لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سنڌي ٻوليءَ جا سرجڻهار شاعر

سنڌي شاعريءَ جي مختلف دورن بابت لکيل تحقيقي مضمونن ۽ مقالن تي مشتمل هن ڪتاب جو ليکڪ پروفيسر سروپچندر شاد آهي. شاد صاحب مهاڳ ۾ لکي ٿو:
”مون پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جا سرجڻهار شاعر“ ۾ قاضي قادن کان شيخ اياز تائين جي زماني واري شاعري کي ارڙهن دور ۾ ورهايو آهي. مون تفصيل سان هر دور ۾ اڀرندڙ نقطن، مضمونن ۽ شاعرانه نمونن جو تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي.“

Title Cover of book Sindhi Boli'a ja Sarjenhaar Shair

شيخ مبارڪ اياز: ولادت: 2 مارچ 1923ع، وفات: 28 ڊسمبر 1997ع

[b]اديبن ۽ نقادن جا رايا
[/b]
(1) اياز نه رڳو هن صديءَ جو وڏو شاعر هو، پر صدين جو شاعر هو. جيئن اڍائي صديون گذرڻ کان پوءِ به ڀٽائي جي عظمت ۽ اهميت برقرار آهي، تيئن اياز ايندڙ صدين ۾ به زندهه رهندو، ڇو ته اياز ماضيءَ جو تسلسل، حال جو ترجمان ۽ مستقبل جو رهبر شاعر آهي.“
[b]تاج جويو. مان ورڻو هان، مان ورڻو هان
[/b]
(2) اڄوڪيءَ سنڌ جي پاڪ ڌرتيءَ تي، ادب ۽ فن جي ميدان ۾، سچ ۽ ڪوڙ جي هن دنيا ۾ دشمن جا سڀئي وار اياز وڌي وڌي پاڻ ڏانهن موڙيا ۽ پنهنجي اڪيلي سِر تي سَٺا. اسان جا سمورا ساٿي خود اُهي جيڪي بنهه مُهڙ ۾ هئا سي سڀئي دشمن جي مورچن منجهان ڇُٽل تيرن کان گهڻي قدر محفوظ رهيا، ڇاڪاڻ جو اياز سندن تيرن آڏو پڻ پنهنجو سينو سپر بنائي بيٺو.
[b]محمد ابراهيم جويو. سورج مکي سجهه جو ماڳ
[/b]
(3) شيخ اياز سچ پچ سنڌين جو لوڪپر ۾ (محبوب ترين) لاڏلو مها ڪوي (عظيم شاعر) هو. هن نه رڳو جديد سنڌي ڪوتا (شاعري) جي فن ۽ فڪر کي ڳائي اوج ڏني، پر نثر کي به شاعراڻي رواني ۽ ڪلپنا سان دلڪش ۽ دلچسپ بڻايو. هو پڪا 80 سال سنڌي ڪويتا تي ڇانيل رهيو ۽ 50 کن ڪتاب لکيائين. جن مان تمام گهڻا شعري مجموعا آهن.
[b]اي.جي. اُتم آڪاش کان وڏو ڌرتي جو شاعر جو مضمون
[/b]
(4) شروع کان ئي شيخ اياز بابت گهڻو ڪجهه ٻڌو هئم جنهن ۾ دهريو، ناٽڪ ۽ غدار جا لقب القاب پيش پيش هئا. ڏينهن پڄاڻا اياز جي ڪنهن وائي جي سٽ نظرن مان گذري، ”ڀون نه آئي ڀانءَ آهه مان اُڏري ويندو سانءِ“ ان وائي ۾ الائي ڪهڙو ڏوراپو هو. ڪا ميار هئي ڪو پنهنجائپ ڀريو سهاپو هو جنهن جيءَ کي جهونجاري ڇڏيو.“
[b]مهتاب محبوب. رڻ تي رم جهم مضمون
[/b]
(5) هو هن صدي جو سرواڻ شاعر آهي. هن سنڌي زبان کي لفظن جو وڏو ذخيرو ڏنو آهي. هن پنهنجي ڪلام ۽ ترنم ۽ شعريت کي قائم رکيو آهي، اهي عظمت جا نشان آهن. هو سنڌي شاعري ۾ ڪيترين صنفن جو موجد آهي. جنهن کي سنڌي ادب جي تاريخ وساري نه سگهندي ائين چئجي ته هو هن دور جو وڏي ۾ وڏو شاعر آهي.
[b]شيخ عبدالرزاق راز. سانگي ڪي سارايام
[/b]
(6) اياز جي شاعري جو ٿڌي دل سان مطالعو ڪجي ته محسوس ٿيندو ته تاريخ ڳالهائي رهي آهي، ڪو لمحو، ڪو قدر، ڪا حقيقت وقت جي ڌٻڻ ۾ دفن ٿي فنا نه ٿيندي، پر هڪ ابدي زندگي جي خواب جي طرح اُن طرف ڏسي رهي آهي ۽ شيخ اياز اُنهي کي نون لفظن، نون روپن ۽ نوَن شڪلين ۾ ايار ڪندو پيو وڃي ۽ اُنهي کي پنهنجي زماني جي اڳيان کنيو پيو وڃي.
[b]حمايت علي شاعر. شيخ اياز (اردو)
[/b]
[b]جنم[/b]:
شيخ اياز جديد سنڌي شاعري جو عظيم شاعر آهي. هن جو جنم 2 مارچ 1923ع ۾ شڪارپور سنڌ ۾ ٿيو. هن جو اصل نالو مبارڪ هو هن جي ذات شيخ هئي ۽ هن جو تخلص اياز هو. شيخ اياز جو تعلق شيخ گهراڻي جي شاهوڪار ماڻهن سان هو. ننڍي هوندي کان ئي هو لاڏ ڪوڏ سان پليو. هن جي دوستي هندو ٻارن سان تمام گهڻي هئي.

[b]تعليم:
[/b]شيخ اياز جا مائٽ پڙهيل لکيل هئا ۽ اُنهن شيخ اياز جي پڙهائي جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي. هو ننڍي هوندي کان ئي ذهين ۽ فرمانبردار شاگرد هو. هن پنهنجي پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم شڪارپور مان حاصل ڪئي ۽ بي.اي. جو امتحان به شڪارپور مان پاس ڪري وڏو مان پرايو شهر جا نوجوان هن کي پسند ڪندا هئا ۽ هن جي سٺي صورت ۽ سيرت جي ساراهه ڪندا رهندا هئا. هو شهر جو هڪ پيارو هوشيار ۽ دل پسند شاگرد هو. هو تقريري مقابلن ۾ حصو وٺندو هو ۽ انعام ۾ حاصل ڪندو هو.

[b]وڪالت جي تياري:
[/b]شيخ اياز وڪالت جي تياري جي لاءِ ڊي.جي. سنڌ ڪاليج ۾ داخلا ورتي ۽ هن کي به مٺارام هاسٽل ۾ داخلا ملي جتي اڳئي سنڌ جا ڪيترائي قابل ۽ هوصلي مند نوجوان شاگرد رهندا هئا. جهڙوڪ شيخ عبدالرزاق راز، سوڀو گيانچنداڻي، گووند مالهي، هري دلگير وغيره هئا. شيخ اياز ماٺيڻي ۽ خوددار طبيعت جو مالڪ هو. هو ساٿين سان ڪڏهن ڪڏهن ملندو رهندو هو ۽ ڳالهائيندو به ٿورو هو. هو ياري دوستي جو قائل ڪو نه هوندو هو، هو ڪنهن جي به ڪمري ۾ نه و يندو هو ۽ ٻيا دوست هن سان ڳالهائڻ لاءِ هن جي ڪمري ۾ ايندا هئا. اُتي ادب ۽ شاعري تي بحث مباحثا ٿيندا هئا. شيخ اياز اُنهن مباحثن ۾ حصو وٺندو هو، ساٿين کي به پنهنجن خيالن کان ڏاڍو متاثر ڪندو هو. سڄي ڪراچي ۾ جديد ادب تي مباحثا ٿيندا هئا. مضمونن جا مقابلا ٿيندا هئا، اُنهن ۾ اُهي سڀ نوجوان سنڌي ادب ۽ شاعر حصو وٺندا هئا ۽ خوب پرائيندا هئا. شيخ اياز جدت جو قائل هو. ڪميوسٽ ادب کي پسند ڪندو هو ۽ ٻين ٻولين جي ادب کي به پڙهي پنهنجي علم ۾ واڌارو آڻيندو هو. شيخ اياز اُن وقت گورڪي، نذر الاسلام، خليل جبران ۽ اردو جي شاعرن ۾ فيض، راشد، ميرا جي کي پڙهيو ۽ پنهنجي ذهن کي وڏي وسعت ڏني. اُن جي سوچ ۾ وڏو ڦيرو آيو ۽ هو جديد دنيا جي رنگن ۾ رنگجي ويو. انهي کان پوءِ شيخ اياز ميٺارام هاسٽل ڇڏي جناح ڪورٽس ۾ رهڻ شروع ڪيو. اُن اُتي ايل.ايل.بي. جو امتحان پاس ڪرڻ لاءِ سخت محنت ڪرڻ شروع ڪئي ۽ ڪاميابي سان ايل.ايل.بي. جو امتحان پاس ڪري موٽي آيو ۽ اُتي وڪالت شروع ڪيائين.

[b]وڪيل جي حيثيت ۾:
[/b]شيخ اياز وڪيل جي حيثيت ۾ ڪڏهن ڪڏهن هو شڪارپور ۾ ڪم ڪندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن وري ڪراچي ۾ سُٺي شڪل روب دار ٻولي ۽ سُٺي بحث مباحثي کان پوءِ هو ججن کي قائل ڪري ڇڏيندو هو ۽ ڪيس کٽي ويندو هو. هو ڪراچي ۽ شڪارپور ۾ مشهور وڪيل ٿي ويو. هو هر قسم جي ڪيسن ۾ همت ۽ حوصلي سان حصو وٺندو هو ۽ ڏکيا ڏکيا ڪيس کٽي داد حاصل ڪندو هو. اُن وڪالات ۾ ڪافي ڪمايو ۽ ڪافي شهرت حاصل ڪئي.

[b]سنڌ يونيورسٽي جو وي.سي.
[/b]ڪجهه وقت جي لاءِ شيخ اياز ۽ ذوالفقار علي ڀٽو جيل ۾ هڪ ئي ڪمري ۾ گڏ رهيا. شيخ اياز جي اُٿڻ ويهڻ ۽ هن جي شاعري ذوالفقار علي ڀُٽي کي ڏاڍو متاثر ڪيو. جيل مان ڇُٽڻ کان پوءِ جڏهن هو پاڪستان جو وزير اعظم ٿيو. اُن شيخ اياز کي سنڌ يونيورسٽي جو وائس چانسلر بڻايو. اُها ڳالهه سنڌ جي استادن ۽ پروفيسرن کي نه وڻي. سنڌي ادب جي اسلامي تحريڪ جي ليکڪن شيخ اياز جي خلاف وڏو گوڙ مچايو، پر جنهن کي ذوالفقار علي ڀُٽو چاهي اُن کي ڪير ٿو هٽائي سگهي. شيخ اياز باقائدگي سان هن عهدي تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. هن جلد ئي وڏي تعداد ۾ عورتن ۽ مردن کي پروفيسر طور نوڪري ڏني. پروفيسرن محنت سان ڪم ڪري پاڻ کي خوب مڃايو. وائس چانسلر جي آفيس جو ڪم ۽ اُن جا طريقا غير معمولي هئا. هن جي آفيس ۾ هر وقت رونق لڳي رهندي هئي ۽ عام ماڻهو شيخ اياز سنڌ جي اسلامي اديبن تي الزامن جا سوين تير ڇوڙيا. بدانتظامي جا تير، بي حيائي جا تير، بدمعاشن جا تير، طرفدارن جا تير، بد اخلاقين جا تير، ڪافر پڻي جا تير وغيره. شيخ اياز جيئن ته ذوالفقار علي ڀٽي جو لاڏلو هو اُنهي ڪري هو بچندو رهيو. هن هندستان جا به ڪيترائي دورا ڪيا ۽ وڏي مشهوري ماڻي. وي.سي. جي حيثيت ۾ هو ڪيترائي ملڪ گهميو. هن اُنهن بابت ڄاڻ حاصل ڪري پنهنجي معلومات ۾ اضافو ڪيو. هن اُنهن ملڪن جي ادب کي پڙهيو ۽ اُن ملڪن جي ادبي صنفن تي ڪم ڪري اُنهن کي سنڌي ٻولي ۾ رائج ڪيو.

