لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سنڌي ٻوليءَ جا سرجڻهار شاعر

سنڌي شاعريءَ جي مختلف دورن بابت لکيل تحقيقي مضمونن ۽ مقالن تي مشتمل هن ڪتاب جو ليکڪ پروفيسر سروپچندر شاد آهي. شاد صاحب مهاڳ ۾ لکي ٿو:
”مون پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جا سرجڻهار شاعر“ ۾ قاضي قادن کان شيخ اياز تائين جي زماني واري شاعري کي ارڙهن دور ۾ ورهايو آهي. مون تفصيل سان هر دور ۾ اڀرندڙ نقطن، مضمونن ۽ شاعرانه نمونن جو تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي.“

Title Cover of book Sindhi Boli'a ja Sarjenhaar Shair

مخدوم ابوالحسن(1070هه 1160هه) (1661ع 1750ع)

[b]اديبن ۽ نقادن جا رايا
[/b]
”مولوي ابوالحسن صاحب عربي ۽ فارسي ۾ اڪيچار ڪتاب لکيا آهن مگر سنڌي زبان ۾ سندس پهريون ڪتاب مقدمتھ الصلواتھ اسان کي مليو آهي جنهن جون مڪمل نظمون نماز ۽ وضوءَ جي مسئلن سان هم ڪنار آهن.“
[b]ميمڻ عبدالغفور سنڌي. سنڌي ادب جي مختصر تاريخ
[/b]
”(مخدوم ابوالحسن) ٺٽي جو وڏو عالم ٿي گُذريو آهي 1661ع ۾سندس ولادت ٿي ۽ 1700ع کان پوءِ وفات ڪيائون. مخدوم ابوالحسن عربي رسم الخط ۾ واڌارو آڻي سنڌي رسم الخط تيار ڪئي ۽ انهي رسم الخط ۾ الف الف اشجاع جي قافيي تي مشتمل هڪ ضخيم ڪتاب مقدمتھ الصلوات لکيو، جنهن ۾ نماز جا مسئلا سلجهايل آهن. انهي ڪري کيس سنڌي ادب جو پايو وجهندڙ چيو ويو آهي.“
[b]ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ. سنڌي ادب جي مختصر تاريخ
[/b]
مخدوم ابوالحسن صاحب جي زندگي جو تفصيلي احوال ڪو نه ٿو ملي. پنهنجي زندگي جو گهڻو حصو ٺٽي ۾ پڙهڻ ۽ پڙهائڻ ۽ تصنيف ۽ تاليف ۾ گُذاريائين. 1700ع ۾ مقدمھ الصلواتھ لکيائين. اُن جو مقصد بيان ڪندي چوي ٿو:
ڪارڻ طالب طالبن رسالو لکيوم،
مقدمھ الصلواتھ سنڌي نالو تنهن جو رکيوم.
[b]ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو. سنڌي ادب جي مختصر تاريخ
[/b]
مولوي (مخدوم ابوالحسن) عربي ۾ ڪيترائي ڪتاب لکيا آهن پر سنڌي ۾ رڳو هڪ مقدمة الصلوات يا ابوالحسن جي سنڌي آهي. ڪتاب جو مضمون نماز ۽ وضوءَ جي مسئلن تي آهي. مخدوم صاحب جي سنڌي هڪ خاص نظم ۾ آهي. جنهن کي ابوالحسن جي سنڌي سڏين ٿا. اها ابوالحسن جي سنڌي مولوي ابوالحسن تائين محدود نه رهي پر سنڌ جي مشهور عالمن ۽ فقيهن پنهنجي تصنيفات ڪلهوڙن ۽ ميرن جي حڪومت تائين سنڌي ۾ ڪئي.“
[b]محمد صديق ميمڻ. سنڌي ادب جي تاريخ ڀاڱو پهريون
[/b]
”(مخدوم ابوالحسن) ٺٽي جو لاثاني عالم ۽ باڪمال اديب هو. مذهبي علمن جو سبق ڏيندو هو. انهن ضرورتن هيٺ پاڻ اسلامي عقيدن متعلق هڪ ڪتاب ”مقدمھ الصلوات“ نالي لکيائون. هي سڀ کان پهريون ڪتاب آهي جو سنڌي ٻولي ۾ لکيو ويو.“
[b]سيد حسام الدين راشدي. سنڌي ادب
[/b]
[b]مخدوم ابوالحسن جي زندگيءَ جو احوال:
[/b]سيد حسام الدين راشدي پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ادب“ ۾ لکيو آهي ته: ”مخدوم ابوالحسن ٺٽي جو لاثاني عالم ۽ باڪمال اديب هو.“ هو مذهبي علمن جو وڏو ماهر هو. هو هڪ ئي وقت وڏو عالم، فاضل، اديب ۽ شاعر هو. هو هڪ گهڻن رُخن وارو مڻيادار شخص ۽ مقبول عام بزرگ به هو.
مخدوم ابوالحسن جي زندگي جي ڪا تفصيلي معلومات نٿي ملي. سنڌي علم ۽ ادب جو بنياد وجهڻ وارو مخدوم ابوالحسن سن 1070هه مطابق 1661ع ڌاري ٺٽي ۾ پيدا ٿيو. هو ننڍي هوندي کان ئي وڏو قابل شخص هو. هن ٺٽي جي مدرسن مان قابل ترين بزرگن ۽ دانشورن جي اثر هيٺ شروعاتي تعليم حاصل ڪئي. تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ هن پنهنجو مدرسو قائم ڪيو. جتي هو مذهبي علمن بابت درس ڏيندو هو. ٿوريئي وقت کان پوءِ هو ٺٽي جو وڏو عالم بنجي ويو. ٺٽي کان سواءِ آس پاسي جي علائقن جا طالب علم هن جي مدرسي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لڳا. هو عربي ۽ فارسي جو وڏو ڄاڻو هو. هر هنڌ هن جي قابليت جو وڏو چرچو هو.
1650ع کان پوءِ نواب حفظ الله جي حڪومت جي دور ۾ ٺٽي ۾ هڪ وڏي مذهبي تحريڪ شروع ٿي. سيد عبدالقادر جيلاني جي اولاد مان شيخ يوسف الدين بغدادي ٺٽي ۾ آيو جنهن جي وعظ ۽ نصيحتن جي ذريعي ٺٽي جي غير مسلم عوام کي ڏاڍو متاثر ڪيو ۽ هو هزارن جي تعداد ۾ مسلمان ٿي ويا. اهڙن نَوَن مسلمانن کي اسلامي قائدن ۽ قانونن سان واقف ڪرڻ جي لاءِ زباني وعظ ۽ نصيحتون ڪافي ڪو نه هيون. ٺٽي جو هڪ وڏو مذهبي عالم مخدوم ابوالحسن ميدان عمل ۾ آيو. هن محسوس ڪيو ته اهڙن ماڻهن کي عربي ۽ فارسي ٻوليون سيکاري فقھ جي مسئلن کان واقف ڪرڻ قريب قريب ناممڪن هو. تنهن ڪري هن اهڙن ماڻهن کي اسلامي معلومات مهيا ڪرڻ لاءِ انهن جي مادري ٻولي سنڌي ۾ لکڻ شروع ڪيو. هن عربي ۽ فارسي ٻولين جي حرفن جي ڀڃ ڊاهه ڪري سنڌي الف ب ٺاهي، جيڪو هن جو هڪ وڏو ادبي ڪارنامو آهي.
مخدوم ابوالحسن جا عربي ۾ لکيل گهڻا ئي ڪتاب آهن پر سنڌي ۾ رڳو هڪ ڪتاب ”مقدمھ الصلوات“ يا ”ابوالحسن جي سنڌي“ آهي. هي ڪتاب نماز ۽ وضوءَ جي مسئلن تي لکيل آهي. مخدوم ابوالحسن جو هي ڪتاب ڏاڍو مشهور ٿيو. هن ڪتاب کي هو پنهنجي مدرسي ۾ پاڻ پڙهائيندو هو ۽ طالب علم وڏي چاهه سان پڙهي اسلامي عقيدن بابت مفيد ۽ مستند ڄاڻ حاصل ڪندا هئا. انگريزن جي شروعاتي دور تائين سنڌ جا مسلمان هن جي ڪتاب کي ڏاڍي چاهه سان پڙهندا هئا. ”مقدمھ الصلوات ليٿو ۾ ڇپيل آهي. جنهن کي ڏاڍي عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو آهي. هن ڪتاب کي ننڍا ننڍا ٻار مدرسن ۾ پڙهندا هئا ۽ زالون گهرن ۾ ان جو مطالعو ڪنديون هيون.
سن 1715ع ۾ مخدوم ابوالحسن حج جي ارادي سان مڪه معظم ڏانهن روانو ٿيو. هن جي وڃڻ کان پوءِ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي هن جي ڪم کي جاري رکيو. مخدوم محمد هاشم کي مقدمھ الصلوات“ ۾ فقهي مسئلن ۾ اوڻايون نظر آيون. هن مقدمھ الصلوات کي بند ڪري پنهنجو ڪتاب ”فرائض اسلام“ پڙهائڻ جو ارادو ڪيو. مخدوم ابوالحسن جي شاگردن اُن تي وڏا اعتراض ڪيا ۽ مخدوم محمد هاشم کي مجبورن مقدمھ الصلوات پڙهائڻو پيو.
مير علي شير قانع پنهنجي ڪتاب ”تحفتھ الڪرام“ ۾ مخدوم ابوالحسن جي باري ۾ لکيو آهي ته ”هو وڏو عالم هو ۽ ٺٽي ۾ پڙهائي جو ڪم ڪندو هو. هن جو سنڌي نظم سڄي سنڌ ۾ مشهور آهي.“ وڏي عمر جي ڪري هو نماز پڙهائي نه سگهندو هو. هن جي بدران هن جي ڀاڻيجي مخدوم عبدالله نماز پڙهائڻ جو ڪم شورع ڪيو.

