ڪشن چند ”بيوس“(1885ع 1947ع)
[/b]
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“ ۾ ڪاڪي لاچند جو حوالو ڏيندي ٻُڌايو آهي ته ”هلندڙ زماني ۾ بيوس“ هاڻوڪين خيالن ۽ ريتن کي سنڌي شعر جو جامو پهرائي ڏيکاري ٿو ته سنڌ جو اُٿيل روح پرواز ڪرڻ لاءِ تيار آهي.“
[b]ڊاڪٽر عبدالجبار”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“
[/b]
[b]اعليٰ انسان اعليٰ شاعر:
[/b]ڪشنچند بيوس هڪ مثالي اُستاد، برک شاعر ۽ هر دل عزيز انسان آهي. بيوس گهڻن روپن وارو (Versatile) شاعر آهي. هو هڪ محب وطن شاعر آهي. هو هڪ سرگسي شاعر آهي. هو هڪ بياني شاعر آهي. هو هڪ فطرت جو شاعر آهي. هو آشا وادي شاعر آهي ۽ هو هڪ سماجوادي شاعر آهي. بيوس جي هر ورپ ۾ سونهاري سنڌ سماپل آهي. موجن ڀريو مهراڻ موجزن آهي. سنڌو سڀيتا جو اڻمٽ نقشو چٽيل آھي، ۽ سنڌي جيون جون لازوال يادگريون اُڪريل آهن.
ڪشن چند ’بيوس‘ گهڻ رُخي شخصيت جو مالڪ آهي. هو هڪ آدرشي اُستاد، قابل حڪيم، اعليٰ شاعر، ماهر تعليم، ناٽڪ نويس، مضمون نگار، سماجي ڪارڪن ۽ ٻارن سان پيار ڪندڙ انسان آهي. هو هڪ نهٺو، نماڻو ۽ فرشتن جهڙو آهي. معصوم انسان آهي. هو رلڻو ملڻو، همدرد ۽ هڏ ڏوکي انسان آهي، هو ٻارن سان ڏاڍو پيار ڪندو هو ۽ ٻار به هن کي خوب چاهيندا هئا ۽ هن کي ”سائين“ سڏي بيحد خوش ٿيندا هئا.
بيوس مذهبي ڀيد ڀاءُ کان آجو هو. هو سمجهندو هو ته هڪڙي ئي رب ڪائنات خلقي آهي. سڀ انسان مسلم، هندو، سک، عيسائي برابر آهن. انهن جون مسجدون، مندر، گرُدوارا ۽ گرجا گهر قابل احترام آهن. بيوس پنهنجي نظم ”رام ۽ رحمان“ ۾ سوال ڪري ٿو:
هي مسجد گهر مولا جو ترسول ٽڪاڻو ڪنهن جو آهه؟
ڇا ڪعبي ڇا ڪاشي اندر هي ٺام ٺڪاڻو ڪنهن جو آهه؟
خود دل يا هردي ۾ هي چانڊاڻ چٽاڻو ڪنهن جو آهه؟
هن سُندر سنسار اندر هي ساز سٽاڻو ڪنهن جو آهه؟
بيوس مالي طور ڪمزور هو. گهر جي ڀاتين جي سار سنڀال لهڻ ۽ اُنهن جو پالڻ پوشڻ هن جي لاءِ هڪ وڏو مسئلو هو. هو روڄ راڙي بدران معاشي مسئلن کي سهپ ۽ همٿ سان حل ڪري وٺندو هو. هن جي لاءِ مسئلن کي مُرڪي منهن ڏيئڻ عبادت کان گهٽ نه هو.
[b]شاهه ۽ سامي سان عقيدت:
[/b]بيوس کي شاهه لطيف ۽ سامي لاءِ ڏاڍي عقيدت هئي. پر هو صوفي مت ۽ ويدانت جو پوئلڳ نه بڻيو هن ايڪتا ۽ انساني برابري جي راهه اختيار ڪئي. هو ”جيئو ۽ جيئڻ ڏيو“ جي بين الاقوامي اصول تي هلندو هو ۽ چاهيندو هو ته ٻيا به هن اصول جي پيروي ڪن ڇاڪاڻ ته هن جادوئي اصول سان ئي هن جڳ ۾ سُک ۽ سلامتي قائم رهي سگهي ٿي. هو امن پسند هو ۽ عدم تشدد جو حامي هو. هو ڦڏن فسادن ۽ جهڳڙن کان پري رهندو هو. هو چوندو هو ته اسان کي هڪ ٻئي جي اوڻاين کي وساري، وڏي دل جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. بيوس پنهنجي نظم ”وڏي دل“ ۾ خوب چيو آهي:
”ڪر دُنيا ۾ دل وڏيري، تون به رهه، مان ڀي رهان،
آڻ من ورتي ۾ ڦيري، تون به رهه، مان ڀي رهان.“
بيوس کلي دماغ وارو شخص هو. هن جي دل جون دريون کُليل هيون. هو تنگ دلي کي ناپسند ڪندو هو. هو امن جو پوڄاري ۽ عدم تشدد جو حامي هو. هو چوندو هو ته ”اسين سڀ ڀائر آهيون ۽ اسان کي پيار ۽ خلوص سان رهڻ گهرجي.“
[b]هڪ مخلص انسان:
[/b]بيوس هڪ مخلص انسان هو. هو ڏيکاءُ کي پسند نه ڪندو هو. دنيا جي وڏن وڏن شاعرن پاڻ کي ولي يا اوتاري سڏايو. ڪن وري پاڻ کي الله جو ترجمان هئڻ جي دعويٰ به ڪئي. بيوس فطري طرح نماڻائي جو مجسم هو. هن نه پاڻ کي مالڪ سڏايو ۽ نه وري سالڪ. هن پنهنجي لاءِ ”بيوس“ تخلص پسند ڪيو.
بيوس هڪ اعليٰ اخلاق ۽ کُلي دماغ وارو انسان هو. بيوس محنتي، اورچ ۽ اڏول شخص هو. هو ملنسار، قربدار دل وارن جو دلدار ۽ دلبر انسان هو.
[b]جنم، تعليم ۽ نوڪري:
[/b]ڪشن چند بيوس 15 فيبروري 1885ع ۾ لاڙڪاڻي شهر ۾ پيدا ٿيو. بيوس ننڍپڻ کان سنڌي اسڪول ۾ داخل ٿيو ۽ ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾ سنڌي فائنل پاس ڪرڻ کان پوءِ سنڌي ماستر ٿي نوڪري ۾ گهڙيو. هن گهڻو وقت لاڙڪاڻي ۾ گذاريو. پوءِ شاهه محمود اسڪول لاڙڪاڻي جو هيڊ ماستر ٿيو، جتان 1940ع ۾ رٽائر ڪيائين.
بيوس پنهنجي محنت سان انگريزي، فارسي ۽ هندي ٻولي جي تعليم حاصل ڪئي. ماستري جي ڌنڌي ۾ بيوس هڪ مثالي اُستاد طور مشهور ٿيو. هو ٻارن کي چاهيندو ۽ ٻار به هن جي ڏاڍي عزت ڪندا هئا. هو شاگردن جي رهبري ڪندو هو ۽ کين ميدان عمل ۾ آڻڻ جي جاکوڙ ڪندو هو. رحمدل ۽ حليم طبيعت وارو انسان هو. هو محنتي اُستاد هو. هن ڪترائي فرمانبردار شاگرد جهڙوڪ پروفيسر رام پنجوائي، ڊاڪٽر اجواڻي، هري دلگير ۽ هوندراج دکايل وغيره پيدا ڪيا.
رٽائر ٿيڻ کان پوءِ بيوس حڪمت جو ڌنڌو شروع ڪيو ۽ هن جي زندگي سُٺي نموني گذرڻ لڳي. هو لاڙڪاڻي شهر ۽ اوري پري جي ايراضين ۾ ڏاڍو مشهور ٿيو. سڀ ماڻهو کيس بيوس سائين“ ڪري سڏيندا هئا. آخر ۾ هڪ مثالي اُستاد، قابل حڪيم، ماهر تعلمدان، ناٽڪ نگار، مضمون نگار، سماجي ڪارڪن ۽ جدد سنڌي ادب جو باني ڪشن چند بيوس 62 سالن جي ڄمار ۾ 22 سيپٽمبر 1947ع ۾ لاڏاڻو ڪيو. سنڌي شاعرن، اديبن ۽ دانشورن هن جي دکرائڪ لاڏاڻي تي هن کي شرڌ انجليون (Homages) پيش ڪري، هن جي شاعري جي اهميت، هن جي اصلي عبارت، هن جي مٺرن مٺڙن لفظن جي جڙت ۽ هن جي لازوال قابليت جو ذڪر ڪيو آهي. ڊاڪٽر شاهه محمود بخاري انهن شرڌانجلين جو ذڪر عقيدت سان پنهنجي ترتيب ڏنل ڪتاب ”ڪليات بيوس“ ۾ ڪيو آهي.
”سنڌڙي جي روح جو بيوس ڪوي آواز هو،
سنڌ کي هستي سندس تي هڪڙو اعليٰ ناز هو.“
قيمت ڪنول.
”شاهه سامي سچل جان تو ڏنو سندتيش پڻ،
تنهنجي هر هڪ بيت ۾ آڪاش واڻي ٿي وسي.“
برسرام روهڙا.
”سنڌ زنده آهي جيسين تنهنجو زنده نام آ،
تنهنجن ڪوتائن ۾ رهندو تنهنجو نالو پائدار.“
کيئلداس فاني
شعر ماکي کان مٺو، پيدا ڪري ويندو رهيو،
اي فيا هر هڪ سُخن ۾ رس ڀري ويندو رهيو.“
پرسرام فيا
”جاني جديد يگ جو، رهبر تون شاعري جو،
سنديس تو سڻايو، يڪسان دلبري جو.“
ارجن سڪايل
”آفتاب آهين ادب جو شاعري جو شاهه تون،
سنڌڙي جي شعر جي محفل جو آهين ساهه تون.