[b]مشهوري جا سبب:
[/b]شيخ اياز هڪ وڏو ڏات ڌڻي هو، شاعر هو ۽ عظيم تخليق ڪار هو. اُن پنهنجي ادبي صلاحيتن تخليقي خوبين ۽ فني ڪارنامن جي ڪري خوب ترقي ڪئي ۽ مشهوري پرائي هن جي مشهوري رڳو هن جي ادبي صلاحيتن جي مرهون منت ناهي. سنڌ جي نوجوان اديبن ۽ شاعرن هن جي خوب مدد ڪئي. اُنهن شيخ اياز جي شان ۾ جلسا ڪرايا، مشاعرا منعقد ڪرايا ۽ شيخ اياز کي خوب مشهور بڻايو، اُنهن پنهنجي هڙان ۽ وڙان خرچ ڪري شيخ کي سنڌ جو لاڏلو ۽ دادلو شاعر بڻايو، سنڌ جي اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽي جي جرئت مند ۽ قدردان شاگردن شيخ اياز جي شعرن کي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ خوب موج مچائي ۽ رنگ رچايا ۽ شيخ اياز کي ڪُلهن تي چاڙهي گهمايو ۽ ڦرايو ۽ هن جي لاءِ نعرا لڳائي هن کي خوب داد ڏنو ۽ هن جي شهرت کي آسمان تائين پهچائي ڇڏيو. پر جڏهن شيخ اياز سنڌ يونيورسٽي جو وي.سي. بڻيو ته هن اُنهن فرمانبردار ۽ حمايتي شاگردن جو قدر نه ڪيو، هن ڪيترن ئي شاگردن کي دٻايو ۽ ڌمڪايو ۽ ڪيترن ئي شاگردن کي سزائون ڏنيون. هن گهڻن ئي شاگردن کي يونيورسٽي ۾ ريسٽيگيٽ ڪري اُنهن جي زندگي کي ناڪارا بڻائي ڇڏيو. ڪجهه وقت کان پوءِ هن وي.سي. جو عهدو ڇڏي ڏنو. اُن کان پوءِ شيخ اياز پنهنجن ادبي ڪارنامن ۾ لڳي ويو. هن گهڻائي ڪتاب لکي سنڌي ادب کي ترقي يڏاري. هن سنڌي ٻولي کي ترقي ڏيارڻ لاءِ ڪيتريون ئي ڪوششون ڪيون. سنڌي ٻولي جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ اڻ ٿڪ ڪوششن ڪيون.

[b]ستاره امتياز جو اعزاز:
[/b]اُنهي دور ۾ شيخ اياز ڪيترائي ادبي ڪارناما سرانجام ڏنا، اُنهن خدمتن جي ڪري هن کي ستارا امتياز جو اعزاز بخشيو ويو. هي پهريون سنڌي شاعر آهي، جنهن وڏو اعزاز حاصل ڪري نه رڳو پنهنجي شان کي وڌايو پر سموري سنڌ جي عزت کي به اوج تي پهچايو.

[b]شخصيت:
[/b]شيخ اياز هڪ نرالي شخصيت جو مالڪ هو. هو سهڻو هو ۽ ڊگهيرو هو، هو گهٽ ڳالهائڻ وارو هو ۽ ياري دوستي جو ڪو گهڻو قائل نه هو. هو واقعي پيارو ماڻهو هو ۽ ڪاوڙ ۾ ته وڌيڪ پيارو لڳندو هو. هو چانڊوڪي رات جو عاشق هو. شيخ عبدالرزاق راز پنهنجي ڪتاب ”ساٿي ڪي ساريام“ ۾ لکيو آهي ته ”هن جي نراڙ تي شاعري جي لڪير نمايان نظر ايندي آهي.“ هو محنتي آهي ۽ جدوجهد ڪري ڪاميابي حاصل ڪرڻ هن جي اولين خوبي آهي.

[b]وفات:
[/b]هن وقت تائين شيخ اياز جي شاعري جي بلندي گهٽ ٿيڻ لڳي. هو بيمار ٿي پيو ۽ آخرڪار 28 ڊسمبر 1998ع تي ڪراچي ۾ گذاري ويو. هن کي ڀٽ شاهه تي (شاهه لطيف جي علائقي ۾ )دفنايو.
ساري جڳ کي ويو جاڳائي،
ڪاٿي او سهيو شيخ اياز.

[b]تصنيفون:
[/b]شيخ اياز 50 کن ڪتاب تصنيف ڪيا، هن مان ڪيترائي شاعري جا مجموعا آهن. هن جا ڪي مشهور شاعري جا مجموعا هي آهن. ”ڀنور ڀري آڪاس“، ”ڪي جو ٻيجل ٻوليو“، ”سورج مُکي سانجهه“، ”رڻ تي رم جهم“، ”سانجهي سمنڊ سپون“، وغيره. تاج جو ئي جي لفظن ۾ اُڀ کان اُچوڌرتي جو شاعر رنگ رچائي هر هنڌ سچ، سونهن ۽ سهراڻ جا ڏيا جلائي سنڌڙي کي سنواري ۽ سينگاري ويو. شيخ اياز ادب جي هر شاخ جهڙوڪ ادب شاعري، ڊراما، افسانا، ناول، سوانح عمري، آتم ڪٿا، مضمون نگاري ۽ ٻين شاخن ۾ خدمتون سر انجام ڏيئي جديد ادب جو سرپرست اعليٰ بڻجي ويو آهي.
شاعر ناهي جهڙو تهڙو،
يار، اياز آهي هيرن جهڙو.

[b]شيخ اياز جي شاعري:
[/b]شيخ اياز سنڌي ٻولي جو هڪ ناميارو ۽ هر دل عزيز شاعر هو. هن جي شاعري ۾ ڄڻ سنڌ خود ڳائي پئي. هن جي شاعري سنڌ جي تاريخي شاعري آهي، ثقافتي شاعري آهي. ۽ انسان ذات جي شاعري آهي. هن جي شاعري ۾ سموري انسان ذات مرڪي پئي، ڳائي پئي ۽ پنهنجي عظمت جو اعلان ڪري پئي. شيخ اياز هڪ ذهين ۽ پر عظمت انسان هو. هن شاعري کي عظمت بخشي ۽ انسان کي اُڀ کان به اُچو بنايو. شاعري جا موضوع نوان ۽ نرالا آهن ۽ اُنهن جي پيش ڪش نئين ۽ زوردار آهي. هن جا شعر پڙهي، پڙهندڙ ائين سمجهن ٿا ڄڻ ڪو اُڀ مان حڪم احڪام فرمائي انسانن کي سجاڳ ڪري، اُنهن کي فرض بجا آڻي ٿو. هن جي شاعري سچ جي شاعري آهي. حقيقت جي شاعري آهي ۽ ڏاڍ کي تڙي ڪڍڻ جي شاعري آهي. سچ پچ ائين پيو لڳي ڄڻ شيخ اياز پنهنجي شاعري جو ڪرشمو کڻي آيو آهي ۽ دنيا کي هر برائي کان بچائيندو.

[b]ابراهيم جويي جي راءِ:
[/b]ابراهيم جويي پنهنجي هڪ مضمون ”اياز کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ اسان جو فرض آهي“ ۾ لکيو آهي ته ڪنهن شاعر جي شعر يا فڪر کي سمجهڻ ڪو آسان ڪم به ناهي. شاعري جي وڏي ۾ وڏي وصف ۽ خوبي اها آهي ته اُن جي ٻولي سادي ۾ سادي هجي، ڇو ته شاعر شعر چوي ئي اُن لاءِ ٿو ته ماڻهو هن جي شعر کي سمجهن. جيڪڏهن شاعر ماڻهن جي سطح جي ٻولي استعمال نه ڪندو ته اهو شاعر پنهنجي شعر کي ڄڻ ته ماڻهن تائين پهچائڻ ئي نه ٿو گهري. سچ پچ شاعر هڪ باشعور انسان آهي اُن جي لاءِ لازمي آهي ته چئي ۽ واضح طريقي سان پنهنجي ڳالهه کي ائين ورجائي جو پڙهندڙن، ۽ ٻڌندڙن جو ذهن جاڳي ۽ اُنهي تان شڪ ۽ گمان جا ڪڪر اُڏامي وڃن ۽ سچ اُنهن جي اکين اڳيان سج جيان چمڪي اُٿي. هو سمجهن ۽ پنهنجي سوالن جا صحيح جواب حاصل ڪري متمعين ٿين. سٺو شاعر اهو آهي جيڪو پنهنجن خيالن کي سولائي سان پيش ڪري ذهن ۾ ڇڪتاڻ کي گهٽتائي ۽ ضمير کي ريجائي.

[b]ادريس جتوئي جي راءِ:
[/b]سنڌ جو عظيم شاعر شيخ اياز، جديد سنڌ جي سڃاڻپ بڻجي چڪو آهي. اُن جي نانءُ کان سواءِ سنڌي ادب جو تصور بلڪل اڻپورو آهي. شيخ اياز صاحب، اُهو مان ۽ مرتبو هڪ ڏينهن ۾ حاصل نه ڪيو آهي. پر اُن لاءِ هن پنجاهه سالن کان به وڌيڪ عرصو ادب جي ميدان تي محنت ڪري پاڻ موکيو آهي. اُن ڪري اڄ هو اسان کان توڙي جسماني طرح الڳ ڪراڙ جي ڪنڌي تي شاهه لطيف جي هنج ۾ ستو پيو آهي. پر پوءِ به هو پنهنجن ڪتابن، خوبصورت شعرن ۽ اسان جي دلين ۾ زندهه آهي. هاڻي ته هن سنڌ ۾ ڄڻ ته نئون جنم ورتو آهي. جيئن پاڻ ئي چيو اٿس ته:
مان جو زندگي ۾ سڀ کان جدا هوس،
موت ۾ ڪنهن کان به جدا نه آهيان.
شاعر وٽ قابليت ۽ صلاحيت ته هوندي آهي، پر هو جيستائين مسلسل محنت نه ڪندو ته هو قابل ۽ ڪامل شاعر ٿي نه سگهندو. شيخ اياز 50 سالن جي مسلسل محنت سان هڪ ڪامل ۽ قابل قدر ۽ عظيم شاعر بڻجي سگهيو.

[b]اي.جي. اُتم جي راءِ:
[/b]”شيخ اياز سنڌ جي آڳاٽي شاعري جي شاخ، بيت ۾ وائي کي وري جيئاري جاودان بڻايو ۽ غزل کي به گيڙو ويس پهرايو ته ٻين نئين شاعراڻين شاخن، هائڪو، ترائيل، چوسٽن، نثري نظم وغيره سان سنڌي شاعري کي مالا مال ڪيو. اُن کان سواءِ هن پنهنجي ترقي پسند نظريي ۽ سنڌ ڌرتي سان ڪميٽمينٽ سان تنگدل، تعصب ۽ تانا شاهن (ڊڪٽيٽرن) جي ظلم ۽ ڏاڍ خلاف سنڌ ۽ سنڌيت جي جذبي سان ٽمٽار ڪوٽا سان اهڙي سجاڳي پيدا ڪئي.“
شيخ اياز تجربا ڪري مختلف شعري صنفن ۾ نرالو رنگ ڀريو آهي. هن قديم صنفن کي نئون روپ ڏيئي سنڌي شاعري کي مالا مال ڪري ڇڏيو آهي. هن نه صرف پراڻين ديسي صنفن کي وري جياريو آهي پر ڪيترين ئي پرڏيهي شهري صنفن جهڙوڪ سانيٽ، ترائيل، هائيڪو وغيره ۾ شاعري ڪري وڏو انقلاب برپار ڪيو آهي.

[b]شيخ اياز هڪ مڪمل شاعر:
[/b]شيخ اياز هڪ مڪمل شاعر هو. هن جي شاعري ۾ جدت نگاري نمايان آهي. هن جي شاعري ۾ رشين شاعري جو اثر مرڪندي ۽ جرڪندي نظر پيو اچي، ائين پيو لڳي ڄڻ هن نئون ۽ نرالو چولو پائي پاڻ کي جڳ جي اڳيان پيش ڪيو آهي. اُنهي چولي ۾ هن جي وڏي ساراهه به ٿي آهي ، هن روايتي سوچ کي ڌڪي ڪڍيو آهي ۽ نئين ۽ انقلابي ڇٽ کي سر تي پائي جڳ مشهور ٿي ويو آهي. هن جون لکڻيون دلين تي اثر ڪن ٿيون ۽ نئين دنيا ۾ عزت، شهرت ۽ ناموري جي منزل تي لهائين ٿيون. هي زماني ۾ ادب جو روشن سج آهي. هو ايڏو ته وڏو ڏات ڌڻي آهي جو دنيا جي هر موضوع تي بي مثال تحريرون لکي پاڻ کي بيمثال شاعر ثابت ڪري ادب جي دونيا ۾ مستقل طور ڇانئجي ويو آهي. تحريرون لکي پاڻ کي لاجواب ۽ بي مثال شاعر ثابت ڪري ادب جي دنيا ۾ مستقل طور ڇانئجي ويو آهي.

[b]اياز جي شاعري جا نمونا:
[/b]شيخ اياز شاعري جي ڪيترن ئي صنفن تي لکيو آهي ۽ خوب لکيو آهي. اچو ته اُنهن جو جائزو وٺون ۽ سرور حاصل ڪريون:
دوها
صبح سويري نيسر هيٺان نينگر ڇوڙيا وار،
اُجلي اُجلي تن تان مٽيا، گدلا گدلا پيار.
*-*-*
بک تي نڪتي باک ۽ ڏک ۾ گذريو ڏينهن،
ڇڏ هي سک جون ڳالهڙيون، پنهنجو ڪهڙو نيهنهن!
بيت
سڄڻ جو ساريوم، ته آيون هيرون هنج ۾،
جيڏانهن نهاريوم، ڇوڏهين جي چانڊاڻ هئي.
*-*-*
ستارن جي سيج تي ستس ساري رات،
پڌري ٿي پرڀات، چميندي ڪنهن چنڊ کي.

