سيد ثابت علي شاهه(1154هه 1225هه) (1740ع 1810ع
[/b]
”سيوهڻ جو هي شاعر (سيد ثابت علي شاهه) شهزادي سرفراز ڪلهوڙي سان گڏ غلام علي مداح کان فارسي ڪلام تي اصلاح وٺندو هو. پهريائين مجلس ۾ ڪي پراڻا اُردو ۽ پنجابي مرثيا پڙهڻ لڳو. پوءِ پنهنجي طبع جي جولانيءَ سان سنڌيءَ ۾ مرثيا چوڻ لڳو، جن ۾ زبان ۽ بيان جا خوب جوهر ڏيکاريائين.“
[b]ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو. سنڌي ادب جي مختصر تاريخ
[/b]
”سيد ثابت علي شاهه مرثئي جو تمام وڏو شاعر ٿي گذريو آهي. هي پهريون شاعر آهي، جنهن مرثيي جي شاعري کي باقاعده رواج ۾ آندو ۽ اُن کي مقبول بنايو.“
[b]ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ. سنڌي ادب جو تنقيدي اڀياس
[/b]
”ڪلهوڙن جي آخري دور ۽ ٽالپرن جي ابتدائي زماني جو هي (سيد ثابت علي شاهه) شاعر مرثيي جو باني ۽ موجد آهي، زياده تر تصنيفون مذهبي رنگ ۾ رنگيل آهن، ليڪن ادبي اعتبار کان کيس اِهو فخر آهي ته سنڌي شاعري جي ميدان کي وسيع ڪرڻ لاءِ ڪيتريون ئي نيون صنفون ايجاد ڪيائين.“
[b]سيد حسام الدين راشدي. سنڌي ادب
[/b]
”سيد ثابت علي شاهه مرحوم پهريون سنڌي شاعر آهي، جنهن موزون شعر ۾ مرثيا ٺاهيا آهن.“
محمد صديق ميمڻ. سنڌ جي ادبي تاريخ
”سيد ثابت علي شاهه مرثيه نگاري جو بادشاهه آهي. سيد ثابت علي شاهه جي مرثيي جي شاعري اسان کي فن جي ڪمال تي نظر اچي ٿي.اُن ۾ مضمون آفريني، زبان جي صحت، رواني ۽ سلاست موجود آهي. شاهه کان اڳ سنڌ ۾ هن فن کي منزلت نه ملي جا کيس شاهه صاحب ڏني. انهيءَ ڪري کيس سنڌ ۾ ان فن جو باني سمجهڻ گهرجي.“
غلام محمد گرامي. ”مضمون“ ثابت علي شاهه ۽ مرثيي جو فن. ٽه ماهي مهراڻ1972ع
[b]حياتيءَ جو احوال
[/b]سيد ثابت علي شاهه ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي دور جو هڪ قابل ۽ مقبول عام شاعر ٿي گذريو آهي. هن موزون شاعري کي اختيار ڪري اُن ۾ بيشمار ڪلام لکيو. هن ڪيتروين نيون صنفون جوڙي سنڌي شاعري کي مالا مال ڪيو ۽ اُن کي مقبوليت ڏياري.
[b]وڏن جو احوال
[/b]سيد ثابت علي شاهه جا وڏا ملتان جا رهاڪو هئا. سندس ڏاڏو سيد نور محمد شاهه جنهن کي سيد ثابت علي شاهه به چوندا هئا سنه 1128هه ۾ سنڌ آيو ۽ سيوهڻ ۾ مستقل سڪونت اختيار ڪري ويهي رهيو.
[b]ولادت ۽ تعليم
[/b]سيد ثابت علي شاهه جي ولادت سيوهڻ ۾ سنه 1151هه برابر سنه 1740ع ۾ ٿي. هن جي والد جو نالو سيد مراد علي شاهه ۽ ڏاڏي جو نالو سيد نور محمد شاهه هو. جڏهن پڙهڻ جي عمر تي پهتو تڏهن پهريائين آخوند عبدالرحمان وٽ ۽ پوءِ آخوند محمد الياس وٽ قرآن شريف پڙهي پورو ڪيائين. اُن کان پوءِ سيد چراغ شاهه وٽ فارسي جي تعليم حاصل ڪئي. هن مخدوم محمد حسان حڪيم وٽ عربي جي تعليم حاصل ڪئي. هن مخدوم مراد واعظي کان علم تفسير، علم حديث ۽ فقھ جي تعليم ورتي. هن مخدوم چراغ شاهه کان متاثر ٿي ڪيترائي فارسي ڪتاب ۽ فارسي ۽ هندي (اردو) مرثيا پڙهيئاين ۽ شعر چوڻ جو شوق پيدا ٿيو. هو شاعري سکڻ لاءِ نورالحق مشتاقي سيوهاڻي جو شاگرد ٿيو.
[b]هڪ استاد ٻه شاگرد
[/b]ان کان پوءِ سيد ثابت علي شاهه ٺٽي جي مشهور شاعر ۽ عالم مولوي حسين جي فرزند مولوي مداح جي شاگردي ۾ آيو. جيڪو شهزادي سرفراز ڪلهوڙي جو استاد هو. مولوي مداح وٽ سيد ثابت علي شاهه جي شهزادي سرفراز ڪلهوڙي سان ڏاڍي ڏيٺ ويٺ ٿي جيڪا پوءِ گهاٽي دوستي ۾ بدلجي ويئي. هو ٻئي قابل هئا ۽ شاعري جا وڏا شوقين هئا. ٻنهي جي وچ ۾ قصيدن ۽ غزلن ٺاهڻ جون چٽاڀيٽيون ٿينديون هيون. سندن اُستاد مولوي مداح ٻنهي جي غزلن ۽ قصيدن ۾ اصلاحون ڪري ڏيندو هو ۽ انهن کي خوب همٿائيندو هو. سيد ثابت علي شاهه شهزادي سرفراز ڪلهوڙي جي باري ۾ قصيدا جوڙي انعام حاصل ڪيا ۽ هر طرف وڏي مشهوري حاصل ڪئي. شهزادو سرفراز ڪلهوڙو فارسي ۾ شعر چوندو هو ۽ سيد ثابت علي شاهه پهريائين فارسي زبان ۾ شعر چوندو هو.
[b]درباري شاعر
[/b]جڏهن مير فتح علي خان ڪلهوڙن کان سنڌ فتح ڪئي تڏهن ٻين شعارن سا گڏ سيد ثابت علي شاهه کي به پنهنجو درباري شاعر مقرر ڪيائين. سيد ثابت علي شاهه قصيدا ۽ مرثيا لکي اچي درٻار ۾ ٻڌائيندو هو. هن جي مرثين کان مير ڪرم علي خان ڏاڍو متاثر ٿيو. مير ڪرم علي خان جڏهن پان سنڌ جو حاڪم بڻيو تڏهن سيد ثابت علي شاهه کي تمام گهڻو نوازيو. مرثيا چوڻ تي سيد ثابت علي شاهه جي مشهوري وڌندي رهي. ڪلهوڙن جي ڏينهن ۾ هن جي زندگي امن ۽ آسودگي ۾ گذري ٽالپرن جي ڏينهن ۾ قصيدا لکي ٽالپرن کي ڏاڍو خوش ڪيو. ”فتح نامه“ ۽ ”ظفرنامه“ جيڪي هن جون تحريرون هيون. ميرن کي ڏاڍيون وڻيون ۽ سيد ثابت علي شاهه جي مقبوليت کي چار چنڊ لڳي ويا.