هري دلگير.
اهُي شرڌانجلين وارا شعر ڊاڪٽر محمود شاهه بخاري جي مرتب ڪيل ڪتاب ”ڪليات بيوس“ مان ورتا ويا آهن.
سنڌ جي عروضي شاعرن سنڌي شاعري ۾ گهڻا واڌارا ڪو نه آندا. انهن ڪيئي مونجهارا پيدا ڪري، سنڌي شاعري جي رفتار کي روڪي ڇڏيو. انهن سنڌ جي اساسي شاعري (Classical poetry) ۽ اُن جي روايتن کي ڇڏي، ايراني شاعري جي روايتن کي پنهنجو ڪيو. اُنهن فطرت کان منهن موڙي ڇڏيو. اُنهن سنڌ جي ڳوٺاڻي زندگي ۽ اُن جي روايتن کي ڇڏي ڏنو. اُنهن زندگي کان منهن موڙي ڇڏيو اُنهن پنهنجي لاءِ هڪ معنوئي ماحول پيدا ڪري، پاڻ کي اُنهي ۾ قيد ڪري ڇڏيو. اُنهن جي زندگي محدود ٿي ويئي ۽ انهن جا موضوع به محدود ٿي ويا. اُنهن ايراني هيئيت ۽ مواد کي پنهنجو بنايو. اُنهن ايراني قيفن جهڙوڪ قصيدو، غزل، ربائي، مثنوي وغيره. اختيار ڪيون. انهن ايراني اهڃاڻن کي سنڌي شاعري ۾ داخل ڪيو. اُنهن سنڌي شاعري ۾ گُل، بُلبل، نسيم، مرغزار، آب روان، گلشن، چهن، جوانان، چهن، مرغان، چمن ۽ هزارين لفظ سنڌي شاعري ۾ آندا. حسن يوسف، چشم آهو، آب ۽ تاب، ناز ۽ نياز، بهار ۽ شراب جون تشبيهون ۽ استعارا ڪم آڻي دنگ ڪري ڇڏيو ۽ سنڌي شاعري کي اصلي مان تقليدي بنائي ڇڏيو. غلام محمد گدا جي شعر ۾ اِهي سڀ اهڃاڻ موجود آهن.
”تو آتيشن مزار جي رشڪ ۾ سوز و غم،
ماند شمع پنهنجي دل ۾ جان گري گري.“
سنڌ جي عروضي شاعرن غزل جي صنف ۾ خوب لکيو. اُنهن مجازي عشق ۽ اُن جي چوٽن کي غزل ۾ خوب ڳايو. اُنهن غزل ۾ حسين عورتن ۽ ڳڀرو جوانڙن جي نازڪ ۽ نرمل جسماني عضون جهڙوڪ نڪ، چپ، گل، وار ۽ حال چال جي رسمي ساراهه ڪري، مدهوش ٿي ويا ۽ هوش مان نڪري ويا.
هي ڏاڍو ڏکيو وقت هو. مخالفت زورن تي هُئي، هڪ غريب سنڌي ماستر ڪشن چند بيوس همٿ ڪري ميدان. عمل ۾ آيو. هن فطرت طرف موٽ کاڌي، انسانن ۽ اُنهن جي سوني چاندي جهڙين ادبي روايتن کي وري اختيار ڪيو. سنڌ جي نج ۽ نڪور لفظن کي ٻول مالها جو حصو بنايو. هن انگلينڊ جي مشهور شاعر ۽ نقاد وليم ورڊسورٿ (William Wordsworth) جي لفظن ”شاعر هڪ انسان آهي ۽ هو انسانن سان ڳالهائيندو آهي“ تي عمل ڪندي، سنڌي شاعري کي انسانن سان ۽ فطري ماحول سان هم آهنگ ڪري، شاعري ۾ نوان رنگ، نوان موضوع، نوان ۽ نڪور سنڌي لفظ جوڙي، شاعري جي ڪن صنفن کي وري جياري، نيون صنفون ايجاد ڪري، وري سنڌي شاعري کي فطري دڳ تي آندو. ڏات ۽ ڏانءُ، مشاهدي ۽ مطالعي جي ذريعي سنڌي شاعري کي خوب ترقي ڏياري. بيوس، بيشڪ باغي نه هو، پر هن اهڙا ته انقلابي قدم کنيا جو هرڪو حيران آهي هري دلگير پنهنجي ڪتاب ”ڪشن چند بيوس“ ۾ سُڳن آهوجا جي راءِ کي دهرائيندي لکيو آهي ته بيوس پنهنجي تخليقي ڪارنامن سان وقت جي ڌارا کي موڙي کيس نئين زمين تان هلائي تازگي، توانائي ۽ رواني بخشي آهي.
مشهور سنڌي ڪهاڻيڪار آسانند ماموتر ”بيوس هڪ اڀياس“ ۾ لکيو آهي ته ”بيوس جي شاعري سان سنڌي نظم جي نئين پرڀات ڦٽي آهي ۽ بيوس سائين انهيءَ پرڀات جو وهائو تارو آهي.“ بيوس جي شاعري ته وڏن وڏن شاعرن، اديبن، نقادن ۽ دانشور جهڙوڪ مرزا قليچ بيگ، ڊاڪٽر دائود پوٽي، ڊاڪٽر گربخشاڻي، پروفيسر منشاراماڻي، ارجن حاسد، سُڳن آهوجا ۽ ٻين پنهنجي راءِ ڏيندي بيوس جي شاعري کي ساراهيو آهي. اهي رايا بيوس جي شخصت، شاعراڻه عضمت، ان جي جديد سنڌي ادب ۾ اهميت کي نروار ڪن ٿا.
نصير مرزا پنهنجي مرتب ڪيل ڪتاب ”ڇهه ڇهه پئسا، ٻه ٻه پايون“ ۾ مرزا بيگ طرفان بيوس لاءِ ڏنل راءِ جو ذڪر ڪيو آهي. قليچ بيگ چوي ٿو ته ”بيوس جي شعر جي طاقت قوي ۽ فطري آهي. سندس ڪلام نهايت رقت آميز ۽ دلڪش آهي.“
”سُرها گل جي مهاڳ“ ۾ ڊاڪٽر دائود پوٽي لکيو آهي ته ”مان بيوس کي سنجيده ۽ فهميده شاعر ڪري ليکيان ٿو.“
ڊاڪٽر گربخشاڻي ”شيرين شعر“ جي مهاڳ ۾ لکيو آهي ته بيوس جي شاعري ۽ عبارت اصلي آهي ۽ نه نقلي.“
سڳن آهوجا، هري دلگير جي لکڻ موجب، پنهنجي راءِ ڏيندي چوي ٿو ته ”مان بيوس سائين کي ئي سنڌي ٻولي جو پهريون شاعر سمجهان ٿو، جنهن جديد سنڌي شاعري جو بنياد وڌو آهي.“
ڊاڪٽر ارجن حاسد پنهنجي ڪتاب ”بيوس ۽ نئون دور“ ۾ لکيو آهي: ”ٻولي جي سلاست ڪمال جي اٿس. اُهو بيوس جو ڪمال هو جو هن جي پيچرن کي اسين پنهنجو نٿا سمجهون، ڪا اهيمت نه ڏيندا آهيون، تن کي پنهنجي تخيل جي ڪيميا سان هو بي بها بنائي ويو.“
پروفيسر ڊي ڪي، منشاراماڻي ”بيوس هڪ اڀياس“ ۾ لکيو آهي. جيڪڏهن بيوس کي سنڌي شعر جي سجاڳي واري دور جو باني ۽ باغي شاعر سڏجي ٿو ته روا آهي.“
[b]بخاري جي راءِ:
[/b]ڊاڪٽر محمود شاهه بخاري پنهنجي مرتب ڪيل ڪتاب ڪليات بيوس ۾ چيو آهي: ”بيوس جو ڪلام سنڌي ساهتيه جو سينگار آهي.“
ڪشن چند بيوس سنڌ جي ڪيترن ئي رُخن ۽ موضوئن تي شاعري ڪئي آهي. انهي ڪري جدا جدا عنوان ڏيئي اُن جي شاعري جو اڀياس ڪريون ٿا.
[b]ديس سان محبت ڪرڻ وارو:
[/b]بيوس ديس سان پيار ڪرڻ وارو هڪ وڏو جديد سنڌي شاعر هو. هو ميدان عمل ۾ اچڻ لاءِ هر وقت تيار رهندو هو. ڪهڙي به هلچل هجي. ڪهڙي به تحريڪ هجي، ڪهڙو به ميڙاڪو هجي بيوس اُن ۾ حصو ضرور وٺندو هو ۽ صحيح راءِ ڏيندو هو. بيوس وديسي مال جي بهشڪار ۽ ديسي مال کي واپرائڻ لاءِ ڪيئي گيت لکيا.
”وٺو ديسي، سکو ديسي، پڇو ديسي، رهو ديسي،
اهي ڳالهيون سچو ديسي هينئن اندر هنڊائي ٿو.“
بيوس چاهيو ٿي ته آزادي کان اڳ آزاد سوچ، سجاڳي ۽ عقيدت پيدا ٿيڻ ضروري آهي. مٽي سان محبت ڪرڻ ۽ مٽيءَ جي چاهت انسان کي بيدار ڪندي آهي ۽ وطن تان سروارڻ جي آرزو جاڳائيندي آهي.
اُهي مائر ڀلي مرڪن، ٻاروتڻ ۾ لولي ڏين،
ته صدقي ديس تان من ڪرڻ جهڙي نه ٻي خدمت.“
بيوس هميشه سنڌ سونھاري ڀونءَ ڀلاري جو عاشق هوندو هو. هن عقيدت سان چيو آهي.
”مون کي محبت آ، بيحد پنهنجي سونهاري ديس سان.“
بيوس سنڌ جي ساراهه ڪندي ڪيئن نه گد گد ٿئي ٿو.
