو. هن جي وفات کان پوءِ هن جي پٽ خسرو چرڪس کي ٺٽي جو نواب بنايو ويو. هو قنڌار ۾ رهندو هو اُتي هو چريو ٿي ويو ۽ گذاري ويو. اهڙي طرح ارغونن جي حڪومت ختم ٿي ويئي.
شاهه ڪريم جي وقت ۾ سنڌ جي حالت ڏاڍي خراب هئي. مرزا عيسيٰ بيگ ۽ محمود بکري جي خانه جنگي، گووا جي پورچوگيزن جي ڦرن ۽ باهين، مرزا باقي بيگ جي چڙهاين ۽ ڏاڍ، مرزا جاني بيگ جي ظلمن ۽ مرزا صادق جي چڙهاين ملڪ کي برباد ڪري ڇڏيو. مجبور ۽ بيوس ماڻهن تصوف جي راهه اختيار ڪئي ۽ صوفي بزرگن پنهنجي نهٺائي ۽ سَهپ واري تعليم جي ذريعي ماڻهن کي سهارو ڏنو ۽ سڪون پهچايو. شاهه ڪريم جي ڪلام ۾ نهٺائي، سهپ، صبر ۽ تحمل جي ذريعي سنڌ سان ٿيندڙ ظلمن ۽ زيادتين جو رد عمل ۽ هوشمندي وارو انوکو اهڃاڻ صاف صاف نظر اچي ٿو.
[b]تعليم ۽ تربيت:
[/b]شاهه عبدالڪريم جو والد سيد لعل محمد شاهه هن جي ننڍپڻ ۾ گذاري ويو. انهيءَ ڪري هن جي والده ۽ وڏي ڀاءُ سيد جلال شاهه هن جي پرورش ڪئي. شاهه ڪريم ظاهري علمن کي پسند نه ڪندو هو. ساهه ڪريم کي پنجن ڇهن سالن جي عمر ۾ مڪتب ۾ داخل ڪرايو ويو. ننڍي هوندي کان سندس روح رب سان لڳل هو. هن مڪتب ۾ فقط ٻه سيپارا پڙهيا. هن کي ظاهري تعليم سان شوق ڪو نه هو. هو ذڪر ۽ فڪر کي ظاهري علم کان وڌ سمجهندو هو. ننڍپڻ کان شاهه ڪريم کي سماع سان وڏو لڳاءُ هو.
هڪ دفعي سندس وڏي ڀاءُ شاهه ڪريم کي ٿڦ هڻي ڪڍي ۽ سماع مان اُٿاري ماءُ وٽ وٺي آيو. والده جلال شاهه کي ڇينڀيو ۽ چيو: ”متان هن کي ڪجهه چيو اٿئي توکي هن جي مرتبي جي ڪل ڪونهي.“ پنهنجي وڏي ڀاءُ جلال شاهه جي انتقال کان پوءِ گهر جو سمورو بار هن جي ڪلهن تي اچي ويو. گهر جي گُذاري لاءِ محنت مزدوري ڪرڻ لڳو. مزورن سان گڏ ڪم تي ويندو هو. جهنگ ڪپي زمين صاف ڪندو هو. مزوري ڪندي هو مٺڙي، آواز ۾ سنڌي بيت پڙهندو هو. مزور مست ٿي ويندا هئا ۽ هن جي رهيل ڪم کي پورو ڪندي، هن کي بيت آلاپڻ لاءِ منتون ڪندا هئا.
شاهه ڪريم مڪتب مان تعليم حاصل نه ڪئي پر درويشن ۽ عالمن جي صحبت هن جون اکيون کولي ڇڏيون ۽ هن کي هر قسم جي ذهني توڙي روحاني علم سان مالا مال ڪيو. ننڍي وهي کان وٺي بندگي جو سخت پابند هو، فقيرن جي صحبت وڻندي هئس، هو سماع ۽ راڳ کي خوب پسند ڪندو هو. هو هڪ خُدار سيده بزرگ هو. هن جي ڪلام ۽ مجلسي تقريبن جي مطالعي مان اِهو معلوم ٿئي ٿو ته هو قرآن شريف، حديث، تفسير ۽ تصوف جو وڏو ماهر هو. هو عربي ۽ فارسي ٻولي خوب ڄاڻندو هو. محمد صديق ميمڻ پنهنجي ڪتاب ”سنڌ جي ادبي تاريخ“ جي پهرين حصي ۾ وضاحت سان چوي ٿو ته ”شاهه ڪريم تي مولانا رومي جي مثنوي شريف جو خاص اثر آهي. ڪٿي ڪٿي مثنوي جي ٻن مصرعن واري مضمون کي شاهه ڪريم هو به هو پنهنجي سليس ۽ سهڻي سنڌي جي ٻن مصرعن ۾ سمائيندو ويو آهي. ڪٿي ڪٿي ڪو تفاوت رکيو اٿس ته جو مضمون مثنوي شريف جي ٽن چئن لاڳيتين سٽن ۾ سمايل آهي. سو سارو مضمون شاهه ڪريم نهايت عمدگي ۽ نزاڪت سان فقط ٻن مصراعن ۾ جَڙي ڇڏيو آهي.“ شاهه ڪريم جو ڪافي ڪلام مولانا رومي جي مثنوي جي رنگ ۾ رنگيل آهي.
[b]شادي:
[/b]شاهه عبدالڪريم شادي جي خلاف هو. پنهنجن مريدن ۽ معتقدن کي شادي نه ڪرڻ جي هدايت ڪندو هو. سندس خيال هو ته عام شخص لاءِ شادي جو شرعي حڪم چڱو آهي پر سلوڪ جي راهه جي طالبن کي شادي ڪرڻ جڳائي نٿي ڇاڪاڻ ته اها سندس راهه ۾ وڏي رڪاوٽ آهي. اهڙا خيال رکندي به شاهه ڪريم شادي ڪئي ۽ کيس ٻارهن ٻار اٺ ڇوڪرا ۽ ٽي نياڻيون پيدا ٿيون. ٽي ڇوڪرا هن جي حياتي ۾ گذاري ويا. هن پنهنجن ٻارن جو پورو پورو حق ادا ڪيو.
شاهه ڪريم جي مالي حالت ڪمزور هئي. پورهيو ڪرڻ کان پوءِ به مسڪين رهيو. مسڪيني جي حالت ۾ ”بيان العارفين“ موجب ”انهي مسڪيني واري حالت ۾ به پنهنجن پٽن سان گڏجي ٻنيءَ ۾ کر چونڊيندو هو. انهي حالت ۾ به فقيرن جي خدمت ڪندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ضرورتمندن جي ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ ماڻهن کان گهُرندو به هو.
[b]سماع سان لڳاءُ:
[/b]شاهه ڪريم سماع جو متوالو هو. سندس آواز اهڙو ته سريلو ۽ مٺڙو هوندو هو جو ماڻهو ٻڌڻ لاءِ تڙپندا رهندا هئا. هو سماع جي مجلسن کي خدا جي عبادت ۽ بندگي جو بهترين طريقو سمجهندو هو. هن جو قول آهي ته ”سماع پڻ علمن مان هڪ علم آهي، جنهن مان ڪو به خطرو ناهي.“ سماع جي وقت ۾ هو اهڙو ته وجد ۾ اچي ويندو هو جو کيس پنهنجي خبر به نه هوندي هئي. هو پاڻ چوندو هو: ”ڪن علم پڙهيو، ڪن هنر سکيو پر مون رڳو سماع سکيو.“ سماع کي صوفي ۽ درويشن خدا جي ياد ۽ تزڪيه نفس جو هڪ تربيتي نمونو سمجهيو هو. هو سماع جي مجلس کان ڪڏهن به غير حاضر نه رهندو هو.
