لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سنڌي ٻوليءَ جا سرجڻهار شاعر

سنڌي شاعريءَ جي مختلف دورن بابت لکيل تحقيقي مضمونن ۽ مقالن تي مشتمل هن ڪتاب جو ليکڪ پروفيسر سروپچندر شاد آهي. شاد صاحب مهاڳ ۾ لکي ٿو:
”مون پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جا سرجڻهار شاعر“ ۾ قاضي قادن کان شيخ اياز تائين جي زماني واري شاعري کي ارڙهن دور ۾ ورهايو آهي. مون تفصيل سان هر دور ۾ اڀرندڙ نقطن، مضمونن ۽ شاعرانه نمونن جو تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي.“

Title Cover of book Sindhi Boli'a ja Sarjenhaar Shair

حمل فقير لغاري(1225هه 1296هه، 1809ع 1880ع)

[b]اديبن ۽ نقادن جا رايا
[/b]
”حمل خان لغاري ميرن جي آخري دور ۽ انگريزن جي اولائي دور جو سنڌي ۽ سرائڪي زبان جو قادر الڪلام شاعر ٿي گذريو آهي. شاهه لطيف، سچل ۽ روحل کان پوءِ جيڪڏهن ڪو شاعر ديس واسين سان سلوڻي ۽ سوادي ٻولي ۾ مخطاب ٿيو آهي ته اُهو حمل فقير لغاري آهي.“
[b]عبدالرحمان منگيو. يادگار حمل فقير ۾ ڇپيل مضمون
”حمل فقير ۽ سندس ڪلام“[/b]

”درويش حمل فقير جو ڪلام سچ جو سنيهو، پاڻ ڄاڻڻ ۽ انساني جدوجهد جو آدرش ۽ عالمي امن جو پيغام آهي. هن جي شاعري ۾ بوريت نه آهي. سڄي شاعري بامقصد آهي، خودداري، آزادي، غيرت ۽ ديس جي محبت، سڄڻ جي ساراهه غيرن سان ڌڪار سندس شاعري جا موضوع آهن.“
[b]محمد شاهه ڦرڙو. يادگار حمل فقير ۾ شايع ٿيل مضمون. ”اي گت غوصن جا.“
[/b]
”سندس (حمل فقير جو) سنڌي ڪلام توڙي سرائڪي ڪلام اُن جي شخصيت کي ظاهر ڪري ٿو. جنهن موجب هن ۾ في البديهه شعر جوڙڻ ۾ گهڻي قابليت هئي. سچ پچ حمل جو شعر محبت ۽ مجاز سان گڏوگڏ ڏنگي دنيا تي ڀرپور تنقيد آهي.“
[b]ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو. سنڌي ادب جي مختصر تاريخ
[/b]
”حمل جا بيت سري توڙي ڪاڇي، لاڙ توڙي کاري توڙي لس ٻيلي طرف معلوم ۽ مروج آهن. ”سندس تمنا به اِهائي هئي ”حمل دي هر بيت همه جا ملڪين وچ مشهور ٿيون.“ ۽ ٿيو به ائينءَ سندس عام فهم، رنگين ۽ دلچسپ ۽ پُر اثر عاشقانا بيت سگهو ئي جهرجهنگ مان ڪڏند،ا ٽپندا، اُڏامندا، واهڻ وسيون ڊوڙندا ملڪ ۾ مشهور ٿي ويا.“
[b]ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ. حمل فقير جو ڪلام جو مقدمو
[/b]
حمل لغاري سنڌ جو تمام مقبول عوامي شاعر آهي ۽ شاهه صاحب (شاهه لطيف) کان پوءِ کيس ئي عوام ۾ مقبول هجڻ جو شرف حاصل آهي. سرائيڪي ۽ سنڌي ۾ لاثاني شاعري ڪئي اٿس.“
[b]سيد حسام الدين راشدي. سنڌي ادب
[/b]
[b]سُريلو سُگهڙ ۽ مقبول عوامي شاعر:
[/b]حمل فقير هڪ سريلو سُگهڙ ۽ مقبول عوامي شاعر آهي. هن سُگهڙ پائي جي فن کي شاعري جي فن سان ملائي شاعري جي دائري کي وسيع ڪيو. هن شاعري ۾ تازگي، توانائي ۽ دلچسپي پيدا ڪئي. هن عوامي قصن کي ڳاتو. هن بيت جوڙي قصن کي ٻيهر زنده ڪيو ۽ اُنهن ۾ نوان رنگ ۽ نوان پيغام ڀري خوب مقبوليت حاصل ڪئي.

[b]زندگي جو احوال
[/b]
[b]وڏن جو ذڪر:
[/b]حمل فقير لعاري جا وڏا ميرن جي حڪومت جي شروعاتي دور ۾ ڊيري غازي خان لڏي خيرپور رياست ۾ اچي رهيا. اُتي انهن پنهنجو ڳوٺ مير خان لغاري ٻڌو، انهي وقت ميان سعيد خان ميرن پاران سبزل ڪوٽ جو نواب هو. مير رستم علي خان ۽ مير مراد علي خان جي گهرو لڙاين سبب حمل جي مائٽن کي خيرپور رياست جي علائقن کي ڇڏڻو پيو. حمل جا نواب سعيد خان جي پٽ سان لاڳاپا هئا. انهيءَ ڪري حمل جا مائٽ سڪرنڊ تعلقي ۾ ڳوٺ مير خان لغاري جي ڳوٺ لڳ ڳوٺ محمد خان ۾ اچي ويٺا.

[b]ولادت، تعليم ۽ مشغول:
[/b]حمل فقير جي ولادت خيرپور رياست ۾ پنهنجي اصلي ڳوٺ مير خان لغاري ۾ 1225هه مطابق 1809ع ۾ ٿي. هن جي والد جو نالو رحيم خان هو. حمل وارا پاڻ ۾ پنج ڀائر هئا ۽ حمل سڀني کان ننڍو هو.
نواب ميان سعيد خان حمل کي ننڍپڻ کان وٺي پاڻ وٽ سبزل ڪوٽ ۾ رهايو. ممڪن آهي ته حمل جي تعليم نواب سعيد خان جي زير اثر ٿي هجي. وقت جي رواج موجب حمل پنهنجي اباڻي ڳوٺ ۾ پارسي تعليم حاصل ڪئي. فطري ذهانت ۽ پختدگي جي ڪري حمل پارسي جو اُستاد بنيو. سڪرنڊ تعلقي جي ڳوٺ ۾ هن پنهنجو مڪتب کوليو، رئيس مير خان جي پٽ ميان بختيار خان حمل جي ڏاڍي قدرداني ڪئي ۽ هن کي همٿائيندو رهيو ته هو اُستاد ٿي پارسي پڙهائيندو رهي حمل ميان بخيتار جي پٽن پنهنجي پٽ محمدرحيم کي دل وجان سان پارسي تعليم ڏني حمل هڪ هوشيار ايماندار ۽ هُنر مند استاد هو. هن جي پٽ محمد رحيم جي اعليٰ تعليم ۽ قابليت سندس ڏنل تعليم جو نتيجو هئي. ٿورن سالن کان پوءِ حمل مڪتب جي پڙهائي جو ڪم ڇڏي ڏنو. هن جي پڙهائي اعليٰ درجي جي هئي ۽ هن جي صاف صاف اُچارن ۽ مٺڙي آواز جي ڪري، پڙهندڙن کي ڏاڍو پسند ايندي هئي. بختيار خان حمل جو وڏو قدردان هو.

[b]حڪمرانن ۽ وڏن خاندانن سان تعلقات:
[/b]حمل فقير پنهنجي خوش طبعي، قابليت ۽ شاعري جي ڪري هر هنڌ ڏاڍو مقبول هو. هو مخلص ۽ ڪچهري جو مور هو. انهي ڪري سندس واقفيت تيزي سان وڌڻ لڳي. هو سنڌ جي گهڻن ئي خاندانن وٽ ايندو ويندو هو. اُهي هن کي چاهيندا هئا ۽ هن جي ڏاڍي عزت ڪندا هئا.
خيرپور رياست ۾ رهڻ ڪري حمل فقير ۽ بختيار خان وارن جي مير علي مراد خان سان چڱي خاصي سُڃاڻ هئي. جڏهن به ٻئي ڄڻا سلام لاءِ ويندا هئا ته شاهي مهمان ٿي وڃي رهندا هئا مير علي مراد خان سندس ذهانت ۽ سٺي اخلاق جي ڪري حمل فقير لاءِ مقرر ڇهه ماهي پينشن مقرر ڪري ڇڏي هئي جيڪا هن کي گهر ويٺي ملي ويندي هئي.
خيرپور ۾ حمل فقير مير علي مراد خان جي پٽ مير شاهنواز خان سان ملندو رهندو هو. اُتي هن جي ڏاڍي عزت ٿيندي هئي. ٻنهي جا يارانه تعلقات هئا. مير شاهنواز خان حامل فقير جي پٽ محمد رحيم کي پاڻ وٽ نوڪري ڏني، جتي هو ڏاڍي شان ۽ مان سان رهندو هو.
حمل فقير جي خاندان جو پير سائين پاڳاري جي درگاهه سان وڏو واسطو هو. حمل فقير جو ڀائٽيو، جيڪو علم ۽ قابليت وارو هو، سو درگاهه جو مريد ٿيو ۽ پير صاحب حذبالله کيس پنهنجو صلاح ڪار مقرر ڪيو. اهڙي قرب ۽ اعزاز سبب حمل فقير جو تعلق پير سائين علي گوهر شاهه اول سان ٿيو جيڪو هڪ وڏو عالم، عارف ۽ شاعر هو. جڏهن حمل فقير پنهنجي پهرين ٽيهه اکري پير سائين علي گوهر شاهه کي ٻُڌائي، جيڪا پير سائين کي گهڻو وڻي، پير صاحبن وٽ حمل فقير ڏاڍو مقبول هو.
حمل فقير جو لکي جي سيدن سان وڏو واسطو هو. اُهي لنواري وارن پيرن جا مريد هئا. هو حمل فقير جي ڏاڍي عزت ڪندا هئا ۽ هن جي خوش گوئي ۽ خوش طبعي جا وڏا قدردان هئا. حمل فقير جي سنڌ ۾ ڏاڍي ڄاڻ سڃاڻ هئي. هو مجلسن کي پسند ڪندو هو ۽ ڪڏهن به لِڪي نه ويهندو هو. ٻُڌندڙن کي کلائي، خوش ڪري ڏاڍو مقبول بڻجي ويو.

