ميون شاهه عنات رضوي(1030 1035هه، 1120 1125هه)
[/b]
(1) ”شاهه عنات جي بيتن جي مضمون رنگارنگي ۽ تنوع آهي ۽ تصوف ۽ اخلاقيات جا مضمون ملن ٿا ته حسن ۽ عشق توڙي هجر ۽ وصال جو بيان به نظر اچي ٿو. سنڌ جي ثقافت ۽ رهڻي ڪهڻي جي تصوير به ملي ٿي ته معاشي ۽ معاشرتي حالتن جو احوال به ملي ٿو. نه فقط ايترو پر رومانوي داستانن جي تمثيلن ۽ علامتن ذريعي هر نڪتي کي چٽائي سان بيان ڪيو ويو آهي.“
[b] ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ. سنڌي ادب جو تنقيدي اڀياس
[/b]
(2) ”شاهه عنات ۽ شاهه لطيف شعر ۾ هڪ ئي رستي تي هليا آهن اُهائي ٻولي، اهائي بلندي ۽ خيالن جي هڪجهڙائي توڙي دلڪشي. شاهه لطيف وانگر هن دوهن (بيتن) کي به مختلف سُرن ۾ تقسيم ڪيو آهي ۽ سنڌ جي عشقيه داستانن کي شعر ۾ استعمال ڪيو آهي.“
سيد حسام الدين راشدي. سنڌي ادب
(3) ”هو (شاهه عنات) هڪ اعليٰ درجي جو شاعر هو. هو جوش ۽ جزبي جي حالت ۾ ٺهه پهه شعر چئي ڏيندو هو. سندس شعر تمام گهڻو هوندو پر ملي ٿورو ٿو. سندس شعر تصوف ۽ اخلاقيات جو بحر آهي ۽ منجهس نازڪ نڪتا سمايل آهن.“
[b]ميمڻ عبدالغفور سنڌي. سنڌي ادب جي مختصر تاريخ
[/b]
(4) ”شاهه عنات هڪ وڏو شاعر آهي جنهن وٽ فڪر ۽ فن جا خزانا آهن. شاهه ڪريم ۽ شاهه لطيف جي دور جي وچ جي ڳنڍيندڙ ڪڙي آهي. عنات شاعراڻي ڏات ۽ بلند خيالات سبب هڪ اهم شاعر آهي.“
[b]ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو. سنڌي ادب جي مختصر تاريخ
[/b]
(5) ”ميون شاهه عنات پنهنجي طبعي ذوق سببان شاعر ٿي ساماڻو ۽ شاعري مان ڀرپور حظ حاصل ڪيائين. ميون شاهه عنات هڪ صوفي درويش جي حيثيت ۾ شاعري ڪا نه ڪئي. بلڪه شاعري جي ڏات سندس واسطي درويشي جو باعث بڻي.“
[b]ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ. ميين شاهه عنات جو رسالو جو مهاڳ
[/b]
[b]زندگي جو احوال:
[/b]
[b]رضوي سعادتن جي هجرت:
[/b]ميون شاهه عنات رضوي ڪلهوڙن جي آخري دور جو عظيم الشان شاعر آهي. هو نصرپور ۾ رهندڙ رضوي سعادتن جي هڪ برک ۽ بزرگ قبيلي جو فرد هو. ميمڻ عبدالغفور سنڌي پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ ۾ مير علي شير قانع جي ڪتاب ”تحفة الڪرام“ جو حوالو ڏيندي ڄاڻائي ٿو ته ”شاهه عنات رضوي سيد نصيرالدين رضوي جو فرزند ارجمند دلبند هو. هن جا وڏا مڪي شريف مان هجرت ڪري سنڌ ۾ آيا. پهريائين بکر ۾ اچي رهيا ۽ ان کان پوءِ نصرپور ۾ سڪونت اختيار ڪئي.“
[b]ولادت، تعليم تربيت:
[/b]ميين شاهه عنات جي ولادت اندازاً 1030 1035هه ڌاري ٿي. هن جي والد جو نالو شاهه نصيرالدين ۽ والده جو نالو بيبي حنيفه آهي. هن جي تعليم ۽ تربيت بابت ڪو به مواد موجود ڪونهي. شايد هن پنهنجي مقامي مدرسي مان تعليم حاصل ڪئي. هن مدرسي مان اعليٰ تعليم حصل ڪو نه ڪئي. رضوي خاندان ۾ فارسي تعليم جو رواج هو. هن ٿوري فارسي ۾ تعليم حاصل ڪئي هجي. سندس والد نصيرالدين جي وفات کان پوءِ شاهه عنات جي تعليم تي اثر پيو هجي.
والد جي وفات کان پوءِ شاهه عنات جي پرورش وڏي ڀاءُ ميين احمد شاهه ڪئي. خانداني روايتن مطابق شاهه عانت ننڍي هوندي خود خيال ۽ رسمي پابندي کان آزاد هو، هو راڳ ٻڌڻ جو شوقين هو ۽ آزادي سان عام ڪچهرين ۾ اُٿڻ ويهڻ لڳو. هن جو راڳيندڙن سان اُٿڻ ويهڻ عام هو جيڪو هن جي وڏي ڀاءُ ۽ خانداني ڀاتين کي نه وڻندو هو. هڪ موقعي تي شاهوڪن ۽ ڇڇرن جيڪي نصرالدين جا ساهرا ۽ سندس وڏي ڀاءُ جا ناناڻا هئا، شاهه عانت کي ٽوڪيو. شاهه عنات شاهه نصيرالدين جي پوکيل نم جي سامهون هي بيت چيو:
نم ڪجئين نياءَ، اسان جو عنات چئي،
جنهنءَ توکي پوکيو، آهيان اُن جو وياءُ،
شاهوڪائي باهه، وسمي ورهين کي.
چون ٿا ته شاهه عنات جي پاراتي سبباً ڇڇر توڙي شاهوڪ بدحال تي ويا.
[b]جواني، شاديون ۽ شغل:
[/b]سترهن سالن جي وهي ۾ شاهه عنات ڇوڪراڻي وهي مان نڪري جواني واري دور ۾ داخل ٿيو. هو ننڍي هوندي کان خود خيال هو ۽ رسمي پابندين کان آزاد هو. هو عام ڪچهرين جو ڪوڏيو هو. راڳ سان کيس دلچسپي هئي ۽ بيت به چوندو هو. هو پنهنجي وڏي ڀاءُ ميين احمد شاهه جي ضابطي جو محتاج نه هو. انهي ڪري هن جواني واري دور ۾ پنهنجي پيرن تي بيهڻ جي ڪوشش ڪئي. هن پنهنجا تعلقات وڌايا ۽ مريد خادمي جو سلسلو جدا طور قائم ڪيو.
شاهه عنات ٽي شاديون ڪيون. هن کي ڀلن وهٽن جو شوق هو. هن ڀلا گهوڙا ۽ گهوڙيون ڌاريون. شاهه عنات ڀلن گهوڙن بابت هي بيت سرجيو:
رنگ روجهو رهوار، قد پورو، ڪاسو چري،
منهن ميٺو، نه آگري، سنئون تيز سچار،
هينئڙي ٿئي قرار، اهڙي اسب عنات چئي.
ڀلي گهوڙي جي وصف ۾ چيل هي بيت بيمثال آهي. گهوڙن ۽ گهوڙن کانسواءِ شاهه عنات وٽ ٻيو مال به جهجهو هو. مينهون ۽ اُٺيون گهڻيون هيون. ارڙهن کان چاليهن سالن تائين اِهو دور هو. انهي دور ۾ سنڌ تي مغلن جي حڪومت زوال پذير ٿي رهي هئي ۽ ڪلهوڙن ميان نصيرالدين جي اڳواڻي ۾ اُسرڻ شروع ڪيو.
[b]درويشي ڏانهن لاڙو:
[/b]جواني جي موٽ کان پوءِ شاهه عنات درويشن ۽ بُزرگن طرف متوجه ٿيو. هن عرصي ۾ هو گهڻو وقت درگاهن ۽ درويشن جي زيارتن، مريدن سان محبت ۽ سير و سفر ۾ گذاريندو هو. هن دور ۾ شاهه عنات درويشن جي شان ۾ بيت جوڙيا. هن دور ۾ سندس شاعري جي شروعات ٿي.
هن دور ۾ هن ملتان ۾ شاهه خيرالدين جي درگاهه ۽ ملتان ۾ بهاؤالدين ذڪريا ۽ رڪن الدين جي روضن جون زيارتون ڪيون. هن دور ۾ هن ملتان جي گادي وارن ۽ ٻين بزرگن خاص ڪري ڀاون شاهه، محمد غوث ضياالدين، محمد باقر سان پاڻ مليو ۽ مقيدتمندي سان سندن گيت ڳايائين. هن پنهنجي سرجيل سرود ڌنا سري ۾ انهن درويشن کي خوب ساراهيو آهي.
”غوثان ختم بهاؤالدين نبيان ختم رسول.“
*-*-*
”روضو رڪن شاهه جو، گوهر مٿس گُل،
شعاع جا، سيد چئي، هاتڪ ڪرين هُل.“
*-*-*
غازي محمد غوث کي، اکڙين لال مڻان.
