سچل سرمست1152هه – 1243هه1739ع – 1829ع
[/b]
”سچل اعليٰ درجي جو عارف ۽ حيرت انگيز شاعر ٿي گذريو آهي. سندس ڪلام ۾ منصوري خمار آهي، خوش، جذبي جي موج مستيءَ ۾ هو صاحب پنهنجو مٽ پاڻ آهي.“
[b]ڪلياڻ آڏواڻي. سچل
[/b]
”حضرت سچل سرمست سنڌ جو باڪمال شاعر آهي. سندس شعر انسانن جي لاءِ سنيهو آهي، اُهو سنيهو جيڪو انسانن کي صحيح معنيٰ ۾ انسانيت جو سبق سيکاري ٿو.“
[b]ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ. سچل جون وايون. ٻه اکر
[/b]
”سچل سائين صاحب ڪمال قادر الڪلام صوفي ۽ تنهائي پسند سالڪ هو، جنهن سنڌي، سرائڪي، اردو ۽ فارسي ۾ دل جي احساس ۽ درد کي في البديهه انداز ۾ پيش ڪيو ۽ ان جي رد عمل ۽ انجام جي ڪا به پرواهه ڪا نه ڪئي.“
[b]ڊاڪٽر اين ميري شمل. سنڌي ادب جو ارتقا (ترجمو)
[/b]
”سچل وڏي بي ڊپائي ۽ جرئت ڏيکاري آهي. هن پنهنجي جيءَ سان جنگ جوٽي ۽ جڳ جي براين خلاف صدا بلند ڪئي. سندس وقت ۾ مذهبن جو بول بالا هو ۽ شايد هن انهيءَ قهري ذهنيت خلاف پڪاربو.“
[b]تيرٿ و سنت. اي جي.ايم جي مرتب ڪيل ڪتاب ”شاهه، سچل، سامي“ مان ڪجهه سِٽون.
[/b]
سچل جو سنڌي ڪلام سنڌين جي نس نس ۾ ويٺل آهي. البت ڪيترن ئي ڪافين ۾ ڪاتين جا قهر ۽ ڪلور ۽ ٻولي ۽ وزن جا ظلم جاري آهن. سچل جون گهڻيئي ڪافيون وائي ۽ ويچار توڙي وزن جي لحاظ کان اعليٰ درجي جون آهن.
[b]پروفيسر جهمٽ مل ڀاوناڻي. اي.جي.ايم جي مرتب ڪيل ڪتاب ”شاهه سچل ۽ سامي ۾ ڇپيل هڪ مضمون. سچل ۽ سنڌيت تان ورتل.
[/b]
”سچل سرمست مذهبي ڪلفت ۽ ڪٽپڻي جي جنسي جڙ ويهي ڪاٽي آهي، جڏهن هو چوي ٿو.
”مذهبن ملڪ ۾ ماڻهو منجهايا.“
اي . جي . اُتم. ”شاهه، سچل ۽ سامي.“
”سچل سرمست کي خداوند ڪريم سنڌ جي صاحب ڪمال شاعرن ۾ هڪ نهايت ئي بلند مقام عطا ڪيو هو. سندس هر هڪ بيت، نظم ۽ ڪافي مان تخيل جي پاڪيزگي ۽ بيان جي سونهنءَ پئي ٿي چمڪي.“
[b]عثمان علي انصاري. ”رسالو سچل سرمست“ جو مقدمو
[/b]
[b]سچل جي سوانح عمري
[/b]درازن جو درويش ۽ دورانديش شاعر سچل سرمست دُنيا جي سڀني شاعرن کان نرالو آهي. هن جي سوچ نرالي آهي، لفظ نظر نرالو آهي ۽ پيش ڪش به نرالي آهي. هن کي وسارڻ جي معنيٰ انسان کي وسارڻ ۽ انسانذات کي وسارڻ آهي.
[b]وڏن جو احوال
[/b]سچل جو هڪ وڏو ڏاڏو شهاب الدين اول سن 95 هجري مطابق 711ع ۾ محمد بن قاسم جي لشڪر سان گڏ سنڌ ۾ آيو. سنڌ جي فتح کان پوءِ هو سيوهڻ جو حاڪم ٿيو.سندس خاندان ڇهن پيڙهين تائين، سيوهڻ تي حڪمراني ڪئي. پوءِ زماني جي گردش سبب ان مسڪيني جي حالت ۾ پهچي لاچار سيوهڻ کي ڇڏي اچي خداباد ۾ ويٺا. پوءِ اُتان کان ٿي خيرپور رياست واري وارياسي علائقي ۾ اچي رهيا. اُنهي خاندان جي هڪ بزرگ احمد فاروقي اچي مير سهراب خان وٽ نوڪري ڪئي. مير صاحب هن جي خدمتن کان خوش ٿي خيرپور ۽ گمبٽ جي وچ ۾ هڪ جاگير عطا ڪئي. هن وري اها زمين پنهنجن ٻن نوڪرن دراز ونڊير ۽ ڪالجن ونڊير کي سنڀالڻ ۽ آباد ڪرڻ لاءِ ڏني اُنهن پنهنجا ڳوٺ آباد ڪيا. ڪجهه وقت کان پوءِ ڪالجن وارو ڳوٺ ڦٽي ويو ۽ درازا کي فاروقي خاندان جي طفيل وڏي عزت ملي. اڄڪلهه درازا سچل سرمست جي فيض سببان وڏين ادبي سرگرمين جو وڏو مرڪز بنجي ويو آهي.
[b]سچل جي پيدائش
[/b]سچل سرمست خيرپور رياست جي هڪ ڳوٺ درازا ۾ هجري سنه 1152 مطابق عيسوي سنه 1739 ۾ جنم ورتو. هن جي والد جو نالو ميان صلاح الحق فقير ۽ ڏاڏي جو نالو ميان صاحبڏنو فقير هو. هن جي مائٽن سندس نالو عبدالوهاب رکيو. هن جي سچائي ۽ حق گوئي جي ڪري سڀيئي هن کي سچو، سچل ۽ سچيڏنو چئي خوش ٿينداهئا. سچل سرمست پنهنجي سنڌي، سرائيڪي ۽ اردو ڪلام ۾ ”سچو“ ، ”سچل“ ۽ ”سچيڏنو“ کي تخلص طور ڪم آندو آهي:
اچي اکڙوين کڻي “سچوء“ کي سرچاءِ.
آهي وائي اور، ڪو سمجهي ”سچيڏنو“ چوي.
سچل ٻانهو ناچيو ”سچل“ تون سردار.
سچل سرمست 6 سالن جو مس ٿيو ته سندس والد ميان صلاح الحق فقير وفات ڪري ويو.
[b]تعليم ۽ تربيت
[/b]ننڍڙي عمر ۾ والد جي گذاري وڃڻ کان پوءِ سچل جي تعليم ۽ تربيت جي سندس ڏاڏي ميان صاحبڏني ۽ چاچي خواجه عبدالحق جي زير نگراني ٿي. سچل سرمست شروعاتي تعليم حافظ عبدالله قريشي کان حاصل ڪئي ٿوريئي عرصي ۾ سچل قرآن شريف جو حافظ بنجي ويو. هن عربي ۽ فارسي جي تعليم ڪاميابي سان حاصل ڪئي ۽ انهن ٻولين جو ماهر ٿي ويو. سندس فارسي ڪلام جي پورو مجموعو ”ديوان آشڪارا“ کي مير مراد علي خان ٽالپر ڇپائي پڌرو ڪيو. سچل عربي به خوب ڄاڻندو هو. هن پنهنجي چاچي ۽ سهري خواجه عبدالحق کان ديني ۽ دنيوي مضمونن ۾ مفيد ۽ مڪمل تعليم حاصل ڪئي.
[b]شادي[/b]
سچل سرمست پنهنجي چاچي ميان عبدالحق فقير کي پنهنجو مرشد بنايو هن پنهنجي چاچي ۽ مرشد جي ڌيءَ سان شادي ڪئي. شادي ڪرڻ کان پوءِ هو 2 سال زنده رهي ۽ رحلت ڪري ويئي. انهيءَ مان سچل کي ڪو به اولاد پيدا نه ٿيو. سچل ٻئي شادي ڪو نه ڪئي ۽ پنهنجي زندگي کي هيڪڙائي ۽ حق لاءِ وقف ڪري ڇڏي.
[b]شاهه لطيف سان ملاقات
[/b]شاهه لطيف سچل جي ڏاڏي ميان صاحبڏني سان ملڻ لاءِ درازن ۾ ايندو رهندو هو. هڪ ڀيري جڏهن ڪن جي چوڻ مطابق سچل 5 ورهين جو هو ۽ ٻين جي چوڻ موجب 13 سالن جو هو، شاهه لطيف درازن ۾ آيو ۽ سچل کي ڏٺائين ته سندس وات مان ازخود نڪري ويو: ”اسان جيڪو ڪُنو چاڙهيو آهي، اُن جو ڍڪڻ هي نينگر لاهيندو.“ هن جو مطلب هو ته وڏو ٿي هي عارف اسرار الاهي کولي ظاهر ڪندو. سچل الاهي اسرارن کي اهڙي بي باڪي سان کولي ظاهر ڪيو جو ڪوڙا ملان ۽ مولوي هن جي خلاف ٿي ويا. هو پاڻ به پريشان ٿيا ۽ سچل کي ڏاڍي تڪليف پهچائي.
[b]سير سفر
[/b]شاهه لطيف وانگر سچل سرمست سير ۽ سفر جو شوقين ڪو نه هو. هو ڪڏهن ڪڏهن روهڙي، سکر، شڪارپور ۽ لاڙڪاڻي منزلون ڪندو هو. جتي به ويندو هو ته ماڻهن جا ميڙا لڳي ويندا هئا. ماڻهن جون محفلون جاري ٿي وينديون هيون. ڪن ماڻهن جو چوڻ آهي ته سچل تنهائي پسند هو. لوڙهي اندر ئي رهندو هو ۽ دروازن کان ٻاهر نه نڪرندو هو. فطرت جي سونهنءَ هن کي راحت بخشيندي هئي. ماڻهن جي انبوه کان پري رهندو هو:
”جتي ماڻهن ميڙ آ، آئون تتي ناهيان.“
سچل پنهنجي ڳوٺ درازن کي ڏاڍو ڀائيندو هو.
[b]شريعت جي پابندي
[/b]سچل سرمست شروعاتي زندگي کان شريعت جو پابند هو. باجماعت نمازون باقائدگي سان پڙهندو هو. روزا به رکندو هو. مگر چشتيه طريقي ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ مٿس موج ۽ مستي ڇانئجي ويئي. سندس سيني ۾ محبت جو مچ ٻري اُٿيو. دل پچرڻ لڳي، ساري هستي پڄرڻ لڳي ۽ هو استبراق حالت ۾ رهندو هو. طبلي، سارنگي يا ڪنهن ٻئي ساز تي هٿ لڳڻ سان بي خود ٿي ويندو هو. مٿي جا وار کڙا ٿي ويندا هئا. ۽ اکڙين مان لڙڪن جون ڌارائون وهي هلنديون هيون ۽ وات مان ٻول جاري ٿي ويندا هئا.
”سچل آئون تان ناهيان،
پوءِ ساري سُڌ پيام،
ٿو پاڻ ٻاروچو ٻولي.“
سچل جو شاعري سرجڻ جو هي طريقو حيران ڪن آهي.