[b]شادي:
[/b]حمل فقير ٻه شاديون ڪيون. ٻئي زالون صورت ۽ سيرت ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هيون. ٻئي سدوريون ۽ سُلڇڻيون عورتون هيون. پهرين زال مان حمل فقير کي هڪ پُٽ ۽ هڪ نياڻي پيدا ٿي. ٻئي زال مان ٻه نياڻيون ۽ هڪ پٽ پيدا ٿيو جنهن جو نالو رحيم خان رکيو ويو. محمد رحيم خان کي هڪ پٽ ڄائو جنهن جو نالو حمل خان رکيو ويو. سندس هي پٽ ننڍي وهي ۾ گُذاري ويو. ميان محمد رحيم کي ڪو به اولاد ڪو نه ٿيو. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ موجب ”انهيءَ ڪري فرينه اولاد حمل خان جي پڌري ڪا نه ٿي.

[b]مريدي جو سلسلو:
[/b]هڪ مريد جي حيثيت ۾ حمل فقير پنهنجي ارادت ۽ عقيدت لنواري وارن بزرگن سان رکي ائين لڳي پيو ته حمل فقير 1247هه ۾ 22 سالن جي عمر ۾ خواجه محمد حسين مدني جي هٿ تي بيعت ڪري سندس مريد ٿيو حمل فقير خواجه محمد حسن جي شان ۾ ٽي مدفون جوڙيون مرشد حمل فقير جو ڏاڍو قدر ڪندو هو. حمل فقير جي پڻ پنهنجي مرشد سان ڏاڍي عقيدت هئي. پهرين جهنڊي چارڻ جي رسم تي حمل فقير لنواري ويو، هن جون هي مصرائون انهي ڳالهه جو ثبوت آهن.
”حمل حمد پڙهه تون، لکين ليل نهار،
اچي اکين ساڻ ڏٺو تو، درشن ۽ ديدار.
”بخت ڀلو ٿيو، دست ڏنائون، ڪرم ڪيو ڪلتار.“
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي لفظن ۾ ”جيترو پنهنجي مرشد خواجه محمد حسن جي يادگيري ۽ ساڻس عقيدت ۽ محبت هئي. اوترو ئي خواجه صاحب کي به حمل جي سچائي ۽ صداقت، علم ۽ فضل، خاص طور تصوف ۽ طريقت جي پاڻ جو به قدر ڪندو هو.“ مرشد ۽ مريد ٻئي هڪ ٻئي کي چاهيندا هئا ۽ قدرداني به ڪندا هئا. حمل فقير لنواري وارن جو مريد هو، پر پي سائين پاڳارن لاءِ هن کي ڏاڍي حب ۽ عقيدت هئي.حمل فقير ۽ سندس ڪٽنب جو پير سائين پاڳاري جي درگاهه سان گهاٽي وابستگي هئي.

[b]سير ۽ سفر
[/b]حمل فقير سير ۽ سفر جو ڏاڍو شوقين هو. هن خيرپور، حيدرآباد ۽ نوابشاهه جا وڏا سفر ڪيا. هن ننڍن ننڍن ڳوٺن، وستين ۽ واهڻن جو خوب سفر ڪيو. ننڍن ننڍن ڳوٺن ۾ مشاعرا ٿيندا هئا. اُتي وڃي هو مشاعرن ۾ حصو وٺندو هو ۽ خوب داد حاصل ڪندو هو. هو سوالن جا جواب ڏيئي خوب کلندو هو ۽ کلائيندو هو. هو ڪمال ڪاريگري سان ٽوڪون هڻندڙن ۽ چٿرون ڪندڙن کي منهن ڏيندو هو. سير ۽ سفر جي دوران هن جي شاعري اڀري ۽ خوب ترقي ڪئي.

[b]شخصيت:
[/b]حمل فقير هڪ خوش طبع ۽ خوش گو شاعر هو. هو هڪ قابل، صلح پسند ۽ بيباڪ انسان هو. هو رلڻو ملڻو ماڻهو هو. هو هميشه عام ماڻهن سان محبت ڪندو هو. هو مجلسن جو مور ۽ ڪچهرين جو ڪانگي هو. هن جي خوش طبعي، حاضر جوابي ۽ خوش گوئي ۽ نڪته سجي. (Wit) سندس يارانه شخصيت جا نمايان پهلو هئا. هن سنڌ ۾ ڏاڍا سير ۽ سفر ڪيا، هو وڏو سخي ۽ يارن جو يار ۽ دلين جو دلدار هو، ڪانگل وٽان سڄي سنڌ کي سلام موڪلڻ وارو پياور ۽ بيمثال شاعر هو. هو سدورو ۽ سڀاڳو مرد مٿير هو. هو مينڌي ڪندو هو ۽ ڪپڙا گهڻو ڪري سادا ۽ صاف پائيندو هو. مٿي تي اڪثر ڪيمخابي ميرائي ٽوپي پائيندو هو. اها هن جي سڇاڻپ هوندي هئي. جي شاهه لطيف سج هو، سچل سرمست چنڊ هو ته حمل فقير هڪ چمڪندڙ تارو هو.

[b]وفات:
[/b]حمل فقير 71 سالن جي وڏي عمر ۾ پنهنجي ڳوٺ محمود لغاري ۾ تاريخ 2 صفر سن 1225هه مطابق 1880ع ۾ وفات ڪئي. هن جو مقبرو ڳوٺ محمود خان لغاري جي ڀرسان آهي. هرسال 2 صفر تي عقيدتمند، ڳوٺاڻا، اديب ۽ شاعر هن جي مزار تي اچي هن کي محبت ۽ عقيدت جو سلام پيش ڪندا آهن.

[b]شاعري جا اهم نڪتا
[/b](1) حمل فقير سنڌ جو پهريون شاعر آهي، جنهن سُگهڙ پائي جي فن کي شاعري جي فن سان ملايو آهي ۽ شاعري جي دائري ۾ وسعت آندي آهي. هن شاعري ۾ تازگي، توانائي ۽ دلڪشي ڀري شاعري ۾ نواڻ آڻي، اُن کي مقبول بنايو آهي.
(2) حمل فقير پهريون سنڌي شاعر آهي جنهن فصاحت جي ذريعي ڊگها شعر جوڙيا آهن. هن هر شيءِ کي تفصيل سان بيان ڪري اُنهن ۾ تشبيهون، استعارا، محاورا ۽ صنعت تجنيس جو ڀرپور استعمال ڪري رنگ رچايا آهن، منڊل مچايا آهن.
(3) حمل فقير روايتي اهڃاڻن جو استعمال ڪري شاهه ۽ سچل جي اهڃاڻن کي کولي بيان ڪيو آهي. هن پاڻ به ڪي هلڪا هلڪا اهڃاڻ گهڙيا آهن. ائين ڪري هن اهڃاڻڪاريءَ جي روايت کي ٻيهر زنده ڪيو آهي.
(4) حمل فقير پهريون سنڌي شاعر آهي جنهن ڳوٺاڻن موضوئن کي ڳوٺاڻي سادي، سلوڻي، ماکيءَ کان مٺي ۽ من موهيندڙ اسلوب ۾ بيان ڪيو آهي. هن جا ٻول عين ڳوٺاڻي ماحول منجهان کنيل آهن، جي نه صرف ماڻهن کي متاثر ڪن ٿا پر هر جاءِ رواني، ترنم ۽ موسيقيت به پکيڙن ٿا.
(5) مزاح جو مطلب ٻئي کي هيٺ ڏيکارڻ ناهي، اُن کي خوار ڪرڻ ناهي. مزاح هڪ ناڪاري جذبو ناهي، پر مزاح سچ پچ هڪ هاڪاري جذبو آهي. حمل فقير پنهنجي ڪلام ۾ فني ڪاري گري جي ذريعي کلائي، انساني اوڻايون دور ڪري، وري انسان کي چڱو ڀلو بنائي ڇڏي ٿو. حمل فقير مزاح جي صنف ۾ پيار ۽ همدردي جا رنگ ڀري، اُن کي مقبول بنائي ڇڏيو آهي. حمل فقير جهڙا مزاحيه شاعر ورلي نظر ايندا آهن.

