لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سنڌي ٻوليءَ جا سرجڻهار شاعر

سنڌي شاعريءَ جي مختلف دورن بابت لکيل تحقيقي مضمونن ۽ مقالن تي مشتمل هن ڪتاب جو ليکڪ پروفيسر سروپچندر شاد آهي. شاد صاحب مهاڳ ۾ لکي ٿو:
”مون پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جا سرجڻهار شاعر“ ۾ قاضي قادن کان شيخ اياز تائين جي زماني واري شاعري کي ارڙهن دور ۾ ورهايو آهي. مون تفصيل سان هر دور ۾ اڀرندڙ نقطن، مضمونن ۽ شاعرانه نمونن جو تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي.“

Title Cover of book Sindhi Boli'a ja Sarjenhaar Shair

شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه1102 هجري – 1689ع1165هجري – 1752ع

[b]اديبن ۽ نقادن جا رايا
[/b]
(1) ”شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه پاڪستان جي چئن صوبن جي شاعرن مان هڪ مشهور ۽ نامور شاعر آهي. شاهه جو رسالو اُن جي خصوصيتن ۽ عوام سان محبت جو کُليو اظاهر آهي.“
[b]ڪرتار سنگهه عرش. شاهه ڀٽائي دا رسالا (پنجابي ڪار)
[/b]
(2) ”شاهه هڪ اعليٰ درجي جو وطن دوست هو. سندس زندگي توڙي ڪلام ۾ سندس حب الوطني جو ثبوت ملي ٿو. شاهه جي دل ۾ سنڌ لاءِ بي حد محبت هئي، جا رسالي ۾ پاريون ڪري پلٽي آهي. ٻولي، نظم ۽ خيالات جي لحاظ کان شاهه جو رسالو حب الوطني جو هڪ بي نظير گرنٿ آهي.“
[b]ڪلياڻ آڏواڻي. شاهه سچل سامي
[/b]
(3) ”لطيف جو رسالو فقط چند سُرن جو مجموعو نه آهي پر سندس رسالو هڪ دور جي تاريخ ۽ برصغير جي وڏي حصي جي جاگرافي آهي، هڪ زماني جي سلسليوار لغت (Cronochological Dictionary) آهي، لطيف جو ڪلام گذريل ٻن سؤ سالن جو پراڻو پيغام نه آهي، پر سندس ڪلام هر دور ۾ نئون نياپو ٿو ڏي.“
[b]ڊاڪٽر غلام علي الانا. لطيفي لات
[/b]
(4) ”لطيف سراپا جدوجهد آهي. هن جو ڪلام سڪ، محنت، سچائي، بردباري ۽ يقين آهي، هو پنهنجي مقصد کي چڱي طرح ڄاڻي ٿو. اُن کي ماڻن لاءِ هر هر قرباني ڏيڻ جو سبق ڏئي ٿو. هن پنهنجي وطن جي مٽي سان محبت ڪئي آهي.
[b] ڊاڪٽر سليمان شيخ. لطيفي لات
[/b]
(5) شاهه جو صوفياڻو ڪلام حال آهي. ۽ نه قال، جيڪو ذڪر ڪري ٿو، سو سندس اُنهي حالت جو گويا هڪ آئينو آهي. پنهنجو ئي آزمودو ۽ تجربو بيان ڪيو اٿس. (نه فقط ٻين کان ٻُڌل ڳالهيون ۽ نڪي ڪي فيلسوفن وانگي منطقي حجتون ۽ دليل پيش ٿو ڪري.“)
[b]ڊاڪٽر گربخشاڻي. مقدمھ لطيفي
[/b]
(6) ”شاهه عبداللطيف ڀٽائي سنڌ جو اُهو سدا حيات شاعر آهي، جيڪو ڪڏهن به مري مات ٿيڻو ئي ناهي، هن اهو سڀ ڪجهه پنهنجي جيئري ئي جهڙوڪ پنهنجي لاءِ ئي پنهنجي هڪ بيت ۾ چئي ڇڏيو آهي.“
مرڻا اڳي جي مئا، سي مري ٿين نه مات،
هوندا سي حيات، جيئڻا اڳي جي جيئا.
[b]ڊاڪٽر سحر امداد. شاهه لطيف: هڪ تحريڪ هڪ جدوجهد
[/b]
[b]شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي سوانح عمري:
[/b](1) شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه، سنڌ جو وڏو ڏات ڌڻي ۽ ناميارو شاعر ۽ تخليق ڪار آهي، هن جي ڪلا۾ سنڌ جيئي پئي ۽ ترقي جون سڀئي منزلون طعي ڪري پئي. شاهه سنڌ آهي. شاهه جي شاعري سنڌ جي ماڻهن جو آواز آهي ۽ سنڌ جي ريتن رسمن جي سچي تصوير آهي.

[b]پيدائش:
[/b]شاهه عبداللطيف ڀٽائي 1102هجري مطابق 1689ع 1690ع ۾ حيدرآباد ضلعي جي هالا تعلقي ۾ هالا حويلي جي ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو. هن جي پيءُ جو نالو شاهه حبيب آهي. هن جي ڏاڏي جو نالو سيد عبدالقدوس شاهه هو ۽ هن جي پڙ ڏاڏاي جو نالو سيد جمال شاهه هو. سنڌ جو وڏو صوفي ۽ شاعر عبدالڪريم بلڙي وارو هن جو تڙ ڏاڏو هو. شاهه عبداللطيف جو پيءُ ٿوري وقت کان پوءِ اچي ڪوٽڙي جي هڪ ڳوٺ ۾ رهيو جيڪو ڀٽ کان ٻه ڪوه کن پري آهي.

[b]تعليم[/b]:
شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه پڙهيل هو يا اڻ پڙهيل ۽ جي پڙهيل هو ته هو ڪٿي پڙهيو ۽ ڪيترو پڙهيو اُنهي جي باري ۾ ڪا به مفيد معلوامت موجود نه آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه اڻ پڙهيل ڪو نه هو، ڊاڪٽر ٽرمپ جي لکڻ مطابق شاهه جو رسالو پڙهي اُهو معلوم ٿئي ٿو ته هو اُمي يا اڻ پڙهيل نه هو. هن جي رسالي ۾ آيل عربي ۽ فارسي ٻولي جي لفظن کي پڙهي اُهو معلوم ٿئي ٿو ته هن درسي تعليم ضرور حاصل ڪئي هوندي. هو عربي ۽ فارسي ٻولين جو ڄاڻو هو. هن کي پنهنجي مادري ٻولي تي مڪمل ضابطو هو. هو بلوچي، سرائڪي، هندي، پنجابي وغيره به چڱي طرح ڄاڻندو هو. اُن کانسواءِ هن جو تاريخي علم به وسيع هو. اُهو پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته اڄ جو وڏو عالم به شاهه جي رسالي جهڙو ڪتاب لکي نه سگهندو.

[b]عشق جي چوٽ:
[/b]شاهه حبيب هالا حويلي مان لڏي اچي ڪوٽڙي ۾ رهيو. اُتي مرزا مغل بيگ نالي هڪ وڏو ماڻهو رهندو هو. جيڪو ارغون گهراڻي مان هو. مرزا مغل بيگ ۽ سندس خاندان جو شاهه حبيب سان مريدي جو رشتو هو ۽ منجهس گهڻو اعتقاد هو. جڏهن ڪو بيمار پوندو هو يا ٻيءَ ڪنهن مصيبت ۾ مبتلا ٿيندو هو ته شاهه حبيب کي دعا ڦيڻي لاءِ وٺي ويندا هئا. هڪ دفعي مرزا مغل بيگ جي نهايت خوبصورت نياڻي بيمار ٿي پئي. شاهه حبيب کي ماڻهو موڪليائون جيئن ته هو ٺيڪ نه هو، اُن ڪري هن پنهنجي فرزند شاهه عبداللطيف ڀٽائي کي وڃڻ لاءِ چيو. ڇوڪري ويڙهجي سيڙهجي کٽولي تي پيئي هئي، ڇاڪاڻ ته هو وڏو پردو ڪندا هئا، صرف سيدن کي گهرائي دعا ڪرائيندا هئا. شاهه لطيف اُن نينگر کي ڏسي مٿس موهت ٿي ويو. نينگر جي چيچ کي هٿ ۾ جهلي چيائين ته ”جنهن جي سيد جي هٿ ۾، تنهن کي لهر نه لوڏو“ اُهي لفظ ٻڌي مرزا مغل بيگ ۽ سندس رشتيدار تپي باهه ٿي ويا، شاهه عبداللطيف کي اُن وقت ڪجهه به نه چيائون، مگر پوءِ ته اچي ساڻس اُبتا پير کڻڻ لڳا. شاهه حبيب کي به اڳي جيڪو مان ڏيندا هئا، سو هاڻ نه ڏيڻ لڳا، مطلب ته اُنهن سيدن کي ڏاڍو آزاريو. اُن ڪري سيدن کي ڪوٽڙي ڇڏڻي پئي ۽ ڳوٺ کان پري رهڻو پيو. شاهه عبداللطيف جي عمر اُن وقت ويهه ورهيه هئي، عشق جي چوٽ هن کي ذهني طرح ڏاڍو پريشان ڪيو، معشوق جي روين منجهس هڪ نئين قسم جو روح ڦوڪيو، اهو شڪ نه آهي ته عشق جي تاثير هيٺ هن جي شاعري ڀڙڪو کاهي ٻاهر اچي نڪتي، ڪڏهن ڪڏهن هو جهنگ منهن ڪري هليو ويندو هو. پر هاڻي ڏينهن جا ڏينهن مستن وانگي گذارڻ لڳو. هو محبوب جي فراق ۾ بيت چوندو وتندو هو، هڪ دفعي برپٽ ۾ هڪ واري جي دڙي تي عشق مٿس اهڙو ته غلبو ڪيو ۽ غشي ۾ اچي ويو، پنهنجي جسم ۽ جان، دنيا ۽ ماسوا جو ڪو سماءُ نه رهيو، ٽي ڏينهن برابر اهڙي حالت ۾ رهيو، جهولن ۽ جهوٽن کان واري جا تھ مٿانس وري ويا، شاهه حبيب گهڻي ئي ڳولا ڪئي پر پتو نه پيو، نيٺ هو پنهوار شاهه حبيب کي شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي باري ۾ ٻڌايو ۽ پوءِ شاهه حبيب لطيف کي هوش ۾ آڻي گهر وٺي آيو. شاهه جي شادي لاءِ مرزا مغل بيگ کان سڱ ڇڪڻ جي هر وجهه ڪوشش ڪئي هوندي.