[b]شخصيت:
[/b]مخدوم ابوالحسن ڪامل اُستاد، وڏو عالم ۽ هڪ رحمدل بزرگ هو. هو روزي نماز جو پابند هو. هو وائيدي جو پڪو هو ۽ دين جو خدمتگار هو. هن جا شاگرد هن جي ڏاڍي عزت ڪندا هئا. هن جي ساري شهر ۾ ڏاڍي عزت هئي. مسلمان ۽ هندو هن جي ڏاڍي عزت ڪندا هئا. هو سڀني جي مسئلن کي حل ڪري ڏاڍي خوشي محسوس ڪندو هو. هن جي هڪڙي معتقد نواب شهاب جي هڪڙي نوڪر جي باري ۾ شڪايت ڪئي ته هو بنان اجازت هن جي گهر ۾ اچي هن کي پريشان ڪري ٿو ۽ ڏاڍايون ڪري ٿو. مخدوم ابوالحسن پنهنجي ڀاڻيجي مخدوم عبدالله کي سڏي چيو ته ”ابا موريا پير پٺي اوليا وٽ وڃي منهنجا سلام ڏي ۽ چوينس ته مهرباني ڪري انهي ظالم کي ٽاريو جنهن ڪيترن کي رنجايو آهي.“ مخدوم عبدالله پرهه ڦٽي کان اڳ پير پٺي وٽ ويو ۽ موٽي آيو. نواب جو نوڪر جيئن انهي معتقد جي گهر ڏانهن پئي ويو تيئن واٽ تي اهڙو ٿاٻڙيو ۽ هڪ ڪِلي تي پيٽ ڀر ڪريو ۽ آنڊا ٻاهر نڪري آيا ۽ اُتي جو اُتي مري ويو. مخدوم ابوالحسن ڏاڍو رحمدل هو ۽ ستايل ماڻهن جي مدد ڪرڻ لاءِ هر وقت حاضر رهندو هو. هو سڀني ماڻهن کي چاهيندو هو ۽ سڀيئي ماڻهو هن جو ڏاڍو احترام ڪندا هئا.

