لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سنڌي ٻوليءَ جا سرجڻهار شاعر

سنڌي شاعريءَ جي مختلف دورن بابت لکيل تحقيقي مضمونن ۽ مقالن تي مشتمل هن ڪتاب جو ليکڪ پروفيسر سروپچندر شاد آهي. شاد صاحب مهاڳ ۾ لکي ٿو:
”مون پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جا سرجڻهار شاعر“ ۾ قاضي قادن کان شيخ اياز تائين جي زماني واري شاعري کي ارڙهن دور ۾ ورهايو آهي. مون تفصيل سان هر دور ۾ اڀرندڙ نقطن، مضمونن ۽ شاعرانه نمونن جو تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي.“

Title Cover of book Sindhi Boli'a ja Sarjenhaar Shair

خليفو گُل محمد گُل(1804 1855ع)

[b]اديبن ۽ نقادن جا رايا
[/b]
(1)”خليفو گل محمد پهريون شخيص آهي جنهن سنڌي ۾ الف ب وار حروفن جي لحاظ کان ”ديوان“ مڪمل ڪيو ۽ شايع ڪرايو.“
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“

(2)”خليفو گل عروضي شاعري جو پهريون شاعر نه آهي، پر پهريون صاحب ديوان شاعر ضرور آهي.“
ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ”سنڌي ادب جو تنقيدي جائزو“

(3)”قدما ۾ خليفو گل پنهنجي رمز ۾ يگانو هو. هن پنهنجي محنت سان نج سنڌي غزل جو مجسمو تيار ڪيو ۽ اُن ۾ ساهه وڌو، مگر اُهو غزل اڃان ٻارڙو هو ۽ ڄڻ لباس جي زيب و زينت کان محروم هو.“
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ”ڪُليات سانگي“

[b]غزل جو پهريون سنڌي شاعر:
[/b]يقين سان چئي سگهجي ٿو ته خليفو گل پهريون سنڌي شاعر آهي جنهن سنڌي ٻولي ۾ غزل کي سرجي، سُڌاري ۽ سنواري اُن کي قابل قبول صنف، سُخن بنائي، سنڌي شاعري ۾ وڏو ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي.
خليفو گل سنڌي ادب جو هڪ نئون اهل قلم ۽ سرجڻهار شاعر آهي. ”سنڌي غزل جو تجزيو“ جو ليکڪ شيخ عبدالرزاق راز جي راءِ مطابق ”گل اسان جي ٻولي ۾ غزل جو خالق آهي. جيئن ته هو فارسي ٻولي جو عالم هو، کيس غزل جي روايت ۽ روح جي چڱي طرح ڄاڻ هئي، تنهن هوندي به هن سنڌي غزل جي مزاج کي سنڌ جي حالتن مطابق بدلائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.“ خليفو گل پهريون سنڌي شاعر آهي جنهن سنڌي ٻولي ۾ غزل جو بنياد رکيو. گل پهريون سنڌي شاعر آهي جنهن سنڌي ٻوليءَ ۾ غزلن جو ديوان مرتب ڪيو گل پهريون سنڌي شاعر آهي جنهن تغزل کي، جنهن کي غزل جي جان سمجهيو وڃي ٿو. ثانوي حيثيت ڏني ڇاڪاڻ ته اهو سنڌي ماڻهن ۽ انهن جي روايتن سان ٺهڪندڙ نه هو.گل پهريون سنڌي شاعر آهي جنهن غزل ۾ فارسي روايتن جي بدران سنڌي روايتن کي رائج ڪيو .گل پهريون سنڌي شاعر آهي جنهن غزل ۾ تصوف کي ملائي هڪ نئين هم آهنگي جو بنياد رکيو.گل پهريون سنڌي شاعر آهي.جنهن فطرت نگاري کي غزل جو خاص جُزو بنايو گل پهريون سنڌي شاعر آهي. جنهن فارسيت جي بدران سنڌيت، پرائپ بدران پنهنجايت جو بنياد رکيو. گل پهريون سنڌي شاعرآهي جنهن غزل جي ٻولي ۾ نج سنڌي لفظ،محاوا ۽ تشبيهون ڪم آڻي اُن کي سنڌي شاعري جي هڪ ڪامياب صنف بڻايو . گل پهريون سنڌي شاعر آهي جنهن اوپرن قدرن جي بدران خالص سنڌي قدرن جي ترجماني ڪري خوب داد حاصل ڪيو. گل پهريون سنڌي شاعر آهي جنهن غزل جي موضوئن ۾ وسعت پيدا ڪري، سنڌ جي مسقبل جي شاعرن لاءِ هڪ پڪو ۽ پختو رستو گهڙيو. خليفي گل جي دور کي جديد سنڌي شاعري جي شروعات سڏجي ته مناسب آهي
آخوند گل محمد گل سنڌي غزل جو پهريون سرجڻهار شاعر هو. هو هڪ صاف دل صوفي ۽ عاشقانا مزاح جو اڪمل انسان هو. هو هڪ وڏو بزرگ ۽ درويش صفت انسان هو هو هڪ وڏو عالم ۽ باڪمال شاعر هو. هو تصوف جو حقيقي پير وڪار ۽ عشق ۽ حسن جو سچو پرستار هو. ھو هڪ متقي ۽ پيرهيزگار مومن هو. هو سڀني جو ،خيرخواهه، همدرد، يار وفادار، سچار ۽ ديندار انسان هو. هن جا پنهنجا ڪيترائي مريد هئا. هو پنهنجي علم کي فياضي سان ورهائيندو هو. ڪافي طالب علم هن کان درس حاصل ڪندا هئا ۽ هن کي اعليٰ اُستاد سمجهي کيس ڀائيندا هئا.
جنم تعليم ۽ نوڪري:
آخوند گل محمد جو تعلق هالا پراڻا جي سانوڻي آخوندن سان هو. هو علم، فضيلت ۽ فڪر ۽ فهم جي ڪري قديم زماني کان وٺي ڏاڍو مشهور هو. سندن علم سان محبت جي ڪري هالا پراڻن ۾ سانوڻي آخوندن کي ”اُستاد گهر“ سڏيو ويندو هو. سيد حسام الدين جي لفظن ۾ ”هي گهراڻو پنهنجي دور ۾ ديني علم جو مرڪز رهيو آهي.“
آخوند گل محمد جي پيدائش سنه 1806ع ۾ ٿي هن پنهنجي اباڻي مڪتب ۾ فارسي ۽ عربي جي تعليم حاصل ڪئي. هن کي اردو ۽ هندي ٻولين جي چڱي ڄاڻ هئي. هو پڙهائيءَ ۾ ڏاڍو تيز هوندو هو.
آخوند گل محمد جا وڏا روهڙي واري پير پاڳاري جا خاص مريد ۽ خليفا هوندا هئا. آخوند گل محمد جي والد جي وفات کان پوءِ خلافت جي پڳ آخوند گل محمد کي ملي ۽ هو خليو گل محمد جي نالي سان مشهور ٿيو. خليفي گل محمد جي پير پاڳاري جي سڀني مريدن ۾ خاص عزت هوندي هئي. هو گهڻو وقت مريدن ۽ خادمن وٽ گُذاريندو هو ۽ باقائدگي سان پير پاڳاري جا فرض نڀائيندي سيڪڙ حاصل ڪرڻ ۾ گذاريندو هو. پير پاڳارو هن جي فرمانبرداري ۽ ايمانداري ڪري خليفي گل مان ڏاڍو خوش هوندو هو ۽ هن جا خادم ۽ مريد خليفي گل محمد کي چاهيندا هئا.
خليفي گل محمد جو گهڻو وقت هالا تعلقي جي کيبرن ڳوٺ ۾ گذرندو هو. اِتي هن کي مجازي عشق جي چوٽ لڳي.
”اندر ۾ عشق جنهن جي جاءِ پنهنجي ٿو رهي جوڙي،
وس برسات جيئن دائم تنين جا نيڻ ٿيا آلا.“
هن اوچتي عشق سندس زندگي بدلائي ڇڏي. سڄڻ جي ديدار جي سڪ کيس مجازي عاشق بنائي هر هنڌ مشهور ڪري ڇڏيو. هن جيدل ۾ رونق، رعنائي ۽ تازگي ڀري، هن کي شاعري ڪرڻ تي آماده ڪيو. سڄڻ جي جُدائي کيس جهوري وڌو. هن جي زندگي ڄڻ برباد ٿي ويئي. غم سهندي، سورن سان لڙندي، هن جو روح مرندي مرندي وري زنده ٿي جاڳي اُٿيو. هن کي دُنيا بدليل بدليل ڏسڻ ۾ آئي هن جون اکيون کلي ويسون. سرسٽي هن کي پنهنجي طرف مايل ڪيو. هن کي هر شيءِ ۾ عشق ۽ حسن جو جلوو ڏسڻ ۾ آيو. مٽيءَ جي خوشبوءِ هن کي سنڌ جو سپوت پُٽ بنائي ڇڏيو.