[b]سير ۽ سفر:
[/b]هڪ ڏينهن شاهه لطيف اوچتو ئي اوچتو جهنگ منهن ڏيئي اٿي هليو. واٽ تي شايد هڪ هندو سنياسين ۽ جوڳين جي ٽولي ملي ويئي، جن سان گڏجي پنهنجي محبوب جي وڇوڙي ۾ اُنهن جهڙي ڪفني پائي رلندو رهندو هو. بس، اُنهن جي صحبت ۾ گهڻيئي ملڪ ڦريو ۽ ڪيتريون ئي سندن تيرٿن جون جايون ۽ تڪيا ڀيٽيائين. لکپت ۽ گرنار تائين به ويو جتان موٽندي جيسلمير ۽ ٿر ۾ به سفر ڪيائين. اُنهي کان پوءِ گنجي ٽڪر ۽ لس ٻيلي جي سرحد وارن جبلن ۾ گشت ڪندي، لاهوت لا مڪان، هنگلاج ۽ سپر سخي جون زيارتون ڪيائين ۽ شڪ نه آهي ته اُتان ٿي قابل ۽ ڪنڌار ڏي ويو، جتان موٽڻ بعد وري ٻيو دفعو هنگلاج ۾ آيو، اُتي ڪن سببن جي ڪري جوڳي ۽ سنياسي هن کان پري پري رهڻ لڳا. تنهن ڪري اُنهن کان ڌار ٿي، ڪيچ مڪران لتاڙي ننگر ٺٽي ڏي رخ ڪيائين، رستي ۾ هلندي هلندي هڪڙي هنڌان هڪ دردناڪ آواز جو پڙلاءُ ڪن تي پيس، اڳڀرو ڏي ڇا ڏسي ته غار ۾ هڪ شخص هي مصرع هر هر پيو چوي:
هيڪليائي هيڪ، پورينديس، پنهون ڏي.
شاهه لطيف، اُن ماڻهو جي ويجهو وڃي، سلام ڪري پڇيو ته ”اي شخص تون ڪير آهين، هت ڇا ٿو ڪرين ۽ هي ڇا پيو چوين؟ هن وارڻي ڏني ته مان هڪ جت آهيان مان ۽ منهنجا ٻيا ٻه سنگتي، اُٺن تي شاهوڪاري مال لڏيو پئي وياسين، اوچتو هالن جي ڳوٺ وٽان لانگهائو ٿياسين، جتي ڪن فقيرن راڳ پئي ڳايو، انهي راڳ جي هڪڙي تڪ منهنجي دل ۾ اهڙي ڀي ويئي، جو اُنهي ڏينهن کان وٺي مان پنهنجو مال ملڪيت سڀ ڦٽو ڪري، رڳو اهائي تڪ ڳائيندو اچي هت نڪتو آهيان“ شاهه کي معلوم ٿيو ته هو ويچارو ڪو دردن جو ماريل آهي ۽ کيس چيائين ته ”جي تنهنجي مرضي هجي ته بيت جون ٻيون مصراعون به چئي ٻڌايان، جت اُنهي تي ڏاڍي خوشي ڏيکاري ۽ شاهه ٻي مصرع چئي ٻڌايس.
”آڏا ڏونگر لڪيون، سوريون سڄن سيل.“
جت هي مصرع ٻڌي ويتر وجد ۾ اچي ويو ۽ شاهه کي بيت پوري ڪرڻ لاءِ منٿ ڪيائين جنهن تي شاهه پٽن مصرع به چئي ٻڌايس:
”ته ڪر ٻيلي آهر ٻيل، جي سور پريان جا ساڻ مون.“
شاهه جو بيت پورو ڪرڻ ۽ جت جو مورڇا ٿي ڪرڻ، شاهه کي نهايت عجب لڳو ۽ ڏاڍو ارمان ٿيس. هٿ لائي ڏسيس ته حياتي ٺهيئي ڪا نه، پوءِ اُن کي اُتي دفن ڪيائين ۽ سندس قبر اڃا تائين واٽهڙن کي ڏسڻ ۾ ايندي آهي.
نيٺ شاهه ٺٽي ۾ پهتو، ۽ شهر جي عالمن ۽ فاضلن سان ملاقات ڪيائين، مخدوم معين، جنهن کي مخدوم ٺارو به ڪري سڏيندا هئا، تنهن سندس گهڻي خاطري ڪئي، ٻنهي جي ايتري قدر ته پريت ٿي ويئي، جو شاهه جي ڀٽ وسائڻ بعد به هڪ ٻئي وٽ ايندا ويندا هئا.
اهڙي طرح شاهه لطيف، اٽڪل ٽي سال سفر ۽ سياحت ۾ صرف ڪيا ۽ دنيا جو گهڻو تجربو حاصل ڪيائين، اُن کان پوءِ سندس دل ۾ اُڪير جاڳي ته هو هيڏي هوڏي رلڻ جي بدران هو پنهنجي وطن وڃي. هڪ ڏينهن اوچتو ئي اوچتو اچي گهر نڪتو، پيءُ پٽ، هڪ ٻئي کي وڏي حب سان مليا، شادمانا ٿي ويا ۽ ورهين جا وڇوڙا لهجي منجهه لهي ويا.

[b]سير ۽ سفر جي حاصلات:
[/b]اُنهن ٽن ورهن جي دوران شاهه لطيف دنيا ۽ دنيا جي ماڻهن جو چڱو آزمودو پرايو، گهڻائي ڏکڙا ڏٺائين، جهنگل جهاڳيائين ۽ ڏونگر ڏوريائين، ساڌن فقيرن سان صحبت ڪيائين ۽ ڀانت ڀانت جي ماڻهن سان ميلاپ ڪيائين اُنهي جو اهو نتيجو نڪتو جو سندس قلب مان تعصب ۽ دوئي جي ڪٽ ڪورجي پئي، ۽ انسان ذات لاءِ همدردي زياده ٿي. انساني طبيعت جو هن ڳوڙهو اڀياس ڪيو، جنهن جو ڪافي ثبوت سندس رسالي ۾ ملي ٿو.

[b]شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي شادي:
[/b]ٿوري وقت کان پوءِ دل ذات جا ڪي شاهينگ، وجهه وٺي، اچي مرزا بيگ جي گهر تي ڪڙڪيا، پاڻ ۽ سندس ساٿي دَلن جي هٿان مارجي ويا. هو حادثو سن 1124هه مطابق سنه 1713ع ۾ ٿيو. هيڏانهن اچي مغلن جي زالن جي دل ۾ اچي وسو سو پيدا ٿيو ته سندن مردن جو موت سيدن جي رنج کان ئي ٿيڻو آهي. سي ڏاڍو پشيمان ٿيون ۽ اچي سيدن جي پيش پيون آخر ٻنهي طرفن جو پاڻ ۾ پرچاءُ ٿيو ۽ مرزا مغل بيگ جي نياڻي جو سڱ، شاهه عبداللطيف کي ڏنو ويو. هي اها ئي ساڳي بيبي هئي جنهن جي چيچ شاهه پنهنجي هٿ ۾ ورتي هئي. سندس نالو سيده بيگم هو، پر پوءِ مريد ادب وچان کيس ”تاج الملخدارت“ ڪري ڪوٺيندا هئا. بيبي سيده بيگم، هڪ نهايت پاڪ دامن، خليق ۽ علم واري زال هئي. صبح سانجهي قرآن شريف جي تلاوت ڪندي هئي، هو گهر جو سمورو ڪم ڪار پنهنجن ڪومل هٿن سان ڪندي هئي. شاهه لطيف کي ڪو اولاد نه ٿيو.

[b]فطرت سان محبت:
[/b]شاهه لطيف پنهنجو ڪجهه وقت شعر گوئي ۾ صرف ڪندو هو، ته ڪجهه وقت رياضت ۽ عبادت ۾، ڪڏهن ڪڏهن ته اسلوڪي عادت موجب جهنگ منهن ڏئي هليو ويندو هو، جبلن، ماٿرين ۽ کليل ميدانن ۾ گهمڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو. برسات جي موسم ۾ باغ ۽ راڳ جو چهچٽو ۽ لقاءُ ۽ فطرت جو جمال ۽ ڪمال کيس ڪشش ڪري، گهر کان ٻاهر ڪڍندا هئا، اُتي هن جي دل قدرت جي دل سان يڪسان ٿي ويئي ۽ جيڪي خيال من ۾ پرگهٽ ٿيا، سي قدرت جي پوري ترجماني ڪري رهيا هئا. قدرت جي موهيندڙ نظارن، سندس روح کي راحت ٿي ڏني ۽ سندس قلب کي قوت بي اختيار سندس وات مان شعر جا سندر موتي ريلا ڏيئي نڪتا، ڪڏهن ڪڏهن الاهي جي باريڪ نڪتن تي فڪر ڪندو هو ۽ هميشه سندس من ۾ اُها اڻ تڻ هوندي هئي ته اسين ڪٿان آيا آهيون؟ ڪيڏانهن وڃڻو اٿئون؟ هي سڀ ٽڪاٽ ڇا جي آهي؟ ۽ اسان جو اصلي مقصد ڇا آهي؟ سندس روح جون رڳون، قدرت جي رتي جيتري رهاڻ سان به طنبور جي تارن جيئن، واڄي ۾ اچي وينديون هيون،
”جڏهن“ رڳون ٿيون رباب، وڄن ويل سڀ ڪهم“
شاهه عبداللطيف جي مقبوليت وڌندي ويئي، ته ڪي پير شاهه لطيف سان نه ٺهيا جهڙوڪ پير مخدوم نوح جو اولاد، جن مان پير پنج ڀاڳ، مٽيارن وارا آجناڻي سيد ۽ ميان نور محمد ڪلهوڙو جيڪو سنڌ جو حاڪم ۽ ڪلهوڙن جو مهندار هو، مٿين ٽنهي ڌرين، شاهه لطيف کي نهايت ستايو، اُنهن ڪيترائي دفعا ڪوش ڪئي ته شاهه کي ماري کپائي ڇڏيون.
شاهه خدا ئي توڪل رکي، هنن سان ڏکيو سکيو وقت ڪاٽيو ويتر اهڙي روشن روَش مليو، جو ماڻهن جو منجهس يقين پاڻ ويو وڌندو ۽ مڃڻ لڳا ته بيشڪ وڏو ولي آهي. ٿوري وقت کان پوءِ شاهه عبداللطيف بلڙي ۾ اچي شاهه عبدالڪريم بلڙي واري جو قبو اڏرايو.

[b]شاهه جو ڀٽ کي وسائڻ:
[/b]شاهه لطيف جهڙي ايڪانت پسند شخص کي ڪوٽڙي ۾ به آرام نه آيو ۽ هن ڀٽ وسائڻ جو خيال ڪيو، هو بيابان جهڙو علائقو هو اُتي هڪ ڍنڍ هئي جنهن جو نالو ڪراڙ ڍنڍ آهي، جيڪا اڃا تائين موجود آهي. هن ۽ اُن جي مريدن ڀٽ کي وسايو ۽ اُتي آرام سان زندگي گذارڻ لڳا. ڀٽ تي شاهه لطيف جي زندگي ايڪانت واري هئي. هن ڀٽ جا ڪي پَٽ مريدن ۾ ورهائي ڇڏيا ۽ پنهنجي لاءِ رهائش جو بندوبست به ڪيائين. هن آخري وقت ۾ ڪربلا وڃڻ جو خيال ڪيو. اُن جي هڪڙي مريد شاهه صاحب کي ائين ڪرڻ کان منع ڪئي. پوءِ ڀٽ تي رهي پيو ۽ ڪارو ويس ڍڪي ۽ ڪربلا جي شهيدن جي ماتم ۾ سُر ڪيڏارو چيائين.

[b]شاهه عبداللطيف جي شخصيت:
[/b]شاهه صاحب بلڪل قداور نه هو، پر البت وچولي قد کان ڊگهيرو هو، سندس چمڙي ڪڻڪ رنگ هئي، سندس اکيون وڏيون ۽ ڪاريون هيون، جي مشعلن وانگر پيون ٻرنديون هيون. سندس منهن مڻيادار هو ۽ پيري ۾ ته آقي باقي منجهائنس هڪ نوراني جمال پيو بکندو هو. هو نهايت خليق ۽ حليم هو، ، هو رحمدل ۽ ٻاجهارو هو، انسان ذات لاءِ هن کي نهايت قرب ۽ همدردي هئي.

[b]شاهه عبداللطيف جو مذهب:
[/b]روايت آهي ته شاهه عبداللطيف پنهنجن ابن، ڏاڏن وانگر سُني مذهب جو هو، مگر ڪن ڳالهين ۾ سندس روش شيعن جهڙي به هئي. آل رسول هن لاءِ گهڻي محبت ۽ قرب هو. هن پنهنجي ڪلام ۾ حضرت علي ۽ امامن ڏانهن خاص اشارا ڪيا اٿس. سر ڪيڏارو ته سڄو امامن جي شهادت سان ڀريو پيو آهي، شاهه لطيف شعريت جو پورو پابند هو. تنهن هوندي به مذهبي ڳالهين ۾ نهايت آزاد خيال هو. شاهه جو عقيدو هو ته جي ماڻهو پنهنجي دين يا ڌرم تي قائم رهيو ۽ پنهنجي نفس تي ضابطو رکيائين ته ضرور سندس قلب ۾ هڪ نئين قسم جو روحاني جذبو اُنڀڻ ٿيندو.

[b]شاهه عبداللطيف جي وفات:
[/b]ڪجهه وقت شاهه لطيف اڪيلائي ۾ رهي ٻاهر آيو ۽ پوءِ مريدن کي سماع جو اشارو ڪيائين. اُهو سماءُ ۽ سرود جو لقاءَ ٽي ڏينهن رهيو، آخر جڏهن راڳ بند ٿيو ته شاهه صاحب جو روح سندس جسم کي ڇڏي وڃي عالم ارواح ۾ پهتو، سنه 1165هجري مطابق سنه 1752ع جي صفر مهيني جي چوڏهين تاريخ هئي، جڏهن هن ڀلاري ڌڻي جهان مان رحلت ڪئي.

[b]ورسي جو ملهائڻ:
[/b]هر سال ڀٽ شاهه تي چوڏهين صفر مهيني ۾ شاهه جي ورسي ملهائي ويندي آهي. جنهن ۾ هزارن جي تعداد ۾ سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر جا اديب، شاعر ۽ مريد اچي حصو وٺندا آهن، اُنهي موقعي تي راڳ جون محفلون مچنديون آهن ۽ ادبي ڪانفرنسون منقعد ٿينديون آهن. جتي گهڻا اديب ۽ نقاد شاهه لطيف جي شاعري جي لڪل معاوضوئن تي مڪالما پڙهندا آهن ۽ شاهه لطيف جي باري ۾ نيون ڳالهيون ٻڌائيندا آهن.

[b]شاهه عبداللطيف جون تصنيفون:
[/b]شاهه لطيف هڪڙي ئي تصنيف ڇڏي آهي. جنهن جو نالو آهي ”شاهه جو رسالو“ هن رسالي ۾ اوڻهٽيهه (29) سُر آهن. سر ڪلياڻ، سر ايمن، سُر کنڀات، سر سري راڳ، سُر سامونڊي، سر بروو سنڌي، سُر آبري، سر معذوري، سر ديسي، سر ڪوهياري، سُر حسيني، سُر ليلا چنيسر، سُر مومل راڻو، سُر مارئي، سُر ڪاموڊ، سُر گهاتو، سُر سورٺ، سُر ڪيڏارو، سُر روپ، سُر سارنگ، سُر آسا، سُر ڪاپائتي، سُر پورب، سُر ڪارايل، سر پرڀاتي، سُر ڏهر، سُر بلاول، سُر رامڪلي، سُر سهڻي، سُر سسئي آبري.
شاهه جي رسالي ۾ 192 وايون موجود آهن.