تنهنجي ڀاون شاهه ڀلائي، سجي سڀيئي ديس ۾.
[b]سياسي شعور رکندڙ شاعر:
[/b]60 70 سال واري دور ۾ شاهه عنات سياسي شعور جو مظاهرو ڪري سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو. سنڌ ۾ معلن جي حڪومت زوال پذير هئي. ڪلهوڙن ميان نصيرالدين جي اڳواڻي ۾ پنهنجي طاقت کي گڏ ڪيو. آزادي پسند عوام هن جو ساٿ ڏنو. هن ڪاڇي تي قبضو ڪيو ۽ چانڊڪا (لاڙڪاڻو) تائين پنهنجي طاقت جو دائروڌايو. سندس شهرت سڄي سنڌ ۾ عام ٿي ويئي. شاهه عنات پنهنجي دور جو وڏو شاعر ۽ مشهور بزرگ هو جنهن حب الوطني جي جزبي تحت ميان نصير محمد جي پٺڀرائي ڪئي ۽ هيٺيون بيت دعا طور چيو:
نسرئو نصير، چانڊڪي ۾ چند ٿي،
ڪاڇو ڪوڙي ۾ ڪري، ملي ويٺو مير،
دمامي جي دؤنس سان، ڦري ٿيو صمير،
آهي هي عنات چئي، سندو سنڌ همير،
سي وئا هلي ڍاڍري، کڻي ڪروٿئون کير،
تن کي گڏيو ڪين گس تي، بد نه بدگير،
تن کي گيو ڪين گس تي، بد نه بدگير،
خاصي خداآباد منجهه، عطر ۽ عنبير،
جان جان ندي نير، تان تان طيل تنهنجي تجلو.
هي دعائيه بيت ٻڌائي ٿو ته شاهه عنات کي پنهنجن وطن ۽ آزادي پسند ماڻهن سان ڪيڏي نه همدردي هئي. بيشڪ هو هڪ محب وطن شاعر، بزرگ انسان هو.
[b]مٺا مريد، پيارا دوست:
[/b]ميون شاهه عنات فطرتاً نيڪ ۽ صالح شخص هو. هو ڀيد ڀاءُ کان گهڻو مٿاهون هو. هن جي محبت سڀني ماڻهن جي لاءِ هئي ۽ سڀيئي ماڻهو به هن سان عقيدت ڀري محبت ڪندا هئا. درگاهن تي زيارتن جي سببان هن جا معتقد وڌيا. مريدن جي دعوتن تي ڳوٺن ۽ واهڻن ۾ سير و سفر جو سلسلو اختيار ڪيو. هن کي رمضان ۽ پيرو کٽيءَ سان خاص محبت هئي.
پيرو کٽيءَ سان شاهه عنات کي خاص محبت هئي پيرو کٽيءَ هڪ سٺو سگهڙ هو. لوڪ ادب جي سلسلي ۾ شاهه عنات ۽ پيرو کٽيءَ جون ڪچهريون مشهور هيون. هو هڪ ٻئي کي سوکڙيون به موڪليندا هئا. پيرو کٽي جي موڪليل پيروئن جي سوکڙين کي شاهه عنات ڏاڍو ساراهيندو هو.
پيرو پيرون موڪليا، موتين جان موچار،
تن ۾ اڇا، ڳاڙها، ڪارا پيار رنگ دار،
اي کٽي خبردار، هوندين شال حضور ۾.
معاشي بدحالي جي دور ۾ شاهه عنات هن جي لاءِ هي دعائيه بيت پڙهيو ۽ هن جي بدحالي دور ٿي ويئي.
کٽي کيت م کير، توڙي سونا ئي سڳڙا،
هيج منجهارئون هٿڙا مٿي ڀينڊيءَ پير،
پيءَ ڏاڏي جي پير، سکيو هوندين، سيد چئي.
[b]شخصيت[/b]:
ميون شاهه عنات هڪ خود خيال ۽ آزاد طبع شخص هو. هن جو سينو محبت سان ٽمٽار هو. هو پنهنجن مريدن ۽ معتقدن سان بنان تڪلف جي دوستن وانگر ملندو هو. پنهنجي مرشد خيرالدين سان سندس دلي محبت هئي. پنهنجن وڏن جي مرشدن لاءِ عزت هئي ۽ ٻين درويشن سان کيس محبت هئي. هو سنڌ جي هر فقير جو احترام ڪندو هو. جوڳين، سامين ۽ آديسسين سان محبتون ڪيائين. هو توحيد جو طالب هو ۽ توحيد ئي سندس مول مقصد هو.
”توکان مڱان تون آهين، ٻيو در ڪو نه سڃاڻان.“
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي اها راءِ وزندار آهي ته ”ميين شاه عنات صوفي درويش جي حيثيت ۾ شاعري ڪا نه ڪئي، بلڪ شاعري جي ڏات سندس واسطي درويشي جو باعث بڻي.“
[b]وفات:
[/b]جانداني روايتن مطابق ميون شاهه عنات هجري سن 1120 1125هه ۾ 90 سالن جي وڏي عمر ۾ وفات ڪئي. شاهه عانت جو روضو سندس پيءَ نصيرالدين شاهه جي روضي سان گڏ شيخ موسيٰ جي قبرستان (ٽنڊي الهيار کان 5 ميل اُتر طرف ڳوٺ ڀورل شاهه) لڳ آهي، جتي ڪيترائي ماڻهو زيارت لاءِ ايندا آهن.
[b]نيون روايتون سرجيندڙ شاعر:
[/b]عام سنڌي قصن ۽ داستانن جي تاڃي پيٽي ۾ اُڻيل سروار بيتن ۽ واين جي سٽاءَ ۾ سمايل سنڌي شاعريءَ جو لنواريندڙ ۽ سينگاريندڙ ميون شاهه عنات رضوي هو. هن کان پوءِ شاهه عبداللطيف سنڌي شاعري کي اوج تي پهچايو.
(1) ميون شاهه عنات پهريون سنڌي شاعر آهي جنهن مڪمل سنڌي رسالو جوڙيو. هو رسالي جوڙڻ جي روايت جو باني آهي. رسالي جوڙڻ جي لاءِ پهرين عوامي قصن ۽ داستانن کي سرودن / سُرن ۾ ورهائبو آهي. اُن کان پوءِ هر سرود / سُر کي فصلن ۾ ورهائبو آهي. هر فصل ۾ پهرين بيت هوندا آهن ۽ انهن جي پويان وائي / وايون هونديون آهن. شاهه عنات جي رسالي ۾ 22 سرود آهن. سرود ڪليان، سرود جمن، سرود کنڀات، سرود سريراڳ، سرود رامڪلي، سرود مارئي، سر پرڀات، سرود ڌناسري، سرود جيسري، سرود پورب، سرود ليلا، سرود آسا، سرود ڪاپائتي، سرود ڏهر، سرود مومل راڻو، سرود بلاول، سرود سسئي، سرود سورٺ، سرود سارنگ، سرود توڏي، سرود ڪاموڏ ۽ سرود ڪارائڙو.
(2) ميون شاهه عنات پهريون سنڌي شاعر آهي، جنهن مجازي حسن ۽ عشق جي موضوئن تي شاعري ڪري، سنڌي شاعريءَ ۾ رنگيني، لطافت ۽ سحر انگيزي جو اضافو ڪيو.
(3) ميون شاهه عنات پهريون سنڌي شاعر آهي جنهن تصوف ۽ اخلاقيات سان گڏوگڏ سنڌ جي سورمن ۽ سورمين کي پنهنجي ڪلام ۾ جڳهه ڏيئي سنڌي شاعري ۾ نوان مضمون ۽ عنوان قائم ڪيا.
(4) ميون شاهه عنات پهريون سنڌي شاعر آهي جنهن بيتن ۾ وسعت پيدا ڪري، ان جي دائري کي وڌايو آهي.
(5) شاهه عنات پهريون سنڌي شاعر آهي، جنهن سنڌي سورمن ۽ سورمين جي باري ۾ گهڻا بيت چئي انهن جي قصن ۽ داستانن کي مڪمل ڪيو.
(6) شاهه عنات پهريون سنڌي شاعر آهي، جنهن وائي جي صنف کي سنڌي ٻوليءَ ۾ رائج ڪيو هو وائي جي صنف جو باني مباني آهي هن ڪل 42 وايون سرجيون.
(7) شاهه عنات رضوي پهريون سنڌي شاعر آهي، جنهن ٻاهرين توڙي ديسي بزرگن ۽ درويشن کي ساراهڻ لاءِ ”سرود ڌناسري“ لکي مدح جي صنف کي چمڪائڻ جو وڏو ڪم ڪيو
.
[b]ميين شاهه عنات جي شاعري:
[/b]ميون شاهه عنات ڪلهوڙن جي اوائلي دور جو عظيم شاعر ۽ تخليقي سرجڻهار آهي. هن عام سڌي قصن ۽ داستانن کي سروار بيتن ۽ واين جي سٽاءَ ۾ سموهي سنڌي شاعري کي خوب سنواريو آهي ۽ سينگاريو آهي. هن قصن ۽ داستانن جي سورمن ۽ سورمين کي نيون شڪليون ۽ صورتون بخشي لاجواب ڪردارن جي قطار ۾ بيهاريو آهي.