[b]شريعت جو شاعر
[/b]خليفو گل محمد شريعت جو ماهر هو ۽ طريقت ۽ معرفت کان خوب واقف هو. هو هڪ بلند اخلاق شخص هو. هو راڻو ملڻو، همدرد ۽ سچار شخص هو. هو مريدن ۽ خادمن سان هر وقت ملندو رهندو هو. کيبرن جي ڳوٺ ۾ هن وٽ وڏا ميڙاڪا ٿيندا هئا. ڪي ڪي مريد هن وٽ سوال کڻي ايندا هُئا. هو انهن کي جواب ڏيئي. اُنهن کي خوش ڪندو هو. هو هارين، لوهارن، واڍن، درزين، ڪورين، مهاڻن، مير بحرن، شڪارين، صرافن وغيره سان ڪچهريون ڪندو هو. اُنهن جي ٻولي جي نج لفظن، ترڪيبن، محاورن ۽ تشبيهن وغيره کي ذهن ۾ سانڍي رکندو هو ۽ اُنهن مان معنيٰ جو موتي حاصل ڪري پڙهندڙن ۽ ٻڌندڙن کي محبت ۽ حقيقت جو درس ڏيندو هو. اُنهن کي پنهنجي ڪلام ۾ ڪم آڻي، ترقي جون راهون طئي ڪندو هو. هن نج سنڌي لفظ، محاورا ۽ تشبيهون ڳولي پنهنجي ڪلام کي خوب مقبول بنايو.
کيبرن جي ڳوٺ ۾ ادبي ميڙاڪا به ٿيندا هوندا. آسي پاسي جا مقامي شاعر ۽ لوڪ شاعر اُنهن ميڙاڪن ۾ حصو وٺندا هوندا. خليفي گل جو دوست ۽ عزيز آخوند محمد قاسم (1812_1889ع) ۽ ٻيا انهن ميڙاڪن ۾ شريڪ ٿي ادبي محفلون مچائيندا هوندا. خليفو گل اهڙي ميڙاڪن ۾ حصو وٺي هڪ سٺو تبصري نگار بڻجي ويو هوندو. هن جو دوست ۽ عزيز آخوند قاسم شروع شروع ۾ فارسي ۾ شاعري ڪندو هو. خليفي گل هن کي صلاح ڏني ته هو سنڌي ۾ شاعري ڪري. آخوند قاسم هن جي صلاح تي غور نه ڪيو پر پوءِ سيد محمد فاضل شاهه جي چوڻ تي سنڌي ۾ شاعري ڪرڻ شروع ڪئي.
خليفو گل ۽ آخوند قاسم ڪڏهن ڪڏهن گڏ ٿي شاعري ڪندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن هڪ ٻئي جي ڪلام جي واکاڻ ڪندا هئا ۽ ڪڏهن ڪڏهن وري هڪ ٻئي تي تنقيد به ڪندا هئا. آخوند قاسم غزل سان گڏ ٻين صنفن جهڙوڪ ڪافي، مولود، قصيدا، قطعا، مثنويون وغيره لکيون. خليفي گل جا صرف 175 غزل ۽ هڪ قطعو موجود آهي. خليفي گل پنهنجي دوست ۽ عزيز آخوند قاسم جيان ڪي ڪافيون به لکيون هونديون، ڪي مولود به لکيا هوندا، ڪي قطعا به لکيا هوندا، ڪي قصيدا به لکيا هوندا ۽ ڪي مثنويون به لکيون هونديون، پر اُنهن جو ڪٿي به ذڪر موجود ناهي.