[b]حمل فقير ٻه اُستاد شاعر
[/b]حمل فقير ننڍي هوندي کان ئي شاعري ڪرڻ سروع ڪئي. هن جي والد رحيم خان، جيڪو پاڻ به هڪ شاعر هو، حمل کي همٿايو ۽ هن کي شاعري ڏانهن گهڻو متوجه ڪيو. حمل وڏو خوش نصيب هو جو هن کي وقت جا ٻه نامور شاعر مليا جن هن جي تربيت ڪئي ۽ هن کي قابل قدر شاعر بنجڻ ۾ هن جي رهنمائي ڪئي. اُهي ٻه نامور شاعر هئا. (1) مولوي لطف علي ۽ (2) خليفو نبي بخش لغاري.
مولوي لطف علي بهاولپور رياست جو رهاڪو هو. هو حمل جو وڏو همعصر هو. لطف علي ”سيف الملوڪ ۽ بديع الجمال“ جو قصو سرائڪي ٻولي ۾ لکيو. جنهن حمل کي ڏاڍو متاثر ڪيو. هن سيف الملوڪ جي قصي جي ڀران هڪ ننڍي مثنوي ”قصه سري جمجمه سيلطان، معجزه عيسيٰ عليھ السلام“ جوڙي.
حمل پنهنجي بياض ۾ لطف علي جا ڇهه چونڊ يبت لکيا ۽ اُن جي ڀران پنهنجا رچيل بيت لکيا. لطف علي محبوب جي مجازي تعريف لاءِ هي بيت چيو:
نين سياه سريجن دي هن، سهجئون مست مدام ڏؤهين،
مينت، مرگهٽ ڇوڙ بحر بر، چمن تيڏي اقدام ڏوهين،
داراتين سلطان سڪندر، دردي خاص غلام ڏُوهين،
يا رب لطف علي ڪون شوقؤن، مل شتاب امام ڏوُهين.
هن بيت جي ڀران حمل هي بيت چيو:
”ناز ڀر هي دي نين سدائين، مي بِن هِن مستان ڏؤهين،
جادو، جلويدار جنگار، سرڪش هن سلطان ڏؤهين،
خون ڪيتي نِتِ کيوي ڦردي، پرور دي پهلوان ڏؤهين،
ڪر ڪر آون درد مندان تي، جنگ آتين جولان ڏؤهين.
ٻنهي بيتن کي ڀيٽڻ سان خبر پوي ٿي لطف علي گهڻو بليغ آهي ۽ حمل زياده فصيح، حمل جو هي بيت لطف علي جي بيت جو تتبع آهي.
لطف علي هن بيت ۾ نئين صنعت ڪم آڻي مجازي محبوب جي تعريف هيئن ڪئي آهي:
ميرا دلدار، موهن منٺار، يگانه يار، ذهين بيمار،
سدا سيمار ڪري ياد شهييان،
آنکين پُر رنگ، دروني دنگ، ڪُهن اڙٻنگ،
ڪرن نِت جنگ، سدا سر سنگ لهتن سرواهيان.
هن بيت جي تبع ۾ حمل هي بيت چيو:
”ميرا دلدار، مٺا منٺار، اوي غمخوار،
سٽان ڪم ڪار، ويکان مُک يار دا.
وِکالي ڇم، جڏان جنهن دم، وڃن سڀ غم،
جي ڪوي جم، زلف دي تار دا.“
ٻنهي بيتن ۾ چار چار قافيا جرڪندي ۽ منڊ مچائيندي خوب نطر اچن ٿا. ڊاڪٽر نبي بخش جو چوڻ آهي، ”ته انهي خيال کان مولوي لطف علي سرائڪي شاعري ۾ ڄڻ حمل جو حقيقي اُستاد آهي.“
حمل فقير جو ٻيو اُستاد شاعر سندس عزيز خليفو نبي بخش لغاري هو. جيڪو سنڌي ٻولي جو هڪ ناميارو شاعر ٿي گذريو آهي. خليفي نبي بخش حمل فقير جي خوب رهنمائي ڪئي ۽ هن کي سنڌ جو بهترين عوامي شاعر بنائي ڇڏيو.
خليفي نبي بخش ”سسئي پنهون“ جو منظوم داستان جوڙي سڄي سنڌ ۾ هل چل مچائي ڇڏي، جنهن جي جواب ۾ حمل فقير ”هير رانجهي“ جا ست بيت سرجيا. اهو ظاهر ڪري ٿو ته حمل فقير خليفي نبي بخش جي شاعرانه خوبين جو قائل هو. خليفي نبي بخش مجازي محبوب کي ساراهيندي هي بيت جوڙيو.
”محبوب ڏٺو سي خوب، دلين تي دام گهتي دُر دانا، يار يگانه،
چٽڪيا شوق شڪار شتابي، ڇا ترڪش، نير ڪمانا، ڪر بهانا.“
حمل فقير به هڪڙو بيت جوڙي خليفي نبي بخش کي خوب خوش ڪيو. اهڙي بيت مان خليفي نبي بخش جي شاعري جي سُڳنڌ محسوس پيئي ٿئي.
ٻنهي اُستاد شاعرن حمل فقير جي شاعري کي سينگارڻ ۾ هن جي خوب رهنمائي ڪئي ۽ هن کي سنڌي شاعري جو هڪ منفرد ۽ جدت پسند شاعر بنائي ڇڏيو.

[b]حمل فقير جي شاعري:
[/b]يادگار حمل فقير ۾ لکيل پنهنجي مضمون ”حمل فقير ۽ سندس ڪلام“ ۾ پنهنجي راءِ ڏيندي عبدالرحمان منگي لکي ٿو ته ”حمل خان لغاري ميرن جي آخري دور ۽ انگريزن جي اولائي دور جو سنڌي ۽ سرائڪي زبان جو قادرالڪلام شاعر ٿي گذريو آهي. شاهه ڀٽائي، سچل ۽ روحل کان پوءِ جيڪڏهن ڪو شاعر ديس واسين سان سلوڻي ۽ سوادي ٻولي ۾ مخاطب ٿيو آهي ته اُهو حمل فقير لغاري آهي.“
حمل فقير جو هٿ آيل ڪلام سندس ڪليات ۾ موجود آهي. انهيءَ جو اڌ ڪلام سنڌي ۽ اڌ ڪلام سرائڪي زبان ۾ چيل آهي. ڪجهه شعر هندي ريخته ۾ چيل آهن. سنڌي ۽ سرائڪي زبانن ۾ چيل ڪلام ۾ مدحون، معزا، مناقب، مثنوي، سه حرفيون، بيت، ڪافيون، غزل، هنر، ڏهسناما ۽ معما وغيره شامل آهن.
حمل فقير جو سنڌي ۽ سرائڪي ڪلام گهڻو مقبول آهي. عوام انهيءَ کي دلين ۾ سانڍي رکيو آهي. سندس ڪلام کي ڳوڙهائي سان پڙهنداسين تڏهن سندس سنڌي ۽ سرائڪي ڪلام جون خصوصيتون معلوم ٿي سگهنديون. حمل جي سنڌي ڪلام ۾ ڪلاسيڪيت جو اثر نمايان نظر اچي ٿو. اُنهيءَ ۾ معلومات جا ذخيرا موجود آهن. اُنهن ۾ سنجيدگي آهي. جيڪا اعليٰ درجي جي آهي. سرائڪي ڪلام گهڻو ڪري عوامي رنگ ۾ رنگيل آهي. ان ۾ مزاحيه رنگ به آهي ۽ مجازي حسن ۽ عشق جون مهميرون روان دوان آهن. انهيءَ ۾ چٽسالي، حرفت ۽ چالاڪيءَ جا رنگ چٽا نظر اچن ٿا.

[b]شاعري جا موضوع
[/b]حمل فقير هڪ وڏو عوامي شاعر آهي. هن جي شاعري جا موضوع به عوامي آهن. هن جي شاعري جا نمايان موضوع هي آهن. (1) مرشدن جي ساراهه، (2) وڏن واقعن جي ترجماني، (3) سنڌي قصا ۽ داستان، (4) مزاح نگاري، (5) مجازي حسن ۽ عشق جو آواز، (6) يار ۽ ياراڻي، (7) وطن جي محبت، (8) اورچائي، (9) همت ۽ حوصلو (10) جاکوڙ ۽ (11) خود اعتمادي هن جي شاعري هڪ کليل دل ۽ تيز دماغ واري محب وطن شاعر جي اندر جو آواز آهي.

[b]حمل فقير جي شاعري جا رنگ:
[/b]حمل فقير جي شاعري سنڌ جي سمورن رنگن ۾ رنگيل نظر اچي ٿي جيڪي اکين کي ڀرمائي ۽ روح کي ريجهائي ڇڏن ٿا.
(1) حمل جي شاعري جو عوامي رنگ هن کي پنهنجي عوام ۾ مقبول بنايو بيٺو آهي.
ڪانگل چئج قريب کي، ساري سنيهو،
ڏيان نياپا نياز سان، ڪانگل ٻيو ڪيهو،
ڏيئي حال حمل جو جانب ري جيهو،
به پيئي نيهو، ڏج سنيهو سڄڻين.
(2) حمل جي ڪلام ۾ مزاح جو رنگ به خوب آهي.
زلف ڏنگا، ابرو ڏنگا، گُفتار ڏنگي، رفتار ڏنگي،
جنهن جاءِ هوندا هي چار ڏنگا،ا لاچار هوندي هر ڪار ڏنگي،
جت يار ڏنگو، اغيار ڏنگو، هدار ڏنگو، بازار ڏنگي،
جت سوار ڏنگو، ڪمدار ڏنگو، مختيار ڏنگو، سرڪار ڏنگي،
ڪير ڪنهن جو فرياد سڻي، ڪير ڪنهن جو ڪو داد ڪري.
حمل زميندارن، ڪمدارن ۽ سرڪاري عهديدارن تي ڪهڙيون نه گهريون چوٽون ڪيون آهن.
(3) مجازي حسن جي رنگ جون رمزون به ڏسو:
اکيان هِن تلوارين تيريان ڪجل تيرا ڪامڻ،
ڪجلـــے نال ڪلور ڪيتوئـــے، اکيان ڪون دے آمڻ،
ديدان دا دستور اهو جو، دام وڏا گهت دامڻ،
حمل هزار اکين هن ڪـیـــے راجا جيهي رامڻ

(4) اهڃاڻ ڪاري جو اليبلا رنگ ڏسو ۽ حمل جي شعور کي جاڳندي، جلهون ڪندي ڏسي کيس سلام ڪريو
پائيندڙ کي پاءِ، يڪون ڏهاڙي ڀر سان،
ڇوڙ ٻڌين ڪينڪي، نينهن جو ڌوءِ، ڌڪاءِ،
توکي ننڊن نهوڙيو، غفلت، گيرب گاءِ،
حمل هن درياءِ، لکن کي لوڙهي ليو.
(5) حمل جي ڪلام ۾ عڪس جو رنگ به نور پکيڙي ٿو ۽ يادگيرين کي وري جيئرو ڪري ٿو. حمل فقير پنهنجن تجربن ۽ مشاهدن کي اهڙي ته انوکي رنگ ۾ پيش ڪري ٿو جو اُهي سهڻي صورت ڌاري هن جي اکين اڳيان جهل مل ظاهر ٿين ٿا ڄڻ ته اُهي تجربا ۽ مشاهدا هينئر ئي ڏٺا ويا آهن.
حمل فقير سرمارئي ۾ ٿر جي جهنگي ڦلن ڦُولن جو ذڪر ڪري هڪ جيئرو جاڳندو فطري عڪس پيش ڪيو آهي. سڀ شيون هن جي اکين اڳيان ظاهر ٿي پاڻ پسائي رهيون آهن ۽ روح ريجهائي رهيون آهن.
ڏٺم ڏاڏاڻي ڏيهه تي، جاپندي ڄاريون،
ماکيون مٺيون ڀائيان، کٻڙيون کاريون،
تنين کي ساريون جهڄي هانءُ حمل چئي.
حمل جي ڪلام جا هي رنگ وڌيڪ رنگين، وڌيڪ حسين ۽ وڌيڪ دل نشين ٿي ويندا آهن. جڏهن اسلوب جي ڇَل ڇَل اُڇل ۽ هلچل اُنهن ۾ رواني، ڀري رفتار ۽ ترنم ڀري ڪو جادوئي اثر جاري ڪنديون آهن.