ميون شاهه عنات هڪ وڏو تخليقي شاعر آهي. هن وٽ فڪر ۽ فن جا خزانا آهن. هو شاعراڻي ڏات ۽ بلند خيالي جي ڪري هڪ نامور ۽ قابل قدر شاعر آهي. هن پنهنجي شاعري کي سرودن ۾ ترتيب ڏيئي، سنڌي شاعري ۾ هڪ نئين تحريڪ جو آغاز ڪيو آهي.
ميون شاهه عنات پهريون سنڌي شاعر آهي جنهن رسالي جوڙڻ جي روايت جو بنياد رکيو آهي. اِهو هڪ وڏو ڪارنامو آهي. اسان جا جديد سنڌي شاعر نوَن موضوعن ۽ نون عنوانن تي سُر سرجي رهيا آهن. اُهي شاهه عنات جي قائم ڪيل راهن تي هلندي ڄڻ هن کي خراج تحسين پيش ڪري رهيا آهن.
ميين شاهه عنات سنڌي شاعري ۾ نوان موضوع ۽ عنوان قائم ڪري شاعرن جي لاءِ نيون راهون روشن ڪري ڇڏيون آهن. هن مجازي حسن جي ساراهه ۽ اُن جو کليو، سريلو ۽ موثر اظهار هن جي شاعري جو نئون ۽ نرالو عنوان آهي.
ميون شاهه عنات پهريون سنڌي شاعر آهي، جنهن ”سرود ڌناسري“ جوڙي اُن ۾ ٻاهرين توڙي ديسي ولين ۽ درويشن کي عقيدت سان ساراهي، سنڌي شاعري ۾ هڪ نئين باب جو اضافو ڪيو آهي.
ميون شاهه عنات پهريون سنڌي شاعر آهي جنهن وائي جي صنف کي سنڌي ٻولي ۾ رئاج ڪيو. هو وائي جي صنف جو موجد آهي. هن جون ڪل 42 وايون مليون آهن. اُهي فني ۽ موضوعاتي لحاظ کان سريليون آهن، رسيليون آهن ۽ اعليٰ معيار جون آهن.
شاهه عنات وطن جي ماڻهن کي خوب ساراهيو آهي. ”سرود سارنگ“ ۾ هن ٿر جي ماڻهن جو تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي. هي ماڻهو ڌرتي ڄاوا آهن. محنت ڪش آهن ۽ اُدم (پورهيو) انهن جو سرمايو آهي. ”سرود مارئي“ ۾ شاهه عنات ٿر ۾ رهندڙ ماڻهن جو خوب ذڪر ڪيو آهي. ڪکائن جهوپڙين ۾ رهندڙ ٿري ماڻهو جهوپڙين کي محلن سان مٽائن کي عيب سمجهن ٿا، روزگار انهن جو وڏو مسئلو آهي. اُهي مالدار آهن. انهن جو جيئڻ مرڻ برساتن تي منحصر آهي. شاهه عنات ٿر جي ڳاهن، ولين ۽ ٻوٽن جو تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي.
کهه، ڪوڙي، ڊهه مکڻي، جت ڳاڱيون ڳم ڳندير،
ڀيريو، ڀُرٽ، ڀچٽي، ميڙين منجهه ملير،
هُلرو، لُلرو، لنب لاڻي، هنجن واڇوٽو وير،
ڍيٻي، ڍامن، ڍڪڻي، ڪانُو، ڪرٽو ڪرير،
سڻ، سيارڇ، ساڏوهيون، ساريان منجهه سرير،
تن کي واحد مينهن وسايا، ٿا هرئا ٿر ڍير،
سيد چئي ساڻيهه جي گهر کٿيرين کير،
ثابت رکي سير، پرچي اوءَ پنهوار سين.
ٿر جا ماڻهو گاهن، ولين ۽ ٻوٽن کي مال کي کارائيندا آهن، ڏٿ طور هو پاڻ به کائيندا آهن ۽ انهن مان ضرورت جوشيون به ٺاهيندا آهن. ٿر جا ماڻهو غريب آهن، لاچار آهن پر وڪائو هال ناهن هنن کي پنهنجن ريتن، رسمن ۽ روايتن جو وڏو قدر آهي.
شاهه عنات پنهنجي شاعري ۾ نج اصلوڪا سنڌي لفظ ڪم آڻي اِهو ڏيکاريو آهي ته نج سنڌي لفظ اسان جا پنهنجا آهن، اسان جي سڃاڻ آهن. اُهي اسان جي جذبن کي سهڻائي ۽ چٽائي سان ظهار ڪري سگهن ٿا. اُهي اظهار بيان جا مُوثر ذريعا آهن.
شاهه عنات پهريون سنڌي شعار آهي، جنهن ”سرود توڏي“ ۾ سهڻي کي ايترو گهڻو ڳايو آهي. سهڻي جي ٻڏڻ بعد سندس ٻيڙن جي خوشبوءَ ۽ ٻهڪاءُ سان سڄي سائر جي سرهي ٿيئڻ واري نازڪ نڪتي جو بيان ڪيو آهي.
پُڇو پاڻي وارين ته هي زر جبات ڪئا،
لهرين لوڏي جو مُڪو، ٻيڙو مُنڌ مُلا،
اولن منجهه، عنات چئي، کٿوري ٻهڪا،
سائر سوهڻئا، سپوئي سرهو ٿيو.
شاهه عنات پهريون سنڌي شاعر آهي، جنهن جوڳين، ڪاپڙين ۽ سنياسين کي تفصيل سان ڳائي سنڌي شاعري کي نئون موضوع فراهم ڪيو آهي. ”سرود رامڪلي“ ۾ شاهه عنات اُنهن جي تيرٿن ۽ تڪين جو ذڪر ڪيو آهي. هن ماه جوڳين گرو گناٿ ۽ ويرناٿ کي نالا کڻي ڳايو آهي.
شاهه عنات پهريون سنڌي شاعر آهي جنهن هنجهن کي ڳائي سنڌي شاعري کي نئون عنوان عطا ڪيو آهي. هنج جيڪي اوچي ذات ۽ مٺڙي لات وارا آهن، جن جو اصلي وطن روهه آهي. اُنهن ۽ انهن جي هارين ۽ شڪارين جا تفصيلي اهڃاڻ ”سرود ڪارائڙو“ ۾ بيان ڪيا آهن.
قرب جي قاصد ڪانگ کي شاهه عنات پهريون ڀيرو پنهنجي شاعري ۾ ڳايو آهي ”سرود پورب“ ۾ شاهه عنات ڪانگل کي ساراهيندي خوب چوي ٿو:
چڙهبو منهن چوُنهن، ڪانگل جي ڪُنڊ لَئين،
ميان مون من موهيو، جتي سندي سونهن،
اُني جو عنات چئي، وييهي ڪر ورهون،
اوڏو ٿي، چئو اُنئن، سنيها سيڻن جا.
شاهه عنات ”سرود بلاول“ ۾ سخي ابڙي کي خوب ساراهيو آهي، جنهن سر ڏنو، پر سامون نه ڏنيون.
سمن سهجن ۾، جکري جهو نه هوءِ،
سيد چئي، سوالين کي عاقل ائين هي چوءِ،
جنينءَ گهرجي جن کي، تن کي ڏيان توءِ،
سام سمي جي هوءِ، جيڪي ٿئي جهان ۾.
شاهه عنات سنڌي شاعري ۾ نوان نڪتا ڀري، اُن کي عوام ۾ مقبول بنايو آهي. هن عوام جي جذبن جي اظهار لاءِ نوان مثال، نيون ترڪيبون ۽ نوان محاورا گهڙيا آهن جيڪي سنڌي شاعري کي سينگارن ٿا ۽ اُن ۾ نوان آڻي اُن کي مقبوليت جي مٿاهين درجي تي پهچائن ٿا.
ميين شاهه عنات سنڌي شاعري کي مقبول بنائڻ لاءِ سڀ ڪجهه ڪيو آهي. هن رسالو جوڙيو آهي، سرود سرجيا آهن، بيت لکيا آهن، وايون گهڙيون آهن ۽ ڪيئي نيون روائتون گهڙي سنڌي شاعري کي مالا مال ڪيو آهي. اسان جا شاعر هن جي ادبي ڪارنامن کي ڪم آڻي، شاعري ڪري رهيا آهن ۽ ڪندا رهندا.
[b]بيتن ۾ وسعت پيدا ڪرڻ:
[/b]شاهه عنات جو ڪلام سندس زندگي ۾ شايع نه ٿي سگهيو. سن 1182هجري ۾ مير علي شير قانع ”تحفة الڪرام“ لکي پورو ڪيو. جنهن ۾ هن شاهه عنات رضوي جي باري ۾ لکيو ته ”هو سنڌي زبان جو ڪامل شاعر ٿي گذريو آهي ۽ سندس بيت معرفت جي صاحبن جي زبان جو ورد آهن ۽ يقين جي حقيقتن کان واقف ڪندڙ آهن.