[b]شاهه عبداللطيف جي شاعري:
[/b]شاهه لطيف سنڌ جو سرتاج شاعر هو، هن جي شاعري سنڌ جي شاعري آهي، سنڌي ماڻهن جي اندر جي آواز آهي ۽ سنڌي ماڻهن جي ريتن رسمن جي واضح ۽ ڇٽي تصوير آهي، جيڪا هر وقت ڪجهه نه ڪجهه ٻڌائيندي رهي ٿي.
شاهه لطيف هڪ سچو انسان هو، هن جي شاعري سچ جي شاعري آهي، حق جي شاعري آهي، اُها ٻڌل، ڪوڙن ۽ فضول ڳالهين تي ٻڌل ناهي. شاهه صاحب جيڪو ڪجهه ڏٺو جيڪي ڪجهه مشاهدن، تجربن جي ذريعي حاصل ڪيو، ۽ جيڪا ڄاڻ فطرت جي اڀياس مان حاصل ڪئي، ۽ جيڪا معلومات وقت جي حالتن ۽ اُنهن جي وسيلي حاصل ڪئي، اُهي سڀ شيون هن جي شاعري جا اٽوٽ انگ آهن. هن پنهنجي شاعري کي حسين ۽ دلنشين بنائڻ جي لاءِ پنهنجي ڪلام ۾ مختلف رنگ ڀريا آهن ۽ عجيب موجون مچايون آهن.

[b]ڊاڪٽر گربخشاڻي جي راءِ:
[/b]ڊاڪٽر گربخشاڻي جي چوڻ مطابق: ”شاهه لطيف جهڙو هر وجهه ڪامل ۽ هر دلعزيز شاعر سنڌ ۾ اڃا تائين ڪو نه پيدا ٿيو.” اهڙو ڪو سنڌي خوا نه مشڪل سان لڀندو، جنهن کي سندس ڪلام جي سڪ نه هوندي ۽ اهڙو ڪو هنڌ خالي نه هوندو جتي سندس شعر جو پڙاڏو نه پوندو. هن ۾ هڪ وڏي شاعر جون ڪُلي سيافتون موجود آهن. سندس خيالي قوت جو هڪ وڏو پرياڻ هي آهي ته جيئن جيئن اسين سندس شعر تي اونهو غور ڪنداسين تيئن تيئن اسان ۾ حيرت اُتپڻ ٿيندي.

[b]شاهه لطيف جي شاعري تي اثرات:
[/b]شاهه لطيف جي شاعري تي فارسي ۽ هندوپاڪ جي شاعرن جا واضح اثرات موجود آهن، جن جي اٿر هيٺ هن پنهنجي شاعري کي سنواريو ۽ سينگاريو ۽ وڏي اوج تي پهچايو. شاهه لطيف تي فارسي جي شاعرن سان ڪافي اثر آهن، هن جي شاعري مولانا رومي جي شاعري جي زير اثر رهي وڏي ترقي ڪئي. مولانا رومي شاهه لطيف جو وڏو رهبر آهي. هن پنهنجي ڪلام ۾ رومي کي خوب ساراهيو آهي. شاهه لطيف تي هندو پاڪ جي ٻين ٻولين جي شاعر جو به اثر آهي. شاهه عبداللطيف ڪبير، والمڪ ۽ ميران ٻائي جي شاعري کان به متاثر ٿيو. مولانا غلام محمد گرامي جي چوڻ مطابق شاهه لطيف هندو پاڪ جي صوفين ۽ ويدانيتي شاعرن کان به خوب متاثر ٿيو. هن جي شاعري تي راجسٿان جي شاعره ميران ٻائي جو خوب اثر ٿيو. ميران ٻائي جي ڪانگن ۽ اُنهن جي ذريعي نياپا موڪلڻ واري موضوع تي اثر ظاهر طور نظر اچي ٿو.

[b]شاهه لطيف جا بيت ۽ وايون:
[/b]شاهه لطيف جي شاعري بيتن ۽ واين تي مشتمل آهي، بيت ۽ وايون علم عروض جي بدران ڇند وديا جي اصولن مطابق لکيل آهن، پنهنجي بيت جي هر هڪ مصرع ۾ 24 ماترائون هونديون آهن. شاهه جون ماترائون پڪيون ۽ پوريون هونديون آهن، ڪن عربي حوالن جي اچڻ ڪري ماترائون وڌي وينديون آهن، بيت ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻه مصراعون ۽ وڌ ۾ وڌ ڪيتريون ئي مصراعون ٿي سگهن ٿيون.

[b]شاهه لطيف جي شاعري جا رنگ:
[/b]شاهه لطيف پنهنجي ڪلام کي دلپسند ۽ دلفريب بنائڻ جي لاءِ اُن ۾ ڪيترائي رنگ ڀريا آهن جن مان ڪي هي آهن:

[b]صوفيانا رنگ:
[/b]شاهه جي ڪلام ۾ صوفيانا رنگ نمايان طور تي نظر اچي ٿو. صوفياڻي مضمون جو تعلق خاص طور ”روح“ ۽ ”رب“ سان آهي. روح ۽ رب جي وچ ۾ قرب ۽ همت جو ازلي لاڳاپو آهي.
سو هيءُ سو هو، سو پرين، سو پاڻ،
سو اجل سو الله سو ويري، سو واهرو،
*-*-*
ساهڙ سان سهڻي سائر پڻ سوئي،
آهي نجوئي، ڳجهه ڳجهاندڙ ڳالهڙي.
*-*-*

ڪرڙين ڪايائون تنهنجيون لکن لک هزار،
جيءَ سڀ ڪنهن جي سين درسن ڌارو ڌار،
پريتم تنهنجا پار ڪهڙا چئي ڪهڙا چوان.

[b]اخلاقي رنگ:
[/b]شاهه لطيف پنهنجي ڪلام ۾ چپي چپي تي اخلاقي نصيحتون ڏاڍي اثرائتي عبارت ۾ ڪندو ويو آهي.
جاڳڻ منجهان جس، اَهي الله جن کي،
لاهي ٿو لطيف چئي، مٿان قلب ڪر،
ورنھ ڪجان ور صبح ساڻ سيد چئي.
*-*-*
مان پڇني سپرين، چت ۾ چئياريج،
ڪڍي ڪائي، ڪڇ کي ڪوڙ ۾ ڪمائج،
وئج وهائيج، سڀ سوداگر سج جا.
شاهه لطيف هر نموني جون اخلاقي نصيحتون پنهنجي ڪلام ۾ ڪم آنديون آهن. زال ذات پنهنجي ڀتار سان وفادار رهڻ ۽ پرپٺ اُن جي خير خواهي ڪرڻ (سُر سامونڊي)، زال ذات جي سچي شرافت ۽ وطن جي حب (سر مارئي)، پنهنجي ڇڪ قبول ڪري پڇتائڻ (سر ليلان چنيسر) مرداني سچي عزيت (سر مومل راڻو)، ڀائرن جو قرب (سرگهاتو) وغيره وغيره.

[b]عاشقاڻو رنگ:
[/b]هن ڳالهه ۾ ڪو وڏاءُ ڪونهي ته شاعري جو نور آهي عشق، عشق بنان شاعري معذور آهي، پوءِ اهو عشق پنهنجي مالڪ سان هجي، قوم ۽ ديس سان هجي يا انساني حسن سان هجي، عاشقاڻي مضمون ۾ معشوق جي حسن جي تعريف، معشوق جي جفا ۽ بيپرواهي، حاسدن ۽ رقيبن جون فتنه انگيزيون ۽ اٽڪاءُ، آخر سچائي ۽ وفاداري جي سوڀ، اُهي ڳالهيون اچيو وڃن ٿيون.
پيشاني ۾ پرين جي، ڀلائي جا ڀير،
اڱڻ اُڪندين جي، ڏئي پاٻوهيو پير،
قمد پاڙي ڪير؟ شمس سپرين سين.
*-*-*
چنڊ! تنهنجي ذات، پاڙيان نه پرين سين،
پلڪ پريان جي نه پڙين، جي حيلن ڪرين هزار،
جهڙو تون سڀ ڄمار، تهڙو دم، دوستن جو.
*-*-*
کڻي نيڻ خمار مان، ناز ڪيائون نظر،
سورج شاخون جهڪيون ڪو ماڻو قمبر،
جهڪو ٿيو جوهر، جانب جي جمال سان.

[b]فطرت نگاري جو رنگ:
[/b]شاهه عبداللطيف فطرت جو عاشق هو. فطرت پنهنجو حسن پسائي هن کي جاڳائيندي هئي ۽ هن جي شاعري ۾ نوان رنگ ڀري پاڻ ملائيندي هئي.
اڄ پڻ اُتر پار ڏي ڪڪر ڪئي چوٽي،
مندائتي مينهن جي کنوڻ نه کوٽي،
آلالڻ موٽي گوريان رُسڻ ڏينهڙا.

[b]مدحيه رنگ:
[/b]شاعرن جو اصل کان وٺي دستور رهيو آهي، پنهنجي شعر ۾ ڪن بزرگن ۽ گهڻائتن انسانن جي تعريف ڪندا آهن، اهڙي قسم جي شعر کي مدحيه يعني ساراهه جي مضمون وارو شعر چوندا آهن.

[b]مزاحيه رنگ:
[/b]شاهه لطيف پنهنجي ڪلام کي دلچسپ ۽ وڻندڙ بنائڻ لاءِ اُن ۾ مزاحيه رنگ به ڀريو آهي. وڳند فقير شاهه صاحب جو پڪو مريد هو جنهن سان شاهه صاحب چرچو وغيره به ڪندو هو. ۽ ٻيا مريد خوش ٿي ويندا هئا.
وڳند وري آئيو، پينار نئون پوءِ،
محڪم لڳس موچڙا، ذرو نه ڏس جوءِ،
ويٺو ائين جوءِ، ته پيران پاسي نه ٿيان.
*-*-*
وڳند وري آيو ڪنو ئي ڪوجهو،
ڇڏي نه موزو، لڳس آر عطارسين.
*-*-*
وڳند وري آئيو، بدو بي نماز،
جيئن تتر مٿي باز، وڳند تيئن سُرهاڻ ٿي.
شاهه لطيف جي شاعري بي مثال ۽ لازوال آهي. اُن ۾ ڀريل سڀئي رنگ هيرن ۽ موتين کان وڌيڪ قيمتي آهن جيڪي ٻڌندڙن ۽ پڙهندڙن کي موهن ٿا ۽ اُنهن کي حق جا سبق پڙاهين ٿا.

[b]شاهه لطيف کي خراج عقيدت:
[/b]سنه 1978ع ۾ منهنجو راجسٿان جي مشهور شهر اجمير وڃڻ ٿيو. اُتي سنڌ مان لاڏاڻو ڪري ويل شاعرن لطيف ڏينهن ملهايو ۽ مشاعرو به ڪرايو. مون شاهه لطيف جي شاعرانه عظمت، هن جي ادبي خدمتن ۽ هن جي بين الاقوامي اهيمت کي ساراهڻ لاءِ هڪ شعر پڙهيو جيڪو هت پيش ڪجي ٿو.

[b]لطيف جي حضور ۾:
[/b]تون بيشڪ آن ڳاڙهو گهوٽ،
سرويچن جي ڌرتي جو!
جيڪو توکي،
مونن ۾ منهن پائڻ وارو صوفي سمجهي،
مست الست ملنگ چوي،
تنهنجي در جي خاڪ مئي تي لائي،
تنهنجي قبر تي باسون باسي، پڙ چاڙهي،
توکي صرف درويش سڏي،
هو جاهل آ،
تنهنجي نياپي کان اڻ واقف.
تنهنجا آهن ڪيئي روپ،
تون شاعر،
انسانيت جي اعليٰ قدرن جو شاعر،
رات کُٽئي جو تو شاعر،
باک ڦٽي جو تون شاعر،
پنهنجي جُڳ جو،
تون سقراط!
تون عيسيٰ!
تون گوتم!
تون منصور!
تون سرمد!
تون باغي!
تنهنجي سوچ ۾ لوچ نرالي آهي،
تو تقليدي واٽ ڇڏي،
پنهنجي لئه نئين واٽ گهڙي،
۽ گولن جي ٻولي بدران،
پنهنجي لوليءَ جهڙي ٻوليءَ ۾ تو بيت چيا.
هاري هٿ ۾ ڏاٽن جا،
اُوچن ڳائن جا،
سيني سيني لاٽن جا،
تو دلين مان نفرت دور ڪري،
جڳ کي پريت جي ريت سيکاري،
تنهنجي صورت،
جڳ جي آس ڀريل اکڙين ۾،
اڄ به چنڊ بڻي چمڪي ٿي،
تنهنجي سر تي انسانيت تاج آهي،
تنهنجي من ۾،
آزادي جو سورج روشن،
۽ اکين ۾،
انسانن جي خوشحالي جا خواب هزارين،
تنهنجي چپ تي،
ڏاڍ کي ڏاريندڙ للڪار،
تنهنجي هٿ ۾ آهي رسالو،
جيڪو عشق جو آ انجيل،
نئين فڪر جي نئين گيتا،
نئين ماڻهو لئه نئون نياپو،
تون بيشڪ آن،
ڳاڙهو گهوٽ،
سرويچن جي ڌرتيءَ جو.