ڪربلا جون زيارتون
سيد ثابت علي شاهه سنه 1205هه ۾ مير ڪرم علي خان جي اجازت سان ڪربلا جي زيارتن لاءِ روانو ٿيو. مير ڪرم علي خان مسقط جي حاڪم لاءِ سفارشي خط ڏنس. انهي ڪري مسقط ۾ کيس ڏاڍو مان مليو. ڪربلا جي عالم به سندس سُٺو آڌر ڀاءُ ڪيو. هو زيارتون ڪري سنه 1209هه ۾ موٽي آيو سنه 1219هه ۾ مير صاحب جي مدد سان مشهد مقدس ويو ۽ امام رضا عليھ السلام جي روضي جي زيارت ڪري ساڳئي سال موٽي آيو.
مير فتح علي خان ۽ مير مراد علي خان ۽ ٻيا سيد ثابت علي شاهه کي انعام اڪرام ڏيندا رهندا هئا ۽ ٻيا نذرانا گهر ويٺي ملندا هئا. هن جي زندگي عزت ۽ احترام سان گذرندي هئي.
[b]شخصيت[/b]
سيد ثابت علي شاهه قابل ۽ بلند اخلاق شخص هو. هو پرهيزگار ۽ صوم و صلواة جو پابند هو. هو شيھ عقيدو رکندو هو ۽ مجلسن ۽ ماتم ۾ شريڪ ٿيندو هو ۽ درد ۽ سوز سان مرثيا به پڙهندو هو. هو دين ۽ دنيا جي علمن جو وڏو ڄاڻو هو ۽ پنهنجي قابليت ۽ اثر انگيز ڳالهه ٻول جي ذريعي ڏاڍو مقبول هو.
[b]سيوهڻ جي ساراهه
[/b]سيد ثابت علي شاهه سيوهڻ کي پنهنجو وطن ڪري سمجهندو هو. هو سيوهڻ کي دل و جان کان وڌيڪ ڀانئيندو هو. جنهن جي واکاڻ هن پنهنجي ڪتاب ”زيارت نامه“ ۾ خوب ڪئي آهي. سيوهڻ جي ساراهه ڪندي هن فارسي تشبيهن جو واهه جو استعمال ڪيو آهي.
”شهر سيوهڻ جاءِ امن و شاهه عالم جي پناهه،
شهر سيوهڻ ڪشتي نوح و قلندر يا خدا.“
سيوهن ڌرتي تي ڄڻ جنت جو نمونو هو جنهن ۾ لال شهباز قلندر جو نغارو وڄي دلين کي گرمائيندو هو.
وفات
سيد ثابت علي شاهه زندگيءَ جا پويان ڏينهن سيوهڻ شريف ۾ سڪون سان گذاريا. سيد ثابت علي شاهه 72 ورهين جي وڏي ڄمار ۾ سنه 1225هه برابر سنه 1810ع ۾ سيوهڻ ۾ وفات ڪئي. سندس مزار سيوهڻ جي پراڻي قبرستان ۾ آهي، جتي محرم جي مهيني ۾ هزارين ماڻهو سندس مقبري تي گلن جي ورکا ڪندي نظر ايندا آهن.
[b]تصنيفون
[/b]سيد ثابت علي شاهه فارسي هندوي ۽ سنڌي ۾ تمام گهڻو تحرير ڪيو آهي. جنهن کي گڏي ڪليات يا ”گنج“ چئبو آهي. هن وڏي ادبي ذخيري کي محمد صديق ميمڻ پنهنجي ”ڪتاب“ سنڌي ادب جي تاريخ ۾ تفصيل سان بيان ڪيو آهي. مرثيا 22، منقبت 117، جنگنامه 8، فارسي ۾ هجونامه 3، مذهبي مباحثن جا منظوم ڪتاب، هڪ زيارت نامو، جنهن ۾ پنهنجي اصل نسل جو بيان ۽ زيارتن جو احوال ڏنل آهي. هڪڙو سنڌي هجويه ڪلام جنهن کي ”چڻنگ“ ڪري سڏيندا آهن، جنهن ۾ سيوهڻ جي پڙهيلن جي ادب کان ڪريل نموني ۾ هجو ڪئي اٿس.
[b]شاعريءَ جون نمايان خصوصيتون
[/b]سيد ثابت علي شاهه پهريون سنڌي شاعر آهي، جنهن کي سنڌي مرثيي جو باني ۽ موجد سمجهيو وڃي ٿو. سيد ثابت علي شاهه مرثيي جو حقيقي موجد آهي. هن کان اڳ ۾ سنڌ ۾ صحيح مرثيو موجود ئي نه هو.
"مرثيو سنڌي اڳهين هو ڪو نه اصلي سنڌ ۾“
جتي سيد ثابت علي شاهه کي سنڌي ادب ۾ پهريون مرثيه نگار هجڻ جو شرف حاصل آهي اُتي هن کي اهو به اعجاز حاصل آهي ته هو ”سلام جي صنف جو موجد آهي هي پهريون سنڌي شاعر آهي، جنهن غزل جي طرز تي سنڌي زبان ۾ سلام تحرير ڪيا ۽ خوب شهرت ماڻي.
سيد ثابت علي شاهه پهريون سنڌي شاعر آهي جنهن پهريون ڀيرو ”نوحا“ تحرير ڪري سنڌي مرثين جي شاعري کي مالا مال ڪيو ۽ سنڌي مرثيا نگاري ۾ درد ۽ الم جي دلسوز ۽ دردناڪ تصوير پيش ڪري، بيمثال ڪارنامو سرانجام ڏنو.
سيد ثابت علي شاهه مرثيي جو خاص شاعر آهي. هن ئي مرثيي جي صنف تي باقاعده نموني ۾ طبع آزمائي ڪئي ۽ اُن کي مقبول بنايو. انهيءَ ڪري هن کي جديد مرثيه نگاري جو باني چيو وڃي ٿو.
سيد ثابت علي شاهه پهريون سنڌي شاعر آهي، جنهن باقاعدگيءَ سان عروضي شاعري کي سنڌي ادب ۾ رائج ڪري اُن ۾ تمام گهڻو لکي اُن کي سنڌي شاعري جو هڪ دلچسپ ۽ سگهارو باب بنايو. هن عروضي شاعري ۾ تمام گهڻا مرثيا لکي نه صرف مرثين کي مقبوليت بخشي پر عروضي شاعري کي به عروج تي پهچايو.
سيد ثابت علي شاهه عروضي شاعري ۾ وسعت آڻڻ جي لاءِ ڪيتريون ئي صنفون جوڙي، اظهار جا نوان نوان طريقا جوڙي، سنڌي شاعري کي زبردست ترقي ڏياري.