[b]عبادت ۽ رياضت:
[/b]شاهه عبدالڪريم سڄي عمر عبادت ۽ رياضت جو ڪوڏيو هو. شريعت جو اتباع ڪندي ڪندي هو باقائدگي سان نماز پڙهندو هو. محبت ۽ محنت سان پنهنجي اولاد جا حق پورا ڪندو هو ۽ مسڪيني جي حالت ۾ به فقيرن جي خدمت ڪندو هو. هو سمجهندو هو ته ”شريعت خدا جي رهاه جو دروازو آهي. جيڪو هي دروازو ڇڏيندو گمراهه ٿي ويندو.“ هو پاڻ چوندو هو ته خدا جي راهه ۾ هٿن، پيرن ۽ زبان سان نه پر دل جي حضور سان هلجي. هن جو چوڻ هو ته ”شريعت ۾ حقيقت ائين سمايل آهي جيئن کير ۾ مکڻ سمايل هوندو آهي.“
شاهه ڪريم شريعت جي پابندي ڪندي باقائدگي سان نماز پڙهندو هو نه صرف فرضي نماز ادا ڪندو هو، پر نفلي نمازون به باقائدگي سان ادا ڪندو هو. هو تهجد جي نماز به پڙهندو هو. نماز پڙهندي مٿس بيهوشي طاري ٿي ويندي هئي. هو عجب کائيندو هو ته ماڻهو تهجد جي نماز ڪيئن ٿا پڙهن. شاهه ڪريم عبادت ۽ رياضت کي گڏوگڏ هلايو. هن سڀن جي حقن کي پوري طرح نڀايو ۽ الله جي رضا ماڻي.
[b]سير و سفر:
[/b]شاهه عبدالڪريم سير و سفر جو ڏاڍو شوقين هو. جواني کان پيري تائين هن گهڻو سير و سفر ڪيو. هن لاڙ، وچولي ۽ ٿر جو خوب سير ڪيو. سنڌ کان ٻاهر ڪڇ، گجرات ۽ هندوستان جي گهڻن ڀاڱن جو سير ڪيو. هن جو احمد آباد جو سير قابل ذڪر آهي. احمد آباد واري سير ۾ هن هڪ درويش ڏٺو. هن کانئس ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر درويش ماٺ رهيو. آخر ٿوري وقت کان پوءِ انهي درويش هن کي هندي جو هڪ دوهو ٻُڌايو.
”هيڪو جو اکر ونگڙو جو گر تُسي ڏي،
انڌاري گهر ديولا، ڦر ڦر جوت ڪري.“
انهي دوهي شاهه ڪريم کي ڏاڍو متاثر ڪيو. شاهه ڪريم سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ کي چڱي طرح گهُمي ڏٺو. انهي سير و سفر مان حاصل ڪيل معلومات هن جي شاعري جو مواد آهي.
[b]شخصيت:
[/b]شاهه عبدالڪريم سني مذهب جي صوفي طريقي جو بزرگ هو. هو پاڻ کي سيد جي بدران فقير سڏائيندو هو. هو بُردبار هو. سندس آواز تمام مٺو ۽ بلند هوندو هو. شاهه ڪريم ننڍي هوندي کان ڏاڍو نيڪ ۽ خُدا ترس هو. هو گهڻو وقت زهد ۽ عبادت ۾ گُزاريندو هو. هو هڪ پل لاءِ به ڌڻي جي عبادت کان غافل نه رهندو هو. هو صبر ۽ تحمل جو مُجسمو هو. سندس دل جيتري نرم هئي اوترو ئي رحم سان ڀريل هئي. شاهه ڪريم هڪ درويش صفت ۽ انسان دوست شخص هو. محبت، سهڻ شڪني ۽ رب جي رضا تي راضي رهڻ هن جي شخصيت جا بنيادي گُڻ هئا. هو فقيرن کي ڏاڍو ڀانئيندو هو. اُنهن کي کارائڻ کان پوءِ پاڻ کائيندو هو ۽ خوش ٿيندو هو. هو دل جو ڪشادو ۽ سخي هو. صبر، شڪر ۽ بردباري هن جي سونهاري شخصيت جا زيور هئا.
[b]وفات:
[/b]شاهه عبدالڪريم زندگي جا آخري ڏينهن حجري ۾ گذاريا. حجري ۾ اڌ رات جو اُٿي سنڌي بيت جهونگاريندو هو ۽ روح کي راحت پهچائيندو هو. شاهه ڪريم محنت ۽ مشقت واري زندگي گُذاري، سنڌ ڌرتي کي فيض سان ملا مال ڪري 88 سالن جي وڏي ڄمار ۾ تاريخ 7 ذوالقد سن 1032هه مطابق 1622ع ۾ لاڏاڻو ڪيو. سندس مقبرو بلڙي ڪريم ۾ (جيڪو سندس پڙ پوٽي شاهه عبداللطيف) ملتان مان ڪاشيءِ جون سرون آڻي ٺهرايو. سندس مقبري تي هر سال 7 ذوالقد جو ساليانو ميلو لڳندو آهي. جتي بيشمار ماڻهو هن وڏي بزرگ ۽ سنڌي شاعري جي بنيادي شاعر جي زيارت لاءِ ايندا آهن.
[b]بيان العارفين:
[/b]شاهه عبدالڪريم جي مريد محمد رضا شاهه ڪريم جي وفات کان 6 سال پوءِ هن جي ملفوضات بيان العارفين کي سهيڙي فارسي نثر ۾ مڪمل ڪيو. عبدالرحمان، ڪاٺ ٻانڀڻ، جيڪو ڪڇ جو رهاڪو هو، بيان العارفين کي الف اسجاع واري طرز ۾ سنڌي نظم ۾ ترجمو ڪيو. بيان العارفين ۾ شاهه ڪريم جي زندگي جو احوال، سندس قول ۽ مثال ۽ سنڌي بيت شامل آهن جن جي مطالعي کانسواءِ شاهه ڪريم کي سمجهڻ ممڪن ڪونهي.
[b]شاعري جا اهم ڳڻ:
[/b]سچ پچ شاهه عبدالڪريم سنڌي شاعري جو ”وهائو تارو“ آهي هن جي شاعري دوهن، سورٺن، دوها سورٺا ميل وارن ٻن سٽن ۽ سنڌي بيتن تي مشتمل آهي. شاهه ڪريم پنهنجي ڏات، قابليت ۽ بحرين ذريعي سنڌي شاعري کي سُڌاري، سواري ۽ چمڪائي سنڌي ادب جي تاريخ ۾ هڪ نمايان حيثيت ڏياري آهي.
(1) شاهه ڪريم دوها سورٺا ميل کي استعمال ڪري، اُن کي اڳتي وڌائي، دوهي جي صنف ۾ الٽ پلٽ ڪري، بيت جي صنف کي بقائدگي سان اُجاگر ڪيو آهي.
