مير عبدالحسين ”سانگي“(1851ع 1924ع)
[/b]
”سانگي محض ذهني عشق خاطر شعر ڪيو نه چيو. سندس شاعري قدري اُن سياسي سماجي ۽ ادبي ماحول جو عڪس آهي. جنهن ۾ سانگي صغير ساٿي ساماڻو، پر اُن کان وڌيڪ سندس شاعري سندس جذبن، تجربن، احساسن ۽ اخلاقي قدرن جو آئينو آهي.“
[b]ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ”ڪليات سانگي“
[/b]
”مير عبدالحسين سانگيءَ جي اچڻ سان غزل جي افق تي نئين روشني اچي ويئي. سانگي سنڌي غزل کي خشڪ اخلاقيات کان آجو ڪري، عشق و محبت جي پهلوئن تي خاص زور ڏنو آهي. جتي به هن اخلاقي موضوع آندو آهي، اُتي به شعريت جي صنف آشڪار آهي.“
[b]پروفيسر ارجن شاد مضمون ”سنڌي غزل ۽ سانگي“
[/b]
”هن (سانگي) غزل جي روايتي انداز کي قائم رکندي، اُن ۾ نئون رنگ ڀريو سنڌي غزل جو انفرادي مزاج ۽ مقام متعين ڪيو. هن غزل ۾ پنهنجو ماحول پيدا ڪيو ۽ شيراز جي باغن جي بجاءِ سنڌوءَ جي ڪناري کي پنهنجي شاعري جو محور ۽ مرڪز بنايو.“
[b]ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“
[/b]
”مير عبدالحسين سنڌي غزل ۾ نئون آواز آهي. هن غزل جي صنف ۾ ڪيتريون نازڪ ۽ نفيس چيزون جوڙي جديد سنڌي غزل جي راهه هموار ڪئي.“
[b]شيخ عبدالرزاق راز”سنڌي غزل جوتجزيو“
[/b]
”سانگي هڪ نرالو شاعر هو. هن کي پنهنجا ويچار، پنهنجي ٻولي ۽ کلڻ جو نرالو ڍنگ هو.“
[b]هري دلگير ڪتاب ”ڪشن چند بيوس“
[/b]
”سانگي سنڌ جي حڪمران ٽالپور گهراڻي جي اکين جو تارو هو. سنڌي فارسي ۽ اردو ۾ شاعري ڪيائين، سنڌي غزل ۾ هن کان وڌيڪ ڪو به شاعر نه ٿيو آهي.“
[b]سيد حسام الدين راشدي ڪتاب ”سنڌي ادب“
[/b]
[b]هڪ عظيم شاعر:
[/b]مير عبدالحسين سانگي سنڌ جو عظيم سخنور ۽ ناميارو شاعر آهي. هو هڪ ڪامل شاعر آهي. هن پنهنجي ذات، ڏانءُ ۽ ڏاهپ جي ذريعي سنڌي شاعري کي خوب چمڪايو ۽ خوب مقبوليت حاصل ڪئي. هن ڪمال ڪاريگريءَ سان فارسي شاعري جي مزاح ۽ فارسي لفظن، روايتن، مثالن، ترڪيبن، محاورن، استعارن، تشبيهن وغيره کي سنڌي شاعري جي مزاح ۽ سنڌي روايتن، ترڪيبن، لفظن، مثالن، محاورن، استعارن، تشبيهن وغيره سان جوڙي نئين سنڌي غزل کي تخليق ڪيو. اُهو غزل جو نون روپ اسان جي سنڌي شاعري جي سڃاڻپ ۽ اسان جي ڏاهپ جو ثبوت آهي.
مير عبدالحسين سانگيءَ شاعري جي مشهور صنفن جهڙوڪ ڪافي، غزل، قصيده گوئي، مرثيه نگاري، سلام ۾ شاعري ڪري خوب داد حاصل ڪيو، هن لوڪ ادب جي صنف منظوم خط لکي ان کي ادب جو درجو ڏياريو. هن سنڌي، فارسي، اردو ۽ سرائڪي ٻولين ۾ شاعري ڪئي. سانگي عاشقانه شاعري جو بي ڊپو ۽ پر خلوص شاعر آهي. هو سنڌي غزل جو باني آهي ۽ جديد سنڌي غزل گو شاعرن جو رهنما آهي. هن جي فطرت جي شاعري پنهنجو مٽ پاڻ آهي. هن جي شاعري زندگي جي ترجمان آهي. هن جي شاعري رومانوي رنگن ۾ رتل آهي. هن جي شاعري ۾ انفراديت روان دوان آهي. هن جي ڪلام ۾ جديديت جو رنگ صاف صاف نظر اچي رهيو آهي. جهڙي هن جي شخصيت سريلي ۽ دلفريب آهي سندس ڪلام، جيڪو سندس شخصيت جو عڪس آهي، اهڙوئي پُر اثر آهي.
[b]زندگي جو احوال:
[/b]سنڌي ٻولي جو شهزادو شاعر مير عبدالحسين خان سنڌ جي ٽالپور حڪمرانن جي اکين جو تارو هو. هو سنڌ جي حڪومت جي آخرين حڪمران مير محمد نصير خان جو پوٽو ۽ مير عباس علي خان جو فرند هو. انگريزن سنه 1843ع ۾ سنڌ تي قبضو ڪري ميرن کي قيد ڪيو ۽ انهن کي هندوستان جي مکيه شهرن ۾ رکيائون. مير محمد نصير خان کي ٻن پٽن مير محمد حسن علي خان ۽ مير محمد نصير خان کي ڪلڪتي جي ڳوٺ هزاري باغ ۾ قيد ڪيائون. مير محمد عباس علي خان سندر بن ۾ اڪيلي سر پنهنجي تلوار سان شير جو مقابلو ڪيو ۽ شير کي ماري ڇڏيو. هن جي جُرئتمندي جو چئني پاسي چرچو ٿي ويو. هڪ انگريز خاتون هن جي بهادري کان متاثر ٿي هن سان شادي ڪئي. انهي عورت جي بطن مان سنه 1851ع ۾ مير عبدالحسين خان جي پيدائش ٿي. ڇهن ڏينهن کانپوءِ هن جي ماءُ گذاري ويئي ۽ مير عبدالحسين ”ڇٺي جو ڇورو“ بنجي ويو.
مير عبدالحسين جي ماءُ جي انتقال کان پوءِ مير عباس علي خان ڪلڪتي جي معزز شيعن جي خاندان مان ٻئي شادي ڪئي جنهن مير عبدالحسين کي پاليو ۽ گهر جي سار سنڀال لڌي. جڏهن مير عبدالحسين پنجن سالن جو ٿيو ته هن جي والد مير عباس علي خان وفات ڪري ويو. تنهن کان پوءِ هن جي چاچي مير محمد حسن علي خان کيس پاليو ۽ هن جي تعليم ۽ تربيت جو بندوبست ڪيو. هن مرزا احسن علي عرف مرزا بزرگ ”وفا“ کي قرآن شريف ۽ فارسي پڙهائڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو. سنه 1859ع ۾ انگريزن ميرن تان قيد جي پابندي هٽائي، کين آزاد ڪيو. جنهن ڪري هو ڏاڏاڻي ڏيهه سنڌ ۾ موٽي آيا.
مير عبدالحسين حيدرآباد جي ٽنڊي يوسف ۾ پنهنجي ڏاڏي بي بي مهربانو جي حويلي ۾ اچي رهيو. مهربانو سندس پرورش ۽ تعليم جو بندوبست ڪيو. هو به سنه 1862ع ۾ گذاري ويئي. اُن کان پوءِ مير عبدالحسين پنهنجي چاچي مير محمد حسن علي خان جي تربيت ۾ آيو جنهن سندس تعليم جو سٺو انتظام ڪيو ۽ هالا پراڻا جي هڪ عربي ۽ فارسي جي عالم، اديب ۽ شاعر آخوند احمد کي سندس استاد مقرر ڪيو. آخوند وٽ علم حاصل ڪرڻ جي دوران مير عبدالحسين کي نه فقط فارسي زبان ۽ ادب ۾ چڱو خاصو عبور حاصل ٿيو. بلڪ آخوند صاحب جي شاعرانه ذوق جو به مٿس گهڻو اثر پيو ۽ طبيعت شاعري ڏانهن مائل ٿي.
جڏهن مير عبدالحسين ارڙهن ورهين جو ٿيو تڏهن سندس چاچي مير محمد حسن علي، انگريزن کان گرانٽ منظور ڪرائي ۽ هن کي حيدرآباد جي ڀر سان هڪ بنگلو ٺهرائي ڏنو. انهي سال انگريزن کيس والد جي وارث جي حيثيت ۾ هزهائينس جو خطاب ڏنو ۽ ماهوار اٺ سؤ روپيه پينشن به مقرر ڪئي. هڪ سلا کانپوءِ اُها پينشن ماهاور ٻارهان سؤ روپيه مقرر ٿي ويئي.
[b]مجازي عشق جي چوٽ
[/b]ڦوهه جواني ۾ مهراڻ جي ڪيٽي ۾ هرڻ جو شڪار ڪندي مير عبدالحسين هڪ مير بحر الهڙ حسينه جنهن جو نالو حاجران هو، جي اکين جو شڪار ٿي ويو هو خود چوي ٿو:
”پاڻ آهيان شڪار ٿيو هاڻي،
سانگي ڪهڙو وڃي شڪار ڪيان.“
هو ڏاڍو پريشان ٿي ويو. هن جي دل جو قرار کسجي ويو. هو هيڏانهن هوڏانهن رلندو وتندو هو. پاڻ جود چوي ٿو:
”واچوڙي وانگي ڦرندو وڃان شب و روز،
آهيان ڪڏهن زمين تي ڪڏهن آسمان ٿي.“
ائين ڪندي هن جي دماغي حالت دگردون ٿي ويئي. مير محمد حسن علي خان پنهنجي ڀائيٽي جي پريشاني تي تمام گهڻو فڪرمند ٿي ويو. هن مير عبدالحسين جي محبت جو مان رکيو ۽ هن جي شادي حاجران سان ڪرائي ڇڏي.
مير عبدالحسين انهي شادي تي ڏاڍو خوش ٿيو. هن جي زندگي ۾ خوشي واپس اچي ويئي. هو حاجران سان تمام گهڻي محبت ڪندو هو. هر جمع رات ٻئي ڄڻا گهوڙن تي سفر ڪري ڀٽائي جي روضي جو ڀيرو ڪندا هئا. مير عبدالحسين حاجران جي سونهنءَ جو ذڪر انهن لفظن ۾ ڪيو آهي:
”منٺار مٺي يار کي صورت ڏني موليٰ،
مون کي انهي مهه ور جي محبت ڏني موليٰ،
الله آهن منهنجيون ڪيون پوريون،
منٺار مليو روح کي راحت ڏني موليٰ.“
سندن شادي کي اڃان چار سال ئي ڪو نه گذريا هئا جو حاجران وفات ڪري ويئي. مير عبدالحسين کي رڻ ۾ رولي ويئي ۽ هن کي فقير بنائي ڇڏيو. ايتري قدر جو هو چرين واري زندگي گذارڻ لڳو ايتري قدر جو هو حيدرآباد ۽ شاهه جي ڀٽ وچ ۾ پيرين اگهاڙو ايندو ويندو هو ۽ راتين جون راتيون گنجي ٽڪر تي پير پٿون ڪندو هو. هن پنهنجي پريشان حال زندگي جو نقشو انهن لفظن ۾ چيو آهي:
”جنهن مون کي ٿي ڏٺو، ٿي چيو تنهن چريو چريو،
پنهنجي پرينءَ ڏي مون جو ڏٺو وريو ورِيو،
فرقت ۾ پنهنجي حال تي مون پاڻ ٿي رُنو،
سڀ ڪنهن چيو ٿي عشق جو ڏونگر ڏريو ڏريو.“
پنهنجي غم جي اظهار لاءِ هن ڪافيون چوڻ شروع ڪيون. انهي عرصي دوران هن جي شاعري جي شروعات ٿي. هڪ امير زادو هئڻ جي باوجود هن سانگي (جنهنجو مطلب آهي وقتي طور رهي هليو وڃڻ وارو) جو تخلص اختيار ڪيو.