[b]ديوان گل جو سرجڻ:
[/b]خليفو گل ستيتاليهن ورهين جي عمر ۾ حج ڪرڻ ويو، حج تي ويندي ڪجهه وقت بمبئي ۾ ترسي پيو ۽ پنهنجو ڪلام ليٿو ۾ ڇپرايو ۽ اُنهن جون ڪاپيون سنڌ ڏي روانيون ڪيون. بمبئي مان جيئن عربستان پهتو تيئن مڪھ معظمھ ۾ عيسوي سن 1855ع ۾ انتقال ڪري ويو. خليفو گل محمد هڪ وڏو شاعر ۽ قابل قدر شخص هو. هن سنڌي شاعري ۾ ڪيترائي اضافا ڪيا. انهيءَ ڪري موزون ڪلام چوندڙ شاعرن ۾ هن جو درجو بلند ۽ بالا آهي.
خليفي گل محمد ”گل“ جي هڪ ئي تصنيف ڇپيل آهي، جنهن کي ”ديوان گل“ چيو وڃي ٿو. ديوان گل ۾ 175 غزل ۽ ڪجهه قطعا آهن. ديوان گل جي اصلوڪي ڪاپي بمبئي ۾ ليٿو ۾ ڇپي هئي. اُها اصلوڪي ڪاپي ڪٿي به نٿي ملي.
ديوان گل جا هيٺيان ڇاپا ڇپيل آهن.
(1) 1915ع ۾ هريسنگهه ڪتب فروض طرفان ليٿو ۾ ڇپايل ڇاپو.
(2) 1919ع ۾ سنڌي ساهت سوسائٽي طرفان ڇپايل ديوان گل جو ڇاپو.
(3) مرزا قليچ بيگ طرفان شايع ڪرايل ڇاپو.
(4) ۽ مسلم ادبي سوسائٽي طرفان ڇپايل ديوان گل جو ڇاپو.
خليفي گل محمد گل ڪافي ڪجهه لکيو هوندو. سنڌ جي دانشورن، نقادن ۽ محققن کي گهرجي ته هو جاکوڙ ڪري خليفي گل جو سمورو ڪلام هٿ ڪن ۽ هڪ مڪمل ۽ مستند ڇاپو ڇپرائي پڌرو ڪن جيئن ته سنڌي شاعري ۾ ڪا واڌ اچي ۽ خليفي گل جي سنڌي شاعري ۾ اهميت جو اندازو لڳائي سگهجي.
هن غزل کي سنڌي ۾ رائج ڪيو:
خليفو گل پهريون سنڌي شاعر آهي جنهن سنڌيءَ ٻولي ۾ غزل جي صنف کي سرجي، سُڌاري ۽ سنواري مستقبل جي سنڌي غزل گو شاعرن جي لاءِ هڪ انمول ادبي تحفو پيش ڪيو آهي. خليفو گل سنڌي غزل جو موجد آهي. گل ئي پهريون سنڌي شاعر آهي، جنهن سنڌي غزلن جو مڪمل ديوان جوڙي، اُن کي ڇپائي اهل وطن ۽ اهل قلم جي اڳيان پيش ڪيو.
خليفو گل فارسي ۽ عربي ٻولين جو ماهر هو، هن جي وقت ۾ عروضي شاعري جي لکجڻ جي باري ۾ ڪجهه ثبوت ملي رهيا آهن. سنڌي شاعر عروضي شاعري جي مختلف صنفن جهڙوڪ غزل، مرثيو، مثنوي، رباعي، قصيدي ۽ مسدس وغيره ۾ خوب لکي رهيا هئا. خليفو گل هڪ عاشق مزاح انسان هو. حسن جو سچو پيروڪار هو.انهيءَ ڪري غزل هن جو ڌيان ڇڪايو. هن غزل جي لوازمن تي غور ويچار ڪرڻ کان پوءِ سنڌي ۾ غزل لکڻ شروع ڪيا شروع شروع ۾ هن فارسي اصولن، روايتن ۽ ترڪيبن مطابق سنڌي ٻولي ۾غزل لکيا جيڪي مقبول عام بڻجي نه سگهيا.
انهي وقت فارسي صنفن کانسواءِ سنڌي صنفون جهڙوڪ ڪافي، مولود، مدح وغيره زور شور سان رائج هيون. سنڌ جا ڳوٺاڻا شاعر انهن ديسي صنفن ۾شاعري ڪري، شاعري جي معيار کي وڏي اوج تي آڻي چڪا هئا. خليفي گل ديسي صنفن کي نظر ۾ رکيو. هن غزل کي عام ماڻهن ۾ مقبول بنائڻ لاءِ ڪيئي نيون تبديليون آنديون هن غزل کي سنڌ جي حالتن ۽ روايتن ۽ سنڌي ماڻهن جي مزاج مطابق لکڻ شروع ڪيو. نج سنڌي لفظ، نج سنڌي قافيا، سنڌي ترڪيبون سنڌي محاورا، سنڌي استعارا، سنڌي مثال ۽ سنڌي تشبيهون ڪم آڻي غزل کي هڪ مقبول ۽ دلفريب صنف بنائي ورتو. هن غزل جي موضوئن ۾ فراواني آڻي، غزل کي وڏي وسعت بخشي. هن غزل ۾ انساني قدرن جهڙوڪ سونهن، محبت ۽ صداقت کي کولي نروار ڪيو. هن سنڌ جي پنهنجن خصوصي قدرن جهڙوڪ حب الوطني، پيار، پورهئي، انسان دوستي، همدردي ۽ هڪ ٻئي سان همراهي کي غزل ۾ شامل ڪري نه صرف غزل ۾ رعنائي، تازگي ۽ دلچسپي ڀري پر غزل کي به مقبول عام بنايو. خليفي گل سنڌ جي تاريخي، ثقافتي، معاشي ۽ معاشرتي حالتن کي غزل جو جُزو بنائي وڏو داد حاصل ڪيو هو. غزل جي اندروني پهلوئن کي خارجي رازن ۽ رمزن سان هم آهنگ ڪري غزل جي صنف کي مقبول بنايو.
آڳاٽي وقت کان وٺي سنڌ ۾ تصوف جو چرچو رهيو آهي. سنڌ جي اهل قلم دانشورن ۽ ڪلاسيڪي شاعرن پنهنجين تاريخي ثقافتي ۽ رومانوي ڪهاڻين جي ذريعي تصوف جو اظهار ڪري سنڌين تي هڪ نفسياتي اثر وڌو ۽ اُنهن جي سوچڻ، سمجهڻ ۽ عمل ڪرڻ جي صلاحيتن کي هڪ الڳ رنگ ۾ رڱي اُنهن جي مزاج جو لافاني حصو بنائي ڇڏيو. سنڌين جو مزاج تصوف جي روايتن ۽ ثقافتي ۽ رومانوي تحريڪن جي اڻمٽ ٻنڌڻ ۾ ٻڌل هڪ پر اثر احساس آهي، عمل آهي ۽ هڪ آزاد اثر انگيز حڪمت عملي آهي. سنڌ جي ڌرتي تي ڪيئي تبديليون آيون، ڪيئي انقلاب برپا ٿيا ۽ ڪيئي تحريڪون نمودار ٿيون پر سنڌ واسين جي مزاج ۾ ڪڏهن به ڦيرو نه آيو. اُنهن جو مزاج جيئن جو تيئن، قائم ۽ دائم آهي.