(2) شاهه ڪريم پهريون سنڌي شاعر آهي، جننهن عام ماڻهن جي جذبن، احساسن ۽ آدرشن جي اپٽار لاءِ هڪ سادي سولي ۽ سلوڻي عبارت جوڙي آهي. اِها عبارت سنڌي شاعري جي پهرين عبارت آهي، جيڪا انساني احساسن ۽ ويچارن کي ظاهر ڪري، عام ماڻهن کي زندگي جي قريب آڻي ٿي.
(3) شاهه ڪريم پهريون سنڌي شاعر آهي، جنهن تسلسل سان سنڌ جي عام قصن ۽ داستانن کي پنهنجي شاعري ۾ استعمال ڪري معرفت جي باريڪ نڪتن ۽ الاهي اسرارن کي ظاهر ڪرڻ جي باقائدي شروعات ڪئي.
(4) شاهه ڪريم پهريون سنڌي شاعر آهي، جنهن پنهنجي عبارت کي فنڪاري ۽ ڪمال ڪاريگري سان جوڙيو آهي. هن پنهنجي عبارت جي ذريعي سنڌي شاعري ۾ وسعت آندي آهي ۽ نوَن موضوعن ۽ عنوانن کي ظاهر ڪرڻ جي عمده روايت گهڙي آهي.
(5) شاهه ڪريم پهريون سنڌي شاعر آهي، جنهن سنڌي شاعري ۾ باقائده اهڃاڻ ڪاري جو آغاز ڪيو آهي. مورڙو هن لاءِ جرئت مند انسان جو اهڃاڻ آهي ۽ مانگر مڇ تباهي ۽ بربادي جو اهڃاڻ آهن. هو هنجهه کي نيڪي جو اهڃاڻ سمجهي ٿو جيڪو اونهائي ۾ وڃي موتي ميڙي ٿو. هو ڪانيري کي بي اصول ۽ غافل جو اهڃاڻ تصور ڪري ٿو جيڪو ڳڀ چڪ ۾ زندگي گذاري خوار ٿيئ ٿو. ماروي هن لاءِ وطن دوست جو اهڃاڻ آهي. هو پنهنجن روايتن تي هلندي مخصوص رهي ٿي ۽ اندروني سڪون ماڻي ٿي.
[b]شاهه ڪريم جي شاعري:
[/b]شاهه عبدالڪريم ارغوني دور جو هڪ وڏو سنڌي شاعر هو هن پنهنجي ڏات، قابليت ۽ صاف ۽ سلوڻي پيش ڪش جي ذريعي سنڌي شاعري کي اوج ڏياريو ۽ پنهنجو پاڻ کي هڪ مقبول ۽ ناميارو شاعر بنايو. هن جا ڪل 92 بيت مليا آهن جن مان ٻه ٽن مصرعن وارا بيت ۽ ٻه هڪ مصرع وارا بيت آهن. باقي 88 بيت ٻن مصراعن وارا آهن. سومرن ۽ سمن جي دور ۾ سنڌي ۾ شاعري ڪئي ويندي هئي. ”دودي چنيسر واري قصي“ بابت ڪافي جنگي ڳاهون مليون آهن. هڪڙي ڳاهه هي آهي:
”ويهه پڄاڻان پيءَ جي، آءُ چنيسر آءُ،
ڀاڳ سڻائو تنهنجو، توکي ڀلي ڄڻيو ماءُ.“
هن دور ۾ ڪيئي مشهور سنڌي شاعر پيدا ٿيا.
(1) [b]شيخ حماد جمالي[/b]: هي هڪ وڏو بزرگ هو. هو سچ جو ساٿ ڏيئڻ وارو شاعر هو. هن ڄام تماچي ۽ صلاح الدين، جيڪي دهلي ۾ قيد هئا، تن جي لاءِ دعائيه بيت جوڙيا ۽ ڄام جوڻي بابت طزنيه بيت جوڙيا:
”جوڻو مت اوڻو، ڄام تماچي آءِ،
سٻاجهي ٻاجهه ڪئي، تو سين ٺٽو راءِ.“
(2) [b]شيخ اسحاق آهنگر: [/b]هي هڪ سٻاجهو ۽ ٻاجهارو شاعر هو هن جو هي بيت پڙهو ۽ داد ڏيو.
”ٿيان مان جهرڪ، ويهان پرين جي سپ تي،
مان ڪرن ڊِرڪ، ٻولي ٻاجهاري مون سين.“
(3) [b]ماموئي فقير:[/b] هي فقير ٺٽي جي ڀرسان ماموئي ڳوٺ ۾ رهندا هئا. هنن ستن فقيرن هڪ هڪ بيت چيو. هي بيت سنڌي جي معاشرتي خوشحاليءَ جي باري ۾ آهي.
”هاڪ وهندي هاڪڙو، ڀڄندي ٻنڌ اروڙ،
بهه، مڇي ۽ لوڙهه، سمي ويندا سوکڙي.“
هي بيت ڏڪار وارين حالتن جي باري ۾ آهي.
”وسي وسي آر، جڏهن وڃي ڦٽندو،
ڏڪر ٻارو ڄائو ٻار، پنجين درمي وڪبو.“
(4) [b]مخدوم احمد ڀٽي:[/b] هي هڪ وڏو درويش شاعر هو. سماع جي هڪ محفل ۾ هي بيت ٻُڌي لاڏاڻو ڪري ويو.
”سڏ سڻي پرين جو، وانگي جي نه ورن،
ڪهڙي دعويٰ دوست جي، ڪجاڙي کي ڪن.“
سومرن جي دور ۾ اسماعيلي مبلغن شمس سبز واري، صدرالدين ۽ تاج الدين مذهبي پرچار لاءِ گنان جوڙيا ۽ ماڻهن جو ڌيان ڇڪايو. انهن گنانن سنڌي وائي ۽ ڪافي جي عروج ۾ مدد ڪئي.
(5) [b]قاضي قادن[/b]. هي پهريون سنڌي شاعر آهي جنهن جا ست بيت ”بيان العارفين“ مان مليا آهن. تازو هيري ٺڪر انڊيا مان قاضي قادن جا 110 بيت سهيڙي ڇپرايا آهن. اُهي بيت قاضي قادن جي شاعري جي عظمت جا پڪا ثبوت آهن.
مخدوم پير محمد لکوي، مخدوم نوح، جيڪو شاهه ڪريم جو مرشد هو، ۽ سيد علي ثاني ٺٽوي ٻيا شاعر آهن جن جا بيت دستياب آهن. سيد علي ثاني ٺٽوي جو هي چئن مصراعن وارو بيت پڙهو:
سرتين سانگ سُکن جو، مون کي وريو رهائين،
آئون ٿي هلان هوت ڏي، هوٿيون واريو وِهارين،
وريتيون ورن سين، ويٺيون گهر گهارين،
کهندا ٿيون کارين، ڪا نه هلندي هوت ڏي.