[b]وفات:
[/b]مخدوم ابوالحسن 90 سالن جي وڏي عمر ۾ 1160هه مطابق 1750ع ۾ وفات ڪئي. سندس مقبرو ڪٿي آهي؟ انهي بابت ڪا به ڄاڻ موجود ناهي.

[b]تصنيفون:
[/b]مخدوم ابوالحسن عربي ۾ بيشمار ڪتاب تحرير ڪيا. سندس سنڌي ۾ لکيل هڪ ئي ڪتاب موجود آهي. جنهن جو نالو ”مقدمھ الصلوات“ آهي. هن ڪتاب ۾ نماز روزي توڙي غسل بابت سمجهاڻيون ڏنل آهن. اهو ڪتاب سنڌي شاعري ۾ سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو. ان جي اچڻ کان پوءِ ”سنڌي“ جي شاعري سنڌ جي ڪُنڊ ڪڙڇ ۾ خوب ترقي ڪئي.

[b]شاعريءَ جون نمايان خصوصيتون:
[/b]مخدوم ابوالحسن پهريون سنڌي شاعر آهي. جنهن سنڌي شاعري ۾ هڪ نئين قسم يا صنف جو بنياد رکيو. هن قسم جي شاعري جا آثار سيد لطف الله قادري جي شاعري ۾ ڏسڻ ۾ اچن ٿا. لطف الله قادري پنهنجي ڪتاب ”سنڌي رسالو“ جي مُنڍ ۾ ٻه ڊگها بند جوڙيا آهن. جن ۾ پهرين بند ۾ چهه مصراعون ۽ ٻئي بند ۾ يارهان مصراعون آهن. سنڌي ڊگهن بندن واري شاعري آهي،جنهن کي ڪيت چئبو آھي،
مخدوم ابوالحسن پهريون سنڌي شاعر آهي، جنهن پنهنجي شاعري جي لاءِ نئين الف ب جوڙي وڏو داد حاصل ڪيو. هن جي جوڙيل الف ب انگريزن جي حڪومت جي شروعاتي دور تائين مروج هئي ۽ پوءِ هاڻوڪي الف ب کي باقائدگي سان اختيار ڪيو ويو.
مخدوم ابوالحسن پهريون سنڌي شاعر جنهن ”مقدمھ الصلوات“ ڪتاب تخليق ڪيو جيڪو سنڌي ٻوليءَ ۾ جوڙيل پهريون ڪتاب آهي.
مخدوم ابوالحسن پهريون سنڌي شاعر آهي، جنهن مادري ٻوليءَ ۾ تعليم ڏيئڻ جي شروعات ڪئي ۽ غير مسلمانن جي معلومات لاءِ مقدمھ الصلوات جوڙيو.
مخدوم ابوالحسن پهريون سنڌي شاعر آهي، جنهن شاعري جي مددگار لوازمن جهڙوڪ تشبيهون، استعارا، محاورا، تجنيس حرفي وغيره جي بدران مقصد اُجاگر ڪرڻ تي ڌيان مرڪوز ڪيو. شاعري جا مددگار لوازما شاعري نه آهي. شاعري مقصد کي ڪمال ڪاريگري ۽ هوشمندي سان بيان ڪرڻ جو نالو آهي.