گيت
آءُ وهاءِ ويل،
گهڙي جا ميل، محبت ڪنهن جي ناهي رهندي!
پورو ٿيندو پنڌ،
سندءِ سوڳند، حياتي ويندي ڪهندي ڪهندي.
ڇيڄ
اڙي چنڊ، اڙي چنڊ، پرين تو ته ڏٺو ناهي!
سندس روپ، سندس رنگ، ائين آهي جيئن تون!
اڙي رات، اڙي رات، پرين تو ته ڏٺو ناهي!
سندس وار، سندس ونگ، ائين آهي جيئن تون!
وائي
جتي ڪٿي هو آهي، جيڏيون، جنهن سان جان جُڙي!
ملي ويو هو پنهنجي مڌ سان، ڳوڙهن منجهه ڳڙي.
جنهن سان جان جڙي.
ڇني ڏٺو سون، ڇڄي نه سگهندي، تنهن جي قرب ڪڙي،
جنهن سان جان جڙي.
آزاد نظم
ازل جي پُر اسرار آڳ،
جلائي پئي ۽ وسائي پئي زندگي جا ڏيئا،
ڏيئا ۽ ڏياٽيون پيون بدلنديون،
مگر لاٽ سان واٽ پئي جرڪندي،
سدا جوت کي آهي جاڳ!
ازل جي پر اسرر آڳ،
جلائي پئي ۽ وسائي پئي زندگي جا ڏيا.
نظم
گهاوَ پيو مان پنهنجا پويان،
ڳاڙها ڳاڙها گل سيني مان،
تنهنجي لاءِ سدائين سويان،
آءُ ڪلا جي ڪالي، تن کي،
تنهنجي آءُ لتڙ ۾ لوديان.

[b]شاهه جي رسالي جو اُردو ۾ ترجمو:
[/b]شيخ اياز شاهه جي رسالي کي اُردو ۾ ترجمو ڪري وڏو ڪمال ڪيو آهي. هن شاهه لطيف کي پاڪستان جي هر صوبي ۾ مقبول بڻائي ڇڏيو آهي. هر صوبي جا ماڻهو هن جي شاعري کي پڙهن ٿا، سمجهي ٿا، اُن تي ڳالهائن ٿا ۽ اُن تي مضمون وغيره لکي سنڌ جي ماڻهن سان محبت جو اظهار ڪرن ٿا. شيخ اياز شاهه لطيف جي شاعري کي بحر ۽ وزن جي شاعري جي اصولن مطابق ترجمو ڪيو آهي. اُنهي ڪري هن جي شاعري ائين پئي لڳي ڄڻ اها شاهه جي اصلي شاعري نه آهي، پر ٻي ڪا الڳ شاعري آهي. شاهه لطيف جي اُنهي اردو ڪالم ۾ نه ڪو رس آهي ۽ نه ڪو وري رچاءُ، اُن ۾ نه ڪو وري رنگ ۽ نه سچن خيالن ۽ احساسن جي ڪا ترجماني. شيخ اياز هن اردو ترجمي ۾ پاڻ کي وڌيڪ سگهاري نموني ۾ ظاهر ڪري شاهه لطيف جي مٿان هاوي ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن جو تجرمو اصلي نه پر بناوٽي پيو لڳي. هن شاهه لطيف جي شاعرانه عظمتن کي گهٽ ڏيکاري وڏو غلط ڪم ڪيو آهي.

[b]فهميده رياض جي راءِ:
[/b]اردو جي مشهور مصنف ”رساله شاهه عبداللطيف“ اردو ۾ ائين لکيو آهي. ”اياز شاهه لطيف جي ڪلام جو اردو ۾ ترجمو ڪري عظيم ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي، پر ڪارنامي کي بهتر بڻائي سگهجي ٿو. شاهه جي ترجمي جي لاءِ اُردو جي ٻولين ۾ ڪيل صوفي شاعري جي طريقه اظاهر کي استعمال ڪيو وڃي ته شاهه جي ڪلام سان بهتر انصاف ٿي سگهندو.“

[b]شيخ اياز جا دوها:
[/b]دوهو ننڍي کنڊ جي هڪ قديم شاعري جي صنف آهي. دوهو ٻن هم قافيا سٽن تي مستمل هوندو آهي. هن ۾ هر موضوع سمائي سگهجي ٿو. دوهن ۾ ننڍي کنڊ جي مذهبي شاعري لکيل آهي. سنڌ جي قديم شاعرن به دوها لکيا هوندا اُهي اُنهن ڪڏهن لکيا، ڪٿي لکيا ۽ ڪهڙي سنڌي ۾ لکيا اُنهي بابت ڪا ڄاڻ ملي نه سگهي آهي. سنڌ جي قديم ڪلاسيڪي شاعرن جهڙوڪ: قاضي قادن، شاھه عبدالڪريم بلڙي وارو، شاهه عنايت رضوي ۽ ٻين شاعرن جي ڪلام ۾ ڪٿي ڪٿي دوها ملن ٿا، اُنهن جو تعداد تمام ٿورو آهي.

[b]دوهي جا اهم جزا:
[/b](1) دوهو ڪارونجهر جي ڪور تي مور جو ٽهڪو آهي. جيڪو ماڻهن کي سجاڳ ڪري اُنهن کي اُنهن جي ذميوارين کان آگاه ڪري ٿو.
(2) دوهو مندر ۾ وڄندڙ گهنڊ جيان آهي جيڪي انسان جي ضمير ۾ سور ۽ سنگيت جو آلات پيدا ڪن ٿيون.
(3) دوهو تارن سان ڀريل آڪاش آهي، جيڪو راڳ، رنگ ۽ چمڪ جي ذريعي ضميرن تان ڪٽ لاهي اُن کي ابدي آرام بخشي ٿو.
(4) دوهو پاڻ ياري جي پريت جيان آهي، جنهن ۾ پيار آهي، پڪار آهي ۽ ڏاڍ ۽ ظلم جي خلاف هڪ للڪار آهي.
(5) دوهو هڪ سور وير جو نعرو آهي، جنهن کي ٻڌي ويري ميدان جنگ مان ڀڄي نڪرڻ لاءِ مجبور ٿي وڃن ٿا.
(6) دوهو موهن جي مرلي آهي جنهن ۾ رس آهي، رچنا آهي، رنگ آهي ۽ روپ آهي، جيڪو زندگي کي رنگين بڻائي زندهه رهڻ جي قابل بڻائي ٿو.

[b]دوهي جا قسم
[/b](الف) دوهي جا ڪيترائي قسم آهن پر، شيخ اياز ٻن قسمن جا دوها لکيا آهن. پهريون 24 ماترائون وارا دوها ۽ ٻيا 32 ماترائن وارا دوها، اچو ته اُنهن دوهن جر جائزو وٺون ۽ دلين کي خوش ڪريون.
آهي تنهنجي ياد جي، ائين گذري ۾ گونج،
آکيري مان جيئن وڃي، اُڏاري ڪائي ڪونج.

نيڻن مان جو نئين ڀُلي، ڪک پن ٿي ويا رنج،
نڪتيون تنهنجون ڳالهڙيون، جيئن پاڻي تي هنج.
*-*-*
بک تي نڪتي باک ۽ ڏک ۾ گذريو ڏينهن،
ڇڏ هي سُک جون ڳالهڙيون، پنهنجو ڪهڙو نينهن.
*-*-*
پهتو من ۾ پار کان، جيئن ڇولي جو ڇوهه،
ويجهي آئي جو ڪنڌي، ماٺو ٿي ويو موهه.
*-*-*
سڄڻ نه آيو ساوڻ آيو، مُٺو اسان کي مينهن،
بادل برسيا نيڻ نه ترسيا، نار وهايا نينهن.
اُنهن پنجن ئي دوهن ۾ 24 ماترائون آهن.
(ب)
دنيا مڪر فريب سوا ٻيو ڇاهي دنيا ساري مطلب جي آ،
جنهن ۾ ڪوئي مطلب ناهي اُن جي ذات اڪيلي آ.
تون پاڻ ته بدلايو ناهي ٿو دنيا بدلائڻ چاهين،
تون دنيا ڇا سمجهي سنگهندين، تون پاڻ ته ڄاتو آ ڇاهين.
*-*-*
وتي هي دنيا آ ڌوتي، هن دنيا کي تياڳ،
انت بحر جي خبر نه ڪائي جهاڳ سمندر جهاڳ.
*-*-*
ڄڻ ته مٽي جي ماٽي سامهون، بيٺو سوچي سنت ڪبير،
”هيءُ جڏهن ماڻهو هوندو هو، اُن جو گر نه پير!“
*-*-*
اڳ جيئن ساڳي دنيا آهي، ڏک به ساڳو سک به ساڳو،
جنهن سان دک ڌتاري ڪوئي، آ ماڻهو به مک به ساڳو.
اُنهن پنجن دوهن ۾ 32، 32 ماترائون آهن. شيخ اياز تمام گهڻا دوها رچيا آهن، اُنهن کي ڪليات جي صورت ۾ ڇپڻ گهرجي جيئن ته پڙهندڙ هر وقت وندر ۽ نصيحت حاصل ڪري سگهن.

[b]دوهن جا نمونا:
[/b]شيخ اياز جي دوهن جا ڪيترائي نمونا آهن، اُنهن مان ڪن نمونن جي دوهن کي پڙهي رس حاصل ڪريون ٿا.

[b](1) عوامي دوها:
[/b]اُهي دوها جن جو تعلق عام زندگي سان آهي ۽ ماڻهن جي عوامي منگن جو اظاهر ڪن ٿا تن کي عوامي دوها چئبو آهي.
سڄڻ نه آيو ساوڻ آيو، ڇائي گهٽا گهنگهور،
اڃا وتي ويڳاڻو ڦرندو، منهنجي من جو مور.
*-*-*
صبح سويري نير هيٺيان نينگر ڇوڙِا وار،
اُجلي اُجلي تن تان مهٽيا گدلا گدلا پيار.
*-*-*
ساري جڳ تي تون وسين، جيئن ساوڻ جو مينهن،
منهنجي من جي بوند جو، آهي تون سان نينهن.
*-*-*
ڪٿي نه ڪوئي ڪونڌر ڏسجي، ڪٿي نه اُڀري ڪنڌ،
آءُ اڪيلو هان اُوجهڙ ۾، پري پرينءَ جو پنڌ.

[b](2) قدرتي دوها:
[/b]اُهي دوها جيڪي قدرت جي اٿر تحت لکيل هوندا آهن تن کي قدرتي دوها چئبو آهي.
سج لهي ٿو آهه افق تي ڪوئي زرد گلاب،
آهي پوئين پاڇائين سان لهرائيندڙ آب.
*-*-*
ڇا نئي شام ته ويئي رڱجي ڏهر ڏهر ۾ پير،
جهانجهر ڇمڪي، ڪير کڙي آدر تي ننگي پير.
*-*-*
اُٿ پکيئڙا اُڏريا اُڀ ۾ آئي اُسر وير؟
دير نه لڳندي سج هاريندو جڳ لئه سوني ڍير.
*-*-*
سج لهي سانجهي ٿيو آهي، آئي آهه اذان،
مسجد جا مينار لڳن ٿا جنهن ۾ سون سان.

[b](3) درديلا دوها:
[/b]اُهي دوها جن مان درد جو تاٿر نڪري ۽ دل کي درد سان ڀري ڇڏي تن کي درديلا دوها چئبو آهي.
منهنجي من کي چيري ڦاڙي، کلين پيو انسان،
آءُ نه تنهنجو امرت آهيان، اڇليئه ڪيئن نادان!
*-*-*
پري پئي ڌرتي جي ڇاتي، مري پئي مخلوق،
پرين پري ٿي، ڇڏ تي کڻان مان ڀري اها بندوق.
*-*-*
منهنجي آليون اکڙيون، گهريون، جيئن جمنا جي جَل،
تنهنجي صورت، وهڪ مٿان جيئن وئڙي تاج محل.

[b]ڳوڙها دوها:
[/b]اُهي دوها جن جو تعلق سنجيدا ۽ مشڪل معاملن سان هجي تن کي ڳوڙها دوها چئبو آهي.
وڻ وڻ ۾ آ منهنجو واسو، پن پن ۾ پڙلاءُ،
واهه چوي ٿي، جهوٽو آهين، آءُ اُڏامي آءُ.
*-*-*
مان ڪوئل جي ڪوڪ، ڪڏهن مان ڪاري ڪاري رات،
مان سان اوندهه جنهن ۾ ڪيئي ڏيئا ٻاري ڏات.
*-*-*
ڪجهه به نه هوندي سڀ ڪجهه آهي، سرتيون هي سنسار،
ساري جڳ جڳ سان آ، اڳتي آ انڌڪار.

پل لئه آهي هيءُ چانڊوڪي، پل لئه آهي پيار،
هن کان اڳتي ڇوليون ماري، ڪوئي ڪارونڀار.
دوهي جي صنف بلڪل مختصر آهي. پر اُن ۾ هر شيءِ سمائل آهي. دوهو لکڻ لاءِ ضروري آهي ته تخليقي صلاحيت به موجود هجي ۽ فني ڄاڻ به اُنهن کي ٽهڪو ڏئي اُڀ تائين پهچائي، هن مختصر شعر کي رچڻ اڄڪلهه جي شاعرن ڇڏي ڏنو آهي، ڇاڪاڻ ته اُنکي رچڻ جي لاءِ تخليقي خوبين کان هو خالي آهن.
شيخ اياز جون وايون:
وائي سنڌ جي هڪڙي قديم ۽ اعليٰ گُڻ واري صنف آهي، اُها ڳيچن ۽ لوڪ گيتن مان ڦٽي نڪتي آهي. اُن کي سنڌ جي ڪلاسيڪي شاعرن سرجيو، ترقي ڏياري ۽ ان تي هڪ معنيٰ خيز صنف بنايو آهي. سنڌ جو سرتاج شاعر شاهه عبداللطيف اُن جو خالق آهي.