خاص کٿوري ڀانيان، وطن جي واري،
مٽي منهنجي ملڪ جي مُشڪان موچاري،
منهنجي دلبر ديس جي، پڻي پڻ پياري،
گاهه ۽ گلزاري، بٺ باغيچو ڀانيان.“
بيوس هڪ دلبر انسان هو ۽ وطن جو شاعر عاليشان هو ۽ ديس جو وڏو قدردان هو. بيوس سچو انسان۽ شاعر هو. سنڌ هن جو ساهه هئي، ويساهه هُئي، اتساهه هئي. سنڌ جي هن سچي سپوت سنڌ ڌرتي جاڳڻ ڳائي نه صرف سنڌ ڌرتي کي امر بنايو، پر پاڻ به اَمر ٿي ويو.
[b]سرگسي شاعر:
[/b]ڊاڪٽر اجواڻي جي راءِ ۾ بيوس هڪ لاڏلو سرگسي شاعر هو. هن ڪيترائي سرگسي گيت لکيا، جن کي ڏاڍو پسند ڪيو ويندو هو. هو هلندي هلندي بي اختياري وچان گيت سرجيندو هو. اُهي گيت، رس، سنگيت ۽ رواني جا حاصل هئا. اهڙي گيتن وڏن وڏن ڌرمي ڏهاڙن الوداعي تقريبن، ميلاپ جي موقعن پرڀات ڦيري جي وقت ڳايو ويندو هو. اهي گيت ماڻهن کي خوش رکندا هئا ۽ روح کي راحت ڏيندا آهن. هندن جي ڌرمي ڪتابن ”مهاڀارت“ ۽ ”رامائڻ“ ۾ سرگسي گيتن جو وڏو ڀنڊار موجود آهي. بيوس جي هڪڙي سواگتي گيت مان رس حاصل ڪريو:
”گهر گهر ۾ واڌائي آهي،
ڪرشن جنم جي وائي آهي،
وريو واهه جو وارو،
آيو موهن مرلي وارو.
(هي سرگسي گيت ڊاڪٽر محمود شاهه بخاري جي مرتب ڪيل ڪتاب ”ڪليات بيوس“ مان ورتو ويو آهي.
[b]هڪ وڏو بياني شاعر:
[/b]بيوس هڪ وڏو بياني شاعر آهي. بياني شاعري ۾ ڪنهن نه ڪنهن روحاني شخص، قومي سورمي / سورمي ۽ اعليٰ اخلاق واري انسان جي ڪارنامن جو ذڪر ڪيو ويندو آهي. اُها بياني شاعري جيڪا اهم ڪردارن کي دلچسپ ۽ دلفريب انداز ۾ ڪري، اُها اعليٰ ۽ عمده هوندي آهي.
بيوس هڪ وڏو بياني شاعر هو. هن جي اعليٰ بياني رچنائن ۾ گرو نانڪ جي آتم ڪٿا رشي آشرم، سروڻ ڪمار وغيره ڏاڍيون مشهور آهن. ”گرو نانڪ جي آتم ڪٿا“ اٺن سٽن واري بندن ۾ لکيل آهي، هري دلگير جي چوڻ مطابق هن ۾ 136 بند آهن. بيوس سڪ ۽ شرڌا سان گرو نانڪ جي زندگي ۽ هن جي بي مثال ڪارنامن کي بيان ڪري نه صرف گرونانڪ جي اعليٰ ڪردار کي نئين سر تخليق ڪيو آهي، پر پنهنجو پاڻ کي هڪ وڏو بياني بنائي شاعر ثابت ڪرڻ لاءِ ڪامياب به ويو آهي.
رنگا رنگ ٻيو ڪو نه گهر جي لباس،
کپي لال ٿو پريم رنگي مٺاس،
اڇو رنگ اوجل اندر جو اُداس،
کپي سرسو دل جو سدورو نعاش،
برهه بيرنگي جو بکي رنگ سان،
اسان جو گرو جن سندس ننگ سان،
سندس ايڪتا ۾ کجي پيو ساهه،
گرو ديوَ نانڪ، سچو بادشاهه.
بيوس هڪ ٻئي بياني نظم ”سروڻ ڪمار“ ۾ ماتا پتا جي شيوا ڪندڙ پٽ سروڻ ڪمار جي دکدائڪ موت جو اهڙي ته دل ڏاريندڙ نموني ۾ بيان ڪيو آهي جو پڙهندڙن جا هانءُ ڦاٽي پيون ٿا.
ڦٿڪيو ڪري ڦهه ڪري، ٻلي ٻاڻ جهلي،
پاڻ کڻي پيءَ، ماءُ ڏانهن هاءِ ڪيئن هلي،
جيڪس جن جي جان ٿي بنان جل جلي،
سائين ڪير سلي، حقيقت هن حال جي.
”شڪونتلا“ نظم ۾ ”رشي آشرم“ ۾ ڪيل بيوس جي بياني شاعري بيمثال آهي.
جتي سونهن سوڀيا جو ناهي ڪو يار،
جتي موهه جوڀن ۾ هردم بهار،
جتي خاص جهنگل ۾ منگل اپار،
جتي سير سائي وطن جي قطار.
”پريم پتر“ ۾ شڪونتلا جي دلي حالت کي ڪهڙي نه درد ڀري نموني ۾ چٽيو ويو آهي. هو دل کي دلاسو ڏيندي چوي ٿي:
”انڌاري پٺيان مَن سهائي اچي،
وڇوڙي پٺيان وصل وائي اچي.“
يقين سان چئي سگهجي ٿو ته بيوس جي شاعري ڏاڍي دلفريب آهي.
[b]هڪ سوادي انسان:
[/b]بيوس هڪ انتشا وادي انسان ۽ شاعر هو. هو نااُميدي کان ڀڄڻ وارن مان ڪو نه هو. هن کي فراريت پسند چوڻ هڪ وڏي غلطي آهي. هو مضبوط ارادن جو مالڪ هو ۽ سچ تان سر گهورڻ وارو شخص هو. هو اونده کان دور ڀڄڻ وارن مان نه هو. هو گهڻو وقت تنگ دستي جو شڪار رهيو پر اُڦ به نه ڪيائين هو ڄاڻندو هوته ڏک سُکن جي سونهن آهن. گهور انڌيري مان نڪري روشني ضرور نروار ٿيندي. اُماوس کان پوءِ چوڏهين رات ضرور ايندي رات کان پوءِ ڏينهن ضرور اُڀري ايندو.
ڏک سُکن جي سونهن، گهوريا سُک ڏکن ري واري چوڻي تي بيوس کي پورو يقين هو. هو هر سختي ماٺ ميٺ ۾ سهندو هو. هو روئڻ ۽ راڙو ڪرڻ جي خلاف هو. هو چوندو هو ته دُنيا برڪت ڀريو ڀنڊار آهي. جيڪو جاکوڙ ڪندو سو بي ملهه موتي، ماڻڪ هيرا ضرور حاصل ڪندو.
”وقت خالي کاڻ آ، کوٽ ۽ لهه لال کي.“
هو چوندو هوته دُنيا سُک جي آنند نگري آهي. فقط روشن نظر ۽ اٽل ارادي جي ضرورت آهي.
”سائو ٿي رهه سرءُ ۾ خندان ٿي خزان ۾،
بي لطف حياتي کي شمشاد ڪنداسين.“
هو اعلان ڪندي چوندو هو:
همٿ سندي هٿوڙ سان، ڏونگر کي ڏارجي،
جي مارجي ته مڙس ٿي ميدان مارجي،
اڳتي قدم هليو هلي، پوئتي نه وارجي.
بيوس ميدان ڇڏي ڀڄڻ وارن مان ڪو نه هو. هن جو ڪاهلي ۽ بزدلي ۾ يقين ڪو نه هو. بيوس جي شاعري آشا جي جلوي ۽ جان سان ڀرپور آهي. قدم قدم تي آس جو سورج چمڪي رهيو آهي. آسمان تي اُڏامندي، ڌرتي تي نظر رکڻ ضروري آهي. بيوس پنهنجي نظم ”آس“ ۾ خوب لکيو آهي.
”جيئن رهي محڪم ارادو ۽ اڇا شڪتي اڏول،
تيئن تي نڪري آس نراشا جي پردن مان ڇڻي.“
بيوس جي شخصيت ۽ شاعري جي نمايان خوبي آهي ته مشڪلاتن کي مُرڪي منهن ڏيئڻ عين عبادت آهي:
درد جي دل تي ڌڄا پنهنجي ڌري،
تون ٽهڪ ڏي.
روڄ راڙي جي مٿان ٻيڻي ٻري،
تون ٽهڪ ڏي.
[b]فطرت جو پرستار
[/b]ڪشن چند بيوس فطرت جو وڏو پرستار هو. فطرت جيئرو جاڳندو وجود (Entity) آهي. قدرت هڪ مهربان ماءُ جيان زندگي کي سهارو ڏيئي رهي آهي. تارن ڀريو آسمان، ڌرتي، بادل، جبل، نديون، وڻ ٽڻ، ٻوٽا، گُل ڦل، پکي پکڻ جانور، جيت، هوائون وغيره جهڙا قدرت جا نظارا اسان کي موهي رهيا آهن، اسان جي دل جون دريون کولي شعور کي جاڳائي، سُرت ۽ ساڃاهه جو سبق سيکاري. آئيندي جي آگاهي ڏيي، زنده رهڻ لاءِ رهنمائي ڪري رهيا آهن. برساتن، ٻوڏن، طوفانن ۽ زلزلن جون تباهه ڪاريون ڏيکاري، انسانن ۾ جرئت، همٿ ۽ حوصلو ڀري مصيبتن جو مرڪي مقابلو ڪرڻ جي قابل بنائي رهيا آهن.