”سانگ دنيا ته آهه، اي سانگي،
سمجهيو ساڻيهه جنهن سو نادان ٿيو.“
مير محمد حسن علي خان پنهنجي ڀائٽي مير عبدالحسين سانگي جي پريشاني ڏسي ڏاڍو فڪرمند ٿي ويو. هن يورپي عملدارن جي مدد سان به ٽي مڊمون هن جي خدمت ۾ رکيون جن هن جو من موهي ڇڏيو. هن جا اڳيان سور وسارائي ڇڏيا. مير محمد حسن علي خان مِس رائيٽ کي مسلمان بنائي اُن جي شادي مير عبدالحسين سناگي سان 1877ع ۾ ڪرائي ڇڏي. مس رائيٽ هاڻي بيگم بلقيس بنجي ويئي.
بيگم بلقيس ڏاڍي باوقار ۽ وفادار عورت هئي. هو مير عبدالحسين سانگي سان ڏاڍي محبت ڪندي هئي ۽ سانگيءَ به هن کي دل و جان سان چاهيندو هو. هو هر ڪم ڪار ۾ سانگيءَ سان گڏ هئي. سانگي جي معاشي حالت ٺيڪ نه هئي. ماهوار ٻارهن سؤ روپيه پينشن مان سڄي گهر جو ڪم هلائڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم هو. پر بيگم بلقيس دانائي ۽ هوشمندي سان محدود آمدني ۾ گهر جو انتظام سنڀاليندي هئي. سانگي کي بيگم بلقيس سان ڏاڍو پيار هوندو هو. سانگي هن کي اُٺ تي چاڙهي ڪڏهن گنجي ٽڪر، ڪڏهن ڀٽ شاهه تي ڪڏهن مهراڻ جي ڪيٽي ڏانهن گهمائڻ جي لاءِ وٺي ويندو هو.
[b]علم ۽ ادب جو پرستار
[/b]مير عبدالحسين سانگي علم ۽ ادب جو پرستار هو. هن کي شاعري سان عشق هو. هن وٽ هڪ وڏو ڪتب خانو موجود هو جنهن ۾ فارسي، عربي، اردو، هندي، انگريزي ۽ سنڌي ڪتابن جو وڏو ذخيرو موجود هو. افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته هن جي ڪتب خاني جا هزارين ڪتاب محفوظ رهي نه سگهيا ۽ ڪيترن ئي ڪتبان کي درياءُ ۾ لوڙيو ويو.
سانگي هڪ وڏو ڪاتب به هو. هو پنهنجن ڪتابن جي ڪڏهن ڪتابت به پاڻ ڪندو هو سانگي ڪيترن تي مشهور ڪتبان جي خود ڪتابت ڪري اُنهن کي پنهنجي ڪتبخاني ۾ محفوظ ڪيو. انهيءَ طرح هن جي ڪتب خاني ۾ ڪتابن جو ذخيرو وڌندو رهيو.
مير عبدالحسين سانگي کي شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ ان جي ڪلام سان ڏاڍي محبت ۽ عقيدت هوندي هئي. هو هميشه شاهه لطيف کي مرشد ڪري مڃيندو هو. پنهنجي غزل جي هڪ شعر ۾ سانگيءَ شاهه لطيف کي انهن لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪري ٿو:
”هاديءَ راهه صدا آهه ڀٽ ڌڻي سو ڀر جهلو،
ياد ٿو هر دم ڪريان تنهن مرشد و موليٰ کي آئون.“
سانگي اڪثر سندس روضي تي حاضري ڀرڻ لاءِ ايندو ويندو رهندو هو. اُتي شاهه لطيف جي پيرن ۽ خليفن سان ملاقاتون ڪندو رهندو هو ۽ انهن کان مفيد معلومات حاصل ڪري شاهه لطيف جي زندگي ۽ ڪلام تي فارسي نثر ۾ هڪ ڪتاب ”لطائف لطيفي“ جوڙيو. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ انهيءَ ڪري مير عبدالحسين سانگيءَ کي ”حضرت شاهه عبدالطيف جي سوانح ۽ ڪلام جي کوجنا ۽ تحقيق جو باني مباني“ سڏي ٿو.
مير عبدالحسين سانگيءَ کي موسيقي سان خاص محبت هئي. هن وٽ هڪ پيانو موجود هو جنهن تي هن جي زال بيگم بلقيس ڌنون وڄائيندي هئي. سانگيءَ کي شاهه لطيف جي راڳ ۽ سنڌي ڪافين جي لئي سان ڪافي رغبت هئي. هو پاڻ خود ڪافيون جهونگاريندو هو. هن وٽ يڪتاري تي ڪافين ڳائڻ جون محفلون متل رهنديون هيون. هو خود پاڻ چوي ٿو:
”سانگي سچ ٿو چوان روح ٿو ريجهي راڳن تي.“
مير عبدالحسين سانگيءَ شڪار جو وڏو شوقين هو. هر سال سانوڻ ۽ سياري ۾ مهراڻ جي ڪيٽي، کير ٿر جبل ۽ ڪڏهن ٿر ۾ شڪار تي ويندو هو ڪڏهن بيگم بلقيس به سان گڏ ويندي هئي. هو گهڻو ڪري تترن، تلورن، هرڻن، سرهن، ڦاڙهن وغيره جو شڪار ڪندو هو. شڪار جو شغل 1904ع تائين جاري رهيو. شڪار سانگيءَ جو محبوب مشغلو هو.
سن 1877ع ۾ ڊاڪٽر رائيٽ جي ڌيءَ مس رائيٽ (پوءِ بيگم بلقيس) سان شادي ڪرڻ کانپوءِ مير عبدالحسين سانگيءَ کي سيڪنڊ ڪلاس هانرري مئجسٽريٽ مقرر ڪيو ويو. هڪ سال کان پوءِ 1878ع ۾ کيس فرسٽ ڪلاس مئجسٽريٽ جا اختيار مليا. سانگي ڪيس پنهنجي بنگلي ۾ هلائيندو هو. هن ايمانداري ۽ سلقي سان مئجسٽريٽي هلائي. هن ڪنهن کي به سزا نه ڏني. هو اولائي چارج بدران سڌو سمن يا وارنٽ ڪڍندو هو يا آرڊر جاري ڪندو هو. آرڊر گهڻو ڪري شاعري ۾ ڪندو هو. هو هڪ انصاف پسند ۽ رحمدل مئجسٽريٽ هو. سانگي 45 سالن تائين مئجسٽريٽي هلائي ۽ سنه 1922ع ۾ رٽائرمينٽ ورتي.
سنڌي مشاعرن جي شروع ڪرڻ جو سهرو مير عبدالحسين سانگيءَ جي سرتي آهي. سانگي بلند رُتبي تي هوندي فقير طبع هو. هو شاعرن جو وڏو قدردان هو هو. انهن جي سرپرستي ڪندو هو ۽ انهن جي مالي مدد به ڪندو هو. هن جي اوطاق تي هر آچر تي مشاعرا ٿيندا هئا. مير مشاعرا هو پاڻ ئي ٿيندو هو. هن جي مشاعرن ۾ شرڪت ڪرڻ وارن ڪجهه شاعرن جا نالا هي آهن: غلام محمد شاهه گدا، مير محمد فاضل شاهه فاضل، سيد حيدر شاهه حيدر، محمد ابراهيم خليل، آخوند محمد قاسم، آخوند لطف الله لطف، مرزا قليچ بيگ، مرزا دوست محمد دوست، سيد مرتضيٰ شاهه مرتضائي، محمد صديق مسافر وغيره. انهن شاعرن کي شاعري ۾ دعوت ناما ڏبا هئا ۽ اُهي به شاعري ۾ جواب ڏيندا هئا. سانگي کي جن شاعرن سان محبت هئي انهن جا نالا هي آهن. غلام محمد شاهه گدا، ميان وڏل حيدري، ميان تقي محمد شاهه، ميان علي محمد شاهه، ميان صاحبڏنو شاهه، حافظ حامد ٽکڙائي، مرزا قليچ بيگ، سيد ابوالحسن شافي.
مير عبدالحسين سانگيءَ هڪ پروقار شخصيت جو مالڪ هو. سندس اٿڻ ويهڻ شاهاڻو ۽ طبيعت فقيراڻي هئي. گهڻو ڪري ٿورو ڳالهائيندو هو ۽ آهستي آهستي ڳالهائيندو هو. هن جي گفتگوءَ سنجيده ۽ پر معنيٰ هوندي هئي. هو نه بحث ڪندو هو ۽ نه ئي ڪنهن تي ناراض ٿيندو هو. هو ڪنهن کي به پٽ پاراتو نه ڏيندو هو. هو انگريزن کي پاڻ جهڙو ڀانئيندو هو ۽ انهن سان هميشه برابري وارو سلوڪ ڪندو هو. سانگي مذهبي طور پنهنجن وڏن جيان اثناعسري شيعو هو. هو تعصب ۽ مذهبي ڀيد ڀاءُ کان بالاتر هو. هن جي ڪلام ۾ ڪٿي به ٻئي مذهب يا عقيدي جي ملامت، نفرت ۽ بغض نظر نٿو اچي. هو پاڻ کي شيعو يا سُني نه پر ”صوفي“ سڏائيندو هو. هو هڪ صوفي ماڻهو هو ”صلع ڪل“ هن جو عقيدو هوندو هو.
مير عبدالحسين سانگيءَ وڏي اخلاق وارو ۽ نهايت ئي ملنسار ماڻهو هو. هن جي دل انساني قرب ۽ همدردي سان ڀريل هئي. هو امير ۽ غريب جي وچ ۾ ويڇو نه رکندو هو. هو هڪ ٽالپور شهزادو هو پر اُن جي نمائش ڪڏهن به نه ڪندو هو. بقول ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ”خودداري، تصوف، خودشناسي، وضعداري، انساني همدردي ۽ انڪساري سانگيءَ جي شخصيت جا مرڪزي اوصاف هئا.“
[b]وفات [/b]
سنڌ جو شهزادو شاعر، نثر نگار افسانه نگار، محقق، راڳ رهاڻ جو شوقين، شاهه لطيف جو شيدائي ۽ جديد سنڌي غزل جو بادشاهه سنه 1924ع ۾ چوهتر سالن جي ڄمار ۾ ڪنهن رواجي بيماري جي ڪري وفات ڪري ويو.