[b]سندس شاعري
[/b]مخدوم ابوالحسن هڪ وڏو عالم، اديب ۽ شاعر هو. هن جي شاعري پياري ۽ نياري آهي. هن شاعري جي مددگار لوازمن جي بدران شاعري جي مقصد کي ڪمال ڪاريگري ۽ ڏاهپ سان اُجاگر ڪرڻ تي زور ڏنو آهي. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“ ۾ لکي ٿو ته سندس (مخدوم ابوالحسن) جو توَ جؤ شعر جي حسن ۽ نزاڪت ڏي گهٽ ۽ مقصديت ڏي وڌيڪ آهي.“
شاعري جا مددگار لوازما شاعري ڪو نه آهن. شاعري مقصديت کي ڪمال ڪاريگري ۽ هوشمندي سان بيان ڪرڻ جو نالو آهي. ٺٽي جي شاعرن وقت جي حالتن مطابق نون ٿيل مسلمانن کي مذهبي تعليم فراهم ڪرڻ جي لاءِ شاعري ڪئي ۽ خوب ڪئي. اُنهن جي شاعري جو هڪ چِٽو ۽ واضح مقصد هو. هو مقصديت تي سچائي ۽ ايمانداري سان ڪاربند رهيا ۽ ڪلام جوڙي جَس حاصل ڪيو.
مخدوم ابوالحسن جي شاعري کي ”سنڌي“ سڏيو وڃي ٿو. سنڌي ڊگهن بندن وارو ڪلام آهي. سنڌي ڇند وديا جي اصولن مطابق لکي ويندي آهي. سنڌي ۾ اظهار بيان جي لاءِ دوهو (دوهيرو / ڏوهيڙو) ڊگهن بندن وارو ڪلام، الف اشجاع ۽ بيت جو استعمال ڪيو ويندو آهي. سنڌي ماترڪ ڇندن مطابق لکبي آهي. ڪڏهن دوها ڇند جي ماترائن مطابق ته ڪڏهن سورٺا ڇند جي ماترائن مطابق لکبي آهي. مخدوم ابوالحسن جي شاعري گهڻو ڪري ماترڪ ڇندن تي قريب قريب پوري هوندي آهي. جڏهن قرآن جون آيتون استعمال ڪيون وينديون آهن ته لازمي طور تي ماترائون وڌيڪ ٿي وينديون آهن. ماترڪ ڇندن مطابق وزن کي پورو رکڻ وڏو ڏکيرو ڪم آهي. وڏن وڏن شاعرن جي ڪلام ۾ به ڪٿي ڪٿي وزن ۾ گهٽ وڌائي نظر ضرور ايندي آهي.
مخدوم ابوالحسن پنهنجي ڪلام ۾ دوهي، ڊگهن بندن ۽ بيت جو استعمال ڪيو آهي.

[b]دوهو:
[/b]دوهي يا دوهري ۾ ٻه هم وزن ۽ هم قافيا مصراعون هونديون آهن. ابوالحسن پنهنجي ڪلام ۾ گهڻي قدر دوهي يا دوهري جو استعمال ڪيو آهي. نماز جي ضرورت بابت لکندي هن دوهي يا دوهري جو خوب استعمال ڪيو آهي.
(1) هاڻي سُڻ سڄاڻ تون هنئين جن ڪنن،
نه صحي پڇيو سڀڪو ڪارڻ پاڻ ڪمن.

(2) پر پڇ پهرين قيام ڏينهن وحدت ڌڻيان پوءِ،
ٿيندي صحي سلوات جي شڪ مڀائج ڪوءِ.

(3) تانت ترسي تنهنجا شرط سڀيئي سک،
ڪنان ڄيري ڄڀئين پاڻ پر اهرڻ رک.

[b]ڊگهن بندن جو استعمال:
[/b]مخدوم ابوالحسن پنهنجي ڪلام ۾ ڊگهن بندن کي ڪمال سان استعمال ڪري دانشمندي جو ثبوت ڏنو آهي. نماز جي رڪوع بابت سمجهائيندي هو چوي ٿو:
مٿي مومن هٿڙا نيئي نرتان ڏيج،
ڪري ڪشاديون آڱريون محڪم پر پڄيج،
پر آڱريون عورتن کي نئن ۾ اپٽائج.
رکن مر لڳ ڪري ساري سيکاريج،
ٻانهون ساري ٻئي سي مؤنا ۾ موڙيج،
پورو مٿو پٺ سين جوڙا جوڙ ڪريج،
مهه اوچو جهليج اُٺ جيئن مرد جيئن لاڙيج،
جيئن رکيو پاڻي نه رڙهي انپر پُٺ جهليج،
پر پٺيون عوراتن کي ائن م اڏائيج،
مرنائين ٿورڙو ساري سمجهائيج،
ٽي ڀيرا تسبيح کي ڳجهوئي ڳڻيج،
پنجون پٺيون پيرن جون نظر نهاريج،
نانپي ڳريا تن جا ريڙهي ٻئي لائيج،
اي پڻ آهي اڳري سنت سا ڄاڻيج،
پر صحيح قول ڪتاب ۾ هن پر پروڙيج،
جيئن لائن ڳريا پاڻ ۾ ڪراهت سمجهيج،
سي ٻئي حال رڪوع ۾ موران م جوڙيج،
چئين آڱرين جو فاصلو ٻنهي وچ رکيج،
قيام ۽ سجدي ۾ پڻ ايءَ ئي پر پاريج،
ڇهون اکيون پڌريون ستون قدم ڪريج،
پر قد مان ٿي سجود ڏانهن نئين پُٺي منيج،
جيڪي ذڪر جتهين سو تتهين پڄائيج،
هڪڙي جو هند ٻئي نيئي م رسائيج.
هن نظم ۾ 23 مصرائون آهن جن ۾ تجنيس حرفي جو رنگ ڀريل نظر اچي ٿو. محمد صديق ميمڻ پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ادب جي تاريخ“ ڀاڱو پهريون ۾ لکي ٿو ته ”اهو نظم جو نمونو مولوي صاحب (مخدوم ابوالحسن) سڄي ڪتاب ۾ فقط ٻن ٽن هنڌن تي ڪم آندو آهي.