[b]فارسي ٻولي جو ماهر:
[/b]خليفو گل فارسي ٻولي جو وڏو ماهر هو. هو غزل جي مزاج ۽ روايتن کان چڱي طرح واقف هو. تنهن هوندي به هن سنڌي غزل کي سنڌ جي حالتن ۽ سنڌ جي ماڻهن جي مزاج مطابق تبديل ڪرڻ جي شروعات ڪئي ۽ اُنهي ۾ هو ڪامياب ٿيو. هن غزل ۾ نوان نوان موضوع شامل ڪري اُن کي وسعت بخشي هن فارسي غزل کي سنڌي ويس پارائي وڏو ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي.
شيخ اياز جي خيال ۾ ”عروضي شاعري جي خالق خليفي گل محمد غزل مان تغزل کي اوپرو سمجهي ڇڏي ڏنو هو ڇاڪاڻ ته اُهو سنڌي شاعري سان ٽهڪندڙ نه هو.“ خليفي گل تغزل کي ڇڏي نه ڏنو هو پر تغزل کي ثانوي حيثيت طور استعمال ڪيو. گل غزل ۾ نوان نوان موضوع ڀري اُن کي دلچسپ ۽ دلپسند بنايو. هن سنڌ جي ريتن، رسمن ۽ روايتن ۽ سنڌي ماڻهن جي مزاج، جيڪو اُنهن جي خمير مان ڦٽي نڪتو آهي، مطابق غزل لکي هڪ انقلابي قدم کنيو. هن فارسيت بدران اصليت جي راهه اختيار ڪئي. هن فارسي ٻولي جي بدران سنڌي ٻولي کي استعمال ڪيو. هن نج سنڌي لفظ، قافيا، ترڪيبون، محاورا، استعارا تشبيهون وغيره استعمال ڪري غزل کي سنڌي صنف سُخن بنائڻ جي ڪوشش ڪئي. هن غزل ۾ نوان نوان موضوع ڪم آڻي غزل جي دامن کي ڪشاده بنايو ۽ سنڌي شاعر نيئن صنف ۾ واڌارو آڻي ان جون راهون روشن ڪيون.
غزل هڪ چت چور حسينا جيان آهي. غزل شاعر جي اندر جو آواز آهي، هن جي روح جي صدا آهي. غزل شاعر جي پنهنجي ڪهاڻي، پنهنجي زباني آهي. غزل شاعر جي داخلي ڪيفيتن جو اُپٽار ڪندو آهي. غزل هن جي پورن ۽ سورن جي آتم ڪهاڻي هوندي آهي. گل هڪ دُنيادار شخص هو. هو معاشي، معاشرتي، اخلاقي، ثقافتي ۽ سياسي قدرن جو ڄاڻو هو. انهي ڪري هن غزل جي داخلي انداز کي صرف داخليت تائين محدود نه رکيو. هن خارجي پهلوئن کي غزل ۾ شامل ڪري، غزل کي جڳ جي ڪهاڻي به بنايو. هن غزل جي دالي رازن ۽ رمزن کي خارجي پهلوئن سان ملائي غزل کي مڪمل صنف بنايو آهي. انهيءَ ڪري گل جي غزل ۾ سونهن آهي، سچائي آهي، سهامڻو سوز آهي ۽ مٺو مٺو گذار به نظر اچي ٿو.
خليفو گل سچو عاشق ۽ حسن جو سچو پوڄاري هو. هن عشق کي پنهنجي ڪلام ۾ فيلصوفانه رنگ ۾ پيش ڪيو آهي. هن جي نظر ۾ سچو عشق پهرين سختيون ڏيئي ماري ٿو ۽ پوءِ نئين سر جياري هميشه جي لاءِ سر خرو بنائي ٿو. گل جي ڪلام ۾ عشق جو نئون ۽ نرالو وجود روان دوان آهي. عشق جي تپش پهرين سيني کي ساڙي ٿي. محبوب جي سڪ انهيءَ ۾ باهه جي چڻنگ لڳائي ٿي ۽ دلبر جي ديدار جي تڙپ اُن باهه کي تبر ڪري، هن کي خاڪستر بنائي ڇڏي ٿي سچا عاشق مري مات نه ٿيندا آهن. اُهي نئين زندگي حاصل ڪري لافاني بڻجي ويندا آهن. گل هن شعر ۾ عشق جي تپش جو خوب ذڪر ڪيو آهي.
”دل ٿي پچي پرت ۾ تو لئه پرين پيارا،
آءُ ڪين اڱڻ منهنجي، محبوب جيءَ جيارا.“
خليفي گل غزل ۾ ڪيترائي نوان موضوع ڪم آندا جيڪي عام طرح غزل سان واسطو رکندڙ نه هوندا آهن. گل توحيد کي غزل جو موضوع بنائي وڏو ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي. هن غزل جي ٻن سٽن ۾ باريڪبيني ۽ ڪمال ڪاريگري سان توحيد جي نظريئي کي کولي ظاهر ڪيو آهي.
”خاڪ منجهه فڪرات هجڄي ويئي ماٺ ٿي تنهن کي نصيب،
واءُ منجهه وڻڪار ٻولي تونهين تون، تونهين تون، تونهين تون.“
گل رسالت جي اقرار کي غزل ۾ اشارن ۽ ڪنايعي جي رستي بيان ڪري غزل کي دلچسپ بنايو آهي.
”آهه هادي تنهن سندو همراهه جنهن مڃيو محمد رسول الله،
آهه سو شاهه شاهه شهنشاهه جنهن مڃيو محمد رسول الله.“
خليفي گل جي دور ۾ فرنگين سنڌ ۾ پير پاتو ۽ سنڌ جي سياست ۾ وڏي اُٿل پٿل آئي. سنڌي معاشري ۾ وڏيون تبديليون آيون. انهن ٻاهرين سوداگرن اچي سنڌ ۾ ڪوڙ ۽ ڪچ جو سودو ڪيو.سنڌين جي زرخيز زمين اُپت وڃائي ويٺي.
”اچي سوداگر راتو ڏيهان ملهه وٺن وڪڻي خراب،
ڪوڙ دُنيا جا ڪٿي اي دل ڪيئي آيا ويا؟“
گل کلي طرح چئي ڏنو:
”دنيا جي عيش عشرت کي پري هڻ تون کڻي ڀالا.“
گُل سنڀالي سنڀالي معاشي ۽ معاشرتي مسئلن کي غزل جا موضوع بنائي غزل جي عام ماڻهن جي قريب ۽ زندگيءَ جي ويجهو آندو.
غزل ۾ فطرت نگاري جي حيثيت ثانوي هوندي آهي، پر خليفو گل اُن کي غزل جو خاص جُزو بنايو آهي. گل سمجهي ٿو ته قدرت ۽ اُن جا نظارا رب جا آئينا آهن جن ۾ الله تعاليٰ جي ذات جرڪندي، ٻهڪندي ۽ڳجها اشارا ڪندي نظر اچي ٿي. گل فطرت نگاري جو وڏو شاعر آهي. هو فطرت جي روح پرور نظارن کي اکيون کولي ڏسي ٿو، روح کي ريجهائي ٿو ۽ سَوَن اسرارن کي کولڻ جو جتن ڪري ٿو.
خليفو گل پاڻي، واءُ، سڪل ٺوٺ زمين جي ڪُک مان اُن، گاهه، گلزاريون، سرهاڻيون ظاهر ڪري ٿو جيڪي ڌرتي کي خوشحالي جي سر زمين بنائي ڇڏينديون.
”هڪ طرف گجيون ۽ گوڙون، ٻئي طرف کوڻيون کنوَن،
مينهن ٽا ٽا ڪيو ٽمن، باهيون ٻرن چوڏس هزار.“
ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ خليفي گل کي ”جهونو عوامي شاعر“ سمجهي ٿو. اِهو صحيح ڪو نه آهي. گل جي شاعري عوامي رنگ ۾ رتل ضرور آهي. گل ڳوٺاڻي ٻولي جا لفظ، قافيا، محاورا، تشبيهون وغيره استعمال ڪري غزل ۾ عوامي رنگ ڀرڻ جي ڪوشش ضرور ڪئي آهي ۽ ڪامياب به ويو آهي. هن محنت ڪش جي ڌنڌن ۾ ڪم ايندڙ خاص خاص لفظن کي ڪاريگري سان استعمال ڪري واهه جي رونق رچائي آهي، ڳئون ۽ گابي جي مثال ڏيئي هن هجر جي ماريل ماڻهن جي دل ڏکوئيندڙ نقشو چٽي ڪمال ڪري ڏيکاريو آهي.
”ديد تنهنجي لاءِ دلبر دل ڦاٽيو دانهون ڪري،
جئن گابو ڳئون لاءِ ڦر ڪري ٿو راڙ رنڀ.“
سپ ۽ موتي جو مثال ڏيئي گل ڪهڙو نه انوکو درس ڏنو آهي.
”درد منجهه دل دوست تئن درس ٿئي،
جئن ڦڙو موتي ٿئي منجهه پيٽ سڀ.“
گل سپاهين جي اعليٰ بازين ۽ ڏکوئيندڙ ڪارنامن جو نج سنڌي قافين ذريعي ذڪر ڪري عوامي رنگ جي پلٽ پلٽان ڪري ڇڏي آهي.
”باهه جي بازي بنايو روح سان ٿا راند ڪن،
جئن جئن سڙن تئن تئن لڙن ڪڍيو اندر مان ٻهر کوٽ.“
خليفي گل جي عبارت ۽ ٻولي سادي، سوادي ۽ عام فهم آهي. هن غزل ۾ سادي فارسي ٻوليءَ جو به استعمال ڪيو آهي.
”اُن جون اکيون حوض ڪوثر، آب زم زم آب خضر،
رت رحيق، روح راحت جان جو ٿيو جئن گل آب.“
گهڻو ڪري هن جي ٻولي ۾ سادن فارسي لفظن جي بدران سادا ۽ سلوڻا ڳوٺاڻا سنڌي لفظ آندا آهن.
”مليو محبوب متوالو ويو ڏک ڏرت هڪ نالو،
ڀڳي دلدار دل ريهي ويا ڏکڙا، وريا سُکڙا.“
هن جي غزلن ۾ ڪم آندل محاورا ۽ تشبيهون نج سنڌي آهن، هن جي غزلن جو مزاج عام طرح مقامي نظر اچي ٿو جيڪو پڙهندڙ کي لطافت بخشي ٿو.
ايامن کان وٺي سنڌ جي سر زمين تصوف جي نظريئي ۽ ان جي اظاهر لاءِ موزون ۽ مددگار رهندي آئي آهي. جهونن سنڌي دانشورن ۽ ڪلاسيڪي شاعرن اُنهي کي استعمال ڪري سنڌ جي ماڻهن۽ انهن جي مزاج کي گهڙي، انهيءَ کي سنڌ جي سڃاڻپ بنائي وڏو ڪم ڪيو آهي.