”چٽڪو هي چلپلي جو ٿيو چالو جهان ۾،
سانگي سندءِ سخن آ يارن ۾ يادگار.“
سندس وصعيت موجب سانگيءَ کي شاهه لطيف جي روضي جي ڇانوَ ۾ دفن ڪيو ويو.
[b]عظيم شاعر:
[/b]مير عبدالحسين سانگيءَ ، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي راءِ ۾ هڪ ”عالم شاعر آهي، هڪ عاشق شاعر آهي.“ هڪ عظيم سخنور آهي. هو فرنگين جي زير اثر زندگي گُذارڻ وارو هڪ باوقار شاعر آهي. هو ٿر ڄائي سورمي مارئي جي احساسن جو ترجمان شاعر آهي. هو مارئي وانگر چوي ٿو:
”نمڻي نار آهيان، پر وڏن جا وڻ وڄائنيدس.“
سانگي مارئي جيان قيد آهي. هو ڌارين جي حڪمن تحت هلڻ وارو هڪ مجبور شخص آهي، پر هن جو روح مارئي جيان آزاد آهي. مارئي لاءِ وطن سڀڪجهه آهي. هن جي لاءِ وطن جي واري هيرن ۽ جواهرن کان وڌيڪ قيمتي آهي. وطن جون آزاد فضائون، صاف شفاف پاڻي، مٺڙا مٺڙا ماڻهو، اُنهن جو پورهيو، انهن جي اورچائي، روح کي راحت بختن تي مارئي قيد آهي، پر هو ماٺ ناهي. هن جا ارمان، هن جا ڏوراپا، هن جون صدائون ڏاڍن کي ڏارينديون ۽ انهن کي شرمسار ڪنديون.
مارئي جو اهو عزم، اها حُب الوطني سانگي جي شاعري جو بڻ بنياد آهي. سانگي جي شاعري وهندڙ سنڌوءَ جي ڌارا آهي. جيڪا زور سان وهندي، اڳتي وڌندي رهندي، آهي جنهن کي ڪوئي به روڪي نه سگهيو آهي ۽ نه وري ڪو روڪي سگهندو. سانگي جي شاعري قوميت جي جزبي سان سرشار آهي ۽ اُها سنڌ واسين جي لاءِ توانائي ۽ رهنمائي جو هڪ روشن باب آهي. سانگي جي شاهڪار ويچارن جو ساءُ وٺو.
”عمر آيا اجهي آهن، ڀڄي بادل بهارن جا،
پون ٿا ياد پلپل ۾ پکا پنهنجن پِنوهارن جا.“
مير عبدالحسين سانگي جديد سنڌي شاعري جو سرپرست اعليٰ آهي هو جديد سنڌي شاعري جو بنياد رکڻ وارو هڪ باوقار، خوددار ۽ بيباڪ شاعر آهي. سانگي ڪلاسيڪل شاعرن جيان هڪ کان وڌيڪ ٻولين ۾ شاعري ڪئي آهي. هن جي شاعري، سنڌي، سرائڪي، اردو ۽ فارسي ٻولين ۾ آهي. اچو ته هن جي ڪلام مان لطافت ۽ توانائي حاصل ڪريون.
[b]سنڌي ڪلام:
[/b]”حيوان صفت جي ٿيو، انسان ته ڇا ٿيو؟
جي ماڻهپو ناهي ته پوءِ آدم ٿي ڪبو ڇا؟
بي قدر زمانو آهي، بي شائبه تنهن ۾،
انصاف نه آهي اُتي رستم ٿي ڪبو ڇا؟“
[b]سرائڪي ڪلام:
[/b]”منٺار مٺا ميڏا هسڻا هي، دلدار سڄڻ دل کسڻا هي،
هي من موهن ميڏا مهرو، جنهن جي لعل ڳلان تي لسڻا هي،
دل ياد محب منٺار دي وچ، هر ويل اکيان نون وسڻا هي.
اي سانگي، ڪيا آخر ٿيسين، وچ پرت پيادل پسڻا هي.“
[b]اڙدو ڪلام
[/b]”بلبلون سي کهوکهان هي بهار،
بيوفا ليکهه بي زمانه هي،
سن کي مير اغزل کهينگي لوگ،
يه عجب طرح ڪانه ترانه هي،
اب هي عبدالحسين وقت نشاط،
ڪوئي جانا مين آج جانا هي.“
مير عبدالحسين سانگيءَ قوميت جي ساراهه ۾ سُريلا، رسيلا ۽ سگهارا گيت آلاپڻ وارو هڪ منفرد شاعر آهي. هن ڌرتي جي خمير مان جنم ورتو آهي. ڌرتي هن جي ماءُ آهي. ڌرتي هن جو جيءَ. جياپو آهي. ڌرتي جون سڀئي شيون بي ملهه آهن. اُهي روح کي گرمائن ٿيون. خوشين کي جاڳائن ٿيون ۽ اُتساهه کي اُڀارين ٿيون. اهڙين مٺڙين شين تان سروارڻ روا آهي. اچو ته ڌرتي جي سونهن جي نظارن مان آنند ماڻيون.
”ڀٽن جي ڀرن تي، ڀري پنهنجا پاند،
چڀڙ چونڊي آڻين سرتيون سدا.“
*-*-*
”پنوهارن جي آهي پسيءَ سان پريت،
سڱر جيڪي کائن سانگي سدا.“
*-*-*
”بلبل آئون آهيان، عشق مون کي آهي گلن جو،
الله نگهبان رهي منهنجي وطن جو.“
فرنگين جي حڪومت سنڌين کان سڀ ڪجهه کسي ورتو. ٽالپورن کي غلام بنائي سنڌين جي آزادي تي قابض ٿي ويا. سانگيءَ جهڙي قوميت جو احساس رکندڙ انسان لاءِ اهو وڏو ڌڪ هو. هن جي دماغ ۾ انگريزن جي لاءِ نفرت جو جزبو ڀڙڪي اُٿيو. هن بنان ڊپ ڊاءُ، جرئت ۽ بيباڪي سان انگريزن جي خلاف لکيو ۽ خوب لکيو.
”سرو، سمن وسوسن صد برگ سڪن ٿا،
سانگي ويو سمورو آهي سينگار وطن جو.“
*-*-*
”بيگانا ٿا ڏسجن جي يگانا هئا وطن جا،
پنهنجا ٿي ويا غير غريب الوطني ۾.“
بيشڪ مير عبدالحسين خان سانگيءَ سنڌ جو پروقار ۽ بيباڪ شاعر آهي. هن پنهنجي ڪلام ۾ انگريزن جي غلط ڪارين ۽ ڏاڍاين جي خلاف خوب لکيو آهي ۽ انهن کي کلم کُلا ننديو آهي. هو وطنيت جي جذبي سان سرشار آهي. جنهن فرنگين جي خلاف مسلسل جهاد ڪري، اهو ثابت ڪيو آهي ته هو هڪ شوخ،، بيباڪ ۽ سورهيه شهزادو شاعر آهي.
عشق ۽ حسن مير عبدالحسين جي شاعري جا محور آهن. اُهي هن لاءِ زندگي آهن، سهارو آهن ۽ رهنما آهن، هن جي زندگي عشق ۽ حسن جي گود ۾ گذري آهي، اُتي وڌي ۽ ويجهي آهي. انهن جي رازن، رمزن ۽ يادگرين ۾ پوري ٿي. سانگي جيڪو باوقار، خودمختار ۽ سچو انسان هو، تنهن زندگي جي شين، روين ۽ رخن کي ڪو نه وساريو. سانگي عشق ۽ حسن جي دائري ۾ رهندي، انهن کي وڏي اهميت ڏني آهي، انهن سان انصاف ڪيو آهي ۽ انهن کي به زندگيءَ جو محور بنايو آهي ۽ خانداني، سماجي، معاشي ۽ ملڪي مسئلن کي موافق ۽ مناسب نموني حل ڪرڻ جي لاءِ هر وقت ڪوشان رهيو آهي.
مير عبدالحسين سانگي جي زندگيءَ جا ٻه پاسا آهن. عشق ۽ محبت ۽ زندگيءَ جي ترجماني. انهيءَ ڪري هن غزل کي داخلي ڪيفيتن جو قيدي نه بنايو آهي. هن غزل ۾ خارجي پهلوئن ۽ ڪيفيتن جي جڙت ڪري، زندگي جي قريب آندو آهي. هن غزل ۾ نوان موضوع شامل ڪري، اُن کي وسعت ڏيئي، اُن کي اهڙي مفيد ۽ منفرد صنف جو درجو ڏيئي، اُنکي زندگيءَ جي ترجماني ڪندڙ صنف سخن بنائي پيش ڪيو آهي. سانگي جي شاعري جتي عشق ۽ حسن جي سڇاڻپ آهي، اُتي ئي زندگي گذارڻ وارن طور طريقن کي قوت بخشڻ لاءِ مددگار به آهي.
مير عبدالحسين جي شاعري زندگي جي ترجماني ڪندڙ شاعري آهي. سانگي پنهنجن ذاتي جذبن، خيالن ۽ تجربن کي پنهنجي شاعري جا موضوع بنائي، پنهنجي ذاتي مشاهدن ۽ تجربن مان حاصل ڪيل سماجي، معاشي، معاشرتي ۽ ثقافتي معلومات کي پنهنجي شاعري ۾ جاءِ ڏيئي، زندگي جي حالتن ۽ حقيقتن کي نروار ڪيو آهي.
”تڏهين ترڪ وطن ڪيوسون جڏهين اهل وطن بڳڙيا،
جي ڀڳڙن جا نه ها اهڙا به ياران ڀڳڙيا،
اثر صحبت جو بيشڪ ٿئي ٿو مونکي آ ٿيو يقين آهي.
زماني جي ڀڳڙن کان به مردن جا سخن ڀڳڙيا.“
سانگي جهڙي طرح دنيا ۾ رهي پنهنجي زندگي گُذاري، انهيءَ جو چٽو عڪس هن جي شاعري ۾ جرڪي رهيو آهي. هن هزهائينس جو لقب حاصل ڪيو. هو آنرري ميجسٽريٽ بنيو. هن عشق جي ميدان ۾ عشق ۽ حسن جي وچ ۾ توازن رکي پنهنجي زندگيءَ کي چمڪايو. هن شاعرن جي سرپرستي ڪئي ۽ انهن کي مٿي جو موڙ بنائي، ادب جي ميدان کي مچائي پنهنجي ڇاپ ڇڏي.
فرنگين ٽالپورن جي حڪومت جو خاتمو ڪيو ۽ اُنهن کي قيد و بند ۾ جڪڙي رکيو. سنڌ جي ثقافت جو رنگ بدلجي ويو. معاشري ۾ تبديليون آيون. سچا ۽ اصلي انسان ناپيد ٿي ويا ۽ انهن جي جاءِ تي فرنگين جا پاليل وڌيرا ۽ جاگيردار ميدان عمل ۾ آيا ۽ انگريزن کي خوش ڪرڻ جي لاءِ نااصافي واريون ڪارروايون ڪري ڌرتي ماءُ جي اولاد کي ڏاڍن جو شڪار بناوي ۽ سنڌ کي زنيجرن ۾ جڪڙي رکيو.