[b]بيت:
[/b]مخدوم ابوالحسن پنهنجي نڪتن کي ظاهر ڪرڻ لاءِ بيت جو به استعمال ڪيو آهي. بيت دوهي جو سڌريل نمونو آهي. هن ۾ ٻه يا وڌيڪ سٽون پاڻ ۾ هم قافيا هونديون آهن. پهرين سٽ جو قافيو بعضي بعضي وچ ۾ اچي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن وري ٻئي حصي جي پٺيان ڪم اچي ٿو پر پوئين سٽ جو قافيو هميشه وچ ۾ ايندو آهي. مخدوم ابوالحسن بيمار جي صفائي بابت ڪلام ۾ بيتن جو سُٺو استعمال ڪيو آهي.
مڙس محرم مڙس ٿئي جوءِ محرم جوءِ،
توڻي ماءُ ڀيڻ سڳي، توڙي گوليس هوءِ،
هاڻي هنيان پوءِ، سک صورت نهه لهرائن جي.
*-*-*
پير جيڻي جي چيت ڪنان، ننهن کي لاهي،
ڏائي پير جي چيت اتي نيئي پڄائي،
شرح ۾ مشڪواة جي ائين فرمائي،
مبارڪ متبرڪ کهي صورت ايءَ آهي،
هاڻي هنئين لائي پڙهه موٽي مسائل غسل جا.
ابوالحسن پنهنجي ڪلام ۾ واضح ۽ سهائيندڙ قافيا ڪم آندا آهن. ڪٿي ڪٿي هن جي ڪلام ۾ ڪافي اڻسهائيندڙ قافيا به استعمال ڪيل آهن.
آهي اسلام حق ايءَ ۾ ڪفر، ڪافر، ڪوڙ،
سائين ثابت رکو اسلام اُتي مڃون سون رسول.
*-*-*
هڪڙو ڏيئن هٿ ٻئي پيو پائي ماڳ،
ٽيون لڱي پليتي لڳ کان دوئي ڪريج پاڪ.

[b]الف-ب جي جوڙ جڪ:
[/b]مخدوم ابوالحسن جي شاعري جو هڪ واضح مقصد هو نوَن مسلمانن کي اسلام جي ڄاڻ مهيا ڪرڻ جيئن نه هو. بنان تڪليف جي اسلامي اصولن کي سمجهي ۽ اُنهن تي عمل ڪري سگهن. انهي لاءِ مخدوم ابوالحسن کي ڪافي تڪليفون پيش آيون. نج سنڌي حرفن جون مقرر صورتون موجود ڪو نه هيون. ٻ، ڀ، ٿ، ٽ، ٺ، ڦ، ج جهه، ڏ، ڊ، ڍ، ڙ، ک، ڳ، ڱ، گهه ۽ ڻ جون صورتون جوڙڻ لاءِ هن عربي ۽ فارسي جي حرفن جي ڀڃ ڊاهه ڪري اُنهن مان نج سنڌي حرفن لاءِ هي صورتون جوڙيون انهن صورتن جو تفصيلي ذڪر محمد صديق ميمڻ پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ادب جي تاريخ، ڀاڱو پهريون“ ۾ هن طرح ڪيو آهي.
ٻ = ب
ڀ = بهه
ٿ = تهه
ڦ = ف (ڪٿي ڪٿي وري) ڻ يا تر
ٽ = تهه، پهه
ڄ ۽ جهه= ج
ڃ = نج جيم جي اڳيان نون غنه
ڇ = چيهه
ڌ = دهه ڪٿي ڪٿي وري د
ڍ = د
ڙ = ر
ک = کهه
ڳ، گهه= گهه
ڳ، گ= نگ (گ اڳيان نون غنه)
ڻ = ن
مخدوم ابوالحسن ڪيترائي حرف و سرڳ آوازن جي ضرورت خاطر جوڙيا. مثال طور ب ۽ هه مان ڀ، ت ۽ هه مان ٿ، پ ۽ هه مان ڦ، د ۽ ر مان ڍ ۽ چ ۽ هه مان ڇ.

[b]ڪلام جو مضمون:
[/b]مخدوم ابوالحسن هڪ باڪمال استاد، کلي دل وارو بزرگ ۽ هڏ ڏوکي عالم هو. اسلام بابت ضروري ڄاڻ مهيا ڪرڻ جي لاءِ هن پنهنجي زندگي جو گهڻو حصو درس ,تدريس, تصنيف ۽ تاليف ۾ گذاريو. هن نون مسلمانن جي تعليم ۽ تربيت لاءِ جدا الف ب جوڙي اُنهن کي مذهبي معلومات مهيا ڪرڻ لاءِ هن ”مقدمة الصلوات“ تحرير ڪيو. ڪتاب لکڻ جو مقصد بيان ڪندي هو لکي ٿو ته:
”اٻوجهن جون اٻوجهيون سڄاڻ سنيون ڪن،
ڍلا، پُٺ ڀلن جي رڙهي راهه پون.“
مخدوم ابوالحسن نون مسلمانن کي مذهبي تعليم ڏيئڻ جي ڪم کي پنهنجي زندگي جو مقصد بنائي ڇڏيو. هن ڊگهن بندن تي مشتمل نطم لکي نوَن مسلمانن جي تعليم ۽ تربيت جو بندوبست ڪيو. مخدوم ابوالحسن جي ڪلام ۾ تمام زور مقصديت تي ڏنل آهي. انهي ڪري هن شعر جي ٻين مددگار لوازمن جهڙوڪ تشبيهن، استعارن، محاورن، تجنيس حرفي وغيره تي گهٽ توجهه ڏنو آهي.
مخدوم ابوالحسن جي ڪلام جو مضمون نماز، وضوءَ ۽ غسل وغيره جي مسئلن تي ٻڌل آهي. هن پنهنجي ڪلام کي ڄاڻي واڻي پابندي ۾ رکيو آهي نه ته هن جهڙو عالم فاضل، اديب ۽ شاعر پنهنجي ڪلام کي شاعري جي سموري خوبين سان ضرور سينگاري ها. عبدالجبار جوڻيجي پنهنجي ڪتاب ”سنڌيون“ ۾ هن جي مضمون جا سمورا تفصيل هن ريت بيان ڪيا آهن. ”نماز جي ضرورت، وضوءَ جا فرض، وضوءَ جون سنتون، وضوءَ جا مستحب، غسل جو بيان، ميت جو غسل، نماز جو وقت، فرض، واجب ۽ سنتون، نماز جا ڀڃيندڙ وغيره.“ مخدوم ابوالحسن چاهيو ٿي ته مذهبي اصولن کي سمجهي اڻ ڄاڻ سڄاڻ ٿي ويندا ۽ ڍلا ڪوششون ڪري ڀلا بنجي ويندا ۽ الله جي خوشنودي حاصل ڪندا.
”موليٰ مرهي تن کي ڪلمو جي چون.“