ارغونن جي دور ۾ سرڪاري ٻولي فارسي هئي. ڪن سنڌي شاعرن فارسي ۾ به شاعري ڪئي. سنڌ جي تاريخ جي باري ۾ ڪيترائي ڪتاب فارسي ۾ لکيا ويا. ڪن ڪتابن مان اِها خبر پوي ٿي ته سنڌي شاعر به سنڌي ٻوليءَ ۾ شاعري ڪري رهيا هئا. هن زماني ۾ شاهه ڪريم جي شاعري جو عام چرچو هو. هن بيت چيا، دوها جوڙيا ۽ سورٺا سرجيا. هن سنڌي شاعري کي خوبصورت بنائڻ لاءِ چوڻين ۽ پهاڪن جو عمدو استعمال ڪيو. هن سنڌي قصن ۽ داستانن کي ڪم آڻي ڪيئي باريڪ نڪتا ۽ روحاني اسرار پڌرا ڪيا. هن اهڃڪاري جي ذريعي سنڌي شاعري کي خوب چمڪايو. هن سنڌي شاعري کي سُڌاري ۽ سنواري اُن کي مٿاهون مقام ڏياريو.
[b]شاعري جو وزن:
[/b]شاهه عبدالڪريم جي شاعرن جو دارومدار هندي عروض يا ڇند وديا تي رکيل آهي. سنڌي ۽ اردو جي ممتاز، شاعر، اديب ۽ نقاد الياس عشقي پنهنجي هڪ مضمون ”سنڌي بيت جو بڻ بنياد“ جيڪو سنڌي جي ٽه ماهي رسالي مهراڻ ۾ ڇپيو. اُن ۾ هن دوها ۽ سورٺا جي باري ۾ ڪافي معلومات فراهم ڪئي آهي.
دوها ڇند: دوهي ۾ ٻه مصرائون هونديون آهن ۽ قافيو ٻنهي مصراعن جي پڇاڙي ۾ ايندو آهي. دوهي جي هر مصرع کي ”دل“ چئبو آهي. هر دل ۾ ٻه چرڻ (حصا) هوندا آهن ۽ ٻنهي جي وچ ۾ وسرام (وقفو) هوندو آهي. پهرين چرڻ (حصي) ۾ 11 ماترائون ۽ ٻئي چرڻ (حصي) ۾ 13 ماترائون هونديون آهن. دوهي جي هڪ مصرع ۾ 24 ماترائون ۽ دوهي ۾ 48 ماترائون هونديون آهن. مثال طور مارواڙي ٻولي جي ممتاز شاعره ميران ٻائي جو هڪ دوهو پيش ڪجي ٿو.
جو مين ايسا جانتي، پريت ڪيئي دک هوءِ،
نگر ڍنڍورا ڦيرتي، پريت نه ڪريو ڪوءِ.
هن دوهي ۾ 11 + 13 ۽ 11+13=48 ماترائون آهن.
سورٺا ڇند: هي ڇند دوها ڇند جي الٽ پلٽ هوندو آهي.
”دوها الٽا جاڻ، اوربات دوجي نهين،
پنگل ڪرت بکان، ڇند سورٺا هوت هئين.“
سورٺا ڇند ۾ به ٻه مصرعون هونديون آهن. هر هڪ مصرع ۾ ٻه چرڻ هوندا آهن ۽ قافيو ٻنهي جي وچ ۾ ايندو آهي. پهرين ۽ ٽئين چرڻ ۾ 13 13 ماترائون ۽ ٻئي ۽ چوٿين چرڻ ۾ 11 11 ماترائون اينديون آهن. سورٺا ڇند ۾ به 48 ماترائون هونديون آهن. مثال طور ميران ٻائي جي دوها ڇند کي الٽو ڪري سورٺا ڇند بنايو ويو آهي.
”پريت ڪيئي دک هوءِ، جو مين ايسا جانتي،
پريت ڪيئي دک هوءِ، نگر ڍنڍورا ڦيرتي.“
[b]دوها سورٺا ميل[/b]: هن کي ارڌ دوهو ۽ ارڌ سورٺو يا اڌ دوهو ۽ اڌ سورٺو چيو ويندو اهي. هن ۾ به ٻه مصرائون هونديون آهن. پهرين مصرع دوها ڇند ۾ ۽ ٻئي مصرع سورٺا ڇند ۾ هوندي آهي. قافيو پهرين مصرع جي پهرين حصي کان پوءِ ۽ ٻئي مصرع جي ٻئي ڀاڱي جي پٺيان ايندو آهي. هن ۾ به ڪل 24+24 =48 ماترائون هونديون آهن.
(1) دوهو:
هينيون ڏجي، حبيب کي، لڱ گڏجن لوڪ،
کڏيون ۽ کروتون، اي پڻ سڳر ٿوڪ.
(2)[b] سورٺو[/b]
جي مو سڏ سڏ ڪئا، ڀنڀوران ٻاهر ٿي،
جي سي پرين مُئا، ته هوند نه وئا نڪري.
(3) [b]دوها سورٺا ميل[/b]
پاڻياريون ڪي ڪَن، عمر اڇا ڪپڙا،
جني جا ٿرن ۾، ور ٿا ويڻ سهن.
(4) [b]بيت:[/b]
سڏ نه سلامي ٿيا، وهي نه وريا جي،
هاڻي تنين کي، ناههِ ماڳ ملير ۾.
مير محمد نظاماڻي ”رسالو شاهه عبدالڪريم“ جي مهاڳ ۾ لکيو آهي ته ”شاهه ڪريم جو ڪلام ڇند جي وزن تي بلڪل پورو آهي“ پر ائين نه اهي. دوهن ۾ ماترائون گهٽ يا وڌ ٿي سگهن ٿيون ۽ ٿينديون رهنديون آهن. شاهه ڪريم جي ڪلام ۾ 31 دوها، 17 سورٺا، 25 دوها سورٺا ميل ۽ 17 بيت آهن.
[b]شاهه ڪريم هڪ صوفي شاعر:
[/b]ميمڻ عبدالغفور سنڌي پنهنجي ڪتاب”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ ۾ لکيو آهي ته ”شاهه ڪريم سنڌي زبان ۾ صوفيانه ڪلام جو باني مباني آهي.“ اها ڳالهه غلط ناهي، هن جي ڪلام ۾ تصوف جي ڀرپور اپٽار نظر اچي ٿي. ٻيا صوفي شاعر سماع کي ناپسند ڪندا هئا پر شاهه ڪريم جي لاءِ سماع پيغام ۽ تربيت جو موثر طريقو آهي. شاهه ڪريم پاڻ چوي ٿو ڪجهه ماڻهو ڪتابن پڙهڻ ۾ مصروف رهن ٿا ۽ ٻيا سماع کي پسند ڪن ٿا. سماع کي اختيار ڪيو.“ مان سمجهان ٿو ته سماع ۽ ذڪر ۾ ڪو فرق ناهي ”ڪن علم پڙهيو، ڪن هنر سکيو مون رڳو سماع سکيو.“ شاهه ڪريم سماع کي ذڪر ۽ عبادت ڪري سمجهندو هو. بيان العارفين ۾ شاهه ڪريم جو هڪ قول درج ٿيل آهي ته ”سماع علمن مان هڪ علم آهي جنهن ۾ ڪو به خطرو ناهي.“
شاهه ڪريم وحدت الوجود جو قائل آهي. هو ذهن نشين ڪرائي ٿو ته ڪائنات جو مالڪ هڪ خدا آهي، جيڪو هڪ آهي ۽ هن جو ڪو شريڪ ڪونهي هر شئيءَ مان ان جي ذات جو جلوو عيان آهي.
