لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سنڌي ٻوليءَ جا سرجڻهار شاعر

سنڌي شاعريءَ جي مختلف دورن بابت لکيل تحقيقي مضمونن ۽ مقالن تي مشتمل هن ڪتاب جو ليکڪ پروفيسر سروپچندر شاد آهي. شاد صاحب مهاڳ ۾ لکي ٿو:
”مون پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جا سرجڻهار شاعر“ ۾ قاضي قادن کان شيخ اياز تائين جي زماني واري شاعري کي ارڙهن دور ۾ ورهايو آهي. مون تفصيل سان هر دور ۾ اڀرندڙ نقطن، مضمونن ۽ شاعرانه نمونن جو تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي.“

Title Cover of book Sindhi Boli'a ja Sarjenhaar Shair

شمس الدين ”بُلبُل“(1857ع کان 1919ع)

[b]اديبن ۽ نقادن جا رايا
[/b]
ڊاڪٽر اسد الله شاهه حسيني، سابق اعزازي سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ، ”ڪلام بلبل“ ۾ ”ناثر طرفان ٻه اکر“ ۾ بلبل کي خوب داد ڏنو آهي. هو چوي ٿو ته ”بلبل پنهنجي فن جو امام آهي. سندس پائي جو انهيءَ مخصوص فن ۾ اڃان تائين ڪو شاعر پيدا نه ٿيو آهي.“
[b]ڊاڪٽر اسد الله شاهه حسيني،”ڪلام بلبل“
[/b]
”ڪلام –بلبل“ جي ديباچي ۾ ضيالدين ضياء بلبل جي فن جي باري ۾ ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل جي هڪ نظم جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن ۾ ڊاڪٽر خليل بلبل جي شاعرانه عظمت جي خوب واکاڻ ڪئي آهي.
”سنڌ اهڙو نه ڪيو هو ڪو سخنور پيدا،
نه بلاغت ۽ فصاحت ۾ ڪو همعصر پيدا.“
ضيالدين ضياء ڪلام – ”بلبل“

بلبل جهڙي شوخ، بيباڪ ۽ اثر انگيز شاعري ٻئي ڪنهن به سنڌي شاعر نه ڪئي آهي ۽ نه وري ڪو ڪري سگهندو.

[b]شخصيت[/b]
شمس الدين بلبل سنڌي ٻولي جو نرالو ۽ ناميارو شاعر آهي. هن پنهنجي ڏات، ڏاهپ، مشاهدي جي تيزي، جدت ۽ شوخ ۽ بيباڪ عبارت ذريعي سنڌي شاعري کي هڪ نئون رنگ ۽ ڍنگ ڏنو آهي. هن سنڌي شاعري جي خوب خدمت ڪئي هن شاعري جي هر صنف ۾ لکيو ۽ خوب لکيو.
بلبل جي شاعري گهڻو ڪري طنز ۽ مزاح جي رنگ ۾ رتل آهي. هن جي حمديه شاعري اعليٰ ۽ عاليشان آهي. هن جي نعتيه شاعري هن جي روح جو آواز آهي. بلبل هڪ ديانتدار، ديندار ۽ مخلص انسان هو. بلبل جي نعتيه شاعري اُن جو پڪو ثبوت آهي. هن ا خلاقي ۽ اصلاحي شعاري به ڪئي آهي. هن سنڌي، سرائڪي، اردو، فارسي ۽ عربي ۾ خوبصورت قصيدا لکي پڙهندڙن کان خوب داد حاصل ڪئي. هن جي تضمين واري شاعري پنهنجو مٽ پاڻ آهي. بلبل جي مزاحيه غزل نگاري لاجواب آهي. اُن ۾ شامل طنزيه ۽ مزاحيه رنگ سندس شاعري کي خوب دلفريب ۽ پرڪشش بنايو آهي.
شمس الدين بلبل هڪ باوقار، ديانتدار ۽ رعب دار شخصيت جو مالڪ هو هو هڪ بلند آواز، بلند اخلاق ۽ بيباڪ شاعر به آهي.

[b]پيدائش:
[/b]شمس الدين بلبل جي پيدائش سن 1857ع ۾ ميهڙ جهڙي ننڍڙي شهر ۾ ٿي. هو اُتي ئي پليو ۽ وڏو ٿيو. هن ميهڙ جي ننڍن ننڍن مڪتبن ۾ سنڌي، فارسي ۽ عربي ٻولين ۾ تعليم حاصل ڪئي. ٿوري وقت کان پوءِ هو ميهڙ واري محدود زندگي کان بيزر ٿي ويو. هن ميهڙ کي ڇڏي ڏنو ۽ سن 1889ع ۾ ڪراچي پهتو جتي هو حسن علي آفندي جي زير اثر رهيو ۽ سياسي، سماجي ۽ تنظيمي تحريڪن جو حصو بنيو. هو معاون اخبار جو ايڊيٽر بڻيو. هن جي پر زور ۽ اثر انگيز مضمونن جي ڪري نه صرف هن جي شخصيت نکري پئي، پر معاون اخبار به مقبول ٿي ويئي. هن علم جي ميدان ۾ ڀرپور حصو ورتو. تعليم کي زور وٺرائڻ لاءِ هن عمدا ۽ دلنشين مقالا لکيا. هن طنزيه ۽ مزاحيه مقالا لکي خوب شهرت حاصل ڪئي.

[b]حسن علي آفندي سان تعلق:
[/b]بلبل پنهنجي مذاق ۽ ظرافت سان حسن علي آفندي جي لاءِ ميدان عمل تيار ڪيو. هن حسن علي آفندي سان علمي ۽ قلمي سهڪار ڪيو. جڏهن حسن علي آفندي دکن ايگريڪلچر فنڊ جي ائڪٽ کي پنهنجي هٿ ۾ کنيو تڏهن بلبل هن جو خاص مشير ۽ رفيق ڪار بڻيو. جڏهن پوني جي ڪميشن آفندي کي گهرايو. تڏهن بلبل هن جي هر قسم جي مدد ڪئي. سڀ قاوني طور طريقا استعمال ڪري. گهربل ڪاغذات هٿ ڪري، ڪميشن اڳيان آفندي کي سرخرو ڪيو. اها بلبل جي هڪ وڏي خدمت هئي.
هن کان پوءِ بلبل صحافت جي ميدان ۾ آيو. هو محنت ڪري، مضمون، مقالا ۽ مزاحيه شاعري جي ذريعي هڪ وڏو صحافي بڻجي ويو. هن سنڌي ادب ۾ صحافت جي شعبي کي نمايان ترقي ڏياري ۽ صحافت جي فن کي زنده رکيو. ”ڪراچي گزيٽ“، ”خير خواهه“ لاڙڪاڻو ”مسافر“، حيدرآباد ۽ ”آفتاب، سکر ۾ ايڊيٽر طور ڪم ڪيو. هن پنهنجي مضمون نگاري، بيباڪ صحافت ۽ طنزيه عبارت جي ذريعي خوب مشهوري حاصل ڪئي.

[b]مجازي عشق جي چوٽ:
[/b]ڪراچي ۾ رهندي بلبل مجازي عشق جي چوٽ کاڌي ۽ هڪ پارسياڻي محبوبه جو اسير ٿي ويو. آخرڪار پارسي محبوبا کي ڪراچي مان کڻي ميهڙ پهتو. قانوني مشڪلاتون طئي ڪري اُن حسينا سان شادي ڪئي. هن ڪراچي کي هميشه جي لاءِ ڇڏي ڏنو.

[b]محمد صديق ميمڻ جي راءِ:
[/b]محمد صديق ميمڻ پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ادب جي تاريخ“ ۾ بلبل جي رنگين معاشقي جو ذڪر ڪيو آهي.
”اچي نه اچي ڪين بلبلان ڪين ٿئي ٿو گُلگلان،
روز چمن ۾ چهچٽو، تازه به تازه نوبنو.“
(گلان بلبل جي محبوبا جو نالو هو.)
بلبل ڪراچي ۾ رهندڙ حسينائن جو به خوب ذڪر ڪيو آهي.
”فوج سهڻن جي دل ڦري تي جهٽ پٽ،
هي به هڪ دلبرن جو ڌاڙو آهه.“

[b]مطالعي جو شوق:
[/b]بلبل کي مطالعي جو ڏاڍو شوق هو. هن وٽ وڏي ڪتابن جي لئبرري هئي، جنهن ۾ عربي، فارسي، اردو ۽ سنڌي جي ڪتابن جو وڏو ذخيرو موجود هو. لئبرري ۾ تفسير، حديث، فقھ، تاريخ، تصوف، سيرت، سوانح، فلسفو، عروض، نعت ۽ منطق تي ”مستند ڪتاب موجود هئا جي سندس مطالعي ۾ رهندا هئا.
بلبل هنڌ ۽ سنڌ ۾ هڪ اديب، عالم ۽ شاعر طور ڏاڍو مقبول هو. هو هڪ اخبار نويس، اهل علم، محفلن ۽ ڪچهرين جو مور هو. سياسي ۽ تعليمي اڳواڻ هو. هن جي دل قوم ۽ دين جي درد سان معمور هئي. اِها بلبل جي نمايان خوبي هئي.
بلبل راڳ جي رهاڻين کي ڏاڍو پسند ڪندو هو. راڳ سان دلچسپي جي اها حالت هئي جو جڏهن زخم کي ٽڪي ڏيئڻ لاءِ حجام کي آندائون ته هن راڳيندڙن جي ٽولي کي گهرائي اُنهن کي چيو ”راڻو سُر ڳايو.“ راڳيندڙ ڳائيندا رهيا ۽ ٽڪو لڳي ويو پر بلبل راڳ جي اثر ۽ ڪيفيت ۾ مستغرق رهيو. بلبل چوندو هو ته راڳ روح جي لاءِ آهي. اُن ۾ بدن جو ڪو به حصو ناهي.“

[b]پُر وقار انسان:
[/b]بلبل هڪ بااخلاق ۽ پروقار انسان هو. بلبل باوجود ادبي ۽ سياسي مشغولين جي هڪ ديندار ۽ ديانتدار شخص هو. هو صوم و صلوات جو پابند، شرعي مسئلن جو ماهر ۽ دکين جو يار هو. هن جو لباس پر وقار هوندو هو. شرعي سونهاري، ٻٽوان وار ۽ مٿي تي دستار ٻڌندو هو.