[b]گهڻن صنفن ۾ شاعري:
[/b]حمل فقير جي پيشرو (Predecessor) خليفي نبي بخش لڳ ڀڳ 22 صنفن ۾ شاعري ڪئي آهي. حمل فقير لڳ ڀڳ 15 صنفن ۾ شاعري ڪئي آهي. جهڙوڪ مدح، مناجات، معجزو، مناقب، مثنوي، سه جرفي، ڏهسنامو، معرفت نامو، نصيحت نامو، بيت، چار تڪا بيت، ڪافي، غزل، معمو ۽ منظوم صحيفو وغيره. اچو ته حمل فقير جي چند صنفن ۾ ڪيل شاعريءَ جو جائزو وٺون:

[b](1) بيت:
[/b]حمل فقير ڪلاسيڪل صنف بيت ۾ بهترين شاعري ڪئي آهي. هن ست سر سرجيا آهن. سر سسئي، سر مارئي، سر سهڻي، سر مومل، سر سارنگ، سر ڪانگل ۽ سر بروو سنڌي. اُنهن ستن سُرن ۾ ڪل 165 بيت ۽ 7 ڪافيون آهن. سندس ستن سُرن ۾ ٽن سٽن وارا 12 بيت، چئن سٽن وارا 36 بيت پنجن سٽن وارا 15 بيت، ڇهن سٽن وارا 6 بيت، ستن سٽن وارا 5 بيت ۽ 11 سٽن وارو هڪ بيت آهي. سندس بيتن ۾ ٻن سٽن وارو ڪو به بيت ناهي.
حمل فقير جي بيتن واري شاعري سنجيدگي ۽ مقصد سان ڀريل آهي، هن جون تشبيهون ۽ محاورا دلفريب آهن. عڪس ۽ اهڃاڻ چٽا آهن، پر روايتي آهن.هن جو سرڪانگل عوامي شاعري جو هڪ بيمثال مثال آهي. نبي بخش بلوچ جي لفظن ۾ ”انهن ۾ رچيل سلاست ۽ رواني حمل فقير جي زبان جي ساک ڀرين ٿا.“

[b](2) مدح:
[/b]مدح هڪ قديم عوامي صنف آهي. حمل جي ڪلام ۾ 4 مدحون آهن جن مان 3 سنڌي ۾ ۽ 1 سرائڪي ۾ آهن. حمل فقير پنهنجي اُستاد خليفي نبي بخش لغاري وانگر ڊگهيون ڊگهيون مداحون به سرجيون آهن. خليفي نبي بخش پنهنجي وقت ۾ هڪ ڊگهي مدح ”داد ڪر بغداد وارا“ رچي. هن مدح ۾ 34 بند آهن ۽ هر هڪ بند ۾ پنج پنج مصراعون آهن. حمل فقير جي جوڙيل مدح ”ڪر مهر مون تي مصطفيٰ“ تمام ڊگهي آهي. هن ۾ 81 بند آهن ۽ هر هڪ بند ۾ 3 هم قافيا مصرائون ۽ هڪ وراڻي واري مصرع آهي.
”هي لڙهه لغاري لام تو،
سيد سچا ٻيو سام تو،
دل ٺار نيڻن نام تو.
ڪر مهر مون تي مصطفيٰ.

[b](3) ڪافي:
[/b]ڪافي سنڌ جي جهوني صنف آهي. سنڌي شاعرن وايون ۽ ڪافيون جوڙي سنڌي شاعري ۾ خوب ڪمال ڪيو آهي. حمل فقير جي ڪلام ۾ 6 سنڌي ۽ 1 سرائڪي ڪافي آهي. ڪافين جي سٽاءِ، موضوع ۽ پيش ڪرڻ جو طريقو ڏاڍو نيارو ۽ پيارو آهي. هي سرائيڪي ڪافي بهترين آهي.
سانون شوق مچايا شور، شور وے لوڪو،
سانون شوق مچايا شور.
رانجهــے جيها اور نه ڪوئـــے، هي محبوبان دا مور،
سانون عشق مچايا شور.
سنڌي ڪافيون سريليون ۽ رسيليون آهن. حمل فقير جي هي ڪافي برهه جي بار سان ڀريل آهي.
موٽ مڍا منٺار، يار، تو لئه ساهه سِڪي ٿو،
ساجن توڙي سپرين، برهه آيا سربار،
حمل هر دم ٿو گهري، تنهنجو دوست ديدار.
سر مارئي واري هي ڪافي ڪلاسڪي رنگ ۾ رتل آهي وطن کان وڇڙيل مارئي جي اندر جو آلاپ آهي.
”آهه اندر منجهه اُڪير، عمر مون کي ماروئڙن جي.“
حمل فقير جي ڪافين ۾ رنگ آهي، ترنگ آهي، لئي آهي ۽ موسيقي به آهي.

[b](4) غزل:
[/b]حمل جي ڪلام ۾ 3 غزل شامل آهن. 1 غزل سنڌيءَ ۾ ۽ 2 غزل هندوي ۾ آهن. اُهي مٺن ٻولن وارا غزل آهن. اُنهن ۾ گهرائي ۽ سنجيدگي ناهي. اُنهن ۾ هلڪو هلڪو ترنم ضرور موجود آهي. سنڌي غزل جي هن شعر ۾ مجازي حسن جي خوب ساراهه ڪيل آهي.
لعل لب لالن سندا، لک لعل تنهن مؤن لعل ٿيا،
سادي لالي لبن قربان ڪئين مرجان جان.
هي هڪڙي هنڌي غزل جو شعر پڙهو:
دين دنيا، عيش عشرت، اس ڪــے دل سون اُترے،
جس سخي ساقي ڪا هاٿون پر پيا ہے جام دِل.
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي لفظن ۾ ”سنڌي خواهه ريخته هندي ۾ نسبتاً جديد رنگ جا غزل موجود آهن.

[b](5) چار تڪا بيت:
[/b]مولوي لطف علي نئين قسم جا بيت جوڙيا جن کي ”دوهرے دهڙے “ يا ٻٽا ڏوهيڙا چئبو آهي. ٻن ڏوهيڙن کي جوڙي هڪ چئن هم قافيا سٽن وارو بيت ٺاهيو ويو. اُنهي بيت ۾ ترنم دلپزيري ۽ موسيقي جو جادو سر چڙهي ڳالهائي ٿو. حمل فقير به چئن هم قافيا سٽن وارا بيت جوڙيا آهن. انهن ۾ حقيقيت ۽ هدايت وارا يبت خوب آهن.
خودي خدا نون مول نه ڀاندي، خودي خدا تون پلي،
خودي ڪيتي، خراب ڪيتي، گئي بخت الريٰ دي تلي،
خودي جيهي خطا نه ڪائي، مارخودي لون کُلي،
حمل حب حقاني هووي، ڇوڙ خودي خود ملي.
هي چئن هم قافيه سٽن وارو بيت صنعت تجنيس جو بيمثال مثال آهي.

[b]حمل فقير جي سرائڪي شاعري:
[/b]حمل فقيري جي سنڌي شاعري بيمثال آهي ته سندس سرائڪي شاعري به پنهنجو مٽ پاڻ آهي. حمل جو سرائڪي ڪلام هڪ کلي دل ۽ تيز دماغ واري شاعر جي اندر جو آواز آهي، روح جو راڳ آهي. هن جو سرائڪي ڪلام هر رنگ ۾ رنگيل آهي. اُن ۾ پيار بيشمار آهي. ترنم جي رم جهم بوند بهار آهي، اُن جي رفتار ڄڻ ڪا سنڌو جي ڌارا آهي ۽ موسيقي موهن جي مُرلي جي گونجار آهي.
حمل فقير جي سرائڪي شاعري فطري آهي. اُها مصنوئي ناهي اُها انساني جذبن ۽ احساسن جي بي معنيٰ راند ناهي. سچ پچ اُها انساني جذبن، تجربن ۽ آدرشن جو کليو ۽ فطري اظهار آهي. جيڪو پڙهندڙن کي ڀرمائي ٿو ۽ گرمائي ٿو. حمل جي سرائڪي شاعري جا موضوع نوان ۽ نرالا آهن. مرشدن جي عقيدن سان ساراهه، نصيحت ناما، ٽيهه اکريون، هير ۽ سندس ماءُ جا سوال جواب التجا به حضور محبوب، قادر جي قدرت، هير ۽ سندس مجاز، عشق، دلبر جو حسن، سڄڻ جا ماڻا، مجازي عشق جون مهميزون، مزاح وغيره. حمل جي لعل لنواري جي مدح کي پڙهو ۽ سرور حاصل ڪريو.
واه محبوب مڪمل مرشد، حامل لطف رباني،
لائق لعل لنواري دا شهه نقشبندي نوراني،
نصيحت نامي جي نڪتن مان ڪجهه پرايو.
ڪر ڪجهه ياد خدا ڪُون بندا، ڇوڙ دنيا دا ڪوڙا ڌنڌا،
حرص، هوس دا تاڙ نه ڌنڌا، ڪر گهن ڪجهه تون نيڪ عمل،
اها عمر نه آسي وَل.
”در بيان خطاب والتجا بحضور محبوب“ دکي دل جو درد ڀريو ترانو آهي.
الف آءُ سهڻا جاني، يار ميرا،
گل لڳ ڪرون مٺيان ڳالهيان جي،
اسان ٻاجهه آرام حرام هيا،
تڏهين تون ڏي، تون آ يار.