[b]ڪلام جون خوبيون
[/b]مخدوم ابوالحسن جي ڪلام جي پهرين خوبي آهي مقصديت جو سچو ۽ چٽو اظهار بيان. هن پنهنجي ڪلام ۾ مقصديت تي خاص ڌيان ڏنو ۽ ڪلام جي مددگار لوازمن جهڙوڪ تشبيهون، استعارا، محاورا، تجنيس حرفي وغيره کي پٺيان ڇڏي ڏنو. 1700ع ۾ هن ”مقدمة الصلوات“ جوڙي راس ڪيو. هن پنهنجي ڪلام لکڻ جو مقصد بيان ڪندي چوي ٿو:
”ڪارن طالبن طالبين رسالو لکيوم،
مقدمة الصلوات سنڌي نالو تنهن رکيوم.
مخدوم ابوالحسن جي ڪلام جي ٻي خوبي آهي ته هو موضوع/ مضمون سان موافقت رکندڙ ڪلام چئي پنهنجي مقصد کي هر صورت ۾ مٿاهون رکي ٿو. اهڙو ڪلام چوڻ ڪو سولو ڪم ناهي. انهيءَ جي لاءِ مقصد کي مٿاهون رکڻ لاءِ ڪلام جي ڪيترن ئي لوازمن کان پاسو ڪرڻو پوي ٿو.
مخدوم ابوالحسن جي ڪلام جي ٽئين خوبي آهي. مقصد کي اُجاگر ڪرڻ لاءِ سادي، چٽي ۽ مقامي ٻوليءَ جو استعمال هن جي ڪلام ۾ هر مرحلي تي مقصديت ۽ عبارت ۾ هن آهنگي ۽ مناسبت آهي.
مخدوم ابوالحسن جي ڪلام جي چوٿين خوبي آهي ته هن پنهنجن جذبن، ويچارن ۽ آدرشن تي ضابطو رکي پنهنجي مقصد کي هر حالت ۾ اُجاگر ڪري عام ماڻهن جي مذهبي ڄاڻ وڌائڻ لاءِ صاف، واضح ۽ مستند عبارت ذريعي پيش ڪئي آهي ۽ خوب ڪاميابي ماڻي آهي.

[b]مخدوم ابوالحسن جون ادبي خدمتون:
[/b]مخدوم ابوالحسن ڊگهن بندن تي مشتمل نظم لکڻ جي شروعات ڪئي. هو ئي ڊگهن بندن تي جوڙيل نظم جو خالق آهي. هن جي اهڙي نموني جي جوڙيل نظم کي ”سنڌي“ يا ”ڪبت“ چئبو آهي. دانشمندي ۽ ڪمال ڪاريگريءَ سان جوڙيل اهڙي نظم تقريباً سوا سؤ سالن تائين سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ گونجندي رهي آهي.
مخدوم ابوالحسن ”سنڌي“ تحرير ڪري سنڌي شاعري ۾ هڪ نئين ڌارا جو اضافو ڪيو آهي. انهي نئين ڌارا سنڌي شاعرن کي خوب متاثر ڪيو ۽ اُنهن هن نئين ڌارا ۾ ڪلام جوڙي اُن کي خوب عروج ڏياريو ”سنڌي“ جي نئين روايت لوڪ شاعرن ۽ سگهڙ شاعرن لاءِ وسيع ميدان فراهم ڪيو ۽ اُنهن بيمثال ڪارناما سرانجام ڏيئي سنڌ جي ادبي ۽ لوڪ شاعري کي اوچي مقام تي پهچايو.
مخدوم ابوالحسن سنڌي آوازن ۽ حرفن کي عربي ۽ فارسي حرفن جي ڀڃ ڊاهه ڪري هڪ نئين الف ب جوڙي هڪ وڏو ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي. هن جي الف ب جي جوڙيل پٽيءَ کي 1853ع واري ڪاميٽي غور ڪري اُهي حرف جيئن جو تيئن منظور ڪيا. اُها هن جي هڪ وڏي ادبي خدمت آهي، جنهن کي وساري نٿو سگهجي.
مخدوم ابوالحسن جي وقت ۾ هڪ وڏي تبديلي آئي سنڌ جي عالمن ۽ اديبن عربي ۽ فارسي ٻولين بدران سنڌي ٻوليءَ ۾ لکڻ جي لاءِ تيار ٿي ويا. مخدوم ابوالحسن نوَن مسلمانن جي مذهبي ڄاڻ ۾ اضافو ڪرڻ لاءِ پنهنجي مادري ٻولي سنڌي ۾ ڪلام چوڻ شروع ڪيو ۽ پنهنجو بيمثال ڪتاب ”مقدمة الصلوات“ لکي پورو ڪيو. اِها هن جي وڏي ادبي خدمت آهي. جنهن کي هر ڪو سنڌي اديب ۽ شاعر عزت جي نظر سان ڏسي ٿو.
مخدوم ابوالحسن جي اها وڏي ادبي خدمت آهي، جو هن پنهنجي ادبي صلاحيتن کي هڪ طرف رکي مقصديت کي مٿاهون مقام ڏنو. اِها هن جي خامي ناهي، ادبي ڪمزوري ناهي پر هن جي قابليت ۽ ذهانت جو پڪو ثبوت آهي.