[b]هن جون خوبيون
[/b]شمس الدين بلبل جدا جدا خوبين ۽ خصلتن جو هڪ حسين ۽ رنگين گلدستو هو. هو تقرير جو باڪمال ماهر هجڻ سان گڏ مذهب پرست به هو، موسيقي ۽ فني وابستگين سان گڏ نماز جي امامت به ڪندو هو. ظرافت انگيز ٽوٽڪن ۽ لطيف اخلاقي نقطن سان گڏ، اسلامي ڪتابن جي تاليف ڪندڙ به هو، مهماننوازي ۽ سخاوت سان گڏ، حساب ڪتاب رکڻ وارو ماهر به هو، جليل ۽ رعبدار هجڻ سان گڏ عاجزي ۽ انڪساري رکندڙ شخص به هو. قومي ليڊر ۽ تعليمي ماهر هجڻ سان گڏ زميندارن سان گڏ اٿڻ ويهڻ وارو پيارو شخص به هو. هو سهڻي صورت سان گڏ، سهڻي صورت جو قدردان به هو بيشڪ بلبل باڪمال ۽ جامع شخصيت جو مالڪ هو. ضياء الدين ضيا جي راءِ موجب ”بلبل جي شخصيت يڪ سوئي، يڪ خيالي ۽ يڪ وجودي تي قائم هئي.“
انهي دور ۾ بلبل پنهنجو ڪتاب ”جام جم“ لکيو جنهن ۾ هنڌ جي پس منظر، هندن جي انگريز پرستي، ۽ مسلمانن جي ڪاهلي ۽ نااهلي تي مفيد معلومات پيش ڪري، مسلمانن کي خبردار ڪيو ته هو پنهنجي ديس ۾ پنهنجي حقن لاءِ جدا جدا تنظيمون جوڙن، پنهنجي حقن لاءِ جدوجهد ڪن ”پر جدا ۽ نه گڏ“ بلبل جو هي آواز پاڪستان جي ٺهراءُ کان ٻاويهه سلا اڳ جو آهي، جنهن ۾ جداگانه قوميت جو روح موجود آهي. بلبل جي وفات وقت سندس زبان مان هي لفظ نڪتا:
”هندن جا بُجڪا ڌار ڪريو، مسلمانن جا بُجڪا ڌار ڪريو.“ شمس الدين بلبل چوهٺ سالن جي عمر ۾ 13 سيپٽمبر 1919ع ۾ وفات ڪئي.
شمس الدين بلبل سنڌ جو هڪ لائق فرزند، طنزيه ۽ مزاحيه شاعري جو سروان شاعر ۽ سنڌي ادب ۾ انقلاب آڻن واري باوقار ۽ دلچسپ هستي هُئي. ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل هن جي ٽه رُخي شخصيت تي تبصرو ڪندي خوب لکيو آهي: ”بلبل واقعي قومي روح، زبان جي سادگي ۽ عام فهم عبارت استعمال ڪرڻ جي لحاط کان سنڌ جو حالي هو، ظريفانه ڪلام ۽ اصلاحي شاعري جي خيال کان اڪبر الله آبادي ۽ اخلاقي ۽ مذهبي لحاظ کان سعدي ثاني هو.“

(نوٽ: مون بلبل جي شخصيت جي باري ۾ ٿورن سان گڏ ضيالدين ضيا جي ”ديوان بلبل“ جي لکيل مقدمي تان معلوامت حاصل ڪئي آهي.)

شمس الدين بلبل سنڌي نثر توڙي شاعري ۾ تمام گهڻو لکيو پر سندس ڪافي ادبي ذخيرو ٽڙيل پکڙيل آهي. شاعري ۾ سندس ٻه ڪتاب ”ديوان بلبل“ ۽ ”ڪلام بلبل“ شايع ٿيل آهن. بلبل جي ٻنهي ڪتابن کي غلام محمد گرامي مرتب ڪيو آهي.

[b]وڏو طنز نگار شاعر بلبل جي طنزيه شاعري:
[/b]طنز شاعري جي هڪ قديم صنف آهي. بنيادي طرح طنز جو ڪم آهي. هلان ڪرڻ، سماج ۽ ماڻهن جي اوڻائين کي پڌرو ڪري، اُنهن تي چٿرون ڪري، ماڻهن کي سُڌارڻ. رچرڊ گارنيٽ (Richard Garnett) جي چوڻ مطابق ”طنز ادبي لحاظ کان مناسب لفظن ۾ راين کي ظاهر ڪري اُنهن کي سُڌارڻ جو هڪ فن آهي. طنز نگار انساني اوڻاين ۽ ڪمزورين کي اهڙي طرح ظاهر ڪندو آهي جو هر طرف کل ڀوڳ، مسخري ۽ مذاق جو ماحول پيدا ٿي ويندو آهي. هو ڪمزور انسانن کي نفرت جو شڪار ڪو نه بڻائيندو آهي پر انهن ۾ جي لاءِ همدردي جا جذبا پيدا ڪندو آهي.
اها هڪ حقيقت آهي. ادبي شڪل ۽ صورت کان سواءِ طنز صرف کل ڀوڳ ۽ مسخري هوندي آهي. طنز جو بنيادي مقصد آهي. بُرن ۽ بيوقوف انسانن جي اڍنگي برتاءُ کي ٽوڪڻ ۽ چند اشارن ذريعي انهن لاءِ همدردي جو ماحول پيدا ڪرڻ. طنز نگار سڀاءُ ۾ هڪ شريف انسان هوندو آهي ۽ هڪ نقاد جيان ڪنهن کي ڊاهي پٽ ڪرڻ جو سوچي به نٿو سگهي.
هڪ طنز نگار اصلاح پسند انسان هوندو آهي. جان ڊرائيڊن (John Dryden) جي چوڻ مطابق ”طنز نگاري جو ڪم آهي“ اوڻاين کي درست ڪري، براين کي سُڌارڻ“ طنز عام هوندي آهي. ذاتي نه هوندي آهي. طنز نگار پنهنجي اصلاح جي ڪم کي حاصل ڪرڻ لاءِ هميشھ محتاط رهندو آهي. هو ڪمزور انسانن کي بي نقاب ڪري انهن کي اگهاڙو نه ڪندو آهي. هو انهن کي همدردي جو لباس پارائي انهن کي صرف ڇرڪائيندو آهي ۽ شرمسار ڪري انهن کي سُڌارڻ جو درس ڏيندو آهي.

هڪ طنز نگار وٽ ڇهه هٿيار هوندا آهن جن کي ڪاريگري سان پيش ڪري هو پنهنجي ڪم کي ڪامياب بڻائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. اُهي ڇهه هٿيار هي آهن:

(1) مذاق (Ridcicule)
(2) حاضر جوابي (Wit)
(3) بد ڪلامي (Banter)
(4) مزاح (Humour)
(5) گارگند (Invective)
(6) دروغ گوئي (Irony)