[b]شاهه لطيف وائي جو خالق:
[/b]وائي سنڌ جي شاعري جي قديم صنف آهي، هي سنڌ جي سڇاڻپ آهي، سنڌين جي سڃاڻپ آهي ۽ سنڌي ثقافت جي مختلف رنگن ۽ روپن جي ترجماني آهي.

[b]آغا سليم جي راءِ:
[/b]آغا سليم پنهنجي ڪتاب ”شاهه عبداللطيف ڀٽائي (منظوم اُردو ترجمه) جي پيش لفظ ۾ لکيو آهي ته، ”وائي سنڌي شاعري جي قديم صنف آهي. وائي سنڌي لوڪ گيت ”سهري“ (شادي جي گيتن) مان پيدا ٿي آهي ۽ ارتقا جون منزلون پار ڪرڻ کان پوءِ هڪ الڳ صورت اختيار ڪري رهي آهي.
وائي جي معنيٰ ڳالهه آهي، سنڌي ۾ چوندا آهن ته اهڙي وائي منهن مان نه ڪڍ، سنڌي ۾ واه واه ڪرڻ جو مطلب آهي چيکڻ يا پڪارڻ، ڪي چوندا آهن ته وائي جو فرياد گاني جي فرياد جهڙو هوندو آهي، اُنهي ڪري اُن کي وائي چئجي ٿو، ٻيا چون ٿا ته، وائي هندي جي لفظ داني يا وائي جو اُچار آهي.

[b]شيخ اياز جي راءِ:
[/b]شيخ اياز ”رساله شاهه عبداللطيف“ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ڪلام جو منظوم اردو ترجمو جي مقدمي ۾ لکيو آهي ته ”وائي پنهنجي مزاج جي اعتبار کان لوڪ گيت جو نعم البدل آهي. هن جي هيئت غزل سان ملندي آهي، جيئن ته غزل جي مطلع ۾ ٻئي مصراعون هم ڪافيا هونديون آهن، تيئن شاهه جي وايون به نظراينديون آهن. غزل ۾ عام طرح رديف جو استعمال ٿيندو آهي ۽ بغير رديف جي صرف قافيي جي اهتمام ۾ به غزلون چئبيون آهن. وائي ۾ رديف جو استعمال شاهه لطيف به تمام گهٽ ڪيو آهي، نه ته عام طرح ته صرف قوافي جي صورت هم آهنگي آهي.“

[b]وائي جي وصف:
[/b]وائي سنڌي شاعري جو بي بها سرمايو آهي. وائي سنڌي شاعري جي قديم ۽ نج نڪور صنف آهي، وائي شاعري ۽ سنگيت جو مڌر ۽ سُريلو سنگم آهي، وائي پاڻي جي وهندڙ ڌار جيان آهي، جيڪا اڳتي وڌائي، نوان نينهن، نوان نظارا ۽ نيون راهون ڏيکاري ٿي، وائي هڪ اهڙي صنف آهي، جنهن ۾ رس، رچاءُ، رواني، موسيقي ۽ بي ساختگي رچيل هوندي آهي. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي اُنهي راءِ ۾ وزن آهي. ته ”غالباً“ ڳيچ ۾ ڪنهن خوشي يا غم جي موقعي تي اُڀري ايندڙ لفظن جي ذريعي ظاهر ڪيو ويندو آهي، ڳيچن جي سٽاءُ نهايت سادي آهي، ڳيچن جي شروعات ٿلهه سان ٿئي ٿي. پوءِ مصراعون ۽ ڪليون ٿينديون آهن، معنيٰ جي لحاظ سان ٿلهه سڀ ڪجهه هوندو آهي، ڳيچن جو قالب ڪشادو ۽ لچڪدار هوندو آهي، ڳيچن جي اُنهي سادي ۽ لچڪدار سٽاءُ مان ارتقائي منزلون طئي ڪرڻ کان پوءِ وائي ڦٽي نڪتي آهي. وائي ۾ ڳيچن واري سادي سٽاءُ پنهنجائپ ۽ موزونيت هوندي آهي، وائي ۾ انساني جذبن ۽ احساسن جو اظهار، سادن، سلوڻن لفظن جي ذريعي ڪيو ويندو آهي.

[b]وائي ۽ ڪافي:
[/b]ڪن نقادن جو خيال اهي ته وائي ۽ ڪافي موضوع ۽ مواد جي حيثيت سان هڪ شيءِ جا ٻه نالا آهن. اهڙي ڪلام کي لاڙ ۾ وائي ۽ اُتر ۾ ڪافي چيو ويندو آهي، پر اُنهن جي فني حيثيت ۽ فارم ۾ فرق آهي.
(1) وائي جو ٿلهه ٻه اڌ ٿئي ٿو. پهرين اڌ ۾ قافيو هوندو آهي ۽ ٻيو اڌ بنان قافيي جي هوندو آهي. ڪافي ۾ ائين نه هوندو آهي.
(2) وائي هڪ رڪن ۽ وراڻي تائين محدود هوندي آهي. ڪافي ۾ وسعت هوندي آهي.
(3) وائي جو وراڻو هر حالت ۾ ساڳيو رهي ٿو، پر ڪافي ۾ بدلجي ٿو.
(4) وائي ۽ ڪافي جي ڳائڻ جا طريقا جُدا جُدا آهن.

[b]وائي جي حيثيت:
[/b]وائي هڪ پُر اثر ۽ دلچسپ صنف آهي. وائي ڳيچ جي هڪ سڌريل صنف مان ڦٽي نڪتي آهي. وائي ڇند وديا جي ماترڪ اصولن مطابق لکي ويندي آهي، وائي جو تعلق سنگيت سان آهي، اُنهي ڪري وائي ڪنهن نه ڪنهن راڳ ۾ لکي ويندي آهي.
وائي جي ٻول ملها (Diction) سادي ۽ سلوڻي هوندي آهي، سادا ۽ سلوڻا لفظ وائي جي دلچسپي ۽ لطف ۾ اضافو ڪندا آهن. وائي جو مواد عام ماڻهن جي زندگي سان تعلق رکندڙ هوندو آهي، صوفي خيال ۽ رمزون، سچا ۽ خالص انساني جذبا ۽ احساس قدرتي نظارا، سوچ ۽ لوچ، دعائون ۽ تمنائون، خوشي ۽ غم، ميلاپ ۽ وڇوڙو، جاکوڙ ۽ پورهيو، هار ۽ جيت،.. اُهي وائي جا دلچسپ ۽ دل فريب موضوع آهن. وائي ۾ ترنم ۽ نغمگي جو هجڻ لازمي آهي. وائي ۾ تجنيس حرفي جو استعمال ڪري رس ۽ رچاءُ ۾ اضافو ڪيو ويندو آهي. وائي ۾ ڀراءُ وارا لفظ استعمال ڪيا ويندا آهن. ڀراءُ وارا لفظ هي آهن. ”الوميان“، ”ڀلو مارو“، ”ڀلو مير“، ”وو سائين“، ”الا جيڏيون“، ”ڀينر“، وغيره، اُنهن لفظن ۾ ٺلهو ڀراءِ ناهي، اُنهن جي اُچارڻ ۽ آلاپڻ سان هڪ قسم جو رس ۽ معنيٰ مطلب ۾ اضافو ٿيندو آهي ۽ وائي جي رمزيت کن پل لاءِ سامهون اچي ويندي آهي.

[b]وائي جي سٽاءُ:
[/b]وائي جي سٽاءُ سادي ۽ سلوڻي هوندي آهي، وائي هڪ سٽ (ٿلهه) تي مشتمل هوندي آهي، وائي جو ٿلهه ٻه اڌ ٿئي ٿو، پهرين اڌ ۾ قافيو هوندو آهي ۽ ٻيو اڌ بنان قافيي جي هوندو آهي.
(1) ڪڏهن ڪڏهن ٿلهه جي پهرين حصي ۾ قافيو هوندو آهي، جيڪو وراڻي طور استعمال ٿيندو آهي. ٻيو اڌ بنان قافيي جي هوندو آهي.
(2) ڪڏهن ڪڏهن ٿلهه جي پهرين حصي ۾ قافيو ڪو نه هوندو آهي، پر ٻئي اڌ ۾ قافيو هوندو آهي، اُنهي اڌ کي وراڻي طور استعمال ڪيو ويندو آهي.
(3) ڪڏهن ڪڏهن ٿلهه ۾ هڪ رڪن هوندو آهي، اُن کي ورجائي، پوءِ وراڻي طور استعمال ڪيو ويندو آهي.
(4) ڪڏهن ڪڏهن ٿلهه جو پهريون ۽ پويون اڌ پاڻ ۾ هم ڪافيا هوندا آهن.
(5) ڪڏهن ڪڏهن ٿلهه جو پهريون حصو قافيي وارو هوندو آهي، جنهن کي وراڻي طور دهرائبو آهي. ٻئي حصي ۾ ايندڙ رڪن هم قافيا هوندا آهن.

[b]وراڻي جي اهميت:
[/b]وائي ۾ وراڻي جي گهڻي اهميت آهي، وراڻي جي ڪري مرڪزي خيال قائم رهي ٿو، ۽ اُن کي سمجهڻ جا نوان نوان طور طريقا سامهون اچن ٿا.

[b]لفظ وائي جو خالق:
[/b]لفظ اسان جي اديبن، ٻولي جي ماهرن ۽ محققن پنهنجي علميت، مطالعي ۽ مشاهدي مطابق اُنهن سوالن کي سُلجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر منجهارو اڃان تائين قائم آهي. ڪن محققن جو خيال آهي ته وائي جو مطلب آهي حالات، گفتگو، ماجرا وغيره، ڪي محقق وري سمجهن ٿا ته وائي سنسڪرت لفظ ”وارتا“ جنهن جو مطلب ڳالهه ٻولهه آهي، اُنهي مان ڦٽي نڪتي آهي. ڪي محقق سمجهن ٿا ته وائي عربي لفظ ”واءِ“ مان نڪتل آهي جيڪو افسوس جو ڪلمو آهي. اُهي ڪوششيون ساراهه جوڳيون آهن. پر اسان جي منجهاري کي سلجهائڻ لاءِ ڪارائتيون ناهن، وري ڪي ٻيا محقق سمجهن ٿا ته وائي هڪ راجسٿاني لفظ واني مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ٻول، سخن.

[b]شاهه لطيف وائي جو خالق:
[/b]شاهه عبداللطيف ڀٽائي واين جي شاعري جو خالق آهي، سنڌي وائي ۾ انيڪ فني ۽ موضوعاتي تجربا ڪري نه صرف وائي کي زنده جاويد بنايو آهي، پر پاڻ به زنده جاويد ٿي ويو آهي.
شاهه لطيف وايون جوڙي، اُن ۾ سنڌ جي ثقافت ۽ معاشي ۽ معاشرتي حالتن جو جائزو ورتو آهي، هن سنڌ جي تاريخ، سياست ۽ سنڌ جي ماڻهن، اُنهن جي خوابن کي عملي جامو پارائڻ جي هڪ امر تصوير چٽي آهي.
شاهه لطيف هر قسم جا فني ۽ موضوعاتي تجربا ڪري وائي کي هڪ وڏي وسعت ۽ بلندي بخشي آهي ۽ وائي کي اظهار جو سريلو ۽ سگهارو نمونو بنائي سنڌ، سنڌين ۽ سنڌي ٻولي تي وڏو احسان ڪيو آهي. شاهه عبداللطيف جي واين جو گهاڙيٽو ۽ اُنهن جي سٽاءُ سادي ۽ نرالي آهي.
(1) شاهه عبداللطيف جي واين ۾ ٿلهه جي پهرين حصي کان پوءِ قافيو ايندو آهي، پويون حصو بنان قافيي جي هوندو آهي.
(2) ڪڏهن ڪڏهن ٿلهه جي پهرين حصي جي بدران پوئين حصي کان پوءِ قافيا ايندو آهي.
ڏاهن ڏيرن ساڻ، ڪر هن ڪيچن ڪاڻ،
مستان ڪا نينهن لائي.