بيوس فطرت نگاري ۽ مشاهدي جي ذريعي لڪل اسرارن کي کولڻ، روح ريجهائيندڙ نظارن جي ذريعي انسانن کي راحت، خوشي ۽ آنند ڏيئڻ جي لاءِ تيار ڪري رهيو آهي. بيوس انساني جذبن کي سُهڻي، سريلي ۽ سگهاري نموني ۾ پيار، سَهپ ۽ قرباني ڏيئڻ لاءِ استعمال ڪري ڪمال ڪري ڏيکاريو آهي.
بيوس ”باغ بهار“ ۾ مختلف قسمن جي گُلن ڦُلن جو ذڪر ڪري وايومنڊل کي معطر بنايو آهي ۽ انساني جذبن کي خوب سُرور ڏنو آهي.
”ڦلوار ڦوهه مان ڦري، ڦولن ۾ ڌوم ڌام،
ڇا لام لام تي ٽڙيا، گُل لال عام جام،
گيندو گلاب ديد کي ڏي اشرفيون انعام،
تبسم وسائي شوق مان موتين مٺيون مدام.“
”رشي آشرم“ جو منظر ڪيڏو نه دلفريب ۽ من موهيندڙ آهي.
جتي آهي آڪاش اوجل سدا،
هلي ٿي هوا صاف سيتل سدا،
وهي جل ٿو چشمن ۾ نرمل سدا،
مچي موج لهرن جي پلپل سدا.
برسات جا ڪي لقاءَ ڀريا منظر ڏسو ۽ آنند ماڻيو.
مڙي بادل، کڙي آيا، ٽڙي ٽانگر به خوب،
پڻ چڙي، ٺاري ٿري، گهر ۾ گهڙي مڌڪار ۾.
هي هڪ قدرت جي نظاري جو دلفريب ۽ لازوال ڏيک آهي.
”عجب بنايا بجليون بادل،
بوندون برس برس ڪن ٿادل،
واڄٽ ڪن وسڪارا، قدرت وارا.“
”سهائي راتڙي“ ۾ ڪهڙو نه دلفريب قدرتي منظر چٽيو ويو آهي.
”آهه چانڊوڪي رتل ڪڪرن اندر ڪيڏو لقاءُ،
برف جا بادل بنائي ٿي سهائي راتڙي.“
بيوس هڪ سماجوادي شاعر به آهي. بيوس تي روس جي انقلاب جو اتر صاف صاف نظر اچي ٿو. دين جا نظم ”هاءِ هاري“، ”مزدورڻ“ ۽ ”شاهوڪار“ انهيءَ جو چٽو ثبوت آهن.
بيوس پنهنجي نظم ”شاهوڪار“ ۾ شاهوڪارن ۽ سرمائيدارن کي خوب ننديو آهي. هو شاهوڪار کي چور سان ڀيٽي هن کي ظالم خون چوسيندڙ ۽ انساني حقن کي غضب ڪرڻ ارو شيطان سڏيو آهي.
”ڪيئن نه رت چوسي ڄور کي لوڪ پيو سائين سڏي،
خون کينچي جو ڪري، دردي دليون خالي ڇڏي.“
”مزدورڻ“ هڪ مثالي عورت آهي. هو جوت، جلوي ۽ جمال جي مورت آهي. هن کي دُنيا نيچ ۽ قابل نفرت ٿي سمجهي جيڪا پورهيو ڪري ٿي، پهڻ ڍوئي ٿي، ٽڪر ٽانڪي ٿي. هن جي زندگي وڏي ڪشٽ ۾ گذري ٿي.
هاري جيڪو کيت کيڙي ٿو، رت ولوڙي ٿو ۽ ان اُپائي ٿو، اُهو لاچار آهي، قرضدار آهي ۽ مصيبتن جو ماريل آهي.
”تنهنجي تصوير منجهان قوم جو ڪنياءَ بکي،
تنهنجي فرياد مان بيداد جو برتاءُ بکي.“
[b]سرمائيداري جو دشمن:
[/b]ڪشن چند بيوس شايد پهريون سنڌي شاعر آهي جنهن سرمائيداري سرشتي کي پنهنجي نظم ”شاهوڪار“ ۾ ننديو آهي. هن شاهوڪار کي زار سان ڀيٽيو آهي ۽ جيڪو ظالم آهي، آزاريندڙ آهي، خون چوسڻ وارو آهي، حق غضب ڪرڻ وارو شيطان آهي.
جيئن وڌيو من، مان، رتبو شاهوڪار جو،
تيئن وڌيو باعث زار جي آزار جو.
سنڌ جي هڪ برک دانشور ۽ نقاد جي اُتم پنهنجي ڪتاب ”لينن ڀارت جو دوست“ ۾ پروفيسر رام پنجواڻي جو حوالو ڏيندي لکيو آهي ته ”شاهوڪار شاهي تي هلان ڪندڙ بيوس پهريون سنڌي شاعر آهي. بيوس پهريون سنڌي شاعر آهي، جنهن زار جو ذڪر ڪيو آهي.“
[b]بيوس جي ٻاراڻي شاعري:
[/b]ٻاراڻي شاعري ڪنهن به قوم جو انمول سرمايو هوندي آهي. سنڌي ٻولي ۾ ٻاراڻي شاعري جو بنياد رکڻ لاءِ ڪاڪي ڀيرومل، مرزا قليچ بيگ، محمد صديق مسافر، ڪشن چند بيوس ۽ ٻين شاعرن شروعات ڪئي پر مقبوليت صرف بيوس کي ملي.
بيوس ننڍي کنڊ جي ٻن مشهور شاعرن رابندر ناٿ ٽئگور ۽ علامه اقبال کان ڏاڍو متاثر هو. شروع ۾ بيوس ٽئگور ۽ اقبال جي ٻاراڻن گيتن جا ترجما ڪيا ”پکي جي پڪار“ ”۽ کڙ کٻيتو“ اقبال جي گيتن جا ترجما آهن. پر عبارت بيوس جي پنهنجي آهي. بيوس ٽئگور ۽ اقبال جي گيتن مان ٻاراڻي شاعري جا لازمي جزا جهڙوڪ آنند ۽ اُڇل، رنگ ۽ روشني حاصل ڪري پنهنجي ٻاراڻي شاعري کي شروع ڪري اُن کي اوج تي پهچايو.
ٻاراڻي شاعري لکڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي ٻاراڻي شاري لکندڙ شاعر لاءِ ضروري آهي ته هن جي مشاهدي جي قوت ليز هجي. هن کي انساني طبيعت جي ڄاڻ هجي، هو سندن پسند ۽ ناپسند کان واقف هجي، هو ٻارن سان باقائدگي سان ملندو جلندو هجي، هو ٻارن جي مٺڙي ٻولي ۾ سمايل نفسيات جو علم رکندو هجي ۽ هو ٻارن جي من پسند موضوعن تي سادي ۽ سلوڻ ٻولي ۾ گيت لکي نه صرف ٻارن کي خوش ڪري، پر پاڻ به آنند حاصل ڪري بيوس ٻارن جي اندر جو حال ڄاڻڻ لاءِ خود به ٻار بڻجي ويندو هو. هو ٻارن سان رِلندو ملندو هو، هو انهن سان گڏ کيڏندو هو، هو انهن سان چرچا به ڪندو هو. هو انهن کي کلائيندو به هو ۽ پاڻ به کلندو هو.
بيوس ٻارن سان گڏ کيڏندي کيڏندي انهن جي اندروني ڪيفيتن کي ڄاڻن جي ڪوشش به ڪندو هو. هو اهو ڄاڻڻ جي کوج به ڪندو هو ته ٻارن کي ڇا وڻي ٿو ۽ انهن جي پسند جا ڪهڙا جانور، پکي ۽ جيت آهن. هو انهن سان ڳالهائيندي انهن جي ٻولي ڄاڻڻ جو جتن به ڪندو هو. بيوس جا ٻاراڻا گيت پڙهي، احساس جاڳي ٿو ته هي گيت نه صرف ٻارن جا گيت آهن پر شاعر جي اُجري اُجري آتما جون رنگ رتل رچنائون آهن.
انهي ڪري ٻاراڻا گيت لکڻ مهل ٻاراڻي شخصيت کي سڃاڻي انهن جي فطرت مطابق گيت سرجن جيڪي نه صرف دل جون تارون ڇيڙي سگهن، پر اندر جي اک کولي آڪاش واڻي ثابت ٿي سگهن. ٻاراڻن گيتن ۾ رواني ۽ موسيقي هوندي آهي، رنگن جي بهار هوندي آهي، روح کي راحت ڏيئڻ لاءِ سُريلا مثال، رنگين استعارا ۽ روح ريجهائيندڙ تشبيهون به هونديون آهن. اُنهن جي ٻول مالها (Poetic Diction) ڪرشن جي بنسري جهڙي مٺي هوندي آهي، سپڪ، سادي ۽ سلوڻي هوندي آهي.
ڪشن چند بيوس ٻارن جو شاعر آهي. ٻار ايشور جا اوتار آهن، رب جو روح ريجهائيندڙ روپ آهن، جڳ جي اکين جا تارا آهن، جڳ کي جاڳائڻ واريون رچنائون آهن ۽ آئندي جا اَبا آهن. ڪشن چند بيوس جا ٻاراڻا گيت هر موسم ۾ تازا ۽ توانا آهن ۽ پڙهندڙن جي دلين کي تازگي ۽ توانائي بخشن ٿا.
ڪشن چند بيوس کان اڳ ۾ يا هن کان پوءِ ڪنهن به سنڌي شاعر ايترا ٻاراڻاگيت نه لکيا آهن. جيترا بيوس لکيا آهن. بيوس بيشمار ٻاراڻا گيت لکيا آهن. هن جاگهڻا ٻاراڻا گيت نرسري جي شاگردن لاءِ ڪجهه چئن سالن کان وٺي سورهن سالن جي ٻارن لاءِ ۽ باقي وڏڙن ٻارن لاءِ آهن. بيوس جي ٻاراڻن گيتن مان هي گيت ڏاڍا مشهور آهن. جهڙوڪ: گُل ڦل، مٺڙو گهوڙو، ڀنڀوري، ڪاغذ جي ٻيڙي، پينگهه، ڦوڪڻو ملوڪڻو، ڪڪڙون ڪون، ريل، سارنگ، برسات جي راتڙي، پکي جي پڪار ۽ کڙ کٻيتو.