انهن هٿيارن کي اُهو ئي طنزنگار مناسب نموني ۾ استعمال ڪري سگهي ٿو جنهن وٽ سمجهه آهي، انساني طبيعت جي فلاسافانه ڄاڻ موجود آهي ۽ مشاهدي جي ذريعي انساني اوڻاين کي اجاگر ڪرڻ جو ماهر آهي.
حسام الدين راشدي جو چوڻ آهي ته ”بلبل جي ظريفانه نثر ۽ نظم تي سنڌي ادب کي فخر حاصل آهي. بلبل نه صرف ظرافت آميز ڪلام جو موجد آهي پر سنڌي شعر جي تاريخ جي نئين دور جو باني سڏيو وڃي ٿو.“
شمس الدين بلبل جو دور (1857ع 1919ع) سنڌ جي ماڻهن ۽ انهن جي ثقافت ۽ علم ادب لاءِ ڏاڍو ڏکيو وقت هو. سنڌ جا ماڻهو سکيا ستابا هئا، ڪمائي کائڻ وارا هئا ۽ خوشحال زندگي گذارڻ وارا ماڻهو هئا. انگريزن چالاڪي سان سنڌ تي ڌاڪو ڄمايو ۽ پنهنجي مڪاري وارين حرڪتن ۽ فرنگي ثقافت جي بقول بلبل، ”دلبرن جي ڌاڙي ذريعي سنڌ جي عام خواهه خاص ماڻهن کي ڦريو، ڦاسايو ۽ اُنهن کي دين، ڌرم، ثقافت ۽ تعميري سوچ کان پري ڪيو. سنڌي ماڻهو پاڻ کي وساري، اغيار انگريزن جي دهلن تي باندرن وانگي نچي، ٽپي سڀ ڪجهه وڃائي ويٺا. اُنهن جي آزادي ۽ آزاد سوچ کي وڏو ڌڪ لڳو. اُنهن جي مان، اڀيمان (غرور) ۽ عظمت موڪلائي ويئي ۽ هو زرخريد غلام بنجي ويا.
انگريزن تُرت نوان قانون ٺاهي، بنان عوام جي منظوري جي سنڌ ۾ رائج ڪيا. انهن جي تعليمي، قانوني، روينيو ۽ زمين جي ماپ تور وارن قانونن کي بدلائي سنڌ کي ڪافي نقصان پهچايو. سنڌ جا صدين کان هلندڙ مدرسا بيهي رهيا. زميندار ۽ وڏيرا ڏچي ۾ اچي ويا. نين نين شڪن ماڻهن تي وڏو بار وڌو. عيسايت جي تبليغ شروع ٿي ويئي. انگريزي ٻولي کي تعليم جو ذريعو بنائي، هتي جي تعليمي نظام کي تباهه ڪيو و يو. سرڪاري نوڪرين ۾ ماڻهن کي ڀرتي ڪري، انهن کي پٽيوالا، چوڪيدار، داروغا، ڪلارڪ، هيڊ منشي ۽ سنڌي ماستر بنائي، اُنهن جي ڦٽن تي لوڻ ٻُرڪيو ويو. اُنهن جي صلاحيتن کي تباهه ڪيو ويو ۽ سنڌي ماڻهن ۾ ورڇا وڌائي اُنهن کي ذهني طور ڪمزور بڻايو ويو.
انگريزن لالچون ڏيئي سنڌ جي ماڻهن کي خريد ڪرڻ شروع ڪيو. اُنهن کي وڏا وڏا عهدا، لقب، خلقتون ۽ جاگيرون عطا ڪري، اُنهن کي خان بهادر ۽ راءِ بهادر جا خطاب ڏيئي، پنهنجي طرف ڪيو. اهڙي طرح ساده لوح سنڌي ملڪ، ثقافت، ٻولي، ادب ڇڏي انگريزن جا غلام ۽ قدردان بڻجي ويا. اُنهن سنڌيدان کي بلبل پنهنجي طنزيه شاعري ۾ خوب ننديو آهي. سنڌيدان کي انهن جي ڪريل حرڪتن تي مبارڪون ڏيندي خوب شرمسار ڪيو آهي.
”پروانا، انعام، عطايون، لونگيون پوتيون شال مبارڪ،
خاطن جي خوشخبري خاصي، عمدا حال احوال مبارڪ،“
انگريزن سنڌيدانن کي زمينون، جاگيرون عطا ڪري، اُنهن کي لقب، عهدا، خلعتون بخشي مڪمل طور تي پنهنجو ڪري ورتو.
ٻئي طرف فرنگي ثقافت هڪ اهڙ ۽ مغرور حسينه جو روپ بدلائي، گهٽين ۾ پاڙن، پارڪن ۾ درسگاهن ۾، جلسن ۽ جلوسن ۾ ۽ ثقافتي مرڪزن ۾ سنڌ جي نوجوانن تي حملو ڪري، انهن کي پنهنجو گرويده بنائي، اُنهن جا هوش ۽ حواص کسي، کين پنهنجي آپي کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. بلبل پنهنجي غزل جي هڪ شعر ۾ حسين دلبرن جي ڌاڙن جو خوب ذڪر ڪيو آهي.
”فوج حسينن جي دل ڦري جهٽ پَٽ،
هي به هڪ دلبرن جو ڌاڙو آھه “
انهن فرنگي حسينائن اُنهي کي شربا آڇي، مئي جا پيالا پياري، اُنهن کي سنڌي ثقافت جي دلفريب نظارن تان هٽائي، اُنهن کي سرمستي، توانائي ۽ خودداري کان دور ڪري کين باندرن جيان خوب نچايو.
بلبل جيڪو هڪ وطن پرست، غيرتمند ۽ خوددار انسان هو، اهڙين حالتن کي ڏسي تڙڦي اُٿيو. ديس واسين جي ڪمزورين ۽ احمقانا حرڪتن هن کي مجبور ڪيو ته هو ميدان. عمل ۾ اچي ۽ ديس واسين کي مڪارن ۽ عيارن جي اڍنگين ۽ بيهودا يلغار کان بچائي ۽ ڪجهه مناسب ۽ ڪارائتا قدم کڻي. بلبل جيڪو هڪ وڏو نقاد هو، سماجي ۽ معاشرتي مسئلن کي سمجهڻ ۽ سلجهائڻ وارو بيباڪ ۽ غيرتمند شخص هو. هن پهرين پهرين طئي ڪيو ته ستايل سنڌي عوام جي لاءِ واعظ، تقريرون ۽ اخلاقي هدايتون بيڪار ۽ بي اثر آهن. بلبل سوچي سمجهي اُهو طئي ڪيو ته انهن راين سان لڙڻ جي لاءِ قلم سان جهاد ڪري ته فائديمند ٿيندو. هن طنز جو نشتر هٿ ۾ کنيو ۽ وڏي واڪي ميدان عمل ۾ اچي جهاد جو اعلان ڪيو. بلبل سوچيو ته پهرين انهن مظلومن کي آئينو ڏيکاري. انهن جي اکي تان ڪمزورين جون پٽيون لاهي، انهن کي شرمسار ڪري، انهن ۾ پاڻ سڃاڻڻ جو جذبو جاڳائجي. انهن جي مايوسين کي دور ڪجي، انهن ۾ همت ۽ حوصلو پيدا ڪري، نئون روح ڦوڪجي. انهن ۾ خود آگاهي، جرئتمندي، خودداري جاڳائي سين راهه تي آڻجي، مرده دلين کي وري زنده ڪجي.
طنز جي باري ۾ بلبل جي وصف واضح آهي. هن جي چوڻ مطابق طنز هڪ بيضرر پر ڪارآمد طريقيڪار آهي. جنهن جي ذريعي انساني اوڻاين کي دور ڪري. انساني ڪردار کي وري گهڙي، سُڌاري ۽ سنواري پيش ڪجي.

بلبل جو چوڻ آهي ته:
”پنهنجا عيب هرڪو ڏسي ٿو سگهي،
ڏسي نه ته هي اعمالنامو پڙهي،
اگر آهي لائق ته عبرت وٺي،
ڏسي عيب پنهنجي نصيحت وٺي.“
غلام محمد گرامي جي راءِ :
غلام محمد گرامي سنڌي ادب ۽ شاعري جو هڪ بيمثال نقاد آهي. هن پنهنجي مضمون ”سنڌي ادب ۽ مزاح نگاري“ ۾ بلبل جي طنز ۽ طنزيه شاعري جو ڀرپور جائزو وٺي، هن جي طنزيه طور طريقن کي پڌرو ڪري هڪ لاجواب ڪم ڪيو آهي. جيڪو نه صرف پڙهندڙن لاءِ پر پڙهائيندڙن لاءِ به ڪارگر آهي. گرامي جي چوڻ مطابق بلبل جي اثبات ۾ نفي آهي ۽ امر ۾ نهي آهي. جتي هو جديد تهذيب ۾ انگريزي تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ اثبات ۾ ڳالهائي ٿو. اُتي دراصل سندس مطمع نظر نفي آهي. جتي سنڌين جي درماندگي ۽ سادگي کي هدف ملامت ٿو بڻائي، اتي دراصل سندس مطمع نگاهه اثبات ۾ آهي.“ بلبل انگريزن جي جديد علم جي غلط ڪارين کي نندي ٿو، اُتي هو سنڌ جي سادن ۽ سٻاجهن انسانن کي پنهنجن اوڻاين کي دور ڪرڻ جو درس ڏيئي، پنهنجي گمشده تهذيبي عظمت کي وري حاصل ڪرڻ جي لاءِ همٿائي ٿو.
بلبل سنڌ جو هڪ باوقار، باضمير، بيباڪ ۽ رعبدار شخص هو. هو اڏول هو، ڪرڙو هو ۽ ڪونڌر هو. هو ذاتي فائدن جي لاءِ ڪنهن جي اڳيان جهڪڻ وارو ڪين هو. انگريزن مڪاري ۽ عياري سان هن کي خريد ڪرڻ جون گهڻيئي ڪوششون ڪيون، پر هو ڪامياب ٿي نه سگهيا. سندن لالچون، انعام، لقب، خلعتون ۽ عهدا هن کي ڦاسائي نه سگهيا. هو هڪ بلند اخلاق، بلند ڪردار ۽ غير جانبدار شخص هو. هن جي سامهون هڪ مقصد هو. سادن ۽ شريف سنڌين کي غفلت جي ننڊ مان جاڳائڻ، پورهيو ڪري کائڻ ۽ کارائڻ جي اصول تي ڪاربند رهڻ ۽ سنڌ کي خوشحال بنائڻ لاءِ جتن ڪرڻ.