”وائي ٻي م ڀُل، مروئان، موران، پکڻان،
بلا سندو سڄڻين، هو هلاچو هُل.“
شاهه ڪريم چوي ٿو ته تصوف جي ميدان کي پار ڪرڻ لاءِ ذهن ۽ تنؤس، شعور ۽ فهم ڪم نه ايندو آهي. اُن کي سِڪ ۽ محبت جي ذريعي پار ڪبو آهي. معرفت جي منزل ماڻڻ لاءِ دُنيا جا لاڳاپا لاهي عشق جي راهه کي پنهنجو ڪرڻو پوي ٿو. ائين ڪرڻ سان هر اوکي راهه به سوکي ٿي پوندي آهي.
”متيون ميڙي کانءِ، واچا کجي وچ پؤ،
جو تو سائر ڀانيو، سو هُرٻو ئي ناهه.“
طالب کي گهرجي ته هو دنيا جو ڪاروبار به ڪندو رهي ۽ مالڪ حقيقي سان به تعلق هميشھ قائم رهي.
”هنيون ڏِجي حبيب کي، لڱ گڏجن لوڪ،
کڙيون ۽ کروتون، هي پڻ سڳر ٿوڪ.“
موتي لال جوتواڻي پنهنجي انگريزي ڪتابچي ”شاهه ڪريم هڪ صوفي شاعر“ ۾ تصوف جي نظريئي جي چڱي اپٽار ڪئي آهي. صوفي شاعر شاهه ڪريم ماڻهو کي ماڻهن، انهن جي رسمن، انهن جي ڌنڌن ڌاڙن ۽ ماحول کي سمجهڻ جي ذريعي پنهنجو پاڻ کي سڃاتو ۽ پوءِ رب کي سڃاتو رب جو نور هر هنڌ پڌرو آهي.
”سوئي هيڏانهن، سوئي هوڏانهن، سوئي من وَسي،
تنهين سندي سوجهري، سوئي سو پسي.“
[b]سنڌي قصن ۽ داستانن جو استعمال:
[/b]شاهه عبدالڪريم پنهنجي ڪلام ۾ سنڌي قصن ۽ داستانن جو ڪمال ڪريگري سان استعمال ڪيو آهي. شاعر ڪا ڪهاڻي بيان نٿو ڪري پر انهن قصن ۾ داستانن جي اهم نڪتن جي ذريعي ڪيئي روحاني راز ۽ رمزون پڌريون ڪري ٿو. هن پنهنجي ڪلام ۾ سسئي پنهون، سهڻي ميهار، عمر مارئي، مومل راڻو، ليلا چنيسر، مورڙو مانگر مڇ ۽ هنج ۽ ڪانيري جي قصن ۽ داستانن کي پيش ڪيو ۽ هڪ نئين روايت قائم ڪئي آهي. پنهنجي ڪلام ۾ سسئي پنهون جا 7 بيت، سهڻي ميهار جو 2 بيت، عمر مارئي جا 4 بيت، مومل راڻي جو 1 بيت، ليلا چنيسر جو 1 بيت، مورڙي ۽ مانگر مڇ جا 6 بيت ۽ هنج ۽ ڪانيري جا 2 بيت جوڙي واهه جو جلوو پکيڙبڌيو آهي (اهڙن بيتن جو ڪل تعداد 23 آهي)
جي مون سڏ ڪيا، ڀنڀوران ٻاهر ٿي،
جي سچي سِري سُئا، ته هوند نه وئا نڪري.
(سسئي پنهون)
گوري ٻي نه تات، مهار ئي من ۾،
جو پيئي رات، هو سائر، سوءَ سُهڻي.
(سهڻي ميهار)
صورت ليکي هت، معنيٰ ليکي ماروئين،
عمر من جي چت، اوطاقون ٿرن ۾.
(عمر مارئي)
جوري اُتي جن، داغ تنهنجو داسڙا،
تن ڪنءَ مٿا تن، چنيسر چت کڻين؟
(ليلا چينسر)
خاڪ وڻن ساڻ، اوٺين نه اوڳري،
جي گُڻ هون گهڻا، ته به راڻا توءِ رئندا ويا.
(مومل راڻو)
ڪن ڪولاچي پار، سڏ نه سجي ساٽئين،
گهاتوئين سندا مڪڙا، ڪهي ٿر ٻي نهار.
(مورڙو مانگر مڇ)
هنج تنهين هوءِ، اوني ۾ اوڙاهه جو،
اي ڪانيرو ڪوءِ، جو ڇاڇر ۾ ڇيرو ڪري.
(هنج ۽ ڪانير)
شاهه ڪريم کان اڳ ۾ ٿورن سنڌي شاعرن سنڌ جي قصن ۽ داستانن کي استعمال ڪيو آهي. شاهه ڪريم پهريون سنڌي شاعر آهي جنهن هنن قصن ۽ داستانن کي ڪم آڻي ڪيترائي باريڪ نڪتا ۽ روحاني اسرار پڌرا ڪري، ڪمال ڪيو آهي.
[b]شاعري جون خوبيون:
[/b]انگلينڊ جي مشهور شاعر ۽ نقاد وليم ورڊسورٿ جي شاعري جي ڏنل وصف موجب ”شاعر هڪ انسان آهي جيڪو ٻين انسان سان ڳالهائي ٿو.“ شاهه ڪريم هڪ سچو سريلو ۽ منفرد شاعر آهي. هو هڪ عام فهم تخليقڪار، پاڪ انسان ۽ درويش آهي. هو عام ماڻهن سان عام فهم، سولي ۽ سلوڻي ٻولي ۾ ڳالهه ڪري اُنهن کي ريجهائي ٿو، سنئين واٽ تي پهچائي ۽ اُنهن جي شعور کي جاڳائي ٿو. سيد حسام الدين جي راءِ ۾ شاهه ڪريم جي شاعري جو انداز بيان وڻندڙ اٿس. جنهن جي ذريعي هو نه رڳو ماڻهن جي شعور کي بيدار ڪري ٿو پر اُنهن جي روحن کي راحت به بخشي ٿو.
(1) شاهه ڪريم جي شاعري جي پهرين خوبي آهي ته هو عام فهم ٻولي کي ڪمال ڪاريگري سان پيس ڪري عام ماڻهن جي احساسن ۽ آدرشن کي ڪاميابي سان اجاگر ڪري، اُنهن کي انسانذات جي دائري ۾ آڻي بيهاري ٿو. عام فهم ٻولين جي ذريعي شاهه ڪريم فراخدلي ۽ همدردي سان اُنهن جي جذبن، احساسن ۽ ويچارن کي هڪ انوکو اسلوب ڏيئي انهن جي ترجماني ڪري ٿو.
(2) شاهه ڪريم جي شاعري جي ٻئي خوبي آهي عام محاورن مثالن ۽ تشبيهن جو استعمال ڪري پنهنجي ڳالهه کي سهڻو بنائي، دلچسپي ۽ دلڪشي پيدا ڪرڻ. اُهي تشبيهون ۽ مثال زندگي جي تجربن مان حاصل ڪيل معنيٰ جا موتي آهن. نصيحت جا باريڪ نڪتا آهن. شاهه ڪريم جي اهڙين تشبيهن ۽ مثالن ۾ تازگي، توانائي جو وڏو اثر آهي. شاهه ڪريم جون تشبيهون ۽ مثال پنهنجي ڌرتي جي رسمن، رواجن، ڌنڌن ڌاڙين ۽ عام شين مان کنيل آهن. پاڻياري جي مٿي تي گهڙو ۽ پاڻي مٿي پکي ڏسي، شاعر کي پنهنجو سڄڻ ياد اچي ٿو. هن انهن مثالن جي ذريعي هڪ خوبصورت نڪتي جو نرالو اظهار ڪيو آهي.