[b]هير ۽ سندس مجاز جو روپ ڏسو:
[/b]رانجهو راضي، تان رب راضي، ميڏي پيش رانجهن لُڪ آزي،
روز الستي عشق اسا دا، ماهي نال مجازي،
کيڙا خوني خللي، ميڏا ماهي نيڪ نمازي،
حمل هميشه حيات رانجهو رب، ڏيوس عمر درازي.
دلبر جي ديدار جون برڪتون ڏسو:
”دلبر دا ديدار ڏٺي، ڪل درد الم، غم دور ٿيون،
حوران، پريان ديک حسن، سڀ چٽپٽ سي چڪچور ٿيون.“
”سه حرفي دربيان خطاب والتجا بحضور محبت“ ۾ عشق ۽ عمل جي لڙائي کي ڪهڙي نه سهڻي نموني نڀايو ويو آهي.
جنهن جي سڪ سانون، سوئـــے آءُ مليا،
هڻ ڀڄ، پَٽي پَٽـــے سڀـــے سڀي ڀولڙ ــے ڀي،
حمل، اسان وصال بحال ٿيا،
ڳـــے وچ والـــے رنج رولڙے ڀـــے.
مجازي دلبر جي حسن جي تعريف لاجواب آهي. ڇا تشبيهون آهن، ڇا محاورا آهن.
منهه مسجد، محربا ڀرون، وچ نين ديوي ڏون ٻلدي،
سهي ڪيتو سي سجدا انهين وچ اصلون روز ازل دي،
محبت، ڏينهن ميثاق لڳي هيئون عاشق اڄ ڪلهه دي،
حمل هر اک دم جو ساڏا، قاصد هِن پل پل دي.
غير زميوار نوجوان جي اعمالن کي مزاحيه رنگ ۾ پيش ڪيو ويو آهي.
ڏنگي ٽور تين پٽڪا ڏنگا، هٿين پنج ڇهه ڇلي،
ڪڍ ڪڍ پٽوين تين وٽ ڏيندے اُبتـــے پيچ اوَلـــے،
آڪڙ شاڪڙ نال شهر وچ ٽوٽ ٽُرن ڪر ٽلي،
طرے ڇوڙ ٽڙان تـــے کڙدے گانڊو ڪر ڪر گلـــے.
حمل جي سرائڪي شاعري ۾ سڀ رنگ موجود آهن، ساراهه جو رنگ، پيار جو رنگ، انتظار جو رنگ، ديدار جو رنگ، کل خوشيءَ جو رنگ. حمل جي سرائڪي شاعري ڄڻ زندگي جا گيت ڳائيندي نظر اچي ٿي.
حمل جو اسلوب بيمثال آهي. اُهو سريلن ٻولن، سريلين تشبيهن ۽ پيارن محاورن سان سينگاريل آهي ۽ سڌو دل تي اثر ڪري ٿو. حمل جو اسلوب نه رڳو هن جي شاعري جو تاج آهي، پر سنڌي شاعريءَ جو هار سينگار به آهي. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي لفظن ۾ ”حمل جي شاعرانه اسلوب ۾ وڏي لچڪ آهي.“ اُن ۾ اُڇل به آهي جيڪا سوين سير ڪرائي من کي موهيو ڇڏي.
حمل فقير جي سرائڪي شاعري دل کي ڇهڻ واري آهي. خوبصورت لفظ، اُنهن جي خوبصورت پيش ڪش ۽ قافين جي فنڪارانه ادل بدل روح کي ريجهائي ٿي. ڪٿي خوشيءَ جا خزانا آهن، ڪٿي جدائي جو درد آهي. ڪٿي ملڻ لاءِ آزيون نيزاريون آهن، ته ڪٿي وصل جي وائي آهي. سندس ڪلام ۾ زندگيءَ جا سڀ رنگ سمايل آهن. هن جي سرائڪي شاعري لاجواب آهي، لازوال آهي.

[b]حمل جي عوامي شاعري:
[/b]عوامي شاعري ڌرتي ڄاول ماڻهن جي شاعري آهي اُها انساني جذبن ۽ احساسن، سوڇ ۽ لوچ، جدوجهد ۽ جاکوڙ، آرزوئن ۽ آدرشن، هار ۽ جيت ۽ اڻ ڪهيل ارمانن جي اصلي ۽ فطري شاعري آهي. عوامي شاعري عام ماڻهن جي جزبن ۽ احساسن جي سولي، سليس ۽ سلوڻي ٻوليءَ ۾ ظاهر ڪرڻ جو نالو آهي. عوامي شاعري جا موضوع سادا ۽ سچا هوندا آهن، اُنهن جو اظهار اُنهن جي لاءِ زندگي کي سمجهڻ، اُن تي عمل ڪرڻ ۽ زندگي جي ترجماني ڪرڻ آهي.
حمل فقير هڪ مستند عوامي شاعر آهي. هن جا موضوع عوامي آهن ۽ هن جي ٻولي به عوامي آهي. عوامي شاعري جو واسطو عام ماڻهن سان آهي. عام ماڻهو هلن ٿا، ڪرن ٿا، وري اُٿن ٿا ۽ رڙهندا، جهرندا، سور سهندا، مصيبتن جو مقابلو ڪندا اڳتي وڌن ٿا. فتح يا هار انهن جي لاءِ بي معنيٰ آهي. جدوجهد اُنهن جي لاءِ سڀ ڪجهه آهي. ”سرسسئي“ ۾ سسئي هڪ نرٻل ۽ نازڪ نار هوندي به پنهون کي ڳولڻ لاءِ سوين سور سهي ٿي هزارين مصيبتن جو مقابلو ڪري ٿي پر واپس نٿي موٽي.
سرتيون سڀيئي، وچون واٽ وري ويون،
حمل هلي هيڪلي، سسئي سر ڏيئي،
کڻي پير پنهل جو پٺي تن پيئي،
وڃڻ کي ويئي، موٽي موٽي ڪينڪي.
حمل فقير سادن ۽ سولن لفظن جي ذريعي سنڌ ڄائي سسئي جي بيمثال جرئت جو ڪهڙو نه چٽو نقشو ڇڏيو آهي. سنڌ جا عام ماڻهو جيءَ کي جوکي ۾ وجهي اڳتي هلندا رهندا آهن. هي عوامي شاعري جو انمول انگ آهي.
سنڌي ماڻهو وطن ڄايا آهن ۽ وطن انهن جي لاءِ سڀ ڪجهه آهي. هو وطن کان دور ٿي سور سهندا آهن، پر وطن کي وسارڻ اُنهن جي لاءِ موت برابر آهي ٿر ڄائي مارئي جو به اهو ئي حال آهي. عمر ڪوٽ ۾ قيد هوندي به هن کي وطن ۽ وطن جي هر شيءِ هر وقت ياد آهي.
حمل حُب وطن جي، اندر روح رهي،
ساکي رب صحي، دليون ويڙ نه وسري.
مارئي ٿر جي ماڻهن، اُتي جي جانورن، وڻن ٽڻن، گاهه ولين، ڦلن ڦولن ۽ ويس وڳن کي ساريو چئي پيئي.
عمر اباڻي پار ڏي، لاک رتيون لويون،
ستي ويٺي ساريان، لاکيون جي لويون،
سڀئي پيارن پاڻ ۾، لوڻ لسي لويون،
لويون، هاڻي هت حمل چئي.
ماري جي وطن جي حُب کي سادن ۽ سلوڻن لفظن ۾ بيان ڪري حمل عوامي شاعري جي ساک ڀري ٿو. عوامي شاعر جو جيترو ملڪو ٻولي ۽ اُن جي اظهار تي هوندو، اُن جي شاعري به اوتروئي اثر ڇڏيندي.
ڪانگل سنڌ جو عام پکي آهي. حمل اُن کي سادن ۽ سولن لفظن جو جامو پارائي، اُن کي قرب جو قاصد بنائي ڪمال ڪري ڏيکاريو آهي. ”سر ڪانگل“ حمل جي عوامي شاعري جو سينگار آهي.
ڪانگل چئج قريب کي، نيئي نياپا،
چئجان چڱيان ڪري، ڏيئي ڏوراپا،
سٽيم تو ساجن لئي، سڱ ۽ سياپا.
جيءَ جا، جياپا، هيڪر آءُ حمل چئي
پنهنجي ارمانن کي سادن ۽ سولن ٻولن جي ذريعي ظاهر ڪرڻ عوامي شاعري، جي خاص خصوصيت آهي.
ٽڪر ساڻ ٽڪر هڻي ۽ هلان ڪري،
واڪا ڪيون ورائي وڃي ڊرڪي منجهه ڊڪر،
حمل هاڙهي حب جي پٽين پير پٿر،
وهايائين وکر، ڪو سورن سندو ساٿ مون.
سادن ۽ سولن لفظن ۾ سسئي جي ارڏن جزبن جو اظهار ڪري عوامي شاعري جي عوامي رنگ کي پڌرو ڪيو ويو آهي.
حمل فقير ملڪ جي بدليل حالتن جو ڪهڙو نه چٽو نقشو چٽيو آهي.
هئي هئي هئي هئي هاءِ جو محبت ويئي ملڪ مون،
جتي قرب ڪمال هو، تتي لاءِ نه ساءِ،
حمل چئي هن ڳالهه جو، ڪونهي سُڌ سماءِ،
حمل فقير هڪ ”معمي“ ۾ هي خيال پڌرا ڪيا آهن: سادا خيال، سادي ٻولي پر عمده عوامي شاعري.
عجب ڏٺوسي آدمي، دل جو ڌيان ڌري،
ته رزق خاطر راتيان ڏينهان ٿو پيرين پنڌ ڪري،
توڙي هلي تڪڙو، توڙي هلي هري،
تان حمل چئي نه چُري، رهي نيٺو هن هنڌ تي.
حمل فقير عام ماڻهن جي عام جذبن ۽ احساسن کي عام فهم سولي ۽ سلوڻي ٻولي ۾ بيان ڪري عوامي شاعري کي فني پُختگي عطا ڪئي ۽ عوامي شاعري جا ڪيترائي جُزا ٻڌائي عوامي شاعري کي وڌڻ ويجهڻ جا آسان ۽ عمدا راز ٻُڌايا آهن.