(3) ڪڏهن ٿلهه ۾ هڪ رُڪن هوندو آهي، اُن کي ورجائي ورائي طور ڪم آڻبو آهي.
جان ڏٺائون پير، جان ڏٺائون پير.
(4) ڪڏهن ٿلهه جا ٻئي حصا هم قافيا هوندا آهن ۽ اُنهن سان نئون هم قافيا رڪن جوڙي وراڻي طور ورجايو ويندو آهي.
ڏونگر ٿي ڏوري وندر ٿي ووڙي،
جن ڪاڻ جيڏيون، ڏونگر ٿي ڏوري.
(5) ڪڏهن ڪڏهن ٿلهه جي پوئين حصي کان پوءِ ٻٽا ٻٽا قافيا ڏيئي، اثر کي گهرُ ڪرڻ جي ڪوش ڪئي ويندي آهي.
(6) سُر ڪيڏاري جي وائي ۾ ٿلهه ڏيئي اُن کان پوءِ هڪ جدا وراڻي جي سُٽ ڏيئي ويندي آهي، اُن وائي ۾ ٻن سٽن وارا بند ڏيئي ڪافي رچڻ جي راهه هموار ڪئي ٿي ڏسجي.
واويلا، واويلا ملڪن ڪيو رڻ ماتام،
هئي! هئي! شاهه حسين سڌاريو!
ڪربلا جي پڙ ۾ خيما گوڙيايون.
جيڪا رضا رب جي، لکيو لوڙيائون،
هئي هئي! شاهه حسين سڌاريو.
شاهه جون وايون مثالي آهن. اُن ۾ فني تجربا ڪري وائي کي هڪ سُريلي ۽ منفرد صنف بنائي ڇڏيو آهي. اڄ جي دور جا ڪيترائي شاعر وايون لکي ٻڌندڙن ۽ پڙهندڙن کي سرور آڇائين ٿا ۽ اُنهن جي بيداري جو ڪارڻ بڻجن ٿا.

[b]شاهه لطيف جي سنڌي:
[/b]
[b]ڀيرو مل آڏواڻي جي راءِ:
[/b]ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي پنهنجي ڪتاب شاهه عبداللطيف ڀٽائي تي هڪ مضمون لکيو آهي. جنهن جو عنوان آهي ”شاهه جي سنڌي“ هن جو چوڻ آهي ته ”شاهه جي سنڌي هاڻوڪي سنڌي کان البت ٻئي ڊؤل جي آهي. اهو سبب آهي جو ماڻهن کي شاهه جي شعر پڙهڻ ۽ اُن جي معنيٰ سمجهڻ ۾ قدري مشڪلات ٿيئي ٿي. هڪڙو ته شاهه جا لفظ ۽ محاولا نج سنڌي آهن، ٻيو ته ڪيترا لفظ ۽ نحوي بنا تون اهڙيون آهن جو هاڻوڪي سنڌي ۾ رواجي طور استعمال ۾ نه ٿيون اچن، ٽيون ته ڪي اهڙا لفظ ڪتب آيل آهن جن جون معنائون يا ته متروڪ ٿي ويون آهن، يا وري ته منجهن گهڻي تبديلي ٿي وئي آهي ۽ چوٿون ته شاهه جي تلفظ ۽ هاڻوڪي تلفظ ۾ البت تفاوت آهي.“
شاهه لطيف جي سنڌي اڄوڪي پڙهندڙن لاءِ مشڪل آهي. لفظ مشڪل آهن ۽ اُنهن جون معنائون مشڪل آهن. ٻولي جي ماهرن ڏاڍيون ڪوششون ڪري شاهه جي سنڌي کي اڄوڪي نموني جو بنائي وڏو ڪم ڪيو آهي ۽ هينئر شاهه جو رسالو هرڪو پڙهي لطف حاصل ڪري ٿو.

[b]ڊاڪٽر گربخشاڻي جي راءِ:
[/b]ڊاڪٽر گربخشاڻي پنهنجي ڪتاب ”مقدمه لطيفي“ ۾ ”شاهه لطيف جي سنڌي“ جي باري ۾ لکيو آهي ته ”شاهه جي سنڌي جو عربي ۽ فارسي سان بنيادي واسطو نه آهي، عربي صورت خطي جي خاصي علم لغات جي اڻ واقفيت، لغت نويسيءَ جون چُڪون. مثال سنسڪرت جا ٽي درجا، سنسڪرت مان ڦٽل ٻوليون پالي، پراڪرت، اپڀرنش، ٻولي جي بگڙجڻ جا سبب تلفظ جي تڪليف، تواريخي تبديليون، قومن جي لڙه چڙ، اصلوڪي لفظ جا ٻه چار قسم جهونن لفظن جو متروڪ ٿيڻ، نون لفظن جو استعمال، ٻولي جو بگاڙو اُن جو سڌارو آهي.
شاهه لطيف جي ٻولي جو ڊؤل اڄوڪي سنڌي کان نرالو آهي، انهي ڪري ماڻهن کي شاهه جو شعر پڙهڻ ۽ اُن کي سمجهڻ ڏاڍو ڏکيو ٿئي ٿو. ان جا لفظ ۽ محاورا اڄوڪي سنڌي ۾ استعمال نه ٿا ٿين، ڪي ڪي لفظ متروڪ ٿي چُڪا آهن ۽ انهن جو استعمال نٿو ٿئي. شاهه جي اچارن ۽ اڄوڪي سنڌي جي اچارن ۾ وڏو فرق آهي.

[b]محمد صديق ميمڻ جي راءِ:
[/b]محمد صيق ميمڻ پنهنجي ڪتاب سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ شاهه جي سنڌي جو سٺو تجزيو ڪيو آهي، هن جي چوڻ مطابق: ”شاهه لطيف جي سنڌي ساڳي آهي جا مخدوم ابوالحسن ۽ هن جي همصرن ڪم آندي آهي، نحوي ترڪيبون ۽ صورتخطي جا قاعدا به ساڳيا آهن. شاهه لطيف پنهنجي ڪلام ۾ جيڪا سنڌي ٻولي ڪم آندي آهي. تنهن کي نج سنڌي ٻولي چوڻ درست آهي. ڇاڪاڻ ته اُن ۾ سنڌ جي طبعي (پراڪرت) ٻولي جا لفظ به موجود آهن. مڪمل سڌريل (سنسڪرت) ٻولي جا لفظ به موجود آهن ۽ عربي ۽ پارسي لفظ به قائم آهن، پر اهي سڀ اهڙا عام فهم آهن جن سنڌي جو هرڪو هندو جوان، مسلمان آساني سان سمجهي سگهي ٿو.
شاهه لطيف پنهنجي ڪلام ۾ نه ڪي اهڙا ڳرا سنسڪرت ٻولي جا لفظ ڪم آندا آهن جهڙا سامي صاحب سولجن شلوڪن ۾ ڪتب آندا آهن ۽ نه ڪي اهڙا ڳوڙها عربي ۽ پارسي لفظ ۽ محاورا ڪم آندا اٿن. جهڙا اڄ ڪلهه جا مسلمان شاعر پنهنجن ڪلامن ۾ ڪم آڻيندا آهن جتي جتي قرآن شريف جون آيتون ۽ حديث شريف جا حوالا ڏنل آهن، تن ۾ هنڌن کانسواءِ باقي ڪلام ۾ شاهه عبداللطيف اهڙي سنڌي ٻولي ڪم آندي آهي، جا سنڌ جي هندوئن خواه مسلمان لاءِ هڪ جهڙي مروج آهي.
اکر ڇٽي هيڪڙي، ٻهون جي نه ٻجهن،
ڪوهه ڪيو کي تن، سچي سڻائي ڳالهڙي،

پڙهيو ٿا پڙهن ڪڙهن ڪين قلوب ۾،
پاڻان ڏوهه چڙين، جيئن ورق ورائن وترا.
اُهو دستور آهي ته وقت جي بدلجڻ سان ٻوليءَ ۾ به تبديلي ايندي آهي ۽ لفظن جون معاتائون به بدلجي وينديون آهن. شاهه جي ڪلام ۾ به اهڙيون تبديليون نظر اچن ٿيون. شاهه لطيف جي گذرئي هينئر ٻه صديون ٿي ويون آهن، تنهنڪري سندس ڪلام ۾ ڪم آيل ڪيترائي پراڪرت لفظ هينئر ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ ڪم ڪو نه ٿا اچن ۽ ڪيترن ئي سنسڪرت ۽ عربي خواه پارسي لفظن جون صورتون اهڙيون مٽجي ويون آهن، جن جو بنياد صحيح ڪرڻ مشڪل ڪم آهي.
(1) اڄ پڻ امارو چوڏهين مان چنڊ جو.
(2) من ۾ ٻاري مچ، جم وڃني اوهري.
(3) ڪر هو نڪي ڪان، پيرن آءُ نه پڄئي.
(4) سڳر سوٺائون، ٿيا رحمان سين.
(5) اسان اڌارا آڻي، اونگه چاڙهيا.
مٿين مثالن ۾ (1) ”اماريو“، ”ترواري، پڌرائي (2) ”جم“ = متان (3) ”اور هرڻ“ = کسڪي وڃڻ، تڳي وڃڻ، اُهي اهڙن جهونن پراڪرت لفظن جا مثال آهن، جي اڄ ڪلهه جي سنڌي ٻولي ۾ ڳالهائڻ ۾ نٿا اچن.
”ڪان“ اصل سنسڪرت لفظ آهي ”ڪانڍ“ = گهوڙو پر سندس صورت اهڙي مٽجي ويئي آهي جو اُن جو بنياد لهڻ آسان نه آهي، اهڙي طرح ”سڳر“ = (دستور اصل ۾ عربي ٻولي جو لفظ آهي). ”شغر“. ”آونگ“ = (برتن يا ٿان) اصل ۾ پارسي ٻولي جو لفظ آهي ”آوند“.
ڪيترائي سنسڪرت، عربي ۽ پارسي ٻولين جا بگڙيل لفظ جي شاهه لطيف پنهنجي ڪلام ۾ ڪم آندا آهن، سي سندس زماني ۾ ئي اهڙين بگڙيل صورتن ۾ ڪم پيا ايندا هئا ۽ اُنهن مان ڪيترائي لفظ اڄ تائين به ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ ڪم پيا اچن ۽ صاف سنڌي پيا ڀانئجن.
شاهه لطيف جي عربي، فارسي، ۽ پراڪرت وارا لفظ اڄ جي سنڌي ٻولي جي ماهرن بدلائي ڇڏيا آهن ۽ شاهه جي شاعري کي آسان بنائي وڏو وڙ ڪيو آهي.

[b]شاهه لطيف جو سُر ڪيڏارو:
[/b]شاهه لطيف سُر ڪيڏارو لکي سنڌي شاعري ۾ هڪ نئين صنف جو اضافو ڪيو آهي. سُر ڪيڏارو ڪربلا جي قصي جو ذڪر ڪري نه صرف مذهبي خدمت سرانجام ڏني آهي، پر سنڌي شاعري کي هڪ نئين صنف (ڪيڏارو) جو عطا ڪئي آهي.
ڪيڏاري جي معنيٰ آهي جنگ، شاهه لطيف سُر ڪيڏارو ۾ حضرت امام حسين ۽ اُن جي وفادار ساٿين جي همٿ حوصلي ۽ بهادري جو ذڪر ڪري اُنهن کي لازوال بڻائي ڇڏيو آهي. امام حسين ۽ ان جا ساٿي ٿورا هئا ۽ اُنهن يزيد جي وڏي لشڪر کان وڙهي پنهنجون جانيون قربان ڪيائون. پر اُهي نڪو دنيا ۽ نڪو ظالمن جي آڏو جهُڪيا ڇاڪاڻ ته هو سچا هئا ۽ اُنهن جي منزل سچ جي منزل هئي.