[b]سرمستي[/b]
سچل کي راڳ ۽ سماع ۾ ڏاڍو شوق هو جنهن اڳتي هلي هن کي الاهي مستيءَ طرف راغب ڪيو. جڏهن ساز وغيره وڄندو هو ته هو استفراق جي حالت ۾ اچي ويندو ۽ الاهي مستيءَ جي عالم ۾ هن جي شاعري سرجڻ واري صلاحيت اُڌما کائي ٻاهر نڪرندي هئي ۽ شعر سندس وات مان ازخود ائين نڪري نروار ٿيندا هئا. ڄڻ ڪا ڳڙن واري بارش وسندي هجي. هو شاعري کي سرجڻ واري ڪيفيت سچل کي پنهنجو پاڻ کان مٿي کڻي اُٿ جو سير ڪرائيندي آهي ۽ هن کي اُهي جلوا نظر ايندا آهن جيڪي هن کي پريشان ڪندا آهن، همٿائيندا آهن ته هو انهن جو اظاهر ڪري. سچل جو تخليقي طريقيڪار حيران ڪن آهي ۽ اُنکي دليلن سان سمجهائڻ جي ضرورت آهي ۽ رهندي. اسان جي اديبن، نقادن ۽ دانشورن کي گهرجي ته هو اُنهي حيران ڪن مسئلي تي سوچن، پاڻ پتوڙن ۽ اُن جو ڪو حل ڳولهي لهن.
[b]سچل جو مذهب
[/b]الاهي عشق سچل سرمست جو مذهب آهي. الاهي مستيءَ ۾ سڀ مذهبي اختلاف گم ٿي ويندا آهن. سچل پنهنجي الاهي عشق واري مضمون کي هن نموني ۾ بيان ڪيو آهي:
بزڳ، شيخ، مشائخ يارو، نا مخدوم ٿياسي،
نڪي قاضي، نڪي ملا، معلم پير بڻياسي،
نڪ ٺاهه ٺڳي جا ٺاهي، رنگ رساءِ رکياسي.
سچل جو مذهب، تسبيح ۽ اطاعت، مسجد ۽ مندر وارو نه هو. هو سموري انسانيت جو نئون ۽ نرالو مذهب هو.
نڪي مسجد مندر ويڙس، نه ڪيڙم تقويٰ طاعت،
سچل جو ٿيو بخت سوايو، جو ڪيڙي عشق عنايت.
سچل عشق الاهي کي پنهنجو مذهب مڃي ٿو جيڪو دوئي دور ڪري پيار جو سبق پڙهائي، دلين کي جوڙي انسان جي سڀني معاملن کي سلجهائي انسان کي اعليٰ منزل تي پهچائي ٿو.
”ڪفر زلف اسان جو ميان، منهن سندم اسلام.“
عشق جو مذهب انسان جي اندر ۾ سمايل آهي ۽ هن جي جسم جو هر عضوو اُن جو گواهه آهي.
[b]سچل جي شخصيت
[/b]قاضي علي اڪبر درازي پنهنجي ڪتاب ”دولهه درازي“ ۾ سچل سرمست جي صورت ۽ سيرت جو نقش هن طرح چٽيو آهي. ”سرمست سائين جوچهرو نوراني، صاف ۽ سفيد رنگ جو هو. خط و خال الڪش، چشم آهو مثل، ليڪن پر ڪيف ۽ گيسوُ دراز هئا. قد درميانو هو. هميشه سفيد ڪپڙن پائيندو هو. اڇي کٿي يا چادر ڍڪيندو هو ۽ سر تي سبز رنگ جو فقيراڻو ڪلاه پهريندو هو. اوائل ۾ وهٽ تي چڙهندو هو ۽ پوءِ ڪنهن به وهٽ تي نه چڙهيو. سندس خوراڪ بلڪل سادي هئي. هو ڪاٺ جي صندلي يا ڌرتي آرام ڪندو هو. هو رات ساري الله جي تات ۾ گُذاريندو هو. هو هميشه فڪر ۽ اسفراق ۾ هوندو هو.“
سنڌ جي هڪ ڏاهي تيرٿ و سنت سچل سرمست جي شخصيت کي انهن لفظن ۾ بيان ڪيو آهي. ”سچل حق پرست، اعليٰ دماغ، فراخدل، همدرد انسان هو. هن جهڙو انسان اقتدار جو مخالف، ڪوڙ ۽ فريب جو دشمن، آزاد خيال ۽ بي ڊپو شخص واجهه وجهندي به ڪو ڳوليو لڀي.“
”هنئين عاشق ته برسن، مينهن محبت جو وساءِ،
ساهه جو سانگو ڪرين، ته پير هن پڙ ۾ نه پاءِ.“
[b]وفات[/b]
سچل سرمست 90 سالن جي وڏي ڄمار ۾ سنڌ جي سر زمين تي نور ۽ سرهاڻ پکيڙي هجري سنه 1242 مطابق عيسوي سنه 1829ع ۾ هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪيو. انهي تاريخ تي هر سال درازن جي درگاهه تي ميلو لڳندو آهي. هر قسم جا پانڌيئڙا سڪ جو سلام ڀرڻ لاءِ حاضر ٿي روحاني خوشي ماڻيندا آهن.
[b]خراج تحسين
[/b]سنڌ جي باڪمال صوفي شاعر غلام قادر بخش ”بيدل“ پنهنجي هڪ غزل ۾ سچل سرمست کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي.
”عشق جو يارو درازن ۾ عجب اسرار هو،
مست سالڪ من سچو عارف اُتي اظهار هو،
وحد وحدت جو سدا خاصوتنهين ممار هو،
مرد سو مفهوم وانگر عشق جو اوتار هو.
[b]تصنيفون[/b]
سچل سرمست جون هي تصنيفون موجود آهن
(1) آشڪارا (فارسي)
(2) رازنامه (فارسي)
(3) رهبر نامه (فارسي)
(4) گداز نامه (فارسي)
(5) تارنامه (فارسي)
(6) رسالو سچل فقير جلد پهريون
(7)رسالو سچل فقير جلد ٻيو.
محمد صديق ميمڻ ”سنڌ جي ادبي تاريخ“ ۾ رسالن ۾ آيل مواد جو تفصيلي احوال هن طرح ڏنو آهي: ”جلد پهرين ۾ سنڌي، سرائڪي ۽ پنجابي ٻولي جون ڪافيون، غزل، جهولڻا، ريخته،آهن جن جو ڪل تعداد 134 آهي. جلد ٻئي ۾ 10 سه حرفيون (پنجابي ۽ سرائڪي ٻولين ۾) 195 پنجابي ڏوهيڙا، مرغ نامه جنهن ۾ 25 کن سنڌي ڏوهيڙا آهن، وحدت نامه، جنهن ۾ 180 مصراعن وارو يڪو سنڌي ڏوهيڙو، سسئيءَ جا بيت ۽ اڍائي سو کن سنڌي ڏوهيڙا آهن، مارئي جا بيت، پوڻا ٻه سؤ کن سنڌي ڏوهيڙا، مومل جا بيت، 25 کن سنڌي ڏوهيڙا، نوريءَ ۽ ڄام تماچي جا بيت، 75 کن ڏوهيڙا، روجهه بابت 17 سنڌي بيت پورب جا بيت، 28 ڏوهيڙا وحدت جا بيت، 35 ڏوهيڙا، حقيقت بابت بيت، 25 ڏوهيڙا، جهولڻو سسئي ۽ پنهون بابت، ٻئي جلد ۾ سه حرفين سميت ڪل ٻارهن سؤ کن ڏوهيڙا آهن. انهي کان سواءِ سندس ڪلام ۾ 602 ڪافين جو وڏو ذخيرو به آهي. سندس سنڌي رسالي ۾ 833 سنڌي بيت به موجود آهن. سندس ڪلام ۾ شامل 8 سنڌي دوها سچل جي شاعرانه ڏات جي سونهن آهن.
[b]سچل جي شاعري جون نمايان خصوصيتون
[/b](1) سچل سرمست نه رڳو سنڌ جو پر سموري دُنيا جون پهريون شاعر آهي. جنهن جي سوچ نرالي آهي، نقطه نظر نرالو آهي ۽ پيش ڪش به نرالي آهي ۽ سگهاري آهي. هن جهڙو نرالو، سگهارو ۽ انقلابي شاعر ۾ ڪو ڪٿي هجي.
(2) سچل سرمست پهريون سنڌي شاعر آهي جنهن رندي ڪلام کي سنڌي شاعري ۾ رائج ڪري وڏا رنگ رچايا آهن. سچل جا طالب هن کي ”حافظ درازي“ ڪري سڏيندا آهن.
(3) سچل سرمست پهريون سنڌي شاعر آهي، جنهن ڪيترن ئي ٻولين ۾ شاعري ڪئي ۽ خوب ڪئي. هن عربي، فارسي، سنڌي سرائڪي، پنجابي ۽ اردو ۾ شاعري ڪئي.
(4) سچل سرمست پهريون سنڌي شاعر آهي، جنهن گهڻن ئي صنفن ۾ شاعري ڪئي آهي. هن بيت به لکيا آهن. سروار بيتن ۾ به شاعري ڪئي آهي. هن ڪافيون لکيون ۽ ڪافي جي صنف کي عروج تي پهچايو. هن ڪيئي نيون صنفون جوڙي سنڌي شاعري کي ترقي ڏياري. هن جهولڻو، گهڙولي مسلسل بيت، مسلسل دوها، ڏوهيڙا، ٽيڏاکڙي، وغيره تحرير ڪري سنڌي شاعري کي فني ميدان ۾ خوب مالا مال ڪيو آهي.
(5) سچل سرمست پهريون سنڌي شاعر آهي، جنهن هڪ نئين صنف جهولي کي گهڙي سنڌي شاعري ۾ نوان رنگ ڀري اُن کي رنگين ۽ دلچسپ بنائي ڇڏيو آهي. هن گهڙولي جي صنف کي گهڙي اُن کي ڏاڍي مقبوليت ڏياري ۽ سنڌي شاعري ۾ سونهن ۽ خدمت گذاري جي جذبن کي اُجاگر ڪري وڏو ڪمال ڪيو آهي.
(6) سچل سرمست پهريون سنڌي شاعر آهي، جنهن روجهن بابت دلچسپ شعر جوڙي، سنڌي شاعري کي وسعت، بخشي آهي. هن کان متاثر ٿي ڪري ڪيترن ئي جديد سنڌي شاعرن پنهنجي ڪلام ۾ نوان موضوع استعمال ڪيا آهن.
(7) سچل سرمست پهريون سنڌي شاعر آهي، جنهن ڪافي جي صنف گهري، سنڌي شاعري ۾ نوان رنگ پکيڙيا آهي ۽ سرور جان نوان طريقا ايجاد ڪيا آهن. سندس سنڌي ڪلام ۾ 602 ڪافيون موجود آهن جيڪي بيمثال آهن ۽ لاجواب آهن ۽ سچل جي شاعري جو حسين ۽ رنگين سرمايو آهن.
(8) سچل سرمست پهريون سنڌي شاعر آهي، جنهن سنڌي ۾ انقلابي شعر جوڙي سنڌي شاعري ۾ نواڻ آندي آهي. هن جي انقلابي شاعري پنهنجو مٽ پاڻ آهي. سنڌ جي ٻئي ڪنهن شاعر اهڙي انقلابي شاعري نه سر جي آهي. هن جو انقلاب جو نظريو منفرد آهي، بي مثال آهي.