[b]شاعري ۾ تصوف:
[/b]خليفي گل پنهنجي شاعري ۾ تصوف ۽ عشق کي ملائي غزل کي سنڌي ماڻهن جي مزاج جي قريب آڻي وڏو ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي. گل جي غزليه شاعري جا موضوع عارفانه ۽ صوفيانه آهن جن ۾ روحانيت ۽ اخلاقيات جا نڪتا هر هنڌ پکڙيل ڏسڻ ۾ اچن ٿا. هن جي شاعري ۾ الله جي عظمت، رسول جي عالمگير اهميت، ديني، دنيوي، معاشي، معاشرتي قدرن جي اپٽار هر هنڌ نظر اچي ٿي.
خليفي گل پنهنجن غزلن ۾ الله تعاليٰ جي هيڪڙائي جي ڏاڍي واکاڻ ڪئي آهي.
”ڪڍي ڇڏ ڀول سو دل کان آهي هت هت هو الحق حق،
هو الله احد جو دل سان آهي هت هت هو الحق حق.“
گل نبي ڪريم جي محبت جو عقيدتمندانه اظهار خوب ڪيو آهي.
”ٿي سڪي ساري سڌا دل منهنجي تو لئه سيدا،
ڏک ۾ راتيون ڏينهن سڄا دل منهنجي تو لئه سيدا.“
گل جي ڪلام ۾ حضرت نبي سڳوري صلي الله عليھ و آلھ وسلم ۽ چئن يارن سڳورن جي ساراهه به خوب ڪيل آهي. حضرت نبي سڳوري جي ساراهه هن ريت ڪئي ويئي آهي.
”ٿي نه هرگز ڪنهن طرح گمراهه،
جنهن مڃيو محمد رسول الله.“
ڪن هنڌن تي گل مرشد جي ساراهه به ڪئي آهي، پر حاڪمن ۽ اميرن جي ساراهه سندس ڪلام ۾ ڪونهي.

پاڻ سڃاڻن جيڪو الله کي سڃاڻڻ جو پهريون ڏاڪو آهي. جي نظريي واري اصول جو اظاهر گل انهيءَ طرح ڪري ٿو:
”باغ بيرنگيءَ جو ٻوٽو تون وجودي واهه گُل،
واس تنهنجي واسيو گل عرش، ڪرسي ڀونءَ اڀ.“
گل چڱي هلت چلت ۽ ڪار وهنوار جو ڪو پرچار ڪندي چوي ٿو:
”رک سنگت محبت نسون سان، ٿيءَ م ڏنگن سان ڏنگو،
ڪوڙ تي شاهد ٿيءَ کڻ ڏي مٿي سچ سنڌ ساک.“
گل ادب، احترام ۽ چڱي فضيلت سان هلڻ لاءِ ائين چوي ٿو:
”تون مٿي هل ادب سين پير ڀري،
دل سندي ڌيان سان م ڪر دڙ دڙ.“
گل حق هلال کائڻ لاءِ تلقين ڪندي چوي ٿو:
”کلي کاءُ رهندو رزق رب جو، روڳ،
آ رهندو انڌا ڪيم وجهه پيٽ روڳ.“
گل اسان کي سُک ۽ سڪون سان زندگي گذارڻ لاءِ ڪيترائي روحاني ۽ اخلاقي مشورا ڏنا آهن جيڪي هر زماني ۾ مفيد ۽ ڪار آمد رهڻا آهن.

[b]حسن ۽ عشق جو سچو پيروڪار:
[/b]خليفو گل هڪ پاڪدامن عاشق ۽ حسن جو سچو پيروڪار هو. گل کيبرن جي ڳوٺ ۾ گهڻو وقت گذاريو. اُتي ئي کيس مزاجي عشق جي چوٽ لڳي. گل جي غزل جو هي شعر انهي محبوبا جي حسن جي تعريف ۾ لکيل نظر اچي پيو.
”خوب خلقي تنهنجي صورت پاڪ خوش خاصي خُدا،
منهن ملاحت، سونهن سلابت سڀ ڪنان سهڻي سدا.“
انهي محبوبا جي حسن کي گل انهن لفظن ۾ ساراهيو آهي.
”ڏسڻ سان تنهنجي اي باغ حسن مون کي سريا ٿي گُل،
تنهنجو مُک گل، زلف سنبل منهنجي دل جئن گل لالا.“

انهن عشق ڏسڻ وارين اکين ۾ دنياداري جو نقشو چٽجي ويو.هن کي ڳوٺاڻن جي محبت، محنت ۽ خوشحالي جي خيال وري هڪ نئين زندگي بخشي ڇڏي. هن جي اکين اڳيان ڌرتي تي جنت جو نظارو جهل مل ڪري جرڪڻ لڳو.
”پنهون پٽ ۾ ڊور ڊٽ ۾، روح ۾ روجهون هرڻ“
انهي سهڻي صورت واري محبوبا گل کي سوين سرور ڏنا، سوين پور ڏنا. انهي جي وڇوڙي هن کي ساڙي فنا ڪري ڇڏيو. گل انهيءَ فنا واري ڪيفيت مان نقا حاصل ڪري هڪ وفادار، خوددار ۽ سرجڻهار شاعر جو روپ ڌاري ماڻهن جي سامهون نمودار ٿيو.
”تات تنهنجي ۾ ڪئي گل ترڪ سڀڪا تانگهه تات،
تون ئي منهنجو شهنشاهه آئون تنهنجو پينو گدا.“
انهي پاڪ، ڳنڀير ۽ دلپذير عشق گل کي اصلي عشق جو ديدار ڪرايو، هن جي روح کي عشق سان ڀري ڇڏيو ۽ انهي اصلي ۽ ازلي عشق هن کي سچو عاشق بنائي ڇڏيو. ازلي عشق هن جون تمنائون پوريون ڪري هن کي گد گد ڪري ڇڏيو.
خليفي گل جي عاشقانه شاعري پاڪ آهي، پر خلوص آهي ۽ اُها تعصب ۽ تنگ نظري کان آجي آهي. عشق گل کي قيد ڪري ويهاري نٿو. هو انهيءَ کي تنگ نظري کان بچائي ٿو، بي خبري کان خبردار ڪري ٿو ۽ هڪ دلبر جي بدران هن کي نيڪ روپ ڏيکاري، هن جي منزل کي مٿاهون بنائي ٿو.

[b]غزل ۾ فطرت نگاري جو استعمال:
[/b]غزل ۾ فطرت نگاري جو استعمال گهڻو نه ڪيو ويندو آهي. خليفي گل فطرت نگاري کي بنيادي حيثيت ڏيئي غزل جو اهم جزو بنائي ڇڏيو آهي. ڪائنات جون هي شيون جهڙوڪ وڄ، گجگوڙ، هوا، برسات، نديون، پلر جي پالوٽ، ڍنڍون، ڍورا، پٽ، ساوڪ، سُرهاڻ وغيره روح کي خوبصورتي، تازگي، رعنائي ۽ راحت آڇن ٿيون.
خليفي گل پنهنجي فطرتنگاري کي ڪمال فنڪاري سان چٽي سونهن کي وڌيڪ سونهن بخشي پنهنجي غزل جو زوردار ۽ دلچسپ حصو بنائي ٿو. گل فطرتنگاري ذريعي ڪيئي وڻندڙ تصويرون چٽيون آهن جي دلچسپ آهن، جاذب نظر آهن ۽ جيڪي هردم اکين کي اشارن سان وندرائينديون رهنديون آهن. گل سانوڻ جي نظارن، برساتين، کنوڻين ۽ گجگوڙن جي باريڪبيني سان عڪاسي ڪري هر هنڌ سرور پکيڙي ڇڏيو آهي.
”آتي رت سانوڻ سندي، مينهن وسي ڪئڙا ملار،
ڍٽ وسايو پٽ وسايو، سرها ٿيا سانگي سنگهار.“
هر طرف پاڻي جي پلٽ آهي. هاري ٻنيون کيڙي خوش نظر اچي رهيا آهن. هر سو ساوڪ ۽ ساوڪ آهي.
”هڪ طرف گجيون ۽ گوڙيون، ٻئي طرف کنوڻيون کنون،
مينهن ٽا ٽا ڪيو ٽمن باهيون ٻرن چوڏس هزار.“
گل ڪمال ڪاريگريءَ سان فطرت جا رسيلا ۽ رنگيلا چِٽ چٽي، جذبن کي بيدار ڪري ڇڏيو آهي. سانگيئڙا ميدانن ۾ مچ ٻاري نچي ٽپي رهيا آهن. ماڻهو، نينهن نظارا ۽ فطرت ڄڻ هڪ ٿي رس، رنڱ ۽ راحت جو خوب لقاءُ ڏيکاري، سرور ۽ خوشيون ورهائي رهيا آهن. اُهي فطرتي نظارا گل جي غزل کي خوب سينگارن ۽ سنوارن ٿا. اهڙن نظارن جو اهڙو اظاهر ڪرڻ آسان ناهي. گل پنهنجي مٺڙن مٺڙن ٻولن کي ڪم آڻي واهه جا نظارا پيش ڪيا آهن.
”خوش ٿيون سرهيون سنگهاريون پٽ ڦرن سينگار ڪيو،
لويون لاکيون، لال سرتي ڳچي پويو پايو هار.“
برساتين زمين تي موج مچائي نه صرف سنگهارن ۽ سنگهارين کي خوشيون ڏنيون آهن، پر زندگي کي قدرت جي قريب آڻي سرشتي جي سموري سونهن کي کولي نروار ڪيو آهي.