[b]حقيقت پسند انسان
[/b]سانگيءَ حقيقت پسند انسان هو. هن سوچي ويچاري انهن ڏاڍاين ۽ برن اثرن کي زائل ڪرڻ جي لاءِ اخلاقي قدرن کي ڪتب آڻڻ جي ڪوشش ڪئي. هن سنڌ واسين ۾ خود اعتمادي، خودداري ۽ همٿ کي جاڳايو ته اُهي برين حالتن کي سمجهن ۽ انهن کان بچي نڪرڻ لاءِ ڪي ڪارگر طريقا استعمال ڪن.
”سو مرد آهي جو نه چوي، پر ڪري انصاف،
همٿ نه آهي جي رڳو وات آهي ته ڇا ٿيو.“
*-*-*
”لانڌي هجي لوڙهي ۾ رهن لاءِ ڪکن جي،
ڏيکارجي دشمن کي مگر اوڏ لکن جي.“
صداقت پسند سانگي نفاست ۽ سچائي سان سنڌواسين کي سندن ڪمزورين ۽ حاڪمن جي ڏاڍاين ۽ پابندين کان اگاهه ڪيو، انهن کي جاڳايو ۽ قائل ڪيو ته هو اٿن ۽ پنهنجين حالتن کي سُڌارڻ ۽ انسانن جيان زندگي گذارڻ لاءِ مناسب ۽ مفيد طور طريقا استعمال ڪن.
مير خادم حسين خان پنهنجي مضمون ”سانگي جي فارسي شاعري ۾ زماني جي شڪايت ۾ ڇنڊ ڇاڻ ڪري ڄاڻايو آهي ته ”اهڙو دور اچي ويو آهي، جنهن ۾ نه علم، نه حلم، نه فضيلت، نه ايمانداري، نه خوش اخلاقي، نه شجاعت آهي. وطن ويران آهي، هم وطن بيڪس آهن. ايمانداري بدران رياڪاري ۽ مڪاري رائج آهي. ماڻهو ناشڪرا ۽ ڪوڙا آهن.
”هوا اهڙي لڳي آهي جو پنهنجي پنهنجي مذهب کان،
مسلمان و ڪرستان ويهود و برهمڻ بگڙيا.“
هي سانگي جي مشاهدي جو سچو ۽ پڪو ثبوت آهي.
سانگيءَ جي شاعري سجاڳيءَ جو سڏ آهي. سانگي زندگيءَ جي راهه تي هلندي، زندگيءَ جي ڏاڍاين ۽ سورن کي پڌرو ڪري، ڌرتي جي ڄاون کي جاڳائي رستو ڏيکاريو آهي، ته هو زندگيءَ کان فرار نه ٿيندا پر جيئندا همٿ سان، جرئت سان ۽ مستقل مزاجي سان:
”اي غريبو نه غير ڏي ڏسجي،
حال عربت ۾ ڀي غيور آهيان.“
[b]شاعري جا موضوع
[/b]مير عبدالحسين سانگي جي شاعري جا مضمون / موضوع محدود ناهن، اُهي وسيع آهن، جيڪي زندگي جي انيڪ رُخن ۽ روپن جي ترجماني ڪندي نظر اچن ٿا. انيڪ موضوعن جو موجود هجڻ اهو ڏيکاري ٿو ته سانگي پنهنجي زندگي مان حاصل ڪيل تجربن جي آڌار تي ڪافي پرايو ۽ ايمانداري سان پڙهندڙن جي اڳيان پيش ڪيو آهي. هن جي شاعري جا نمايان موضوع آهن. غزل گوئي، عشقيه شاعري، فطرتنگاري/ منظر نگاري، مرثيه گوئي، سلام، واقع نگاري، سيرت نگاري، قصيدا گوئي وغيره.
سانگي صداقت سان جن شين، واقعن ۽ صورت حال جو مشاهدو ڪري ٿو، تن کي صفائي ۽ چٽائي سان چٽي، تخليق جا اهم ڪارناما سرانجام ڏئي ٿو. هن جا جزبا، احساس ۽ ذاتي تجربا نقلي ناهن، اصلي آهن، خيالي ناهن، حقيقي آهن، مثالي (Ideal) ناهن، عام فهم آهن. سانگي جي شاعري هڪ سچي انسان جي سچن جزبن، تجربن ۽ مشاهدن جو سچو تخليقي اظهار آهي. سانگي جي شاعري سانگي جي سچي آتم ڪٿا آهي. اهڙي سچي آتم ڪٿا دُنيا جي ادب ۾ ملڻ مشڪل آهي.
مير عبدالحسين سانگي سنڌي غزل جو خالق آهي، سانگيءَ جي غزل ۾ تنوع ۽ ندرت روان دوان نظر اچي ٿي. سندس غزل ۾ فارسي غزل جا سڀ لوازمات پنهنجي اصلي رنگ ۾ نظر اچن ٿا. اُهوئي سبب آهي جو ”سندس غزل“ پروفيسر احسان بدوي جي لفظن ۾ ”غزل جو نمائندو آهي ۽ اُن معيار جو آهي، جو غزل جو حقيقي معيار آهي.“
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ چوي ٿو ته سانگي پنهنجي علمي وسعت ۽ پيدائشي ڄاڻ سان سنڌي غزل جي لاءِ پنهنجو ماحول پيدا ڪيو ۽ پنهنجي زبان ڪم آڻي، فارسي رنگ واري روايتي غزل کي خالص سهڻي سنڌي غزل ۾ تبديل ڪري ڏيکاريو. سانگي فارسي غزل جي روايتن، مزاج ۽ ان جي منظرن جو چڱي طرح مطالعو ڪيو ۽ مناسب نموني ۾ غزل ۾ تبديليون آنديون.
جو مهراڻ جي ڪيٽي ۾ ڪنارو آهي گهاري جو،
سو سمورو سير حاصل غيرت ئي ڪشمير ٿيو آهي.“
سانگي جي عظمت جو اِهو لازوال ثبوت آهي جو هن سنڌي غزل کي سنڌي ماحول، سنڌي ترڪيبون، سنڌي محاورا، استعارا، تشبيهون، اهڃاڻ مهيا ڪري سنڌي شاعري ۾ منفرد مقام ڏياريو.
مير عبدالحسين سانگيءَ عشقيه شاعري جو امام آهي. عشق هن جي وجود جو لازوال انگ آهي، عشق هن جي شخصيت جي صدا آهي ۽ عشق هن جي ڪلام جو ڪوهينور هيرو آهي. رومانوي دور جا هي نوجوان انگريز شاعر پي بي شيلي (P.B. Shelly) جان ڪيٽس (John Keats) ۽ لارڊ بائرن (Lord Byron) پنهنجو مٽ پاڻ آهن. شيلي جي عشقيه شاعري مثالي آهي، ڪيٽس جي عشقيه شاعري چوڏهين رات جي چانڊاڻ آهي ۽ بائرن جي عشقيه شاعري دکندڙ چنگ آهي. سانگيءَ جي عشقيه شاعري ٽنهي کان الڳ ٿلڳ آهي. سانگيءَ جي عشقيه شاعري هن جي روح جي رڙ آهي. هن جي دل جي صداقت ڀري صدا آهي ۽ هن جي شخصيت جو بي ملهه اظهار آهي.
سانگيءَ هڪ سچو عاشق آهي، ڪو سڌڙيو عاشق ناهي، هن عشق جو لڪي لڪي نه، پر کلم کُلا اظهار ڪيو آهي. سانگي عشق کي رب جو تحفو سمجهي قبول ڪيو آهي. هن مهراڻ جي ڪيٽي جي هڪ الهڙ دوشيزاه حاجران کي پنهنجي قسمت جو هار بنائي حويلي ۾ وٺي آيو ۽ هن سان بيمثال نينهن نڀاهيو.
”اسان عشق کي آهي مشهور ڪيو،
اسان کان لڌو عشق بازي رواج.“
سانگي عشق کي مٿي جو موڙ بنايو ۽ عشق جي تجلي سان سڄي ڪائنات کي منور ڪري ڇڏيو. سانگي جو عشق هڪ طرفو نه پر ٻه طرفو آهي. سانگي پنهنجي عشق کي حاجران جي عشق سان سينگاري، عشق کي سرخرو ڪري ڇڏيو.
[b]سانگي جي شاعري جا رنگ
[/b](1) مير عبدالحسين سانگي پهريون سنڌي شاعر آهي جنهن فطرت نگاري / منظرنگاري کي غزل جو لازمي حصو بنائڻ لاءِ ڏاڍا جتن ڪيا. سانگي قدرت کي چٽڻ جي بدران قدرتي نظارن کي خوبصورتي، نفاست ۽ دلچسپ نموني بيان ڪري ڪمال ڪيو آهي. سانگيءَ کير ٿر جبل، ڀٽ شاهه، گنجي ٽڪر ۽ ٿر جي قدرتي نظارن کي بيان ڪري. اُتي رهندڙ ماڻهن جي معاشي ۽ معاشرتي حالتن جو دلچسپ نظارو پيش ڪيو آهي. ڪي نظارا سانگيءَ جي لاءِ اهم آهن. ڇاڪاڻ ته اُهي دلچسپ آهن، ڪي نظارا هن جي پورن ۽ سورن جا يادگار مثال آهن ۽ ڪي نظارا ملڪ جي خوشحاليءَ جا ضامن آهن.
”اُٺا مينهن مارن تي بي انتها،
ڦٽا ڦوڳ ساوا ٿيا سر جا بجاءَ.“
*-*-*
”لعل کان ٿيو لعل آهي گُل انار،
موتين کان صاف آهن موتيا.“
*-*-*
”ڏسڻ ۾ اچن اڄ ٿا ڪارا ڪڪر،
اُڀرندي ڏي آهن وڄن ور وِڌا.“
سانگيءَ جي مننطر نگاري اصلي آهي، اکين ڏٺي آهي ۽ دل تي سِڌو اثر ڪري ٿي.
(2) مرثيه گوئي مير عبدالحسين سانگي جي شاعري جو عجب ۽ نرالو تخليقي ڪارنامو آهي. سانگي پنهنجي آخري عمر ۾ مرثيه جوڙيا جن جو تعداد ڇهه آهي ۽ اُنهن ۾ جملي 460 بيت آهن. سانگي پنهنجي مرثئي جي هڪ بند ۾ پنهنجن رنجيده جذبن ۽ خيالن جو اظهار ڪري ڪمال ڪري ڏيکاريو آهي.
”اڪبر جو ڏسي لاش ڀلا سر نه پٽيان ڇا؟
قاسم جو ڏسي سرکي جدا سر نه پٽيان ڇا؟
عباس جا ٻئي دست ڪپيا سر نه پٽيان ڇا؟
ڀاڻيج منهنجا مقتول ٿيا سر نه پٽيان ڇا؟
سڀ يار ۽ ياور منهنجا دُنيا کي ڇڏي ويا،
ماڙيون ڏسي جنت جون هتان صاف لڏي ويا.“
(3) شاعري ۾ سلام کي غزل جو قائم مقام سمجهيو وڃي ٿو. انهيءَ ۾ تسلسل نه هوندو آهي. سانگيءَ رڳو به سلام سرجيا، هن جي سلام جا ٻه شعر پيش ڪجن ٿا.