بيوس جا ٻاراڻا گت سريلا آهن، رسيلا آهن ۽ رنگيلا آهن. اُنهن جي جوڙ جڪ، جڙت ۽ منظر نگاري پنهنجو مٽ پاڻ آهي. ڪڏهن ڪڏهن ائين محسوس ٿيندو آهي ته انهن نظارن ۾ هڪ پر اسرار حرڪت نظر ايندي آهي ۽ ائين لڳندو آهي ته انهن نظارن ۾ ڪنهن به وقت چُرپُر ٿيندي ۽ هو اسان جي اکين اڳيان نمودار ٿي اسان کي جاڳائيندا، ڇرڪائيندا ۽ ڀرمائيندا.
”سهائي راتڙي“ هڪ سهڻو ٻاراڻو گيت آهي، جنهن ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته ڪيئن سهائي راتڙي هر شيءِ کي برف جان اڇو بڻائي، تن من کي جرڪائي دلين ۾ نور چمڪو پيدا ڪري ٿي.
”چهچٽو ڇا ڇا مچائي ٿي سهائي راتڙي،
رنگ طرحين جا رچائي ٿي سهائي راتڙي.“
”چنڊ“ هڪ مشهور ٻاراڻو گيت آهي جنهنکي ڳائي ٻار به چمڪي اٿندا آهن ۽ هر پاسي چنڊ جان چٽائي پکيڙي راهون روشن ڪندي نظر ايندا آهن
”سيتل تنهنجي آهي سُهائي،
رات ٿڌيري، صاف صفائي،
نيڻ نهارڻ ساڻ نهال،
چمڪ چمڪ تون چنڊ مشعال.“
”کڙ کٻيتو“ هڪ مٺڙو ۽ من موهيندڙ گيت آهي. کڙ کٻيتو روشني پکيڙي ٿو. راهون روشن ڪري ٿو ۽ ڀٽڪيل مسافرن جي رهنمائي ڪري، کين منزل تي پهچائي ٿو.
”ڇا کڙ کٻيتي کي آهه کنوڻ کنڀن ۾،
بجلي بتي ڦري ٿي گويا گُلن ۾ ڦلن ۾.“
”برسات“ گيت ۾ مٺڙن نظارن جو ذڪر ڪري روح کي ريجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي. هن گيت ۾ واهه جي مستي آهي، واهه جو مزو آهي.
”رعد رڙڪا، گورگڙڪا، خوب ڪڙڪا ٿو ڪري،
پڻ تنبورا، ساز سُرندا، سارنگين جي تار ۾.“
”ڪڪڙون ڪون“ سجاڳ جو سڏ آهي جيڪو سُتلن کي جاڳائي کين نئين صبح جي سواگت ڪرڻ لاءِ تيار ڪري ٿو.
”جاڳين ۽ جاڳائين تون،
ڪڪڙوڪون، ڪڪڙو ڪون.“
”ريل“ واهه جو گيت آهي. اُن ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته لفظن سان جوڙيل ريل ڪيئن نه اوچتو ئي اوچتو اصلي شڪل ڌاري ٿي، سگنل هيٺ ڪري ٿو، انجڻ چالو ٿئي ٿو ۽ ريل دونهان ڪڍندي ”ڇهه ڇهه پئسا، ٻه ٻه پايون“ جو اُچار اُچاريندي، پنهنجي منزل ڏانهن روان دوان ڊوڙندي نظر اچي ٿي.
”ريل اسان جي سهڻي ڏاڍي،
آهي من کي محڻي ڏاڍي،
جنهن سان گڏجي راند رچايون،
ڇهه ڇهه پئسا، ٻه ٻه پايون.“
”ڀنڀوري“ ٻارن جو مشهور ترين گيت آهي. ڀنڀوري رنگ برنگي ويس پائي هڪ ڪنوار بڻجي، ڪيئن نه ڏسندڙن کي ڀرمائي رهي آهي، ناچ نچائي رهي آهي ۽ دل وندرائي رهي آهي. هو ڪنهن کي به ڏک ڏيئڻ واري ناهي.
”ڏينڀو جهڙو سونو رنگ،
پر نه هڻين ٿي ڪنهن کي ڏنگ،
تنهن لئه تو سان آهي پيار،
هل ڀنڀوري ڀڻون بازار.“
”ڌڻي در وينتي“ هڪ جادو ڀريو گيت آهي. 1945ع ۾ جڏهن مون پهريون درجو سنڌي پڙهڻ جي لاءِ پرائمري اسڪول مٺي شهر ۾ داخلا ورتي، تڏهن ٿر جي سڀني ڇوڪرن جي پرائمري اسڪولن ۾ هي گيت تراني طور ڳايو ويندو هو. اسان جو لاڏلو اُستاد سائين امولکداس براهمڻ اسيمبلي لاءِ گڏ ٿيل ٻارن اڳيان پهرين هي گيت ڳائيندو هو ۽ پٺيان سڀ ٻار اُن کي دهرائيندا هئا ۽ خوش ٿيندا هئا. تراني ختم ٿيڻ کان پوءِ هو ڊوڙندا، نچندا پنهنجن ڪلاسن ۾ ويندا هئا.
اُن وقت مٺي جي پرائمري ڇوڪرين جي اسڪول ۾ هي ترانو ڳايو ويندو هو.
”ڀارت کي پريم آڌار هو تُم،
سري ڪرشن تمهاري جئه هووي.“
ڪشن چند بيوس جي ٻارن لاءِ لکيل گيتن ۾ رس به آهي ۽ رچاءُ به، اُڇل به آهي ۽ آنند به، رنگ به آهي ۽ روشني به، وندر به آهي ۽ سکيا جو سامان به بيوس جي ٻاراڻن گيتن جي ٻول مالها مصري جهڙي مٺي آهي. موسيقي مور جي ٽهوڪي جهڙي آهي، رواني ڪنهن سنڌو جي ڌيمي ڌارا جهڙي آهي، رنگا رنگي اهڙي ڄڻ سوين انڊلٺون کڙيل آهن، عبارت فطري ۽ بي ساخته ۽ موضوع سُهڻا ۽ من مهڻا آهن، بيوس جا ٻاراڻا گيت سنڌي شاعري جو سينگار آهن ۽ پڙهندڙن لاءِ نو لکو هار آهن.
[b]شاعري جون خوبيون:
[/b](1) ڊاڪٽر گربخشاڻي ”شيرين سعر“ جي مهاڳ ۾ لکيو آهي ته ”بيوس جي ڪلام جي خاص خوبي آهي موضوع ۽ عبارت ٻئي اصلي آهن، نقلي ناهن.“ بيوس جي شاعري جو تعلق عام شين ۽ عام قدرتي نظارن سان آهي. هن جو نظم غريبن جي جهوپڙي عام ماڻهن جي رهائش گاهه/ گهر آهي. هو انهي جي سلامتي لاءِ دعا گهري ٿو
”قدرت سندي ڪمال، صحت لاءِ سوکڙي،
الله، جهري م شال غريبن جي جهوپڙي.“
(2) بيوس جي شاعري جي ٻئي خوبي آهي موضوعن جي فراواني. عروضي شاعرن پنهنجو پاڻ کي فطرت، ڳوٺاڻي زندگي ۽ عام ماڻهن کان الڳ ڪري، سنڌي شاعري جا موضوع محدود ڪري ڇڏيا ڪشن چند بيوس عروضي شاعري جي پابندين کي ٽوڙي، سنڌي شاعري کي بيشمار موضوع ڏئي مالا مال ڪري ڇڏيو. بيوس جي شاعري جا انيڪ موضوع آهن، هماليه آسمان، غربين جي جهوپڙي، برسات جو نظارو ندي، محنت، رام رحمان، شاعر، جاتي جهڳڙو، استري، هاءِ هاري، مزدورڻ، شاهوڪار، پورهيت، قوميت، غلامي، موت، انسان، همدردي، وڏي دل وغيره ميسر ڪري ڏنا ۽ سنڌي شاعري کي روان دوان رکيو.
(3) بيوس جي شاعري جي ٽين خوبي آهي تجيس حرفي جوڪمال استعمال. تجنيس حرفي سنڌي شاعري جو سينگار آهي. اسان جي اساسي شاعرن تجنيس حرفي جو استعمال ڪري، سنڌي شاعري کي اوج تي پهچايو. بيوس تجنيس حرفي جو استعمال ڪري، پنهنجي شاعري کي خوب سينگاريو آهي. نظم ”غريبن جي جهوپڙي“ ۾ تجنيس حرفي جو دلفريب اظهار ڪيو آهي.
”سج چنڊ واجهه ٿو وجهي، جنهن جي وٿين منجهان،
ترڪو اچن ٿا ترورا، تارن ڪتين منجهان.“
قدرت وارا گيت جو هي بند پڙهو ۽ تن ۽ من جي تازگي ۽ توانائي ماڻيو.
”جڏهن وڻن تي واءُ اچي ٿو،
پن پن مان پڙلاءُ اچي ٿو،
ڇم ڇم جا ڇمڪارا، قدرت وارا.“
(4) بيوس جي شاعري جي چوٿين خوبي آهي. اهڃاڻڪاري بيوس جي شاعري جا اهڃاڻ روحاني رازن کان بي تعلق آهن. هن جا اهڃاڻ روزمره جي شين ۽ حالتن سان واسطو رکن ٿا.
”نرمکو“ وياج خور سرمائيدار جو اهڃاڻ آهي،
”ڪنهن ڪوي ٿي نرمکي کي مفت کائو مالدار؟
آهي سا غافل غريبي شرم شامت جو شڪار.“
ڄور به خون چوسيندڙ شاهواڪر جو اهڃاڻ آهي.