(9) سچل سرمست پهريون سنڌي شاعر آهي، جنهن جرئتمندي ۽ بي ڊپائي سان ڪوڙن ۽ منافقن ملن، مولوين، پنڊتن ۽ جوڳين جي احمقانه حرڪتن کي بي نقاب ڪري هڪ وڏي سماج سڌارڪ وانگر سماجي ڀلائي جو وڏو ڪارنامو سر انجام ڏنو آهي.
(10) سچل سرمست پهريون سنڌي شاعرآهي، جنهن 156 مصراعن واري ڪبت جوڙي، اوچي اُڏام ڀري آهي ۽ پنهنجي تخليقي صلاحيتن جو ڀرپور مظاهرو ڪيو آهي.
(11) سچل سرمست پهريون سنڌي شاعر آهي جنهن سنڌي شاعري کي بيپناهه وسعت عطا ڪئي آهي سنڌي شاعري ۾ انيڪ تبديليون آنديون آهن فڪر ۽ اسلوب کي سڀني پابندين کان نجات ڏياري آهي. سچل جو اسلوب سچ پچ نئون، نرالو، آزاد ۽ انقلابي آهي. جديد سنڌي شاعري سچل سرمست جي ڪلام منجهائون ڦٽي نڪتي آهي.
(12) سچل سرمست پهريون سنڌي شاعر آهي جنهن رسالي ۾ واين جي بدران ڪافين جو استعمال ڪري رسالي جوڙڻ جي روايتن ۾ وڏي تبديلي آندي آهي.
[b]سچل سرمست جي شاعري
[/b]سچل سرمست دنيا جي سڀني شاعرن ۾ هڪ نيارو ۽ پيارو شاعر آهي. هو سچو آهي، سچ ڳالهائڻ هن جي فطرت آهي ۽ هو سچائي جو سريلو اوتار آهي. هن جي هر شيءِ نئين ۽ نرالي آهي. هن جي سوچ نياري آهي. هن جو شين کي ڏسڻ ۽ پرکڻ جو معيار نئون ۽ نرالو آهي ۽ هن جي پيش ڪش به الڳ ۽ ڪشاده آهي. هو رسمي شاعر ناهي پر هڪ وڏو انقلابي شاعر آهي. هو منهنجو شاعر ناهي، تنهنجو شاعر ناهي پر سموري سجاڳ انسانذات جو شاعر آهي. وري دنيا ۾ مشڪل سان هن جهڙو ڪو ٻيو شاعر پيدا ٿئي جو سڄڻ ۽ ڪشاده دل انسانن جي لاءِ صداقت همٿ ربيد پائي ۽ انقلابي انداز ۾ اهڙي فڪرمند ۽ سجاڳيءَ پيدا ڪندڙ شاعري ڪري سگهي.
[b]پروفيسر ڊاڪٽر شمل جي راءِ
[/b]جرمني جي جڳ مشهور مصنفه ۽ تعليمي ماهر پروفيسر ڊاڪٽر ايني مري شمل پنهنجي ننڍڙي ڪتاب ”سنڌي ادب جو ارتقاءَ“ ۾ لکي ٿي ته ”سچل سائين صاحب ڪمال ۽ قادر الڪلام صوفي ۽ تنهائي پسند سالڪ هو. هو پنهنجي سنڌي، سرائڪي، فارسي ۽ اردو ۾ دل جي احساس ۽ درد جي في الديهه انداز ۾ پيش ڪيو ۽ اُن جي رد عمل ۽ انجام جي ڪا به پرواهه نه ڪئي.“ هو پنهنجو پاڻ کي کلي طرح ظاهر ڪري پنهنجي شخصيت ۽ عظمت کي اجاگر ڪيو آهي. هن جي شاعري ۾ حقيقت نگاري جو رنگ نمايان طور تي نظر اچي ٿو.
[b]سچل سرمست هڪ انقلابي شاعر
[/b]سچل سرمست نه صرف سنڌ جو پر پوري دنيا جو هڪ نيارو، بي ڊپو، بلند آواز انقلابي شاعر آهي. هن جي سوچ نرالي آهي، نقطه نظر نرالو آهي ۽ پيشڪش به نئين، نرالي ۽ سگهاري آهي. هو هڪ صاف دل صوفي ۽ ڪشاده دل شاعر آهي. هن جي شاعري هن جي صحتمند ۽ آزاد سوچ ۽ ڪشاده دل جي سريلي ۽ شانائتي سرگذشت آهي. هو رسمي ۽ روايتي شاعر ناهي. هن جي شاعري انسانن جي شاعري آهي ۽ هو سڄي انسانذات جو عظيم ۽ سريلو شاعر آهي. هن جي شاعري ۾ انسانن جا سمورا انگ رنگ ۽ ڍنگ کلي طرح نظر اچن ٿا.
”ڪو مومن چوي، ڪو ڪافر چوي،
ڪو جاهل نالو ظاهر ڪري،
ڪو شاعر چوي، ڪو ساحر چوي.
آئون جوئي آهيان، سوئي آهيان.
ڪو ملا چوي، ڪو قاضي چوي،
ڪو مفتي چوي، ڪو غازي چوي،
ڪو روزيدار نمازي چوي.
آئون جو ئي آهيان، سوئي آهيان.
ڪو رد چوي، ڪو بد چوي،
ڪو بيديني بيحد چوي،
ڪو مشرڪ، به ملحد چوي.
آئون جو ئي آهيان، سوئي آهيان.
سچل سرمست جي اهڙي ڪلام ۾ حقيقت پسندي جو رنگ نمايان نظر اچي ٿو.
[b]سچل جو اردو ڪلام
[/b](1) مولانا حڪيم محمد صادق جي مرتب ڪيل سرائڪي ڪلام جي آواز ۾ سچل سرمست جا ڪافي اردو غزل مليا آهن، جيڪي مرزا علي قلي بيگ واري رسالي ۾ سنڌي ۽ سرائڪي ڪلام سان گڏ ڏنا ويا آهن. جن وچ اردو غزلن ۾ تقاضائن جو خيال رکيو ويو آهي ۽ انهن ۾ ڪافي جو رنگ غالب آهي. غزلن جو مضمون صوفيانو آهي. غزلن ۾ حسن، عشق، هجر ۽ وصال جو ذڪر برتر انداز ۾ آندو ويو آهي. جمال جي جلوي کي هن طرح بيان ڪيو ويو آهي.
”ديکن سپنڳ فهم و عقل هوش اُڙ گيا،
وه زلف وپيچ پيچ ميڻ مستانه هو رها هوڻ،
معشوق آج سرير، چهرا بناڪڳ آيا،
ميڻ اس حسن، شمع پر پروانه هو رها هوڻ.“
2. سچل انسان جي اصليت کي هن طرح بيان ڪيو آهي.
”صورت، سريت ۾ هون، ظاهر گداگر،
هي رهون. باطن پچاني ڪو ميرا، سلطان،
هون سلطان هون، سچو مارا نام هي،
نام هي همارا پاڪ هي.
معشوق سروپاءِ هون هم گوي هم جوگا هون.
سچل منصور تي مفتون هو جنهن اناالحق جو نعرو لڳائي پاڻ کي قربان ڪري ڇڏيو، منصور کي ساراهيندي سچل چوي ٿو.
”اسي خواجه ڪي خدمت ۾،
همارا سؤ سلامان هي،
سچو اس شاهه سچل،
غلامان ڪي غلامان هي.“
[b]سچل جو فارسي ڪلام
[/b]سچل سرمست گهڻو ئي فارسي ڪلام لکيو هو. ديوان آشڪارا جو تخلص استعمال ڪيو آهي. هن جو فارسي ڪلام مثنوين جي صورت ۾ به آهي. جنهن ۾ خدائي تخلص ڪم آند آهي. سچل پنهنجي ڪلام ۾ ايراني شاعرن وانگر ظهار ڪيو آهي ته هن جيءَ هُن رب جي وچ ۾ ڪو فرق ناهي.
اگر خود را خدا، داني خدائي،
وگر خود را گدا، داني گدائي.
جي پاڻ کي خدا چائين ته خدا آهين ۽ جي پاڻ کي گڏ ڄاڻين ته گدا آهين، سچل فارسي ڪلام ۾گهڻين هنڌن تي حيرت جو اظهار ڪيو آهي.
کيتم من کيتم، من کيتم،
درني ير مانده ام من کيتم.
(ڪير آهيان مان ڪير آهيان،
وچ حيرت پيو آهيان ته آهيان ڪير.)
سچل پنهنجي ڪلام ۾ حقيقي شراب جو گهڻو ذڪر ڪيو آهي ۽ چوي ٿو ته اي ساقي مون کي انگوري شراب نه گهرجي، وحدت وارو شراب ايري آهي اُهو پياريم ته واق کان آجو آجو آهيان. سچل جي فارسي ڪلام ۾ مشرقي عاشق، عارفن جو به ذڪر موجود آهي.
سچل جي فارسي ڪلام ستور به آهي ۽ درد به آهي جنهن ۾ رندانه مستي به آهي.
سچل سرمست گهڻو ئي فارسي ڪلام تحرير ڪيو آهي. نخاني قصر سچل سرمست جي مهاڳ ۾ سچل جي فارسي ڪلام جي باري ۾ لکيو آهي ته فارسي ڪلام جو هڪ خاص ديوان جذبو اٿس جنهن ۾ پاڻ کي آشڪار جي تخلص سان ظاهر ڪيو اٿس تار نامه، راز نامه، گذار نامه، قتل نامه، عشق نامه ۽ رهبر نامه به سندس تصنيفن مان ڪي مثنوي جي مورت ۾ موجود آهن. هن خدائي تخلص رکيو اٿس، رهبر نامه سندس ڪلام آهن جو نوي سالن جي ڄمار ۾ سيقي حق ٿيڻ کان ٿوروئي وقت اڳ سالن جي رهبري واسطي لکيو اٿس.
سچل سرمست فارسي زبان جو بلند شاعر آهي. سندس فارسي شعر پڙهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته هم اوست جو نظريو ڪم ڪندو نظر اچي ٿو. ڪيترين ئي جائين تي مستي، بيخودي ۽ اشهراق واري حالت صاف ڏسڻ ۾ اچي ٿي.
[b]سرائڪي ڪلام
[/b]سچل سرائڪي زبان جو باڪمال شاعر آهي. سچل جو سرائڪي ڪلام ڏاڍو مشهور آهي. سرائڪي ڪلام ۾ عاشق ۽ معشوق جي ۽ رمزن ۽ نازن ۽ نخرن جي باري ۾ ڪيترن ئي جاين تي دلسوز احوال درج ڪيل آهي. سچل جو سرائڪي ڪلام عجت وحدان پيدا ڪري ڇڏيندو آهي. هڪ سرائڪي ڪلفي جون مصراعون پڙهو جن ۾ هڪ عاشق پنهنجي محبوب کي عمري جي نوازش لاءِ التجائون ڪري ٿو.
سائين کول حجابتون پردي،
آهن ڏون ئي ڏينهن گذردي،
گڏ جاسين تون بال اسا ڏي،
ڏينهن لنگهي او سردي،
ٻيا ڳالهيان سڀ ڀوڙ ڏساسين،
مين عاشق هڪ نظر دي.
سچل زور ڏئي چوي ٿو ته عشق ۾ صرف نياز ۽ عرض جي لوڙهندي آهي، وڏا نعرا اجايا آهن.