[b]وائي جي وصف:
[/b]وائي شاعري ۽ سنگيت جو مڌر ۽ من موهيندڙ سنگم آهي. وائي هڪ پُر اثر ۽ دلفريب صنف آهي. هي ڳيچ ۽ لوڪ گيت جي سڌريل صنف آهي. هي ڇند وديا جي ماترڪ اصولن مطابق لکي ويندي آهي. وائي جو تعلق سنگيت سان هوندو آهي، اُنهي ڪري وائي ڪنهن نه ڪنهن راڳ ۾ لکي ويندي آهي. هن جا موضوع مقرر ڪو نه هوندا آهن. وائي تصوف، اخلاق، نيڪي ۽ انساني قدر جي موضوئن تي لکبي آهي.

[b]وائي جي سٽاءَ:
[/b]وائي جي سٽاءَ سادي ۽ سهڻي هوندي آهي.
(1) وائي ۾ هڪ ٿلهه هوندو آهي جيڪو هڪ هڪ مصرع جو ٿيندو آهي، اُنهي مصرع جي پهرين اڌ ۾ قافيو هوندو آهي. اُن جو ٻيو اڌ بنا قافيي جي هوندو آهي اُن کي وراڻي چئبو آهي. جنهن کي بار بار دهرائي وائي جي تاثر کي مضبوط ڪيو آهي ۽ وائي ۾ رنگ ڀريا آهن.
(2) ٿلهه کان پوءِ وائي جون ٻيون مصراعون شامل ڪري وائي کي مڪمل ڪبو آهي.
(3) وائي جا قافيا پڪا، پختا ۽ مڪمل هوندا آهن جيڪي وائي کي مڪمل ڪرڻ ۾ فائديمند ٿيندا آهن.
(4) وائي جا لفظ سدا ۽ سولا، سلوڻا ۽ نرم ۽ نازڪ هوندا آهن.

[b]اياز جي وائين جي سٽاءُ:
[/b]اياز نه رڳو هڪ وڏو شاعر آهي پر ڪمال جو فني ماهر به آهي. هن پنهنجي فن، مهارت ۽ عمده پيشڪش جي ذريعي پنهنجين وائين کي هيرا، موتي، گل ڦل ۽ انمول تحفن وانگر گهڙي پيش ڪيو جڳ ۾ سونهن، سرهاڻ ۽ پيار ڀري ڇڏيو آهي.
(1) اياز جي وائي جو ٿلهه انمول هوندو آهي، ٿلهه ۾ هڪ سٽ هوندي اهي، سٽ جا ٻه اڌ هوندا آهن. پهرين اڌ کان پوءِ قافيو ايندو آهي، ٻيو اڌ بنان قافيي جي هوندو آهي. جنهن کي وراڻ چئبو آهي.
(2) اُن کان پوءِ وائي جي لاءِ گهربل مصراعون اينديون آهن، جيڪي وائي جي مقصد کي واضح ڪنديون آهن.
(3) وائي جي ٻين مصراعن پٺيان قافيو ايندو آهي. جيڪو پڪو ۽ پختو هوندو آهي.
(4) اياز جي واين کي ٻيا فني زيور سينگاري اُن ۾ رنگ ۽ روپ سان ڀري ڇڏيندا آهن.

[b]شيخ اياز جون وايون:
[/b]شيخ اياز جون وايون انمول ۽ بي بها آهن. هن وائي ۾ انيڪ تجربا ڪري اُن جي روپ ۽ سروپ کي خوب سنواريو ۽ سينگاريو آهي اچو ته اونهن تجربن ۽ تبديلين جو ذڪر ڪريون.
هن جي وائي هڪ سٽ جي ٿيندي آهي. اُن جي پهرين اڌ کان پوءِ قافيو هوندو آهي ۽ ٻيو اڌ بنان قافيي جي هوندو آهي.
گهرا گهرا نينهن پرين جا،
ڪارا ڪارا نيڻ.
آيو تن ۾ نينهن ته ٿي ويا،
سڀ کان پيارا نيڻ،
ڪارا ڪارا نيڻ.

(2) ڪڏهن ڪڏهن وائي جي پهرين اڌ ۾ ٻه هم قافيا سٽون ٿينديون آهن ۽ ٻيو اڪيلو هوندو آهي.
امڙ تنهنجا ڪوڪلا،
منهنجي لاءِ نلايل،
مون کي وسرن ڪينڪي.
(3) هن پهرين اڌ جي قافيي کي وراڻي طور استعمال ڪري نوان پيدا ڪئي ويندي آهي.
ڀرتي ٻوٽو ساڻ،
ويٺي دل وندرائين.
ڪيئي گُل ٽڙي پيا، توڙي اون ۾ هاڻ،
ڀرتي ٻوٽي ساڻ.
*-*-*
واري اها سي
سانجهي سج لهي پيو،
مون تنهنجي موجود کي باسي ڙي باسي.

(4) شيخ اياز تمام گهڻا تجربا ڪيا آهن ۽ وائي جي صورت ۾ تبديليون آڻي ڪمال ڪيو آهي، هن وائي کي تجربن جي ذريعي مڪمل صورت بخشي آهي. جيڪا هن کان اڳ ۾ ٻئي ڪنهن به شاعر نه ڪئي آهي. اهو شيخ اياز جي تخليقڪاري جو مستقل ثبوت آهي. تازو چيل وائي ۾ هن تجربي جو مطالعو ڪيو ۽ اياز کي داد ڏيو.
ڪنڊيءَ نه سڳنريون،
ٻٻر نه پلڙو،
سائو نه سلڙو.
ڇانگون نه ڇيلڙا،
مارو اڪيلڙا.
اياز هن وائي ۾ تجربا ڪري، اُن کي حيرت انگيز بنايو آهي، هن ٿلهه جي پهرين اڌ ۾ ٽي سٽون وجهي ۽ ٻئي اڌ ۾ ٻه سٽون آڻي وڏو فني ڪمال ڪيو آهي. هن شيخ جو پس منظر پيش ڪري، مارن جي اڪيلائي جو ڪهڙو نه المناڪ ۽ ڏکوئيندڙ منظر پيش ڪيو آهي، اهڙي وائي وري ٻيو ڪوبه ننڍو يا وڏو شاعر پيش ڪري نه سگهندو.

[b]اياز جي وائي جون خوبيون:
[/b](1) اياز جون وايون دل جي گهراين مان ڦٽي نڪتيون آهن، انهي ڪري اُنهن ۾ رس آهي، رچاءُ آهي ۽ رومانس آهي.
(2) هن جون وايون من اندر کپي وڃن ٿيون ۽ نوان نوان نظارا پيش ڪري روح کي ريجهائين ٿيون.
(3) هن جون وايون جادوئي ڪنجيون آهن، جيڪي زندگي جي بند رازن کي کولي زندگي جيئڻ جي طريقن کي پختا ڪري زندگي کي بي بها بڻائڻ ٿيون.
(4) هن جون وايون سچ جو نياپو پهچائي سچ کي نواڻ بخشين ٿيون ۽ سچ تان سر ڏيڻ جو درس ڏين ٿيون.
(5) اُهي من تان اوندهه کي تڙي ڪڍن ٿيون ۽ هر هنڌ سوجهرو پکيڙي پرين پسڻ جا نوان ۽ نرالا طريقا ٻڌائي زندگي کي جيئڻ جي قابل بڻائن ٿيون.
(6) اياز جون وايون سنڌ جي روايتن کي چمڪائي حسن ۽ دلڪش بنائي اُن جي آزادي لاءِ جيئڻ ۽ مرڻ لاءِ نچندي ۽ ڪڏندي جان ڏيڻ جي لاءِ هر وقت تيار رکن ٿيون.

[b]اياز جون شاهڪار وايون:
[/b](1)
ڀنڀٽ ڀنڀٽ ڀڙڪن ڀڙڪن،
راڳ اسان جا راڳ اسان جا.
اکڙين ۾ آڙاهه ازل جا، اگ الا، آ اسارو تن ۾،
راڳ اسان جا، راڳ اسان جا.
شعلا شعلا سارو عالم، جڳمڳ سارو جيون،
راڳ اسان جا، راڳ اسان جا.
تند تپي تٿي، ڪوئي مٺڙو جان جپي ٿو ڀٽڪي بن بن،
راڳ اسان جا، راڳ اسان جا.
ڳايان ڳايان، جرڪي جوالا، سڀئي ڏک سک جر ۾ جرڪن،
راڳ اسان جا، راڳ اسان جا.
(2)
ڪيئن ڪريان مان، ڪنهن به ريت،
منهنجي من کي چين ناهي.
هاءِ ڪهڙي رات آهي، چنڊ منهنجو آهي ميت،
منهنجي من کي چين ناهي.
هيءُ گلابي رت ڇڏي مون کان رُسي ويا ڪئين گيت،
منهنجي من کي چين ناهي.
هار ڪائي، هار ناهي، جيت ڪائي ناهي جيت،
منهنجي من کي چين ناهي.
تون ڪٿي آهين پرين، آهي اڄ ڪٿي تنهنجي پريت،
منهنجي من کي چين ناهي.
ڪيئن ڪريان مان ڪنهن به ريت،
منهنجي من کي چين ناهي.
(3)
موت ڪيا سڀ مات،
هوندا ڪير حيات.
ڪيئن ڪيان، ڪاڏي وڃان؟
سهسين سپنا، سچ جا،
وائي سانڍي وات.
ڪيئن ڪيان، ڪاڏي وڃان؟

(4)
ڀُون نه آئي ڀان، الا، مان اُڏري ويندو سان،
مون سان جاڙ نه ڪر، اي جيڏا، سچ ٿو آئون چوان.
الا، مان اُڏري ويندو سان.
نيٺ ته ڀائيندين تون، هاڻي ڀلي نه ڀانءِ،
الا، مان اُڏري ويندو سان.
ڳائي منهنجا گيت پيو، پوءِ مون کي ياد ڪجانءِ،
الا، مان اُڏري ويندو سان.
(5)
اُڏري آڌي رات،
ڪونجون ڪرڪن رولاتي،
جڳ جهوڙيو ننڊ ۾ تن کي پنهنجي تات،
اُڏري آڌي رات.
آهي ڪهڙي ماڳ جي وائي وار وات،
اُڏري آڌي رات.
وينديون ويم وار جي، ڪڏهن ٿي پريان،
اُڏري آڌي رات.

[b]شيخ اياز جا گيت:
[/b]گيت ننڍي کنڊ جي دلچسپ، دلفريب ۽ مقبول عام شاعري جي هڪ صنف آهي، انهي جو اندازو اُنهي ڳالهه مان لڳائي سگهه جي ٿو ته گيت شروع کا وٺي مندرن ۾، ميلن ۾ مشاعرن ۾، جلسن ۾ جلوسن ۾، درسگاهن ۾ ۽ قرب ڪچهرين ۾ ڳايا ويندا هئا ۽ ڳايا وڃن ٿا.
گيت ايشور جي شاعري آهي فطرت جو راڳ آهي هستيءَ جو آواز آهي، هڪ باشعور ۽ با سمجهه شاعر پنهنجن ذاتي جذبن ۽ ويچارن کي سادن، سلوڻن ۽ مٺڙن ٻولن جي ذريعي ظاهر ڪري ٿو، اُن ۾ سُر ۽ سنگيت جو رنگ ڀري، گيت سرجي ٿو، گيت سُريلن، سچن ۽ سگهارن جذبن کي مٺڙن، من موهيندڙ ۽ ڪومل لفظن جي ذريعي ظاهر ڪرڻ جو نالو آهي.

[b]گيت جي وصف:
[/b]سروپ چندر شاد هڪ انمول وائي سرجي آهي جنهن ۾ گيت جي وصف بيان ڪئي وئي آهي ۽ گيت جي اهم جُڙن جو اظهار ڪيو ويو آهي.

منهنجا گيت:
من جا ڇيڙي تار، او يار، ڳايان ٿو مان گيت،
منهنجا پيارا پيارا گيت،
پاليل سؤ اوجاڳن جا،
هانءَ هندوري جا لوڏيل،
۽ اجاريل لڙڪن جا.
ٻول ٻول ۾ پيار، او يار، ساهن جو سنگيت.
منهنجي گيتن ۾ مستي،
واريءَ ٿي جيئن مور نچي،
سٽ سٽ ۾ ئين سوز ڀريل،
پروانو جيئن ڪو ئي پڇي.
پرچڻ جا سڀ پار، او يار، ناهي رسڻ جي ريت.
منهنجي گيتن ۾ ڀريل،
ديس جي مٽي جي خوشبوءِ،
هر دکايل دل جي دانهن،
پورهيت جي پگهر جي بوءِ.
گيت من جي گهرائن مان ڦٽي نڪرندو آهي، هن ۾ پيار به هوندو آهي ۽ سنگيت به اُن ۾ هاري جي هونگار به هوندي آهي ۽ پاڻياري جي پريت جو هن ۾ ديس جي مٽي جي خوشبوءِ به هوندي آهي ۽ پورهيت جي پگهر جي بوءِ پڻ.