[b]عوامي قصن کي عنوان ۾ سموهڻ:
[/b]شاهه عنات کان اڳ ۾ ڪن سنڌي شاعرن توحيد ۽ طريقت جي تبليغ لاءِ عوامي قصن جو استعمال ڪيو. معين علي شيرازي، شاهه ڪريم ۽ ٻين جي بيتن ۾ عوامي قصن ۽ داستانن جهڙوڪ مورڙو ۽ مڇ، سسئي پنهون، عمر مارئي، ليلان چنيسر، مومل راڻي، سهڻي ميهار، کاهوڙين ۽ سپڙ ڄام جا اهڃاڻ ملن ٿا. ميون شاهه عنات پهريون سنڌي شاعر آهي، جنهن انهن قصن سان گڏ سنڌ جي ٻين مشهور داستانن سورٺ راءِ ڏياچ، نوري ڄام تماچي، کاري کِرائن، سامين ۽ پوربين، آتڻ ۽ ڪاپائتين، لاکي ۽ رٻارين، ابڙي، سامن ۽ جکري ۽ ڪرن جهڙن سخي مردن کي دل کولي ڳايو. شاهه عنات سنڌي شاعري کي انهن عنوانن ۾ سموهي نه فقط هڪ نئون ۽ وسيع ميدان هموار ڪيو بلڪ انهي رسم ۽ راهه کي آئنده لاءِ شاهه راهه بڻائي ڇڏيو.
[b]بيان جي ڳوڙهائي:
[/b]شاهه عنات بيت، مولود ۽ وايون جوڙي، انهن ۾ بيان جي ڳوڙهائي، رواني ۽ رنگيني ڀري عظيم ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي. هي مثال بيان جي ڳوڙئي، رواني ۽ رنگيني جا اهڃاڻ آهن.
ڪٺ ڪهونم، نيٽ تڙ، جت ورک وسيهر ويڙ،
اونهان ڪن، عنات چئي، ڀون ڀورائين ڀيڙ،
سا منڌ ميين سين ميڙ، جا واقف نه وڻڪار جي
(سرود ديسي)
نوکنڊ ناڏ ٿئا، ڪئا وڄن ونڪا وسين،
پلٽيا پارون ڪري، مٿي نوڻن نيس،
اهڙو اوطاقن ۾، ماري ويٺا ميس،
سڄڻ ديسان ديس، پکا رکن پاڻ ۾.
(سرود سارنگ)
سائر لهرون، ريج وڻ، جيئن سي پکين پک،
وڏا وڻ ويڙين ۾، ڪير ڳنيندو ڪک،
اونهون ڏيهه عظيم جو، پيم تان نه پرک،
تهان مٿي لک، ڀال ڀلي جا ڀانيان.
(سرود ڪلياڻ)
[b] بيان ڪرڻ جو فن:
[/b]ميين شاهه عنات پنهنجي مضمون کي نڀائڻ لاءِ لفظن ۽ محاورن جو وڏو ذخيرو هٿ ڪري، سنڌي شاعري ۾ وڏي وسعت آڻي بيان ڪرن جي فن کي موثر ۽ سگهارو بنائي وڏو ادبي ڪم سرانجام ڏنو آهي. انهن سهڻن مثالن جو مزو ماڻيو:
چرخو ائين چور، جيئن ڀُون ڀڻڪو نه سُڻي.
*-*-*
ڪانگ تنهنجي چانگ، منهنجو جڏو جيءَ جياريو.
*-*-*
هن سر آئي ڪو، آب اڃيو ئي نه رهي.
*-*-*
وليون ٿيون ويهين، اُٺا مينهن، عنات چئي.
*-*-*
تارا اوتارا، ونيون وڇاڻو پرين جو.
[b]وائي جي شاعري:
[/b]موجوده ڄاڻ مطابق وائي جي صنف جو باني مباني ميون شاهه عنات آهي. هن ڪل 42 وايو لکيون جيڪي سندس رسالي ”ميين شاهه عنات جو ڪلام“ ۾ شامل آهن.
[b]وائي هڪ عوامي صنف:
[/b]ميين شاهه عنات وائي جو قالب گهڙيو. اُن کي سنڌي ثقافت جو ويس پارايو. لفظن جي لئي کي وائي جي لئي سان هم آهنگ ڪيو. اُن تي سنڌ جي سماجي، معاشي ۽ معاشرتي حالتن جي جڙت ڪئي. اُن کي مجازي حسن ۽ عشق جي رنگن ۾ رنگيو ۽ عام ماڻهن جي سادي سلوڻي ٻوليءَ جي ذريعي عام ماڻهن جي جذبن، احساسن، فڪر ۽ نظرين جي اظهار جو هڪ موثر ۽ بي بها ذريعو بنايو.
[b]وائي جا رنگ:
[/b]ميون شاهه عنات هڪ صاف دل شخص ۽ کليل دل وارو انسان دوست شاعر آهي. هن مولود، بيت ۽ وائي جي صنفن کي خوب ترقي ڏياري. هن سوچي سمجهي وائي جي سٽاءَ جوڙي ۽ ان ۾ تجربا ڪري وائي کي مقبول صنف سُخن بنايو. هن جون وايون، فني توڙي موضوعاتي طريقي سان اهم آهن. هن جون وايون حمديا آهن، نعتيه آهن، نصيحت واريون آهن ۽ غنائي آهن. سنڌ جي عوامي قصن جهڙوڪ سورٺ راءِ ڏياچ، ليلا چنيسر، عمر مارئي، سسئي پنهون، نوري ڄام تماچي وغيره تي رچيل آهن. جيڪي مجازي حسن ۽ عشق جي رازن ۽ رمزن کي اجاگر ڪن ٿيون.
[b]هيئت ۾ تجربا:
[/b]شاهه عنات پهريون سنڌي شاعر آهي، جنهن ۾ وائي جي هيئت، فن ۽ موضوعاتي حيثيت کي اوج تي پهچايو. هن جي واين ۾ 1 کان وٺي 16 مصرائون هونديون آهن.
[b]وائي جي سٽاءَ:
[/b]وائي جي سٽاءَ سادي، سولي ۽ سلوڻي آهي، هن جي وائي جي پهرين اڌ کان پوءِ قافيو ايندو آهي ۽ پويون اڌ بنان قافيي جي هوندو آهي.
(1) منهنجي سيد سار لهندو مونکي آهي اُميد الله ۾،
(2) ساريان ملڪ ملير پيرون، کيرون، جيڏيون.
ڪن واين ۾ ٿلهه جي پوئين اڌ کان پوءِ قافيو ايندو آهي جيڪو وراڻي طور ڪم ايندو آهي.
(1) چانگي چرو چکيو، ڪي جو ڪاڪ تڙاءَ.
(2) جو سر سرهو، نجهه اُتي ئي هون.
شاهه عنات ٿلهه جي وچ ۾ قافيا آڻن سان گڏوگڏ قافين جي ڪمال ڪاريگريءَ سان مٽ سٽ ڪري وائي جي لئي ۾ نوان رنگ ڀري وائي کي وڌيڪ دلچسپ ۽ دلپذير بنايو آهي.
(1) چونديس حال پنهوار،
جي ٿر وڃان، ڀائر وڃان، آءُ اڃان.
*-*-*
(2) ٿي من موهيو ڄام،
جو سونهن سڀن ۾ وِتري گنڌري
ٿي من موهيو ڄام.
[b]وائي ۾ موسيقيت:
[/b]شاهه عنات راڳ جو ڄاڻو هو. هن وائي جي لفظن کي وائي جي لئي سان هم آهنگ ڪري وائي ۾ دلفريبي ۽ سحر انگيزي آندي هن وائي کي ڳيچ جي لئي ۾ سرجي وڏو ۽ ڪارائتو تجربو ڪيو آهي ۽ وائي ۾ رس ۽ رچاءَ پيدا ڪيو آهي. شاهه عنات وائي جي لفظن ۽ وائي جي لئي کي هم آهنگ ڪرڻ واري روايت جو پهريون شاعر آهي.
[b]مشهور وايون:
[/b]شاهه عنات جون وايون اڄ به ذوق سان پڙهيون وڃن ٿيون. جديد سنڌي شاعرن تي انهن جو اثر چٽو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. اچو ته هن جي ڪن واين کي پڙهون ۽ حظ حاصل ڪريون:
(1) ڪاجا ڳالهه ڪيائون، يا الله، مون من تهين موهيو.
(2) اي ميان، اَسونهن ڏيکار، پريان سندو پيچرو.
(3) جو سر سرهو سوجهرو، هنج اُتيئي هون.
(4) مٿو م کينڪار، يار، اڃان دان ڏيندو سين، مڱڻا.
(5) پرين گهر پيهي چنيسر، هار هٿان مون ڇڏيو.
ميون شاهه عنات وائي جي صنف جو روح روان آهي. هن راڳ جي ڄاڻ ۽ ميوسيقيت سان محبت جي ذريعي وائي کي سرجيو، سنواريو ۽ اُن کي سينگاري ڪلاسيڪل شاعري جي هڪ مقبول صنف بنايو آهي.