سيد ثابت علي شاهه پهريون سنڌي ڪلاسيڪي شاعر آهي. جنهن سنڌي شاعري جي قديم صنفن جهڙوڪ، ڳاهه، دوهو، بيت، وائي ۽ ڪافي وغيره تي ڪجهه به نه لکيو آهي. هن عروضي شاعري ۽ اُن جي مختلف صنفن تي لکي وڏو ڪمال ڪيو آهي.
سيد ثابت علي شاهه پهريون سنڌي شاعر آهي، جنهن کي مرثيي ۽ اُن سان وابسته فني ۽ ادبي روايتن جو باني تسليم ڪيو ويندو آهي.
[b]مرثيه نگاري جو فن
[/b]مرثيه نگاري شاعري جي هڪ قديم صنف آهي. مرثيه نگاري کي انگريزي ۾ Elegy چئبو آهي، جنهن ۾ ڪنهن جي دردناڪ موت تي ڏک جو اظهار ڪيو ويندو آهي. هي صنف يونان ۽ روم ۾ تمام قديم زماني کان رائج رهي آهي. عربي ۽ فارسي ٻولين ۾ به هي صنف قديم زماني کان رائج آهي. هي صنف اردو ۽ سنڌي ٻولي ۾ به مشهور رهي آهي.
مرثيو اصل ۾ عربي لفظ آهي جيڪو ”رثيٰ“ مان ورتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي روئي ڪنهن جون نيڪيون ۽ گُڻ بيان ڪرڻ ”سنڌي ادب جي تاريخ“ جي مصنف محمد صديق ميمڻ پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته مرثيه لفظ جي معنيٰ آهي اُهو شعر جنهن ۾ ڪنهن به دردناڪ حادثي جو ڏک ڀريل لفظن ۾ بيان ٿيل هجي.“ هي عام مرثيي جي وصف آهي. مگر عالمگير اصطلاح موجب مرثيي جي معنيٰ آهي اُهو رزميه ڪلام جنهن ۾ خاص طرح ڪربلا جي دردناڪ ۽ دلسوز واقعي بابت ڪجهه بيان ڪيل هجي.“ هي مرثيي جي خاص وصف آهي.
حقيقت ۾ مرثيو رزميه شاعري جي اُها انمول صنف آهي، جنهن ۾ حضرت امام حسين رضي الله تعاليٰ عنه ۽ ڪربلا جي شهيدن جي بيمثال شهادت جو زڪر درد انگيز نموني ۾ ڪيو ويندو آهي. ڏک ۽ غم جي اظهار سان گڏ لڙائي جي حيرت انگيز منظرن کي بيان ڪيو ويندو آهي. امام حسين رضي الله تعاليٰ عنه جي ساٿين، سرويچن ۽ جان نثارن جي بهادري ۽ سورهيائي جو بيمثال ذڪر به ڪيو ويندو آهي.
سنڌي ٻولي جي نامياري اديب ۽ نقاد غلام محمد گرامي هڪ تحقيقي مضمون ”ثابت علي شاهه ۽ مرثيي جو فن“ لکيو جيڪو ٽه ماهي ”مهراڻ“ رسالي جي 1972ع پرچي ۾ شايع ٿيو. انهي مضمون ۾ گرامي صاحب لکيو آهي ته مرثيي جي تعريف ڪندي علامه شبلي لکيو آهي ته: ”اهڙو حزنيه ڪلام جو ڪنهن موصوف جي وفات تي چيو وڃي اُن ۾ فوتيءَ جا اوصاف بيان ڪبا آهن، پر جي زنده جي تعريف ڪجي ته پوءِ اُن کي قصيدو ڪوٺجي ۽ مرده جي تعريف کي مرثيو چئجي.“
گرامي صاحب علامه شبلي جي مرثيي جي هن تعريف سان قطعاً متعفق نظر نٿو اچي. گرامي صاحب جو خيال آهي ته مرثيو فقط مهندار ڪربلا مطعلق حزنيه نظم ۽ ڪلام جو نالو آهي. جنهن ۾ هڪ مخصوص هئت ۽ مخصوص پيش ڪش آهي.ا ُن جو مضمون به خاص آهي ۽ مواد به خاص آهي. انداز بيان به خاص آهي، محاڪات به خاص آهي، اُن جو اسلوب به خاص آهي ته منظر نگاري جو ميدان به خاص آهي. مرثيو مڙني صنفن کان منفرد ۽ ممتاز آهي.“
مرثيو رزميه شاعري جي هڪ مخصوص صنف آهي جنهن ۾ ڪربلا جي شهيدن کي ڏک ڀري انداز ۾ بيان ڪيو ويندو آهي، جيئن ته ٻڌندڙ ۽ پڙهندڙ انهن جي نيڪين ۽گڻڻ مان واقف ٿي زندگي گذارڻ جو نئون ۽ نرالو طريقو سکي سگهن.
[b]مرثيه نگاري جا لازمي جُزا
[/b]مرثيه نگاري هڪ مخصوص فن آهي، ڏکيرو به آهي ۽ اڻاگو به... هن فن جا ڪي مخصوص جزا هوندا آهن. انهن مان خاص هي آهن: (1) ممدوح جي عظمت ۽ شان جو بيمثال ذڪر ڪيو وڃي جيئن ته ٻڌندڙ ۽ پڙهندڙ انهي مان سبق پرئاي سگهن ۽ پنهنجي زندگيءَ کي مثالي بنائي سگهن، (2) ممدوح جي واکاڻ ڪئي وڃي ۽ شهيدن جي شهادت تي ڏک ۽ غم جو درد انگيز ذڪر هجي، (3) مرثيي ۾ جذبات نگاري هجي، (4) مرثيي ۾ واقعات نگاري هجي، (5) مرثيي ۾ رزميه انداز ۾ ڪربلا ۾ جان نثار ڪندڙ سورمن ۽ شهيدن جو زڪر هجي ۽، (6) مرثيي ۾ گهوڙن ۽ لڙائي جي هٿيارن جو ذڪر ڪرڻ به لازمي هوندو آهي.
[b]ممدوح جي عظمت جو ذڪر
[/b]جديد مرثيه نگار شاهه نصيرالدين جي هن سلام ۾ امام حسين رضي الله تعاليٰ عنھ جي عظمت جو ذڪر ڪهڙي نه بيمثال نموني ۾ ڪيو ويو آهي.
ٿيو رب پاڪ پرور ثناگر حسين جو،
جبريل خاص خادم چاڪر حسين جو،
ارض و سما ڪرسي عرش برين مٿي،
ٿيو غلبو شهادت شاڪر حسين جو.
[b]جذبات نگاري
[/b]مشهور مرثيا نگار مرزا ٻُڍل بيگ پنهنجن مرثين ۾ جذبات نگاري کي موضوع بنائي وڏو ڪمال ڪيو آهي. بي بي سڪينه پاڻي نه ملڻ سبب اڃ جي اُساٽ کان بيهوش ٿي ويئي هئي. ان پُردرد ۽ جذبات خيز واقعي جي دلسوز تصوير مرزا ٻڍل بيگ هن طرح چٽي آهي:
اُن وقت ٿيو شاهه دين جي خيمي ۾ حشر عام،
شاهه چيو ڏسو خيمي ۾ هي آ ڪهڙو ڪهرام،
آيو گهڙي خيمي ۾ اُن وقت او ضرگام،
۽ پڇڻ لڳو ڇا کان ٿيو روڄ ۽ ماتام،
چئون طفل سڪينه ڪري بيهوش تي اڃ کان،
معصوم مري ٿي، ڏيو پاڻي اوهين هت آن.