[b]الله جو عاشق:
[/b]امام حسين الله جو عاشق هو. هُن الله جي ماڻهن کي سچ ته قائم رهڻ جو سبق سيکاريو ڄڻ هڪ غير معمولي جنگ وڙهي، هارائڻ کان پوءِ به جيت حاصل ڪئي. دنيا ۾ اڄ به ڪو يزيد جو نالو نٿو وٺي جنهن جنگ کٽي، پر هرڪو امام حسين کي ساراهي سچ جي ڪاميابي جو اعلان ڪري ٿو. جنگ ۾ تڪليفون سهڻيون پون ٿيون، ڏک ڏسڻا پون ٿا ۽ جان به قربان ڪرڻي پوي ٿي، شهيدن جو شان ۽ مان نرالو آهي، جنهن جي ساراهه شاهه لطيف اُنهن لفظن ۾ ڪئي آهي.
”سختي شهادت جي، نسورو ئي ناز.“

[b]جنگ جون سختيون:
[/b]شاهه لطيف همٿ ۽ حوصلي کي قائم رکندي ڪيڏاري ۾ جنگ جا ڪئي نظارا پيش ڪيا آهن.
ڪلياڻ آڏواڻي جي چوڻ مطابق: ”هن سُر ڪيڏاري ۾ جنگ جو جوش ۽ خروش، بهادرن جي همٿ ۽ شهادت، جهونجهارن جي دل دهلائيندڙ، رڪ وهندي راند، شيرن جي ڪنڌن جو رڻ ۾ نچڻ، ونڪن جي وهن جي جان ڏڪائيندڙ واويلا، ڪائنات جو عاشق جي شهادت تي ماتم وغيره جو احوال ڪهڙي نه بهادرانا نموني ۾ ڪيو آهي.
بهادر گڏئا بهادرين کڙک کلول ڪن،
وجهن ڌڙ ڌڙن تي، هاڪارين، هڻن،
ڪرن، ڪنڌ نچن، رڻ کنجؤ راڙو ٿئو.
جنگ جي شهيدن جي نظاري کي شاهه، اهڙي ته چٽي نموني ۾ پيش ڪيو آهي جو ائين ٿو لڳي ڄڻ اسين ڪا زنده تصوير ڏسي رهيا آهيون.
جنگ ۾ وڙهندڙ بهادر هٿيار کڻي ائين نچندا، ڪڏندا وڙهڻ لاءِ جنگ جي ميدان ۾ وڃن ٿا. تيسين پنهنجا هٿيار هلائي، دشمن کي جهڪائڻ جي ڪوشش ڪندا رهن ٿا، جيسين اُنهن جا سر سلامت آهن.
آيا، اُجارين، تنڪ، تراريون، تئرا،
سانگيون سائن هٿ ۾، ڪنئون نه لاهين،
اُڀا ئي آهين، مهاڻي مرڻ تي.“
شاهه لطيف هر هڪ شيءِ يا ماڻهو جي ساراهه بلڪل نئي ۽ نرالي نموني ۾ ڪئي آهي، شاهه لطيف چوي ٿو ته سورهه اهو آهي جو سچ جي لاءِ وڙهي قربانيون ڏئي پر ڊڄي ظالمن جي اڳيان نه جهڪي، سورهه جو فرض آهي ته هو وڙهي جنگ ڪندو رهي ۽ جيسين سر سلامت آهي. تيسين ميدان جنگ ڇڏي ڀڄي نه وڃي. هن جي فرض جي اڳيان هن جي جان جي ڪا به قيمت نه آهي.
مڪلي وير ڪٽڪ ۾، ڀاڪر جو پائي،
اڃا اُن کي جيئڻ جو، آسانگو آهي،
سورهه سو چائي، جو رڳو ئي رڻ گهڙي.

[b]بهادرن جو قدر:
[/b]بهادر سچ جي خاطر پنهنجي جان ڏيڻ لاءِ آتا رهندا آهن. هو چاهيندا آهن ته جن جي لاءِ هو هر وقت تيار هجن ۽ ظالمن کي شڪست ڏيڻ لاءِ همٿ ۽ حوصلي سان وڙهن.
ڪو نر ڪلي جا ڪوڏيا! جا نڪي تائين جي،
مٿاءُ اَڙن اُسري، رڪ پيالو پئي،
ڳاهه ڳجهن جو ئي، ويٺي جن ورهه ٿيئا.
هو سمجهن ٿا ته هو پيدا ئي اُنهي ڪري ٿيا آهن. جيئن ته قربانيون ڏئي سچ جو مان وڌاين ۽ ڪوڙن کي هاراين.

[b]شهيدن جي زالن جو ذڪر:
[/b]جنگ جي ختم ٿيڻ کان پوءِ شهيدن جون زالون مٿي تي خاڪ دارينديون ۽ ور لاپ ۽ واويلا ڪنديون جنگ جي ميدان ۾ گهڙن ٿيون، اُنهن جا ورلاپ اهڙا ته ڏکارا آهن جو اُنهن کي برداشت ڪرڻ مشڪل ٿيو پوي، اُنهن جون زالون اُنهي ڪري نه ٿيون رئن ڇاڪاڻ ته سندن مڙس گذر ڪري ويا اٿن ۽ مڙس جو فرض آهي سچ لاءِ سر ڏئي سراهه ٿيڻ.

[b]جهُونجهار جي زال جو شان:
[/b]جهڙا جهونجهار عزت مان وارا ۽ سچ لاءِ جان ڏيڻ وارا هوندا آهن، تهڙيون اُنهن جون زالون به هونديون آهن، جهونجهارن جي زالن جو اهو عقيدو آهي ته اُنهن جا مڙس سچ جي لاءِ وڙهن ۽ حق جي لاءِ قرباني ڏئي شهيد ٿي وڃن، اُنهي ۾ نه رڳو جهونجهارن جو شان آهي پر اُنهن جي زالن جو به مان ۽ ايمان آهي.
مرن مرين آئون رئئن، موٽي آءُ م ڪاند،
ڪجن وڏا پاند، جيئڻ ٿو اڌ مينهڙا.

[b]سنڌي زالن جو ذڪر:
[/b]شاهه لطيف هڪ وطن پرست شاعر آهي، پنهنجي شاعري ۾ وطن جي ريتن، رسمن جو ذڪر ڪرڻ هن جي لاءِ عبادت کان مٿي آهي، هن مذهبي جذبي هيٺ ڪربلا جي جهونجهارن کي ساراهيو آهي ۽ اُنهن جي عقيدت ۽ سچ لاءِ محبت جي جذبي کي وڏي عقيدت سان ساراهيو آهي پر هن سنڌ جي بهادرن ۽ اُنهن جي زالن جي ريتن رسمن جو ذڪر ڪري ڪربلا واري واقعي ۾ نئون رنگ آندو آهي. هن اهو ڏيکاريو آهي ته سنڌ جي جهونجهارن جون زالون جڏهن اُهو ٻڌنديون آهن ته اُنهن سچ جي لاءِ پاڻ کي قربان ڪيو آهي، ڇاتي تي ڌڪ سٺا آهن ۽ جنگ جي ميدان کان ڀڄي ڪو نه نڪتا آهن ته ڏاڍيون خوش ٿينديون آهن ۽ نچنديون ۽ ڪڏنديون آهن.

شاهه لطيف اُنهي مذهبي واقعي کي وطن پرستي جي حوالي سان وڌيڪ نمايان بڻايو آهي.
شاهه لطيف سنڌ جي زالن جا پنهنجن شهيد ٿيندڙ مڙسن لاءِ اهڙا خيال پيش ڪيا آهن:
”ڀڳو“ آئون نه چئان“ ”ماريو“ ته وسها،
ڪانڌ منھ ۾ ڌڪڙا سيڪيندي سنها،
ته پڻ لڄ مران، جي هونس پٺ ۾.
*-*-*
ڀڄي آئين ڀڄڻا، لڄائي مون، سيڻ،
ويٺيون وجهن ويڻ، منھ مٿاها جن جا.

[b]ڪيڏاري جي صنف جي اهميت:
[/b]شاهه لطيف ڪيڏارو ٺاهي سنڌي شاعري ۾ وڏو انقلاب آندو ۽ سنڌ جي شاعرن لاءِ نئون در کوليو ته هو ظلم ۽ ڏاڍ جي خلاف لکن ۽ ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪن. هن شاعرن کي همٿايو ته هو ڪوڙ کي ننڍين، ڏاڍ کي ننگو ڪن ۽ ظالمن جي ظلمن جي خلاف کُلي طرح لکن. اڄوڪي دور جا سنڌي شاعر ڪيڏاري جي صنف ۾ خوب لکن پيا، اسان جي جديد سنڌي شاعرن جهڙوڪ شيخ اياز، امداد حسيني، ڊاڪٽر تنوير عباسي، استاد بخاري ۽ ٻين هن صنف تحت ڪافي ڪجهه لکيو آهي، اُنهن سنڌ جي بهادر حاڪمن، فوجي اڳواڻن ۽ جهونجهارن لاءِ گهڻو ڪجهه لکيو آهي، اُنهن شاعرن ون يونٽ جي خلاف جُرئت سان لکي ون يونٽ کي ختم ڪرايو. اسان جا اُهي شاعر، مجاهدن، شاگرد ليڊرن، سچن، عاشقن ۽ سنڌ جي اتحاد لاءِ گهڻو گهڻو ڪجهه لکيو آهي ۽ لکندا رهن ٿا.

[b]شاهه لطيف جي سدا حيات سورمي:
[/b]دنيا جي وڏن شاعرن وانگر شاهه لطيف به سورمين جو شاعر آهي. هن سورمين جي ذريعي عورتن جي ڪردار کي ساراهيو آهي. ۽ اُنهن جي عزت جا گيت ڳايا آهن، سورمين جي ڪردار نگاري ڪندي شاهه پنهنجن ادبي، فني ۽ سماجي صلاحيتن کي بي مثال ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي.

[b]شاهه لطيف جون سورميون:
[/b]شاهه لطيف جون سورميون سهڻيون، وفادار، محنتي، همٿ ۽ حوصلي واريون ۽ وطن سان محبت ڪرڻ واريون آهن، هو تن، من ۽ ڌن قربان ڪري پنهنجو فرض ادا ڪنديون آهن ۽ سماج ۾ نالو پيدا ڪنديون آهن. شاهه لطيف جون خاص سورميون هي آهن: مارئي، سهڻي، سورٺ، ليلا، مومل ۽ نوري. اُهي سڀئي سورميون پنهنجو مٽ پاڻ آهن.

[b](1) سهڻي:
[/b]سهڻي سونهن جي شائق آهي ۽ ميهار تي موهت آهي، هنجي محبت ميهار کي ڏاڍو متاثر ڪيو. سهڻي جي ڪردار جي خاص خوبي آهي، هن جي دليري، هو اڻ جيت ۽ پنهنجي دلبر کي ماڻڻ لاءِ سڀ مشڪلاتون خوشي سان قبول ڪري ٿي، سهڻي جي بي ڊپائي بي نظير آهي. سهڻي کي نه رڳو هر ڪنهن رات درياهه تري ميهار وٽ وڃڻو پوندو هو، پر گهر ۾ ڏم جا ڏوراپا پڻ سهڻا پوندا هئا.
ڏم ڏيهاڻي ڏي، سندا ميهر مهڻا،
جهليم ٿي جهولي ۾، پلئه پائيو سي،
مر جان ڇا لئه جي، سڱا سپرين جي.
سهڻي مهڻن جي پرواءَ نه ڪندي ميهار سان ملي ٿي. سُهڻي ميهار جي محبت جي ماريل هئي. هن کي نه ڏم جي ڪاوڙ جي پرواهه هئي نه درياءَ جي ڇولين جي نه وري ڪو واڳن جو ڊپ، هن کي صرف ميهار جي پرواهه هئي.
”شال ۾ ڇڄي نينهن، گهڙان گهوڙئو جندڙو.“
”شال ۾ ڇڄي نينهن، گهڙان گهوڙئو جندڙو.“
سهڻي ۽ ميهار قربان ٿي ويا ۽ محبت کي لازوال ڪري ويا.

[b]سسئي[/b]:
سسئي جدوجهد جي علامت آهي. هن کي پنهون سان گهري پريت آهي، هو پنهون کي سارائيندي چوي ٿي ته:
”ڪيچان آيو قافلو، ڄامن سندو ڄام،
سنده پنهوءَ کي، اَکن ڪئو آرام،
ناتر ڇايان نام، جي مون نهو پاڻ سين.“
پنهون جي وڇڙڻ کان پوءِ محبت جي مارئي سسئي هن کي ڳولڻ لاءِ اڪيلي پهاڙي علائقن ۾ وڃي ٿي ۽ سوين مصيبتون برداشت ڪري ٿي.
”ڏونگر! مون ڏکوءِ، آن اڳ ڏکوئي آهيان،
ساريان ڪون سکو ۽ سور گهڻي ئي نڀران.“
سسئي پنهون کي گهڻو ئي ڳولي ٿي پر هو نٿو ملي ۽ هو پاڻ کي قربان ڪريو ڇڏي.
ليلا: (حسدن ۽ چنچلتا جي هڪ مرڪندڙ تصوير)
وڏيري هياس، چنيسر جي راڄ ۾،
دهلين، دمامين، نقرين، ٿي پلپل پچياس.
ليلا شوق ۽ سينگار جي شوقين هئي ۽ اُنهي کي حاصل ڪرڻ لاءِ چنيسر جي به پرواهه نه ڪيائين.
ليلا هڪ هار جي لاءِ پنهنجو پاڻ کي وڪڻي ڇڏيو. هڪ ناز ۽ نخري واري عورت اهڙي نموني پنهنجي ڀتار کي ڌوڪو ڏئي سور سهئي ٿي.
اَچئو اچئو، اڳلي، ٻئي ليلا کي لوڪ،
اندر اوڇالن سين، ساڙي ڪيانس سوڪ،
ٻالا پڻ جو ٻوڪ، وئو ويچاري وسري.

[b]مومل:
[/b]مومل شهزادي هئي، سهڻي هئي ۽ مردن کي ڦاسائڻ وارا سڀ طور طريقا ايندا هئا.
مومل کي مجاز جا، اکين ۾ الماس،
نڪي عام نه خاص، جي ويا سي وڍيا.
مينڌري جهڙو جوان اٽڪلون، سٽڪلون ڏيکاري وڃي مومل کي هٿ ڪري ٿو. مومل چنچل هئي، جڏهن هو مينڌري کي ناراض ڪري ٿي ته هو هن کي ڇڏي هليو وڃي ٿو.
مومل راڻي کي پرچائڻ لاءِ عمر ڪوٽ وڃي ٿي ۽ هن کي راضي ڪرڻ لاءِ سڀ هيلا وسيلا هلائي ٿي پر راڻو نٿو مڃي.
ميان مينڌرا! موٽ! بخش ڪر بڇائيون،
تون گهڻن جو گهوٽ، مون ور هيڪڙو تونهين.
مومل جي دل ٽُٽي پوي ٿي ۽ پاڻ کي باهه ۾ اُڇلائي پاڻ کي ماري ٿي. راڻي جڏهن اهڙو نظارو ڏٺو ته هن جي محبت جاڳي اُٿي ۽ هن به پنهنجو پاڻ کي باهه جي حوالي ڪري ڇڏيو.