”ڪيئن نه رت چوسي ڄور کي لوڪ پيو سائين سڏي،
خون ڪئچي سان ڪري، دردي دليون خالي ڇڏي.“
”سروڻ ڪمار“ فرمانبرداري جو اهڃاڻ آهي. ”هماليه“ عصمت جو اهڃاڻ آهي. ”کڙکٻيتو“ رهنمائي جو اهڃاڻ آهي. ”جهوپڙي“ رهائش گاهه جو اهڃاڻ آهي. ”شاهوڪار“ ظالم جو اهڃاڻ آهي. انهن اهڃاڻن جي ذريعي عام شين کي اهميت ۽ معنيٰ ملي ٿي.
(5) بيوس جي شاعري جي پنجين خوبي آهي ڪمال ڪاريگري سان نج نڪور قافين جو استعمال بيوس قافين کي ادل بدل ڪري، ٻيڻا ٻيڻا ۽ ٽيڻا ٽيڻا قافيا استعمال ڪري پنهنجي ٻول مالها ۽ شاعري کي دلچسپ ۽ دلفريب بنائي ٿو.
ٻٽن ٻٽن قافين جو جادو ڏسو.
”مينهن جي مانڊاڻ کان سارا چمن چٽاڻ ٿيا،
ڦوهه ۾ گل ڦل ڦٽي پيئر کلي هر ٽار ۾.“
هڪڙي هڪڙي مصرع ۾ ٽن قافين جي مثال جو ڪمال ڏسو.
”اڄ مُڙي، بادل کڙي، آيا کڙي ٽانگر ۾ خوب،
ڄڻ چڙي، ٺاري نڙي، گهر ۾ گهڙي انڌڪار ۾.“
(6) بيوس جي شاعري جي ڇهين خوبي آهي، موزون ۽ مناسب تشبيهن جو فنڪارانه استعمال. ٻاراڻن گيتن ۾ تشبيهون وڏو ڪم ڪن ٿيون. اُهي عبارت کي نواڻ بخشين ٿيون ۽ مضمون کي دلچسپ بنائن ٿيون. ”آسمان“ نظم ۾ بيوس صبح کي سون جي ڏنگي ۽ شام کي رنگبرنگي لعل سان ڀيٽي خوب رنگ ڄمايو آهي.
”ڇا صبح سون ڏنگي،
ڇا شام لعل رنگي.“
سج ۽ چنڊ کي ٻن نيڻن سان ڀيٽي عجيب منظر پيش ڪيو ويو آهي.
”تنهنجا ٻه نيڻ پيارا،
سج چند نانوَ وارا.“
اهڙيون اُتم ۽ اثرائتيون تشبيهون ٻيو ڪو به شاعر پيش نٿو ڪري سگهي.
بيوس جي شاعري جي وڏي ۾ وڏي خوبي آهي موسيقي. هو تجنيس حرفي جي ذريعي، سازن، باجن جانالا کڻي، لفظن جي ترتيب ذريعي پنهنجي شاعري ۾ سنگيت جي جهنڪار پيدا ڪري، روح کي ريجهائي ٿو.
(8) بيوس جي شاعري جي ستين ۽ آخري خوبي آهي مرڪب لفظن جو استعمال بيوس کان سواءِ ڪنهن ٻئي سنڌي شاعر ايترن مرڪب لفظن جو استعمال شايد ئي ڪيو هجي. بيوس جا جوڙيل ڪي مرڪب لفظ هي آهن: ڪوتا پتي (شاعري جو خاوند)، پرجا پتي (عام ماڻهن جو حڪم) گهوٽ گهر، گل پوش، تاج محل، آڪاش گنگا“ چنڊ تلڪ، هوا هٿ، روپ مندر، جڳ پتي، شهر تيسوا وغيره. بيوس اهڙا مرڪب لفظ جوڙي پڙهندڙن کي حرت ۾ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
[b]اديي خدمتون:
[/b]ڪشن چند بيوس سنڌي ٻولي جو هڪ ممتاز اديب ۽ برک شاعر آهي. هن شاعري سان گڏ ناٽڪ ۽ مضمون به لکيا، جيڪي گهڻا مشهور آهن. اڄ اسين بيوس جي شاعري جي ميدان ۾ ڪيل ادبي خدمتن جو جائزو وٺون ٿا.
[b]گيت نگار:
[/b](1) بيوس پهريون سنڌي شاعر آهي، جنهن گيت جي صنف کي سنڌ ۾ رائج ڪيو. هن گجراتي، ڪاٺياواڙي، ۽ هندي جي ڪن قديم صنفن جو مطالعو ڪري سنڌي گيت جوڙيو. بيوس سنڌي گيت جو شاهه آهي، بادشاهه آهي. هن جي گيتن ۾ پيار آهي، سونهن ۽ سينگار آهي، سُر سگنيت جي جهنڪار آهي، رنگن جي بهار آهي، رواني بيشمار آهي ۽ عبارت عمده ۽ عاليشان آهي.
بيوس جي گيتن ۾ قدرت وارا، محنت، سنڌ سونهاري، تارن ڀري رات، مکڙي جي بيتائي وغيره لازوال گيت آهن. قدرت وارا هڪ بيمثال گيت آهي جيڪو ٻارن ۾ وڏن ۾ مقبول آهي.
”سڀ ڪن تنهنجي ساراهه، قدرت وارا،
نرمل جوتي نور نظارا، قدرت وارا.
ڪوٽان ڪوٽ بنايئي ڌرتيون،
سهسين سج، چنڊ، تارا ڪتيون،
جن جو انت نه پارا قدرت وارا!
گُلن اندر سرهاڻ ڀرين ٿو،
موتين سان مهراڻ ڀرين ٿو،
موتي لعل هزارا قدرت وارا.
محنت به هڪ بيمثال گيت آهي، جنهن ۾ بيوس محنت جي ساراهه ڪندي ڏيکاريو آهي ته محنت موتين جو مهراڻ آهي، سون روپي جي کاڻ آهي، محنت انسان جو ڪارآمد هٿيار آهي، جنهن جي ذريعي هر ڪم ڪاميابي سان پورو ٿيندو آهي. محنت هڪ قوت آهي، هڪ نعمت آهي.
بُک سگهي ڪيئن تنهن کي گهيري،
ڪم بختي ڪيئن تنهن کي ڪيري،
ستي جو چستي سان ڦيري،
محنت تي جو پاڻ کي هيري.
محنت ڪامل ڪيميا ڪار،
محنت ڪر محنت هر وار.“
[b]نظم نگار:
[/b](2) ڪشن چند بيوس پهريون سنڌي شاعر آهي، جنهن نظم جي صنف جو بنياد وڌو. نظم هڪ مقبول عام صنف سُخن آهي. نظم ۾ ڪنهن خيال يا اُن جي ڪنهن حصي کي منصوبابندي جي ذريعي، سڀني فني لوازمات سان گڏ عمده عبارت ۾ ظاهر ڪيو ويندوآهي. بيوس تمام سُٺا نظم لکيا آهن جن مان هماليه، آسمان غريبن جي جهوپڙي، شاهوڪار، مزدورڻ وغيره عمده ۽ عاليشان آهن.
”هماليه“ بيوس جو هڪ شاهڪار نظم آهي، جيڪو اُڀ کان به اوچو آهي. هن نظم ۾ 11 بند آهن ۽ هر هڪ بند ۾ ننڍڙيون ننڍڙيون ڇهه ڇهه مصرائون آهن. هن نظم ۾ بيوس هماليه جي عصمت کي ساراهيو آهي. هن اوچائي اڏولتا، اوچين اوچين چوٽين ۽ پراڻن لنگهن وغيره جو اظهار ڪري هماليه کي شاعري جو اعليٰ مثال ڪري پيش ڪيو آهي.
اي هند جا سهِاَرا، پکراج تاج وارا،
ناموس ۾ نيارا، منهنجا هماليه پيارا،
*-*-*
ڌرتي مٿان وسين ٿو،
آڪاش سان گسين ٿو.
بيوس هن نظم کي ڪهڙي نه ڪمال ڪاريگري سان رچيو آهي. نه صرف پڙهندڙ حيران آهن، شاعر پاڻ به حيران پيو نظر اچي.
”آسمان“ به هڪ لازوال نظم آهي، هي نظم هڪ سُريلي ۽ سگهاري ڳجهارت آهي. هي هستي جو حيران ڪندڙ منظر آهي.
ڪنهن حال تي هلين ٿو، ڪنهن چال تي چلين ٿو،
مون کي نه ڪجهه سلين ٿو، پاڻان پري جهلين ٿو.
*-*-*
اي آسمان نيلا،
تارن سندا وسيلا.
”غريبن جي جهوپڙي“ هڪ بهترين نظم آهي. بيوس جهوپڙي جي بناوٽ، اُن جي جدا جدا حصن ۽ اُن جي جاءِ جي باري ۾ تفصيلات بيان ڪري، ان کي شاهڪار نظم بنايو آهي. جهوپڙي هڪ رهائش گاهه آهي، جنهن ۾ هوا، روشني قدرتي ماحول جو خاص خيال رکيو ويو آهي. سچ پچ جهوپڙي صحت جي هڪ سوکڙي بڻجي ويئي آهي.
”سج، چنڊ واجهه ٿو وجهي جنهن جي وٿين منجهان،
ترڪيو اچن ٿا ترورا، تارن ڪتين منجهان،
ڀڻڪا ڪندي ڀڄي هوا جنهن جي ڀتين منجهان،
ڇڻڪار ڪري مينهن ٿو ڇٽڪي ڇتين منجهان،
قدرت سندي ڪمال صحت لاءِ سوکڙي،
الله جهُري م شال غريبن جي جهوپڙي.“
بيوس جي منصوبابندي حيران ڪن آهي. تجنس حرفي هن نظم جي سونهن کي خوب چمڪايو آهي. ڪن مورک ترقي پسند نقادن هن نطم کي خوب ننديو آهي ۽ اِن کي غير ترقي پسند نظم قرار ڏنو آهي. اُهي مورک اِهو ڇووساري ويٺا ته جهوپڙي هڪ رهائش/ گهر آهي ۽ جنهن جي سلامتي لاءِ شاعر دعا گهري رهيو آهي.
