لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سنڌي ٻوليءَ جا سرجڻهار شاعر

سنڌي شاعريءَ جي مختلف دورن بابت لکيل تحقيقي مضمونن ۽ مقالن تي مشتمل هن ڪتاب جو ليکڪ پروفيسر سروپچندر شاد آهي. شاد صاحب مهاڳ ۾ لکي ٿو:
”مون پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جا سرجڻهار شاعر“ ۾ قاضي قادن کان شيخ اياز تائين جي زماني واري شاعري کي ارڙهن دور ۾ ورهايو آهي. مون تفصيل سان هر دور ۾ اڀرندڙ نقطن، مضمونن ۽ شاعرانه نمونن جو تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي.“

Title Cover of book Sindhi Boli'a ja Sarjenhaar Shair

منهنجا لکيل ڪتاب

[b]ڇپيل ڪتاب:
[/b]1. مٺي جي تاريخ 1956ع
2. ڀوڏيسر جون ڪهاڻيون 1957ع
3. مضمون موتين جهڙا 1961ع
4. هنومان چاليسو ترجمو انگريزي مان سنڌي 2005ع
5. مٽيءَ ٿي مهڪي 2016ع
6. مٺڙو ٻولن مور 2016ع
7. ڳائينداسين ڳليءَ ڳليءَ 2017ع
8. چوڏھين چنڊ اڀريو 2017ع
9. دوها سون- ساريڪا 2017ع
10. سنڌي ٻوليءَ جا سرجڻهار شاعر2017ع
11. رڻ ڀومي ۾ راند 2017ع

[b]اڌورا ڪتاب
[/b]12. ٿر جو ثقافتي خزانو
13. تنقيد-ادب جي سونهن
14. ميران جي گيتن جو سنڌي ۾ ترجمو