[b]راڳ جي ڄاڻ:
[/b]ميون شاهه عنات راڳ جي ڄاڻ رکندڙ شاعر آهي. هو راڳ جي محفلن ۾ اُٿندو ويهندو هو. اُنهن ڪچهرين جي ڪري هن راڳ ۾ ڪافي ڄاڻ ۽ پروڙ حاصل ڪئي. هن پهريون ڀيرو بيتن ۽ واين کي سرودن ۾ سموهيو جن مان ڪلياڻ،، کنڀات، رامڪلي، پرڀاتي، ڌناسري، پورب، آشا، سورٺ، سارنگ ۽ ڪاموڏ تسليم شده راڳ ۽ راڳڻيون آهن. سندس راڳ ۽ سُرن جي ڄاڻ انهي ۾ ان مان ظاهر آهي جو بيتن ۾ ”وهاڳ“ جو نالو استعمال ڪيو آهي:
جيائين جان چارڻ، يان ويلالهه وهاڳ جي،
جاجڪ آهي ذات ته ويلا لهه وهاڳ جي.
جيستري جو نالو پهريون ڀيرو شاهه عنات استعمال ڪيو. جيستري پوربي ٺاٺ مان هڪ راڳڻي آهي. سرود ڌناسري ۾ ڳيچ جي لئي ۾ رچيل وائي هن جي راڳ ۽ سرن جي ڄاڻ جو چٽو ثبوت آهي.
مينڌي لال لائينديون، سهيليون،
هت گل هار گلاب بني تي،
سيد شهباز لال قلندر، در دولهه تي اينديون.
ميندي لال لائينديون.
شاهه عنات سڀني رنگن ۾ رنگجي شاعري ڪئي آهي. هن پنهنجي شاعري ۾ توحيد ۽ اخلاقيات، سلوڪ ۽ نصيحت جا نڪتا به استعمال ڪيا آهن ۽ عوامي قصن ۽ داستانن کي به خوب ڳايو آهي ۽ سنڌي شاعري جي عنوانن کي وسعت بخشي آهي. بيتن ۾ مجازي رنگ جي شاعري ڪري انهن کي خوب چمڪايو آهي.
شاهه عنات واين جي سٽاءَ ۾ ڳائڻ جي لئي ڀري آهي. هن جا پيشرو شاعر قاضي قادن، شاهه ڪريم اصولي طرح صوفي ۽ درويش هئا، جن سلوڪ ۽ طريقت جي نڪتن کي بيان ڪرڻ خاطر بيت چيا. سندن واسطي شاعري مقصد نه پر ذريعو هئي. شاهه عنات لاءِ شاعري ذريعو نه پر هڪ واضح مقصد آهي، جنهن جي ذريعي هو انسانن جي جذبن، احساسن ۽ ويچارن کي ظاهر ڪري انهن کي انسانن جي قطار ۾ بيهاري، اُنهن جي عظمت کي اُجاگر ڪرڻ آهي.
[b]مجازي رنگ واري شاعري:
[/b]ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي چوڻ مطابق ”مجازي حسن جي اُپٽار ۽ مجازي حسن جي واکاڻ شاهه عنات رضوي ڪئي.“ هن سر کنڀات ۾ چانگي تي چڙهي محبوبن سان ملاقات جو مانڊاڻ منڊيو. شاهه عنات پهريون سنڌي شاعر آهي جنهن مجازي حسن جي تعريف ڪرڻ ۽ اُن جو کليو اظهار ڪرڻ جي نئين روايت جو سنڌي شاعري ۾ بنياد وڌو. انهي کان اڳ ۾ سنڌي شاعري جا موضوع هئا تصوف ۽ اخلاقيات شاهه عنات بيتن جي موضوئن ۾ نواڻ ڪم آڻي سنڌ جي سورمن ۽ سورمين جي سونهن ۽ سينگار کي خوب ساراهيو آهي.
[b]مجازي سونهن ۽ سينگار جي ساراهه:
[/b]شاهه عنات مجازي حسن کي ساراهي بيتن جي عنوانن ۾ وڏي وسعت آندي آهي. سرود کنڀات مجازي حسن جي واکاڻ جو شاهڪار آهي.
چنڊ چوڏس اُڀري، سهسين ڪري سينگار،
پلڪ پريان جي نه پُڄي، جي حيلا ڪري هزار،
جهڙو سڀ ڄمار، تهڙو دم دوس جو.
[b]مارئي جي مجازي سونهن جي ساراهه:
[/b]شاهه عنات پهريون سنڌي شاعر آهي جنهن سرود مارئي ۾ مارئي جي مجازي سونهنءَ جو اُپٽار ڪيو آهي.
”کوڻي ٻانهون ڏي، لوڪان ليکي وڄڙي.“
*-*-*
”جڏ مارئي مٿو ڌوءِ، تڏ سورج سونهنءَ جهڪي ٿئي.“
*-*-*
اُڀي جوهي جهوپڙين، سڻ ڏيئي سڻ جهَل،
پدمڻ جو پڌرو ٿيو، تنهين مُنهن مَهل،
وڄون وسڻ آيون، اِن اباڻي اهل،
ڪامل ٿئي ڪهل، سورج جي شرماڻ جي.
[b]مومل ۽ سهيلين جي سونهن جي ساراهه:
[/b]شاهه عنات ”سرود مومل راڻو“ ۾ مجازي سونهن کي خوب ساراهيو آهي.
راڻو ريجهايو جيڏيين، سڻ پٺن سندا پار،
ڪن سينگار سيد چئي، وجهن هزاري هار،
وارو سيهر اَڳرا، مٿي ڪيس ڪپار،
هئا سائو سُوار، پر مومل ماڻي مينڌري.
شاهه عنات مومل ۽ هن جي سهيلين جي سونهنءَ ۾ سينگار کي خوب ساراهيو آهي.
گلبدن جون گُجريون، ارم اوڍيائون،
چوٽا تيل ڦليل سين، واسينگ ويڙهيائون،
مُشڪ محبت پاڻ ۾ لڱين لايائون،
ڪوڏان پوتائون ڪچئان، سيلا سنڌيائون،
اهڙي پر، عنات چئي، راڻو رانيائون،
سو موٽي ڪين ۽ پاهون، جو وڃي ڪاڪ قراريو.
شاهه عنات جي شاعري ۾ مجازي رنگ نمايان طور نظر اچي رهيو آهي. انهيءَ ڪري سندس ڪلام ۾ رنگيني آهي، لطافت آهي ۽ تازگي آهي جيڪا هن کي موهيو ڇڏي ۽ روح کي ريجهايو ڇڏي.
[b]ولين ۽ درويشن لاءِ عقيدتمندي:
[/b]ميين شاهه عنات صوفي طريقي جي مڙني ولين ۽ دروشين سان دلي محبت ظاهر ڪرڻ جي هڪ نئين روايت جي سنڌي شاعري ۾ ابتده ڪئي. هن سرود ڌناسري لکي اُن ۾ نهايت ئي تفصيل سان ٻاهرين ولين ۽ درويشن ۽ سڌ جي درويشن کي عقيدتمنديءَ سان ساراهيو آهي.
[b]بغدادي بادشاهه:
[/b]شاهه عنات شيخ عبدالقادر جيلاني جي ساراهه ۾ هي بيت جوڙي هن سان دلي عقيدت جو اظهار ڪيو آهي:
تون بغدادي بادشاه، اسين سنڌ فقير،
جانڪيتان جيلان ڏونھ، آه عنات اُڪير،
جو سؤنڪو منجهه سرير، سو غم گيلاني ڪٽئين.
[b]شيخ بهاؤالدين ذڪريا:
[/b]شاهه عنات شيخ بهاؤ الدين ذڪريا، سندس فرزند شيخ صدرالدين ۽ پوٽي شيخ رڪن الدين جي فضيلت ۽ فيض کي خوب ساراهيو آهي. هن بهاءُالدين ذڪريا کي منفرد انداز ۾ ساراهيو آهي.
غوثان ختم بهاءُالدين، نبيان ختم رسول،
حاضر حضرت پير، جو موليٰ در مقبول،
قادر ڪج قبول، اگلايون، عنات چئي.
شاهه عنات بهاءُ الدين ذڪريا جي پوٽي شيخ رڪن الدين جي خوب ساراهه ڪئي آهي:
روضو شاهه رڪن جو، پري جي پسن،
اُن تان اُهک، عنات چوي لحظي منجهه لهن،
سَڳر سي سڏجن، جن بهاءُالدين ڀيٽيو.
[b]قلندر لال شهباز:
[/b]شاهه عنات رضوي قلندر لال شهباز جي عقيدت سان خوب ساراهه ڪئي آهي.
نوکند ناماچار، اي پير تنهنجو پڌرو،
ملوندي موچار ڏئو ٿئو ڏِسين ۾.
[b]سنڌي درويش جي ساراهه:
[/b]شاهه عنات، سنڌ جي انهن درويشن جهڙوڪ شيخ موسيٰ اهيداڻي (ڪوريجو پير) درويش شيخ هوٿي، مخدوم لنجار، هوٿي ٻن لاکو، عالي شيرازي، شيخ احمد، شيخ محمد جو سرود ڌناسري ۾ عقيدت ۽ احترام سان ذڪر ڪيو آهي.باهيداڻي پير جي ساراهه ڪندي شاهه عنات چوي ٿو:
اهيداڻي پير کي، ڪج صبح جو سلام،
هلي اُت حاضر ٿي ڪهج ايءَ ڪلام،
گولا ۽ غلام، اسين آنهجا آهيون.