[b]ڪشنچند بيوس جا گيت:
[/b]سنڌي شاعري ۾ گيتن کي رائج ڪرڻ وارو ڪشن چند بيوس آهي هو سنڌي شاعري جو اولين وڏو شاعر آهي. هن ڪيترائي سهڻا ۽ من موهڻا گيت رچيا آهن هن جو هڪ مشهور گيت آهي قدرت وارا جنهن کي اڄ به علمي درسگاهن ۾ ڳائي راس ورتو ويندو آهي.
سڀ ڪن تنهنجي ساراهه، قدرت وارا،
نرمل جوتي نور نظارا، قدرت وارا،
ڪوٽان ڪوٽ بنائي ڌرتيون،
سهسين سج، چنڊ، تارا ڪتيون.
جن جو انت نه پيارا، قدرت وارا.

[b]ٻيا گيت لکڻ وارا:
[/b]بيوس کان پوءِ شيخ اياز، هري دلگير، عبدالرزاق راز، نارائڻ شيام ۽ ٻيا ميدان ۾ آيا ۽ اُنهن گيت لکڻ شروع ڪيا انهن گيت جي صنف کي ڏاڍو مشهور ڪيو.

[b]ناوءِ هلي آ گيت کڻي:
[/b]تازو روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو شيخ اياز جي گيتن جو ڪليات ”ناؤ هلي آ گيت کڻي.“ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. ان ۾ 210 گيت شامل آهن. اُهي گيت شيخ اياز جي مختلف شعري مصنفن مان ورتا ويا آهن.
(1) اياز جا گيت من جي گهرائين مان ڦٽي نڪتل آهن. اُنهن ۾ سُر ۽ سنگيت جي لهر، انساني روح کي سڪون جي سانجها ڏين ٿا.
(2) اياز جا گيت اندر جو آواز آهن اُنهن ۾ رس آهي، رهاڻ آهي، مٺاڻ آهي ۽ پيار جو پيغام پڻ آهي.
(3) اياز جا گيت گهرا آهن، مٺا آهن، سريلا آهن ۽ رسيلا آهن.
(4) اياز جا گيت انساني جذبن ۽ احساسن جا رم جهم روان ۽ جادوئي آواز آهن جيڪي وندر، ورونهن ۽ سچائي کي جاڳائي زندگي کي سينگارن سنوارن ٿا. اياز جا گيت ڌرتي سان فطرتي پيار جو اظهار آهن، اُنهن ۾ وطن جي محبت هجي ٿي ۽ ماڻهن کي قربان ڏسڻ راءِ اتساهه ڏيندي آهي. اياز جا گيت سونهن جا گيت آهن، پيار جا گيت آهن ۽ خوشبوءِ جا گيت آهن اُنهن انسانن کي سڌاري، اُنهن کي انساني دلين تي راج ڪرڻ جي قابل بڻائن ٿيون. اياز جا گيت زندگيءَ ۾ نوان رنگ، نوان روپ ۽ نوان سوچ جا طريقا اُڀري اُن کي قابل بنائن ٿا.
آئي ڙي آئي،
مون گهر باک بسنت جي
سموري سرهاڻ سان مون گهر سرهائي.
آئي ڙي آئي،
مون گهر باک بسنت جي.

[b]اياز جا انمول گيت:
[/b]شِيخ اياز ڪُل 210 گيت لکيا آهن جيڪي پنهنجو مٽ پاڻ آهن، اچو ته اُنهن مان ڪن گيتن جو مطالعو ڪيون ۽ رس ۽ رهاڻ حاصل ڪريون.
(1)
آءُ بادل، مان به روئان تون به روءُ،
مان به غم جا داغ ڌوئان، تون به ڌوءُ،
زندگي منهنجي به آ ڀٽڪڻ ڀلڻ،
آسمانن جي جهانن ۾ رکڻ،
گاهي گهاهي مست ٿي جهولڻ جهولڻ،
ڌر تي جي پياس تي ڇُلڪڻ ڇلڻ،
آ هزارين ميڪدا منهنجو گهُلڻ،
زندگاني لئه سدا ڦولڻ ڦلڻ
آءُ بادل، مان به روئان تون به روء،
مان به غم جا داغ ڌوئان تون به ڌوء.
(2)
ڪٿي ته آهين شيام!
ڄڻ جمنا جي لهر لهر ۾، تنهنجي آهه لُڙاٽ،
گهمي ڏٺم سڀ گهاٽ،
ڪٿي ته آهين شيام!
ڄڻ پنڇيءَ جي گيت گيت ۾، آهي تنهنجا ٽان.
ڪٿي لڪو آن ڪان!
ڪٿي ته آهين شيام!
چُور چُور تي پئي هان تنهنجو وٺي وٺي مان نانءُ.
هچي پيو آ هانءُ،
ڪٿي ته آهين شيام!
ڪٿي ته آهين شيام!
(3)
ڪيچ وڃي ڪنهن ڪاڻ، پُنهل تون موٽي آءُ،
رستي رات ته رهندي، رانول! جيون مايان ماڻ.
پنهل تون موٽي آءُ.
ٻيهر هي ڀنڀور نه ملندءِ، آءُ ڀلي جي ڀاڻ،
پنهل تون موٽي آءُ.
هيءُ ڇاتي جا آتي آهي، تير اُنهي کي تاڻ،
پنهل تون موٽي آءُ.
هي جڳ هو جڳ مون سان جرڪي، مان تنهنجي چانڊاڻ،
پنهل تون موٽِي آءُ!
(4)
ٿر ۾ ڪهڙا ٿاڪ،
ٿڪن جا،
ٿر ۾ ڪهڙا ٿاڪ!
واري ساري واٽ،
نه ڪائي ڇانوَ نه ڪائي ڇاٽ،
مٿيان آ ٿاڪ،
ٿڪن جا.
ٿر ۾ ڪهڙا ٿاڪ!
ڀني نه تن لئه ڀونءِ،
تتيءَ تي پير پُڇي ٿيا پُونءِ،
چڪن ٿا چاڪ،
ٿڪن جا
ٿر ۾ ڪهڙا ٿاڪ!
(5)
هيا هيا هيا، او...
دور وڃي ٿي نيا...
هيا هيا هيا...!
ڪهڙي گهاٽ لڳي هيءَ نؤ ڪا، ڪٿي کٽي جيون،
ڇڪي پيو اڄ من کي سڀني جهڙو سندر جن.
هيا هيا هيا او...
دور وڃي ٿي نيا...
چاندوڪي ۾ چڙهندي پدما، تک سان وهندي تار،
لڙهندي لڙهندي پنهنجي نؤڪا، پنهنجي ويندي پار.
هيا هيا هيا، او،
دور وڃي ٿي نيا...
بن مانجهيءَ منجهنڌار مٿان هي نوڪا ويندي دور،
ڪنهن ڏورانهن ڏيهه اسان کي ڇڪي پرينءَ جو چور.
هيا هيا هيا او،
دور وڃي ٿي نيا...

[b]اياز جي گيتن جا قسم:
[/b]اياز پنهنجن گيتن کي سريلا رسيلا ۽ دلڪش ۽ دلپسند بنائڻ لاءِ انهن جا ڪيترائي قسم رچيا آهن، جيڪي روح کي وندرائن ٿا ۽ خوشي پهچائن ٿا.

[b](1) پاڻياري:
[/b]پاڻياري ٽلڪي.
سينهُونءَ تي سُتو سانگ گهڙي جا،
پلڪ پلڪ ڇُلڪي،
پاڻياري ڦلڪي.
آلا آلا رنگ چُنيءَ جا،
انگ پيا اُلڪي،
پاڻياري ٽڪلي.
ڪنڀر واري ڪار ڪيائين،
جا ڪئي جهلڪي،
پاڻياري ڦلڪي.

[b](2) لولي:
[/b]لوليون،
او اَبا!
لوليون! لوليون!
شال دولهه ٿئين سال دودو ٿئين!
شال سورهيه ٿئين، سنڌ تي سر ڏئين،
لوليون،
او ابا،
لوليون! لوليون!
ڀيڻ تنهنجي به شل، سورمي تي جئي!
مارئي ٿي مري، مارئي ٿي جئي!
لوليون!
او ابا!
لوليون، لوليون!

[b](3)ناچ ڌُن:
[/b]پريت جي پايل پايل
آيل! آيل!
گهايل گهايل،
منهنجا پير.
جندڙي ڪوئي جهوٽو آهي،
۽ منهنجو من،
وارياسي تي پوٺو آهي،
جندڙي سر تي سانجهي آهي،
۽ منهنجو من،
مانجهادي جو مانجهي آهي.

[b](4)لمڪيان ڙي لو:
[/b](هي گيت ٿري گيت آهي جنهن ۾ ناچ نچڻ جا سريلا طريقا ٻڌايا ويا آهن.)
آءُ اُتر هير سان، لمڪيان ڙي لو،
لمڪيان ڙي لو،
کنڀ کنيا ٿا ڪرن، لمڪيان ڙي لو،
پٽ تتر پار جا،
روز اُتر کان اچن، لمڪيان ڙي لو،
پنڌ پري هوءِ ڙي، لمڪيان ڙي لو،
پار پرين لوءِ ڙي، لمڪيان ڙي لو،
تانگهه ڪئي تاوڙي، لمڪيان ڙي لو،
ڪانگ ڏسي ڪامڻي،
ڪانڌ مٿان ڪاوڙي، لمڪيان ڙي لو،
ڏور ڪئيئه ڏينهڙا، لمڪيان ڙي لو،
ڪالهه اُٺا مينهڙا، لمڪيان ڙي لو.

[b](5)مڻهيار:
[/b](مڻهيار هڪ ٿري لوڪ گيت آهي، گهڻو وقت اڳ ۾ پٺاڻ تمام گهڻو پنڌ ڪري ٿر جي علائقن ۾ ايندا هئا، ۽ ٿري عورتن کي ڪپڙا، زيور، ميڪ اپ جو سامان، منڊيو ۽ رومال وغيره اڌهار تي ڏئي ويندا هئا، هو سال ڏيڍ سال کان پوءِ اچي وياج سميت رقم وٺي ويندا هئا. شيخ اياز اهڙي لوڪ گيت کي علامتي رنگ ۾ پيش ڪيو آهي.
مڻهيار آيو، مڻهيار آيو ڙي!
مڻهيار ڙي!
آيو جنن ۾، والا ڪنن ۾،
ڳانا ڳلي ۾، جهونجهار ڙي!
مڻهيار ڙي!
موتي لُٽائي، جوتي لٽائي،
ڇا ڇا سجائي سنسار ڙي،
مڻهيار ڙي.
ٻانهن ٻُٽي جو، ويندي لُٽي جو،
ڇوري ڇني جو سينگار ڙي!
مڻهيار ڙي!
گهونگهٽ هٽائي، جهومر ٽڪائي،
ڇا ڇا ورونهون و ايار ڙي!
مڻهيار ڙي!

[b](6)ڪرهو:
[/b]ڪرهو هڪ ٿريلو گيت آهي، جو اُٺن جي سفر ۾ ڳائيندا آهن، ڪرهو اوسيئڙي ۽ وڇوڙي جو گيت آهي،
هُڙڪ هُلو هو، ڌيمان هُلو هو.
پنڌ پري هو،
ڪير ڪري هو،
واٽ اوائي،
ڏيل ڏري هو.
پوءِ به پرينءَ جو پنڌ ڀلو هو،
هُڙڪ هُلو هو، ڌيمان هلو هو.
پار نه پيرو،
دڳ نه ديرو،
رات گهڻا ئين،
دور سويرو.
ڪر هلڙو ڙي، جيءُ جهلو هو!
هڙڪ هلو هو، ڌيمان هُلو هو.

[b](7)همرچو:
[/b](همرچو هڪ ٿري لوڪ گيت آهي جيڪو اهي کيڙي ميڙي وقت ڳائيندا آهن)
گرجي گرجي گا جڙلو لا....
همرچي جو ويلوڙي.
هيل گهٽا گهنگهور الا لا!
سانوڻ زوران زو الا لا!
همرچي جو ويلوڙي.
رم جهم رم جهم الا لا!
گهنن گهنن پرڀات الا لا...
همرچي جو ويلڙي.

[b](8) نئون جمالو:
[/b]نئين موج ٿي مهراڻ ۾.
هو جمالو!
نئين موج ٿي مهراڻ ۾،
هو جمالو!
جنهن ۾ ليٽ ٻُڏا ٻيٽ تي،
هو جمالو!
جنهن جي ڦاٽ ڀڳا گهاٽ تي،
هو جمالو.
جنهن ۾ ٻيڙيون سائين سيڙهون ٿي،
هو جمالو.
جن جا پڳهه جڳهه جڳهه ٿي،
هو جمالو.
نئين موج ٿي مهراڻ ۾،
هو جمالو.
نئين موج ئي مهراڻ ۾،
هو جمالو!

[b]شاهڪار گيت:
[/b](شيخ اياز جا سڀئي گيت سريلا ۽ رسيلا آهن پر هي گيت بي مثال آهي، بي بها آهي ۽ شاهڪار گيت آهي. هن جي سٽا پياري ۽ نياري آهي، هن ۾ جيڪا ڍار آهي، رفتار آهي ۽ رواني آهي اُها ٻئي ڪنهن به سنڌي گيت ۾ نه ملندي هن ۾ سُر به آهي، سنگيت به آهي، پيار به آهي، پيغام به آهي ۽ لڪل پيار جي پُڪار به آهي)
منهنجا پرين!
او بانورا! او سانورا.
گهر ۾ گهرين،
چوري ڪرين، کلندو ورين،
مان لک چوان، پيرين پوان،
پر جو مڙين، او شل جڙين!
منهنجا پرين!
او بانورا! او سانورا.
سورج ويو جيئن ڍرڪندو،
۽ شام لهرايون چڳون،
ائين نظر تون مرڪندو.
ڪيڏيون نه گهرايون هيون.
منهن ۾ سندءِ اي آشنا!
سو سو سنها جن ڏنا!
جيئن ڪنگ اُڏريا واءُ ۾،
ڦرنديون ڪريون کنڀڙيون ٿيون.
ٿي ويا ڇلا ڦهلا ۾،
جئين ڍنڍ ۾ لهريون اُٿيون.