”نه آيو امام تعزيو آيو امام جو،
آقا امام پنهنجي عليھ السلام جو،
هي سيج آ قاسم نوشه جي جلوه گر،
گهوڙو هي آهي اڪبر عالي مقام جو.“
(4) واقع نگاري ۾ ڪنهن واقع يا حالت جي تصوير چٽي ويندي آهي. واقع نگاري ۾ واقعو انفرادي حيثيت رکي ٿو. سانگي جي واقع نگاري جي عاليشان مثال جو مطالعو ڪريو جيڪو حضرت قاسم جي قتل ٿيئڻ جي باري ۾ آهي.
”منهنجي شادي جنهن سان ٿي سو گهوٽ ماريو هائي هائي،
رات پرڻيو صبح جو رڻ ڏي سڌاريو، هائي هائي،
نير هن ڪپڙن تي منهنجي نير هاريو، هائي هائي،
مونکي ماري سيج سوڌو مونکي ساڙيو، هائي هائي.“
(5) مير عبدالحسين سانگي سيرت نگاري جي فن جو وڏو ماهر آهي. ٻيو ڪو به سنڌي شاعر هن فن ۾ سانگي جو مقابلو نٿو ڪري سگهي. سانگي ڪربلا جي ڪونڌرن، انهن جي سرفروش اولادن ۽ خاص ڪري مجاهد عورتن جي جيڪا سيرت نگاري ڪئي آهي اُها بيمثال آهي. سانگي ٿر ڄائي پروقار ۽ خوددار عورت مارئي جي سيرت نگاري ڪري نه صرف مارئي کي امر ڪري ڇڏيو آهي. پر سيرت نگاري جي صنف کي امر پد تي پهچايو آهي. مارئي هڪ سچي وطن پرست آهي ۽ هن کي وطن جي هر شيءِ سان محبت آهي.
جڏهن آئون ويڙهه ۾ وينديس پنوهارن جي وراڪن ۾،
ڇڪاري ڇيلڙا ڇانگون ڪيو ويڙهين ۾ وارينديس.
هو عمر جي قيمتي ڪپڙن کي ٿوڪاري ٿي ۽ لال پوتيءَ جي واکاڻ ڪري ٿي.
رکي لڄ لال لوئي جي وري وينديس ويڙهيچن ڏي،
پياري پرت پنهوارن ساڻ پائر پاس پارينديس.
مارئي هڪ اڏول انساني جذبو آهي. هن هارائڻ نه سکيو آهي. بيشڪ هو هڪ نماڻي عورت آهي پر هن جي حب الوطني وڪامڻ واري شيءِ ناهي. مارئي هڪ للڪار آهي، جابرن لاءِ کُلي تلوار آهي.
”نماڻي نار آهيان پر وڏن جا وڻ وڄائينديس.“
مارئي اعلان ڪري چوي ٿي ته هو ڏاڍن کي ڏارڻ لاءِ هر وقت تيار آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي پنهنجي سر ”عمر مارئي“ ۾ مارئي جي سيرت نگاريءَ کي اهڙي انداز ۾ پيش نه ڪيو آهي.
(6) قصيدا گوئي شاعري جي اهڙي صنف آهي جنهن ۾ مذهبي اڳواڻن، مرشدن، پيرن، دانشورن، بهادرن ۽ وطن پرستن جي واکاڻ ڪئي ويندي آهي، جيئن ته پڙهندڙ به اهڙا گڻ حاصل ڪري سگهن. سانگي داد رسي جي نئين صنف گهڙي، پنهنجن همعصر شاعرن کي ساراهي وڏو داد حاصل ڪيو آهي. سانگي پنهنجي هڪ ئي غزل ۾ چئن همعصر شاعرن جهڙوڪ غلام محمد شاهه گدا، مرزا قليچ بيگ، ميان وڏل حيدري ۽ حافظ حاجي حامد کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي.
هي غزل پهرين گدا جهري سخنور ڇا چئي،
بي مثل جو آهي اقليم سخن شهوار.
*-*-*
شاعر عالي دماغ آهي، اهو مرزا قليچ،
سر زمين شهر ۾ جنهن کي ٿيو ڪلي اختيار.
*-*-*
حيدري جي نظم کي پوءِ چئو با آواز بلند،
شاعر نازڪ خيال ۽ آهه جو يارن جو يار
*-*-*
تنهن کان پوءِ چئجن وري حامد سندا اشعار خاص،
جي آهن تسبيح جئن پوتل چئو دُر شاهوار.
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ درست چيو آهي ته ”سانگيءَ عالم شاعر هو ۽ سانگيءَ عاشق شاعر هو.“ عشق سانگيءَ جي شاعري جو محرڪ جذبو آهي. سانگي سڌڙيو عاشق نه پر سچو عاشق آهي. عشق جڏهن هن جي زندگيءَ ۾ شدت سان نمودار ٿيو ته هن هڪ عام انسان جيان مهراڻ جي ڪيٽي جي هڪ الهڙ دوشيزه حاجران کي دل ڏيئي ويٺو هن جو عشق ڏيکاءُ وارو نه، پر فطري هو. هن محبوب سان لڪي لڪي ملاقاتون نه ڪيون پر حاجران کي حويلي ۾ آڻي، اُن جو کلم کلا اعلان ڪيو.
”حاصل ٿيو رقيبن کي جدائي جو جهنم،
سانگي کي ته جيئري آهي جنت ڏني مولا.“
سانگي هڪ عاشق آهي ۽ عشق ئي سندس ڪل ڪائنات آهي. هن جو عشق مجازي آهي، پر پاڪيزه آهي. هن جو عشق هڪ طرفو نه، پر ٻه طرفو آهي، اڌورو ناهي، پر پورو آهي. هو محبوب جي ڪاڪل وارن، البيلين اکڙين ۽ جسم جي جلويدار عضون تان فدا آهي ته سندس محبوبا سندس ذات ۾ گم آهي. سانگيءَ لاءِ عشق چانڊوڪي رات آهي، جهرمر بوند بهار آهي ۽ هستيءَ جو سينگار آهي. سانگي عاشق آهي ۽ حسن جو سرپرست آهي. هو حسن کي پوڄي ٿو هن عشق ۽ حسن کي ملائي حُسن جي حڪمراني قائم ڪئي آهي ۽ عشق کي سرخرو بنايو آهي.
اداڙي، اسين آهيون عاشق مزاج،
آهي سر اسان جي تي وارن جو تاج.
سانگي جو عشق سچو آهي، ڪچو ناهي. سندس محبوب حقيقي آهي، فرقي ناهي عشق هن جي زندگيءَ جو محور آهي. هن جا احساس ۽ خيال عشق جي جذبي سان رڱجي ظاهر ٿين ٿا. سانگي جيڪي ڪجهه ڏسي ٿو، انهيءَ جو ديدار ٻين کي به ڪرائي ٿو.
دل گهرئي دلدار جا زُلف ڌوتا،
ڏس ته ڪيئن اٽڪن ۽ لٽڪن لاڏ مان.
سانگي جي عشق هن جي ڪلام ۾ حيرت انگيز واڌارا ڪري اُنکي بيمثال بنايو آهي. اُن ۾ غنائي رنگ، نغمه سرائي، نزاڪت، رنگيني، رعنائي، توانائي، لطافت، رواني، بيساختگي ۽ حڪمت ڀري، اُن کي زنده جاويد تخليقي ڪارنامو بنائي ڇڏيو آهي.
طالب سو آهيان تنهنجي محبت جي مرض ۾،
اي من موهن مٺا آءُ جيان ٿو مريو مريو.
سچ تنهن سڀ کان منهنجو ٿو شيرين ڪلام ٿئي،
جي چاهه مان چکيون مون چپن جون جي چاشنيون.
سانگيءَ جو عشق اُتم (Sublime) آهي جو زندگي کي اتم بنائي، سڀني رشتن ۾ هم آهنگي آڻي، اُنهن کي دلپسند بنائي ٿو.
[b]غزل جو باني
[/b]مير عبدالحسين سانگي سنڌي غزل جو باني آهي. بقول ”شيخ عبدالرزاق راز ”مير عبدالحسين سانگي سنڌي غزل ۾ نئون آواز آهي. هن غزل جي صنف ۾ ڪيتريون نازڪ ۽ نفيس چيزون پيداد ڪري، سنڌي جديد غزل جي راهه هموار ڪئي.“
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي خيال موجب ”سانگي جي شاعري جي جاڳندي عشق کيس فرقي تخليقات بجاءِ غزل ۾ حقيقت نگاري، صداقت شاعري جو علم بردار بنايو.“
ڊاڪٽر اياز قادري موجب ”سانگي بنيادي طرح حسن و جمال جو شاعر آهي. هن جي قلم غزل کي جادو ۽ بلندي بخشي. هن غزل جي گلستان ۾ ايتري سخن سرائي ڪئي آهي. جنهن جيتري سنڌ جي ٻئي شاعر کان نه ٿي سگهي آهي.“
مير عبدالحسين سانگي جديد سنڌي غزل جو خالق آهي. هن فارسي غزل جي لوازمن کي سمجهيو، اُنهن تي عمل ڪيو، پوءِ غزل ۾ سنڌي روايتن، ترڪيبن ۽ فني لوازمن مطابق ”ڦير ڦار ڪري، نئين سنڌي طرز تهرير ٺاهي، اُن کي الڳ حيثيت ڏياري، جديد سنڌي غزل جي راهه روشن ڪئي. هن جديد سنڌي غزل کي سرجيو، سُڌاريو ۽ سنواريو سانگي غزلن ۾ زير اضافت جي ڪثرت سان استعمال کي روڪيو. هنج سنڌي اسلوب کي استعمال ڪري، پنهنجي سادي، سلوڻي، سنڌي لب و لهجي واري ”دارجا“ يا روز مرهه واري ٻولي استعمال ڪئي ۽ سنڌي غزل ۾ سلاست ۽ سُونهنءَ پيدا ڪئي.
تڏهن پرين سان تو پرت ڪئي سانگي،
محبت دل منهن جي ٿي پهڻ کان وڌيڪ.
سانگي غزل ۾ فارسي جي ترڪيبن ۽ اصطلاحن کي شامل ڪري، پنهنجي ٻوليءَ ۽ روايتن کي ڪو نه وساريو. هن تڪلف ۽ تصنع کي ڇڏي، سنڌي ٻوليءَ جو چست بندشون ۽ شوخ اصطلاح ۽ محاورا ڪم آڻي، پنهنجي ڪلام جي رونق، زينت ۽ جازبيت ۾ اضافو ڪيو.
بنيادي طرح غزل عشق ۽ حسن جي جذبن جو ترجمان آهي. سانگي پنهنجن غزلن ۾ عشق ۽ حسن کي اتاهه بلندين تائين پهچايو. نه صرف پاڻ سرخرو ٿيو پر غزل جي صنف کي به سرخرو ڪري ڇڏيو.
جي تون ڀانئين ته روح ٿئي راضي،
ماهه روئن جي مدح توائي ڪر.