[b]هن جي عبارت:
[/b]مخدوم ابوالحسن جي عبادت پياري ۽ نياري (نرالي) آهي. اُها هن جي ڪلام ۾ مقصديت سان مناسبت تي ٻڌل آهي ۽ اُن سان هم آهنگي مطابق آهي. هو نڪو مقصديت کان هٽي ٿو ۽ نه ئي وري هو غير ضروري صنعتن، حرفتن ۽ شعري لوازمن کي توجو مرڪز بنائي ٿو. هن جي عبارت سادي آهي ۽ انداز بيان سادو ۽ عام فهم آهي. هن جي عبارت سولي، واضح ۽ عام فهم آهي. اُن ۾ سنجيدگي آهي، خلوص آهي ۽ سنئون سڌو اثر آهي.
هن ميت جي ڪنن جي صفائي کي صاف ۽ سولي نموني سان هيئن بيان ڪيو آهي:
”ڪو ڏان مکيا ڪن ٻئي ته توکي سائين شال،
سڻائي سچو ڌڻي سڏي ٻانگ بلال.“
ڪفن وجهڻ کي عام فهم ۽ سادي نموني ۾ هينئن بيان ڪيو آهي:
”ٻه ڳرا ٽيون ٻنهي پارين، مٺيا تن ڪجن،
موڪرائي ۾ ميت کي ويڙهي جيئن وجن،
پر مٺيا پهرين چادر ۾ چيائون گهر جن،
منجهينءَ ۾ ناهه ڪو احتياج سندو تن،
امداد الفتاح ۽ متانت ۾ اُنپر ٿا لکن.“
مخدوم ابوالحسن پنهنجي ڪلام ۾ وقت جي مروج ٻولي ڪم آندي آهي جيڪا هر قسم جي تصنع ۽ تڪلف کان آجي آهي. هن پنهنجي ڪلام ۾ مشڪل ۽ ثقيل عربي ۽ فارسي لفظ استعمال نه ڪيا آهن، پر نج ۽ نڪور لاڙي محاوري وارن سادن ۽ سولن لفظن کي ڪم آندو آهي. سندس ڪلام ۾ لاڙي لفظ تمام گهڻي تعداد ۾ ملن ٿا جيڪي هن وقت تائين استعمال ۾ ڪم نٿا اچن. عبدالجبار جوڻيجي پنهنجي ڪتاب ”سنڌيون“ ۾ اهڙن ڪن لفظن جو اظهار هن طرح ڪيو آهي:
وترو = تِکو
مهيلي = زال
جها = جهڙا
مُلا = وٽان
ٻُجهن = ٻڌجن
جيڻو = ساڄو
رساڻي = رسائي
مرهڻ = صاف ڪرڻ
اُبهن = بيهن

مخدوم ابوالحسن پنبهنجي ڪلام ۾ لاڙي محاوري جا اهڙا لفظ ڪم آندا آهن جيڪي اڄ ڏينهن تائين اُنهن اچارن ۽ معنيٰ ۾ استعمال ٿي رهيا آهن.

پُيو = پهتو
ماڙهو = ماڻهو
جيرو = جهڙو
هيڙو = هڙو
پانجو = پنهنجو
هوءِ = هُجي
توجو = تنهنجو
ڪريج = ڪج
ڪڄاڙو = ڇا.
مخدوم ابوالحسن جي عبارت ۾ شعري صنعتن ۽ نزاڪتن جو استعمال ٿيل آهي ۽ خوب ٿيل آهي. هن تشبيهن جو عمدو استعمال به ڪيو آهي. هن نماز جو ذڪر ڪهڙي نه ڪمال ڪاريگريءَ سان ڪيو آهي.
”پتو پهريون باب اي جو وضوءَ جو،
هاڻي پڙهه نماز جو ٻهگڻ باب ٻيو،
ته ٿئي نور نماز جي سين اندر سهائو،
سهائي راهه لهين پسين پريان سندي لوءِ،
جنهن نينهن نماز سين هنيان هيج ٿيو،
منهن تنهن جو مولو ڪندو چوڏهين چنڊ جهو،
ڪريو نينهن نماز سين ڪاهل ڪيم ٿيو،
قلب ۾ توفيق سين اُڀائي آهيو،
پوري ڪندو پاتشاهه آسون مَ لاهيو.“
نماز جو ذڪر ڪندي مخدوم ابوالحسن سهڻين تشبيهن جو سهڻو استعمال ڪيو آهي. هو نماز کي نور سان ڀيٽي چوي ٿو ته نماز اندر ۾ روشني پيدا ڪري ٿي، سئين راهه ڏيکاري ٿي ۽ چهرن کي چوڏهين جو چنڊ بنائي ٿي. هن جي ڪلام ۾ اهڙيون تشبيهون هر هنڌ تڙيل پکڙيل نظر اچن ٿيون. هن اهڙين شاعرانه خوبين کي مقصديت جي ڪري کُلم کلان استعمال ڪرڻ کان ڄاڻي واڻي پاسو ڪيو آهي.
مخدوم ابوالحسن جي عبارت نئين ۽ نرالي آهي هڪ وڏي عالم، اديب ۽ شاعر جي حيثيت ۾ هو سهڻي شاعري جي سڀني لوازمن کان واقف هو ۽ جي چاهي ها ته اُنهن جو اظهار ڪري خوب رنگ رچائي ها. هن وقت جي سياسي ۽ مذهبي ضرورتن جو خيال رکي مقصديت کي مٿاهون مان ڏنو ۽ خوب داد حاصل ڪيو.