[b]شيخ اياز جي گيتن جون خوبيون:
[/b](1) شيخ اياز جا گيت بنا زور زبردستي جي ازخود هانءُ مان ڦٽي نڪري ايندا آهن.
(2) اُنهن جا موضوع عوامي آهن، سونهن، سچائي، پيار، ميل ميلاپ ۽ وڇوڙو.
(3) اُنهن ۾ سُر ۽ سنگيت هوندو آهي. جيڪو اُنهن کي رنگين، حسين ۽ دل نشين بنائي ڇڏيندو آهي.
(4) اُنهن جي ٻولي سادي ۽ سلوڻي، ميٺاج ڀري ۽ فطري هوندي آهي.
(5) اُهي سڌو دل تي اثر ڪندا آهن ۽ نسن ۾ نينهن ڀري جيون کي خوشيون ئي خوشيون ڏيندا آهن.
(6) اُهي محبت ماريل دلين کي ڪرار ڏئي اُنهن ۾ سرور ئي سرور ڀري زندگي کي نئون رنگ ۽ نئون روپ ڏيندا آهن.
(7) اُهي خوشيون وراهي دلين ۾ رنگ ڀري، نوان نياپا پهچائيندا آهن.
(8) اُهي زندگي جا راز ٻڌائي زندگي کي روان دوان رکندا آهن.
(9) اُهي زندگي جي معاملن کي سمجهائي انساني زندگي مان ڏکن ۽ سورن جو خاتمو ڪري ڇڏيندا آهن.
(10) اُهي اشارن ئي اشارن ۾ سچ جو ساٿ ڏيڻ لاءِ ماڻهن کي تيار ڪندا آهن ۽ ڪوڙ، ڪاوڙ ۽ نفرت کي هڪالي ڪڍندا آهن.

[b]اديبن ۽ نقادن جا رايا:
[/b]
[b]رسول بخش پليجو:
[/b]اياز سنڌي ٻولي جو زبردست عاشق ۽ پارکو آهي. هو سنڌي لفظن جو وينجهارڪ آهي، اکرن جا املهه ۽ بي بها خزانا جيڪي هر هنڌ ٽڙيا پکڙيا پيا هئا، جن ڏانهن ڪنهن ڌيان نٿي ڏنو تن کي هن سهيڙي، اجاري ۽ گهڙي منجهائن شعر جا اهڙا حيرت انگيز نو لکا هار ٺاهيا آهن، جن کي ڏسي عقل چرخ ٿيو وڃي.

[b]امير علي چانڊيو:
[/b]هينئر سنڌي شاعري جو خاص جزو پيو محسوس ٿئي، گيت بنيادي طرح هندي صنف آهي، جيڪا لوڪ گيت مان سرجي آهي. گيت بنيادي طور تي نسواني شاعري آهي، جن کي عورتون ڳائينديون هيون، گيت لاءِ ڪا هيئت مقرر نه آهي ۽ نه ئي ان لاءِ ڪا موضوع جي پابندي آهي. گيت انگريزي شاعري جي ليرڪ جي قريب آهي. گيت جو (Canvass) بلڪل (Landscape) وانگر ڪشادو آهي.

[b]تاج جويو:
[/b]شيخ اياز سنڌ جي قديم ڪلاسيڪي صنفن، بيت ۽ وائي کي نون رنگن سان سينگاريو ۽ انهن کي نين تقاضائن ۽ لاڙن موجب تبديل ڪيو. اُنهن آڳاٽن ۽ وساري ڇڏيل صنفن جي اهليت، مزاج ۽ اثر جو اندازو لڳائي، شاعري ۾ مقبول ڪيو.

[b]شيخ اياز جي انقلابي شاعري:
[/b]
[b](1) انقلابي شاعري ڇا آهي:
[/b]سچو شاعر انقلابي هوندو آهي. هو سچ جو ساٿي ۽ ڪوڙ جو دشمن هوندو آهي جو انصاف ۽ ناانصافي جو ويري هوندو آهي. انقلابي شاعر دنيا مان ڪوڙ، ٺڳي ۽ فتني کي ختم ڪندو آهي ۽ ڪوڙن، ٺڳن ۽ فتني بازن کي ڪم ڪرڻ نه ڏيندو آهي. هو زماني مان غلط ڪمن ڪارين کي تڙي ڪڍندو آهي ۽ جڳ ۾ صلح ۽ امن پيدا ڪري زندگي ۾ چڱا ڪم ڪرڻ جا موقعا فراهم ڪندو آهي. هو زندگي ۾ سونهن پيدا ڪندو آهي. سراهي پيدا ڪندو آهي ۽ انساني ڀائيچاري جي لاءِ ڪوشان رهندو آهي. دنيا مان هر برائي ۽ هر فتنو ختم ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته سوچ کي انقلابي بڻائجي.

[b](2) شيخ اياز جي انقلابي سوچ:
[/b]شيخ اياز اسان جو پيارو ۽ دلير شاعر آهي. هن 50 سال مسلسل شاعري ڪري اسان جي ذهنن کي بدلائي ڇڏيو آهي. هن اسان جي سوچڻ جي طريقي ۾ نواڻ آڻي اسان کي انقلابي پسند بڻائي ڇڏيو آهي. هن اسان جون اکيون کولي ڇڏيون آهن ۽ اسان کي هر شيءِ جي سمجهڻ جي قابل بڻايو آهي. هن اسان کي وهمن ۽ برهمن جو ساٿ ڇڏي جديد دنيا جي جديد طريقن کي پنهنجو بنائي سچو انسان بنايو آهي. اسان جي هي دنيا ڪوڙ، فريب ۽ ٺڳي جي دنيا نه آهي. اسان جي دنيا سچ جي دنيا آهي، سچ سوچ جي دنيا آهي ۽ سچن طريقن سان ڪم ڪرڻ جي دنيا آهي. هتي جون سڀئي ڪوڙيون ڳالهيون ڌوڙ ٿي ويون آهن ۽ جي ۾ سج اُڀري هر هنڌ روشني پکيڙي ڇڏي آهي.

[b]اياز سچن جو ساٿي:
[/b]شيخ اياز سچو آهي ۽ سچن جو وفادار ساٿي آهي، اُنهن جي مدد ڪرڻ لاءِ هر وقت تيار رهندو آهي. هو جرئتمند آهي، هو ڏاڍ جو ويري آهي ۽ اڍاين کي منهن ڏيڻ لاءِ هر وقت تيار رهندو آهي. هن 1965ع واري جنگ ۾ عام ماڻهن جو ڏاڍو ساٿ ڏنو آهي. اُنهن کي ظلم کان بچايو ۽ سختيون به سٺائون. جنگ جي حالتن سنڌ جي ماڻهن کي ڏاڍو پريشان ڪري ڇڏيو اُنهن جون مذهبي، معاشي ۽ معاشرتي حالتون خراب ٿي ويون هيون هن ڪيترائي شعر لکيا ۽ ماڻهن کي حوصلو ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. هن هڪڙو شاهوڪار نظم جوڙيو.
سهندو ڪير معيار و يار،
سنڌڙي تان سر ڪير نه ڏيندو.
هن انقلابي نموني ماڻهن کي ڏاڍو متاثر ڪيو ۽ هو سنڌڙي تان سر ڏيڻ جي لاءِ ميدان عمل ۾ اچي ويا. سنڌين جو هي بدليل روپ ڏسي ويري ڊڄي ويا. اُنهن سوچيو ته سنڌ جا ماڻهو سنڌ کي ظلمن کان آجو ڪرڻ لاءِ ڪيئن تيار ٿيا ۽ ڪنهن اُنهن کي تيار ڪيو؟ اُهو سنڌ جو انقلابي شاعر شيخ اياز هو جنهن ماڻهن کي بيدار ڪيو اُنهن ۾ جرئت ۽ بي ڊپائي پيدا ڪئي، اُنهن ۾ وڙهڻ ۽ سر گهورڻ جو جذبو پيدا ڪيو ۽ اڻهن کي شان ۽ مان سان زنده رهڻ جي قابل بڻايو.

[b]شيخ اياز تان سختيون:
[/b]شيخ اياز شروع کان وٺي انقلابي شاعر هو. جتي به ڪو غلط ڪم ڏسندو هو اُتي پهچي ويندو ۽ ظلم کي ختم ڪرائڻ لاءِ ميدان عمل ۾ اچي ويندو هو. هو ڏاڍ جي خلاف هو، ظلم جي خلاف هو ۽ غلط ڪارنامن جي خلاف هو. هو اُنهن تي ڳالهائيندو هو، جلسا ڪرائيندو هو ۽ انصاف جي لاءِ ڪوششون ڪندو هو. ائين ڪندي هو لٺيون به سهندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن جيلن جا در به ڏسندو هو، پر ڀڃي نڪرڻ ٺيڪ نه سمجهندو هو.
شيخ اياز سچ چوڻ کان ڪڏهن ڪو نه ڊڄندو هو. هندستان ۽ پاڪستان جي جنگ ٻنهي پاسي رهندڙ سنڌي ڀائرن تي به وڏو اثر ڇڏيو. شيخ اياز سنڌ ۾ هو ۽ اُن جو مٺڙو يار نارائڻ شيام هندستان ۾ اها جنگ ڏاڍي ڏکي هئي، پنهنجن جي هئي ۽ ٻن ديسي يارن جي وچ ۾ هئي. شيخ اياز اُنهي موقعي تي هي نظم لکي:
هي سنگرام!
سامهون آ،
نارائڻ شيام!
هن جا منهنجا
قول به ساڳيا،
ٻول به ساڳيا.
هو ڪوٽا جو ڪاڪ ڏئي، پر،
منهنجا رنگ، رتون به ساڳيا.
ڍٽ به ساڳيو،
ڍول به ساڳيا،
هان به سڳايو،
هول به ساڳيا.
هن تي ڪئين بندوق کڻان مان!
هن کي گولي ڪئين هڻان مان.
ڪئين هڻان مان،
ڪيئن هڻان مان،
ڪيئن هڻان مان،
ڪيئن هڻان مان.
هي نظم انساني رشتن ۽ انساني تعلقات بابت هڪ بي مثال نظم آهي هن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته انسانن جو خون هڪ آهي ۽ برابر آهي. هن نظم جي ڇپجڻ کان پوءِ وڏا گوڙ ٿيا. شيخ اياز کي هندن جو دوست ۽ مسلمانن جو دشمن سڏيو ويو. اُن کي ڪافر به سڏيو ويو. هن تي ڪيس هلايا ويا، هن جي ڪتابن تي بند شيون وڌيون ويون ۽ هن جي روزمره جي زندگي کي مشڪل بڻايو ويو هن مڙس ٿي مقابلو ڪيو. ۽ پاڻ کي بچايو.

[b]جي.ايم. سيد جي راءِ:
[/b]جي.ايم. سيد شيخ اياز کي بنگال جي انقلاب پسند شاعر نظر اسلام سان پڀيٽي چيو آهي ته هو بنگال جي انقلاب پسند شاعر جهڙو هو. هو سختين ۽ مصيبتن کان نه ڊڄندو هو ۽ جيڪي ڪجهه چوڻو هوندو هو سو ذوردار نموني ۾ چئي ڏيندو هو. شيخ اياز مصيبتن جي وچ ۾ بيٺو رهيو، نعرا هاڻي حق جون ڳالهيون ڪندو رهيو.
ساري شهر وسايا پٿر، جن سان چڪنا چور رهيو،
پوءِ به هن تي نعرا ماريا مڙس ته ڪو منصور رهيو.
*-*-*
جو لکڻو آهه لکي وٺ اڄ،
ڪنهن ڄاتو آهه سڀاڻي کي،
ٻيو ڏينهن ته ناهي ڪنهن به ڏٺو،
ٻئي ڏينهن ته مرڻو آ توکي.
*-*-*
مان جنهن ٽاري کي ڌوڻيا ٿو،
ان مان پٿر ڇڻن ٿا،
پٿر، جي ڪڏهن ساوا،
ڪڏهن ڳاڙها آهن،
منصور! مان توکان به اڳتي نڪري چُڪو آهيان،
مون لاءِ ته ڪو شبلي به نه رهيو آهي.
*-*-*
ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين، توکي چشمن ڀانيان،
مٽي ماٿي لايان.
ڪالهه مليران مهڪ اُٿي جا، نگر نگر ڦهلايان،
مٽي ماٿي لايان.
تنهنجي مٽي منجهه ملان جي آئون مارت ڀايان!
مٽي ماٿي لايان.