سرائڪي زبان جو مشهور شاعر خواجه زيد سچل جي ڪلام کان متاثر آهي، سندس ڪيتريون ئي ڪافين ۾ سچل سرمست جي تشبيح ڪيل نظر اچي ٿي زبان ۽ محاوري جي لحاظ کان سچل سرمست جو سرائڪي ڪلام قابل قدر آهي. جو ان ۾ سرائڪي لفظ ۽ محاورا نهايت دلوبيني سان ڪم آندل آهن. سچل کي سنڌ ۽ ملتان جي شاعرن جو شباح الميرا ڪوٺيو وڃي ٿو.
سچل جي سرائڪي ڪلام جو بنيادي مضمون وحدت الوحد آهي. چوي ٿو ته مون ۾ ذات الاهي جو جلو موجود آهي.
ميڏڙي دل وچ پيار ڀت ڌيان سنگهان پايان و،
اُچي جهوٽي آپ ڇوڏاوي ڏيندا لوڏي لک هزار.
[b]رشيد لاشاري درس لکيو آهي:
[/b]سچل سرمست جو سرائڪي ۽ پنجابي تي ايترو رتبو حاصل هو جو زبان ۽ محاورا ۽ جذبات به اهڙي رنگ سان پيش ڪري ٿو جو خود اُتان جا رهاڪو به ڏيندين آڱريون وهي رهجي وڃن ٿا.
[b]شاهه ۽ سچل
[/b]شاهه عبدالطيف ڀٽائي ۽ سچل سرمست سنڌي ثقافت جا سرواڻ ۽ سنڌي شاعري جا امام آهن، هو نه صرف سنڌ ۾ پر سموري دنيا ۾ مشهور آهن، ٻنهي جي سوچ نرالي آهي، فقط نظر نرالو آهي ۽ پيش ڪش به نرالي آهي، پر ٻنهي جو مقصد هڪ ئي آهي، سنڌي شاعري جي ترقي ۽ سنڌي سماج جي فڪري پنهنجي ۽ سماجي ڀلائي ۽ روزمره جي سهپ وارو پرامن ۽ خوشحال ماڳ ۾ هئڻ جي اهيمت جو ذڪر هن طرح آهي، اچو ته ٻنهي شاعرن جي شعرن کي چاهيون ۽ انهن جي شعرانه روايتن کي سمجهون ۽ اُن جي ذات، سيرت ۽ ساڃاهه کي ساراهيون ٻنهي جو مقصد لڳ ڀڳ ساڳيو آهي. پر انهن جو اسلوب الڳ الڳ آهي، سرمت سي جي داستان انهن ۾ ماڳ ۾ مرڻ کي هن نوني ۾ سمجهايو آهي.
ماڳ جي سئين سان هيئن هوٿائين هنج ۾،
وڃي ڪيچ سئينءَ نان ويچاري وس ڪيو.
شاهه لطيف جي سرڪاموڏ ۾ نوري پنهنجو پاڻ کي هن نموني ۾ متعارف ڪرائي ٿي.
تون تماچي ٿر ڌڻي، آئون مجهائي جي.
مون ڏهاڳ ۾ ڏي، آئون جي نالي سئين
سچل سرمست انهي مضمون کي نئين انداز ۾ هن نموني بيان ڪيو آهي.
تون سچو سائين، آئون مئي مهاڻي آهيان،
مون لڄ رهائين، جو چي لڳس تانجي.
شاھه لطيف ڪينجهر جي هئڻ جو مٽ انهي نموني ۾ چيو آهي.
جاريون تاريون ڇڄ چٻريون جن جي محبت مڇي ماڻ،
رهن، وهن سر پاندين سسئي ڀرپور هانءُ،
نيندن جن جيئن لطيف رسائي وجهن ساڻ،
تن ملاحن جو ماڻ سهي سرڪڻو پاهنجي.
سچل سائين ڪينجهر جي هائين جي ٿري حالت کي الڳ نموني بيان ڪيو آهي.
و هجر وهل لڀون، تي پٽ يا رب تن پانهنجا،
ڏنيون ڏڀ جون ٿي جهپيرن پهنجون،
ککي خاطر ڏٻريون، ڏند منجهه ڏنيون.
شاهه لطيف سر مارئي ۾ ملير جو ذڪر ڏاڍي سريلي ۽ متاثر ڪندڙ طرز ۾ بيان ڪيو آهي.
اٺ گهڻا ٿيا موڪ ملير ۾،
اکيون آب پرئو انهن کون کڻائي،
مارن شال متران، ڪوئيون ڇڏي ڪڏهن.
سچل به مرثي ۾ اهڙي خيال جو ۾ هن طرح ذڪر ڪيو آهي.
هي خبر هاڻي آهي ريگستان راڄ ڏانهن،
ته اُت منهنجي ملير ۾ ٻوٽن ۾ پاڻي،
۽ ڦل ڦل گلزاريون ٿيا، وڻ سڀ رمجائي،
تون به صاحب سڄائي موڪل ڏنم مڙي مران.
[b]سچل سرمست ڪافي جو امام
[/b](1) اسان اديبن ۽ نقادن ڪافي جا بيت پنهنجي خيالن جو اظهار جدا جدا نمونن م ڪيو آهي. پروفيسر جهمٽ مل ٻاوناڻي اي بي ايم جي مرتب ڪيل ڪتاب شاهه سچل، سامي جي ڇپيل مضمون ”سچل ۽ سنڌ سڀ“ ۾ لکيو آهي ته ڪافي لفظ ڪاويد (شقر) بگڙيل روپ تي لکي ٿو. ٻئي طرف ڏک ڏکڻي ڪٽارا سنگيت وديا ۾ ڪافي هڪ ٺاٺ مول راڳ آهي.
(2) پروفيسر سدارنگاڻي پنهنجي ڪتاب سنڌ جي فارسي شعر ۾ لکيو آهي ته عام طرح چوڻ ۾ ايندو آهي ته هي ڳالهه ڪافي پنهنجي قناعب ٿيندو آهي. اوائل ۾ ممڪن آهي ته قناعت جي مد نظر ڪافي لفظ استعمال ٿيو هجي.
(3) غلام محمد گرامي چوي ٿو ته منهنجي ذاتي خيال ۾ ڪافي راڳ جي نسبت سان اول ڳائڻ ۾ آئي. اڳتي هلي سڀني سُرن ۾ به ڳائجي وئي ۽ غلط الفاظ صحيح موجب هر سُر ۾ ڳايل سُر کي ڪافي سڏيو ويو.
(4) مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ پنهنجي ماهي مهراڻ رسالي ۾ 1994ع ۾ شاعي ٿيل مضمون ڪافي ۽ اُن ڪوفين ۾ لکي ٿو ته ڪافي آهي ئي ڳائڻ لاءِ ۽ نه لکڻ رکڻ لاءِ ڪافي موسيقي ٻئي شيون لازم ۽ ملزوم آهن.
(5) محترم الياس عشق هڪ وڏو اديب ۽ محقق آهي. مخدوم الياس عشقي جوچوڻ آهي ته ڪافي اصل ملتان ۽ پنجاب جي سوکڙي آهي. جيڪا سرائڻي شاعرن جي ذريعي سنڌ ۾ رائج ٿي هن جو چوڻ آهي ته جيئن ته ڪافي گهڻو ڪري ڪلام جيڪا راڳن ۾ ڳائي ويندي آهي. ان ۾ راڳن جو دمدن ۽ شاعري جو به ان سڪن صنف کي ايندا آهن. موسيقي جو ذوق لاءِ ڪافي سمجهيو ويدو هو. انهي خيال ۾ ان جو نالو ڪافي پيو.
ڪافي شاعري ۽ موسيقي جو سريلو ميلاپ آهي، ڪافي ۾ موسيقي جو لطف ۽ شاعري جو عجيب انداز بيان موجود آهن.
ڪافي ۾ گذريل واقعا ۽ وارداتن کي لطيف ۽ مڌر انداز ۾ بيان ڪيو آهي. ڪافي ۾ درد جو هجڻ لازمي آهي. ڪافي ۾ سوز ۽ سوز ان جي اثر کي من موهيندڙ بڻائيندو آهي. ڪافي ۾ روزمره جي ٻولي استعمال ڪرڻ ۽ اُن کي پرتاثر بنايو آهي.
(6) سچل سرمست سچ پچ ڪافي جي شاعري جو امام آهي. هن ڪافي جي صنف ۾ نوان تجربا ڪري اُن جا ڪيترائي قسم تيار ڪيا آهن. منفي لحاظ کان ٿيل ڪافي ۾ وسعيت آهي. لطف آهي ۽ ايترو وڌڻ لاءِ ڪيتريون ۽ راهون کيس نظر اينديون. هن ڇندوديا جي اصولن مطابق ڪافيون گهڙيون آهن ۽ علم ۽ عروض جي اصولن مطابق ڪافيون تحرير ڪري فڪر ۽ فن جي لحاظ کان ڪافي کي وڌيڪ موذون بنايو. جن ڪافي جي مضمون ۾ نوان انوارديت ۽ جدت جا رنگ سمايل ڪري اُن کي سنڌي تيار ڪري ان جو سينگار ٻڌائي ڇڏيو آهي. سچل سرمست ڪافي جا نوان نمونا تحرير ڪري ان ڪري سنڌ جي ماڻهن جي جذبي ۽ احساسن ۽ نون نڪتن کي ظاهر ڪرڻ جو هڪ سريلو رسيلو اظاهر بيان جو نئون، نرالو ۽ من موهيندڙ نموني بنائي ڪمال ڪري ڇڏيو آهي.
[b]I( 1) ڪافي هيڪوڻي
[/b]سچل سرمست ڪافي جا ڪيترائي نوان قسم ايجاد ڪيا آهن، هن جي ڪلام ۾ ڪافي جا قديم نمونا به ملن ٿا وائي جي سُر ۾ لکيل آهي. هيڪوئي ڪافي جا ڪيترائي قسم آهن. ڪافي جي هڪڙي قسم کي بيان ڪجي ٿو ته جنهن ۾ ٿل ٻن سٽن جو ٿئي جنهن ۾ بند هوندا آهن. هڪ مثال هتي ڏجي ٿو.
شاهه ٿيو سلائي نه ڄاڻ ڪنهن ڳالهه کان.
ڪافي جو هي جدا قسم آهي جنهن ۾ هن قسن جي ڪافي ۾ هر هڪ بند آهي ۽ ٿل به گهڻو ڪري ڏيڍ سٽو هوندو آهي ڪڏهن ڪڏهن ۽ بند ڏيڍ سٽو ٿئي ٿو.
قل پاڻهي چاريو چار،
قاصه مرن ڏي آيو.
اچڻ سنڌي اُن جي اُٿي ويا آباد،
تورو ڪيتيون لايو.
(8) سچل سرمست ڪافي جو بلند پايه شاعر آهي. هن ڪل 601 سنڌي تخليقون ڏنيون آهن. ٻئي ڪنهن به سنڌي شاعر سچل سرمست کان وڌيڪ ڪافيون نه ڏنيون آهن.
[b]ڪافي بياني:
[/b]تنهن قسم جي ڪافي ۾ ٻه مصرعون ٿين. ته ڪڏهن ٻن سٽن جو، هڪ پٽ وارو پڪو يا ٻن ٻن وارو ٿئي، هن جا مختلف قسم آهي. هڪ قسم هو غزل ۽ ٻيو ٿل توڙي بندوين بدن جا ٿين. ٿل جي پنهنجي سٽن ۾ مسافيون ٿئي ۽ بدن جي سٽن ۾ قافيو ٿئي.