[b]نوري:
[/b]نوري نوڙت ۽ نماڻائي جي بي بها تصوير هئي. هن اُنهن خوبين سان ڄام تماچي کي موهي وڌو جنهن هن کي پنهنجي پٽ راڻي بڻائي.
نوري جي نياز جو، عجب اجهل هوءِ،
سيون، سر سڀن ۾ سي مورڇئو سوءِ،
اچڻو اُڀين پوءِ، محبت ڀڳي راڻين.
هن ڪهاڻي ۾ شاهه لطيف اُهو ڏيکاريو آهي ته جيڪو پاڻ کي نيچ ٿو سمجهي، سو ئي سڀن کان اوچو آهي. نوري هئي ته هڪ پر راڻين کان به اوچي هئي جنهن چنيسر کي پنهنجو ڪيو.

[b]سورٺ:
[/b]سورٺ راءِ ڏياچ جي پياري زال هئي ۽ راءِ ڏياچ کي تمام گهڻو چاهيندي هئي، هو ڀروسي واري عورت هئي ۽ پنهنجي مڙس جي واعدي کي پورو ڪرڻ لاءِ هن کي اجازت ڏنائين ته هو ٻيجل کي پنهنجو سر ڏيئي سرهو ٿئي.

[b]مارئي:
[/b]مارئي هڪ بي مثال ڪردار هئي. هن ۾ شاهه جي ٻين سورمين واريون سڀ خوبيون موجود آهن. پر آءُ مارئي کي پسند ڪريان ٿو ڇاڪاڻ ته هن ۾ ڪي اهڙيون خوبيون به آهن، جيڪي ٻين ۾ نه آهن. سچ پچ هو سڀني انساني خوبين جي راڻي آهي.
ڇا هن جي سيرت آهي، ڇا هن جي صورت آهي، ڇا هن جي غيرت آهي، ڇا همت آهي ڇا هن جو حوصلو آهي ڇا هن جي وطن پرستي آهي.
عمر ڪوٽ جي حاڪم عمر مارئي کي اغوا ڪري عمرڪوٽ جي قلعي ۾ قابو ڪيو. هن کيس ڪئي لالچون، ڪئي هيرا جوائر آڇيا ته هو هن سان شادي ڪري ۽ عمرڪوٽ جي راڻي بڻجي وڃي.
مارئي هن کي جواب ڏنو ته غريب مارو غيرت مند آهن ۽ پنهنجي لوئي جي رکوالي ڪري سگهن ٿيون.
اي نه ماريون ريت جو سيڻ مٽاين سون تي،
اچي عمرڪوٽ ۾ ڪنديس ڪانه ڪريت،
پکن جي پريت مارين سي نه مٽيا.
مارو غيرتمند آهن ۽ ڪنهن به حالات ۾ پنهنجي غيرت جو سودو نه ڪندا. هو وطن پرست آهن. اُنهن کي وطن جي واري ۽ واري جو هر داڻو پيارو آهي، اُتي جا ماڻهو غيرت خاطر مري مٽڻ لاءِ تيار آهن، اُهي اجائي خوشحالي کي حاصل ڪرڻ جي بدران پنهنجي ڏکيي سکئي حالتن کي پسند ڪن ٿا.
وطن ۾ رهڻ اُنهن جي لاءِ جنت آهي ۽ وطن کان دوري دوزخ. مارئي همت ۽ حوصلي واري هئي هن عمر بادشاهه جي ڌڙڪن ۽ ڌاٻن جي ڪا به پرواهه نه ڪئي ۽ پنهنجي عزت ۽ عزمت بچائڻ لاءِ طرح طرح جا سور سٺا ۽ مصيبتون برداشت ڪيون.
جي لوڻ لڱين لائين، چيري چيري جسم،
مون ڪُر اڳي نه ڪئو، اهڙو ڪوجهو ڪم،
جان جان دعويٰ دم، تان تان پرت پنهوارسين.
بادشاهه عمر مارئي جي حوصلي، همت ۽ وطن پرستي کي ڏسي اچي شڌر ٿيو. هن کي اها به خبر پئي ته هن بچپن ۾ مارئي جي ماءُ جو کير پيتو آهي. اُنهي ڳالهه جي ثابتي لاءِ اُن اصلي دائي کي به حاضر ڪيو ويو جنهن اُنهي ڳالهه جي پڪي ثابتي ڏني.
ڪي ڪي نقاد مارئي کي مهاراڻي سيتا سان ڀيٽن ٿا. جنهن کي لنڪا جو راجا راوڻ اغوا ڪري ويو، هن مارئي وانگر سيتا کي به گهڻيون تڪليفون پهچايون پر سيتا پنهنجي رام سان سچي رهي. رام راجا هو ۽ هن جي مدد سان هو موٽي ايوڌيا پهتي پو مارئي هڪ ڪمزور ڳوٺاڻي عورت هئي پر هن همٿ ۽ حوصلو ڏيکاري پنهنجو پاڻ کي آزاد ڪرائي سڄي دنيا جي عورتن جو مان مٿانهون ڪيو آهي.
1960ع ۾ سنڌ يونيورسٽي جي انگريزي ڊپارٽمينٽ جي طرفان هڪ سماجي وندر لاءِ مشائرو ڪوٺايو ويو. مون اُن مشائري ۾ هي شعر پڙهيو جنهن ۾ هڪ ٿاريلي نار کي مارئي جي صورت ۾ ڏٺو اهو شعر پيش ڪجي ٿو:
مان ٿاريلي نار.
نوري آهيان نروار،
مان ٿا ريلي نار،
پوهرئي سان آهه منهنجو پيار.
ڌرتي جي مان ڄائي آهيان،
سينن منجهه سمائي آهيان،
سون کان وڌ سوائي آهيان،
ويڙهيچن جي وائي آهيان،
لهان سڀن جو سار،
مان ٿاريلي نار.
پورهئي سان آهه منهنجو پيار.
پيڙائن جي پالي آهيان،
مان هڪ نار نرالي آهيان،
مست آهيان متوالي آهيان،
هيڻن جي رکوالي آهيان.
سڀ سان آهه پيار،
مان ٿاريلي نار،
پورهئي سان آهه منهنجو پيار.
ڪم سان آهي پيار، الا،
هر دم آهيان تيار، الا،
سهڻو ناهه ڏهڪار، الا،
تکي آهيان تلوار، الا،
آهيان مان للڪار.
مان ٿاريلي نار.
پورهئي سان آهه منهنجو پيار.
جيئڻو آهه يا مرڻو آهي،
وار ويري تي ڪرڻو آهي،
ڏاڍي کي ڏنڍ ڀرڻو آهي،
ڀاڳ اسان جو ورڻو آهي.
لکيو آ ڪلتار.
مان ٿاريلي نار.
پورهئي سان آهي منهنجو پيار.

[b]شاهه لطيف جي شاعري ۾ عام ماڻهن جي زندگي:
[/b](1) شاهه سنڌ آهي، سنڌ شاهه آهي:
شاهه لطيف سنڌ آهي، هن جي شاعري سنڌ جي شاعري آهي، هن جي شاعري عام سنڌي ماڻهن جي شاعري آهي. هن عام سنڌي لاءِ لکيو، اُنهن کي پنهنجي شاعري جو موضوع بڻائي اُنهن کي جڳ ۾ مقبول بنايو. اُنهن جي شاعري ۾ شاهه لطيف خود سوچي پيو، سرجي پيو ۽ اُنهن جي عزت، احترام ۽ ناموس کي ڦهلائي اُنهن کي ڌرتي جا فرمانبردار پٽ بنائڻ ۾ مدد ڪري ٿو.

[b](2) شاهه لطيف جي شاعري ۽ عام ماڻهو:
[/b]سنڌ جي هڪ مشهور شاعر، اديب ۽ نقاد ڊاڪٽر تنوير عباسي پنهنجي ڪتاب ”شاهه لطيف جي شاعري“ ۾ هڪ مضمون لکيو آهي، جنهن جو عنوان آهي، ”ڀٽائي جي شاعري ۾ عام ماڻهو جي زندگي“. اهڙا مضمون اسان جي اديبن گهٽ لکيا آهن.
شاهه لطيف عوامي شاعر هو. هن جي شاعري عام ماڻهن جي شاعري آهي جنهن ۾ هن عام ماڻهن کي ڏاڍو ساراهيو آهي. جيڪي محنت ۽ پورهيو ڪري سماجي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙين ٿا ۽ ملڪ ۾ خوشحالي آڻڻ جو سبب بڻجن ٿا.
شاهه جي شاعري سنڌ ۾ ڏاڍي مشهور آهي. جنهن کي پڙهي هر هڪ ماڻهو مزو ماڻي پاڻ ۾ همٿ پيدا ڪري سگهي ٿو. سنڌ جا محنت ڪش پورهيت سنڌ جا خدمت گذار ۽ ساٿي آهن، اُهي پنهنجن ماڻهن لاءِ پنهنجو رت وهائي اُنهن جي خدمت ڪندي فخر محسوس ڪندا آهن. اُنهن کانسواءِ ملڪ جا معاملات حل نٿا ٿي سگهن.
شاهه لطيف جي شاعري ۾ سنڌ جي عام ماڻهن جو ذڪر جا بجاءِ ملي ٿو، شاهه صاحب سنڌ جي هنرمندن ۽ محنت ڪش پورهيتن کي ڏاڍو ساراهيو آهي.

[b](3) بگڙيل لفظن جي صورت:
[/b]وقت تبديليون آڻي ٿو. جنهن ڪري لفظ بدلجي وڃن ٿا. اُنهن جا اُچار به بدلجي وڃن ٿا. شاهه لطيف پنهنجي عام ماڻهن جي شاعري ۾ اهڙا لفظ ڪم آندا آهن، اهڙا بگڙيل لفظ وڏي عمر وارا مرد ۽ عورتون اڃا به ٻهراڙين ۾ ڳالهائيندا نظر اچن ٿا. فارسي لفظ ”بغير“ کي ”بگير“ طور استعمال ٿيندو رهي ٿو. فارسي لفظ ”دوست“ کي ”دوش“ ڪري اچاربو آهي. ”رواجي“ لفظ کي روازي طور پڙهيو آهي. ”جهاز“ کي ”جهاج“ طور پڙهبو آهي. اهڙا ڪيترائي بگڙيل لفظ شاهه جي رسالي ۾ موجود آهن جيڪي سنڌي ٻولي جي اصلي سونهن جا اهڃاڻ آهن.

[b](4) سنڌ جا هنرمند ماڻهو:
[/b][b]لوهر:
[/b]شاهه لطيف لوهر جي تمثيل سان ڪهڙا نه سهڻا نڪتا بيان ڪيا آهن. لوهر عام ماڻهن جو وڏو خدمتگار آهي.
ڪٽ ڪڙهي، لوهه ڀڙي، ڏوڏا چت ڌڳن،
مترڪن منهن ڪڍيا، سانڌاڻيون سهڪن،
اڄ پڻ اڳڙين ميڙو آهي مچ تي.
*-*-*
سهي جيئن سانداڻ، ڌڪن مٿي ڌڪڙا،
وهه وڃائي پاڻ، ڏني ڏيائون ڏنگڙين مترڪا.
لوهار جي اهڙي محنت کي ماڻهو پسند ڪندا آهن ۽ ساراهيندا آهن.

[b]واڍو[/b]
شاهه لطيف جو واڍي جي باري ۾ چيل هي بيت پڙهيو ۽ ڏسو ته ڪهڙي نه فنڪاري سان واڍي جي احوال ڏيئي پنهنجن جي دل جا حال اوريا اٿائين.
ڏونگر تون ڏاڍو، ٿو ڏاڍايون ڪرين،
مون تن اندر تيئن وهين جيئن وڻ وڍي واڍو،
ڪرم جو ڪاڍو نه ته پٿر ڪير پنڌ ڪري.

[b]ٺاٺارو:
[/b]ڪُٽ جا ٿانوَ ۽ ٺاٺارو اُهي به ڳوٺاڻي زندگي جا حصا آهن.
ڀلي ڪري آئيو ٺاٺارو ڏيهاءُ،
ڀڳي ڪٽ سڄي ٿي لٿي جاڪ ڳڙاءِ.