پاڻياري سر ٻهڙو، جر تي پکي جنءَ،
اسان سڄن تنءَ، رهيو آهي روح ۾.
شاهه ڪريم جي خبر ۽ غير حاضر رهندڙ ماڻهن کي خالي ۽ بيڪار شين سان ڀيٽي ڪهڙو نه معنيٰ خيز بيت جوڙيو آهي.
هنيو نه حاضر جن، پري نه اکڙين ۾،
ٺلها، ڍنڍا، سکڻا، هيئين جاڙ جيئن.
(3) شاهه ڪريم جي شاعري جي ٽئين خوبي آهي زندگي جي تجربن ۽ درويشن جي صحبت مان حاصل ڪيل معلومات کي مفيد ۽ موثر نموني استعمال ڪري جيئڻ ۽ جيارڻ جا طور طريقا سکڻ، ماڻهو انهي معلومات کي قدم قدم تي استعمال ڪري پنهنجي اندر جا حال اورين ٿا ۽ ضرورت جي وقت اهڙا قدم کڻن ٿا جيڪي اُنهن کي گمراهين کان بچائي، صحيح راهه تي هلڻ لاءِ آماده ڪن ٿا. اچو ته شاهه ڪريم جي معلومات مان حاصل ڪيل چوڻين ۽ پهاڪن کي پڙهي اُنهن ۾ سمايل معنيٰ کي ۽ انهن تي عمل ڪرڻ جي عادت پيدا ڪريون.
مٺ ڀيڙيائي ڀلي، جهه اُپٽي ته واءُ،
جا پڌر وڌي ڳالهڙي ته ڇڏي وڃي ساءُ.
*-*-*
نيهه نياپي نه ٿئي، سَڌين سيڻ نه هون.
*-*-*
جي پُڇڻا سي نه منجهڻا، جي پڇن سي وير.
*-*-*
پاڻي مٿي جهوپڙا، مورک اُڃ مرن.
مورک مور نه ٻُجهڻا، هيڏانهن هوڏانهن ڪن،
ڪٽر جن اکين ۾ سي ڪيئن پرينءَ پسن.
(4) شاهه ڪريم جي شاعري جي چوٿين خوبي آهي اهڃاڻ ڪاري (Symbolism). هو هنج کي سچي طالب ۽ ڪانيري کي دنيوي طالب جو اهڃاڻ سمجهي ٿو. هن ڪهڙو نه نصيحت ارو نڪتو نروار ڪيو آهي.
هنج تتئين هوءِ، اوني ۾ اوڙاهه جو،
اي ڪانيرو ڪوءِ، ڇاڇر ۾ ڇيرون ڪري.
شاهه ڪريم مورڙي کي جرتمند انسان جو اهڃاڻ سمجهي ٿو ۽ مانگر مڇ کي تباهي ۽ بربادي جو اهڃاڻ سمجهي ٿو. هو بيڪار انسانن ۽ ڇاڇر ڇگيرن کي بددل ۽ ڪمزور ماڻهو جو اهڃاڻ سمجهي هي نڪتو ظاهر ڪري ٿو.
ڇاڇر ڇڳيرن، گهور نه اچي گهاتوئين،
اکيون اُني سنديون، ڪڏا ڪرون پُڇن.
هُن ملير کي سنڌ ڌرتي ۽ ماروئڙن کي وطن دوست ماڻهن جو اهڃاڻ سمجهي وطن ۽ وطن وارن جي اهميت کي خوب اجاگر ڪيو آهي.
[b]ادبي ايجادون:
[/b](1) شاهه عبدالڪريم پنهنجن جزبن، احساسن ۽ ويچارن جي اثرائتي اظهار جي لاءِ عبارت گهڙي جيڪا من موهيندڙ ۽ روح کي ريجهائڻ واري ۽ شعور کي جاڳائڻ واري آهي. اِها هن جي وڏي ادبي ايجاد آهي. شاهه ڪريم انتهائي ڪوششن سان پنهنجي عبارت جوڙي سنڌي شاعري کي وڏي هٿي ڏني آهي.
(2) شاهه ڪريم سنڌي قصن ۽ داستانن کي پهرين ڀيري استعمال ڪري هڪ نئين روايت جوڙي آهي. ائين هن شاعري کي رنگيني، لطافت ۽ وسعت بخشي آهي ۽ ڪيئي نصيحت جا نڪتا ۽ روحاني اسرار جوڙيا آهن. سسئي پنهون، سهڻي ميهار، عمر مارئي ۽ مورڙي مانگر مڇ جي قصن ۽ داستانن کي نئين ۽ نرالي انداز ۾ استعمال ڪري وڏو ادبي ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي.
”ڏورا پسي ڏور، جي وئين وهرو ڪري،
ماڪرياڙي مڇرا، هند نه وتين هور.“
(مورڙو مانگر مڇ)
اسين تتان آئيون، جت کونبو ناهه،
جي وڃون وياهه، ته پڻ مٿئون لويون.“
(عمر مارئي)
(3) شاهه ڪريم دوها سورٺا ميل جو استعمال ڪري دوهي جي صنف کي ٽوڙي اُن جي بدران بيت جي صنف کي جوڙي سنڌي شاعري کي خوب سينگاريو آهي. اِها هن جي وڏي ادبي خدمت آهي. پهرين هن دوهي کي دوها سورٺا ميل ۾ تبديل ڪيو.
”پاڻ ئي سلطان، پاڻ ئي ڏي سنيهڙا،
پاڻ ڪر، پاڻ لهي، پاڻ سڃاڻي پاڻ.“
*-*-*
”جيڪي گهران م وڃ، جيڪي موٽ م سهڻي،
هيڪڙائي هٿ ڪر، ٻيون ڀوري ڀڃ.“
شاهه ڪريم قافين جي جڳهين کي بدلائي بيت جي صنف کي جوڙڻ لاءِ ڪيترائي جتن ڪيا.
”جي لياڪا لوڪ ڏون، جان جان سي نه لتاءِ،
تان تان ٿئي نه ماءِ، پورو پسڻ پرينءَ سين.“
*-*-*
”وهاڻيءَ ئي وڃ، تو نه سرندي تن ري،
تان سا وڃي ڀڃ، پيئي جا ڪاڻ پرين سين.“
[b]شاهه ڪريم جي عبارت:
[/b]سيد حسام الدين راشدي پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ادب“ ۾ شاهه عبدالڪريم جي عبارت جي باري ۾ چوي ٿو ته ”هن پنهنجن شعرن ۾ جهوني سنڌي جا ڪيئي لفظ ڪم آندا آهن، جيڪي وڌيڪ چٽا آهن. اُنهي کان سواءِ عربي جا 29 لفظ ۽ فارسي جا 8 لفظ سندس ڪلام ۾ مليا آهن. انداز بيان بيحد مٺڙو اٿس.“
ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ شاهه ڪريم جو ڪلام جي مقدمي ۾ لاڙي ٻولي جي آوازن ۽ اهن جي ردو بدل جي باري ۾ سُٺو تحقيقي بحث ڪيو آهي. علم لسان موجب آواز ٻن قسمن جا ٿيندا آهن. حرف علت Vowels ۽ هرف صحيح (Consonents) لاڙي لهجي ۾ گهڻي قدر وسرڳ آواز جي بدران اوسرڳ آواز اُچاريا ويندا آهن. جيئن گهه بدران گ، لهه بدران ل نهه جي بدران ن ۽ ڻهه جي بدران ڻ يا ڙ اچاريو ويندو آهي.