انهن اڳين کي نهاسو نهار تنهنجو،
ويٺو وٺي مان آهيان ڪامل قرار تنهنجو،
هن کي اوهان ڀي يا ڀئون آهي نه ماڙڪائي،
جي تان غريب آهي، اميدوار تنهنجو.
سچل جي سرمست هڪ ڪافي جي ٿل ۾ چار بند هوندا آهن ته هر هڪ پڊ ۾ به چار بند هوندا آهن. ٿل جي چئين بندن ۾ هڪ جهڙو قافيو هوندو آهي. بند چار پر پاڻ ۾ هم قافيه هوندا آهن. بند ٿل سان هم قافيه هوندو آهي.
تنهنجي حسن ماريا، سوري سنڀاريا،
انهي ڳالهه ڳاريا، هزارين هزار،
اُهي پار آيا، بندن جي لواريا،
ٻئي سر سلايا تنهن ترن اگهار.
[b](10) جهوڻو ڪافي:
[/b]سچل سرمست جي هڪ نئين ايجاد جهوڻو ڪافي ڪافين جو مضمون رس ۽ رچاءُ ۾ جهوڻي بهتر هوندو آهي. جهوڻو ڪافي جو هر بند ٻن ماتن سٽن جو هوندو آهي ۽ قافيو هر سٽ جي پويان اچي ٿو.
تنهنجي اچڻ سان هت، پوتيون ٿي پايان،
تنهنجي صبح سرتيون، ٿي پانڌي پچايان،
ڏاها تن تنهنجا ڏي ٿي ڪانگ اُڏايان.
[b]سچل هڪ انقلابي شاعر:
[/b]سچل مذهب جي خلاف ناهي پر رسمي ۽ روايتي ڳالهين کان منهن موڙيو هن ملا ۽ مولوي سهپ ۽ مذهب جي هر سوده، مدي خارج ۽ مطلبي تشريحن ۽ سمجهاڻين کي مڃڻ کان انڪار ڪيو آهي. هن مذهب جي سچي روح پيغام کي عالم آشڪار ڪيو آهي. هو سمجهي ٿو ته انساني جسم صرف لباس آهي. جسم دوست جو ديرو آهي ۽
سچل سرمست تنگ نظري ۽ دڪيانوسي خالين جي خلاف آهي، هرنن جي نگري کان ڪوهين دور آهي. صوفي وٽ سچ ۽ سچ آهي، عشق ئي عشق آهي، هر صورت ۾ مالڪ ساڳيو ئي مالڪ آهي.
صورت سڀ سلطان، پاڻ ڏسڻ آيو پنهنجو نماڻو.
ڪافيون پڙهي چوڻيون، ڪائي ٿين پڙي نوان.
ڪائين پڙهي وزير ٿيو، ڪائين ٿيو دربان،
ڪائين احمد بلا ميمي هو ۽ حيرت،
سڄو پنو صبر ۾ هو ۽ حيرت ۾ حيران.
[b]سچل جي انقلابي شاعري
[/b]لالسنگهه اجوائي پنهنجي انگريزي ڪتاب ”سنڌ جي ادبي تاريخ“ ۾ سچل سرمست کي انقلابي شاعر سڏي ٿو. دلير دودو درازي سچل سرمست سچ جو شاعر آهي ۽ حق گوئي هن جي سڃاڻپ آهي. زماني جي هالتن مطابق ڪوڙن ماڻهن ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي، ماڻهن کي مذهبي ۽ ڌرمي ۾ پنهنجي طرفان ڪوڙيون تشريحون ڪري انهن کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته شاعر سچل سرمست ميدان ۾ نڪري آيو ۽ اُنهن جي خلاف انقلابي آواز اُٿاريو. هن سختيون سٺيون، عداوتن کي منهن ڏنو ۽ دل جو سڪون وڃايو پر حق جي رستي تان نه هٽيو. اسان جا سنڌي شاعر دٻاءُ ۾ اچي حق جي واٽ تان هٽيو وڃن ٿا. سچل سرمست يا ڪنهن جي دٻاءُ ۽ جرئت سان هر مصيبت جو مقابلو ڪيو ۽ پنهنجي انقلابي آواز کي جاري رکيو.
جي مڃين ٿا آدمي، سي نه مڃان مان،
سچو آهيان آءُ، جي ٻانهو ٻئي جو نه ٿيان.
[b]وقت جون حالتون:
[/b]سچل سرمست جي دور ۾ سنڌ ڏاڍيون تباهيون ڏٺيون. بادشاهه دهلي ۽ سنڌ تي چڙهايون ڪيون ۽ عام ماڻهن جو قتل عام ڪرايو. اُن کان پوءِ احمد شاهه ابدالي ۽ اتان جي بادشاهه تيمور شاهه جي حملن سنڌ کي برباد ڪري ڇڏيو حڪمران به ملن مولوين پادرين ۽ پنهنجن جي زير اچي ويا. اهڙي طرح مذهبي ۽ ڌرمي ڄاڻ وڌي وئي. مُلن ۽ پنڊتن من گهڙت قانون جوڙي ماڻهن کي ماڻهن کان ڌار ڪري ڇڏيو. اوچ، نيچ، ڀيد ڀاءُ، غفلت مذهبي ڪٽرپڻي امن کي برباد ڪري ڇڏيو. سچل سرمست سنڌ ۾ رائج مذهبي، سماجي ۽ انتظامي براين جي خلاف انقلابي آواز اُٿاريو.
مذهبن ملڪ ۾ ماڻهو منجهايا،
تيخي، ڀريءَ بزرگي بيحد ڀلايا،
ڪن همارون ترهي، توڙي ممبر وسايا،
اُوڏا ڪين آيا، عقل وارا عشق کي.
سچل جي ڪلام، ماڻهن ڏاڍا ڪوڙ مچايا، سچل کي برو ڀلو چيو ويو. محفلون مچائي، سچل جي مذمت ڪئي ويئي. سچل ڪوڙن مذهبي ملن، مولوين ۽ منافق مشائخن کي انهن جي اشفانه حرڪتن جو جواب هن نموني ڏنو.
ڪلمي مون کي ڪين ڪيو، مورئون مسلمان،
نڪي احمد موڪليو، عرب کئون ايمان،
سچو سو سبحان عالم ليکي آدمي.
*-*-*
نا مين مسجد نا مين حجرا، اندر پير نه پايان،
نا مين ڪعبه، نان مين قلبه مڪي مور نه جاوان،
نا مين نانڪ، نا مين لڇمڻ گنگا مول نه جاوان،
پار ته ميرا درس درازي سچل نام سڏايان.
*-*-*
ڪلمو پڙهان ته ڪافر ٿيا، قرآن نه انهي گهيڙ،
جادي راهه رسول جي، نيندي پايان نه پير.
سچل سرمست هندن ۽ مسلمانن کي مذهب جي ڪٽرپڻي جي مخالفت ڪندي آگهاه ڪري چوي ٿو ته هو ساز ۽ سلوڪ ۾ رهيا ته پوءِ پڇتائڻو پوندو.
وقت اها ئي ويل، دو ئي دور ڪرڻ جي،
ڪندي من مذهب مان سامهو ساڻ نٿو سيل،
هوندو مومن سان ملي، محبت جو ڪر ميل،
مٿان ٿئي اول سچو اولهه صبح نه لهي.
سچل سچي مذهب جي اٿار ڪندي چوي ٿو ته مذهب دليون جوڙي ٿو ۽ نه ئي دليون ٽوڙي ٿو. مذهب محبت کي وڌائي ٿو ۽ نفرت کان پاسو ڪري ٿو. مذهب سک ۽ سڪون آڻي ٿو ۽ بد امني کان بچائي ٿو.
سچل سرمست قافين ۾ ملان ۽ پنڊتن کي مذهبي ڪٽرپڻي ڇڏي ڏيڻ جي ڏانهن ڪري ٿو. پر هو ڄاڻي ٿو ته انهن جو ڪردار ڪهڙو آهي.
ملان ته ڪارڻ ماني جي ختما پڙهن ٿا خاصا،
هي اچن ٿا ڪنن تي، هٿ ۾ ڪيون عصا،
چڙي وڃن ٿا مانين تي پکيون پرن ٿا پاسا،
ملان چون ٿا ڪين کائون ٿا کائي وڃن ٿا ڪاسا،
سچو سچ چوي ٿو ظاهر، نيون کمتن ٿا باسا.
سچل جي چوڻ مطابق ملا حقائي حسن ۽ عشق کان بنهه بي بخر آهن. صرف وظيفا پڙهڻ ۽ ورق وڌائڻ سان حق جو ديدار حاصل نه ٿيندو. هڪ دفعي هي حق جي حسن جو ديدار ٿي وڃي ته مارون کائيندي سختيون سهندي هو وجد ۾ اچي، روح جي راحت ماڻي سگهي ٿو. سچل کي اهو احسان ٿئي ته ڌڻي پاڻ اهو ملو آهي. پاڻ ئي قاضي آهي پاڻ ئي پنڊت پاڻ ئي هر جاءِ حاضر آهي.
”پرڪنهن ويڙهي تون سين، تو ري آهي ڪو نه ٻيو.“
سچل سرمست هڪ اهڙو انقلابي شاعر آهي، تباهي نٿو چاهي نه هي بربادي چاهي ٿو، پر پيار ۽ محبت جو حامل آهي. هو نفرت ڪري ئي نٿو سگهي. هو ملن، پنڊتن ۽ ٻانڀڻن جي ڪاري ڪرتوتن کي ڌڪاري ٿو، پر لائق ملن، قاضي ۽ پنڊتن ۽ ٻانڀڻ کي چاهي ٿو، ڇاڪاڻ ته انهن کان سواءِ سُکي، پر امن ۽ سهپ واري زندگي گذارڻ ممڪن ئي ڪو نه آهي.
(نوٽ: مون هي مضمون مسٽر ٻلديو مٽلاڻي جي ڪتاب ”سچل جون وايون“
جو مطالعو ڪري اُن کان متاثر ٿي لکيو آهي.)
[b]سچل جي شاعري جو مضمون
[/b]سچل سرمست جي شاعري جو مضمون بنيادي طرح وحدت الوجود، وحدانيت، حسن و عشق، نفرت پاڻ سڃاڻڻ، سرمستي، فتنا، ۽ بقا جي مسئلن تي مشتمل آهي. سچل سرمست قرآن، حديث ۽ وڏن مذهبي رهنمائن جي حوالن جي روشني ۾ مثالن ۽ دليلن سان سمجهائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي.
[b]وحدت الوجود
[/b]وحدت الوجود صوفين جو هڪ اصلاح آهي، جنهن ۾ حق تعاليٰ جي توحيد تي بحث ڪيو ويندو آهي. انهي بحث موجب حقيقي وجود هڪ آهي. فقط هڪ آهي ۽ اهو آهي الله تعاليٰ جو آهي. الله تعاليٰ جو وجود هڪ آهي، يعني فقط خدا ئي موجود آهي. ۽ ٻيو ڪجهه به ناهي. هر شيءِ انهي مان آهي ۽ انهي ۾ آهي جهڙي طرح سمنڊ ۾ لهرون ۽ موجود موجن جو وجود حقيقي ناهي پر مسافي لهرون ۽ موجون مٽجي وينديون پر سمنڊ قائم ۽ دائم رهندو آهي.