[b]واقعات نگاري
[/b]سچل سرمست واقعا نگاري ۾ ڪمال ڪيو آهي. جڏهن حضرت امام حسين گهوڙي تي سوار ٿي ميدان جنگ ۾ وڃي ٿو، اُن نظاري کي جن لفظن ۾ بيان ڪري ٿو سو خوبصورت به آهي ۽ بي مثال به:
شاهه جو گهوڙو پيو ڪاهي گهڻي گهمسان ۾،
هي ترارن تارڪيو هي جنگ جي جولان ۾،
اسپ جون کاڙيون هيون هن نر جي نيشان ۾،
آسمان ڌرتي برابر ڌنڌڪاري يا حسين.
[b]گهوڙي جو ذڪر
[/b]شاهه لطيف جي ڪيڏاري ۾ گهوڙي جو ذڪر ڪهڙي نه شاندار نموني ۾ ٿيل آهي:
گهوڙو گهوٽ پلاڻيو، مٿس زين ڌري،
علي شير پٽن کي، اُڀو سڏ ڪري،
قضا ڪيئن ٽري، اَمر الاهي آيو.
[b]هٿيارن جو ذڪر
[/b]مرزا ٻڍل بيگ پنهنجن مرثين ۾ هٿيارن ۽ گهوڙي جي خوب تعريف ڪئي آهي. تلوار جي تعريف انهي نموني ۾ ڪئي آهي:
بجلي جي هئي روش ان تيغ آبدار ۾،
ٽانڊا وسڻ لڳا پوءِ صف علرزار ۾،
آفت بپا هئي قوم ضلالت شعار ۾،
گيتيءَ تي زلزلو هو تلاطم بهار ۾،
*-*-*
اعدا جي سر ڪپڻ ۾ نه مطلق ڪو باڪ هو،
سر تي ڪري جي ڪنهن جي ته سينو به چاڪ هو.
مرثيي جي انهن لازمي جزن کي خوبصورتي سان عمل بيان ڪري قابل ۽ باڪمال مرثيه نگار مرثيي کي فني ڪماليت جي بلندين تي پهچائي ڇڏيندا آهن.
[b]سيد ثابت علي شاهه جي مرثيه نگاري
[/b]محمد صديق ميمڻ پنهنجي ڪتاب ”سنڌ جي ادبي تاريخ“ ۾ لکيو آهي ته ”سيد ثابت علي شاهه کي هندي ڪلام ۽ انيس ۽ دبير جا مرثيا پڙهندي پڙهندي پنهنجي شعر ٺاهڻ جو شوق پيدا ٿي پيو.“ اها راءِ منجهائيندڙ آهي. اُن کي سُلجهائڻ جي لاءِ سنڌ جي ماياناز اديب ۽ نقاد غلام محمد گرامي هڪ تحقيق مضمون، ”ثابت علي شاهه ۽ مرثيي جو فن لکيو جيڪو ٽه ماهي ”مهراڻ“ رسالي جي 1972ع جي پهرين پرچي ۾ ڇپيو هن جو چوڻ آهي ته ”مير انيس 1801ع ۾ ڄائو ۽ 1872ع ۾ وفات ڪيائين. مرزا دبير 1803ع ۾ ڄائو ۽ 1875ع ۾ وفات ڪيائين. ثابت علي شاهه جي وفات تي مير انيس اٺن سالن جو هو ۽ مرزا دبير ستن سالن جو هو. اهڙن محققن تي حيرت ٿي ٿئي جن لکيو آهي ته ثابت علي شاهه انيس ۽ دبير کان متاثر ٿيو هو.“
سيد ثابت علي شاهه شاعرانه ڏات جو ڌڻي ۽ تخليقي صلاحيتن جو مالڪ هو. هن پنهنجي تخليقي خوبين ۽ تجربي کي استعمال ڪري پنهنجو ڪلام تحرير ڪيو ۽ سنڌي شاعري ۾ نوان ۽ نرالا رنگ ڀري اُن کي مقبوليت بخشي سيد ثابت علي شاهه کي ننڍي هوندي مداحن ۽ منقبت ياد ڪرڻ جو شوق هو. فارسي کان واقفيت ٿيڻ کان پوءِ فارسي ۽ هندوي شاعرن جي مرثين کي پڙهندي سندس شوق وڌيڪ وڌيو ۽ مرثين جي تتبع تي شعر جوڙڻ شروع ڪيائين.
سيد ثابت علي شاهه عالمن جي مجلس مان گهڻو پرايو. پير اسدالله شاهه سجاده نشين جي مجلسن، روضه الشهداء ۽ سنڌي مرثين کي پڙهندي سيد ثابت علي شاهه کي سنڌي مرثيا ٺاهڻ جو شوق پيدا ٿيو. پير اسدالله شاهه انهي شوق کي پورو ڪرڻ لاءِ گهڻو همٿايو. سيد ثابت علي شاهه پان هڪڙي هنڌ چوي ٿو:
”مرثيو سنڌي اڳهين ڪو نه هو اصلي سنڌ ۾،
جي ڪو هوتا پڻ نه هو مشهور هن پر يڪجا،
مون چئين ثابت علي هي شعر سنڌي دردناڪ،
تون به سنڌي شعر ۾ ڪي چئج ماتم مرثيا.“
سيد ثابت علي شاهه جيڪو پهريون مرثيو چيو جنهن جي شروعات هي آهي:
”اي خدا جا لاڏلا سردار سرور يا حسين،
چيو پهريون مرثيو سو ٿيو قبول ڪبريا،
تنهن جا تون، بيحد مرثيا مسڪين و فضل ترجما،
ٿي چيم جيئن موقعن سڀ ڪنهن لکي دفتر ڪيا.“
سيد ثابت علي شاهه ڪل 66 مرثيا لکيا جن مان ڪي غزل جي صورت ۾ آهن، ڪي مربع جي صورت ۾ ۽ ڪي مسدس جي صورت ۾ آهن. سندس مرثيا پڪا، پختا ۽ فن جو اعليٰ نمونو آهن.
[b]مرثين جون خصوصيتون
[/b]سيد ثابت علي شاهه جا مرثيا پنهنجو مٽ پاڻ آهن. انهن کي دلچسپ ۽ مقبول بنائڻ لاءِ هن انهن لازمن جزن جي جڙت ڪمال ڪاريگريءَ سان ڪئي آهي. (1) اهلبيت جي ساراهه، (2) جذبات نگاري، (3) واقعات نگاري، (4) رزم نگاري، (5) منظر نگاري ۽ (6) سرويچن جي سورهيائي جو بيمثال ذڪر.