[b]پنج سٽي جو باني:
[/b](3) [b]بيوس پنج سٽي جو باني آهي[/b]. پنج سٽي جون پنجئيي سٽون هم قافيا هونديون آهن. شيخ اياز پنج سٽي ۾ فني ۽ موضوعاتي تجربا ڪري، هن کي ڪامياب بنايو آهي.
(4) [b]ڇهه سٽي جو بنياد وجهندڙ بيوس آهي.[/b] ڇهه سٽي جو پهريون چار سٽون هم قافيا هونديون آهن ۽ آخري ٻه سٽون هم قافيا هونديون آهن. بيوس جا ڇهه سٽا ڏاڍا مشهور آهن.
(5) [b]بيوس جو اٺ سٽو هڪ اهم صنف آهي[/b]. اٺ سٽي ۾ اٺ سٽون هونديون آهن. پهريون چار سٽون هم قافيا هونديون آهن، پويون ٻه سٽو هم قافيا ۽ آخري ٻه سٽون هم قافيا هونديون آهن. اٺ سٽي جي آخري سٽ کي وراڻي طور استعمال ڪيو آهي. بيوس جو ”گرو نانڪ جيون ڪٿا“ اٺ سٽي جي صنف ۾ لکيل آهي. هن جو وراڻو: ”گرو ديو نانڪ سچو بادشاهه وراڻو بيوس جي نظم جي اهم ترين خوبي آهي، اِها نظم ۾ تسلسل قائم رکي ٿي ۽ اُن جي تاثر کي وڌائي ٿي.
اسان جي هڪ انقلابي شاعر حيدربخش جتوئي جو زوردار ۽ شاهڪار نظم ”ڀلي ائين، جي آئين درياءَ شاهه“ به اٺ سٽي جي صنف ۾ لکيل آهي.
(6) بيوس پهريون سنڌي شاعر آهي جنهن بيت جي صنف کي وري جياري، صاف سٿرو بنائي، اُن کي اوج ڏياريو. هن مختلف موضوعن تي گيت لکيا ۽ بيتن جي صنف ۾ ڪي نظم جهڙوڪ غلامي، وطن وغيره ۽ ڪي بياني ڪوتائون جهڙوڪ سروڻ ڪمار وغيره لکيون.
”جيسين بيوس بند ۾، هوندو هڪ غلام،
هڻي سگهندو هام، ڪو به نه آزادي سندي.“
*-*-*
”جتي جيجل ٿي ڏني، جهوليءَ ۾ لولي،
ٽڙي ٻنڌڻ ۾ ٻُڌي طوطيلي ٻولي،
مٺڙي ٿي مون تان وئي گهڙي ۾ کولي،
ڇلڪي سان ڇولي، بيوس وهي وطن ري.“
بيوس جي گهڙيل واٽ تان هلي جديد سنڌي شاعرن بيت جي صنف کي خوب ترقي ڏياري، سنواري ۽ سينگاري اوج تي پهچايو آهي.
ڪو به اديب يا شاعر جنهن طريقي سان پاڻ کي يا پنهنجن ويچارن کي ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، اُن کي طرز تحرير، اسلوب يا عبارت چئبو آهي. عبارت منجهان هن جي انفراديت ۽ هن جي ذهن جو شوق ۽ ذوق جو اظهار ٿئي ٿو. ٻول مالها، جملن جي جوڙجڪ، رنگارنگي، عڪس بندي، موزونيت، ربط، وزن ۽ خيالن جي ترتيب اهي سڀ عبارت جا لازمي جزا آهن. تمثيلون، محاورا، استعارا، ادبي اشارا، زبان جي سلاست، تجنيس حرفي جو استعمال، قافيا بندي وغيره عبارت کي مناسب ۽ سگهارو بنائن ٿيون.
[b]بيوس جي قابليت:
[/b]بيوس جي هي وڏي قابليت آهي ته لکڻ کان اڳ ۾ هو موضوع تي پهرين سوچي ٿو، تور تڪ ڪري ٿو ۽ اُن مان حاصل ڪيل مواد جي جڙت ڪري اُن کي ظاهر ڪرڻ لاءِ موزون ۽ مناسب عبارت اختيار ڪري ٿو. هو مناسب عبارت ذريعي پنهنجن ويچارن کي ظاهر ڪري آنند ماڻي ٿو.
[b]بيوس جي عبارت:
[/b]بيوس جي عبارت جا ڪيترائي رنگ آهن. موضوع موافقت ۽ مناسبت سان هن جي عبارت نوان نرالا نمونا اختيار ڪري ٿي. هن جي عبارت سادي آهي، سوادي آهي، رنگين آهي، سنگين آهي، سگهاري آهي. بيوس پنهنجي عبارت کي خوب گهڙيو آهي، جڙيو آهي ۽ اُن کي قائم ۽ دائم رکيو آهي. هن جي عبارت پڪي آهي، ڪچي ناهي، کري آهي، کوٽي ناهي.
پروفيسر لالسنگ اجواڻي ”شعر بيوس“ جي مهاڳ ۾ خوب لکيو آهي: ٻئي ڪنهن به سنڌي شاعر اصلوڪي گيان ۽ وگيان جي ڳالهين کي شعر جو لباس اهڙو پورو نه پارايو آهي جهڙو اونهي حوض واري بيوس.“ بيوس پنهنجي عبارت جو خود ڪهڙو نه ڪمال نموني سان برهه جي بازار ۾ اُپٽار ڪيو آهي.
”گنج خانا، گيت غيبي، خاص کولڻ واسطي،
آهه قدرت کان مليل، ڪامل ڪوي سر کي ڪليد.“
ائين لڳي ٿو ڄڻ قدرت جا راز کولڻ لاءِ عبارت هن کي قدرت طرفان تحفي ۾ ملي آهي. هن عبارت جي ذريعي هو ڪڏهن آب کي موتي بنائي ٿو، ڪڏهن عورت کي رب جو پرجهال روپ بنائي ٿو ۽ ڪڏهن آنند کي الله طرفان ڏنل سوکڙي بنائي ٿو.
بيوس جي عبارت اُتم (Sublime) آهي. هو هڪ تخليقڪار جان سادا، سُريلا ۽ کياني لفظ ڪم آڻي، ڪيڏو نه سندر خيال ظاهر ڪري ٿو.
”سونهن جي سوني مڻئي ۾ رم جو موتي جڙيو،
ڪم نذاڪتدار ٿي ويو. وصل جي وينجهار جو.“
بيوس پنهنجي غزل ”محبتي مشتاق“ جي هڪ ئي شعر ۾ ايترا مرڪب لفظ ڪم آڻي واهه جو لقاءُ ڏيکاريو آهي.
”چت مڻي، چنتن مڻي، چتون مڻي، چيتن مڻي،
ٿا چون چئو پنچ مڻي، چمڪي چڱي چالاڪ لاءِ.“
بيوس جي ”اُلٽي آس“ هڪ ئي شعر ۾ ڇهن قافين جو استعمال ڪري ڪهڙو نه ڪمال ڪري ڏيکاريو آهي.
رک آهه، سندي باهه، جي پرواهه نه ڪوئي،
سک راهه ڏي بي آهه ادا واهه نه ڪوئي.
بيوس ”عشق جي اوگهڙ“ ۾ تجنيس حرفي جا ڪهڙا نه جلويدار جلوا ڏيکاريا آهن.
”دهل دل دڪ دڪ ڪري خون ناڙين ۾ نچي،
سانس ۾ سُرندا وڄن ٿا ۽ رڳن اندر رباب.“
بيوس جادو نگري ڪوهه ڪاف ۽ اُن جي جادوئي عڪسن کي طلسمي لفظن ذريعي پڌرو ڪيو آهي ته اُهي جاکوڙي جيڪي وڙهندا اڳتي وڌندا اُهي ئي منزل تي پهچندا ۽ پريم جي پري ماڻيندا.
جي ڪشالا ڪشٽ کائي، ڪونڌ پهتا ڪوهه ڪاف،
ديو دک وٽ، سوڀ سُک جي تن پري پيڪر ڏٺي.“
بيوس هڪ لاجواب تشبيهه جو استعمال ڪري پنهنجي عبارت کي لاجواب بنايو آهي.
”ڇا سندس تشبيهه بيوس ماهه تابان سان ڪجي،
روءِ خوبان عاشق لئه خود خدا آباد آ.“
بيوس جي پنهنجي نظم ”پورهيت“ ۾ چٽي ۽ چنڀدڙ عبارت ذريعي ڪيل سوال کي پڙهو ۽ غور ڪريو.
”مالڪاڻي چيچڙي ۾ پيڙجڻ ڪين روا؟
پنهنجي دل جي پيڙا اندر پيڙجڻ ڪين روا؟“
بيوس پنهنجي عبارت کي پنهنجن گهڙيل محاورن ذريعي خوب سنواريو آهي، سينگاريو آهي.
”محنت جو دم خود مختيار“، ”محنت“
*-*-*
”سچو بيوس رڳو رهبو، ٻا گُڻ ڊوڙندا ايندا.“
*-*-*
”دُنيا ۾ خلق خدمت کان نه ٻي بيوس بند کي بهتر.“
ڪشن چند بيوس جي عبارت اعليٰ آهي، اُتم آهي. اُها دل ۽ دماغ تي اثر ڪري ٿي. اها شعور کي بيدار ڪري، سُرت ۽ ساڃاهه کي جاڳائي ٿي ۽ روح کي راحت بخشي ٿي.