[b]کلي دل ۽ دماغ وارو انسان:
[/b]بلبل کلي دل ۽ دماغ وارو انسان هو. هن کي دين سان گهڻي محبت هئي. هو سڀني کي پيار ڪرڻ وارو شخص هو ۽ سڀيئي هن سان پيار ڪندا هئا. هو ڪنهن جي به خلاف ڪو نه هو. هو تعليم ۽ ٻولي سان هر دم محبت ڪندو هو. هو انگريزن جي مڪارين، عيارين ۽ غلط طور طريقن جي خلاف هو. هو انگريزن کي انهن جي غلط پاليسين جي لاءِ ننديندو رهيو، هو ڪنهن به ڊپ ڊاءُ اڳيان نه جهڪيو هن کي انگريزي جي وڏن شاعرن ۽ تخليق ڪارن جهڙوڪ اليگزينڊر پوپ (Alexander Pope) جو ناٿن سوئيفٽ (Jonathan Swift) ۽ جان ڊرائيڊن (John Dryden) سان ڀيٽي، هن جي عظمت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. پوپ جي طنز کُلي ۽ کاري آهي، سوئيفٽ جي طنز ڀڃ ڊاهه واري آهي ۽ ڊرائيڊن جي طنز مزاح سان ڀريل آهي، پر انهي ۾ ذاتي حملا به شامل آهن. انهن جي مقابلي ۾ بلبل تعميري آهي. انهي ۾ تعصب، حسد، عناد ۽ ذاتيات جو ڪو به عمل دخل ناهي. هن جي طنز ۾ سنجيدگي شائستگي، خير خواهي ۽ خلوص ڀريل آهي.
بلبل سماجي ۽ معاشرتي حالتن جو ماهر هو. هن پنهنجي تحقيقي اک سان سماجي ۽ معاشرتي براين جو مشاهدو ڪيو ۽ اُنهن جي علاج ڪرڻ جو عهد ڪيو. بلبل انهيءَ جي لاءِ طنز جو نشتر کڻي ميدان عمل ۾ آيو. بلبل جي طنز تلاور کان به وڌ تکي آهي. هن پهرين برن ماڻهن جي براين جو باريڪبينني سان مشاهدو ڪيو ۽ انهن جي علاج لاءِ سوچي ٿو. ننڍڙي برائي کي کِلي کِلائي دور ڪري ٿو. انهن کان وڏين براين کي ٺيڪ ڪرڻ جي لاءِ ٽڪو لڳائي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن دوا ۾ زهر ملائي اُنهن کي پياري ٿو، جيڪو ترياق بڻجي اُنهن جي اُناين کي دور ڪري ٿو. ڪڏهن هڪ قابل سرجن وانگر زخمن کي چيري فاسد مواد کي ٻاهر ڪڍي ڇڏي ٿو. هو اِهو اهڙي ته ڪاريگري سان زخمن جو علاج ڪري ٿو جو نه مريض کي ڪا خبر پوي ٿي ۽ نه وري تيماندار کي، هڪ طنزنگار لاءِ اهو ضروري آهي ته هو دورانديشي، احتياط ۽ ڪاريگري جي دائري ۾ رهندي انساني اوڻاين جو علاج اهڙي نموني ۾ ڪري جيئن نه ڪو چڙي ۽ نه ڪو ناراض ٿئي.
بلبل جي طنزيه نظم ”نئون زمانو“ سنڌي ٻولي ۾ شاهڪار جي حيثيت رکي ٿي. انهي نظم ۾ بلبل ڪشادهه دل سنڌين ۽ اُنهن کي نچائيندڙ فرنگي محبوبائن تي وڏي تنقيد ڪئي آهي. بلبل اُنهن جي اُٿڻ ويهڻ، لٽڪن جهٽڪن، اوزارن ۽ هٿيارن، ڊريسن، سواري جي ذريعن، کائڻ پيئڻ جي سامانن، وندر ورونهن جي ڪمن، راندين روندين جي مقابلن، کائڻ پيئڻ جي سامانن ۽ اُنهن جي احمقانا حرڪتن جو کليو اظاهر ڪري، اُنهن جي کوکلي ۽ مصنوئي زندگين تي خوب چوٽ ڪئي آهي.
”سيٽي ۽ سگريٽ سدائي، گٽ مٽ، گٽ مٽ وات ۾ وائي،
کيل خوشيءَ ۾ بردم خوردم، ميل جول ۾ وحشي بيدم،
جنٽلمين مِسن جا جوڙا، چيلهه ۾ ڀاڪر نورا سوڙا،
نچ وي باندر نچ وي باندر، تاڪ ڌنا ڌن، تاڪ ڌِنا.“
بلبل جي هن نظم ۾ جيڪا رفتار آهي، نغمگي آهي ۽ سچ پچ جيڪا لڪل بيهودگي آهي، اِها اکيون کولڻ واري آهي ۽ اوڻائين کي دور ڪرڻ جو هڪ درس آهي.
بلبل فيشن پرستن تي ڏاڍا ڇوهه ڇنديا آهن:
”ڪارن جي ٻڌ ڪار گذاري، هپ هپ هري، هپ هپ هري،
جنٽلميني جلسا جاري، هپ هپ هري، هپ هپ هُري،
ڪوٽ سبائن ڪارو ڪارو، ڊانس بوٽ ولايت وارو،
ٽوپي ڪاري، سرتي کاري، هپ هپ هُري، هپ هپ هُري.
ڏاڙهي ساڻ ڏهاڙي جهڙو، مُڇون گانگٽ، وڇون ويڙهو،
سيٽي لڪڙي، چرخشماري، هپ هپ هري هپ هپ هري.
ڪاڻ وداع سليوٽ سلامي، ٽوپي هٿ ۾ ٽامي ٽامي،
آءِ ايم ويري ساري پياري، هپ هپ هري، هپ هپ هري.“
بلبل سنڌيدانن کي انهن لفظن ۾ ننديو آهي.
”سنڌي دان سياهه زور ۽ سخت، جاهل باخرد حفعه بدعت،
سنڌيدان ايڊيت، سنڌيوان فول، رڳا جانور جهنگي ۽ جهول،
سنڌيدان ڪم ظرف ڪچر و حقير، پري ڀڄ انهن کان جئن تيز تير.“

بلبل انگريزدانن جو به خوب مذاق اُڏايو.
”جي عزت جهان ۾ رکو ٽنڊٽش،
پڙهو انگلش، انگلش، انگلش،
اهو علم دولت جو آهي دليل،
زياهه ته ميٽو پڙهي ٿيو وڪيل،
اِهو علم بخشي فضيلت ڪمال،
حڪومت، مزا، عيش، اقبال ومال،
بنائي اِهو علم حاڪم شريف،
رسائي اهو علم لنڊن شريف.“
بلبل اڻسڌي طرح سٻاجهن سنڌين کي تاقيد ٿو، ڪري ته هو پنهنجي ثقافت، عظمت ۽ اهليت ڇڏي ٽڙندا رهندا، ٿاٻڙندا رهندا پر ڪڏهن به منزل حاصل ڪري نه سگهندا.
بلبل ڪاري ۽ گوري جي گفتگو ۾ خوب طنز جا تير اُڇلايا آهن. اُنهن ۾ روئن، رڙن ۽ نصيحت حاصل ڪرڻ جو درس ڏنل آهي. ڪاري جي آرزو ٻڌو:
”گرچ ڪارو منهن اٿم ته به ڪاڻ ناهه،
ٽوپلو پائي حماقت ٿو گهُران،
لائي چشمو، چست ڇاڙهي، سوٽ، بوٽ،
متل صاحب لوڪ صورت ٿو گهران.“

گوري جو جواب به ٻڌو:
”گرچ آهي تنهنجو مون کان سينو صاف،
ڪاري ماڻهو کان ڪدورت ٿو گهران،
آ لقب لائق ٿيو تنهنجو ڊيم فول،
مان ڏيئڻ توکي نه عزت ٿو گهران.“

سچ پچ گفالي۽ تقليد جي ذريعي حاصل ڪيل عزت ذلت کان وڌ خراب هوندي آهي. انهيءَ ۾ ڪو به وڌاءُ ڪونهي ته طنزيه شاعري جو بلبل شاهه آهي، شهنشاهه آهي.
بلبل جي طنزيه شاعري مان ڪجهه مثال ڏجن ٿا جيئن ته پڙهندڙ طنزيه نُقطن مان ڪجهه پرئان، مزو وٺن ۽ آپي کان ٻاهر نه نڪرن:
”زر ساڻ ڪوجهو ڪاڻو، اڳ ۾ اُهو اگهاڻو،
چريو به ٿئي سياڻو، زر آ ته عشق ٺهه پهه.“
*-*-*
”باجو وڄائي ناچ جو ڪن ٿيون نشاط ۾،
صاحب کي ڏس بغل ۾ باندر بنايو آهي.“
*-*-*
”مرد ٿيا مڪار چئو ڪهڙي چيم،
ڪي رنون ٿيون خوار، چئو ڪهڙي چيم.“
*-*-*
”حيا لڄ کان هر دم ڪيو پنهنجو پاسو،
ڦري مال، بئنڪن ۾ پئسا بچايو.“
*-*-*
”تڪبير ۾ وڃي ٿي مرغ ۽ تتر جي لذت،
گردن مروڙي تن جي، پيو جوش ۾ جلائج.“
*-*-*
”آهي انگلش ۾ سندن اهل سان رغبت، الفت،
مٽ مائٽ جي ۽ گهر ٻار جي اهڙي تهڙي.“
شمس الدين بلبل جي طنزيه شاعري بيمثال آهي. هن جي سنجيده شاعري به پنهنجو مٽ پاڻ آهي. بلبل جو اخلاقي ڪلام به اعليٰ درجي جو آهي.
بلبل جي حمديه شاعري اثر انگيز ۽ روح کي راحت ڏيندڙ آهي. بلبل جي حمديه ڪلام ۾ ”خلوه قدرت“، ”ذات الاهي“، ”تون آن“ ۽ ”ياد الله ڪر دم به دم“ ڏاڍيون مشهور آهن. بلبل هڪ ديندار ۽ سچو مسلمان هو. هو الله تعاليٰ جي حضور ۾ عاجزي ۽ انڪساري سان عقيدت جا گُل نڇاور ڪندي چوي ٿو:
”عالم الغيب، اي خدا تون آن،
خالق الا عرض و السما تون آن،
داغ تون، درد تون، دوا تون آن،
زهيت تون، مرگ تون، فضا تون آن.
الله تعاليٰ جو وجود هر شيءِ ۾، هر دم موجود آهي. بلبل انهي اڻمٽ حقيقت جو اظاهر ڪهڙي نه منفرد انداز ۾ ڪيو آهي:
”تون ۽ مان جي وار نه وائي،
سڀ ۾ آهي ذات سچائي،
ايڪو ايڪ، نه ٻول ٻيائي،
هرڪو آهي حق سان هم،
ياد الله ڪر، دم بر دم.“
الله تعاليٰ هر هنڌ حاضر ۽ ناظر آهي. بلبل پنهنجي حمد ”جلوه قدرت“ ۾ الله تعاليٰ جي انهي خصوصيت جو عاجزي ۽ عقيدت سان اظاهر ڪندي ڪهڙو نه دلفريب منظر پيش ڪيو آهي:
”هر بر ۾، هر بازر ۾ هر بحر ۾ هر بن ۾،
هر جهنگ ۾ هر رنگ ۾ جبلن ۾ گلشن ۾،
ڇا لاله ولونگن ۾، ڇا سنبل و سوسن ۾،
ڇا نرگس و نسرين ۾، سبزن ۽ نخلن ۾،
ڇا غنچو ته ڇا گُل آ، ڇا رنگ ته ڇا بُو آهه،
جلوو تنهنجي قدرت جو، اي قادرا هرسُو آهه.“
بلبل نبي ڪريم صلي الله عليھ و آلھ وسلم سان والهانه محبت ڪندو هو. بلبل سندن شان ۾ ڪيتريون ئي نعتون سرجيون آهن، جن مان ”عشق محمد“، ”نعت سرور ڪائنات“، ”رسول الله“، ”جلوه مصطفائي“، ”شاهه رسالت“ ۽ ”حضرت نبي ڪريم“ ڏاڍيون مشهرو ۽ مقبول آهن. بلبل جي نعت ”حضرت نبي ڪريم“ شاهڪار جي حيثيت رکي ٿي. بلبل جو اظاهر بيان بيمثال آهي.
محمد اسان جو شفيع و شفيق،
خدا خلق اعظم سان خلقيو خليق.

محمد اسان لاءِ پست و پناهه،
محمد ٿيو دين جو دستگاهه.