سانگي غزل کي مجاز جو آئيندار بنايو ۽ نوان بجر باڪري غزل ۾ معنيٰ ڀريا موتي پکيڙي، سياسي، سماجي، اخلاقي، تصوف ۽ مزاج جي موضوئن کي اوچو درجو ڏياريو.
سانگي سنڌي غزل ۾ قديم سنڌي شاعري جو لب و لهجو ۽ اهڙيون ڪيئي روايتون قائم ڪري خوب رنگ ڄمايو آهي ۽ سنڌي غزل کي قديم ڪلاسيڪل شاعر جي اسلوب جي قريب آندو آهي.
جي سهڻو پاڻ سڏائي ويا، البيليون اکيون اٽڪائي ويا،
چپ چاشني دار چکائي ويا، سي سورن کي ته جاڳائي ويا،
اڃان هاڻ هتي ها يار پرين دلبند سڄڻ دلدار پرين،
غمخوار مٺا، منٺار پرين، جي پيچ پيارل پائي ويا.
پروفيسر ارجن شاد جي چوڻ مطابق ”سانگيءَ نج ڪافين جي رنگ ۾ غزل چيا آهن. پنهنجن غزلن ۾ سنڌي لوڪ ڪٿائن، اُن جي سورمين کي مثال طور ڪم آندو آهي.
نڪري ڀنڀور مان چيو سسئيءَ ٿي سوز مان،
ڪوهيا تنهنجي قرب وڌس ڪهسار ۾.
*-*-*
عمر ماڙين ۽ مالن تي پکا ڪي ڪر لڄائينديس،
ويڙهيچن کي وساري هت ويهي ڇا ور وڃائينديس؟
سانگي غزل ۾ ڪلاسيڪي موسيقي، اندر ٺاريندڙ اسلوب ۽ سنڌي روايتن کي ملائي، غزل جو هڪ نئون جهان جوڙيو آهي. سانگي جديد غزل جو شاهه نه پر شهنشاهه آهي. تغزل سناگي جي شاعري جي جان آهي. سوز و گداز ان جو سينگار آهي. تخيل، نازڪ ڪلامي ۽ دلچسپ طرز تحرير اُن جا لازمي جُز آهن. جمالپرستي جو جمال سانگي جي غزلن کي نمايان بنائي ٿو، چمڪائي ٿو ۽ انڊلٺ جي رنگن وارن ڌيان ڇڪائي ٿو.
مير عبدالحسين سانگيءَ جي شاعريءَ ۾ رومانويت جا رنگ صاف صاف نظر اچن ٿا. رومانويت هڪ ابدي تحريڪ آهي جيڪا انگلينڊ ۾ رائج 18 صدي جي جُڙتو ڪلاسيڪي (Neo Classical) شاعري جي پابندين جي خلاف هڪ انقلاب جي صورت ۾ اُڀري، رومانويت جا نمايان پهلو آهن. قدرت ڏانهن واپسي عوامي تحرير طرز ، تخيل جو استعمال، قديم ثقافت سان وابستدگي، انقلابي رنگ، ماڻهو ۽ هن جي عظمت جو اعلان وغيره.
سانگي سفر ۽ شڪار لاءِ ڀٽ شاهه، مهراڻ جي ڪيٽي، گنجي ٽڪر، کير ٿر جبل ۽ ٿر جي قدرتي نظارن جو دل کولي ديدار ڪيو ۽ اُنهن کي چٽائي، صفائي، ۽ نفاست سان چٽي نه صرف پاڻ سرور حاصل ڪيو پر پڙهدنڙن جي لاءِ لطافت ۽ چاهه جا در کولي اُنهن کي به مسرور ڪيو. اهي بظاهر هن جي يادگيرين ۽ تجربن جا اولڙا آهن، هن جو جيون -سرمايو آهن.
شاهد گل ٿيو آهي رونق فزا،
چار سو بلبل جا آهن چهچٽا،
صحن چمن ۾ پيون آهن اشرفيون،
آهي سخاوت ڪئي باغ سخا.
سانگي فطرت جا حسين ۽ دلفريب نظارا چٽي، ماڻهو ۽ قدرت کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻي، زندگيءَ کي سينگاريو آهي ۽ انساني اُمنگن کي سنواريو آهي.
مير عبدالحسين سناگي ڌرتيءَ جو شاعر آهي. هن ڌرتي ڄاون هارين نارين، پنوهارن، سنگهارن جي عظمت کي خوب ساراهيو آهي. هن اُنهن جي پورهئي جا گيت ڳائي، اُنهن کي سلام پيش ڪيو آهي.
سدا منهنجا مارو مٺا منجهه ملير،
پپن ۽ گولاڙن مان ماڻن مرا،
للر لس مريڙو آهي ملڪ ۾،
منگها موڪ، مينهن آهن پٽ ڀريا،
سانگيءَ سادن سادن خيالن کي راز ۽ مرز سان پيش ڪري ڪمال ڪري ڏيکاريو آهي.
حسن جي ٿي فوج تي چڙهائي،
ويا خاڪ ٿي خاندان ڪهڙا ڪهڙا،
ادا حضرت عشق جي نوڪري ۾،
ڏنا سون ڏکيا امتحان ڪهڙا ڪهڙا.
سانگي جي عبارت عام فهم ۽ عوامي آهي، جنهن ۾ بيساختگي رواني ۽ سنگيت ڀريل آهي.
هتي دردن جا ته دڪان هئا،
هت سورن جا ته سامان هئا،
وڏا شوخن جا هت شان هئا،
سي هاڻي ماڳ مٽائي ويا.
[b]سانگي جي شاعري جا اهم نقطا
[/b](1) سانگي پهريون سنڌي شاعر آهي، جنهن ڌارين جي غلامي خلاف آواز اُٿاريو ۽ انهن جي ڏاڍاين کي کلي طرح ننديو ۽ انهن جي غلط ڪمن جي خلاف لکندو رهيو. ڌارين جي زيادتين جي ڪري وطن جو امن برباد ٿي ويو ۽ معاشرت تباهه ٿي ويئي. پنهنجا پراوا ٿي ويا ۽ يگانا بيگانا ٿي ويا
پراڻا خاندان جي هئا سي ٿي پيا پورا،
زماني ڏس آهن نون خانن جا خانا ڪيا،
اڳي جي ناتوان هئا، سي زماني ڪيا توانا پر،
توانا جي، اصل هئا، سي زماني ناتوانا ڪيا.
(2) مير عبدالحسين سانگي کي پنهنجي ثقافت سان بي انتها پيار آهي. هن ثقافتي رنگن ۽ ثقافتي ڪهاڻين جي ذريعي ثقافتي رنگن ۽ رواين کي بيان ڪري، قديم سنڌي ثقافت کي اجاڳر ڪيو آهي. هن مارئي، سسي ۽ مومل جي ڪردارن جي ذريعي سنڌي ثقافت کي پيش ڪري، ماضيءَ سان ناتو نڀايو آهي.
هتي جي کاڄ کان تنهنجا ته مر کامي مران تنهن کان،
وڃي ٿر ٿاڪ تورن جي کٽا ۽ کير کائينديس.
*-*-*
مومل کي راڻي ٿي چيو ملنداسون ڪنهن مهل،
قسمت جو مهري جي وري آيو مُهار ۾.
(3) سانگي شاعري ۾ تخيل ۽ نازڪ خياليءَ کي پيش ڪري شاعريءَ کي اعليٰ اوج تي پهچايو آهي.
واچوڙي وانگر ڦرندو رهان روز شب،
آهيان ڪڏهن زمين تي، ڪڏهن آسمان تي.
*-*-*
جي ڪريان واهه، نڪري آهه اچي،
قلب ۾ منهنجي ڪو ٻيو ڪري ڪٽ.
*-*-*
تنهنجي ڪاڪل تان ڪريان قربان کٿوري جا کَرا،
عين آهي جو، اي جاني، تنهنجي نيڻن تان نثار.
(4) مير عبدالحسين سانگيءَ جي شاعري ۾ رومانويت جو هر عنصر موجود آهي جيڪو هن کي سنڌي شاعري جو سونهارو سرجڻهار بنائي ٿو.
مير عبدالحسين سانگيءَ جي ڪلام ۾ جديديت (Modernism) جا آثار نظر اچن ٿا، جيڪي ڌيان ڇڪائي رهيا آهن. جديديت فن، فن تعميرات ۽ ادب جي هڪ اثرائتي تحريڪ آهي، جيڪا 1887ع ۾ پئرس ۽ جرمنَي ۾ نموندار ٿي. هي تحريڪ جديد خيالن، جديد طور طريقو ۽ جديد طرز تحرير تي خاص زور ڏئي ٿي. هي تحريڪ روائتي خيالن ۽ روائتي طور طريقن بجاءِ جديد خيالن ۽ جديد طور طريقن تي وڌيڪ ڏيان ڏيئي ٿي. هن تحريڪ جا نمايان پهلو آهن. (1)نوان خيال، نوان طور طريقا ۽ نئون اسلوب، (2) ثقاتي رستن سان وفاداري، (3) پنهنجي ٻوليءَ سان پيار ۽ عقيدت، (4) عام ماڻهن سان بي انتها پيار، (5) انهن جي مسئلن کي سلجهائڻ لاءِ جتن ڪرڻ ۽ (6) سچ جي هر حالت ۾ ترجماني ڪرڻ.
[b]سانگي :ھڪ اعليٰ شخصيت
[/b]مير عبدالحسين سانگي هڪ پروقار ۽ بيباڪ شخص هو. هن کي سچ سان عقيدت هئي ۽ سچ کي شوخي ۽ بيباڪي سان ظاهر ڪرڻ جو ڏانءُ به هو. هو شهزادو شاعر هو. هو انگريزن جي زير اثر رهيو، پر هو نڪو ڪو ڊنو ۽ نه وري ڇرڪيو. هو بنان ڊپ ڊاءُ جي پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندو هو. هو انگريزن جي غلط ڪمن کي ننديندو به هو. اُنهن کي شرمندو به ڪندو هو ۽ خوار به ڪندو هو.
ڪڏهن ڪين ڪنهن جي پرواهه ڪري سو،
ڪيا رنگ ٿي آسمان ڪهڙا ڪهڙا.
سانگي سنڌ واسين کي جاڳائي چوي ٿو ته هو سنڌ جو اولاد آهن. سنڌ جا آزاد شهري آهن. انهي جي زندگي انهن جي پنهنجي آهي. اُنهن کي ڌرتي سان نينهن نڀائڻو آهي. انهن کي پنهنجي لوليءَ جهڙي مٺڙي، سادي، سلوڻي ۽ عام فهم ٻوليءَ جي ذريعي هڪ ٻئي جي قريب آڻي، خودداري ۽ خود اعتماديءَ سان جڳ کي جيتڻو آهي.
ڪڙن سان ڪجن مر ڪڙائي جون ڳالهيون،
مٺن سان ڪجن پر مٺائي جون ڳالهيون،
مناسب نه آهي متان جي ڪندين تون،
وفادار سان بي وفائي جون ڳالهيون.
هي خيال خديديت جي نظريئي مطابق پيو لڳي. خديديت منفرد انداز جي هڪ انفرادي تحريڪ آهي. انسان پنهنجي وطن، يارن، مال، پيداوار وغيره کي ياد ڪري پاڻ کي خوشنصيب پيو سمجهندو آهي.