[b]ميين شاهه عنات ۽ شاهه عبداللطيف جي ملاقات:
[/b]شاهه عنات ۽ شاهه لطيف جي ملاقات هڪ ادبي اهميت وارو واقعو اهي. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ، معمور يوسفاڻي ۽ ٻين پنهنجن مضمونن ۾ انهيءَ جو ذڪر ڪيو آهي. انهي ملاقات وقت شاهه عنات جي عمر 80 سال کن هئي ۽ شاهه لطيف جي عمر 18 23 سال هئي. شاهه عنات نصرپور ۾ مقيم هو ۽ شاهه لطيف جي رهائش حبيب حولي ۾ هئي. ٻئي هڪڙي ئي تر ۾ رهندا هئا. ٻنهي جي وچ ۾ 15 ميلن جو فاصلو هو. اُن وقت شاهه عنات جي شاعري ۽ بزرگي جو ذڪر هر جاءِ مشهور هو. انهي ڳالهه شاهه لطيف جو ڌيان ڇڪايو. شاهه لطيف شاهه عنات وٽ رس رهاڻ لاءِ ايندو ويندو هو. شاهه عنات شاهه لطيف کي گهڻو ڀائيندو هو ۽ شاهه لطيف شاهه عانت جي گهڻي عزت ۽ احترام ڪندو هو. ٻنهي جي وچ ۾ ڪچهريون ٿينديون هيون ۽ ٻئي هڪ ٻئي کي ڪلام ٻڌائيندا هئا.
[b]سوال جواب وارا بيت:
[/b]ڪن روايتن موجب شاهه عنات ۽ شاهه لطيف سوال جواب ۾ بيت چيا.
(1) شاهه عنات هي بيت چيو:
زرخريد جتن جي، هي گولي بندي آهه،
آ جيڻ عنات چئي، هٿ آرياڻي آهه،
سو مون سڏ سهاءِ جينءَ ٻانهي ڪوٺين ٻاجهه سين.
شاهه لطيف جواب ۾ هي بيت چيو:
ڪنيز ڪيچن جي، ٻانهي ٻانهوتي،
پئي ٻروچ هٿ ۾، چڳن سين چوٽي،
مٺيءَ کي موٽي پاڻهي پُڇندو پٻ ۾.
(2) شاهه عنات جو هي بيت آهي:
پرت پڃارا جن جا، ڪوري موچي پير،
اهکي منجهه عنات چئي، سي ڪيئن لگهندا سير،
شاهه لطيف جواب ۾ هي بيت چيو.
ذات نه آهي ڏات، جو وهي سو لهي،
آريون اٻوجهن جون، سپڙ ڄام سهي،
جو وٽن رات رهي، سو مان لهندو مڱڻو.
(3) هڪ دفعي شاهه عنات هي بيت چيو:
هوء جي رنڱ رڱئين، سي کٽي کنڀ کڻي ويا،
اتائون آڻين، ماڻهو ميرا ڪپڙا.
شاهه لطيف جواب ۾ هي بيت چيو:
اڃا ئي آهين، ڪلجڳ اندر ڪاپڙي،
لالائي، لطيف چئي، لاڳ چڱي لائين،
ٿا نيت مطابق نين، ماڻهو ميرا ڪپڙا.
[b]بيتن ۾ هڪجهڙايون:
[/b]شاهه لطيف جي بيتن ۾ ڪٿي ڪٿي شاهه عنات وارو رنگ نظر اچي ٿو. ڪن بيتن ۾ شاهه عنات جي فڪر ۽ مضمون به مضمون به ڪم آندو اهي. هن جي بيتن ۾ ڪم آندل لفظ، ترڪيبون ۽ اصطلاح به ڪم آندا آهن.
(1) هي سٽ شاهه عنات جي بيت جي آهي:
اوگڻ پائي پاند، پرين آيس تو مڻي.
هي شاهه لطيف جي بيت جي سٽ آهي.
”اوگڻ ڪري اپار، تو در آيس داسڙا.“
(2) شاهه عانت ائين چيو آهي:
”سڄڻ سوڀارا، ڀيڄ ڀنيءَ گهر آيا.“
شاهه لطيف وري هيئن چيو آهي:
”سڄڻ سوڀارو، ڀيڄ ڀنيءَ گهر آيئو.“
(3) هي شاهه عنات جو بيت آهي:
”آن گنڌري غريب، وهان ڪينجهر ڪنڌئين،
تو سين ڄام قريب، ڏن ڏيندو ڏيج ۾.“
شاهه لطيف وري ائين چوي ٿو:
”تون تماچي تڙ ڌڻي، آئون گنڌري غريب،
توسين ڄام قريب، ڪي ڏن ڇڏائي ڏيج جو.“
بنان ڪنهن شڪ شبهي جي شاهه لطيف شاهه عنات کان ڪافي ڪجهه پرايو. شاهه عنات جو ڪم بنيادي آهي، جيڪو اوليت جو شرف رکي ٿو. اُن کي وسارڻ ممڪن ئي ناهي. شاهه عنات پنهنجي ڏات، ڏاهپ ۽ فنڪارانه پيش ڪش جي ذريعي ڪيتريون ئي نيون راهون گهڙيون ۽ نيون روايتون قائم ڪيون جن تي هلي سنڌي شاعرن سنڌي شاعري کي ترقي ڏياري ۽ ڏياري رهيا آهن.
[b]شاعريءَ جون خوبيون:
[/b]ميين شاهه عنات جي شاعري پنهنجو مٽ پاڻ آهي، سندس شاعري جي ٻولي سادي، سلوڻي ۽ عام فهم آهي، جنهن کي ڪمال ڪاريگري سان پيش ڪيو ويو آهي. انهي ۾ مجازي حسن کي سُريلي ۽ رسيلي انداز ۾ ساراهيو ويو آهي. انهيءَ ۾ استعمال ڪيل لغت جي ڳوڙهائي حوصله مندي ۽ حيران ڪن آهي ۽ انهيءَ ۾ اعليٰ درجي جي رنگيني ۽ رواني ڀريل آهي.
[b](1) عام فهم ٻوليءَ جو استعمال:
[/b]ميين شاهه عنات جي شاعري جي پهرين خوبي آهي عام ماڻهن جي جزبن، احساس ۽ ويچارن کي ظهار ڪرڻ لاءِ عام فهم ٻوليءَ جو استعمال. شاهه عنات کليل دماغ وارو شاعر آهي، جيڪو عام ماڻهن سان محبت ڪري ٿو. هن جو واسطو عام ماڻهن سان آهي، جن سان هوءَ عام ماڻهن جي ٻوليءَ ۾ ڳالهائي فخر محسوس ڪري ٿو. ”سرود مارئي“ ۾ شاهه عنات تفصيل سان ٿر جي ماڻهن، انهن جي رهڻي ڪرڻي، انهن جي کاڌي پيتي جي شين، انهن جي پوشاڪ کي انهن جي ٻوليءَ ۾ ڳائي ٿر ڄاون جي زندگيءَ جي چِٽي تصوير چٽي آهي.
هٿ ڪهاڙيون، چارن ڇاڙهيون، ويڙهن واهن واڪ،
آڻين پڪا، ڏؤرن ڏڪا، هِنڌ انهي هيراڪ،
سُڪي سوڪڙ، ڪانبي ڪوڪڙ، منهن ۾ مڃر ماڪ،
ستيون سيلن وتيون، مٿن کٿيون، حق وهيڻيون هاڪ،
اُني جي اوطاق، پسان شال، سيد چئي.
[b](2) مجازي حسن جي ساراهه:
[/b]ميين شاهه عنات جي شاعريءَ جي ٻئي خوبي آهي مجازي حسن جي ساراهه لاءِ سريلي ۽ رسيلي اسلوب جو استعمال شاهه عنات تصوف ۽ اخلاقيات سان گڏوگڏ مجازي حسن ۽ عشق جا مانڊاڻ مچائي، رنگ رچايا آهن. سنڌ جي سورمن ۽ سورمين جي سونهن کي نئين رنگ ۽ نئين ڍنگ سان ساراهي ڪمال ڪري ڏيکاريو آهي. سرود ڪاموڏ ۾ نوري، جيڪا ڄام تماچي جي راڻي آهي، جي سونهنءَ کي ساراهي حد ڪري ڇڏي آهي.
جهڙي سونهن سندياس، تهڙو ڪينجهر ۾ ڪين ٻيو،
طول تنهنجي سين، راڻيون اچن نه راس،
مور ڇل پاڻ مٿاس، اُڀو تماچي هڻي.