[b]شيخ اياز جو انقلابي گيت:
[/b]شيخ اياز هڪ وڏو انقلابي شاعر اهي هن جو هي انقلابي گيت ڏاڍو مشهور آهي. اڄ ڏينهن تائين به نوجوان سنڌي ماڻهن جي جلسن ۾ ڳايو ويندو آهي. انهي گيت تي ناچ ڪري نوجوان نعرا هڻي نهال ٿي ويندا آهن. هن گيت کي پرکي ڏسو:
انقلاب، انقلاب، ڳاءِ انقلاب ڳاءِ!
جيئن زمين آسمان،
جي کلي پئي زبان،
ڪُنڊ ڪُنڊ، چونڪ چونڪ،
شهر شهر، ڳوٺ ڳوٺ،
جيئن ڏئي اُٿي جواب، انقلاب،
انقلاب، انقلاب ڳاءِ انقلاب ڳاءِ.
هي به ڪو نياءُ آ،
جو مزور ڀاءُ آ،
سو لهو پيئي پيو،
سو پئي پيو شراب، انقلاب!
انقلاب، انقلاب، ڳاءِ انقلاب ڳاءِ.

[b]شيخ اياز جي شاعري جي اهميت:
[/b]شيخ اياز پنهنجي شاعرانه ڏات، تخليقي صلاحيت ۽ فني ڪمالات جي ذريعي سنڌي شاعري کي سنواري، سينگاري اُن کي سرخرو بڻائي ڇڏيو آهي ۽ هڪ باڪمال ۽ بي مثال شاعري جي حيثيت کي امر بڻائي ڇڏيو آهي. هو سنڌڙي جو هڪ سچو رهبر ۽ رهنما آهي. سنڌ جي ڀلائي ۽ سنڌ جي ترقي هن جو ايمان آهي ۽ سنڌين جي سرخرو ئي هن جي مذهب جو هڪ نمايان حصو آهي. سنڌ اياز جو شان ۽ مان آهي، ۽ اياز سنڌ جي سپوت جيان سنڌ لاءِ جيئي ۽ سنڌي ثقافت جو مان وڌائي سنڌ کي جنت بنائڻ چاهي ٿوسندس هي شعر پڙهو:
هي سپنا منهنجي ۾،
هيءُ آهي رات اُنت، لوڪو،
ڪجهه شاهه ڏني ڪجهه شيخ ڏني،
هن سنڌڙي کي صورت لوڪو.
شيخ اياز پنهنجي سنڌڙي جو شاعر آهي. هو پنهنجي ثقافت جو شاعر آهي ۽هو پنهنجي ديس جو شاعر آهي. هن جو ڪجهه ڪيو آهي اُهي پنهنجي قوم لاءِ، پنهنجن ماڻهن لاءِ ۽ زندگي جي سچن ۽ خالص قدرن لاءِ، شيخ اياز سنڌ آهي ۽ سنڌ شيخ اياز هن پنهنجي ڪلام ۾ سنڌ جي سڀني ڀاڱن جي ماڻهن جي خوب ترجماني ڪئي آهي. هن ٿر، لاڙ، وچولي جابلو علائقي ۽ اُترين علائقن کي ساراهيو آهي، اُنهن جي ثقافتي قدرن کي واکاڻيو آهي ۽ اُتي جي ڪهاڻين ۽ داستانن جي ذريعي اُتي جي ماڻهن جي سونهن ۽ سچائي ۽ سرهاڻ کي بيان ڪري زندگي جي سڀني رنگن، روپن ۽ رخن کي پيش ڪري هڪ بي مثال ۽ لاجواب تخليق ڪار ثابت ڪيو آهي. شيخ اياز ڏاڍ جي خلاف آهي، ظلم جي خلاف آهي، غلط ڪارين جي خلاف آهي ۽ غلط عملن جو وڏو دشمن آهي. هو ڏاڍايون ۽ دشمنيون ختم ڪري امن ۽ پيار کي قائم ڪرڻ چاهي ٿو.
گهايل ڌرتي جي سيني تي،
اهڙي گهري چيخ ٿين ٿا،
جا هر ڪنهن کي جاڳائي ٿي،
دنيا کي بدلائي ٿي.
شيخ اياز هڪ وڏو شاعرآهي. هو هيڻن جو مددگار، سچ جو طرفدار آهي، انصاف ڪندڙ آهي ۽ ڏاڍ جون ريتون ۽ رسمون توڙي امن ۽ سڪون جون راتيون جوڙي امن جو راڄ قائم ڪرڻ چاهي ٿو.
ڪلهه جا تنهنجي وائي هئي،
تنهن ۾ تو سان جنگ هئي،
ڌرتي تنهنجي تنگ هئي،
جا اڄ تائين جاري آ.
شيخ اياز سمجهي ٿو ته شاعر امن جا پيغمبر آهن. هو جنگ جي سخت خلاف آهي. هو چاهين ٿا ته پيار، سمجهداري، رواداري جي ذريعي جنگ جي رستن کي روڪي دنيا کي امن جو گهوارو بڻائي سگهن ٿا، ۽ انسان کي اعليٰ مخلوق بڻائي دنيا ۽ دنيا وارن کي سرخرو ڪندا.

[b]محمد ابراهيم جويي جا خيالات:
[/b]محمد ابراهيم جويو سنڌ جو وڏو محقق ۽ شيخ اياز جو سچو رهبر ۽ رهنما آهي. هن پنهنجي هڪ مضنون اياز کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ اسان جو قومي فرض آهي. ۾ سنڌ وارن کي سمجهايو آهي ته جيڪڏهن هو سنڌ جو ڀلو چاهين ٿا ته اُنهن کي شيخ اياز کي ايمانداري سان پڙهڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته هي اُنهن جو قومي فرض آهي. شيخ اياز هڪ وڏو شاعر ۽ تلخيق ڪار آهي. هن جي شاعري کي هن جي زندگي ۾ به ڪافي عزت ملي. هن سنڌ جي صحيح ترجماني ڪري اُنهن تي جيڪو احسان ڪيو آهي، اُنهي جي بدلي ۾ اُنهن کي گهرجي ته هو شيخ اياز کي پڙهن، اُن جي نقطه نطر کي سمجهن ۽ اُن جي پيغام تي عمل ڪري سنڌ ۽ سنڌين جي ڀلائي لاءِ هر وقت ڪم ڪن. شيخ اياز کي وسارڻ ممڪن ئي ناهي. ڇاڪاڻ ته اُن سنڌين جي ذهن کي بيدار ڪيو آهي ۽ انهن کي عقلمند بنايو آهي. شيخ اياز اسان جي سنڌ جو سريلو رهنما آهي، جيڪو اسان کي وطن جي خدمت جو سبق سيکاري ٿو ۽ سنڌ جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪرڻ تي تيار ليکڪ لکي ٿو. هو سنڌ جو سچو شاعر آهي ۽ سنڌ جي خدمت ڪرڻ اُن لاءِ عبادت جي برابر آهي. شيخ اياز عوامي شاعر آهي. اُن جو ڪم آهي عوام جي خدمت ڪرڻ ۽ اُنهن کي جرئت بخشڻ جيئن ته هو پنهنجن ڪمن ڪارين کي باقائدگي سر انجام ڏئي سگهن. شيخ اياز جي شاعري جو ماحول سنڌ جي عام ماڻهن، وايو منڍل ۽ حالتن سان آهي ۽ جيڪي سنڌي اُنهن حالتن کي ڄاڻن، سڃاڻن ا، سي شيخ اياز کي ڪيئن ٿا وساري سگهن. شيخ اياز جي شاعري عام ماڻهن جي جذبن ۽ احساسن جي ترجمان آهي.
درد جي، شام آ، سج ويندو لهي،
واءُ ۾ آهه ڪا ڳالهڙي اڻ ڪهي،
هي ٻٻر ٻيلڙا، ٿا شفق ۾ پرن،
ڇيلڙا ٿا ڇرن، ڏئي عجب آهي،
پيالهون لاڙ ۾، آهه رستو سڌو،
چنڊ آ چوٽ جو ۽ ڪنڊي جي چهي،
وار ٿي جا وکيڙي، اتر واءِ ۾،
تون اُنهي کان سواءِ ڪو نه سگهندين رهي،
هوءَ جيڪا هوا جيئن آزاد آ،
سچ چئجان توسان وئي ڪنهن ٺهي،
ڪيئن زنجير هن تي پيار پيار جا،
ڪا گهڙي ڪا نه تون کان سوائي رهي!
شيخ اياز جي شاعري زنده آهي ۽ رهندي جيئن جيئن سنڌ جا ماڻهو اُن کي پڙهندا رهندا، سجاڳ ٿيندا، خوش ٿي هم جوشيون هڻندا ۽ زياده سگهه ۽ محنت سان ڪم ڪندا ۽ پاڻ کي سنڌ جا سچا سپوت ثابت ڪندا.
شيخ اياز جي شاعري سنڌين کي اُهو حوصلو ڏنو ته هو بنا ڊپ، جي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندا رهن، ائين ڪرڻ سان اُنهن جي اظاهر جي قوت به مضبوط ٿيندي. هو جرئت سان سچ جو ساٿ ڏيڻ لاءِ تيار رهندا. اياز جي شاعري سنڌين ۾ ايمان ڀري ڇڏيو آهي ۽ اُنهن کي هر مصيبت جو مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار ڪيو آهي. هاڻي اسان جا امن پسند سنڌي ڀڄي نه نڪرندا پر امن کي بچائڻ جي لاءِ مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندا. اياز جي شاعري سنڌين ۾ اهو وشواس پيدا ڪيو آهي ته هو همت ۽ حوصلي وارا آهن ۽ پنهنجي همت سان پنهنجا سمورا ڪم ڪري سنڌ مان برائن جو خاتمو ڪندا، مجبورين کي ڇڏي ڏيندا ۽ ڏکين حالتن جو به مقابلو ڪري ڪاميابي حاصل ڪندا. اياز جي شاعري سنڌين کي سچا، سٺا ۽ مضوط انسان بڻايا آهن. هو امن قائم ڪرڻ جي لاءِ هر مصيبت کي سهندا ۽ ورين کي وڍي اڇلائي ڇڏيندا.

[b]اياز جي ڪلام جي ضرورت:
[/b]عبدالواحد آريسر پنهنجي هڪ مضمون ”آڪاش کان وڏو ڌرتي جو شاعر“ ۾ خوب لکيو آهي: ”اياز جيترو ڌرتي کي ڳايو آهي، او ترو شايد ئي ڪنهن شاعر پنهنجي ڌرتي کي ڳايو هجي“ شيخ اياز جا هي ٻه شعر قابل قدر آهن. سنڌڙي آهي ته سڀ ڪجهه آهي.
هي ڪنڌ ڪلهن تي آ جيسين،
هو پير ڏريندا ڪيئن تيسين
هن ڌرتي تي، جا امي آ،
هي جندڙي هوئين، نڪمي آ
جي تون وڙهندي ماريو ويندين،
هن وستيءَ تي واريو ويندين،
دودا! تنهنجو ساهه ته ويندو،
ماڻهو جو ويساهه نه ويندو.
شيخ اياز ماڻهن کي وڙهڻ، جان ڏيڻ جو ۽ زندگي قربان ڪرڻ جو درس ڏنو آهي، هن سيکاريو آهي ته وطن لاءِ ساهه وڃي ته وڃي پر ويساهه نه وڃي، ويساهه سان ڪم ڪرڻ وارا، فنا ٿي ويندا، پر هارائيندا ڪڏهن به نه، ويساهه رکندڙ ماڻهو شيخ اياز جي شاعري جو قدر ڪن ٿا ۽ ڪندا رهندا. شيخ اياز اتساهه ۽ ويساهه جي رستي سنڌ جي ماڻهن کي جاڳائي رکيو آهي ۽ پنهنجي شاعري ۾ اُنهن جي بي بها جذبن ۽ احساس کي ڀري اُنهي کي زندهه جاواڌان بنائي ڇڏيو آهي. شيخ اياز سچ پچ سداحيات جديد سنڌي شاعر آهي. هو سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي لاءِ اهم نه پر نهايت ئي اهم آهي ۽ هن جي شاعري جي اهيمت گهٽ ٿيڻ واري ناهي.

[b]شيخ اياز جون ادبي خدمتون:
[/b]شيخ اياز سنڌي ادب ۽ شاعري جو عظيم سرپرست آهي. هن پنهنجي ڏات، شاعري، تخليقاري صلاحيتن ۾ فني ڪمالات جي ذريعي سنڌي شاعري کي جيڪا بلندي بخشي آهي. تنهن سنڌي شاعري کي بلندين تائين پهچائي عالمي شاعري جو درجو ڏياري ڇڏيو آهي. هن تجربا ڪري، انيڪ محنت ڪري ۽ مطالعي ذريعي ادبي ۽ فني صلاحيتون حاصل ڪري سنڌي شاعري کي بي پناهه ترقي ڏياري آهي.

[b](1) دوها:
[/b]دوهو ننڍي کنڊ جي هڪ قديم صنف آهي. هن صنف ۾ شاعري ڪري ننڍي کنڊ جي شاعرن نهايت ئي وڏا ڪارناما سرانجام ڏنا آهن. شيخ اياز پهريون جديد سنڌي شاعر آهي جنهن دوهي جي صنف کي سنڌي ٻولي ۾ رائج ڪري وڏي فني ڪاريگري جو ثبوت ڏنو آهي. دوهو ٻن هم وزن سٽن جي هڪ نازڪ صنف آهي. هن صنف ۾ هر قسم جي موضوع کي سمائي سگهجي ٿو.
جهڙي ڳالهه فريد ڪئي! اهڙي ڳالهه نه ٻي،
نه ڏئين پرائي چو پري، نه تر سا اپنا جي.
*-*-*
چتونءَ جي چونگار نه ٻڌ، ٿو پڃري ۾ ٻولي،
ڪيئن چئجي ڪنهن وقت اُڏامي ٻاهر در کولي.