ڪشن چند بيوس هڪ پيدائشي شاعر هو. هو ٻاراڻي وهي کان ئي ڪجهه لکندو رهندو هو، ڪڏهن مضمون، ڪڏهن ننڍڙا ناٽڪ ۽ ڪڏهن ڪچا ڦِڪا شعر، هو پنهنجي ڪلاسي شاگردن کي اُهي لکڻيون پڙهي ٻُڌائيندو هو. ڪڏهن هو واکاڻيندا هئا ۽ ڪڏهن ٽيڪا ٽپڻيون به ڪندا هئا. جڏهن هن جي پيءَ حڪيم تيرٿداس کتري کي اها خبر پيئي ته هو ڏاڍو خوش ٿيو. هن ننڍڙي بيوس ۾ هڪ وڏي اديب ۽ شاعر ٿيئڻ جا آثار ڏِٺا. هو بيوس کي همٿائيندو هو ۽ انعام به ڏيندو هو ۽ بيوس پنهنجيون لکڻيون پيءَ ۽ چاچن کي ٻُڌائيندو هو. سڀ ڏاڍو خوش ٿينداهئا ۽ هن کي دعائون ڪندا هئا.
بيوس سنڌي ماستر جي ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾ 19 سالن جي عمر ۾ پڙهڻ ويو. اُتي هن پهريون شعر لکيو. جڏهن ڪاليج جي سپرنٽينڊنٽ کي اها خبر پيئي ته هو ڏاڍو خوش ٿيو. شعر کي پرهي هن اڳڪٿي ڪئي ته ”بيوس هڪ وڏو شاعر ٿيندو“ اچو ته بيوس جي پهرين لکيل شعر ”برسات“ جو واس وٺون ۽ تازه دم ٿيون:
”پي پپيهو خوب پاڻي ڍؤ منجهان ڍاپيو گهُمي،
بلبليون، چيها، چتون آهن لڳا للڪار ۾.“
*-*-*
”روح کي راحت رسي، اڄ تازگي چؤ ڏس ڏسي،
هير دل کي هر گهڙي، خوش ڪري خنڪار ۾.“
بيوس ننڍي عمر کان شاعري ڪئي ۽ آخرت تائين لکندو رهيو. بيوس هڪ وڏو تجربا پرست (Experimentalist) انسان هو. هن طرحين طرحين جا تجرباڪري، پراڻي سنڌي صنف کي سُڌاريو، سنواريو ۽ وري رائج ڪيو. هن نيون نيون صنفون جوڙي جديد سنڌي ادب ۽ شاعري لاءِ نيون راهون گهڙيون ۽ جديد سنڌي شاعري جو باني بڻجي ويو. جيڪڏهن بيوس نه لکي ها، تجربا نه ڪري ها، ايڏا جتن نه ڪري ها ته شايد جديد سنڌي شاعري ايڏو اوج نه ماڻي ها.
بيوس شروع ۾ عروضي شاعري کي اختيار ڪيو. هن عروضي شاعرن ۽ دوستن سان گڏ لکڻ شروع ڪيو. هو باقائدي عروضي ۾ شاعرن ۾ شريڪ ٿيندو هو ۽ مشاعرن جي صدارت به ڪندو هو. هن جي ڏاڍي واهه واهه ٿيندي هئي. هنجي شروع جي لکيل غزلن ۽ نظمن ۾ عروضي شاعري جا نمايان اثرات نظر اچن ٿا. اُهي فارسي لفظ، اُهي فارسي استعارا ۽ اُهي فارسي تشبيهون صاف نظر اچن ٿيون.
”ڏسندي جمال جاني، حورن لڳي حيراني،
ماهه بدر فلڪ تي ٿي دربدر اچي ٿو.“
*-*-*
”ڇا سندس تشبيهه بيوس ماهه رتابان سان ڪجي،
روءَ خوبان عاشقن لئه خود خُدا آباد آهه.“
اويرا فاسي لفظ جهڙوڪ ماهه تابان، روءِ خوبان چشم روشن دلربا، شمشاد، شفق، آفاق، صياد، فلڪ فرياد، اُهي ۽ انهن جهڙا ڪيترائي اوپرا لفظ بيوس جي ٻول مالها (Diction) ۾ موجود آهن. ڪٿي ڪٿي سخت سنسڪرت لفظ جهڙوڪ اسٿت، ساڌنا، کيان، وگيان، ڀڳتي، ڀاونا، سمادي، مهان وغيره به بيوس جي ٻول مالها جو حصو آهي. اهڙن لفظن سان ڀريل هڪ شعر جو مطالعو ڪريو:
”چرڻ ڪومل، نيچ هرپل نئڙندو وڃ ناٿ ڏي،
سر نه پيرن تي پڄائڻ آهه داخل دوش ۾.“
آهستي آهستي بيوس فارسي ۽ سنسڪرت اثرات کان آجو ٿي ويو. هن نج سنڌي لفظن، استعارن، تشبيهن، محاورن، مثالن وغيره جو استعمال ڪري سنڌي ٻولي کي هر خيال ۽ هر ويچار جي اظهار جو ذريعو بنائي داد حاصل ڪئي.
بيوس ڪيئي مضمون ۽ ڪيئي ناٽڪ به لکيا. هن تمام گهڻي شاعري به ڪئي. هن جو مڪمل مواد اڄ تائين به ملي نه سگهيو آهي. هن جي شاعري جي ڇپيل ڪتابن جي لسٽ هيٺ ڏجي ٿي.
[b]بيوس جون تصنيفون:
[/b]بيوس جي ڇپيل سنڌي شاعري جي ڪتابن جي لسٽ.
(1) شيرين شعر (1929ع)
(2) ساموندي سِپون (1929ع)
(3) موجي گيت، هري دلير سان گڏ (1932ع)
(4) ڦولداني محمد صديق مسافر سان گڏ (1939ع)
(5) شعر بيوس (1951ع
(6) بيوس گيتانجلي (1969ع)
(7) ڪليات بيوس (1991ع)
ڪشن چند بيوس جديد سنڌي شاعري جو وڏو ڏات ڌڻي آهي. هن نپنهنجي ڏات، ڏانءُ، ڏاهپ ۽ تجربن جو جرتمندانه استعمال ڪري سنڌي شاعري کي عروضي پابندين کان آجو ڪرائي جديد سنڌي شاعري جو بنياد رکيو. جهڙي طرح انگلينڊ جي بهترين شاعر ۽ نقاد وليم ورڊسورت جڙتو ڪلاسيڪل (Aeo Classical) شاعري کي ٽوڙي رومانوي شاعري جو بنياد رکيو. ساڳئي طرح هڪ سنڌي ماستر ڪشن چند بيوس سنڌي شاعري کي عروضي روايتن کان آجو ڪري جديد سنڌي شاعري جي شروعات ڪئي. بيوس باغي ڪو نه هو پر هن انقلابي قدم کڻي جديد سنڌي شاعري جي روايتن کي سگهارو بنايو. شيخ اياز 1945ع ۾ سچل سرمست اڪيڊمي خيرپور طرفان ادبي ڪانفرنسن ۾ مشاعري جي صدارت ڪندي چيو ”سنڌي ادب ۾ اهو انقلاب بيوس جي شاعري ۽ قليچ جي نثر وڌو.“
بيوس جديد سنڌي شاعري جو باني ۽ سرموڙ شاعر آهي. هن جي ڪارنامن تي اڃان تائين ڪا به خاص تحقيق نه ڪرائي ويئي آهي ۽ سنڌي ادب ۽ شاعري جي ڪن اهم حصن تي چڙهيل لٽ کي صاف ڪرائي، ان جي چمڪ ۽ عصمت کي نروار نه ڪرايو ويو آهي. اها ڪوتاهي ناهي، پر وڏي زيادتي آهي، وڏو ظلم آهي.
اسان جڏهن جديد سنڌي شاعرن ڏانهن نظر ڊوڙايون ٿا ته اسان کي هر طرف ڪشن چند بيوس جو اثر بکندي نظر اچي ٿو. کيئلداس فاني، شيخ اياز، نارائڻ شيام، هري دلگير، نياز همايوني، تنوير عباسي، بردي سنڌي، سروپچندر شاد، قمر شهباز، تاجل بيوس، تاج جويي ۽ ٻين بيوس جي واٽ تي هلندي، جديد سنڌي شاعري ۾ وڏا اضافا ڪري، نه صرف بيوس جو پر سڄي جديد سنڌي شاعري جو مان مٿاهون ڪيو آهي.
هري دلگير پنهنجي ڪتاب ”ڪشن چند بيوس“ ۾ صحيح لکيو آهي: ”بيوس سنڌي شاعري جو عظيم شاعر آهي. هن جو اثر سنڌي شعر تي گهڻو وڌيڪ هلندو.“ ”شعر بيوس جو مهاڳ لکندي مانواري فتح چند واسواڻي خوب لکيو آهي: ”بيوس جي ڪوتا (شاعري) ته دلي امنگن ۽ آنند سان گڏ زندگي جي راهه روشن ڪندي رهندي جيسين سنڌي آهن ۽ سنڌين ۾ ڪوتا (شاعري) جو قدر آهي.“
[b]مددي ڪتاب
[/b](1) ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو. سندي ادب جي مختصر تاريخ.
(2) ڊاڪٽر گربخشاڻي. ”شيرين شعر“ جو مهاڳ.
(3) ڊاڪٽر دائود پوٽو. ”سُرها گل“ جو مهاڳ.
(4) هري دلگير. ڪشن چند بيوس.
(5) پروفيسر ارجن حاسد. بيوس ۽ نئون دور.
(6) ڊاڪٽر لالسنگ اجواڻي. ”شعر بيوس“ جو مهاڳ.
(7) فتح چندواسواڻي. شعر بيوس جو مهاڳ.
(8) پروفيسر رام پنجواڻي. بيوس هڪ اڀياس.
(9) پروفيسر ڊ.ڪي. منشاراماڻي. بيوس هڪ اڀياس.
(10) ڊاڪٽر محمود شاهه بخاري. ڪليات بيوس.
(11) شيخ اياز. خط، انٽرويو، تقريرون.
(12) نصير مرزا. ڇهه ڇهه پئسا، به ٻه پايون.