حضرت امام حسين ۽ ڪربلا جي شهيدن جي ساراهه
سيد ثابت علي شاهه پنهنجن مرثين ۾ امام حسين عليھ السلام جي ثنا هن نموني ڪئي آهي:
”هي خدا جو نور، شاه انبياء جو نورعين،
فاطمھ جو نور، شاه اولياءَ جو نور عين،
هن جي منهن ۾ ته ڏس، سڀ نور الاهي جلوه گر،
هن کون روشن عرش و ڪرسي حق جو هي شمس و قمر.“
ڪربلا جي شهيدن جي خوبين کي خوب ساراهيو آهي. هي انهن جي بهادري، جرئت، صبر استقلال جو ذڪر ڪري ٿو، انهن جي شهادت تي غم جو ماتم ڪري ٿو ۽ جنگ جا منظر ۽ واقعا بيان ڪري ٿو.
حضرت علي اڪبر جي سورهيائي ۽ دشمن سان ويڙه جو ذڪر ڪندي چوي ٿو:
مصطفيٰ جهڙي مهانڊي مرتضيٰ جهڙي جوان،
شاهه دين شير جو فرزند علي اڪبر پهلوان،
ڪي ئي ڪٽئين ڪوفي ڪُتا، اُن سير حق سورهه جوان،
ڪي ئي به شامي شوم ڪيا في النار ان رضوان مڪان،
جيئن گجي بادل هر گردون جو گنبذ پر صدا،
تيئن علي اڪبر تي الله اڪبر ڪئي نِدا.
[b]جذبات نگاري
[/b]جذبات نگاري مرثيي جو هڪ لازمي جزو آهي. سيد ثابت علي شاهه جزبات نگاري کي پنهنجي ڪلام ۾ پيش ڪري رنگ رچائي ڇڏيا آهن. حضرت علي اڪبر جڏهن ميدان جنگ ۾ وڃڻ جي لاءِ پنهنجي والد امام حسين عليھ السلام کان موڪلائي ٿو اُن جو ذڪر نهايت درد آميز انداز ۾ هن طرح ڪيو اٿس:
ساهه گهوڙي تان لهي ڀاڪر وڌو فرزند کي،
ڳل ڳراٽي پائي دلبر دادلي دلبند کي،
رت هنجون روئي چمي منهن جگر پيوند کي،
ڌيئين ابا ڇا عذر جي اهڙي مڻي خاوند کي،
آهي اڪبر تنهنجو منهن ساڳيو محمد جو جمال،
هل محمد کي هلي ڏيکار منهن لهوءَ سين لال.
هي جذبات نگاري جو اصلي ۽ فطري منظر آهي، جيڪو پڙهندڙ ۽ ٻڌندڙ کي خوب متاثر ڪري ٿو.
[b]واقعا نگاري
[/b]سيد ثابت علي شاهه جي واقعات نگاري بي مثال آهي. جڏهن امام حسين عليھ السلام جا سڀيئي ساٿي شهيد ٿي وڃن ٿا تڏهن حضرت امام حسين اڪيلو ئي اڪيلو ميدان ڪربلا ۾ ڪوفين سان وڙهڻ جي لاءِ سنڀري نڪري ٿو ۽ پنهنجي اهل و عيال کان موڪلائڻ بعد بيمار فرزند حضرت عابد کي جا وصيت ڪري ٿو اُن جو بيان اهڙو ته دلسوز نموني ۾ ڪيل آهي جو ٻڌندڙ جي اکين مان ڳوڙها ڳڙي پون ٿا:
شاهه گهوڙي تان لهي خيمي ۾ آيو اشڪبار،
طرف سيرانديءَ جي ويهي چيائين منهنجا من قرار،
آئون هليس عابد مرڻ، تون پٽ اکيون ٿي هتيار،
هي نبي ناموس پرتئي توتي مڙني جو مدار،
دل کي ڌيرج ڏي مِٺا ۽ هيانوَ کي هوشيار ڪر،
پنهنجي بابي جو اَبا اُٿ آخري ديدار ڪر.
[b]رزم نگاري
[/b]رزم نگاري سيد ثابت علي شاهه جي مرثين جو خاص گُڻ آهي، جنهن جي ذريعي هو جنگ جي ميدان ۾ شجاعت ۽ بهادري جو ذڪر ڪري ٿو:
ٿي اڃان هي گفتگو ڪئي ان ناڪار،
تا علي اڪبر اچي هن من مبارز ڪئي پڪار،
شير ڪئي شمشير هٿ ۾ چيو قضا ان ڪار زار،
لافتيٰ الا علي لا سيف الا ذوالفقار،
ها ملڪ مدهوش و ڪر و بي به ٿي قربان ٿيا،
صاحب دلدل جي پٽ رڻ ۾ جڏهن جولان ڪيا.
[b]مڪالماتي انداز بيان
[/b]سنڌي ٻولي جي نامور نقاد غلام محمد گرامي پنهنجي تحقيقي مقالي ”ثابت علي شاهه جي مرثين ۾ مڪالماتي انداز بيان ڳولي لڌو آهي. جيڪا ثابت علي شاهه جي وڏي خوبي آهي. انهي تي وڌيڪ تحقيقي ڪم جي ضرورت آهي.
مير حسن علي خان سنڌ جي ٽالپر خاندان جي روشن چراغ جي سيد ثابت علي شاهه جي مرثين بابت ڏنل راءِ انمول آهي.
”چئي جيڪو ثابت علي شاهه ويو،
ٻئي سنڌ ۾ شعر اهڙو نه چيو.“
غلام محمد گرامي جي چوڻ مطابق ”مرثيا نگار اُن کي چئي سگهجي ٿو، جنهن انهي صنف کي ارادتاً اختيار ڪيو هجي ۽ اُن ۾ گهڻو ڪلام چيو هجي.“ ان حيثيت سان سيد ثابت علي شاهه کي اُن فن جو بادشاهه سمجهڻ گهرجي.
[b]سيد ثابت علي شاهه جا ”سلام“
[/b]سلام شاعري جي اها صنف آهي، جيڪا غزل جي طرز ۾ تحرير ڪئي ويندي آهي. سلامن ۾ بحر ۽ وزن اُهو ئي استعمال ڪيو ويندو آهي، جيڪو غزل ۾ هوندو آهي. غزل وانگر سلام جو هر شعر مضمون جي لحاظ کان الڳ بيٺل هوندو آهي. شعر جي مضمون ۾ صفائي ۽ سادگي موجود هوندي آهي، جيڪا سلام جي جان هوندي آهي.
سيد ثابت علي شاهه سنڌي سلامن جو موجد آهي. هن جي سلامن ۾ صفائي ۽ سادگي اعليٰ درجي جون آهن. اُنهن ۾ سمايل درد ۽ تاثير گهڻو سحر انگيز هوندو آهي. سلام جو هي هڪ مثال آهي. شاعر حضرت امام حسين رضي الله تعاليٰ عنھ کي سلام پيش ڪندي چي ٿو:
”شاهه شهيدان حسين توتي صلوات و سلام،
دنيا ۽ ايمان حسين، توتي صلوات و سلام،
نازڪ دنيا ڌڻي، توتي صلوات و سلام،
دين ۽ دُنيا ڌڻي، توتي صلوات و سلام.“
[b]بيمثال مثال ته ڏسو:
[/b]اي صبا تون مصطفيٰ کي چئج صلواة و سلام،
اُن جي خدمت مرتضيٰ کي چئج صلواة و سلام،
سرگذشت ڪربلا ڪج عرض تفصيلوار،
حضرت النساءِ کي چئج صلواة و سلام،
ڪج خبر حضرت حسن کي ڀاءُ تنهنجو ٿيو شهيد،
اُن جي قاسم ڪد خدا کي چئج صلواة و سلام،
مصطفيٰ جو لاڏلو ڏس رڻ ۾ پيو آهي شهيد،
اُن شهيد ڪربلا کي چئج صلواة وسلام.