[b]حمل جي مجازي شاعري:
[/b]سنڌ ۾ مجازي شاعري جو خالق ميون شاهه عنات رضوي آهي. هن کان پوءِ سنڌ جي ٻئي قادرالڪلام شاعر خليفي نبي بخش لغاري مجازي شاعري کي وڏي مقام تي پهچايو. هن جي مجازي شاعري لاجواب آهي، بيمثال آهي. ڇا هن جو مواد آهي، ڇا هن جي عمده تجنيس هرفي آهي ۽ ڇا اُن جو کليو کلايو اظاهر بيان آهي. هن جي مجازي شاعري سحر انگيز آهي.
حمل فقير جي مجازي شاعري من موهيندڙ ۽ چت چورائيندڙ آهي. هن جي صاف گوئي ۽ خوش طبعي هن جي مجازي شاعريءَ کي چوڏهين جي چنڊ جيان چمڪائي ڇڏيو. حمل مجازي محبوب جي حسن کي خوب ساراهي ٿو.
سهڻي صورت سيرت تيڏي، مٺـــے لب مٺايان،
ڪيا سارهيان!
حوران پريان ديک حسن ســـے شرم ڪنون شرمايان،
ول نه آيان!
سُهڻيان صفتان سڀ تُسان وچ رب رحيم رهايان،
واهه وڏايان!
تيڏي بيت برهه دے بيشڪ، حمل هن هوايان،
عشق اُڏايان!
حمل جو مجازي محبوب حسن جو نادر نمونو آهي. دنيا جي هر شيءِ هن جي ٻانهي آهي، هن جي سلامي آهي. حمل فقير محبوب جي جسماني عضون جو ڪهڙو نه دلفريب چٽ چٽيو آهي.
ڪنڊا نڪ، نين ڪنڊے ڪامل، ڀرون جيهاندے جاڙے،
صورت صاف، سرو قد قامت، نين ڳوڙهـــے، گل ڳاڙهـــے،
چشمان چائين نين چالائين اپني عشق اُماڙے،
ڀالڻ نال ڀلاڙ ے.
حمل محبوب جي ٽور کي به خوب ساراهي ٿو.
عجب جيهي هي ٽور سڄن دي، عجب جيهي هي چال،
عجب نرالي.
محبوب جو حسن زوراور آهي:
دم دم دوست سڄڻ دا، حسن ڪريندا هلان،
ڪيڪر هلان.
محبوب جو حسن ماري ٿو ۽ وري جياري ٿو ۽ دل جون راهون روشن ڪري ٿو. سڄڻ جا ماڻا ۽ ادائون چت چورائي عاشق کي ڪنگال بنائي ڇڏن ٿيون.
”هس ڳيا، دل کس ڳيا، بيوس ميري دل هوئي،
حمل هُڻ محبوب بنان، ٻيا ڪو نه ڪري دلجوئي.“
مجازي عشق به ڪو گهٽ ڪونهي، اُهو رلائي ٿو ڦاسائي ٿو ۽ بنان موت جي ماري ٿو.
”مار مجازي موگاڪيتا، نيڻان نيند نه آؤندے،
رات ڏينهان آرم نهين، دل غم وچ غوطــے کوندے،
گل گلاب اَنون منهن تيڏے ڀنوَر وانگو پئي ڀوندے،
حمل هُڻ سِڪ سانڀان ڪِٿان نهين اندر وچ مؤندے.“
حمل فقير هڪ عجب انسان آهي، مجازي عشق جي عام احساسن، تجربن ۽ جذبن جي ڪهڙي نه کلي اپٽار ڪري، هر دل کي هيران ۽ پريشان ڪري ڇڏي ٿو. مجازي عشق کي کولي بيان ڪرڻ ۾ حمل ڪا هٻڪ مخوصص نٿو ڪري.
”ستـــے لوڪ سڄڻ گهر آيا، نال ٻُڪل دي ٻُڪ ڪر، لوڪون لُڪ ڪر،
ڇُيد ڇُٻد، ٻيهندا آيا، ساهه سمورا سُڪ ڪر، لوڪون لُڪ ڪر،
ٻاجهه ڪنون آ ٻيٺا ميڏي جهولي دي وچ جهڪ ڪر، لوڪون لُڪ ڪر.“
حمل فقير مجازي عشق جو راڻو آهي. ڪانا تر هن کي دوکو نٿي ڏيئي سگهي. ڪي طلسمي شينهن هن کي ڊيڄاري نٿا سگهن. هو همت ۽ حوصلي سان هلندي مومل ماڻي ٿو. حمل فقير وسيع النظر شاعر جي حيثيت ۾ مجازي عشق جي حد مقرر ڪري ڇڏي آهي.
حمل چئي جو ويهي ڪيم سوچ ويچار،
ته دل لڳي دوستي جو، ڇا ملهه آهي مقدار؟
تان اندر مان عقل چيو، نڪتو هي نروار،
جي لڳي ته لک هزار، ٽٽي ته ٽڪو ئي نه لهي.
سچ پچ حمل جي مجزي شاعري ان جي قابليت جو سهڻو ثمر آهي.

[b]حمل فقير جي مزاحيه شاعري:
[/b]مزاح نِگار هڪ ڏاڍو ڏکيو ۽ اڙنگو فن آهي مزاح نگاري، اُهوئي ڪري سگهي ٿو جنهن جو دل ڪشادو هجي، جيڪو خوش طبح هجي، جيڪو خوش گُو هجي، جيڪو بيباڪ ۽ حاضر دماغ هجي، جيڪو عام ماڻهن جي ڪچهرين ۾ شرڪت ڪندو هجي، جيڪو ڪڏهن پاڻ کلندو هجي ۽ جيڪو ڪڏهن ٻين کي پاڻ تي کلڻ جو موقعو ڏيندو هجي. کل ڀوڳ، سچ پچ، هڪ صحت بخش خوراڪ آهي. اُها دل ۾ سانڍيل ڪاوڙ، نفرت ۽ ڪدورت کي کِل ڀوڳ رستي خارج ڪري، هن کي نفسياتي طرح صحتمند رکي. مزاح ناڪاري شيءِ ناهي، اُها حقيقتاً هاڪاري شيءِ آهي، جيڪا انساني دل کي نقصان ڏياريندڙ اثرن کان آجو رکي ٿي ۽ هن کي عام ماڻهن جي ڪچهرين ۾ وهڻ لائق بنائي ٿي.
مزاح انساني اوڻاين کي پڌرو ڪري، اُنهن کي کل ڀوڳ جي ذريعي سُڌارڻ جو نالو آهي. مزاح اهڙو موثر فن آهي جو انساني ڪمزورين جو نفسياتي علاج ڪري اُن کي صحتمند بنائڻ ۾ مدد ڪري ٿو. صحيح مزاح نگار اُهو آهي، جيڪو خوش طبع ۽ خوش گو هجي. جيڪو همدرد ۽ رحمدل هجي، جيڪو برداشت جو مادو رکڻ وارو هجي ۽ جنهن جي دل حسد، نفرت ۽ ڪدورت کان آجي هجي.
شمس الدين بلبل جو دور مزاح نگاري جو دور هو. هن دور ۾ ڪيترائي مزاح نگار شاعر پيدا ٿيا ۽ اُنهن پنهنجي فن کي چمڪايو. يڪدم پوءِ اسان جي مزاح نگار شاعرن شرافت جون حدون لتاڙي ڇڏيون. محمد هاشم مخلص ۽ هن جي ساٿي شاعرن هڪ ٻئي تي حملا ڪرڻ شروع ڪيا، هڪٻئي کي گاريون ڏيئڻ جو بازار گرم ڪري ڇڏيو. ساٿين جي ذاتي خامين کي ظاهر ڪري هڪ ٻئي جي ڪردار ڪوشي ڪئي. اهڙن شاعرن مزاح نگاري ۾ گار گند، ڪردارڪشي، عرياني ۽ بيهودگي ڀري، وڏو اخلاقي ممڻ مچائي ڇڏيو.
حمل فقير کي مزاحيه شاعري ڪرڻ جي لاءِ ڏاڍو ڏکيو وقت مليو. ائين لڳي ٿو ڄن قدرت حمل کي اهڙين حالتن ۾ مزاح نگاري ڪرڻ جي لاءِ خاص خلقيو. حمل رلڻو ملڻو انسان هو. هو حاضر جواب ۽ بيباڪ هو. هو خوش مزاح ۽ خوش طبع انسان هو. هن وٽ برداشت جو وڏو مادو هو. هو هڪ کلمک ماڻهو هو. هو هر وقت ذاتيات کان مٿاهون رهڻ وارو هو. حسد، نفرت ۽ ڪدورت خا قطعي آجو هو. اِهي حمل جا پيدائشي گُڻ هيا جن هن کي هڪ تعميري ۽ صحتمند مزاح نگار بنايو.
حمل فقير جي مزاح نگاري جو شڪار ڪو خاص ماڻهو نه هوندو هو. هو انساني خرابين ۽ براين کي خاص فني انداز ۾ عيان ڪندو هو، جو ڪنهن کي به بُرو نه لڳندو هو. حمل البلن ۽ اڙٻنگ انسانن تي کلندي خوب چوي ٿو:
”البيلا اڙٻنگ، خيال وڏي سان خان هئا.“
جوڀن بيدل عاشقن کي خوب سنائي ٿو ۽ انهن جو مذاق اُڏائي ٿو
”هئـــے وے جوڀن جاڙ ڪيتوئـــے، ڇوڙ ڪر تنين ڇوڙ ڳيون،
ڄاتمِ چلين توڙ ٺوڻـــے، هر پار ٻاراڻـــے ٽوڙ ڳيُون،

لوهه ڪنون لڱ ڏاڍے ســـے ڪر هيڻـــے هڏ اکوڙ ڳيُون،
همت، هشمت، حال حسن ڳئي، ماس هڏان تون روڙ ڳيون.“
بي عقل عاشق جوڀن ۾ ڄاڙون سهن ٿا ۽ هر شيءِ وڃائي روئندا رهن ٿا. طنز تکي آهي پر انداز بيان اُنکي برداشت ڪرڻ تي آماده ڪري ٿو.
حمل فقير غير ذميوار نوجوانن جو خوب مذاق اُڏايو آهي. هو ڪجهه به نٿا ڪن، نڪو ڪمائن ٿا ۽ نه وري گهروارن جي ڪا مدد ڪن ٿا. هو ڏنگي چال چلن ٿا، مٿي تي ڏنگا پٽڪا پائين ٿا ۽ آڱرين ۾ ڇَلا پائي رُلن ٿا، خوار ٿين ٿا.
”زالا اڳون زور ســـے ڏاڙهي، گُوند مرينديان کلـــے،
منتان ڪر ڪر ماءُ، ڇڙيندے اگهه اگهه اکيان ملـــے،
گهر وچ کلا، بُجا، ٻاهر شير بهادر بلـــے،
حمل جنهن گهر حال اِهو سو اک ڪيهين گهر هلـــے.“
مزاح جو اهڙو انداز بيان حمل کان سواءِ ٻيو ڪو به شاعر اختيار نٿو ڪري سگهي.
غير ذميوار عورتن جو ڪهڙو نه چٽو ۽ طنز آميز نقشو ڇٽيو ويو آهي.
”ڪچي ڪامڻ، خوب خوشالي، چٽي چٽي بال کلي،
چولا پائلـــے، پيٽ وکالـــے، اڳٺ دکـــے ول ڍلـــے،
هر ڪهين نون ”ادا“ سڏيندي، ڀاڪر پا پا ملـــے،
حمل نهين زالون گڏ ڀلي جا ٻڌي نال نه ڪلـــے.“

حمل ”سلکڻي (سلڇڻي) ۽ ڪُلکڻي (ڪُلڇڻي) زال جو ڪهڙو نه مزاحيه نقش چٽيو آهي.
”ڪائي ڪائي نار سُهاڳڻ، وَرَ دے ڳارے ٻڌي،
ڪتتتي ويندي، ڀرت ڀريندي، خبر دار هُنر دي،
جي وِتَ وارث، ور جهيڙيندا، ڪندو نه ڇڙنيدے گهر دے،
حمل نماڻي ڪيا ڪرے، جو هي گهرانـــے گهر دے.“
*-*-*
”ڪائي ڪائي زال ڪُلکڻي، طبع جنهن جي کٽي،
اوڙي پاڙي، جهيڙا جهٽا، چئون طرفون سي حٽي،
ٽوڻي، ڦوڻي، گهر ڳنهندي منهن ڪون ٻيٽي وَٽي،
حمل جي پرتي، نه رٺلن جيهي، جي رُٺي ته ڀونڊڻ مِٽي.“
حمل هڪ خير خواهه ۽ همدرد مزاح نگار آهي. هن جي مزاح نگاري حسد، ڪدورت ۽ ڪميڻپائي کان سوين قدم دور آهي. هو کِلي، کلائي انساني اوڻايون دور ڪري ٿو ۽ صحتمند معاشري بنائڻ لاءِ وڏي مدد ڪري ٿو.