[b](2) بيت:
[/b]بيت سنڌي شاعري جي هڪ منفرد صنف آهي. اها دوهي جي سڌريل ۽ ترقي يافتا شڪل آهي. ”ڀنور ڀري آڪاس“ جي پيش لفظ ۾ شيخ اياز خوب لکيو آهي. اهو سنڌي بيت جو ڪمال آهي ته ان جي پهرين ۽ پوئين سٽ جي آخر ۾ نه قافيو آهي، نه رديف، پر اُن جي باوجود بيت بيت ۾ ترنم ۽ هم آهنگي ٻئي هر صنف سخن کان زياده آهي.
ونڌر منهنجي واٽ تي، ڳولڻ ۽ ڳائڻ،
تتي ٿڌيءَ مند سان، نينهڙو پائڻ،
پرين کي پائڻ، رلندي پنهنجي راڳ ۾.
*-*-*
پيئڻ ۽ جيئڻ مٺو متوالن جو،
ڀيري ساڻ ڀرڻ، سرڪيون تنهنجي سونهن جون.

[b](3) وائي:
[/b]وائي بيت کي سر سنگيت ۽ قافيي جي مختلف رنگن، روپن سان سينگاري ٺاهي ويندي آهي. اُن جو اثر سهڻو ۽ سريلو ۽ جادوئي هوندو آهي. هن جون ڪلاسيڪي وايون لاجواب آهي. هن اُنهن ۾ اهڃاڻي انداز کي شامل ڪري اُنهن ۾ نوان رنگ ڀريا آهن ۽ اُنهن ۾ نئين معنيٰ پيش ڪئي آهي.
ڳل تي ڳوڙها، گُل تي شبنم،
ياد اوهان جي ياد اوهان جي.
چڻگون واري جي چوني ۾،
هاءِ ستارن جو عالم.
سير سنڌو جي پرخم پرخم،
ياد اوهان جي ياد اوهان جي.
شيخ اياز عروضي وايون به رچيون آهن. اُنهن ۾ ڪورس ناهي، ڪو رومان ناهي. انهي ۽ وائي جا ڪي به انگ ۽ ڍنگ ناهن.
هر محبت جي مزار،
وقت کوليندو رهي ٿو، ڏينهن رات،
چنڊ کان پڇ جنهن جي پاڇي ۾ ائين ٿا ڪئي پيار.
هر محبت جي مزار.
وقت کوليندو رهي ٿو، ڏينهن رات،
رات کان پڇ جنهن ۾ آهن، زلف ڪيئي عشڪبار.
هر محبت جي مزار.
وقت کوليندو رهي ٿو ڏينهن رات.
شيخ اياز عروضي واين کي سڌاري لکڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ڪيتريون لاءِ عروضي وايون لکيون پر اُهي پوءِ به ڪامياب وايون ناهن.

[b](4گيت:
[/b]شيخ اياز گيت جو بادشاهه آهي. هن جا گيت اعليٰ شاعري جو اعليٰ نمونو آهي. اُنهن جا موضوع آهن، سونهن، پيار، سچائي، جدوجهد، ميلاپ، وڇوڙو وغيره. اُنهن جي پيش ڪش جادو ڀري آهي ۽ لافاني آهي. هن تمام گهڻا گيت لکيا آهن، ڪنهن ٻئي سنڌي، اردو ۽ پاڪستاني شاعر ايترا ۽ اهڙا دلفريب گيت نه لکيا آهن.
هن نگري جي ڳلي ڳلي،
تنهنجي گهر سان وڃي ملي.
رمتي جوڳي بين کنئي،
در در ڀٽڪي نئين هينئي.
مليو هن کي ڏان دلي.
تو در موتي وري وري،
اڄ هي جيون جهول ڀري،
ڳوڙها ڳاڙي، کلي کلي،
من نگري جي ڳلي ڳلهي،
تنهنجي گهر سان وڃي ملي.

[b](5) لوڪ گيت:
[/b]شيخ ياز ٿر جي لوڪ گيتن ۽ لوڪ ناچن کي گهڻو پسند ڪندو هو. هن ”ساوڻ ٽيج“ کي سنڌي ۾ لکيو آهي. ساوڻ ٽيج ٿر، مارواڙ، ڪڇ ۽ ڀڄ جو هڪ مشهور لوڪ گيت آهي. هي برسات جي موسم جو پيارو ۽ وڻندڙ لوڪ گيت آهي. برسات جي ڏينهن ۾ جڏهن مينهن وسندا آهن، پاڻي ۽ ساوڪ هر طرف ڀليون لڳنديون آهن. ساوڻ ٽيج کان چند ڏينهن اڳ جوان ڇوڪريون پنهنجن برتنن ۾ ان جا ڏاڻا پوکينديون آهن، ساوڻ ٽيج جي ڏينهن اُهي سٺا ڪپڙا پائي زيور استعمال ڪري کلنديون نچنديون، گيت ڳائينديون، تلان، ٽوڀن ۽ ٽوڀڙين ڏي وينديون آهن، اُنهن برتنن کي جن ۾ اِن جا ڌاڻا رکيل، جن کي گجوا چئبو آهي. گهيڙينديون آهن ۽ پوءِ گهرن ڏانهن موٽي اينديون آهن. ساوڻ ٽيج وڏو، خوشين وارو ۽ مٺڙو موسمي گيت آهي. اهڙا گيت لکڻ سولو ڪم نه آهي. شيخ اياز بنان گيت جي پس منظر جي ڄاڻ جي هي ٽيج گيت لکيو آهي. جنهن ۾ نه رس آهي ۽ نه رچاءُ آهي ۽ نه وري ڪا خوشي.
آئي ساوڻ ٽيج ري،
ڳچ سوين تارڙا، ويجهه وجهي وڄ ڙي،
ڇوري نه ڇڄ ڙي،
آئي ساوڻ ٽيج ري.
وٽ مٿي مينهڙا، چٽ ڪئي ڇاٽ ڙي،
ٿورڙي اُسات ڙي،
آئي ساوڻ ٽيج ڙي.

[b](6) ٽه سٽا:
[/b]جديد سنڌي شاعري جي شروعات ۾ سنڌ جي نوجوان شاعرن کي جاپان جي مشهور صنف هائيڪو ڏاڍو متاثر ڪيو. شيخ اياز، نارائڻ شيام، اُستاد بخاري، شيخ امداد، ۽ ٻين هائيڪو تي طبع آزمائي ڪئي. ڪن هائيڪو کي تصويرون جو نالو ڏنو. ڪن هن کي ”هائيڪو نما“ سڏيو ۽ ڪن وري هن کي ”ٽيڙو“ جو نالو ڏنو. پوءِ ڪجه ڏکيائي جي ڪري سڀني هن کي ”ٽه سٽو“ جي نالي سان لکڻ شروع ڪيو. اُن کي وائي ۽ ڪافي کانپوءِ سنڌ جي مشهور صنف بڻائي ڇڏي.
”ٽه سٽا“ ٽن مصراعون واري صنف آهي. جنهن هن جو پهريون ۽ ٽي سٽو هم قافيا هوندي آهي ۽ ٻئي سٽ بنان قافيي جي هوندي آهي. هن جو ماترڪ سر سئو 11، 13، 11 يا وري 10، 12، 10 هوندو اهي. هي شيخ اياز جا بي ملهه ٽه سٽا آهن.
ڏونگر نه ڏرندو،
ڪبير جپڻي ڪاٺ جي
تنهن مان ڇا ورندو.
*-*-*
ساهتيه سائين؟
مٿان اکيون نانگ جون
ماڪ ڦڙا ڀانئين!
*-*-*
پاڇو ۽ پاڻي
ڪياماڙيءَ جي موڙ تي
ڪوئل اُڏاڻي.

[b](7) چار سٽا:
[/b]شيخ اياز پنجابي صوفين جي هڪ صنف ”چار سٽا“ کان متاثر ٿي ڪري چار سٽا به گهڙيا جيڪي هن ”الوداعي گيت“ ۾ استعمال ڪيا آهن.
جو لکڻو آهه لکي وٺ اڄ،
ڪنهن ڄاتو آهه سڀاڻي کي؟
جو پل پل آهه مهانگو آهه،
مون سستو سمجهه آ هاڻي کي.
*-*-*
تون راڳي آهين راڳ ڇڏي،
ڪو چئن ڪڏهن به نه پائيندين،
تون کڻ ته ڪلهي تي ڪينر کي،
تون دنيا کي دڳ لائيندين.

[b](8) ڇهه سٽا:
[/b]شيخ اياز ”ڇهه سٽا“ جي صنف گهڙي، اُن کي سنڌي شاعري ۾ شامل ڪيو آهي.
چاندني وسي ٿي پئي،
انب ۾ لڪل ڪوئل،
سانت ٿي وئي آهي،
مان اڃا سُتو آهيان،
ننڊ تو جيان مون کان
اڄ رُسي وئي آهي.

[b](9) نظم:
[/b]نظم شاعري جي مڪمل ۽ گهري صنف آهي، شيخ اياز نظم جو شاهه آهي، شهنشاهه آهي. هن تمام گهڻون يادگار نظمون لکي وڏو ڪمال ڪيو آهي. هن نظم کي پرکي ڏسو:
جواني نه رهندي،
جواني نه رهندي.
اسان جي صدا آ صدا ۽ الستي،
ڪيو مئي پرستي، ڪيو مئي پرستي!
پيئو حسن هستي، پئيو حسن هستي!
اڃا ڀي به مستي، اڃا ڀي به مستي!
سدائين مئي ارغواني نه رهندي.
جواني نه رهندي،
جواني نه رهندي،
اهو جام و مينا ٻه ٽي ڏينهن آهي،
اهو جوش صبا ٻه ٽي ڏينهن آهي.
طلسم تمنا ٻه ٽي ڏينهن آهي،
مگر، پوءِ به ڇاڇا ٻه ٽي ڏينهن آهي!
مڃان ٿو سدا زندگاني نه رهندي.
جواني نه رهندي،
جواني نه رهندي.
سدا فرش گل تي ڪندي رقص شنبم،
سدا چنڊ اُڀري ڪندو سير عالم،
سدا هير ۾ جهومندو زلف برهم!
مگر ابن آدم، مگر ابن آدم،
ٻه ٽي ڏينهن آ، عمر فاني نه رهندي،
جواني نه رهندي،
جواني نه رهندي.

[b]مختصر منظوم ڊرامو:
[/b]شيخ اياز منظوم سنڌي ڊراما به لکيا آهن. هن جو لکيل منظوم ڊرامو ”دودي سومري جو موت“ هڪ مڪمل مختصر سنڌي ڊرامو آهي. هن ۾ پس منظر، موسيقي، ڪردار نگاري ۽ ڳالهه ٻولهه مناسب ۽ من موهيندڙ آهي. دودي جي ڪردار جو جائزو وٺي اُن کي ساراهيو.
جي تون وڙهندي ماريو ويندين،
هن وستيءَ تي واريو ويندين،
دودا! تنهنجو ساهه ته ويندو،
ماڻهو جو ويساهه نه ويندو.
تنهنجا پُٽ ۽ پوٽا آخر،
آزادي لئه رڙهندا آخر،
رڙهندي رڙهندي وڙهندا آخر،
تن جي لاءِ مثال ڇڏي وڃ.

[b](10) غزل:
[/b]غزل پارسي جي صنف آهي. عروضي شاعرن هن صنف کي استعمال ڪيو پر اُن کي زندگي غزل بنائي نه سگهيا. شيخ اياز غزل لکڻ تي گهڻو زور ڏنو ۽ آخرڪار سنڌي غزل لکڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. شيخ اياز گهڻا غزل لکيا آهن جيڪي بي مثال آهن، يادگار آهن.

(1)
پويون پهر، جواني، جاڳ،
اڀ ۾ چندرما جي آڳ،
آس آسونهان، رڻ ۾ رات،
گهايل گهوڙا، بيوس واڳ
جهاڳيي آئي جيون ناؤ،
ڪيئي ڪارونڀار اجهاڳ،
پهتا نيٺ ڪلالن ڪُوءِ.
ڀٽڪي ڀٽڪي منهنجا ڀاڳ.

(2)
ڪهڙي ڪاريهر جو ڏنگ،
چورائي آيو آ چنگ،
پي پي آيو سج سروپ،
ڪوئي آڏو تي آڙ ٻنگ،
من جو ڪارونڀار ڪنڌيون،
سر تي تنهنجو منهنجو سنگ.
شيخ اياز جون ادبي خدمتون بي مثال ۽ لاجواب آهن، گهڻن ۽ صنفن ۾ لکي شيخ اياز سنڌي شاعري کي مالا مال ڪيو آهي. سنڌي شاعري شيخ اياز جي شاعري کانسواءِ اڻ پوري آهي، ادهوري آهي.


[b]مددي ڪتاب
[/b](1) محمد ابراهيم جويو. اياز جي شعري مجموعن جا مهاڳ.
(2) تاج جويو. آڪاش کان وڏو ڌرتي جو شاعر شيخ اياز.
(3) حمايت علي شاعر. شيخ ياز.
(4) شيخ اياز ۽ نارائڻ شيام. محمد ابراهيم جويو.
(5) شيخ اياز جي لکيل شاعري. شيخ اياز.
(6) شيخ اياز جي شاعري مجموئن تي مهاڳ. محمد ابراهيم جويو.
(7) سهڻي اياز نمبر. طارق اشرف.
(8) اخبارن، رسالن ۽ ادبي ادارن جا خاص نمبر.