[b]خليفو گل ڪلام جون خوبيون:
[/b] خليفو گل با ڪمال انسان ۽ بيمثال سنڌي شاعر آهي هن پنهنجي ڪلام ۾ ڪيتريون خويبون ڀري، سنڌي شاعري کي مالا مال ڪيو آهي.

[b]شاعري جون خوبيون
[/b](1) خليفي گل جي شاعري جي پهرين خوبي آهي تصوف ۽ سنڌ جي حالتن ۽ سنڌي ماڻهن جي مزاج جو عمدو ۽ عاليشان امتزاج. سنڌ جي سرزمين ايامن کان وٺي تصوف جي نظريئي لاءِ زرخيز رهي آهي. قديم صوفي شاعرن تصوف جي نظريئي کي ڪمال ڪاريگري سان پيش ڪري اخلاقي شاعري کي اوچي پائي تي پهچايو آهي. گل پنهنجي غزل ۾ تصوف ۽ سنڌي مزاج کي ملائي اعليٰ اخلاقي نڪتا بيان ڪيا آهن ۽ روحانيت جا راز قدم قدم تي پڌرا ڪري زندگي ۾ آنند، اتساهه ۽ پاڪيزگي ڀري ڇڏي آهي. گل جو هي اخلاقي شعر پڙهو ۽ لطف حاصل ڪريو.
”جنهن جي سخن ۾ ناهه سچ، واعده ڪري جي قول گچ،
ڦولڻ وفا ڪوڙن ڪنان آهي عبث آهي عبث.“
سچ پچ هي هڪ نصيحت جو لاکڻيو نڪتو آهي.
(2) خليفي گل جي شاعري جي ٻي خوبي آهي غزل ۾ موضوئن جي گهڻائي غزل جو موضوع محدود آهي. گل غزل جي موضوئن ۾ وسعت آڻي غزل کي عشق جي شاعري سان گڏوگڏ زندگي جي ترجماني ڪندڙ شاعري جي صورت به عطا ڪئي آهي. هن عشق سان گڏوگڏ اخلاقي پهلو، فطرت نگاري، سياسي معاشي ۽ معاشرتي حالات ۽ عوامي رنگ شامل ڪري، غزل جي موضوعن ۾ ڪشادگي آڻي اُن کي اظهار جو اعليٰ ذريعو بنائي ڇڏيو آهي. هن تصوف، اخلاقيات، منطرنگاري، معاشي ۽ معاشرتي ۽ روزمره جي ڪمن ڪارين کي غزل جو موضوع بنائي، اُن ۾ وسعت اڻي غزل کي زندگي جي ترجماني ڪندڙ صنف سجن جو درجو ڏياريو آهي.
(3) خليفي گل جي شاعري جي ٽئين خوبي آهي، عوامي رنگ کي شامل ڪري. غزل کي دلچسپ ۽ دلفريب بنائڻ گل غزل کي سنڌي مزاج مطابق لکڻ لاءِ عام فهم لفظ ڪم آندا. سادا ۽ سلوڻا قافيا استعمال ڪيا. سنڌي مثال، سنڌي ترڪيبون، سنڌي محاورا ۽ سنڌي تشبيهون استعارا استعمال ڪري، غزل کي سنڌي ماڻهن ۾ مقبول بنايو. گل ايراني ماحول جي نه پر ٺيٺ سنڌي ماحول جي ترجماني ڪئي آهي. گل پنهنجي غزل ۾ سنڌ ۾ پيدا ٿيندڙ شين، ڌنڌن، وهوارن، پوک جي طور طريقن جو چٽائي ۽ ڪمال باريڪبيني سان ذڪر ڪيو آهي. ڪتي ۽ چيٽ جي پوکن جو ذڪر انهيءَ نموني سان ڪيو آهي.
”اپاڙي چاڙهه عاشق عشق جو ايٽ،
ڪتي پوکي وڌائي ڪر مٿس چيٽ.“
عام ماڻهن جي عام شين جهڙوڪ نير ۽ ڪپڙي جي رنگن جي تشيهه ڏيندي ڪهڙو نه حڪمت ڀريو نڪتو پيش ڪيو آهي. جهڙي نموني جهڳن ۽ جهڦن کان پوءِ نير وڌيڪ رنگ ڪڍندو آهي. تهڙي نموني عاشق طعنن ۽ تنڪن سهڻ کانپوءِ عشق ۾ وڌيڪ لطافت محسوس ڪري سرخرو بڻجي ويندو آهي.
”نير رنگ واڌو ڪڍي منجهه جهڳ جهٻ،
عشق وارو وڌ وڌي منجهه لُوس لٻ.“
گل جي شاعري ۾ عوامي رنگ جي ملاوٽ هن کي عام ماڻهن ۾ مقبول بنائي ڇڏي ٿي.
(4) خليفي گل جي شاعري جي چوٿين خوبي آهي تجنيس حرفي گل عروضي شاعري ۾ سنڌي شاعري جي بنيادي خوبي تجنيس حرفي کي استعمال ڪري ڪمال ڪري ڏيکاريو آهي. انهي خوبي جي ڪري سندس ڪلام ۾ رواني آهي، مٺاس آهي ۽ تغمگي آهي. اڇو ته هيٺ ڏنل مثالن جو مطالعو ڪري انهي مان سرور حاصل ڪريون.
”صبا صبح جا سلام منهنجا اڳيان نبي جي رساڻ نيئي
هزار آزيون، لکين نيازيون ڪري سگهين جي سي ڪج سڀيئي.“
*-*-*
”اچ دوست ڀري پريت پيرا،
ٿي وير وندر ورونهن ويارا.“
*-*-*
”ساريو ساريو ٿي سڙي دل دوست جي ديدار لئي،
درد کان دانهون ڪريو هئي هئي آهون اٻاٻ.“
خليفو گل سنڌي غزل جو موجد آهي. گل ئي پهريون سنڌي شاعر آهي جنهن غزلن جو ديوان جوڙي، اُن کي ڇپارائي اهل وطن ۽ اهل قلم جي اڳيان پيش ڪيو. گل کان اڳ ۾ موزون شاعري جي لکجڻ جون چڱيون چوکيون روايتون ملن ٿيون. پر ديوان جي صورت ۾ پهريائين گل جو ڪلام ئي ڇپجي پڌرو ٿيو،. جيڪو ديوان گل جي نالي سان مشهور آهي.