سچل سرمست وحدت الوجود جو وڏو شاعر آهي، وحدت الوجود تي تمام گهڻو زور ڏيئي ٿو ۽ اُن کي مختلف طريقن سان سمجهائي ٿو.ھو ٻڌائي ٿو ته حقيقي وجود فقط هڪ ذات آهي ڇاڪاڻ جو جيڪڏهن ٻئي خدا حقيقتون هجن ته حيات انهي مرحلي تي ئي ختم ٿي وڃن. هو هميشه کان آهي ۽ رهندو. هو واحد ۽ لامحدود آهي. ڪائنات جي هر شيءِ هن جي ذات جو حقيقي منظر آهي. سموريون موجود ذات انهي ذات کان جدا وجود ٿيون رکن.
شاهه آپي گدا، آپي امير اُمراء
آڳي ڏي، آپي پي، آپي پٽ، آپي ماءُ.
آڇي ڪپءِ. آڇي، ڙس آڇي ڀيڻ ڀاءُ،
آپي موچ، اُتي اهر، سچل آپي دم دم درياءَ.
هر شيءِ دنيا ۾ حقيقي ذات پات جي لهر آهي.
جي اوهين ڄاڻو اي جڏهن، آهر الله لوڪ سارو،
ڪافي آهي ڇپ ڇپائيءَ ۽، ڪاٿي سوماري نعرو،
ڪاٿي بيڪسي ۾ گذاري ڪاٿي سود ڪمن وارو،
ڪاٿي شرع ۾ شور مچائي، ڪاٿي ڪچيءَ ۾ ڳارو.
جاڏي ڏسو ٿا خاري آهي، آهي سندس نينهن نظارو،
حقيقت بي حال تون سچو ٿئي نه رسييارو.
هو سڀ ڪجهه آهي، ان کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي. انساني روح خدائي روح جو جزو آهي. اُهي جزا وڃي روح ڪل ۾ گڏ ٿيا.
ورت سڀ انسان جي اُتي عشق اصل،
حلق آدم اعليٰ مورنده بروجهڙا ڪل،
آلاسان سري واناسره سچ سچا سومل،
ڀول نه ٿئي تون ڀل، هتي هتي هڪ اتي.
سچل چوي ٿو ته هٿ نور ۽ نور آهي، سڀ صورتون حياتي آهن. هر هند ھو ئي موجود آھي.
جي تو ڄاڻو پاڻ، آئون ٻيو ڪو آهيان،
ڪندو غرق گمان ڳلا انهي ڳالهه جي.
سچل سرمست موج ۽ مستي تان تير ۽ شاعري ذريعي پاڻ سڃاڻ ۽ اخلاق الاهي پيدا ڪرڻ جو پيغام ڏئي ٿو.
آهيان آئون اسدار جيڏيون مون کي ڪير پيانون ڏنيون،
جيتري بادشاهي تنهنجي، ڪيتر ۾ هٿ سڪار،
نوري ناري ناهيان، آهيان رب ميار،
مرشد ٻانهو نه چيو تون سمجهو آهين سردار.
[b]حسن و عشق
[/b]حسن ۽ عشق جا جذبا ازلي آهن، جيڪي انسان جي فن ۽ فڪر تي اثر وجهن ٿا. سڀئي لطيفي فن جماليت جي هنج ۾ مبتلا آهن ۽ انهن جي فطري جذبي کي جسماني طرح پيش ڪندا آهن. شاعري جو بنياد شوق ۽ ذوق تي آهي. جڏهن حسن ۽ عشق دل ۾ تڙپ ٿيندا آهن. تڏهن شاعري وجود ۾ ايندي آهي.
سچل سرمست ديوان خدائي ۾ هن محبوب جلوو ڏيکاري منهنجي دل کي کسي ورتي ۽ محبت جي ميدان ۾ عجيب انداز سان مون کي شڪار ڪيو. هن جي هاڪ، جي ورلاپيون ۽ دانهون ۽ وسل جون وايون سچل جو ڪلام ۾ نمايان طور تي نظر اچن ٿيون. سچل چوي ٿو ته حسن جي هر جلوي ۾ محبوب جي صورت نظر اچي ٿي.
سچل سرمست حسن ۽ عشق ۽ اظهار ڪري ٿو ته جيئن ته انسان ڏس جي فڪرن مان آزاد آهي، حق ۽ سچ جي ڪا مقدار ٿئي ۽ ماڻهن اخلاص ۽ محبت جاڳ اٿئي.
عشق محبت ٻاجهون ڄاڻين سڀ راهه خلاقي،
بزرگ ڪارڻ دنيا جي ڪن طلسم سڀ طلافي،
سچا بزرگ جي نه ٿيندا سچا صوفي متافي،
سچل جي شاعري ۾ محبوب جي حسن ۽ جمال جي جنون سان گڏ مشهور ۽ سرمد وارو حلال به موجود آهي. جن ازل کي سر جو سودو ڪري ڇڏيو آهي، پر عشق جو برڪتون انهن جي لاءِ مخصوص آهن، حسن جي دنيا جو دستور به نرلاو آهي. ڪڏهن جدائي سچل جي سيني ۾ باه ٻاري ڏني آهي.
جي اچين ته اچ نه ته پرون پڇاڙيون،
محبت ٻاريون مچ سڀني منجهه سچو ٿي.
عشق جو سودو ڏاڍو ڏکيو آهي ان ۾ سر ۽ ساهه کي قربان ڪرڻو پوي ٿو.
سچل چوي ٿو ته عشق کانسواءِ زندگي جو وجود بي سود آهي. عشق جي اڱڻ ۾ هستي کي مٽائڻ ضروري آهي. اُن کان پوءِ جدائي جي ديوار ٽٽي پوندي آهي ۽ وائي سان وصال مڪن ٿي سگهندو آهي.
عشق جي اڳيان علم عقل، شرم ۽ حيا سڀ ماٺ آهن، راهن تي سرڪار عابي جو اچڻ عاشق مرڻ کان اڳ ئي پاڻ کي ماريو ڇڏن ٿا. جي دلين ۾ دلبر جو درد رهندو آهي. سي هن فاني جڳ سان رشتا ٽوڙي پاڻ ۾ آڳ ٿي وڃن ٿا. عاشق جي اندر ۾ عشق جو مشاهدو ڀرپور ٿيندو آهي. عاشق دوئي کان دور رهندا آهن ۽ سچن جي راهن ۾ حاضر رهندا آهن. پنهنجي ڪيل قولن کي پوري ڪرڻ لاءِ قربان ڪري ڇڏيندا آهن جن پريم جو پيلاو پيتو آهي، تن کي موت ڪيئن ماري سگهندو.
عاشق مرندا ڪيئن ڪي فدا ڪين مڪان ۾،
ديواني دريا جو پيتون پيالو پُر ڪري،
اجر منجهه امير ٿيا گڏيا ڪن جهان ۾،
عشق ۾ جي غرق ٿيا تن گهاگرون ۾ گها.
ٻولي ٻولن ٿا ٻي نه ڪا، اُهي رهن الامان ۾.
الاهي عشق هڪ ازلي ذات آهي، جيڪا سڌون ڪرڻ ۽ خواهشون ڪرڻ سان نه ملندي آهي. انهي جي لاءِ سر ۽ جان جو صدقو ڏيڻو پوندو آهي. عشق حق جو ٻيو نالو آهي، جنهن کانسواءِ هر شيءِ ڪوڙ آهي. عشق الله جو اهڙو دستور آهي، جنهن کي سمجهائڻ لاءِ منصور حيات سوليءَ چڙهڻو ٿو پوي.
محبت جي مٽي ماريو ري مون کي.
ڪاڪين ڪنهن مان ورهه ورهيان،
عقل علم سڀ ڇوڙ ڏنو سي عشق ڏنو اوترو،
اسيان کرل ته ظاهر ڏيکين، سِر سڃڻ جو سارو،
سڀنر سڃندا جوڙ سانباها ورهه ڪيو جان وارو.
[b]فنا[/b]
پنهنجي خودي کي توڙي ذات مطابق اندر سمجهائي وحدانيت جي تڪميل ڪرڻ کي فنا چئبو آهي. فنا ٿيڻ کان سواءِ منزل ملڻي ناهي. سچل سرمست چوي ٿو ته سچو عاشق آهو هي آهي، جو جسمي ۽ جيءَ کي گهوري ۽ واپس نه اچي خواهش ۽ تمنائن کي مارڻ کان پوءِ ئي دلبر جي ديدار جون راهون کلن ٿيون.
اول کان عوطو هي ڪم، پچي امر شاهي دادم،
اچڻ انهي ٿر ۾ ڪجن ڪونهي ڪم،
شادي ڪي ڪام ڪي عازن ناهي ڪم،
چئو منصور اُن ۾ شامل سان دم دم.
سچل چوي ٿو ته انهن، ترن قابورن قدم پنهنجي ذاتي خواهشن ۽ جسم جي خيرخواهي ڇڏڻ وارا ئي معراج جي منزل حاصل ڪن ٿا. ۽ روحاني جلون جو ديدار ڪن ٿا.
جي فڪر کون فارغ ٿيا، ٿيا دنيا کان دور،
هوندا سي حضور، آئون ته ڳرهيون ڳالهڙيون،
جسم ۽ جان خالي آهن. اُنهن کي ڇڏي اڳتي وڌي حق جي رهاه ۾هلڻ۽ حق کي حاصل ڪرڻ لاءِ ضروري آهي.
اڳيان وجهه نگاهه ڳالهه نه ڪو ناهي سهي،
ختم ڇڏي هل اُڏهين تي رهبر مٿي،
راهه سڃو ساءُ سڃ تين هوئين هل هر ڳالهه.
ڪوڙ ڏسي ڀلجي نه وڃن گهرجي ڪوڙ ته وڃڻو آهي، رهڻو ناهي، مايا چار مان آزاد ٿيڻ مصلحت کان بچڻ ۽ سوريءَ جو سينگار ٿيڻ سان ئي هقيقت ۽ هق جي پروڙ پوي ٿي.
وحدت جي وادي ۾ وصل ڪرڻ لاءِ جمع ۽ جان، ساهه ۽ سر کي گهري شهادت حاصل ڪرڻ اشرد لازمي آهي.
عاشق شهادت ڪر قبول رک فنا دا خيال ڀي،
هين جسم دا ڪرو سار، مار انالحق دا نعرا.
هڪ ڏينهن دنيا ڇڏي هلڻو آهي ته پوءِ هو ڇو نه پرين جي راهه ۾ هلي.
عاشق نام سڏاوڻ سوکا، اوکا اُس پر رهڻا هئه
انهن پردي کي هٽائڻ ۽ پاڻ وڃائڻ کان سواءِ يار جي جلوي جو نور نظر اچڻ ناممڪن آهي. پنهنجي خواهشن ۽ تمنائن ۾ قابو ۾ رکڻ ۽ منور مان گهري مرڻ کان اڳ مرڻ وارن کي موت به ماري ٿي سگهي پوءِ ڇو نه هو ذات حق سان ڪري لازوال هجي.
[b]بقا[/b]
سچل سرمست مثنوي گذرنامه ۾ وحدت الوجود کي سمجهائڻ لاءِ پاڻي ۽ برف جو مثال ڏنو آهي. انسان برف مثال آهي، اُها صبح ڏانهن منهن ڪري ڳري پاڻي ٿيو وڃي. اصل اُهو پاڻي هو. جنهن مان برف ٺهي. سچل جو چوڻ آهي ته انسان ڪجهه به ناهي پر انهي ڪل جو جزو آهي، انهي ڪري هن کي پنهنجي وجود کي وساري ذات متعلق ۾ هڪ ٿي وڃڻ گهرجي.