محمد کي مولا ڏني سروري،
محمد کي بخشي خُد برتري.
بلبل هڪ نعت ”شاهه رسالت“ ۾ الله تعاليٰ ۽ رسول اڪرم جي تعلقات بابت هڪ شعر ۾ واهه جو اظاهر ڪري ٻنهي کي خوب ساراهيو آهي.
”مٿي محبوب مدني جو پسي هي رُتبو عاليٰ،
خدا مطلوب مڙني جو هو مطلوب-خُدا آهي.“
انهي ساڳئي خيال کي بلبل نعت سرور ڪائنات ۾ اهڙي نموني ۾ پيش ڪيو آهي.
”ذات تنهنجي ۾ ظهور آ سچو نور خُدا،
ڪيئي حيران هجي ويا ته هئي حڪمت ڇا؟
ڪن ڄاتو آ، اوهان کي ۽ خُدا کي نه جُدا.“
بلبل سنڌي شاعري جي قديم صنف ”مولود شريف“ ۾ رسول ڪريم جي خوب ساراهه ڪئي آهي.
معراج هليو، سرتاج نبي، ڪري ويس وڳا وهه واهه بَنو،
جبريل ٿو صدقي صدقي چئي اڄ صلي عليٰ وهه واهه بَنو.
بيٺا ملڪ فلڪ جا قطار ڪري،
تو بن دُرج گهر جا نثار ڪري،
هڪٻئي کي چون جيءَ جان فِدا،
اي نور خُدا، وهه واهه بَنو.
بلبل ”جنت خاتون“ جي فضائل ۽ محاسن تي سرائڪي ۾ هڪ نظم لکيو آهي، جنهن ۾ رس آهي، رچاءُ آهي، نغمگي آهي ۽ سنجيدگي آهي. اهڙو اعليٰ نظم شايد ئي ٻئي ڪنهن شاعر لکيو هجي. هن عظيم نظم جو هڪ بند ملاحظه ڪريو ۽ سچو سرور حاصل ڪريو.
جنت، نعمت، طوبيٰ، ڪوثر، ثمر تُساڏي حُب دا،
چاهون جنهن ڪون، پل وچ بخشو، راز تُسان سڀ رب دا،
تو سرڪار نبي وعليٰ دي، او شافع امت سب دا،
حوا، مريم فخر ڪر بنديان، تيڏي نام نسب دا،
بنت رسول، بتول، تُساڏي عزت پاڪ وڌائي،
گهِن خيران، بردي در دي ديان حسن حسين دي مائي.“
بلبل جي قومي ۽ اصلاحي شاعري اعليٰ ۽ افضل آهي بقول غلام محمد گرامي ”حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، حسام الدين راشدي، حاجي حامد خادم ۽ ڊاڪٽر جليل پارا عالم ۽ اديب چئي چڪا آهن ته ”قومي خدمات جي ترجماني سڀ کان اول بلبل ڪئي آهي.“
بلبل جي دور رس نگهائن اهو معلوم ڪري ورتو ته سنڌين جي اضطراب جو ڪارڻ نفاق آهي. بلبل سنڌي ڀائرن کي متحد ٿيئڻ جي تلقين ڪري ٿو. هو چوي ٿو ته اتحاد هڪ وڏي قوت آهي. جيڪا سڀني کي جوڙيو رکي ٿي ۽ مقابلي لاءِ همٿائي ٿي. بلبل پنهنجي نظم ”جماعت بندي“ ۾ ٻڌي جي باري ۾ ٻُڌائيندي چوي ٿو:
”پرائي ٿو انسان اعزاز ان کان،
کلي ٿو حقيقت جو سب راز ان کان.“
بلبل ٻُڌائي ٿو ته اسين سکيا ستابا آهيون. اسان جي زمين زُرخير آهي. محنت سان اسين خوشحالي حاصل ڪري سگهون ٿا. بلبل پنهنجي نظم ”تجارت“ ۾ اسان جي پيدا واري وسيلن بابت ٻڌائي ٿو.
”اُپت پيدا واري ۾ اسان جو ملڪ افضل آ،
زراعت ۾ زياده زور اول کان سو اول آهي.“
اسان جي لاءِ تعليم ضروري آهي. تعليم اسان جي جسماني ذهني ۽ روحاني صلاحيتن کي سُڌاري، اسان جي ترقي جون راهون کولي ڇڏيندي. بلبل چوي ٿو:
”ڪندؤ ڪا قوم جي ملڪ جي، ملت جي ڪا حاجت جي،
ڪسب جي، ڪار جي، تعليم جي ۽ صنعت جي.“
ائين ڪرڻ سان خوشحالي ۽ ترقي جي منزل آسان ٿي ويندي آهي.
بلبل ديس واسين کي همٿائي ٿو:
”بنايو ڪارخانا ۽ وڌايو فن و حرفت کي،
وڃايو ملڪ جو افلاس ۽ پنهنجي مصيبت کي.“
بلبل انهيءَ ڳالهه تي زور ڏيندي، نصيحت ڪري ٿو:
”کپايو ديس جي واپار ۾، ڌن، مال، دولت کي،
ٻيائي ٻن وجهي، ايڪو ڪريون، هاريون نه همت کي.“
بلبل زور ڏيئي چوي ٿو ته اسين ٽڙيل پکڙيل آهيون ۽ خوب پريشان آهيون. اسان کي گهرجي ته ٻيائي کي ڇڏي ايڪو پئدا ڪريون، تعليم حاصل ڪريون ۽ پنهنجن ميسر وسيلن کي تجارت، حرفت، زراعت ۽ صنعت جي ذريعي استعمال ڪري، پيداوار وڌايون، ترقي ڪريون ۽ خوشحال بڻجي ملڪ جو مان وڌايون.

[b]غزل ۾ نوان موضوع:
[/b]شمس الدين بلبل پهريون سنڌي شاعر آهي، جنهن غزل جي صنف کي نئون ۽ نرالو روپ ڏيئي، اُن کي معاشي ۽ معاشرتي زندگي جي قريب آندو آهي. سنڌ جي مشهور شاعر ۽ نقاد عبدالرزاق راز پنهنجي ڪتاب ”سنڌي غزل جو تجزيو“ ۾ بلبل جي غزليه شاعري تي تبصرو ڪندي لکيو آهي ته ”بلبل جي غزل ۾ داخليت جو اثر گهٽ آهي ۽ خارجيت جو پهلو نمايان آهي.“
بلبل هڪ طنزيه غزل گو شاعر آهي. هن پنهنجن حالتن جو گهرو مطالعو ڪري مناسب سمجهيو ته معاشرتي بُرن اثرن کان معاشري کي بچائڻ لاءِ غزل جي هيئيت ۾ تبديليون آڻڻ ضروري آهي. هن غزل جي مواد ۽ موضوئن کي بدلائي وڏو انقلابي قدم کنيو. هن تغزل کي پٺيان ڇڏي معاشرتي براين ۽ مسئلن کي وڌيڪ اهميت ڏني آهي. هن وقت جي حالات مطابق غزل جي روائتي مضمونن جهڙوڪ حسن، عشق، تصوف، نصيحتي حڪايتن ۽ اخلاقي قدرن جي اُپٽار کي ڇڏي، سنڌ جي معاشرتي حالتن ۽ اُن جي نتيجن کي پنهنجي غزل جو موضوع بڻائي، غزل کي هڪ نئون موڙ ڏنو.
وقت جي معاشرتي حالتن بلبل تي گهرو اثر وڌو ۽ هن کي چڙ چڙو بنائي هن جي دل ۾ نفرت جو جذبو پيدا ڪيو. هن من موجي مجنوئن کي پنهنجي غزليه شاعري ۾ خود آگاهي جو درس ڏيندي، انهن جي غل سوچ، غلط طور طريقن ۽ احمقانه حرڪتن کي خوب ننديو آهي، بلبل کلي به ٿو ۽ روئي به ٿو:
”سک ناچ راڳ تن جو ۽ بئنڊ باجو تن جو،
پوءِ خود بنائي بابو پيو بئنڊ سُر وڄائج.“
اچو ته بلبل جي طنزيه غزل نگاري جا ڪجهه شعر پڙهون ۽ اُنهن مان درس حاصل ڪريون:
”پڙهو انگريزي ڪيو اوج اعليٰ،
وٺي خوب عهدا، حڪومت هلايو.“
*-*-*
”جي اوهان ڄاڻو ٿا يار، مان سنڌي آهيان،
خاص لنڊن سان آ ناتو ٿيو فيشن منهنجو.“
*-*-*
”هٿ رُڳي رکڻ سان تنهنجي ڪمر ڏکي ٿي،
هئه هئه ملوڪ سائين، سل هي ته سور ڇا هو.“
*-*-*
”ڇا هي اُن ۾ آهه معشوقن جو معمولي عمل،
عاشق سان ڪار ڪجهه، نيزا ڪجهه ۽ پيار ڪجهه.“
*-*-*
”منهنجا عزيز اقارب بيگانا ڄاڻ احمق،
سرمست سرخرو ٿي صاحب سدا سڏائج.“
”عاقل وڃي ولايت، لنئون ليدي سان لائج،
سؤ قرب سان ڪرستان وڃي چرچ ۾ چوائج.“
*-*-*
”گهر، زمين ۽ مال ضبط، ڇڏ نه راڳ رنگ ربط،
شوق تون رک شراب جو تازه تازه نو به نو.“
بلبل روائتي انداز ۾ به عمديون غزلون لکيون آهن. اُنهن غزلن ۾ سڀني لواضمات جو پورو پورو خيال رکيو ويو آهي.
”الف مسلسل هڪ طرف، ريحان ۽ سُنبل ٻئي طرف،
ڪُنڍڙا ڪاڪل هڪ طرف، ابرو سندو غل ٻئي طرف.“
*-*-*
”تنهنجو نياپو صبا آندو، کڻي ناياب اڄ،
منهن بهار جئن آهي، پرهه کوليو باب اڄ.“
بلبل جو مزاحيه غزل الڳ نموني جو آهي. اُن م تغزل بدران طنز جو رنگ آهي، نصيحتن بدران چٿرون آهن، محبوب کي خطاب ڪرڻ بدران معاشرتي بُراين جو ذڪر آهي، شعريت جي بدران معاشرتي رنگ موجود آهي ۽ اندروني ڪيفيتن بدران بيروني ڪيفيتن جو اُپٽار آهي.
شمس الدين بلبل جديد سنڌي، شاعري ۾ هڪ وڏو ”نظم“ لکندڙ شاعر آهي. هن جا نظم موضوع، پيش ڪش ۽ عبارت جي لحاظ کان لاجواب آهن. بلبل ”نظم“ کي نئين سر ترتيب ڏيئي، اُن ۾ نوان ۽ نرالا موضوع آڻي، اُن ۾ اصلاحي ۽ انقلابي رنگ پري، اُنکي رنگين، دلنشين شوخ ۽ بيباڪ عبارت ذريعي پيش ڪري وڏو ڪمال ڪيو آهي. بلبل جا نظم تخليقڪاري جو هڪ نادر نمونو آهي.
بلبل ڪيترائي خوبصورت ۽ دلفريب نظم لکيا آهن. هن جي نظم جي موضوعن ۾ وسعت آهي، توانائي آهي ۽ بيساختگي آهي. هن وڏا وڏا طنزيه نظم جهڙوڪ رحيما ۽ پليگي ڪريما ۽ نئون زمانو لکي خوب داد حاصل ڪيو آهي. هن جا سنجيده نظم جهڙوڪ احساس. ملڪت، فنا، تجارت ۽ آفتاب ظلمات به وڏا ڪامياب نظم آهن.
بُلبُل جو ”ڪريما“ هڪ شاهڪار طنزيه نظم آهي، هي تمام ڊگهو نظم آهي. هن ۾ ٻن مصراعن وارا 168 بندآهن ۽ آخر ۾ ٻن هم قافيا مصراعن وارو بند آهي. هن نظم جي ترتيب لاجواب آهي. ان جي موسيقي، رفتار ۽ رواني حيران ڪن آهي.
ڪريما هڪ مثالي ۽ لاجواب نظم آهي، هن نظم ۾ بلبل ڏيکاريو آهي ته سنڌي مسلمان پنهنجي عظمت ڇڏي براين ۾ ڦاسجي چڪو آهي. انهن جي هر عمل ۽ هر حرڪت ۾ نقالي، ڏيکاءُ ۽ اجايو غرور شامل آهي اُنهن جي لباس جو طنزيه انداز ۾ اظاهر ڪري سڀني کي شرمسار ڪري ڇڏيو آهي.
”گلاب بند، ڪالر، لڪڙ هاف بوٽ،
گهري ڪوٽ پتلون چشما چروٽ،
قميصون ڪفن دار، جاڪيٽ، جوراب،
سليپر، سپاٽا، سبائڻ ثواب.“
بلبل اُنهن جي حرڪتن جو اظاهر انهي انداز ۾ ڪيو آهي:
هتي به اُهي ئي چٽا جي ڪُٺا،
مگر هاءِ ماڻهو، ٻنهي هنڌ مُٺا،
شريعت جو شيوو ڏنوسين ڇڏي،
وڌو سون گناهن ۾ غفلت گڏي.
بلبل جو ”نئون زمانو“ هڪ مثالي ۽ لاجواب نظم آهي. هي نظم طنزيه شاعري جو شاهڪار آهي. هن نظم ڄڻ ته بلبل جي طنزيه شاعريءَ جو تت آهي. هن نظم ۾ فن آهي طنز آهي ۽ زندگي آهي. مزاحيه طور تي هي هڪ حسين، رنگين ۽ نمڪين نظم آهي. هن نظم ۾ لفظن جي چونڊ، جڙت، ۽ اُنهن جي ترتيب لاجواب آهي. منجهس جيڪا نغمگي آهي، رواني آهي، تسلسل آهي ۽ بيساختگي آهي. سا بيمثال آهي ”تاڪ ڌنا دن، تاڪ ڌنا“ جي لئي هن نظم ۾ جيڪا ڪڙي مٺاس ڀري آهي، رنگيني نروار ڪئي آهي ۽ تاثر کي توانائي بخشي آهي اها بلبل جي ڏات جو هڪ لازوال ثبوت آهي اچو ته هن نظم جو هڪ بند پڙهي پاڻ کي ڄاڻو سڃاڻون ۽ ٻُڏي مرون:

”گينڊي، صابڻ، برش طرافي، بوس و ڪنار، ڪتن سان باري،
فوٽو، فونو، پيالو پڪچر، تاڪ ڌنا ڌن، تاڪ ڌنا.“
بلبل جو نظم ”فنا“ هڪ بيمثال نظم آهي. هن نظم ۾ چئن چئن مصراعن وارا نو بند آهن. هي نظم پُختگي، نغمگي ۽ تخليقي طور هڪ لازوال نظم آهي. هن نظم ۾ نوان نوان ناصحانا نقطا پيش ڪري بلبل ٻُڌايو آهي ته هي دُنيا فاني آهي. هن ۾ رهندڙ هر انسان، هرشئي هر نظارو، کي فنا ٿيئڻو آهي. هي ڌن، دولت، محل، ماڙيون منارا عارضي آهن. اِنهن کي فنا ٿينڻو آهي. بقا صرف الله کي حاصل آهي.
”هڪ رهندو پاڻ خُدا، بابا،
اي جاني هي جڳ فاني ٿؤ،
ڪن سائين لوڪ صدا بابا.
هي عرم روان ته رواني ٿؤ،
آخر ته فنا هي فنا، بابا.“
بلبل جون نظمون بلند معيار ۽ باوقار آهن.
بلبل قصيدا نگاري به ڪئي آهي. هن جي قصيدن جو معيار بلند آهي. هن حسن علي آفندي، سيد الهندو شاهه، سردار محمد يعقوب، سردار محمد ابراهيم، ۽ سر آغا خان جي باري ۾ سنڌي، اردو، فارسي ۽ عربي ۾ قصيدا لکي خوب داد حاصل ڪيو آهي. انهن قصيدن ۾ نيڪ انسانن جي واکاڻ ڪري، قوم کي انهن جي ڪارنامن کان آگاهه ڪري قوم جي دلين ۾ عقيدت ۽ احترام جو جذبو جاڳايو آهي.
حسن علي آفندي جي واکاڻ هنن لفظن ۾ ڪئي آهي:
”قوم جي زخم واسطي بيشڪ،
مثل مرهم حسن علي آهي.“
سردار محمد يعقوب، وزير خيرپور ميرس، جي شان ۾ لکيل اردو قصيدي جو هڪ بند پڙهو:
”کيا نام پيارا هي محمد مع يعقوب،
کيا خوب هي، مرغوب هي، محبوب هي مطلوب.“
غلام محمد گرامي جي لفظن ۾ ”تضمين جي فن ۾ بلبل پنهنجو مٽ پاڻ آهي.“ هن فن ۾ ٻيو ڪو به شاعر هن جو مقابلو نٿو ڪري سگهي.“ بلبل جا هي مزاحيه شعر پڙهي تازه توانا ٿيو:
”وڃي هڪ شاپ ۾ ويهي برانڊيءَ کي ڪيون هاها،
الايا ايها السفاتي ادر ڪاسا و ناولها،
آهن ڪوڙا رڳو قاضي وٺن ٿا برهمن بتليا،
ڪجا دالند حال ما سبڪساران سا جلها،
وجهي وارن ۾ وَنگوڙا هلي ٿي مس جڏهن بلبل،
تاب حمد مشڪيش چه خون افتاد در دلها.“
بلبل خواجه حافظ ۽ امير خسرو جي غزلن جي به تضمين ڪئي آهي. خواجه حافظ جي غزل جي تضمين جو هڪ شعر پڙهو ۽ تراوٽ حاصل ڪريو:
”جياپو مون ته گهڻو پنهنجي دل ۾ راز و نياز،
هي بار درد هجر ساڻ سور سوز و گداز،
بهار حسن اوهان جي جي بوءِ ناز انداز.
ترا صبا وسرا آب ديده شد غماز،
و گر نه عشق و معشوق راز دار آنند.“
شمس الدين بلبل هڪ پروقار، رعبدار ۽ بيباڪ شخصيت جو مالڪ هو. هن جي موزون، مناسب، شوخ ۽ بيباڪ عبارت هن جي ذهانت، قابليت ۽ بيباڪ شخصيت مان ڦٽي نڪتي آهي. هن جي عبارت ۾ سمايل عام فهم لفظ، فصاحت، بلاغت ۽ مطلب جي ادائگي پنهنجو مٽ پاڻ آهي.