سيد ثابت علي شاهه جي هڪ رقت انگيز سلام ۾ سندس فن معراج ڪمال تي نظر اچي ٿو. جديد عربي ۽ فارسي انداز ۾ چيل چند شعر هن طرح آهن:
سڪينه سر پٽي چئي السلام، اي بابا!
شهيد و صابر و شاڪر امام، اي بابا!
هي تنهنجو لاش مبارڪ بخاڪ خون آلود،
۽ بي دفن رهيو رڻ بي نظام، اي بابا،
سندءِ هي حلق هو نت بوسه گاه پيغمبر،
جدا ڪيو ڪافر ڪاذب ظلام، اي بابا!
انهيءَ سلام ٺيٺ سنڌي انداز بيان هن طرح آهي، جيڪو سيد ثابت علي شاهه جي فن کي وڌيڪ اثرائتو ۽ رقت انگيز بنائي ٿو.
نه کير پاڻي مليو، هاءِ ڪاڪي اصغر کي،
تڇائي خلق ۾ ويو لاڪلام، اي بابا!
اسان جو عابد بيمار و ناتوان آهي،
جنهن ۾ تابِ نه طاقت تمام، اي بابا!
نه سيج ماڻي وَنو رڻ ويو هاءِ قاسم گهوٽ،
۽ ڄاڃي ماڃي سندس قتلعام، اي بابا!
[b]سيد ثابت علي شاهه جا نوحا:
[/b]لفظ ”نوح“ جي معنيٰ آهي زاري، هي اُهو مرثيو آهي، جو گهڻو ڪري ويهي پڙهيو ويندو آهي. هڪ يا ٻه ڄڻا مصرع کڻندا آهن ۽ ٻيا سڀ ورندي وارا لفظ گڏجي چوندا آهن. نوح يا زاري جي پڙهندي ماتم ۽ سينه زني گهڻي ٿيندي آهي.
سيد ثابت علي شاهه جي ڪلام ۾ نوحا به موجود آهن، جي درد ۽ الم جي دلسوز تصوير آهن هي نوحي جو هڪ مثال آهي.
نبيءَ جو نور العين، جنهن جو نالو امام حسين،
رڻ ۾ پيو هو ساري رين، هئي هئي حسرت واويلا.
واويلا صد واويلا هئي هئي حسرت واويلا.
هئي هئي اڪبر جي جواني، جو هو نبيءَ جي نشاني،
قاسم گڏ ٿيو قرباني، هئي هئي حسرت واويلا.
واويلا صد واويلا، هئي هئي حسرت واويلا.
هن ”نوحي“ جي ترتيب ٽن هم قافيه بندن جو بي بها استعمال ۽ آخر ۾ ”هئي هئي حسرت واويلا“ جي وراڻي هن نوحي کي لاجواب بنائي ڇڏي ٿي. اهڙو درد، اهڙو سوز ٻئي ڪنهن ڪلام ۾ ملڻ مشڪل نظر ايندو.
[b]شاعريءَ جون خوبيون
[/b](1) سيد ٿابت علي شاهه جي شاعري جي پهرين خوبي آهي، مڪالماتي انداز بيان. جڏهن امام حسين رضي الله تعاليٰ عنھ دشمن سان وڙهڻ جي لاءِ روانو ٿيو. تڏهن خيمي ۾ اچي حضرت امام زين العابدين رضي الله تعاليٰ عنھ جي سيراندي کان ويهي کيس مخاطب ٿي چيائين.
آءُ هليس عابد مرڻ تون پٽ اکيون اي منهنجا يار،
هي نبيءَ ناموس ۾ ٿيءَ تون ئي مڙني جو مدار،
دل کي ڌيرج ڏي مڍا ۽ هانوَ کي هوشيار ڪر،
پنهنجي بابي جو اَبا اُٿ آخرين ديدار ڪر.
اهو مڪالماتي انداز بيان اثر انگيز آهي ۽ دل جي تارن کي لوڏيو ڇڏي ٿو.
(2) سيد ثابت علي شاهه جي شاعري جي ٻئي خوبي آهي اهلبيت جي ثنا ۽ سرفروش سرويچن جي ساراهه. حضرت اڪبر رضي الله تعاليٰ عنھ جي پهلواني جو ذڪر لاجواب آهي.
”جيئن ڪه ڏاڏس مرتضيٰ بدر ۽ احد ۾ ڪافر ڪُٺا،
تيئن تي اڪبر ڪربلا ۾ شام جا لشڪر ڪٺا.“
(3) سيد ثابت علي شاهه جي ڪلام جي ٽئين خوبي آهي ته هڪ طرف اُهو فصاحت ۽ بلاغت سان ٽمٽار نظر اچي ٿو ته ٻئي طرف انهن ۾ لفطي ۽ معنوي صنعتون تشبيهون اشتعارا ۽ اصطلاح گهڻي تعداد ۾ ڪم آندل آهن. جيڪي هن جي ڪلام کي سحر انگيز بنائن ٿا. حضرت امام حسين عليھ السلام جي شهادت بعد لٽيل قافلي جي واسين جو چونڊ ۽ موثر لفظن ۾ بيان ڏنو اٿس سو فصاحت ۽ بلاغت جو هڪ شاهڪار آهي.
شام غريبان مثل هو صبح يتيمان حسين،
صبح محشر مثل هو شام غريبان حسين،
صبح ۽ شام ان پر ٿي ڪئي فرياد طفلان حسين،
اي خدا آهيون اسين ناموس نالان حسين.
(4) سيد ثابت علي شاهه جي ڪلام جي چوٿين خوبي آهي اهلبيت جي فردن جي سچي ۽ اُچي ڪردار نگاري. هڪڙي سلام ۾ سيد ثابت علي شاهه اهڙن فردن جي ڪردار نگاري کي انهن جي عملن جي روشني ۾ هن طرح بيان ڪيو آهي:
هاءِ علي اصغر کي ماريو ڪان ڪوفين خلق ۾،
اُن اصغر جي خطا کي چئج صلواة و سلام،
هائي اڄ بازو ڪپائي ماريو عباس علي،
پهلوان شيرخدا کي چئج صلواة وسلام.
(5) سيد ثابت علي شاهه جي ڪلام جي پنجين خوبي آهي ته هن عربي ۽ فارسي لفظن ۽ اصطلاحن کي نج سنڌي ٻولي ۽ سنڌي روايتن سان ملائي ڪهڙو نه جزباتي منڊ مچايو آهي.