[b]لُغت جي ڳوڙهائي:
[/b]ميين شاهه عنات جي شاعري جي ٽئين خوبي آهي لغت جي ڳوڙهائي. شاهه عنات سرود مارئي، سرود مومل راڻو، سرود ديسي ۽ سرود رامڪليءَ ۾ اُتي جي ماڻهن جو عام فهم ٻوليءَ ۾ ذڪر ڪندي انيڪ لفظن ۽ محاورن جو وڏو ذخيرو پيش ڪيو آهي. سرود رامڪليءَ ۾ سامين جي سامان، انهن جي ڪپڙن وغيره جو ذڪر ڪندي نون لفظن ۽ محاورن جو وڏو ذخيرو پيش ڪيو آهي.
تڪين سين توڙا، ڪاپڙين ڪين وڻي،
ڄراٽي ڄيري سين، ڪارا ڪئائون ڪوڙا،
اُن نه کنيا پاڻ سين، جامن جا جوڙا،
اوڇڻ اڇوڙا، سجوڙا کي سڄڻين.
[b]رنگينيءَ ۽ رواني:
[/b]ميين شاهه عانت جي شاعري جي چوٿين خوبي آهي رنگيني ۽ رواني. شاهه عنات جي شاعري رنگيني ۽ رواني سان ٽمٽار آهي. سندس طرز تحرير ۾ رنگيني آهي، دلڪشي آهي ۽ دلفريبي آهي جيڪا موهيو ڇڏي ٿي / گهايو ڇڏي ٿي.
چنڊ تنهنجي بات، مون کي آهي من ۾،
الله لڳ، عنات چئي، تون اڇو منجهه رات،
تن جنهين جي تات، سي ڏسي تون ڏيکار مون.
شاهه عنات جي شاعري ۾ جيڪا رواني آهي اُها ڪارونجهر جبل جي برساتي ندي ڀٽياڻيءَ کان سرس آهي.
ڪڄاڙئان ڪاهي، شُتر ان سينگارئا،
ٽليون، ٽؤنر، هلريون، پلاڻيون پائي،
اُٺ پُٺ، عنات چئي، ڪرهل ڪُڏائي،
ٻانڀڻ کي ٻروچ جو، آسرو آهي،
واڳون ورائي، ڦيرين مان فقير ٿي.
(سرود ديسي)
ادبي ڪارناما (Literary Contributions)
ميون شاهه عنات هڪ لاجواب شاعر آهي، هن پنهنجي ڏات، ذهانت ۽ قابليت سان سنڌي شاعري ۾ ڪيئي ادبي اضافا ڪري وڏو مقام حاصل ڪيو آهي.
[b](1) رسالي جو جوڙڻ:
[/b]ميون شاهه عنات پهريون سنڌي شاعر آهي جنهن سنڌي ٻوليءَ ۾ رسالو جوڙيو. هو رسالي جوڙڻ جي روايت جو بانيءَ آهي. رسالي جوڙڻ لاءِ هن سنڌي قصن ۽ داستانن کي سرودن ۾ سموهيو. هن سُرن کي سرودن جو نالو ڏنو. هن جي رسالي ۾ 22 سرود آهن.
[b](2) وائي جو اجراءَ:
[/b]ميون شاهه عنات وائي جي صنف جو باني مباني آهي. هن وايون سرجي سنڌي شاعريءَ ۾ نون موضوعن ۽ عنوانن جو اضافو ڪيو. هن ڪل 42 وايون لکيون. هن جون وايون فني توڙي موضوعاتي طرح لاجواب آهن.
[b](3) درويش جي ساراهه:
[/b]ميون شاهه عنات پهريون سنڌي شاعر آهي، جنهن سنڌي شاعريءَ ۾ ولين ۽ نيڪ دل درويشن جي ساراهه ڪئي آهي. هن ”سرود ڌناسري“ ۾ ٻاهرين توڙي ديسي درويشن ولين توڙي درويشن جي فيض ۽ فضيلت کي ساراهيو آهي. انهيءَ ڪري هن مدح جي صنف کي سُڌاري، سنواري، خوب چمڪايو آهي.
[b]مجازي حُسن جي واکاڻ:
[/b]ميون شاهه عنات پهريون سنڌي شاعر آهي، جنهن تصوف ۽ اخلاقيات سان گڏوگڏ مجازي حسن ۽ عشق جي عنوانن کي سنڌي شاعريءَ ۾ رائج ڪيو. هن سنڌي قصن ۽ داستانن جي سورمن ۽ سورمين کي کلي طرح ساراهي سنڌي شاعري ۾ رنگيني ۽ سحر انگيزي جو واڌارو ڪيو.
چيو تاري جو ڪري، آ چنڊ چڙهي،
بيٺو اُت اڙي، پسي پيشاني پرينءَ جي.
(سرود کنڀات)
[b]نَوَن موضوعن ۽ عنوانن جو استعمال:
[/b]ميين شاهه عنات شاعري ۾ نوان موضوع ۽ عنوان آڻي اُن ۾ وسعت پيدا ڪئي. هن سنڌي قصن ۽ داستانن کي تفصيل سان بيان ڪري، اُنهن کي مڪمل ڪيو ۽ سنڌي شاعري ۾ هڪ نئين روايت جو اضافو ڪيو. ”سرود بلاول“ ۾ شاهه عنات سنڌ جي سخي ۽ سروهيه سردار کي ڳايو آهي. سمي ڏاتار جکري جي تعريف خوب ڪئي آهي.
سمون سنڌ سمن ۾، جکري جهو نه ڪوءِ،
اَٺي پهر، عنات چئي، اُڀو ائين هي چوءِ،
اَلا! اچي ڪوءِ، ڏڏ وڏو ڏان گهُري.
[b]عبارت:
[/b]ميون شاهه عنات هڪ منفرد ۽ سگهارو سنڌي شاعر آهي. جنهن سنڌي شاعري کي هڪ نئون موڙ ڏنو. هن سنڌي رسالو سرجيو، بيت تحرير ڪيا، وايون جوڙيون، مدح جي صنف کي چمڪايو، مجازي شاعري جو بنياد رکيو ۽ سنڌي شاعري کي نوان موضوع ۽ عنوان ڏنا. هن پنهنجن جذبن، ويچارن ۽ آدرشن جي اظهار لاءِ موثر ۽ ڪارآمد عبارت جوڙي آئنده جي سنڌي شاعرن لاءِ هڪ مثبت ۽ مستقل راهه گهڙي آهي.
ميين شاهه عنات جي عبارت حسين آهي، رنگين آهي ۽ سگهاري آهي. نج سنڌي لفظ، نيون ترڪيبون، نوان محاورا، نيون تشبيهون، تجنيس حرفي ۽ رنگيني ۽ رواني هن جي عبارت جا اهم جُزا آهن.
[b](1) نج سنڌي لفظن جو استعمال:
[/b]ميين شاهه عنات جي سرود مارئي، سرود مومل راڻو، سرود ديسي، سرود بلاول، سرود رامڪلي ۽ سرود ڪارائڙو ۾ سنڌ جي مختلف حصن ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ استعمال ٿيندڙ ٻولين ۽ لهجن جي نج سنڌي لفظن جو وڏو ذخيرو مهيا ڪري ڏنو آهي. هن نج سنڌي لفظ استعمال ڪري پنهنجي شاعري کي خوب مالا مال ڪيو آهي.
سرود مارئي ۾ شاهه عنات سادي، سلوڻي ۽ عام فهم ٻوليءَ جي ذريعي ٿر جي شناخت ۽ ثقافت کي عمدگيءَ سان اُجاگر ڪيو آهي.
پُسي پيڪيان پاند ۾، سا مون گهڻو سُهاءِ،
هِت ڪيئن کيڻ کائي خوش ٿئان، ويٺي واٽ وهاءِ،
ڍاٽي ڍول اکين ۾، رهندو ئي رهاءِ،
سوٺا ڪيم سهاءِ، مون کي سدا ماڙيين.
سرود رامڪلي ۾ شاهه عنات آديسين جي خوبين جو ذڪر ڪيو آهي. هن جي عبارت ۾ سنجيدگي ۽ ڳوڙهائي نطر اچي ٿي.
اوجاڳي کي آڪرا، هو سمهڻ ڀانئين سورُ،
اي پر آديسين جي گهر ڏانهن ڪن نه گهور،
ڪنهن پريان جي پور، او وڍي ويراڳي ڪيا.
سرود بلاول ۾ شاهه عنات عام فهم ٻوليءَ ۾ جکري سمي جي سخاوت کي ساراهي ڪمال ڪيو آهي.
سمون ساوڻ مينهن جيئن، رات ڏسي نه ڏينهن،
جيئن گهر جي جن کي، تن ڏياري تيئن،
[b](2) محاورن جو استعمال:
[/b]شاهه عنات رضوي نوان محاورا جوڙي پنهنجي عبارت ۾ نواڻ آندي آهي.
(1) ٿڌي ڪوسي ڪاهه، ڪانهي ويل وهڻ جي.
(2) اڻ چوندن ڪيم چوءَ، چوندن چيو وسار.
(3) سکر سائي سِڪ، جا نه آڇجي عام کي.
(4) سڏي پاڻ سڄو ڪري، عشق نه ڪري اڌ.
(5) رکي جن الاهه، وار نه ونگو تن جو.
(6) لاتون سي لهن، جنين سودو سچ جو.
(7) نظر ڪري نهار، جن کمئو، تن کٽيون.