ٿيون اڄ ڳنڍيرن ۾ آهن ڳنڍيون،
سُڪا جي ها وڻ سي به ساوا ٿيا،
آهي ڏٿ ڏوٿين جي پاسي پڪو،
ٿيو سائو، سيارج ۽ مکڻي صفا.
سانگي هڪ انفراديت پسند شاعر آهي. هن مختلف صنفن کي پاڻ ۾ ملائي، نوان رس ۽ رنگ ڀري خوب موج مچائي آهي. هن بيت، ڪافي ۽ غزل کي پاڻ ۾ جوڙي نظم جو وايو منڊل پيدا ڪيو آهي. اِها ادبي رمز ظاهر ڪري ٿي ته هو اعليٰ درجي جو تخليقار انسان آهي. هن جي شاعري جي ٻولي عام فهم آهي. انهي ۾ نه ڪا ڏکيائي آهي، نه ڪا ڳجهارت آهي ۽ نه وري مونجهه ۽ مونجهارو آهي. هن جي ٻولي عام فهم آهي جيڪا قرب پيدا ڪري ٿي ۽ ويڇا ختم ڪري ٿي.
نه دشمن دشمنن جا ۽ نه ٿياسين خار يارن جا،
آهيون بيواسطه ٿيا ٻار پنهنجن ۾ پراون ۾.
سانگي کليل دل ۽ کليل دماغ وارو البيلو انسان آهي هو پيار جو نو لکو هار سانگي جي شاعري جون خوبيون آهي.
دل گرفتار ڪرڻ لاءِ اسان جي آهي،
سانگي سينگار ڪيو، ڪنهن ڪيو، دلدار ڪيو.
سانگي مخاطب ٿيئڻ وارن غير مناسب، غير مانوس ۽ مدي خارج طور طريقن کي تبديل ڪري، ماڻهن کي قدرت جي هنج ۾ آندو، محبوب کي مڍا، مٺڙا، منٺار، پرين، يار، دلدار، سهڻا، سڄڻ، وغيره جي مٺڙن ۽ من موهيندڙ لفظن سان پڪاري، سڄي ماحول کي پنهنجو بنائي، پنهنجائپ جو راڄ قائم ڪيو.
هن پنهنجائپ سان پُر ماحول ۾ يارن جي ڏندن، چپن ۽ وارن کي ساراهي، سانگي نئين طرز تحرير کي رائج ڪري جدت ۽ جاذبيت جو خوب مظاهرو ڪيو آهي.
تنهنجا سهڻا آهن ڏند پرين، سي ڏند آهن دلبند پرين،
تنهنجا لب شيرين از قند، سندء، ڪارا وار ڪمند پرين،
جن سان عاشق ٿيا پيوند پرين، انهي ننڊ ۾ سي خرمند پرين،
وڌا فڪر ۾ تنهنجي ڦبد پرين، تنهنجا عاشق آرزو مند پرين.
انهن بندن ۾ هڪ رس، لوڪ ادب، نون لفطن جي جڙت، تجنيس هرفي، موسيقي، رواني، اعليٰ عبارت ۽ سنڌ جي سونهن جو هر رنگ، هر روپ جرڪندي نظر پيو اچي.
اسان جي جديد سنڌي شاعرن ۽ اديبن جديديت ۾ سچ، سونهن، سرهاڻ، سنڌ جي تاريخ، سنڌ جي ريتن ۽ روايتن، سنڌ جي لوڪ ڪهاڻين، لوڪ موسيقي، قدرتي نظارن، سنڌين جي اورچائي، پورهئي سان پريت، سنڌي ماڻهن جي احساسن ۽ ويچارن، انهن جي جاکوڙ، انقلابي سوچ، ۽ مٺڙن ماڻهن جي مٺڙي ٻولي، اصطلاحن، محاورن ۽ استعارن سان سينگاري هڪ نئين سنڌي تحريڪ ”سنڌيت“ کي جنم ڏنو آهي. اها تهريڪ روان ۽ دوان آهي.
[b]مير عبدالحسين سانگي جي شاعري جون خوبيون:
[/b](1). هن جي شاعري جي پهرين خوبي آهي. حسن پرستي ۽ عشق بازي جو کليو کلايو اظهار. بيان ”سنڌي ادب تاريخ“ جو ليکڪ محمد صديق ميمڻ لکي ٿو ته ”آخوند قاسم پنهنجي ڪلام ۾ پاڻ کي ڳڀرو برست ثابت ڪيو آهي ۽ سانگي پاڻ کي زنانه حسن جو ثنا خوان ثابت ڪيو آهي.“ سانگي پاڻ کي عاشق مزاج سمجهي ٿو ۽ چوي ٿو ته اسان عشق کي مشهور ڪيو آهي ۽ جڳ ۾ عشق بازي جو رواج قائم ڪيو آهي.
سانگي پيدائشي طور هڪ عاشق آهي ۽ حسن جو پوڄاري آهي. هن جو عشق مجازي آهي، پر صاف ۽ پاڪ آهي هن جو عشق هڪ تخليقڪار جيان نوان جهان جوڙي ٿو ۽ نوان جلوا پکيڙي ٿو. سانگي عاشق ۽ معشوق کي ملائي هڪ ڪري ڇڏي ٿو. زندگيءَ کي گلزار بنائي ڇڏي ٿو. اهڙو عشق زندگيءَ جي لاءِ آهي، ماڻهن جي لاءِ آهي، انهن جي خوشحاليءَ جي لاءِ آهي.
اسان جو عشق عالمگير هاڻي پير ٿيو آهي،
ڏسي مون کي سو سهڻو صورت تصوير ٿيو آهي.
اهڙي عشق کي وسارڻ ممڪن ڪونهي.
اسان جي عشق جون ڳالهيون ادا ڳوٺن ۾ ڳائيندا.
(2) سانگيءَ جي شاعري جي ٻئي خوبي آهي فطرت نگاري ۽ قدرت جي حسين نظارن جي منظر ڪشي. سانگي قدرتي نظارن جو عاشق هو. هو سچائي سان انهن جو ديدار ڪندو هو. اکين کي ٺاريندو هو، روح کي ريجهائيندو هو ۽ انهن ۾ انساني يادگرين جا حسين لمحا ڀري، انهن کي خوبصورتي سان پڙهندڙن اڳيان پيش ڪري، آنند ورهائيندو هو. هن ٿر جي نظارن جو ذڪر ائين ڪيو آهي، جيئن ٿر ڄائي مارئي جي ترجماني ڪندو هجي.
ڏسڻ ۾ اچن اڄ ٿا ڪارا ڪڪر،
اُڀرندي ڏي آهن وڄن ور وڌا،
سڪارن ٿي سدا ٿر جي ٿڌڪار کي،
ڀٽي تي لڳي ڇا ٿي باد صبا.
سانگي جا قدرتي منظر سون روپا آهن جيڪي من کي لڀائن ٿا، گرمائن ٿا، ڀرمائن ٿا.
(3) سانگي جي ڪلام جي ٽئين خوبي آهي شاهه لطف وانگر ديس جي ريتن، روايتن ۽ ڪارگُذارين کي سانڍي رکڻ جي صلاحت ۽ انهن جو اظاهر ڪري پڙهندڙن کي مسرور ڪرڻ سانگي به سنڌ جي روايتن کي پنهنجي ڪلام ۾ شامل ڪري، خوشيون ورهائي خوش ٿئي ٿو:
سلف کان در خلف عمدا ٽڙيا گل باغ هستي ۾،
پراڻن کان نوان آباد اي گل هاڻ ٿيا هالا.
لاڙ جاڙي چاشني کان چڱا،
ٿيا پچائي چانورن جا چلا.
[b]ادبي ڪارناما:
[/b]مير عبدالحسين سانگي ڪيترائي ادبي ڪارناما سرانجام ڏنا آهن.
(1) سانگي پهريون سنڌي شاعر آهي جنهن جديد سنڌي غزل کي سرجيو ۽ اُن جي لاءِ نج سنڌي طرز تحرير جوڙي. سانگي وڏا وڏا تجربا ڪري فارسي غزل جي لوازمن منجهان نوان سنڌي لوازما گهڙي، جديد سنڌ غزل جي راهه هموار ڪئي.
گُلبدن يار مون وٽ آيو آهي،
دل کي باغ و بهار ڇو نه ڪجي.
(2) سانگي پنهنجي ڪلام ۾ گهڻا انگريزي لفظ استعمال ڪري، سنڌي شاعري جي ٻول مالها (Poetic Diction) ۾ وڏو اضافو ڪيو آهي. سانگي پنهنجي ڪلام ۾ هي انگرزي لفظ ڪم آندا آهن: سمن، ڪميشن، مئجسٽرٽ، ڪورٽ، گورنر، ڪمشنر، ڪليڪٽر، چيمبر، آفيسر، رجسٽرار، گلاس، گئس، آفيس وغيره.
مٺن ماڻهن جي ابروءَ جو اشارو،
سو سانگيءَ لاءِ سرڪاري سمن آهه.
مئجسٽريٽ عشق جي ڪورٽ ۾ حڪم ڪيو،
اغيار باوقار رهي يار بي وقار.
(3) مير عبدالحسين قصيدا گوئي جو ماهر شاعر آهي، هن گهڻائي قصيده تحرير ڪيا، جيڪي ٽڙيل پکڙيل آهن. سانگي ساراهه ڪرڻ جي فن جو وڏو ماهر هو. هن پنهنجن همعصر شاعرن کي يڪجاءِ ياد ڪري انهن کي داد سخن پيش ڪرڻ جي لاءِ نئون ”داد سخن“ جو طريقڪار ايجاد ڪيو.
(4) سنڌي لوڪ شاعرن ڪيترائي ۽ ڪيترن ئي قسمن جا منظوم خط جوڙيا جيڪي عوام ۾ ڏاڍا مشهور آهن. سانگيءَ به فارسي ۽ سنڌي ۾ منظوم خط تحرير ڪري، اُنهن کي ادبي درجو ڏياريو. سانگي جي هڪ منظوم سنڌي خط جو نمونو پيش ڪجي ٿو.
(خط بطرف مير محمد مراد خان خيرپور)
نامور مير محمد خان امير نامدار،
تنهنجو حامي ۽ حمايت هوءِ سدا پروردگار،
موڪليل مڪتوب نظمي جي ڏسڻ سان شاد ٿيس،
بلڪ جنهن تنهن ٿي ڏٺو سو ٿي پيو باغ و بهار.
[b]سانگي جي عبارت
[/b]عبارت ڪنهن شاعر يا اديب جي شخصيت جي آئنيدار هوندي آهي. سانگي هڪ پرورقار، بيباڪ، همدرد ۽ يارن جو يار هو، انهي ڪري هن جي عبارت ۾ خودمختاري، بيباڪي، همدردي ۽ دوستيءَ جا عناصر جهلڪندي نظر اچن ٿا. هن جي عبارت ۾ سادگي آهي، نفاست آهي، دوستانه خلوص آهي ۽ سڀ کان اول بيباڪ پڻ آهي.