هئي هئي قاسم تنهنجو ڪاج،
ميندي سهرن سانهن ساج،
گهوٽ ڪٺائون رڻ ۾ راج،
هئي هئي هسرت واويلا،
واويلا صد واويلا، هئي هئي حسرت واويلا.
[b]ادبي خدمتون
[/b]سيد ثابت علي شاهه پهريون سنڌي شاعر آهي جنهن واين، بيتن ۽ ڪافين جي بدران سنڌي شاعري ۾ موزون شاعري کي باقاعده اظهار خيال جو ذريعو بنايو. هي سنڌي عروضي شاعري جو پايو وجهندر بلند مقام شاعر آهي. سنڌي عروضي شاعري ۾ هن جي حيثيت اُها آهي، جهڙي قاضي قادن، شاهه ڪريم، شاهه عنات رضوي ۽ شاهه لطيف جي ڇند وديا جي آڌار تي لکيل قديم سنڌي شاعرن جي آهي.
سيد ثابت علي شاهه نه صرف عروضي شاعري کي سنڌ ۾ رائج ڪيو پر اُن ۾ تمام گهڻو شعر چئي اُن کي مقبول به بنايو. هن سنڌي شاعري ۾ هڪ نئين باب جو اضافو ڪيو. هو هڪ وڏو تخليقڪار شاعر هو. هن سنڌي شاعري ۾ انيڪ صنفن جو اضافو ڪري ان کي اظهار خيال جو صاف، سُٿرو ۽ سگهارو ذريعو بنائي سنڌي شاعري کي خوب ترقي ڏياري، هن مرثيا، قصيده، سلام، نوحا، فرد، مربع، مخمس، مسدس، غزل لکي سنڌي شاعري کي اظهار خيال جا ڪيترائي ذريعا مهيا ڪري اُن جي هر جذبي، هر احساس ۽ هر روش کي ڪاميابي سان ظاهر ڪرڻ جي قابل بنايو.
سيد ثابت علي شاهه عروضي شاعري ۾ مداحون ۽ منقبت تحرير ڪري سنڌي شاعري کي خوب عروج تي پهچايو.
سيد ثابت علي شاهه سنڌي شاعري ۾ مناظره ۽ هجوگوئي جو بنياد وجهي سنڌي شاعري کي نوان موضوع ڏنا ۽ نيون صنفون فراهم ڪري ڏنيون.
سيد ثابت علي شاهه جي عروضي شاعري ۾ نه لکي ها ته سنڌي شاعري اڌوري ۽ اڻپوري رهجي وڃي ها. سچ پچ سيد ثابت علي شاهه سنڌي شاعري جو هڪ مضبوط ٿنڀو آهي.
[b]سيد ثابت علي شاهه جي عبارت
[/b]اهو يقين سان چئي سگهجي ٿو ته سيد ثابت علي شاهه جي عبارت عام فهم ناهي، سادي ۽ سلوني ناهي، اُها ڏکي ۽ پريشان ڪندڙ آهي. انهيءَ جا ٻه سبب نظر اچن ٿا. سيد ثابت علي شاهه جو واسطو گهڻو ڪري حاڪمن، انهن جي تمدن، مذهبي ماڻهن، وڏن اُستادن ۽ ماتمي مجلسن سان تعلق رکڻ وارن ترجمانن ۽ شاعرن سان هو. عام ماڻهن سان اُٿڻ ويهڻ گهٽ هو. انهيءَ ڪري سندس ڪلام جي ٻولي عام فهم، لَسي ۽ سادي ناهي.
شاهه ثابت علي عروضي شاعري جو پايو وجهندڙن مان هڪ هو. عروضي شاعري عربي ۽ فارسي ٻولين جي زير اثر هجڻ ڪري عام سنڌي ماڻهن جي معيار کان گهڻو مٿي هئي. سيد ثابت علي شاهه مرثيه نگاري کي اختيار ڪري وقت جي حالات مطابق عربي، فارسي ۽ اردو ٻولين وارن مرثيانگارن وانگر اُن کي عام ماڻهن جي پهچ کان مٿاهون رکيو. اُن جو اثر سندس عبارت ۾ صاف نظر اچي ٿو. هن جي ٻولي سنڌي ٻوليءَ جي بدران عربي، فارسي ۽ اردو ٻولين جو گاڏر ساڏرسنڌي ٻولي آهي.
[b]غلام محمد لاکي جي راءِ
[/b]غلام محمد لاکي سيد حسام الدين راشدي جي اردو ڪتاب ”سنڌي ادب“ ترجمو ڪري اُن تي هڪ مقدمو لکيو آهي. اُن ۾ هو چوي ٿو ته ”سيد ثابت علي شاهه مرثيو چئي سنڌي ٻولي ۾ فارسي جي بيجاءِ استعمال کي رائج ڪيو.“ اها راءِ لڳ ڀڳ پنجاهه سيڪڙو درست آهي. سيد ثابت علي شاهه جي ڪلام جي ٻولي عربي ۽ فارسي لفظن ۽ محاورن جي آميزش سان ڀريل آهي. مرثين ۾ ڪم آندل عبارت فصاحت ۽ بلاغت جو اعليٰ نمونو آهي. هن جي عبارت ۾ لفظي صنعتون تشبيهون، استعارا، ڪنايا ۽ اصطلاح تمام گهڻا ڪم آندل آهن، پر انهن ۾ فارسي جو رنگ گهڻو چڙهيل آهي،
ميدان ڪربلا ۾ حضرت امام قاسم رضي الله عنھ جي جرئت ۽ سورهيائي جو ذڪر ڪندي سيد ثابت علي شاهه خوب چوي ٿو:
”هن کي ڇا افراسياب، هن کي ڇا اسفند يار،
ڇا هي بزن، ڇا هي بر روءَ؟ ڇا فراموز الفراز،
گيو هت گوشو ڪري، نرمي نريمان جو شعار،
طوس جو ڇا طلب هت؟ گو دور و گر گين گيرودار،
هي مڃي رب جي رضا سر ڏئي ته ڏي ور نه مجال،
ناهي ملڪ الموت کي تنهنجي تقابل جي محال.“
عبارت جي رواني ۽ برجستگيءَ جو هي انمول مثال آهي. انهيءَ مثال ۾ صنعت تلمبع ۽ صنعت مبالغ کي پختگي سان استعمال ڪيو ويو آهي.
[b]تشبيهن جو استعمال
[/b]سيد ثابت علي شاهه جون تشبيهون نيون ۽ بيمثال آهن. اُهي سنڌ جي ماحول بدران عربي ۽ فارسي ماحول مان کنيل آهن. هڪڙو بيمثال مثال هي آهي:
”ڪربلا جي قتل جي ڪر ڪا خبر، اي آسمان،
ڪيئن ڏٺيه نيزن چڙهيا شاهن جا سر، اي آسمان،
هي ندا جا قطب تارا، عرش ڪرسي جا جڙاءَ،
هي رسول الله جا شمس و قمر، اي آسمان.
اهلبيت جي شهيدن جي سرن کي قطب تاري، سج ۽ چنڊ سان ڀيٽي ڪمال ڪري ڏيکاريو ويو آهي.