[b]ڪنڀر:
[/b]ڪنڀر جي باري ۾ شاهه لطيف جو هي بيت پڙهو:
نهائين کان نينهن سک منهنجا سپرين،
سڙي سارو ڏينهن، ٻاهر ٻاڦ نه نڪري.
*-*-*
نينهن نهائين کان، ڍڪيو ڪو نه ڍڪئين،
ڄر ڄيري ڇڏيي، ڪيئن پچندا ٿانءُ،
سنڌي ڪنڀارن، ڪن ڪريجا ڳالهڙي.

[b]مڱڻهار:
[/b]مڱڻهار جو ذڪر پڙهي ڏسو:
مان پڇنئي سپرين چتا چرم لاهه،
اڳيان پريئين پا، پلئه مڱڻهار جئين.

[b]ساٽي:
[/b]شاهه لطيف سر گهاتو ۾ ٿو ته:
کلي جان کنڪاريان تان ساٽي سنڱ نه ڪن،
واريو رهڻ وڃن، ڪين سڀاڳن سامهان.

[b]مهاڻا:
[/b]مهاڻن جي باري ۾ شاهه لطيف ڪمال جي فنڪاري سان شعر چيو آهي. ”سور ڪاموڏ“ ۾ اهڙيون ڳالهيون بيان ڪيون اٿائين جو سڄو نقشو پنهنجي ککيءَ ڌپ سان آڏو اچيو وڃي.
گند جنين گوڏ ۾، پاٻوڙا پوشاڪ،
اُنهن جي اوطاق، راجا ريجهي آئيو.
*-*-*
ڄاريون کراريون ڇڄ ڇپرو، جل جي محبت مڇي سان،
رهن وهن سر پاندئين، سڀئي بدبو هاڻ،
لڌڙن جيئن لطيف چئي، پائي وڏيون پاڻ.
*-*-*
مون سي ڏٺاءُ، جني ڏٺو پرين کي،
تني سندي ڪاءِ، ڪري نه سگهان ڳالهڙي.
عام ماڻهن جي زندگي:
شاهه لطيف جا عام ماڻهو سادا، غريب ۽ سٻاجها آهن. اُهي محل، ماڙين جي بدران پنهنجن ڪکائين گهرن ۾ خوشي سان زندگي گذارين ٿا ۽ اُنهن جي زندگي، رهڻي ڪرڻي ۽ دک درد جي ايمانداري ۽ حقيقت پسندي سان عڪاسي ڪئي، اُهي آهن اسان جي ملڪ جا ماڻهو ۽ اُها آهي سندن حياتي.
جهياسي تيها، مون مارو مڃيا،
مون جيڏيون ملير ۾، چونڊن موڪ ميها،
اٿم آس اها، ڪڏهن ڪيرائيندي ڪوٽ کي.
شاهه لطيف جا ماڻهو دولت کي اهميت نه ٿا ڏين، هنن لاءِ سون سوءِ آهي، هنن کي پنهنجي غريب جيڏين سان گڏ بک مرڻ ۾ به فرهت محسوس ٿئي ٿي. هن جي خودداري ته ڏسو. آرام عيش جي زندگي کان هنن لاءِ عزت جي بک بهتر آهي.
هن مد مارو سنرا، ڍنگر ڍار رهن،
هن کي لوهه لطيف چئي، هو کائر منجهه کلن،
کائو بنا کاڄن، مينهن وسندا موٽ تون.

[b]ٿر جا عام ماڻهو:
[/b]شاهه لطيف جي شاعري جي اُها خاص ڳالهه آهي ته هن، ”سر مارئي“ ۾ مارئي جي محبوب کيت کي گهٽ، پر مارن کي وڌيڪ ڳايو آهي. هن جو موضوع هڪ فرد نه پر سڄو وطن آهي، اُن جي مٽي ۽ اُن جا ماڻهو آهن، هن ٿر جي ٿڌي واري، واس وليون ۽ ٿر جو سڄو ماحول بيان ڪيو آهي. شاهه لطيف ڀٽائي سنڌ جي عام ماڻهن جي نه فقط ٻولي استعمال ڪئي، پر ان جو لهجو پڻ ڪم آندو. اُهو سڀ ڪجهه هو ان ڪري ئي ڪري سگهيو آهي جو هن خود عام ماڻهو جي زندگي سر ڪئي ۽ سندس ماحول ۾ سمائجي ويو.

[b]شاهه جي شاعر[b]ي جي اهميت:
[/b][/b]شاهه ۽ سنڌ:
شاهه لطيف سنڌ آهي ۽ سنڌ شاهه لطيف. اهو ڪنهن ڏاهي جو قول سچو ٿو ڏسجي شاهه ۽ سنڌ هڪ ٻئي لاءِ لازم ۽ منظوم آهن. سنڌ شاهه کي پيدا ڪيو ۽ شاهه سنڌ جي مذهبي، سماجي، معاشي، معاشراتي ۽ ثقافتي، ڀلائي ۽ ترقي لاءِ پاڻ کي خوب پتوڙيو. شاهه سنڌ جي لوڪ قصن ۽ داستانن کي پنهنجي ڪلام ۾ پيش ڪري نه صرف سنڌ جي شان جو ذڪر ڪيو آهي، پر پنهنجي شاعري ذريعي سنڌ جي ماڻهن لاءِ وندر ۽ ورهون، اخلاق ۽ نصيحت، عشق ۽ حسن جو وڏو خزانو پيش ڪيو آهي.
سنڌ جا ماڻهو شاهه جي ڪلام مان خوب پرائن ٿا، اُن تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ۽ هر وقت اُنه کي ڳائي مسرور زندگي گذارين ٿا.

[b]شاهه جو اخلاق:
[/b]شاهه وڏي اخلاق وارو شاعر هو. هو سڀني ماڻهن جو ڀلو چاهيندڙ هو. هو پيارو هو ۽ سڀني ماڻهن سان پيار ڪندو هو. هو ڪنهن سان به نفرت نه ڪندو هو. هو حسد کان پري هو. هو هر حال ۾ خوش رهڻ وارو هو. هن سوين سختيون سٺيون، سور پرايا ۽ مصيبتن سان مقابلا ڪيا، پر هن ڪڏهن به صبر نه ڇڏيو نه ڪنهن کي پٽيائين ۽ نه ڪنهن کي پارات ڏنائين. هن جي شاعري پيار جي شاعري آهي، همدردي جي شاعري ۽ ڀائي چاري جي شاعري آهي، هن پنهنجي شاعري جي ذريعي عام ماڻهن کي موهي ڇڏيو. هو هن جي ڪلام پڙهي خوش ٿيندا هئا، ڪجهه سکندا هئا ۽ اُنهن تي عمل ڪرڻ لاءِ هر وقت تيار رهندا هئا.

[b]شاهه جي خاص خوبي:
[/b]شاهه جي خاص خوبي هئي نيڪ نيتي. هو هڪ ڀلوڙ انسان هو ۽ هر ڪنهن سان ڀلو ڪري خوش ٿيندو هو. هو هيئن، ڏکين ۽ بکين جي وقت واهر ڪندو هو، هن جو سڄو ڪلام نيڪ نيتي ۽ همدردي سان ڀريل آهي، هن جي ڪلام کي پڙهڻ کان پوءِ هر هڪ ماڻهو چاهيندو آهي ته ڪاش! هو اُهي خوبيون پنهنجو پاڻ ۾ پيدا ڪري سٺو ماڻهو بڻجي وڃي.

[b]هڪ جرئت مند انسان:
[/b]شاهه لطيف هڪ حليم ۽ نماڻو انسان هو. پر ڪانئر نه هو. هو سچ جي لاءِ ميدان عمل ۾ اچڻ وارو هو، هو ڪٿي ڪا غلط ڪم ٿيندي ڏسندو هو، ته نه صرف اُن کي ننديندو هو پر اون سان وڙهڻ لاءِ تيار ٿي ويندو هو، هو هڪ بهادر شخص هو. هن ڪلهوڙن جي دور جون ڪيتريون ئي مصيبتون سٺيون، تڪيلفون ڏٺيون ۽ مارائڻ جا ڌڙڪا به ٻڌائين پر هو مڙيو ڪو نه. جهڪيو ڪو نه آخر ڪلهوڙن کي مڃڻو پيو ته شاهه لطيف ڪنهن جو برو نٿو چاهي. آخر ڪلهوڙن هن سان صلح ڪيو ۽ چون ٿا ته ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي پيدائش هن جي دعائن سان ٿي، شاهه جي شاعري ماڻهن کي اُهو سيکاري ٿي ته خير جو ڪم ڪجي، تڪليف ۾ آيل ماڻهن جي مدد ڪجي ته الله انسان جي رکوالي ڪندو، انهن سان رضامند رهندو.

[b]شاهه وائي جو شاعر:
[/b]شاهه لطيف وائي جو موجد هو، هن جون وايون سهڻيون، سريليون، ۽ رسيليون هيون. اُهي ٻڌي ماڻهو ڏاڍا مطمئن ٿي ويندا هئا. شاهه جي شاعري عام ماڻهن لاءِ پڻ ڇڪتان کي گهٽ ڪرڻ جو ڪو ازغيبي طريقو هو. هڪڙو مثال آهي ته سنڌ جا ٻه نوجوان ڪن ڳالهين جي ڪري هڪ ٻئي کان ناراض ٿي ويا ۽ هڪ ٻئي کي مارڻ لاءِ تيار ٿي ويا. پري کان ڪنهن راڳيندر شاهه جي وائي پي ڳائي، جڏهن اُنهن شاهه جي وائي ٻڌي، تڏهن اُنهن جون دليون تبديل ٿي ويون، اُنهن جي ناراضگي ختم ٿي ۽ هو هڪ ٻئي سان بغل گير ٿي ويا. هي آهي شاهه جي شاعري جو عام ماڻهن تي اثر، شاهه جي شاعري، همدردي جو پيغام ڏي ٿي ۽ هو ڪاوڙ حسد ۽ ناراضگي وساري، پيار ۽ چاهه سان رهڻ لڳندا آهن ۽ هر هنڌ امن ۽ سڪون قائم ڪرڻ جي ڪوشس ڪندا آهن.

[b]زماني جي حالت:
[/b]اڄڪلهه ائين پيو ڏسجي ڄڻ سموري انسان ذات حيران ۽ پريشان آهي. ڏک ۽ بُک عام ڄام آهن، ماڻهن ۾ هر قسم جا جهيڙا ۽ جهڳڙا موجود آهن. انهن ۾ ڪا همدردي نه آهي، ڪو پيار نه آهي ۽ نه وري، ڪو اشفاق سڄي ماحول ۾ نفرت ڀريل آهي. هرڪو ٻئي جي خلاف آهي، دشمني هر هڪ کي ستائي رهي آهي. عام ماڻهو ڏکيا ۽ بُکيا آهن. هو ڏکن ۽ سورن واري زندگي گذاري رهيا آهن. هو الله کي پڪاري رهيا آهن ته هو ڌرتي تان ڏک، سور مٽائي، انسانن ۾ همدردي جو جذبو پيدا ڪري ۽ محنت ۽ مزدوري کي عام ڄام ڪري، اهڙن حالتن ۾ شاهه جو ڪلام ڏاڍو اهم ٿي وڃي ٿو. شاهه جي شاعري ۾ محبت، خدمت، همدردي، محنت ۽ مشقت ۽ گڏجي رهڻ وارا سبق ياد اچيو وڃن ٿا. هو انهن تي عمل ڪري پنهنجي علائقي کي خوشحال ۽ سڪون وارو بنائڻ لاءِ هر قسم جي جهدوجهد لاءِ ميدان عمل ۾ اچڻ لاءِ تيار ٿي وڃن ٿا. شاهه لطيف پنهنجي هڪ شعر ۾ چيو آهي ته:
”تتي ٿڌي ڪاهه، ڪونهي ويل ويهڻ جي،
پرين مٿان ٿئي اونداهه، پير نه لهين جو.“
اهڙن حالتن ۾ شاهه جي اهميت وڌي وڃي ٿي ۽ وڌندي رهندي، جي ماڻهو امن ۽ سڪون ۾ رهندا، محبت ۽ مشقت ڪندا ۽ پاڻ کي خوشحال ۽ امن پسند بنائيندا.


[b]مددي ڪتاب:
[/b](1) ڪرتار سنگهه عرش. شاهه جي شاعري (پنجابي)
(2) آغا سليم. شاهه شاعري (اردو)
(3) شيخ اياز. شاهه، سچل، سامي.
(4) محمد ابراهيم جويو. شاهه، سچل، سامي.
(5) ايل.ايڇ. اجواڻي. هسٽري آف سنڌي لٽريچر (انگريزي)
(6) شمشيرالحيدري. چر تر تک تنوار.
(7) تنوير عباسي. شاهه لطيف جي شاعري.
(8) ڀيرو مل مهر چند اڏواڻي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي.
(9) ايڇ.ٽي. سورلي. سرتاج شاعر: شاهه عبداللطيف ڀٽائي.
(10) محمد ابراهيم جويو. شاهه، سچل، سامي.
(11) اي.جي. اُتم. شاهه، سچل، سامي.
(12) مرتب: تاج جويو. شاهه تي لکيل مضمون.
(13) تولارام هنس. ٽي. وڏا شاعر.