[b]عبارت:
[/b]بلبل جي عبارت حسين، دلنشين ۽ نمڪين آهي. جيڪا پڙهندڙن کي پاڻ طرف ڇڪيو وٺي ٿي. بلبل پنهنجي طنزيه نظم ”نئون زمانو“ ۾ فيشن پرست نوجوانن ۽ حسينائن جي هلت چلت جو ڪهڙو نه چٽو نقشو چٽيو آهي.
”ڪرڪٽ بال ۽ مرد زنانه، ڊوڙن ڊُڪن، تال ترانا،
هري هري، هاها، هر هر تاڪ ڌنا ڌنا دن، تاڪ ڌنا.“
بلبل جي عبارت ۾ ڄڻ ڪا زندگي ڀريل آهي، جيڪا ڳالهائي ٻولائي ٿي، جلوا جاڳائي ٿي ۽ ماڻهن کي پاڻ ۾ ملائي، هڪ ٻئي جي قريب آڻي قربتون وڌائي ٿي.
”صبح سويلو اربيلو،
سهڻو سُهڻو سهج سويلو،
جاڳي گاجر، گاگن، گيلو،
ٻانڀڻ، ملا، چاڪر چيلو.“
اهڙي سهڻي، سهج ۽ سريلي ٻولي بلبل کانسواءِ ٻيو ڪير لکي سگهي ٿو؟
بلبل پنهنجي لازوال نظم ”فنا“ ۾ اشارن ئي اشارن ۾ زندگي ۽ موت جي باري ۾ حيران ڪندڙ حقيقتون بيان ڪري اصليت جو احساس ڏياريو آهي. بلبل جي عبارت زندگي ۽ موت جي رازن ۽ رمزن کي ڪهڙي نه ڪاريگريءَ سان پيش ڪيو آهي:
”گياني نه رهيا، ڌياني نه رهيا،
ڪيئي جوٽس لاٿاني نه رهيا،
ٿيا آخر سڀ فاني، نه رهيا،
فاني نه آهه بقا، بابا.“
تجنيس حرفي بلبل جي عبارت جي سونهنءَ آهي، سُڃاڻ آهي. بلبل پنهنجي ڊگهي نظم ”رحيما“ ۾ جيڪا تجنيس حرفي جو شاهڪار آهي، تجنيس حرفي جو استعمال وڏي فنڪاري سان ڪيو آهي.
”اسان کان اچي عار ايمان کي،
تسرا رت ۾ ٿيو شرم شيطان کي.“
*-*-*
”ڪمائي اسان جي سڄي ڪوڙ ڪچ،
نه خالي ريا کان صافي نه سچ.“
بلبل پنهنجي نظم ”توحيد“ ۾ خلوص ۽ عقيدت جو اظهار ڪندي ڪهڙا نه سريلا ۽ رنگيلا لفظ ڪم آڻي، الله جي حاڪميت کي حڪمت ڀري نموني ۾ استعمال ڪري، دلين ۾ سرور پيدا ڪيو آهي.
”خدا جي آهي سلطنت جاوداني،
هلي حاڪمن تي سندس حُڪمراني،
سندس ذات آ پاڪ حادث نه فاني،
نڪو ڪو جوڙ تنهنجو نه صافي نه ثاني.“
بلبل پنهنجي نظم ”جلوه مصطفائي“ ۾ صاف صاف، سادا سادا لفط استعمال ڪري، پنهنجي عبارت کي اوج تي پهچايو.
”جڏهن عشق تنهنجي ڪبو اثر،
نه رهي آ غير جي ڪا خبر،
نڪو جذب هو، نڪو وجد هو،
نڪو تال هو نه ڌمال هو،
هي ڪمال اُن جو ڪمال هو.“
بلبل جي عبارت ۾ مٺاس آهي، عمدگي آهي، سنجيدگي آهي ۽ نغمگي آهي. بلبل پنهنجن غزلن ۾ قافيي ۽ رديف جو باقائدگي سان استعمال ڪيو آهي. انهي ڪري هن جي غزلن ۾ نواڻ آهي، تسلسل آهي ۽ من کي موهيندڙ ميٺاج آهي.
ٿي زر جي زور باري، زر آ ته عشق ٺهه پهه،
هر موج روز جاري، زر آ ته عشق ٺَهه پَهه،
عشق جي، عشق جي آزار جي اهڙي تهڙي،
درد جي، دل جي، دلدار جي اهڙي تهڙي،
فلڪ کي فخر آهي، چند نوراني مٿي اهڙو،
اسان جي ماهرو جو منهن سڄو انوار، مهه، مهه، مهه.
نون نون تشبيهن بلبل جي عبارت ۾ تازگي ۽ توانائي آڻي، اُن کي دلڪش ۽ دلفريب بنائي ڇڏيو آهي.
پل پل تو لڪائين ائين بازن کان پکي دل،
هڪڙو نه ٻيو نيند ئي خونخوار پس و پيش.

ڪڍي سينڌ زلفن ۾ آهي سڄڻ،
دلين جي وڃڻ لاءِ ٺاهيو آ دڳ.

جيئن ڪاغذي گُلن ۾ نه بُو، باس ٿي رهي،
بلبل نه گُلرخن کي تيئن باوفا ڏٺم،
بلبل پنهنجي عبارت ۾ مرڪب لفظ ڪم آڻي خوب رنگ رچايو آهي. هي مرڪب لفظ هن جي طنزيه نظم ”نئون زمانو“ مان ورتا ويا آهن. آڪڙ شاڪڙ، ڪوٽ ڪالر، کيل خوشي، ميل جول، مرد زنانا، تال ترانا، برش طرازي، بردم خوردم، ٽوڙا سوڙا وغيره جهڙن رڪب لفظن بلبل جي عبارت ۾ نئون رنگ، نئون جلوو ۽ نئين معنيٰ ڀري ڇڏي آهي.
”ڏسج نئون تهذيب نمونو، ”بلبل“ باطل، فيشن جهونو،
بابو، بابو، ميم، مڪسچر، تاڪ ڌنا، ڌن، تاڪ ڌِنا.“
بلبل جي عبارت لاءَ جواب آهي. اُن جو پڙاڏو جديد سنڌي ادب، شاعري ۽ صحافت ۾ گونجندو نظر اچي ٿو. بلبل اڳوڻين تشبيهن، استعارن ۽ استارن ۾ نوان رنگ ڀري، اُنهن کي نئين خوبصورتي بخشي آهي. هن انهن ۾ ڪي ٻيا مرڪبات ملائي، نيون ترڪيبون جوڙيون آهن ۽ نوان نوان قافيا ۽ رديف گهڙيا آهن. بلبل پنهنجي تعميري ۽ اصلاحي سُڌارن کي عملي جامو پارائڻ جي لاءِ پنهنجي عبارت کي گهڙيوآهي، سُڌاريو آهي ۽ سنواريو آهي. اوهان کي بلبل جو ديدار ڪرڻو هجي ته انهي جي لاءِ سندس عبارت ڪافي آهي. سچ پچ بلبل جي عبارت سندس شخصيت جو اظهار آهي، آئينيدار آهي.
بلبل جي طنزيه توڙي سنجيده شاعري خويبن جي کاڻ آهي. اچو ته هن جي ڪجهه خوبين جو اپٽار ڪريون ۽ پڙهندڙن کي همٿايون ته اُهي بلبل جي شاعري کي پڙهن، سمجهن ۽ اُنهي مان سرور ۽ سبق حاصل ڪن.

[b]شاعري جون خوبيون
[/b](1) بلبل جي شاعري جي پهرين خوبي آهي مقصديت بلبل جي شاعري لفظن جو اجايو اظاهر ناهي، عمل کي ڇڏي ڀڄڻ جو کيل ناهي، بيمقصد ناهي. بلبل جي شاعري جو هڪ واضح مقصد آهي ته معاشي ۽ معاشرتي مشڪلاتن وچ ۾ ڪيئن همت سان رهجي ۽ پورهيو ڪري پاڻ کي ۽ قوم کي خوشحال بنائجي.
”بنايون ڪارخانه ۽ وڌايون فن و حرفت کي،
وڃايون ملڪ جو افلاس ۽ پنهنجي مصيبت کي.“
(2) بلبل جي شاعري جي ٻئي خوبي آهي هن جي طنز نگاري. بلبل پنهنجي طنز نگاري کي ڪاريگريءَ سان استعمال ڪري اهڙا ته ڪارناما سرانجام ڏنا آهن جو هرڪو حيران آهي. طنز نگاريءَ جي ذريعي بلبل ديسواسين جون اکيون کولي، اُنهن جي اوڻاين کي دور ڪري، انهن ۾ پاڻ سڃاڻن جي صلاحيت کي اُجاگر ڪيو آهي. انهن ۾ خود آگاهي، خودداري، جرتمندي ۽ ويساهه ڀري اُنهي کي تيار ڪيو آهي ته مصيبتن کي ڪيئن منهن ڏجي ۽ سرخرو ٿجي.
”ادا اڄ وقت ويهڻ جو نه آ، آرام راحت جو،
مگر آهي زمانو هي، هنر، حرفت ۽ صنعت جو.“
(3) بلبل جي شاعري جي ٽئين خوبي آهي مشاهدي جي قوت کي احتياط سان استعمال ڪرڻ، مشاهدو بلبل جو هڪ ڪارگر هٿيار آهي. بلبل هر شيءِ، هر صورتحال ۽ هر مشڪل جو مشاهدو ڪري، اُن تي سوچي ٿو، لوچي ٿو ۽ صحيح اندازو لڳائي پوءِ اُنهي تي لکي ٿو. مشاهدي ڪرڻ جي لاءِ ذهانت ۽ قابليت ضروري آهي. بلبل ”جلوه قدرت“ نظم ۾ هر شيءِ، هر پهلو، هر خوبي کي مشاهدي مان حاصل ڪيل معلومات کي استعمال ڪري، قدرت جي جلوي کي باريڪبيني سان پيش ڪري ٿو.
”هستيءَ ۾، مستيءَ ۾ ڇا وحدت و ڪثرت ۾،
يا ذلت و عزت ۾، ڇا عيش ۽ عشرت ۾،
دولت ۾ ”نڪبت ۾، سيرت ۾ عسرت ۾،
عبرت ۾ فطرت ۾، عير ۾، حيرت ۾،
ڇا مومن، ڇا هندو، ڇا برهمن و بابو،
جلوو تنهنجي قدرت جو، اي قادرا هرسُو آهه.“
(4) بلبل جي شاعري جي چوٿين خوبي آهي تجنيس حرفي جو فنڪارانه استعمال. تجنيس حرفي بلبل جي طنزيه توڙي سنجيده شاعري جي سونهن آهي. بلبل پنهنجي مڙني صنفن جهڙوڪ قومي شاعري، اصلاحي شاعري، حمد، نعت، نظم، غزل ۽ قصيدا گوئي ۾ استعمال ڪري پنهنجي شاعريءَ کي خوب سينگاريو آهي ۽ انهن جي پنهنجي اندر جو آواز بنايو آهي.
بلبل پنهنجي طنزيه نظم ”ڪارن جي ڪارگذاري“ ۾ تجنيس حرفي جو عمدو مثال پيش ڪيو آهي.
”باجو، بينڊ، بگل ۽ تڙگم،
وايولن جي رين رين رقم رقم،
نچڪو، ٽپڪو، واري واري،
هپ هپ هُري، هپ هپ هُري.“
بلبل ”آفتاب مهتاب“ نظم ۾ تجنيس حرفي جو ڪاريگريءَ سان استعمال ڪري، روح کي راحت بخشي آهي.
”تو سان هي جڳ آهي جاري،
بادل باري، باغ بهاري،
سبزي ساوڪ، گُل، گُلزاري،
تنهنجي منهنجي آهي ياري.“
تجنيس حرفي جي ذريعي شاعري ۾ سونهن، نغمگي، رواني، تسلسل ۽ دلچسپي پيدا ٿئي ٿي جيڪي پڙهندڙن کي آنند ۽ اتساهه ميسر ڪري ٿي.
(5) بلبل جي شاعريءَ جي پنجين خوبي آهي سندس عبارت عبارت شاعر جي دل جو آئينو هوندي آهي. جنهن ۾ شاعر جي شخصيت، قابليت، ذهانت جوش ۽ جزبو هڪ سُريلي صورت ڌاري نظر ايندو آهي. اُها عبارت ئي آهي جيڪا شاعر جي روح کي کولي پڌرو ڪندي آهي. بلبل پنهنجي اُتم (Sublime) عبارت ذريعي جديد سنڌي شاعري ۾ وڏو انقلاب پيدا ڪيو ۽ جديد سنڌي شاعرن کي پنهنجن پيرن تي بيهڻ جي قابل بنايو.
بلبل جي عبارت سادي، سهج ۽ دلچسپ آهي. بلبل پنهنجي ڊگهي نظم ”رحيما“ ۾ مالڪ ۽ بندي جي وچ ۾ قائم ۽ دئام تعلقات جو ڪهڙو نه دلفريب ۽ حيرت انگيز اظاهر ڪيو آهي.