ٻانهون پاڻ ۾ پاڻ، توهين مالڪ ملڪ جو،
لا خبري عبدي اهو ئي اهڃاڻ،
پاڻ پنهنجو پاڻهين صورت پنهنجي سڃاڻ،
الله الله پهريون پاڻ ئي الله پاڻ،
سچو سائين سيڪڙو باقي سڪ گُمان.
ذات متعلق پنهنجي حسن جي تجلي ڏيکارڻ لاءِ هي منجهان تخليق ڪيو ۽ پاڻ ئي آدم ٿي پنهنجي ئي عبادت ڪرڻ ۽ جاودان ۽ ظاهر ٻي معنيٰ ناهي،. پر دلبر جي ديدار آهن.
آدم ٿي ڪر آيا، ڄاوڻ دي سنڌ تائين،
ظاهر ستوئي باطن سوئي مرشد ابوسين سمجهايا،
سچو صفات هي ڪر سارا سر ڇپايا.
هن مطابق الڳ الڳ سونهن جون تخليقون ڏسڻ واري هر هنڌ تي نروار نظر اچي ٿو.
حسن تنهنجو تو اچي طرهون طرح ڏيکار ۾،
هڪ هئين آئين وري ڪنهن شوق مون ۾،
خمار ۾ آهي سچو ئي نام جي ناهي ٻيو نروار ۾.
شرير ته هڪ لباس آهي، جنهن ۾ دلبر جو ديرو آهي. محبوب ته هر هنڌ هڪ ئي آهي. جبل جهاڳڻ ۽ شڪر ڏاڪڻ اجايو آهي. ڇاڪاڻ ته نهل ته پاڻ وٽ ئي وسي رهيو آهي. اهو ئي هڪ وڏو سچ ته رب پاڪ کان سواءِ پتو ڪجهه به جاتي ناهي. حق صرف هڪ آهي جيڪڏهن جو جلوو هر شيءِ ۾ نظر اچي ٿو. اُنهن کي ماڻڻ لاءِ پاڻ کي وڃائڻو آهي،
[b]مصرفت پاڻ مڃاڻڻ:
[/b](1)سنڌ جي سمورن صوفي شاعرن خودي وڃائڻ ۽ پاڻ وسارڻ ۽مصرفت ذريعي پاڻ سڃاڻڻ تي زور ڏنو آهي. جيئن مالڪ پاڻ ماري، پاڻ سڃاڻي فنا ٿيئي الله ٿئي ٿو.تڏهن ازخود سندس اندر ۾ انالحق جو نعرو وٺڻ لڳي ٿو.انهي طاقت ۾ ساري ڪائنات منجهس سمجهائي وڃي ٿي.
پاڻ پنهنجو پاڻ ويهي پاڻ ئي الله ڄاڻ.
الله الله ڇو ويهي چوان پاڻ ئي الله تعاليٰ
تون ئي ٻڌندڙ، تون ئي ڏيندڙ ساهه آهه قرآن
ناهي شڪ گمان، تون ئي سچو سائين هيڪڙو.
پاڻ سڃائڻ جو مطلب آهي ته انسان پنهنجو پاڻ ۾ ڇا آهي ۽ هو ڪٿي بيٺو آهي.اُن جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ انسان پنهنجو پاڻ کي سڃاڻي ترقي جي بلندين تي پهچي ٿو.
(2) سچل سرمت ٻڌائي ٿو ته ظاهر ۽ باطل سڀ خدا آهي اسان کي پنهنجي وجود ۾ هجڻ کي ثابت ڪرڻ لاءِ مڪمل ڪرڻو آهي بي عملي ۽ جهالت کي هٽائڻ ضروري آهي ان کي پوءِ من ۾ معرفت بي مثال ٿيندي. جو ڪچو آئينو ٽٽي پوندو. پاڻ سڃائڻ سان ئي پنهنجو پاڻ کي ڳولي سگهبو . اُنهي کان پوءَ ئي مصرفت لاهي حاصل ٿيندي.
پاڻ نه آهيان پاڪ، پرڪي ڏينهن هت گذاريان ٿو.
ساڳوئي سورانهو آهيان ظاهر ليکي پاڪ،
آهيان آئون معشوق مرن جوم موتي بس مشطاق،
کائين زهر پيالو ظاهر، کائين پيان ترياق.
مصرفت ۽ علم اُها روشني آهي جيڪا بي عملي ۽ جهالت جي اوندهه کي گهٽائي ٿي.
(3) سچل سرمست مصلفي انداز ۾ پنهنجو ۽ مصرفت جو حقيقي تجريو ڪري ٿو. ۽ ٻڌائي ٿو ته ذات حقيقي جو جلوو انسان جي اندر ۾ ئي جاري ۽ ساري آهي. اهڙي صورت ۾ پنهنجو وجود وڃائڻ سان مصرفت ذات حقيقي قائم ۽ دائم رهندي آهي.انهي کان پوءِ جڏهن هو رهندو ئي ڪونه تڏهن سچل واقع انالحق جو هو ڪو ڏسڻ لڳندو.
پاڻ پنهون آئون آهيان، اڙي ڀينر ڀلي آهيان،
ڪيچ ڀيور پي وسان انتان بهي، ڪهڙي طرف آءُ آهيان
هت هت آهي صورت منهنجي ناهه ڪو ٻيو ناهيان،
پنهنجو پاڻ ئي سان پيار سچوري نينهن اهو ئي لايان.
ٻيائي جو ڪٽ ڪوري ڪڍڻ سان اندر صاف ۽ اجرو آئينو ٿي وڃي ٿو ۽ اُن ۾ پرين جو جلوو پسي ٿو. محب پري ڪونهي، پر پاڻ ۾ ئي موجود آهي.
پاڻ منجهون ڪل پيئي سڀئي دوست جي وو ميان مون کي،
ولحن و هن انقرب ويجهو وڃي ٿو، ڏس هادي جي هيئي،
ڪڏهن زاري ڪڏهن زوري، ٻوليون سندس اهي سڀيئي،
ٻار رنگيو هڪ رنگ ناهي، ڪوڙين سندس رنگ ڪيئي،
سچو جو اندر ٻاهر سوئي، وچون ٻيا ئي ويئي.
معرفت ۽ علم سان جڏهن پاڻ سجائي ٿو ته عاشق، معشوق ۽ عشق هڪ ٿا نظر اچن.
ڪائنات ۾ جيڪي تخليفون آهن اُ الله جي ڪاريگري ۽ اسمن جا مظهر آهن، انسان جي وجود طاقت ۾ وحدت جي وائي آهي، ته سندس مزاج ۽ فطرت جا ڪيرائي رنگ ۽ روپ به آهن.
احد احمد صورت ساڳئي، سر ٻنهي جو سوئي،
الله بر بڪر قالو بليٰ پنهنجو پاڻ آهيو ئي،
سچا خاصر هو هادي، سمجهن سر سوئي،
غائب سمجهي غر نه ڄاڻي حق الهق اهو ئي.
پاڻ سڃاڻڻ جو بنياد لڳاتار ڳولا جو مسلسل عمل آهي. سچل مثال ڏيئي سمجهائي ٿو ته جيئن سمنڊ شمار قطرن جو ميڙ آهي ۽ ان سر ساڳئي قدري کي الڳ نٿو ڪري سگهجي تين خدا ۽ خدائي به ساڳئي ڳالهه آهي.
صحيح سڃاڻج ساري خود آهين وي خدائي،
ليڪن تارا اڳ ۾ ٿيا، روز ڪئي رونائي،
سچو سچي ڳالهڙي، پاڻ پرين پر سهائي.
سچ سرمست نظرئي جو حامي آهي. هو دوئي جون ديوارون ٽورڻ ۽ هڪ ئي وڃڻ جي تلقين ڪري ٿو. وجود حقيقي صرف هڪ ئي آهي ۽ اُهو رب پاڪ جو وجود آهي. هر شيءِ ان ۾ آهي ته معرفت ۽ علم جي روشني م ڏسبو ته هڪ محبوب جو ديدار نظر ايندو ڪثرت وحدت ۾ سمجهائي ويندي.
[b]سچل جي شاعري جون خوبيون
[/b](1)سچل جي شاعري جي پهرين خوبي آهي ته هو جڏهن ڪا نئين شئي پيش ڪري ٿو ته اها فطري پس منظر ۾ پيش ڪري ٿو. اُنهي ڪري سندس شاعري سچي، سريلي ۽ متاثر ڪن لڳي ٿي. هي پهريون سنڌي شاعر آهي، جنهن عنوان تي بيت گهڙي، سنڌي شاعري ۾ نئين ۽ روشن روايت قائم ڪئي. اسان جا جديد سنڌي شاعر انهيءَ روايت تي عمل ڪري، عمده ڪلام سرجي رهيا آهن. سچل روحن بابت فطري پس منظر ۾ بيت سرجي وڏي ادبي خدمت ڪئي آهي. روحن بابت هي بيت سچل جي ادبي صلاحيت کي داد ڏيڻو پوندو.
هيئڙو وجدي هت، هٿ، ٿيون روانيون روجهون،
ڏکيا اوسر ڏينهڙا، ڀيو گذارن هت،
اُنئي بهر چپ، وطن تن نه وسري.
(2)سچل جي شاعري جي ٻئي خوبي اها آهي ته نرالو ۽ جاندار اسلوب بيان ڪيو اٿس اهڙي اسلوب بيان جي ذريعي ڳجهين ۽ لڪل حامين کي ظاهر ڪري، ترهنڌڙن کي ڪرايو ڇڏي ٿو ۽ انهن جي سور کي جاڳائي نرالا نظارا سجائي ٿو. هنن بيت ۾ سچل سرمست محبوب جي منهن کي بيان ڪري وڏو فني ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي.
ڪيا ڪپ محراب، منهن تي محبوبن جي،
سُون سيارن جو، پر هن ٽيون ثراب،
برهه سدا باب، سچل سڀ ختم ڪيا.
اهڙو سريلو، رسيلو ۽ معنيٰ خيز اسلوب نصرف سچل جو ئي ٿي سگهي ٿو.
(3) سچل جي ٽئين خوبي آهي دل جي گهراين مان نڪتل جذبن جو سچو ۽ من موهيندڙ ۽ روح ريجهائيندڙ اظهار بيان ڪرڻ جي صلاحيت. سچل پنهنجي لاثاني دعائيه گيت ۾ پنهنجي سچن جذبن جو سچائي سان اظهار ڪري ڏيکاريو آهي، احساس ڏيکاري لاجواب ڪم ڪيو آهي.
پار سچل تون، لاهين ڪشالي،
گهونگهٽ کولڻا، پهرين ٻولڻا.
لنگرا نماڻي دا، جيوين تيوين پالڻا.
(4) سچل جي ڪلام جي ڇوٿين خوبي آهي ته هو شان جا نوان طريقا استعمال ڪري منڊ مچائي ٿو. ڪافي جي صنفن کي ثناء جي نون ۽ نران طريقن ورهائي عالم کي رجهايو آهي. سچل ڪافي جي صنف کي سهيڙيو آهي ۽ اُن ۾ سونهن، سچ ۽ خوشبو ڀري انهي صنف کي سونهن جي راڻي بنائي ڇڏيو آهي. ڪانين جا ڪجهه مثال پڙهي روح کي راحت ڪيو.
تنهنجي سوماريا، سوري سنڀاريا،
انهي ڳالهه ڳاريا، هزارين مزار،
اُهي چار آيا، نيرن جي نواياءُ،
سئي سر سلايا، تنهن ترا گهار.