سانگي سنڌي ٻولي کي نج ادبي درجو ڏيارڻ لاءِ ڏاڍا جتن ڪيا. سنڌي صورتخطي ٺهڻ کان پوءِ هن ڏاڍي جاکوڙ ڪئي. بقول ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ”سانگي سنڌي غزل کي خالص سنڌي ماحول ۾ چمڪائڻ، خالص سنڌي لفظن ۽ خالص سنڌي محاورن ۽ عام فهم ٻولي سان سينگارڻ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي اسلوب بيان ۾ ادا ڪرڻ جي راهه روشن ڪئي.
سانگي سير ۽ شڪار جي لاءِ مختلف علائقن جهڙوڪ گنجي ٽڪر، ڀٽ شاهه، کير ٿر جبل ۽ ٿر جي ماحول کي پرکيو، اُتي جي ماڻهن، اُتي جي ٻولين، لفظن، محاورن تشبيهن جي استعمال جو مطالعو ڪري، اُنهن کي پنهنجي ڪلام ۾ ڪتب آڻي، خالص طرز سنڌي جو بنياد وڌو.
سانگي طرز سنڌي جي آبياري جي لاءِ نج سنڌي لفظن، اصطلاحن، محاورن، مثالن ۽ اسلوب بيان کي طرز سُڌي جو لازمي جزو قرار ڏنو. سانگءَ جو وڏو ڪارنامو هي آهي ته هن فارسي اصطلاحن ۽ ترڪيبن کي سنڌي ماحول ۽ سنڌي اصطلاحن، محاورن ۾ هم آهنگي پيدا ڪري هن نئين طرز تحرير جو نمونو تيار ڪيو.
سانگي فارسي زبان جي بدران روز مرهه واري ”دار جا“ (عوام جي لب ولهجي واري عام رائج ٻولي) کي اختيار ڪيو ۽ اُن کي پنهنجي شاعري جو ذريعو بنايو نه فقط سانگيءَ انهي روز مرهه جي گفتگوءَ واري سنڌي زبان کي ۽ اُن جي مٺڙن، سلوڻن ۽ پيارن محاورن، چست ترڪيبن کي پنهنجي شعر جو ذريعو بنايو. هن پڙهيلن واري فارسي زبان کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي. هن فارسي لوازمن کي پڻ دارجا سنڌي جي اثر هيٺ آندو.
انگريزي حڪومت جي قائم ڪيل کاتن ۾ انگريزي ٻولي جو استعمال عام جام هو. اڌ پڙهيل ماڻهو به اڪثر ڳالهائڻ ۾ انگريزي لفظ استعمال ڪري خوش ٿيندا هئا. سانگيءَ به پنهنجي شاعري ۾ انگريزي لفظ ڪم آڻي، انگريزن ۽ انگريزي ٻوليءَ جو مذاق اُڏايو آهي.
عاشق جي ته آهه لاءِ رقيب،
هينري مارٽن جي ته تفنگ.
*-*-*
بيغ زبان سان ٿو وٺان صليم نظم جو،
لفٽيننٽ آءُ، ميجر ۽ آءُ ڪمانڊر.
سانگيءَ جي طرز ادا دلڪش، لذيذ ۽ شيرين آهي. هن فارسي محاورن ۽ لفظن کي اهڙي ته نزاڪت سان سنڌي لفظن ۽ محاورن سان ملايو آهي جو هڪ جدا طرز بيان بنجي ويئي آهي.
کڻي بازي زمين ويئي، آسمان کان حسن بازي ۾،
نه مٽ تنهنجو مٺاڪو ٿيو ۽ ڪروڙين جي قمر نڪتا.
*-*-*
نه خلقيو خدا حسن جهڙوڪو ٻيو ڪو نه آهي،
اُهي آهي سانگيءَ صداقت جو بحث.
تشبيهون ۽ محاورا ڪلام جي رونق ۽ جاذبيت کي وڌائن ٿا، لطافت کي ورهائن ٿا ۽ آنند کي ميسر ڪري ڏين ٿا. تشبيهون ۽ محاورا نوان اشارن ۽ نون معنائن سان طرز تحرير کي خوبصورتي، توانائي ۽ رعنائي بخشن ٿا. سانگيءَ جون تشبيهون عام آهن، پر حقيقت ۾ اُهي بي بها موتي آهن جيڪي پڙهندڙن کي لڀائن ٿا.
زلف ڇوڙي چيو سڄڻ سهڻي،
نانگ آهن هي ته وارن جا.
*-*-*
سانگي ميون کان ۽ مٺاين کان،
لب شبرين شوح بار لذيذ.
*-*-*
سينڌ تي تيئن جبل جي آهه گاهه،
جيئن سهڻن جي آهن سينڌ تي وار.
ميرعبدالحسين سانگيءِ جو ڪلام جديد سنڌي شاعرن جي ۽ تيئن سج جو نئون ترو رو آهي، جيڪو سنڌي شاعري ۽ ادب کي روشن ڪندو. بيشڪ سانگيءَ جي شاعري سنڌ واسين جي لاءِ هڪ انمول تحفو آهي.
مير عبدالحسين سانگي سنڌي ادب، جي تاريخ ۾ نمايان اهميت راکڻ وارو هڪ شاعر ، هڪ نثر نگار ۽ هڪ محقق آهي. هن سنڌي شاعري نثر کي خوب چمڪايو. سنڌي ادب ۾ وڏي حيثيت جو مالڪ بنيو. هن جو تنقيدي ڪتاب لطيفي تنقيد جي ميدان ۾ وڏي اهميت رکي ٿو.
سانگيءَ جي شاعري هن جي شخصيت ڄاڻ ، مطالعي ۽ مشاهدي جو نادر نمونو آهي، انمول آئينو آهي، هن جي شاعري ۾ سنڌي ڪلاسيڪل موضوع، تصوف، پيار سنڌي روايتن ، وطن جي محبت ، ثقافتي روايتن سان عشق نظر اچي ٿو. هن جي شاعري ۾ قديم صفن جهڙوڪ بيت، ڪافي ،حمد، نعت، مدح مناجات جا سڀ رنگ موج مچايو ۽ رنگ ڄمايو نظر اچن ٿا. هن جي شاعري ۾ ڪلاسيڪل رنگن جي وڏي اهميت آهي، جن هن جي شاعري ۾ نوان رنگ ڀري، نوان نياپا سرجي ، نوان تاثر نروار ڪيا آهن .
سانگي هڪ وڏو تجربا ڪندڙ (Experimentalist) شاعر هو، شروع ۾ ملڪ ۾ رائج فارسي شاعري جي لوازمن لفظن، اصطلاحن، محاورن ۽ ترڪيبن مطابق شاعري ڪئي. پوءِ سنڌي ماڻهن جي مزاج مطابق اُن ۾ تبديليون آڻي نج سنڌي لفظ، استعارا، محاورا ۽ ترڪيبون ڪم آڻي غزل کي نج سنڌي غزل بنايو ۽ اُن جي استعمال لاءِ سنڌي عبارت جوڙي راس ڪئي.
سانگي تمام گهڻن موضوعن تي شاعري ڪئي ۽ هن جي شاعري ۾ گهڻ قديم ۽ جديد تحريڪن جا آثار نظر اچي رهيا آهن. اِهي اثرات مستقبل طرف اشارو ڪري رهيا آهن. سانگي سنڌي شاعري ۽ نثر جو شهزادو.تخليقڪار ۽ وڏو محقق آهي. سيد حسام الدين جي راءِ وزندار آهي ته ”سنڌي غزل ۾ هن کان (سانگي کان) وڌيڪ ڪو به شاعر نه ٿيو.“
سانگي جي شاعري سندس شخصيت جو چٽو چٽو عڪس آهي. انهيءَ ۾ عشق، سونهن، سچائي، جدت، نواڻ ۽ جديد سنڌ شاعرن لاءِ رهنمائي جو عنصر به موجود آهي. ننڍو توڙي وڏو، پڙهيل توڙي اڻ پڙهيل هن جي شاعري طرف انهيءَ ڪري ڇڪجي ٿو ڇاڪاڻ ته اُها معلومات سان ڀريل آهي. ڪٿي کير ٿر جبل، ڪٿي ٿر، ڪٿي مهراڻ جي ڪيٽي ڪٿي گنجي ٽڪر، ڪٿي برسات جا نظارا، ڪٿي جهنگلي جانورن، ڪٿي ماڻهن جا حال احوال نمايان نموني ۾ موجود آهن، اُهي اکڙين کي ٺارن ٿا ۽ روح کي ريجهائن ٿا ۽ ذهن کي جاڳائن ٿا. آس پاس جي مسئلن بابت آگاهي ڏيارن ٿا. اها آگاهي صلاحيت ۾ واڌارو ڪري ٿي ۽ مسئلن کي سمجهڻ ۽ سلجهائڻ جي سگهه کي سگهارو ڪري ٿي.
سانگي نه رڳو جديد سنڌي غزل جو خالق آهي پر طرز سنڌي جو به خالق آهي. اسان جي جديد سنڌي شاعري ۽ ادب هن جي خلقيل طرز سنڌي مان ڦٽي نڪتو آهي. جديد سنڌي شاعر ۽ اديب انهي طرز سنڌي کي اڳتي وڌائي رهيا آهن.
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جو اهو تنقيدي رويو داد لهي جڏهن هو چوي ٿو: ”سانگي جي شاعري علمي ۽ ذهني ڪارنامي جي بدران سندس جذبن ۽ محبت جو ثمر آهي.“ جيئن عشق ۽ جذبو قائم رهڻ وارا آهن، سانگيءَ جو ڪلام به قائم ۽ دائم رهندو.
مير عبدالحسين سانگي وڏي قدبُت وارو شاعر، نثر نگار ۽ نقاد آهي. هن سنڌي، سرائڪي، اردو ۽ فارسي ٻولين ۾ شاعري ڪئي آهي. هن جي ڪلام ۾ انيڪ موضوع آهن. هن شاعري جي بيشمار، ڪلاسيڪل، عروضي، لوڪ ادب جي صنفن ۾ شاعري ڪري وڏو ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي. شاعري، نثر نگاري ۽ تنقيد جي ميدان ۾ سانگيءَ سان برابري ڪرڻ وارو ڪو ٻيو ڪو نه ٿو سُجهي.
[b]مددي ڪتاب
[/b](1) ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ. ڪليات سانگي جو مقدمو.
(2) پروفيسر احسان بدوي. مير عبدالحسين سانگي.
(3) ڊاڪٽر اياز قادري. سنڌي غزل جي اوسر.
(4) محمد صديق ميمڻ. مير عبدالحسين خان سانگي. مضمون
(5) پروفيسر ارجن شاد. سنڌي غزل ۽ سانگي. مضمون
(6) شيخ عبدالرزاق راز. سنڌي غزل جو تجزيو.
(7) ڪريم بخش خالد. سانگي عظيم سخنور. مضمون
(8) مرزا فتح علي بيگ. سانگي جا اڻڇپيل منظوم خط. مضمون
(9) وقار راشدي. سانگي جي اُردو شاعري. مضمون
(10) مير خادم حسين خان. سانگي جي فارسي ڪلام ۾ زماني جي شڪايت (مضمون)
(11) پير حسام الدين راشدي. سنڌي ادب.
(12) ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو. سنڌي ادب جي مختصر تاريخ.
(13) ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ. سنڌي ادب جي مختصر تاريخ.