[b]تجنيس حرفي جو استعمال
[/b]سيد ثابت علي شاهه پنهنجي ڪلام ۾ تجنيس حرفي جو فني پختگي سان استعمال ڪري خوب رنگ رچايا آهن. هي مثال پڙهي شاعر جي فني عظمت کي سلام ڪريو.
”هي هنجون هڪ هڪ اٿئي، ماڻڪ ۽ متوي منهنجا يار،
تن جي قدر قيمت چاڻي ڪو نه ڪو ري ڪردگار.“
[b]مرزا قليج بيگ جي راءِ
[/b]سيد ثابت علي جي عبارت جي باري ۾ مرزا قليچ بيگ چوي ٿو ته ”سيد ثابت علي شاهه اصل کنئون نئون طريقو استعمال ڪيو. طرز ۽ وزن فارسي بيهاريو سنڌي سان گڏ فارسي ۽ عربي لفظ ۽ اصطلاح اهڙا ملايا جو هن جو شعر پڙهندي ڏاڍي لذت پيئي اچي.“
[b]سيد ثابت علي شاهه جي ڪلام جي اهميت
[/b](1) ان کان ڪو به انڪار نٿو ڪري سگهي ته سيد ثابت علي شاهه جو ڪلام اهم آهي ڇاڪاڻ ته اُن ۾ سنجيدگي آهي، شائستگي آهي، پختگي آهي ۽ اثر انگيز برجستگي آهي. اُن ۾ وزن آهي، رواني آهي ۽ اثرانگيز اثر به آهي. سنڌ جي ڪيترن ئي شاعرن مرثيا لکيا آهن. پر سيد ثابت علي شاهه جا مرثيا بيمثال ۽ لاجواب آهن. هن جي عبارت عربي ۽ فارسي لفظن ۽ اصطلاحن سان ڀرپور آهي، پر انهيءَ ۾ پنهنجائپ آهي ۽ وطن جي مٽيءَ جي خوشبوءَ محصوص ڪري سگهجي ٿي.
(2) سيد ثابت علي شاهه موزون شاعري کي سنڌ ۾ رائج ڪري اُن جي راهن کي روشن ڪري ڇڏيو. هن سنڌي شاعري ۾ قانون جي پابندي کي متعارف ڪري سنڌي شاعري کي سپنن جي ننڊ مان بيدار ڪري، حقيقتن کي منهن ڏيئڻ جي قابل بنايو. هن پنهنجو سمورو ڪلام موزون شاعري ۾ تحرير ڪيو. هن هڪ عظمي تخليقڪار جي حيثيت ۾ بيشمار صنفون ايجاد ڪري شاعرن جي لاءِ گهڻا ئي اظاهر جا طريقا مهيا ڪري ڏنا. هن جو ڪلام سنڌي شاعري ۾ هڪ نئين باب جو آغاز آهي. جنهن تي هلي موزون سنڌي شاعري وڏي ترقي ڪئي آهي.
(3) سيد ثابت علي شاهه مرثيي جي شاعري ۾ وڏا ڪارناما سرانجام ڏنا آهن. هن مرثيه نگاري ۾ مڪالماتي رنگ ڀري ڪردارن جي ڪردار کي مٿاهين مقام تي پهچايو آهي. هن مرثيه نگاري ۾ وير ڪٿا (Epic) جو رنگ پيش ڪري سورهين، سرويچن ۽ شهيد جي ڪردار کي جرئت ۽ بهادري سان اهڙي نموني پيش ڪيو آهي جو اُهي مثالي بنجي ويا آهن.
(4) سيد ثابت علي شاهه عربي ۽ فارسي جو وڏو عالم هو. هن سنڌي ٻوليءَ کي پنهنجي فن ۽ جذبات جي ترجماني لاءِ چونڊي سنڌي شاعري ۽ سنڌ تي وڏو ٿورو ڪيو آهي. هن جي دور ۾ سرڪاري توڙي درٻاري ٻولي فارسي ئي هئي. انهي هوندي به هن سنڌي ٻوليءَ جي اهيمت جو احساس رکي، اُن ۾ شاعري ڪئي ۽ اُنکي وڏو عروج ڏياريو ۽ اُن کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪيو، ان وقت عربي ۽ فارسي لفظن ۽ اصطلاحن جي سهاري جي ضرورت هئي. هن سنڌي ٻوليءَ کي عربي ۽ فارسي ٻولي جي لفظن ۽ اصطلاحن سان ملائي پنهنجي لاءِ موثر اظهار خيال جو ذريعو بنايو. جيڪڏهن سيد ثابت علي شاهه شاعري نه ڪري ها ته سنڌي شاعري هڪ رنگي هڪ رُخي ۽ اڌوري رهجي وڃي ها.
(5) سيد ثابت علي شاهه جي شاعري جي وڏي اهميت آهي جو هن اظهار بيان جا نوان طريقا ڳولي لڌا. هن تمام گهڻيون شاعري جو صنفون ايجاد ڪري سنڌي شاعري جي دائري کي وسعت بخشي ۽ سنڌي شاعرن ۾ زندگيءَ کي نوَن نمونن سان ڏسڻ ۽ اُن تي عمل ڪرڻ جي صلاحيت پيدا ڪئي.
(6) غلام محمد گرامي جي لفظن ۾ ”سيد ثابت علي شاهه جو فن اسان جي سنڌي ادب لاءِ متاع گران بي بها آهي. سيد ثابت علي شاهه سنڌي شاعري کي لفظن، بندشن ۽ ترڪيبن جو وڏو ذخيرو ڏنو آهي جو ٻيا ايندڙ مرثيا گو شاعر اُن کي استعمال ڪري مرثيي جي فن کي اوج تي پهچائي سگهن ٿا. سيد ثابت علي شاهه مرثيي جي فن جو شاهه آهي، بادشاهه آهي. سندس فن جو مقام سنڌي ادب ۾ بلند آهي. هن جي قادر الڪلامي ۽ سنڌي ٻولي سان عشق جي ڄاڻ پوي ٿي. سنڌي ٻولي سندس علمي ذخيري تي اڄ به ناز ڪري ٿي ۽ ڪندي رهندي.“
سيد ثابت علي شاهه جي بي پناه ڄاڻ، مشاهدي جي قوتِ، تجربيڪاري ۽ تخليقي صلاحيت نه صرف سندس فن جي ساک ڀرن ٿيون پر سنڌي ادب لاءِ ڪيل سندس خدمتن جو پڪو ۽ پختو ثبوت آهن.
[b]مددي ڪتاب
[/b](1) غلام رسول بلوچ. سنڌي مرثيه نگاري.
(2) محمد صديق ميمڻ. سنڌي ادب جي تاريخ.
(3) ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو. سنڌي ادب جي مختصر تاريخ.
(4) غلام محمد لاکو. سيد هسام الدين راشدي جي اردو تصنيف ”سنڌي ادب“ جي ترجمي جو مقدمو.
(5) ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ. سنڌي ادب جو تنقيدي اڀياس.
(6) غلام محمد گرامي. ”ثابت علي شاهه ۽ مرثيي جو فن“ ٽه ماهي مهراڻ 1972ع.