[b]حمل فقير جي شاعري جون خوبيون:
[/b]حمل فقير فني طرح هڪ ڪامياب شاعر آهي. هن جون فني خوبيون سندس اسلوب، اهڃاڻ ڪاري، صنعت تخنيس ۽ موسيقي جي ميدان ۾ نمايان طور نظر اچن ٿيون.
(1) حمل فقير جي شاعري جي پهرين خوبي آهي سندس من موهيندڙ ۽ پُر اثر اسلوب، هن جي اسلوب کي جيڪي شيون سينگاري بيٺيون آهن سي آهن سادي سلوڻي ٻول مالها (Poetic Diction) نين ۽ نرالين تشبيهن ۽ محاورن جو فنڪارانه استعمال، لفظن ۽ لئي جي بيمثال جڙت ۽ کُلي دل سان لفظن جو اظهار ڪرڻ. ”سر بروو سنڌي“ جو هي بيت سندس اسلوب جي ساک ڀري ٿو.
”سرتيون، منجهه صبوح ٿي، دعا گهريم جنهن دوست لئيه،
اجهو آيو مون پرين، رڳن ڀيڙو روح،
وري ٿيم وروهه حمل هوت حسين سان.“
(2) حمل فقير جي شاعري جي ٻي خوبي آهي موسيقي. حمل پنهنجي چونڊ (لفظن کي لئي سان ملائي، سُهڻين تشبيهن سان سينگاري، رفتار ۽ رواني ڏيئي اهڙي ته فنڪارانه ترتيب ڏئي ٿو جو لفظ ڳالهائڻ لڳن ٿا ۽ سُر ٻُري ٻاهر نڪرن ٿا. شاعر پنهنجي شاعرانه ترتيب سان موسيقي پکيڙي، روح کي ريجهائڻ جو ذريعو بنائن ٿا، داستان ستون جي فصل 6 جوهر سريلو شعر ۽ اُن جو هر لفظ موسيقي جا آلاپ آلاپي ٿو ۽ روح کي خوش ڪري ٿو.
سهڻا يار سلوڻا، ڪجهه تان مهر ڪيون مُڙ ڀالو ڀي،
گهونگهٽ کول غريبان ڪو ڪجهه مُکڙا عجب وِکالو ٻي،
ڪر ڪر واعدي ورهيه ڳئي، ڪو سخن پيا تان ڀالو ڀي،
دردمندن ڏُنھ چشمان پا ڪجهه ديکه دک ٽالو ٻي،
لاهه حجاب حمل سون ٻهه ڏُون چار گهڙيان گڏ پالو ڀي.
(3) حمل فقير جي شاعري جي ٽئين خوبي آهي بيباڪي، حمل کي جيڪا به ڳالهه ڪرڻي هوندي آهي، اُها بنان ڊپ، ڊاءُ ۽ حجاب جي کُلي دل سان چئي ڏيندو آهي. هن بيت ۾ حمل مجازي محبوب سان ڳجهي ملاقت جو ذڪر ڪري، ڪمال ڪاريگري سان هي عمدو عڪس نروار ڪيو آهي.
”سوتـــے لوڪ، سڄڻ لنگهه آيا، نال ٻوڪل دے لُڪ ڪر،
لوڪون لُڪ ڪر.
ڇيدا ڇهندا، ٻهندا آيا، ساهه سمورا سُڪ ڪر،
لوڪون لُڪ ڪر.
ٻاجهه ڪَنُون آ ٻيٺا ميڏے جهولـــے دي وچ جهڪ ڪر،
لوڪون لُڪ ڪر.
حمل ڪُون ڳل لاءِ، ڳر هٽيان پاءِ ول ڄُڪ ڪر،
لوڪون لُڪ ڪر.
(4) حمل فيقير جي شاعري جي چوٿين خوبي آهي صنعت تجنيس جو لاجواب استعمال، سُر سارنگ جو هي بيت صنعت تجنيس جو سچو ۽ سُريلو ثبوت آهي.
”هُند ٿي منڊل وڄيا، آڙنگ ڪيو اَسمان،
وري ويس وسڻ جا، سارنگ ڪيا سامان،
آيو اُتر پار ڏونھ، ڳوڙ ڪري گهمسن،
هو جي ورهين جا ويران، سي مولا ملڪ وسايا.“
تاج جويي پنهنجي ڪتاب ”باهيون بيراڳين جون“ ۾ چوي ٿو ته حمل فقير جي شاعري جي فني خوبي آهي اُهڃاڻن جو استعمال. حمل فقير روايتي آهڃاڻن کي ورجائي سنڌي شاعري ۾ نواڻ آندي آهي. ائين لڳي ٿو ڄڻ حمل جي اُنهن اهڃاڻن جديد سنڌي شاعرن کي اهڃاڻڪاريءَ طرف متوجه ڪيو آهي.

[b]حمل فقير جا ادبي ڪارناما
[/b]حمل فقير سنڌي ۽ سرائڪي ٻولين جو وڏو شاعر آهي. هو لوڪ شاعر به آهي، سُگهڙ شاعر به آهي ۽ علمي شاعر به آهي. هن جي شاعري جا هي ٽي رنگ لاجواب آهن، جيڪي هن کي سنڌي شاعري ۾ اوچو مقام ڏيارڻ جي قابل بنائي سگهن ٿا. هن ڪيترائي ”تجربا ڪيا، ۽ ڪيتريون ئي ادبي ايجادون برپا ڪري سنڌي شاعري کي خوب سنواريو ۽ سينگاريو آهي.
حمل فقير جو هي وڏو ادبي ڪارنامو آهي، جو هن سگهڙ پائي جي فن ۽ شاعري جي فن کي پاڻ ۾ ملائي سنڌي شاعري ۾ وسعت پيدا ڪئي آهي ۽ پوين سنڌي شاعرن لاءِ نيون راهون روشن ڪري ڇڏيون آهن.
حمل فقير سُر وار بيت سر جي بيت جي صنف کي ٻيهر جياريو آهي. هن سسئي، مارئي، سهڻي، مومل، سارنگ، ڪانگل ۽ بروو سنڌي جي قصن ۽ داستانن کي دهرائي سنڌي شاعري ۾ ڪلاسيڪي رنگ ڀريو آهي ۽ پوين شاعرن لاءِ وسيع ميدان تيار ڪيو آهي.
حمل فقير سرائڪي شاعري جي هڪ صنف ”دوهرے دوهڙے“ (ٻٽا ڏوهيڙا) کي سنڌي شاعري ۾ رائج ڪيو آهي. ٻٽن ڏوهيڙن مان حمل چئن هم قافيا مصراعن وارو بيت سرجي وڏي ادبي خدمت ڪئي آهي. چار سٽا بيت اسان جا اڄوڪا شاعر به لکي رهيا آهن ۽ داد حاصل ڪري رهيا آهن، پر انهن جون چارئي مصراعون هم قافيا ناهن. حمل چئن هم قافيا مصراعن واري بيت جو سرائڪي شاعري ۾ خوب استعمال ڪيو آهي.
حمل فقير جون تشبيهون ۽ محاورا لاجواب آهن. حمل جو مشاهدو ڏاڍو تيز آهي. هو هڪجهڙين شين جو غور سان مشاهدو ڪري اُنهن مان نيون تشبيهون جوڙي، پنهنجي شاعري کي ايئن سينگاري ٿو، جيئن ڪا سُهاڳڻ نو لکو هار پائي پنهنجي سهاڳ کي سنواريندي آهي. حمل جي شاعري ۾ هزارين تشبيون ۽ محاورا موجود آهن. جيڪي اصلي آهن، فطري آهن. اُهي تشبيهون ۽ محاورا شاعر جي فني خوبين کي ظاهر ڪن ٿا ۽ هن جي ذات ۽ ڏانءُ کي سمجهڻ ۾ مدد ڪن ٿا.
حمل گهڻن شعري صنفن جو استعمال ڪري ڌوم مچائي ڇڏي آهي. هن مدح جي صنف کي اوچي مقام تي پهچايو آهي. هن جي هڪ ڊگهي مدح ”ڪر مهر تون ئي مصطفيٰ“ لکي ڪمال ڪيو آهي. هن مدح ۾ چئن مصراعن وارا 81 بند چيا آهن. اهڙي ڊگهي مدح ٻئي ڪنهن به سنڌي شاعر نه رچي آهي.