هن مصرع ۾ پنهون بدران پنون آيو آهي. لاڙي لهجي ۾ اهه ا جو آواز ئي ترڪ ڪيل هوندو آهي. شاهه ڪريم جي ڪلام ۾ منهنجي بدران موجي آيو آهي.
”مت موجي ڪن ڪري، نھ کي جاب م ڌي.“
پهرين بدران پيرين آيو آهي:
”پيرين پاڻ وڃاءِ، پاڻ وڃائي هوءُ لَھ.“
شاهه ڪريم پنهنجي عبارت کي هسين ۽ رنگين بنائڻ جي لاءِ تشبيهن جو استعمال ڪري خوب رنگ رچايو آهي. لوهه کي سنداڻ تي ڌڪن لڳڻ کي محبوب جي بار بار ايندڙ ياد سان ڀيٽي ڪهڙو نه نئون نڪتو نروار ڪيو آهي.
”ڌڪين ڌات پيو، هينئڙو لھ سندان جنءَ،
سنڀاري کي سڄڻين، ورچي تان نه ويو.“
بيخبر ۽ غائب دل وارن ماڻهن کي خالي برتنن سان ڀيٽي اُنهن جي بي قدري ڪئي ويئي آهي. واهه جي تشبيهه آهي.
”هينئون نه حاضر جن، پري نه اکڙين ۾،
ٺلها ڍانڍا سکڻا، هيئن جاڙ جيئن.“
شاهه ڪريم جون چوڻيون ۽ پهاڪا هن جي عبارت کي خوب چمڪائن ٿا ۽ سنوارن ٿا.
”جر عجر جن اکين ۾، سي ڪنءَ پري پسن.“
*-*-*
”پڇڻا نه مُنجهڻا، جي پڇن سي وير.“
*-*-*
”جي جاڳندي من ۾، سُتي پڻ سيئي.“
*-*-*
”مُٺ ڀيڙيائي ڀلي، جهه اُپٽي ته واءُ.“
شاهه ڪريم اهڃاڻڪاري جو استعمال ڪري پنهنجي عبارت کي نوان رنگ ۽ نيون معنائون ڏنيون آهن. هو هنج کي نيڪ طالب جو اهڃاڻ ڪري سمجهي ٿو. هنج اونهي پاڻي ۾ رهي موتي ميڙي ٿو.
”هنج تتهين هوءِ، اوني ۾ اوڙاهه جو.“
شاهه ڪريم جي عبارت سادي ۽ سلوڻي آهي. اُن ۾ لطافت به آهي، تازگي به آهي ۽ توانائي به آهي. انهيءَ جي ذريعي شاهه ڪريم پنهنجن احساسن، تجربن ۽ آدرشن جو اظهار ڪري دلين کي موهي ڇڏي ٿو.
[b]شاهه ڪريم جي شاعري جي اهميت:
[/b]شاهه عبدالڪريم سنڌ جو هڪ ناميارو شاعر آهي. هن جي شاعري سنڌي قوم جي لاءِ هڪ بيمثال ادبي ۽ انساني تحفو آهي هو خدا داد ڏات ۽ ڏانءُ جي بيمثال ڪارنامن جي ذريعي سنڌين جي دلين ۾ زنده آهي ۽ زنده رهندو. هو پنهنجي خداداد ڏات ۽ من موهيندڙ اسلوب جي ڪارڻ سنڌي قوم جي مٿي جو موڙ بنجي، اُنهن جي دلين تي راڄ ڪندو رهندو.
شاهه ڪريم هڪ بيمثال ۽ بردبار شاعر آهي. هن جي شاعري ۾ نوان موضوع، نئون اسلوب ۽ بيشمار ادبي خوبيون آهن. ڊاڪٽر نجم الاسلام پنهنجي اردو ڪتاب ”ابيات شاهه ڪريم“ جي مقدمي ۾ خوب لکيو آهي: ”شاهه ڪريم جي ڪلام ۾ ادبي خوبيون ڪمال درجي تي پهتل نظر اچن ٿيون. هن جي ڪلام ۾ جدت ۽ انفراديت آهي. جيڪڏهن هن کي سنڌ جو پهريون جديد سنڌي شاعر چئجي ته بجا ٿيندو. هن سماج ۽ ماحول جي ترجماني ۾ جدت پيدا ڪئي آهي.“
انهيءَ ۾ ڪو به شڪ ناهي ته شاهه ڪريم سنڌ جي زندگي جو سَچو تجزيڪار آهي. هو سنڌ ۽ اُن جي رسمن، رواجن ۽ روايتن جو گهرو مشاهدو ڪري، ان جي اثرات ۽ نتيجن کي پنهنجي شاعري جو سينگار بنايو آهي. شاهه ڪريم ڪيتريون ئي نيون روايتون قائم ڪري سنڌي شاعري کي سگهارو بنايو آهي ۽ سنڌي ادب ۾ نيون نيون راهون روشن ڪيون آهن.
شاهه ڪريم اڪيلي سر پنهنجي ڏات ۽ ڏانءُ جو ڪمال ڪاريگري سان استعمال ڪري انوکو ۽ اثرائتو اسلوب جوڙيو آهي. جيڪو نه صرف اسان جي ادبي سڃاڻپ آهي پر هن جي جستجو ۽ جاکوڙ جو اڻمٽ ثبوت آهي. هن جي عبارت هڪ وڏو ادبي ڪارنامو آهي. جيڪو وسارڻ جوڳو ناهي. هن سنڌ جي سڀني معامرن جي سچائي ۽ ايمانداري سان ترجماني ڪري، جدت جو رنگ اختيار ڪري پنهنجي عظمت کي مڃارايو آهي. عبارت محبت ڀريو هٿيار آهي. جنهن جي ذريعي هو بدي کي ڪاٽي نيڪي کي نروار ڪري ٿو. پنهنجي عمده (Sublime) عبارت جي ذريعي هو ماڻهو کي ماڻهو سان ملائي، اُن کي رب جي قريب آڻڻ جا جتن ڪري ٿو.
اسين سڪون جن کي، سي تا اسين پاڻ،
هاڻي وڃ گُمان، صحيح سڃاتا سپرين.
شاهه ڪريم جي اسلوب جي لطافت، تازگي ۽ روح ريجهائيندڙ راهت جو آند ماڻيو.
”پاڻياري سڀڪا، جا سر گهڙو ڌري،
ڪوئي سندي سجڻي، ڪا پورهئي ڪان ڀري.“
شاهه ڪريم پنهنجي شاعري ۾ سنڌ جي قصن ۽ داستانن جو فنڪارا نه استعمال ڪيو آهي ۽ اُنهن جي خاص حصن کي ڪمال ڪاريگري سان ڪم آڻي اُنهن مان نصيحت جا باريڪ نڪتا ۽ روحاني راز ۽ رمزون نروار ڪيون آهن. هن سنڌ جي مشهور قصن ۽ داستانن جي ڪن حصن مان معنيٰ جا موتي ميڙي وڏو چمتڪار ڪيو آهي. هي بيت پڙهيو ۽ ان ۾ سمايل اسرار کي پروڙي روح کي راحت پهچايو.