[b]علم عروض جو استعمال
[/b]خليفو گل محمد گل ئي پهريون سنڌي شاعر آهي جنهن علم عروض جي جدا جدا ارڪان ۽ بحرن ۾ ايراني شاعري جي روايتن مطابق جدا جدا مضمونن کي سنڌي شاعري ۾ جوڙي رائج ڪيو. محمد صديق ميمڻ پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ادب جي تاريخ“ ۾ لکي ٿو ته سنڌي ادب جي پهرين دور ۾ ڪن بزرگن موزون ڪلام جو ذڪر ڪيو آهي، پر اُهو موزون ڪلام اڪتسابي (ڪوشش سان وزن تي، بيهاريل) نه چئبو پر اتفاقي موزون ڪلام چئبو“ محمد صديق ميمڻ جي لفظن ۾ خليفي اڪتسابي موزون ڪلام جو پهريون شاعري ڪندڙ ليکيو وڃي ٿو.“
خليفو گل محمد پهريون سنڌي شاعر آهي جنهن نوان ٺيٺ سنڌي لفظ ۽ عام فهم قافيا استعمال ڪري غزل کي سنڌي ماڻهن جي مزاج مطابق لکڻ جي شروعات ڪئي. هن جي ڪلام ۾ ڪيترائي اهڙا لفظ ۽ قافيا موجود آهن. جيڪي شاهه ڪريم ۽ شاهه لطيف جي ڪلام ۾ نظر نٿا اچن. خليفي گل پنهنجي ديوان گل جي حاشيه تي اهڙن نج پراڻن لفظن جون معنائون فارسي ٻولي ۾ لکي ڇڏيون هيون. پر انهي ڇاپي واري ڪاپي جو ملڻ ناممڪن نه ته ڏاڍو مشڪل ڪم آهي.
خليفي گل جو اهو وڏو ادبي ڪارنامو آهن جنهن قافيي جي پورائي لاءِ ڪيترائي لفظ ڳولهي ڪڍيا ۽ گهڙيا آهن ۽ سنڌي جي لفظن جي ذخيري کي مالا مال ڪيو آهي ”ملار“ سان قافيي جي پورائي لاءِ درست لفظ ڌڻ ڌار، مهار، پنوهار وغيره استعمال ڪري ڪلاسيڪي شاعرن جي سڪ لاٿي آهي، هن سادا، سلوڻا ۽ لفظ استعمال ڪري ڪمال ڪاريگري سان قافيي جي پورائي لاءِ وڏي دانشمندي جو مظاهرو ڪيو آهي. محمد صديق ميمڻ هن جي ڪن قافيي جي پورائي لاءِ ڪم آندل لفظن ۾ ڪن خامين جو ذڪر ڪيو آهي. ڪٿي ڪٿي هن لفظن ۾ هٿرادو ڦير ڦار ڪئي آهي. ڪن لفظن جي اُچارڻ ۾ تبديليون آڻي ڪچو ڪم ڪبو آهي.

[b]انگريزي لفظن جو استعمال:
[/b]خليفي گل پنهنجي ڪلام ۾ انگريزي لفظ ڪم آڻي سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو آهي. اهڙا انگريزي لفظ جهڙوڪ Pistol پستول، Judge جج، Barracks بيراڪون گل پهريون دفعو سنڌي شاعري ۾ ڪم آندا آهن.
”سڀ ڇڏي بنگلا براڪون،
ماڙيون محلات هر هنڌ.“
*-*-*
”عشق جو علم عرف عين بيان،
ڪين سمجهي تنهن کي قاضي ججهه (جج).“
*-*-*
”پستول پريت تنهنجي پائي،
منجهه جان جگر ڇلايا ڇيرا.“
پنهنجي ڪلام ۾ گل اهڙا اخلاقي سبق ۽ ناصحانا نڪتا پيدا ڪيا آهن، جيڪي انسانن جي رهنمائي ڪن ٿا ۽ کين سڌي واٽ ڏيکاري دلي ۽ روحاني طور مسرور ڪن ٿا.

[b]پهريون مڪمل ديوان سرجڻ وارو شاعر
[/b]ڊاڪٽر عبدالمجيد پنهنجي ڪتاب سنڌي ادب جي مختصر تاريخ ۾ لکي ٿو ته ”خليفي“ گل محمد هالائي سڀ کان پهريان مڪمل ديوان پيش ڪيو. جيتوڻيڪ عروض کي قبول ڪيو اٿس تڏهن به هن جي شعر ۾ قديم شعر جي روايتن جو اثر نظر اچي ٿو.“

[b]هن جي عبارت
[/b]خليفي گل جي عبارت صاف سُٿري، عام فهم ۽ پڪي پختي آهي. سندس ٻولي صاف، سلوڻي، سيڪ جو اثر نظر اچي ٿو.“
خليفي گل جي عبارت صاف سُٿري، عام فهم ۽ پڪي پختي آهي. سندس ٻولي صاف، سلوڻي، سيڪ ۽ عام فهم آهي. گل فارسي ۽ عربي ٻولين جو وڏو ماهر هو تنهن هوندي به هن جو ڪلام صاف ۽ سريلي سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيل آهي. هن پنهنجي ڪلام ۾ عام فهم لفظ ڪم آندا آهن، جيڪي عام ڳوٺاڻا ڳالهائيندا آهن. اڪثر ڪن عربي آميز لفظن کانسواءِ ”ديوان گل“ صاف ۽ سليس سنڌي ۾ لکيل آهي. هو معلم کي نصيحت ڪري ٿو.
”ملان ميٺ سان ننڍڙي ڳڀرو کي پاڙهه،
ڪرينس تاب تو ڪري جي روح راڙهه!
دنيا دار سان ڪرم دوري غريب.
جي هو هونس وارو ته مسڪين چاڙهه
گل جي عبارت عام فهم آهي ۽ اُن ۾ تجنيس حرفيءَ جي شموليت عبارت کي سريلو ۽ رسيلو بنائي ٿي.
خليفي گل جي عبارت ۾ محمد صديق ميمڻ جي لفظن ۾ ”فصاحت ۽ بلاغت جي ڪم نه ٿي ڏسجي.“ گل ڪٿي ڪٿي فارسي شاعرن جي تقليد به ڪئي آهي. گهڻو ڪري هن نج سنڌي لفظ، تشبيهون ۽ محاورا ڪم آندا آهن.
خليفي گل عبارت کي عوامي رنگ ۾ رنڱڻ لاءِ عام ماڻهن جي ٻولي استعمال ڪري، اُنهن جي ڌنڌن منجهان نصيحت جا نڪتا نروار ڪري وڏو ڪم ڪيو آهي. هن صاف ۽ سادي ٻوليءَ ۾ ڪيئي راز ۽ رمزون ظاهر ڪري سنڌي ماڻهن کي هڪ ٻئي جي قريب آندو آهي.
خليفي گل جي غزل جي عبارت روائتي ۽ اثرائتي آهي. انهيءَ ڪري هن جي غزلن ۾ خوبصورتي ۽ نواڻ ڏسڻ ۾ اچي ٿي. شروع شروع ۾ هن سنڌي غزل ۾ فارسي لفظ ۽ تشبيهون ڪمال ڪاريگريءَ پيش ڪيون آهن. پوءِ فارسي لفظن جي جاءِ تي سيڪ سنڌي لفظ محاورا، استعارا، ترڪيبون ۽ تشبيهون پيش ڪري، غزل کي سنڌي روپ ڏنو آهي.
”ڏکئن جا ڏاج ڪهڙا، رلئن جا ڪهڙا روپ،
بکئن جا ڪهڙا ڀانڊا، ولهن ڪهڙا ويارا؟“
عام سنڌي روايتن جو عام سنڌي لفظن جي ذريعي اظهار گل جي عبارت جي نمايان خوبي آهي. هن جي عبارت ۾ مقامي رنگ ۽ عوامي انداز ڏاڍو ڀلو لڳي ٿو.
خليفي گل عام سنڌي ٻولي، محاورا، ۽ استعارا استعمال ڪري پنهنجي عبارت کي عام ماڻهن جي ترجماني ڪندڙ طرز تحرير بنائي سنڌي ٻولي کي عروضي دور وارين پابندين کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ جي پهرين ۽ سنجيده ڪوشش ڪئي آهي. گل سنڌي ماحول مان ٺهڪي ايندڙ تشبيهون ۽ چوڻيون ڪم آڻي پنهنجي عبارت ۾ اصلي سنڌي رنگ ڀري ڪمال ڪاريگريءَ جو ثبوت ڏنو آهي. هن پنهنجي شاعري ۾ سنڌ ۾ هلندڙ ڌنڌن، ونهوارن، ڪاروبارن ۽ پوک جي طور طريقن جو چٽائي سان ذڪر ڪيو آهي.
”پاڻي پيٽ تاڃيءَ ۾ پيرين پڌار،
ٿيا ڳنڍ جي ”گل“ مڙيئي ڳوڀ ڳوت.
گل ڪورڪي هنر جي وهنوارن ذريعي روحاني سبق حاصل جو جتن ڪري ٿو. گل سنڌ جي محنت ڪشن ماڻهن جي ڌنڌن سان لاڳاپو رکندڙ تشبيهون ڪم آڻي پنهنجي عبارت کي خوب چمڪايو آهي.
خليفي گل پوک جي طريقن ”کرڙا“ ۽ ”روت“ سان تشبيهه، ڏيندي زندگي ۽ موت جي منزلن جو ڪهڙو نه موزون ذڪر ڪيو آهي.
”لڏئو جاءِ هڪ مان وهن جاءِ پيءَ،
هڻن جيئن ٿا هاري کرڙا ۽ روت.“
گل الله جي واٽ ۾ وک وڌائڻ کي ڪورين جي ڪپڙي اُڻن سان ڀيٽي نهايت ئي جاذب نظر موزون ۽ اعليٰ تشبيهه اخذ ڪئي آهي.
”پائي پيچ تاڃيءَ ۾ پيرن پڌر،
ٿيا ڳنڍجي ”گل“ مڙيئي گوپ گوت.“