اِهي محاورا شاهه عنات جي مشاهدي ۽ ڏاهپ جي ساک ڀرين ٿا.
[b](3) تشبيهن جو فنڪارانه استعمال:
[/b]تشبيهون دراصل تخليقي عمل مان ڦٽي نڪرنديون آهن ۽ اسلوب کي سنوارينديون ۽ سينگارينديون آهن. شاهه عنات جون تشبيهون، فڪري ۽ فطري آهن جيڪي هن جي عبارت ۽ شخصيت کي سمجهڻ لاءِ ضروري آهي.
شاهه عنات سرود جمن ۾ متارن کي پتنگن سان ڀيٽي هڪ نرالي نڪتي کي اجاگر ڪيو آهي.
کامي کوري وچ ۾، پتنگ ويا پچي،
اُني وٽ آتش جي، سڀڪا سُڌ سچي،
موٽيو ڪو نه بچي، کامي سڀ خاڪ ٿيا.
شاهه عنات سرود مارئي ۾ ماروئڙن جي محنت ڪش وَنين کي سيل ونين سَتين سان ڀيٽي اُنهن جي ڪردار کي اوچاين تائين پهچايو آهي.
ستيون سيلن وتيون، مٿن کٿيون، حق وهيڻيون هاڪ،
اُني جي اوطاق، پسان شال، عنات چئي.
شاهه عنات سرود مارئي ۾ ٿر ڄاول عورتن جي لال لويُن کي سج سان ڀيٽي هڪ نور ڀري تصوير چِٽي آهي.
سج سڀاڻي جا ڪري، تهڙي لويُن وڻڪ لال،
جن جي ڪال برابر سال، تن بنديئڙن بدا ڏئين.
سرود ڪارائڙو ۾ شاهه عنات هنجهن کي نيڪ انسانن سان ڀيٽي چئي ٿو ته هنج چڪ، چلڙ ۽ گند کان پري رهن ۽ اڇي پاڻي ۾ وڃي موتي ميڙن.
چُڻج ڪيم چاڪ ۾، اَڏو آءَ م اِٺ،
وانءُ اُڏامي اڇ ۾، جت موتين ناه مِت،
هونگارج هنجهن سين، چڱي لاهي چت،
پڪي رک پرت، ٿي طالبو تار جو.
سرود بلاول ۾ شاهه عنات سخي سردار جکري سمي کي ساوڻ جي منيهن سان ڀيٽي هي نڪتو اجاگر ڪيو آهي ته جهڙي نموني مينهن جو ڪم آهي. لڳاتار وسڻ، تهڙي نموني هڪ سخيءَ جو ڪم آهي، سخاوت ڪندو رهڻ.
سمون سنڌ سمن ۾، جکري جهو نه ڪوءِ،
اَٺي پهر، عنات چئي، اُڀو ائين هي چوءِ،
الا‘ اچي ڪوءِ، ڏڏ وڏو ڏانءُ گهري.
[b](4) تجنيس حرفي جو استعمال:
[/b]تجنيس حرفي سنڌي شاعري جي سونهنءَ آهي، سوڀيا آهي ۽ سڃاڻپ آهي. شاهه عنات ڪمال ڪاريگريءَ سان تجنيس حرفي جو استعمال ڪري پنهنجي عبارت کي خوب سنواريو ۽ سينگاريو آهي.
کائي نه کٽڻهار، چندن جا چوپا ڪري،
اڳر اوڏئي نه وڃي، سر کنڊ لهي سار،
لائي جي لڳار، ميو متارو ڪيو.
(سرود کنڀات)
پلر پيتم جن سين، سي مارو مون ميڙ،
پهري ويا پٽن تي مٿي ونهيان ويڙ،
تن جهانگين سان م جهيڙ، جن جا ٿاڪ ٿرن ۾.
(سرود مارئي)
باغ، باغيچا بنگلا، راڻيون جت رَمن،
اوئِس اُڀرئو عنبرين، ڪر گهڻيون ٿيون کِوَن،
اُتان ئي عبير جا، ڇُٽا ٿا ڇُلن،
عاقل ڪي اَچن، ڪاهي اُنهي ڪاڪتي.
(سرود مومل راڻو)
جي مُنهن ڏئين تون، هنيون ڏئين هوت،
ته چُني چارئي پوت، اوسهه وٺي اُڪرين.
(سرود آسا)
[b]ميين شاهه عنات جي شاعريءَ جي اهميت:
[/b]ميون شاهه عنات سنڌي ٻولي جو لاجواب ۽ بيمثال شاعر آهي. هن جي شاعري سنڌي شاعريءَ جو بنيادي پٿر آهي. شاهه عنات پنهنجي ڏات، ڏانءُ ۽ قابليت جي ذريعي ڪيترائي ادبي ڪارناما سرانجام ڏنا آهن. جيڪڏهن هوءَ ائين نه ڪري ها ته سنڌي شاعري جي ڪهڙي حالت هجي ها.
ميين شاهه عنات جي سامهون قاضي قادن، شاهه ڪريم ۽ لطف علي قادري وغيره جا ٿورا بيت هئا. اُنهن بيتن ۾ نه ڪي نوان موضوع هئا ۽ نه وري ڪي نوان عنوان. اُهي بيت تصوف ۽ اخلاقيات جي قدرن کي ظاهر ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيندا هئا. سنڌي شاعريءَ جو دائرو محدود هو. شاهه عنات پنهنجي دور جي ادبي حالتن جو جائزو وٺي، انهن کي سُڌارڻ ۽ سنوارڻ لاءِ ميدان عمل ۾ آيو. هن بيت لکيا ۽ انهن ۾ نوان موضوع ۽ عنوان استعمال ڪري، بيتن جي دائري ۾ وسعت آندي. هن وايون لکي سنڌي شاعري ۾ هڪ نئين ادبي صنف جو اضافو ڪيو. هن سنڌي رسالو جوڙيو ۽ رسالي لکڻ جي روايت جو باني مباني بنيو. هن ٻاهرين توڙي ديسي ولين ۽ درويشن جي فيض ۽ فضيلت کي ڳائي مدح جي صنف کي خوب چمڪايو. هن مجازي شاعري جي ذريعي سنڌي شاعري ۾ نئين تحريڪ جو بنياد رکيو. هن پنهنجي عبارت ۾ رنگينيءَ، رواني ۽ تازگي ڀري اُن کي مقبول بنايو.
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جي راءِ ۾ ”شاهه عنات جو ڪلام اعليٰ شاعريءَ جا سڀ لوازمات پورا ڪري ٿو.“ هن جي شاعري ۾ تصوف ۽ اخلاقيات جا موضوع آهن. مجازي حسن ۽ عشق جي رازن ۽ رمزن جي چاشني آهي. اُن ۾ سنڌ جي ثقافتي، سماجي معاشي ۽ معاشرتي حالتن جو عڪس آهي. اُن ۾ رومانوي رنگ به ملي ٿو. جيڪو هن جي شاعرانه صلاحيت ۽ تخليق ڪاريءَ جو عمدو اهڃاڻ آهي.
شاهه عنات جو سنڌي شاعريءَ لاءِ ڪيل ڪم وڏي اهيمت جو حامل آهي. اُهو بنهه بنيادي ڪم آهي. اُهو وسارڻ جوڳو نه پر ياد رکڻ جوڳو آهي. شاهه عنات جي ڪلام جي اهميت قائم آهي ۽ قائم رهندي هن ڪلام کي پڙهيو ۽ اُن تي غور ڪيو ته اسان کي صاف نظر ايندو ته سنڌي شاعري هن جي کنيل جَتننن ۽ هن جي ڪيل ادبي ڪارنامن تي ٽِڪيل نظر ايندي.
ميون شاهه عنات پنهنجي ”سرود بلاول“ جي سورمي جکري سمي جهڙوآهي، جنهن ساوڻ جي مينهنءَ وانگي سخاوتون ڪيون ۽ ناموري ماڻي. شاهه عنات به پنهنجي ڏات، ذهانت ۽ قابليت جي ذريعي جيڪي ڪجهه حاصل ڪيون، اُن کي هڪ سونهاري سخيءَ جيان سنڌي شاعرن ۾ ورهائي وڏو مرتبو حاصل ڪيو. هاڻي اسان جي شاعرن، اديبن، نقادن ۽ دانشورن جو هي قومي فرض آهي ته هو ميين شاهه عنات جي ڪيل بيمثال ادبي ڪارنامن جو جائزو وٺن، اُنهن تي تحقيقات ڪري، مقالا ۽ مضمون لکي، هن جي اهميت کي اجاگر ڪن.
[b]مددي ڪتاب
[/b](1) سيد حسام الدين راشدي. سنڌي ادب.
(2) ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ. ميين شاهه عنات جو ڪلام جو مهاڳ.
(3) ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو. سنڌي ادب جي مختصر تاريخ.
(4) ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ. سنڌي ادب جو تاريخي جائزو.
(5) ميمڻ عبدالغفور سنڌي. سنڌي ادب جي مختصر تاريخ.
(6) معمور يوسفاڻي. ڍوليو ڍٽ ڌڻي.
(7) ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ. سنڌي ادب جو تنقيدي اڀياس.
(8) ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ. لطيفي.