”امڙ کوءِ گهروءِ، منجهان سائڙ وڃي نگيو،
هنيرو ڏيئي وٽ جنءَ، مون جنءَ تان نه ٻروءِ.“
شاهه ڪريم پنهنجن تجربن ۽ درويشن جي صحبت مان حاصل ڪيل معلومات کي چوڻين ۽ پهاڪن ۾ ظاهر ڪري پنهنجي شاعري کي خوب دلڪش ۽ دل نشين بنايو آهي. اهي چوڻيون ۽ پهاڪا اهڙا ته معنيٰ خيز آهن جيڪي ماڻهن کي صحيح واٽ ڏيکارن ٿا، اُنهن جي مُنجهه مٽائن ٿا ۽ اُنهن کي مصيبتن کي کِلي پار ڪرڻ جو درس ڏين ٿا.
”مورک مور نه ٻُجهڻا، هيڏانهن هوڏانهن ڪن،
ڪٽر جن اکين ۾ ڪي ڪنءَ پريءَ پسن.“
*-*-*
”پُڇڻا نه منجهڻا، جي پُڇن سي وير.“
*-*-*
”ري پاجي کٽئي، سپر ٻري نه باهه.“
شاهه ڪريم اهڃاڻڪاري جي ميدان ۾ وڏو ڪم ڪيو آهي ۽ آئنده جي شاعرن لاءِ هڪ نئين راهه جوڙي آهي. هن ماڻهن جي خوبين ۽ خامين جو مطالعو ڪري، اُنهن کي اهڃاڻن جي ذريعي پيش ڪري انهن مان نيون معنائون هٿ ڪيون آهن. هو ڪلاچي جي ڪن کي تباهي ۽ بربادي جو اهڃاڻ سمجهي ٿو، جنهن ۾ هر شيءِ غرق ٿيو وڃي ٿي.
”ڪلاچي ڪنان، موٽي ڪو نه آئيو،
ڪنين رڇ وڃايا، ڪنين توبھ تاءُ.“
شاهه ڪريم تجنيس حرفي ۽ خوبصورت تشبيهن جو استعمال ڪري پنهنجي شاعري کي خوب چمڪايو آهي. هن جون تشبيهون سوني جي زيورن کان وڌيڪ چلڪڻيون آهن ۽ چاندي جي زيورن کان وڌ چوکيون آهن.
شاهه ڪريم جي ڪلام ۾ روايتن ۽ انفراديت جو ڪهڙو نه افرادي ۽ نقطه نظر جو ڪهڙو نه سريلو سنگم آهن. انهيءَ اثرائتي سنگم جو جادو سندس ڪلام ۾ هر هنڌ جرڪندو نظر اچي ٿو. ڪيترن ئي شاعرن هن جي اثر هيٺ ڪلام جوڙي پاڻ ملهايو آهي. شاهه عبداللطيف جي شاعري تي شاهه ڪريم جي شاعري جو چٽو اٿر نطر اچي ٿو. شاهه لطيف شاهه ڪريم جي ڪلام کان ڏاڍو متاثر هو. شاهه ڪريم جو ڪلام هر وقت هن سان گڏ هوندو هو. شاهه لطيف ڪجهه بيت شاهه ڪريم جي بيتن ڀرسان لکيا آهن، ڪجهه بيت هن جي تتبع ۾ لکيا آهن. ۽ ڪجهه بيت چئي شاهه ڪريم جي بيتن جي وضاحت ڪئي آهي.
(1) ڪريم جو ڪلام:
هينون نه حاضر جن، پريءَ نه اکڙين ۾،
ٺلها ڍانڍا سکڻا، هيئين جاڙ جيئن.
لطيف جو بيت:
پرين نه اکڙين ۾، هينئون نه حاضر جن،
سي هينئهين جاڙ جين، ٺلها ٺا ٺا سکڻا.
(2) ڪريم جو بيت:
وائي ٻي م ڀُل، مِران، موران پکڻا،
بلا، سندو سڄڻين، هو هلاچو هُل.
لطيف جو بيت:
وحدتا ڪثرت ٿي، ڪثرت وحدت ڪل،
حق حقيقي هيڪڙو، ٻولي ٻي مَ ڀُل،
هو هلاچو هل، بالله سندو سڄڻين.
هن بيت ۾ شاهه لطيف شاهه ڪريم جي بيت جي ........... ڪئي آهي.
(3) شاهه ڪريم جو بيت:
مورک مور م ٻجهڻا، هيڏانهن هوڏانهن ڪن،
ڪٽر جن اکين ۾، ڪي سي پرينءَ پسن.
شاهه لطيف جو بيت:
مورک مور م ٻُجهڻا، هيڏانهن هوڏانهن ڪن،
سي ڪيئن پرين پسن، ڪٽر جن اکين ۾.
هي بيت شاهه لطيف شاهه ڪريم جي ڀر سان لکيو آهي.
(4) شاهه ڪريم جو يبت:
جي جاڳندي من ۾، سُتي پڻ سيئي،
من پريان نيهي ٻگهيو پاڻ ڳري.
لطيف جو بيت:
تن تسبيح، من مڻيو، دل دنبورو جن،
تندون جي طلب جون وحدت سر وڄن،
وحده لاشريڪ له اهو رڳ رڳن
سي ستائي جاڳن، ننڊ عبادت اُن جي.
شاهه ڪريم ۽ شاهه لطيف جي ڪلام ۾ اهڙيون هڪ جهڙايون ڏسي ائين چوڻ درست پيو لڳي ته شاهه ڪريم ۽ شاهه لطيف هڪ ئي ڪلام جا ٻه پاسا آهن.
شاهه عبدالڪريم هڪ منفرد شاعر آهي. هن جي جدت ۽ انفراديت هن کي ٻين شاعرن کان مٿاهون درجو ڏياريو آهي. هن جو شعور هن جي دل جون دريون کولي هن کي سڀ ڪجهه پسائي ٿو، هن کي ماڻهن سان محبت ڪرڻ جو ڦل پهچائي ٿو ۽ هن جي زندگي ۾ روحاني جلوو نروار ڪري ماڻهو ۽ مالڪ کي هڪ ٻئي جي قريب آڻي ٿو.
[b]مددي ڪتاب
[/b](1) ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو. سنڌي ادب جي مختصر تاريخ.
(2) ڊاڪٽر عبدالغفور سنڌي. سنڌي ادب جي مختصر تاريخ.
(3) محمد صديق ميمڻ. سنڌ جي ادبي تاريخ ڀاڱو پهريون.
(4) ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ. سنڌي ادب جو تنقيدي اڀياس.
(5) ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ. لطيفي لات.
(6) سيد حسام الدين راشدي. سنڌي ادب.
(7) ڊاڪٽر انجم الاسلام. ابيات شاهه ڪريم جو مقدمو.
(8) موتي لال جوتواڻي. انگريزي ڪتابچي ”شاهه ڪريم هڪ سنڌي صوفي شاعر جي تمهيد.
(9) پروفيسر اڪرم انصاري. موتي لال جوتواڻي جي انگريزي ڪتابچي ”شاهه ڪريم هڪ سنڌي صوفي شاعر جو مقدمو“.