*-*-*
آهن انهن اکين کي، نهاهو نانهو تنهنجو،
ويٺو وٺي مان آهيان ڪامل قرار تنهنجو،
هن کي اوهان جي ٻاجهئون، آيو نه مار ڪائي،
هي تان غريب آهي زميوار تنهنجو.
سچل جي شاعري جي تحيس ۽ بناء سمئال خوبي آهي هن جي بيبائي ۽ پيرواهه. هن کي جيڪي چوڻو آهي، بنان ڊپ ڊاءُ جي چئي ڏئي ٿو. ان ڪري هن جي ڪلام ۾ ڪٿي به کوٽ ناهي. هن ڪلام جي جيڪا حق گوئي سچل جي ڪلام ۾ آهي، اُها بي ملهه آهي ۽ ٿورن ئي شاعرن جي ڪلام ۾ ملندي.
يا موڪليو، يا موڪلبو، هي جي سب بهانا،
نانڪ نيٺ ڪجي واري مرد گهمن متانا،
سچل سنگر آئين اکيو حق هن مستانا.
[b]سچل جون ادبي خدمتون
[/b]سچل سرمست شاعرانه ذات جو ڌڻي، تخليقي صلاحيتن جو مالڪ سچي اسلوب استعمال ڪرڻ وارو هڪ بي ڊپو ۽ فرهند شاعر هو. هن پنهنجي انهن خوبين جو استعمال ڪري سنڌي شاعري لاءِ انيڪ خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ سنڌي شاعري کي مٿائين مقام تي پهچايو. سچل جي انهن ادبي خدمتن کان سواءِ سنڌي شاعري سڌريل نه هجي ها، سڱاري نه هجي ها.
(1) سچل هڪ وڏو تجربيڪار شاعر هو. هن پنهنجي اعليٰ تجربيڪار جو باعمل استعمال ڪري سنڌي شاعري ۾ بيشمار صنفون جوڙيون ۽ شاعري کي مالا مال ڪيو. هن مسلسل دوها، مسلسل بيت، ڪلام، جهوڻيون ۽ گهرو ئي، جهڙيون صنفون جوڙي سنڌي شاعرن کي وڏي سگهه ۽ وسعت بخشي. هن سنڌي شاعرن لاءِ اظهار جا نوان نرالا ۽ سگهارا طريقا ميسر ڪري ڏنا جن کي سنڌي شاعر ۽ خاص ڪري جديد سنڌي شاعر استعمال ڪري رهيا آهن ۽ پنهنجي ادبي صلاحيتن کي ظاهر ڪري داد حاصل ڪري رهيا آهن. اسان جي جديد شاعري جهڙوڪ شيخ اياز، استاد بخاري، منشي ابراهيم ۽ ٻين جو ڪلام انهن ڳالهه جو ثبوت آهي.
(2)سچل رومانوي سنڌي داستانن بابت شعر لکيا آهن پر هن جو اهاوڏي خدمت آهي. جو هن عنوانن بابت بحث ڪري سنڌي شاعري کي هڪ نئون ۽ نرلاو تخليق جي طريقي ڪار متعارف ڪري. سنڌي شاعري کي وڏي ۽ نگهاري وسعت ڏني آهي. اُن کي زندگي سان ڀرپور پس منظر ۾ لکي هڪ انوکي ۽ انمول باب جو اضافو ڪيو آهي هن جا لکيل 34 بيت سهڻا آهن، من مهڻا آهن، ۽ اسان جي روح جي صدا آهن، هن جا وحدت بابت لکيل 35 بيت حقيقت بابت لکيل 28 بيت پنهنجو مٽ پاڻ آھن،
(3) سچل جي ڪلام سنڌي شاعري ۾ سگهه ڀري آهي ۽ زندگي جي هر ديني، مذهبي، سماجي ۽ اقتصادي جي مسئلن کي مثالن ۽ دليلن ذريعي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. انهي جاکوڙ سنڌي شاعرن کي جديد دور ۾ شاعري ڪري لاءِ سگهه، سمجهه ۽ نئون انقلابي شعور ڏنو آهي. اسان جديد سنڌي شاعري سچل کي سنڌ جي سگهاري شاعري جو رهبر تسليم ڪيون ٿا.
(4) سچل سرمست گهڙولي جي صنف کي رائج ڪري هڪ شاعري ۽ ادبي شاعري کي ملائي وڏا رنگ ڇايا آهن. گهڙولي ۾ عورت جي خدمت جي جذبن کي اجاگر ڪري، عورت کي عظمت کي ساراهيو آهي. گهڙولي سنڌ ۾ ڏاڍي مشھور آهي. جڏهن اها ڳائي ويندي آهي ته شعور جاڳي اُٿندو آهي ۽ روح سجاڳ ٿيڻ لڳندو آهي. گهڙولي جي صنف سچل جي تخليقي عمل جو شاهڪار ڪارنامو آهي.
(5) سچل سرمست پنهنجي زماني جو انقلابي شاعر آهي. هن انسانن جي نيڪين کي ساراهيو آهي ۽ انهن کي براين کي بينقاب ڪري اُن تي وار ڪيا آهن، هڪ حق پرست ۽ انساني شرف ۽ شان جي قائل شاعر کان سواءِ مذهبي ڀيد ڀاءُ، دوئي، غفلت ۽ ڪٽرپڻي خلاف لکڻ ڪو آسان ڪم ناهي. پر انسانيت جي شاعر سچل سرسمت پنهنجي زندگي جي پرواهه نه ڪندي پاڻ کي انساني جي ڀلائي لاءِ وصف ڪري ڇڏيو آهي، سچل جي هڪ بي بها ادبي خدمت آهي، جنهن کي ڪڏهن به وساري نه سگهبو.
[b]عبارت[/b]
سچل سرمست جي عبارت سنڌ جي سڀني شاعرن کان انوکي ۽ نرالي آهي. نرالي، انوکي ۽ اعليٰ سوچ کي ظاهر ڪرڻ لاءِ هن وٽ ڪيئي طور طريقا آهن، ڪٿي ڪٿي هو مثالن جو اظاهر ڪري پنهنجي عبارت کي سنجيده بنائي ٿو. ڪٿي ڪٿي هو نرالا ۽ انوکا لفظ چوندي پنهنجي فڪر کي بيان ڪري موڪرانه عبارت جي ذريعي پاڻ کي وڏو عالم ثابت ڪري ٿو ته وري ڪٿي ڪٿي انساني جذبن ۽ احساسن کي عام انسانن واري ڍنگ ۾ بيان ڪري پاڻ کي ان انسانن جي شاعر بڻائي پيش ڪري ٿو، مذهبي ڌرم وغيره فرقن کي مٽائي سڄي انسان ذات جو شاعر بنائي پاڻ کي سمارئي ٿو. سنڌ جي وڏي اديب ۽ نقاد پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻي پنهنجي ”ڪتاب“ سچل ۾ سچل سرمست جي ٻولي هڪ نئين نڪتو ڳولي لڌو آهي. هو لکي ٿو ته سچل عاشق ٻولي ۾ به هندڪي مسلمانڪي جو پير نه رکيو آهي ”سچل جي ٻولي اهڙي آهي جو ائين پيو سمجهي ته هن ڪڏهن هندو سنت جي وائي آهي. هندڪي وائي جو هڪ اثر انگيز مثال هي آهي:
ديوي رکي دل ۾ جنهن من ڪيو مندر،
اندر ئي اندر، سچو پرچاري سوير ٿيو.
*-*-*
مندر ڪري من کي، يودگاري پوجاءِ،
يار نه ٻيو پچاءَ سچو پوڄاريا پربندر جا.
سچل هندن جي وڏي اوتار مهاديو جو بيان به نج هندو پوڄاري وانگي سچائي سان ڪري سڀني کي حيران ڪيو آهي.
مهايو جي من ۾، پوڄارين جي پرک،
اُتيئي لهر اند ۾ لکن لک الک،
رکي ويا راز تي ڪالري سي ڪک،
جهلن مهاري جنگ هو پوڄا ۾ پر ٿيا.
سچل سرمست جي ٻولي صاف ۽ سچن ماڻهن جي ٻولي آهي، هو صاف ۽ سچو شاعر آهي ۽ هن جي ٻولي، صاف ۽ سچن ماڻهن جي ٻولي آهي. ڀيد ڀاءُ کان آجي عام انسانن جي متري، سرپستي ۽ انتر راشريه ٻولي آهي.
سچل سرمست جي ٻولي ۾ پل آهي، اُڇل آهي، دار آهي للڪار آهي ۽ لازوال اثر ۽ گهُه گهانه ڳالهه آهي.
[b]سچل سرمست جي ڪلام جي اهميت
[/b]سچل سرمست سنڌي ٻوليءَ جو هڪ تمام وڏو شاعر آهي هن جي سوچ نرالي آهي، نقط نظر پيارو آهي ۽ پيشڪش به پياري آهي. هو پنهنجي دور جو به هڪ بلند پائي جو شاعر آهي. ۽ بين الاقوامي سگهارو شاعر به آهي، هو هڪ اهڙو شاعر آهي جنهن حال ۾ رهندي به مستقبل جي مسئلن بابت شاعري ڪري خوب ڪمال ڪيو آهي.
سچل سرمست هڪ صاف ۽ سٿري انسان ۽ ڪشاده دل تجربيڪار جي حيثيت ۾ شاعري ڪري، پاڻ کي پنهنجي دور کان مٿانهون کڻي بين القوامي شاعر بنايو هن جي ڪلام جون قافي خوبيون آهن، صاف ڪشاده دلي، بي ڊپائي، آزاد خيالي ۽ انقلابي رنگ.
سچل سنڌي ٻولي جو ناميارو شاعر آهي. هو سچو آهي ۽ سچن انسانن کي پسند ڪري ٿو. هو ڪوڙن جي خلاف آهي. هو منافقن جي خلاف آهي. هو اُنهن جي غلط ڳالهين کي للڪاري ٿو ۽ پنهنجي ڪلام ۾ اُنهن جي خلاف ڪافي ڪجهه لکيو آهي ۽ اُنهن کي خوب ننديو اهي. هو صادق آهي ۽ ڪوڙن جي سخت خلاف آهي. جتي سچ ۽ ڪوڙ جي وچ ۾ مقابلي جا امڪان پيدا ٿيندا ۽ ڏاڍاين ڳالهه نڪرندي اُتي عام انسان سچي شاعر سچل کي ياد ڪندا ۽ ميدان عمل ۾ اچي ڪوڙ فتني ۽ ڏاڍاين کي ختم ڪري سچ جو جهنڊو بلند ڪندا.
سچل سچو آهي هن جي شاعري سچي آهي ۽ پوري انسانذات لاءِ هڪ سچو تحفو آهي.
[b]مددي ڪتاب
[/b](1) ڪلياڻ آڏواڻي سچل
(2) ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ سچل جو وايون به
(3) ڊاڪٽر ابن مبري شمل سنڌي ادب جو ارتقا (ترجمو)
(4)اي جي انم شاهه سچل سامي
(5)عثمان علي انصاري رسالو سچل سرمت جو مقدمو
(6) غلام محمد گرامي. ”سامي کي سلام“ 1964ع ۾ شايع ٿيل مضمون (مهراڻ) ۾.
(7) هسٽري آف سنڌي لٽريچر. ايل.ايڇ اجواڻي. سهاتيه اڪيڊمي (نيودهلي)