[b]حمل فقير جو اسلوب:
[/b]ڪو به اديب يا شاعر پنهنجن جذبن، احساسن، ويچارن ۽ تجربن کي مفيد ۽ ڪارآمد بنائڻ جي لاءِ ڪي اديب ۽ فني طور طريقا استعمال ڪندو آهي، انهن کي اسلوب چيو ويندو آهي. عام طور اسلوب کي اندر جو آواز سڏيو ويندو آهي. اهو سؤ في صد سچ ڪو نه آهي. ڪو اديب يا شاعر پنهنجو پاڻ کي ظاهر ڪرڻ جي لاءِ يا ته صرف مروج ادبي ۽ فني طور طريقا استعمال ڪندو آهي يا وري نوان طور طريقا گهڙي پنهنجي انفراديت کي قائم رکندو آهي. اهڙي نموني اسلوب هن جي سڃاڻپ بنجي ويندو آهي. حمل فقير جو اسلوب هن جي ڏات، ڄاڻ ۽ ڏانءُ جو بيمثال اظاهر بيان آهي. هن جا موضوع پيارا، هن جا عنوان اکيون ٺارڻ وارا ۽ هن جو البيلو اسلوب هن جي شعور جو اوچو آواز آهي. حمل ۽ هن جو اسلوب بيان ٻئي هڪ آهن. انهن کي هڪ ٻئي کان ڌار نٿو ڪري سگهجي.
حمل جي سنڌي شاعري ”سنڌي صاف زبان“ ۾ رچيل آهي. هن جي اها دعويٰ آهي ته:
”اول صفت الله سندي ٿو ساراهيان سبحان،
بعد تنهين تاريخ چوان ٿو سنڌي صاف زبان.“
بيشڪ حمل جي شاعري جي سنڌي زبان صاف آهي، سولي ۽ سلوڻي آهي ۽ ماءُ جي ٿڃ جيان پاڪ ۽ مٺي آهي. حمل جون تشبيهون، هن جا محاورا ۽ اُنهن جو فنڪارنا اظهار سندس ٻولي جو سينگار آهن. هن جو اسلوب بيان فطرت ۽ زندگيءَ جو آواز بي اختيار (Spontaneous) آهي.
”دلبر دا ديدار سدا، دل رات ڏينهان پئي منگـــے،
رب ڪنون ٻيا مول نه مگـــے.“
حمل جو اسلوب هڪ اِلاهي نعمت آهي، جيڪا دل، دلبر ۽ رب جي مرضي مطابق هلي ٿو. ڳالهيون ڪري ٿو ۽ قلب کي قرار ڏيئي اُن کي مسرور ۽ مخمور بنايو ڇڏي ٿو.
حمل جي اسلوب جي خاص خوبي آهي، بيشمار تشبيهون ۽ محاورن جو استعمال. هن جون تشبهون سهڻيون آهن، من مهڻيون آهن. اُنهي ۾ سمايل معنيٰ جا موتي بي بها آهن. محبوب جي منهن کي عام فهم شين سان ڀيٽي ڪهڙو نه جلوو ڏيکاريو ويو آهي.
”منھ مسجد، محراب ڀِرون، وچ نين ڏيوے ڏُون ٻلدے،
صحيح ڪيتو ســـے سجدا اُنهين وچ اصلئون روز ازل ادے،
محبت ڏينهن ميثاق لڳي هيون عاشق نه اڄ ڪلهه دے،
حمل هر هڪ دم جو ساڏا، قاصد هن پل پل دے.“
حمل جي اسلوب جي ٻئي خوبي آهي ترنم، حمل کي لفظن کي استعمال ڪرڻ جي وڏي مهارت حاصل آهي. هڪ جاءِ تي خود پاڻ چوي ٿو.
”مدح مبارڪ جوڙيم، پوتم داڻـــے در عدن دے.“
ڪڏهن ڪڏهن هم آواز لفظ استعمال ڪري حمل هر مضراع ۾ اندروني ترنم پيدا ڪري ٿو.
”غم، وهم، الحم، اسان ڏا لڳ ڀڳ سڀ اُلوڙ گيون،
ڪنون آس، اُداس پياس پيا رت ماس هڏان تون ڀي روڙ ڳنون.“
حمل جي عبارت جي ٽئين خوبي آهي، صنعت تجنيس جو عمدو استعمال. هو لفظي پوچ ۽ جڙاءُجو وڏو ماهر آهي. اُنهي ڪري هڪ هڪ لفظ مان انيڪ معنائون نروار ڪري، خوب رنگ رچائي ٿو.
گليان تڪ تڪ، گليان دلبر، ڪڏان آئوسين اِس ڳليان،
ڦيرے ڪر ڪر ٽوڙيم ڳليان.“
ڳليان لفظ جون الڳ الڳ معنائون ڏيئي خوب ڪمال ڪيو آهي. حمل صنعت تجنيس کي استعمال ڪري ڪهڙو نه رنگ رچايو آهي.
”مان سام آهيان، مان سام آهيان جا ڪام ڪري ڪم خان ميان،
مان طعام، اهي ماتام کايان، ما تام ڀانيان هي طعام، ميان،
آ جام ڪريون، آ جام ڪرين، هي ڄام ڪهڙا، آ ڄام، ميان.“
هڪڙي هڪڙي مصراع ۾ گهڻا گهڻا قافيا استعمال ڪري صنعت تجنيس جو سهڻو مثال پيش ڪيو آهي.
حمل موضوع جي مطابق زبان استعمال ڪري ٿو. عام موضوع جي لاءِ عام ۽ سادي ٻولي ۽ گهري موضوع جي لاءِ تشبيهن ۽ محاورن سان ڀرپور ٻولي جو استعمال ڪري اسلوب کي موافق ۽ موزون بنائي ٿو حمل فقير جي شاعري”سولي سنڌي سوکڙي“ ۾ ڪيل آهي.
جوڙ حمل تو هيڪڙو، صحبفو محبحا،
جوڙ تون سادي سنڌي واءِ،
سولي سنڌي سوکڙي سمجهڻ سڀني لاءِ.
حمل جي ٻولي سنڌين جي لاءِ هڪ سوکڙي آهي، هڪ اظاهر جو سادو ۽ سلوڻو نمونو آهي، جيڪو اُنهن جي اندر جو احوال معلوم ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿو.

[b]حمل فقير جي شاعريءَ جي اهميت:
[/b]حمل فقير هڪ وڏو سگهڙ شاعر ۽ وڏو علمي شاعر آهي. هن پنهنجي رنگين ۽ حسين عبارت جي ذريعي سڀني کي ڏاڍو متاثر ڪيو آهي. اُهي هن جهڙي موزون ۽ موافق ٻوليءَ ۾ شاعري ڪرڻ کي ترجيح ڏيئڻ چاهن ٿا. حمل فقير پنهنجن استاد شاعر مولوي لطف علي ۽ خليفي نبي بخش لغاري کان گهڻو ڪجهه سکيو. هن اُهو سڀ ڪجهه فراخدلي سان پوين شاعرن کي موٽائي ڏنو آهي. هي حمل جو وڏو ادبي ڪارنامو آهي.
حمل فقير جو ڪلام پنهنجي فني جوبن جي ڪري پوين شاعرن جي لاءِ بهترين نمونو بنجي ويو. حمل مشاعرن ۾ شرڪت ڪندو هو. هن کي هر وقت ڪا مصرع طرح پيش ڪئي ويندي هئي. هو في البديهه شعر پڙهي حاضرين کي محظوظ ڪندو هو. اُنهن مان ڪي شاعر حمل جي راهه تي هلي شعر به چوندا هئا. حمل فقير جو اُنهن تي وڏو اثر هو. اُهي حمل جي نقش قدم تي هلي خوب شاعري ڪندا هئا.
محبوب جي ڪارن وارن کي گهڻن ئي شاعرن ساراهيو آهي، پر حمل محبوب جي وارن جي ساراهه نرالي انداز ۾ ڪئي آهي.
زُلف دراز ميڏے دلبر دے، نانگ سياه هن سُتـــے،
کاوڻ ڪيتـــے، پئـــے ڇهه ماري، پيچ گهتـــے منهن اُتـــے.
حمل جو اهو پنهنجو بيت سنڌ ۾ سرائڪي زبان جي قابل شاعرن جي لاءِ هڪ نمونو بنيو. حمل فقير جي ڪيترن ئي همعصرن جهڙوڪ عرضي فقير ماري، شاهه محمد ديدڙ، نو رمحمد ۽ جان محمد ۽ ٻين حمل جي ڪلام کي سامهون رکي شاعري ڪئي آهي. پير حسن بخش، ميان لال بخش حمل جي سرائڪي شاعري جي سهڻي ۽ سُريلي طرز ڪيترن ئي سُگهڙن کي شاعري ڪرڻ تي آماده ڪيو. سندس سهڻيون طرزون ايترو ته من موهيندڙ هيون جو سنڌ جي شاعرن کان علاوه کاري ۽ لس ٻيلي تائين جي شاعرن حمل جي طرزن جو تتبعو ڪيو. لس ٻيلي جي شاعر نم فقير جو چيل هي بيت حمل جي اعليٰ شاعري جي ساک ڀري ٿو.

دس اساڏا، دلبر دِل دا، جنهن ڏانهن سڪ سچائي،
عجب اهائي.

هار سينگار، اتاهين سرخي، جوڙ چڱي جوڙا ئي،
عجب اهائي.

سونهن، سگهه سرسي ساجن، سا رازق پاڻ رکائي،
عجب اهائي.

جهڙس ڪونهي جڳ ۾ ٻيو ڪو، خاوند قسم خُدائي،
عجب اهائي.

نم فقير پنهنجي دلبر جي ساراهه ڪندي اڻ سڌي طرح پنهنجي دلبر شاعر حمل کي ساراهيو آهي.
حمل فقير جي اهيمت جو اندازو انهي ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو يٿو ته هو هڪ ئي وقت ۾ لوڪ شاعر، سگهڙ شاعر ۽ مقبول علمي شاعر آهي هو هر ميدان ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي، هن جي ڏات ۽ ڏانءُ انهي جي ساک ڀرين ٿا. حمل جي شاعرانه خوبين ۽ شعور کي سندس مجازي شاعري جي رازن ۽ رمزن جاڳائي پڌرو ڪيو. حمل خوش قسمت شاعر هو جنهن کي اُستاد شاعرن جي رهنمائي حاصل ٿي. هن پنهنجين شاعرانه خوبين کي چمڪائي پاڻ کي مقبوليت جي بلند مقام تي پهچايو.
سيد حسام الدين راشدي پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ادب“ ۾ صحيح چيو آهي. ”حمل لغاري سنڌ جو تمام مقبول عوامي شاعر آهي ۽ شاهه صاحب کان پوءِ کيس ئي مقبول بنجڻ جو شرف حاصل آهي. سرائڪي ۽ سنڌي ۾ لاثاني شاعري ڪئي اٿس.“


[b]مددي ڪتاب
[/b](1) ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو. سنڌي ادب جي مختصر تاريخ.
(2) ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ. ”حمل فقير جو ڪلام“ جو مقدمو.
(3) تاج جويو. باهيون بيراڳين جون.
(4) عبدالرحمان منگيو. يادگار حمل فقير. هڪ مضمون.
(5) سيد حسام الدين راشدي. سنڌي ادب.
(6) محمد شاهه ڦرڙو. يادگار حمل فقير هڪ مضمون.