نفس تي ضابطي رکڻ واري خيال کي شڪاري واري رسي ۽ مهاڻي جي ڇت سان ڀيٽي گل ڪمال ڪيو آهي. جهڙي طرح شڪاري ڦاهي واري رسي ۾ ڌيان رکي ويهندو آهي ۽ مهاڻو مڇي مارڻ لاءِ مٽ تي چڙهي ويهندو آهي ۽ ڇت کي وڌيڪ قبضي ۾ ڪري ويهندو آهي تهڙي طرح تون به پنهنجي نفس کي مڪمل ضابطي ۾ رک.
”ٿو ڦاهي شڪاري منجهه رَسيءَ کي رکيو ڌيان،
ٿو چڙهي مٽ تي ماڻهو هٿ رکي ٿو چاڙهه چٽ.“
اهڙيون تشبيهون گل جي ڪلام ۾ گهڻي تعداد ۾ موجود نظر اچن ٿيون جيڪي سندس عبارت کي عام فهم ماڻهن جي عام فهم عبارت بنائن ٿيون. گل فطرت جو ۽ پنهنجي ماحول جو مطالعو ۽ مشاهدو ڪيو هو. هن جي عبارت ۾ فطرت ۽ سنڌ جي ماڻهن، اُنهن جي ڌنڌن، وهنوارن، ڪاروبارن کي جانچي ڏٺو ۽ نفاست سان پنهنجي ڪلام ۾ ڪمال ڪاريگريءَ سان بيان ڪري روح کي راحت بخشي آهي. گل باڪمال صوفي عشق مجاز انسان ۽ بيمثال شاعر هو. هن جي عبارت ۽ ٻوليءَ اهڙي ئي جاذب نظر ۽ متاثر ڪُن آهي.
گل جي شاعري جي سنڌي ادب ۾ وڏي اهيمت آهي. هو عروضي شاعري جو هڪ ممتاز شاعر هو ۽ جديد سنڌي ادب ۽ شاعري جي شروعاتي دور جو سرموڙ شاعر طور ڏاڍو مشهور آهي. هن جو دور وڏين سياسي ۽ ادبي تبديلين جو دور هو. انگريز سنڌ ٿي ڇانئجي چڪا هئا سنڌي سماج ڪيترن ئي گروهن ۾ ورهائجي چڪو هو. ادبي ميدان ۾ عروضي شاعري نمايان مقام حاصل ڪري چڪي هئي. عروضي شاعرن فطرت کان منهن موڙي ڇڏيو هو. سنڌي ثقافت ۽ روايتن کان پاسيرو ٿي ويا هئا. آزاد ۽ کلي ماحول کي ڇڏي هو هڪ مصنوعي ماحول جا قيدي بنجي ويا هئا. اُنهن سنڌي ٻولي، اُن جي نج لفظن، محاورن، ترڪيبن ۽ تشبيهن کي وساري فارسي شاعري جي لفظن، ترڪيبن، محاورن، تشبيهن ۽ مثالن کي پنهنجو بنائي شاعري ڪرڻ شروع ڪئي. شروع شروع ۾ خليفي گل به اهو انداز اختيار ڪيو. هن جي غزلن ۾ به فارسي ٻولي جا لفظ، مثال، ترڪيبون، محاورا، تشبيهون عام جام نطر اچن ٿيون.
”پيالو مئي سندو ڏي پر ڪري محبوب متوالا،
ته مستيءَ ۾ محبت جي ڪيون هن هوش کي حالا.“
*-*-*
”محو ٿيا ذات ۾ ذاتي صفتن کان ٿي فاني،
ويا لنگهي برپپ رڻ لڌائون باغ لقا.“
*-*-*
”بلبليون عاشق گلن تي، تو تي ”گُل“
گل اچي گلزار ۾ گل سان هيج.“
گل پوءِ محسوس ڪيو ته پسگردائي جي ماڻهن ۾ سندس ڪلام مقبول عام ٿي نه سگهيو آهي. هن ٻهراڙي جي نج صنفن ۾ لکيل ڪلام کي ٻُڌو ۽ اُنهيءَ ڪلام هن کي قائل ڪيو ته هو عروضي شاعري کان هٽي ۽ پنهنجي ديسي ۽ ڳوٺاڻي شاعري ۾ دلچسپي وٺي. هن ديسي روايتن مطابق شاعري لکڻ شروع ڪئي. هن پنهنجي ڪلام ۾ عام ماڻهن ۾ رائج صاف، سادي ۽ سلوڻي ٻولي جو استعمال ڪري وڏي مقبوليت ماڻي ورتي.
خليفي گل سنڌي شاعري ۾ نوان نوان تجربا ڪري هُن ۾ ڪيئي اضافا آندا آهن. هن غزل جي موضوعن کي عشق کان اڳتي وڌائي زندگي جي جدا جدا رخن ۽ روپن تائين ڦهلائي، انهن ۾ وڏي وسعت پيدا ڪئي ۽ نظم جي صنف لاءِ اٻواٽ تي تياري جو آغاز ڪري ڇڏيو.
”سنڌي غزل جو تجزيو“ جي ليکڪ شيخ عبدالرزاق راز جي راءِ آهي ته ”گل اسان جي ٻولي ۾ غزل جو خالق آهي“ گل بيشڪ غزل جي صنف کي سنڌي ٻولي ۾ سرجڻ وارو پهريون سرجڻهار شاعر آهي. هن غزل جي صنف ۾ بي بها اضافا ڪري سنڌي شاعري کي اڳتي وڌايو آهي. هن جي ڪلام ۾ ڪي لفظ اهڙا اچن ٿا جيڪي هن جي جديديت (Modernism) طرف اشارو ڪن ٿا. ڪٿي ڪٿي جديديت (Modernism) جا اهڃاڻ به نطر اچن ٿا.
”سرکيا سورهه سپاهي سينگ ساهل سخت سوٽ،
چال ۽ چالاڪ چهرا چست ڇاڙهيو ڏيئن چوٽ.“
*-*-*
”رنگ هڪ ۾ روپ ڪيئي آهن بجليون سو هزار،
منجهه ڪڪر لڙهه، واج آهي مينهن آهي گاج وڄ.“


[b]مددي ڪتاب
[/b](1) ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو. سنڌي ادب جي مختصر تاريخ.
(2) ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ. سنڌي ادب جو تنقيدي اڀياس.
(3) حسام الدين راشدي. سنڌي ادب.
(4) محمد صديق ميمڻ. سنڌي ادب جي تاريخ ٻئي ڀاڱا.
(5) ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ. مهاڳ: ڪليات سانگي.
(6) ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ. سنڌي ادب جي مختصر تاريخ.
(7) شيخ عبدالرزاق راز. سنڌي غزل جو تجزيو.