”تون مالڪ اسان جو، تون داور ڌڻي،
خطائون سڀيئي عفو ڪر ڌڻي،
تون معبود منهنجو ڀڄان يا ٽهان،
تون مقصود منهنجو ته ڪاڏي وڃان؟“
اُهي ۽ ان جهڙيون ٻيون خوبيون بلبل جي شاعري جي سونهن آهن، سڃاڻ آهن.
شمس الدين بلبل سنڌي شاعري جو تمام وڏو شاعر آهي. هن جديد سنڌي شاعري جي واڌاري ۽ سُڌاري لاءِ بي بها ادبي ڪارناما (Contributions) سرانجام ڏنا.
بلبل سنڌي ٻولي ۾ طنزيه شاعري جو پهريون موجد آهي. هن محنت ڪري سنڌي شاعري ۾ طنزنگاري جو باقائدگي سان ٻوٽو پوکيو، اُن جي سار سنڀال لڌي ۽ ان کي هڪ طاقتور وڻ جي شڪل عطا ڪئي. بلبل جي وقت ۾ سنڌي وڏيرا ۽ زميندار ۽ ڇڙواڳ سنڌي جوان فرنگي ثقافت جي ڄار ۾ ڦاسجي چڪا هئا. بلبل محسوس ڪيو ته ملن جا واعظ، تقريرون يا ڌرويشن جا نصيحتي نقطا اُنهن کي انهي ڄار مان ڪڍڻ جي لاءِ ڪافي ناهن. بلبل اُنهن جي ڇوٽڪاري لاءِ طنزنگاري جي راهه اختيار ڪئي. بلبل اُنهن جو مذاق اُڏايو، انهن کي شرمنده ڪيو ۽ اُنهن تي چٿرون ڪري اُنهن کي جاڳايو، ڇرڪايو ۽ شرمسار ڪيو. بلبل اهڙن سنڌيدانن جو نقشو ائين چٽيو آهي.
ڏاڙهي ساڻ ڏهاڙي جهيڙو،
مڇون گانگٽ، وڇون ويڙهو،
سيٽي، لڪڙي، چرخ شماري،
هپ هپ هُري، هپ هپ هُري.“
بلبل پهريون سنڌي شاعر آهي جنهن شاعري جي موضوعن ۾ وڏي وسعت آندي ،آئنده جي سنڌي شاعريءَ لاءِ نئين واٽ گهڙي ۽ اُنهيءَ کي محدوديت کان بچائي وريو بلبل پنهنجي شاعري ۾ نوان نوان موضوع آڻي، اُنهن تي خوب لکيو. ٻئي ڪنهن به سنڌي شاعر ائين نه ڪيو ۽ نه ئي وري ڪو ڪري سگهندو. هن جي شاعري جا هي موضوع نوان ۽ نرالا آهن. تڪبر، علم، جهل، عادل، قناعت، فنا، گردش، فلڪ، اهل جهان، آفتاب عالمتاب، تجارت، جماعت بندي گرمي وغيره. ائين ڪري بلبل نه صرف پنهنجي قابليت ۽ ذهانت جو ثبوت ڏنو پر سنڌي شاعري ۾ نوان نوان موضوع ڪم آڻي، سنڌي شاعري جي ترقيءَ لاءِ ڪيئي نوان قدم کنيا.

[b]نظم کي سائنسي بنيادن تي گهڙڻ وارو شاعر:
[/b]بلبل پهريون سنڌي شاعر آهي، جنهن ”نظم“ جي صنف کي سائنسي بنيادن تي گهڙي، اُن کي سنڌي شاعري ۾ رائج ڪيو. بلبل ڪيترائي فني ۽ موضوعاتي نظم لکي سنڌي شاعري ۾ انقلاب آندو آهي. هن جا لکيل نظم جلوه قدرت، ذات الاهي، تون آن، احساس ملت، آفتاب عالمتاب، رات، احساس ملت، فنا، تجارت وغيره مقصد ۽ معنيٰ جي لحاظ کان مڪمل نظم آهن. بلبل جا طنزيه نظم جهڙو ”نئون زمانو“ ۽ ڊگهو نظم رحيما شاهڪار جي حيثيت رکن ٿا.

[b]هن قصيده گوئي کي رائج ڪيو:
[/b]بلبل پهريون سنڌي شاعر آهي جنهن سنڌي شاعري ۾ قصيدا گوئي کي رائج ڪيو. هن سنڌي، اردو، فارسي ۽ عربي ۾ قصيدا لکي، شاعري جي هن قديم صنف کي ڪافي ترقي ڏياري. بلبل حسن علي آفندي، سيد الله ڏنو شاهه، سردار محمد يعقوب، سردار محمد ابراهيم ۽ سر آغا خان تي قصيدا لکي خوب داد حاصل ڪيو. بلبل پنهنجن قصيدن ۾ ٿامس ڪارلائل (Thomas Carlyle) جي ”هيرو ورشپ“ جي نظريعي ۾ نواڻ آڻي وڏي ادبي خدمت ڪئي آهي.
بلبل پهريون سنڌي شاعر آهي، جنهن تضمين جي فن کي سنڌي شاعري ۾ رائج ڪيو. هن فن تحت بلبل جون نظمون ۽ غزل ساراهڻ جوڳا آهن. اهڙي فن جو مطالعو ڪندي، بلبل جي خداداد لياقت، مطالعي ۽ مشاهدي جي خبر پوي ٿي.
بلبل جو اهو ادبي ڪارنامو وسارڻ جوڳو ناهي ته ڪيئن نه هن پنهنجي حسين، دلنشين ۽ نمڪين عبارت جي ذريعي سنڌي ادب، شاعري، صحافت ۽ مضمون نگاري جي فن ۾ بي ملهه اضافو ڪيو آهي. موزون ۽ مناسب خيالن کي ظاهر ڪرڻ جي لاءِ موزون ۽ مناسب لفظ اختيار ڪري بلبل پنهنجي عبارت کي سريلو ۽ سگهارو روپ عطا ڪيو آهي. ائين پيو لڳي ڄڻ جديد سنڌي عبارت بلبل جي عبارت مان ڦٽي نڪتي آهي. بلبل جي عبارت جو مزو ماڻڻ لاءِ هن جي نظم ”آفتاب عالمتاب“ جو هي بند پڙهڻ جهڙو آهي.
”تون انڌاري دور ڪرين ٿو،
ڪارنهن ڪل ڪافور ڪرين ٿو،
سارو عالم نور ڪرين ٿو،
ماڻهن کي مسرور ڪرين ٿو.“

[b]ادبي خدمتون:
[/b]شمس الدين بلبل هڪ باوقار شخص ۽ مقبول عام شاعر هو. هن جي شاعري ۾ جيڪا رنگيني آهي، شوخي آهي ۽ اظهار بيان جي دلفريب ڇڪ آهي. تنهن بلبل کي ٿوري ئي وقت ۾ سڄي سنڌ ۾ مقبول بنائي ڇڏيو. جيڪا ڪاميابي بلبل کي ٿوري وقت ۾ حاصل ٿي، اُها ٻئي ڪنهن به سنڌي شاعر کي نه ملي. بلبل جي ڪاميابي جو راز سندس الله تعاليٰ طرفان عطا ڪيل قابليت، ظرافت ۽ ملنسار طبيعت ۾ پوشيده آهي.
غلام محمد گرامي پنهنجي تحقيقي مضمون ”سنڌي ادب ۽ مزاح نگاري“ ۾ بلبل جي شاعري کي ساراهيندي چيو آهي ته ”بلبل سنڌي شاعري ۾ اهڙي نئين طرز جو موجد بلڪ خاتم آهي، جنهن جي تخليق جو شرف کيس حاصل آهي. سندس تخليقي رنگ اهڙو ته منفرد ۽ مثالي آهي جو نڪو اڄ تائين ٻئي ڪنهن شخص اُن جو تتبع ڪيو آهي ۽ نڪو ڪو نڀاهي سگهيو آهي.“

بلبل جي شاعري جو جيترو وڌيڪ مطالعو ڪبو ته ڪيترائي نقطا نڪري نروار ٿيندا. بلبل جي شاعري سنڌ واسين جي اندر ۾ سمايل آهي. انهي ڪري ضروري آهي ته هن جي سموري شاعري، صحافتي تحريرن ۽ مضمونن کي گڏ ڪري ڇپايو وڃي ۽ هن جي لکيل ڪتابن، ادبي مضمون ۽ تنقيدي تحريرن کي گڏ ڪري شايع ڪرايو وڃي. جيئن ته نئين معلومات حاصل ٿي سگهي اهو معلوم ٿي سگهي ته سنڌي ادب ۽ شاعري ۾ سندس ڪهڙو مقام آهي.


[b]مددي ڪتاب
[/b](1) حسام الدين راشدي. سنڌي ادب.
(2) محمد صديق ميمڻ. سنڌي ادب جي تاريخ.
(3) شيخ عدبالرزاق راز. سنڌي غزل جو تجزيو.
(4) غلام محمد گرامي. سنڌي ادب ۾ مزاح نگاري هڪ تحقيقي مقالو.
(5) ڊاڪٽر الله الله شاهه حسيني. ڪلام بلبل
(6) ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل. ڪلام بلبل.
(7) غلام محمد گرامي. ڪلام بلبل جو مقدمو.
(8) ضيالء الدين ضياء. ديوان بلبل جو مقدمو.