[b]مخدوم ابوالحسن جي ڪلام جي اهميت:
[/b]مخدوم ابوالحسن هڪ وڏو عالم ۽ تخليقڪاريءَ جو ڏات ڌڻي هو. سنڌي ادب جي تاريخ لکندڙ محمد صديق ميمڻ جي لفظن ۾ هو ”سنڌي علم ادب جو بنياد وجهندڙ هو.“ هن جي ڪارنامن کي وساري ئي نٿو سگهجي.
اسان جي شاعرن، اديبن، نقادن ۽ دانشورن، جيڪي قابل آهن، ذهين آهي ۽ وڏا تجربيڪار آهن، پنهنجي ذهانت، قابليت ۽ تجربي جو استعمال ڪري ڪيترن ئي بيمثال ۽ قابل شاعرن جي ڪلام جو تنقيدي اڀياس ڪري اُنهن جي ادبي ڪارنامن کي عوام جي اڳيان ڪاميابي سان پيش ڪري نه سگهيا آهن. آئون ان کي اخلاقي ڪوتاهي تصور ٿو ڪريان. هڪ اڌ مضمون لکڻ يا هڪ اڌ ڪتاب لکڻ ڪو وڏو ڪم ناهي. اُنهن پنهنجي پسند جي شاعرن بابت ٻه چار لفظ لکي پنهنجين صلاحيتن سان انصاف نه ڪيو آهي.
مخدوم ابوالحسن هڪ وڏو عالم، فاضل، اديب ۽ شاعر آهي. هن جي ڪلام بابت تمام ٿوري ڇنڊ ڇاڻ ٿي آهي. انهي ڪري هن جي قدرداني نه ٿي سگهي آهي. اسان جا ڪي ڪي نقاد هن جي ڪلام کي آزاد شاعري سمجهن ٿا ۽ ٻيا نقاد هن جي ڪلام کي شاعري جي دائري ۾ شامل ڪرڻ کان انڪاري آهن. اُهي پنهنجي ادب ۽ شاعري کي ڪاپاري ڌڪ هڻي رهيا آهن.
مخدوم ابوالحسن سنڌي ادب ۽ شاعري جو ناميارو سرجڻهار ۽ تخليقار مرد مجاهد آهي. هن جا ڪيترائي ڪارناما ۽ ادبي خدمتون آهن جن کي تنقيدي طور ظاهر نه ڪيو ويو آهي. ڪو به شاعر يا اديب پنهنجي معاشري ۾ مروج ريتن رسمن، ادبي لاڙن، اخلاقي قدرن ۽ سياسي ۽ مذهبي حالتن کي سامهون رکي پنهنجن احساسن، ويچارن ۽ آدرشن جو اظهار ڪندو آهي. اُنهن کي سمجهڻ کان سواءِ هن جي ادبي ڪارنامن جي سمجهڻ وڏو ڏکيو ڪم آهي. مخدوم ابوالحسن جي دور ۾ ٺٽي ۾ ادبي، سياسي ۽ مذهبي تبديليون رونما ٿيون. غير مسلمانن اسلام قبول ڪيو. نوَن مسلمانن جي مذهبي تعليم ۽ تربيت هڪ وڏو مسئلو ٿي سامهون آيو. ٺٽي جي عالمن، اديبن ۽ شاعرن انهي مسئلي کي سلجهائڻ لاءِ عربي ۽ فارسي جي بدران سنڌي ٻوليءَ ۾ لکڻ شروع ڪيو. مخدوم ابوالحسن پنهنجي صلاحيتن کي ڪم ۾ آڻي وڏو ادبي ڪارنامو سرانجام ڏنو. هن پنهنجي شاعري جي ذريعي اٻوجهن کي سڄاڻ بنائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي. نوَن مسلمانن جي مذهبي ڄاڻ لاءِ هن هڪ ڪتاب ”مقدمة الصلوات“ لکيو جنهن کي ابوالحسن جي ”سنڌي“ چئبو آهي، هن پنهنجن جذبن ۽ ويچارن کي پاسيرو رکي مقصديت جو وڏو پرستار بنيو.
مخدوم ابوالحسن سنڌي شاعري ۾ هڪ نئين ڌارا (Trend) ”سنڌي“ جو بنياد رکيو. هو ئي ”سنڌي“ جي صنف جو باني مباني آهي. ”سنڌي“ سنڌي شاعري جي نج نڪور صنف آهي. جيڪا ڌرتيءَ جي سياسي، مذهبي ۽ ادبي اثرن هيٺ اُڀري، اُسري ۽ ترقي ڪري سنڌي شاعري کي خوب عروج ڏياريو.
مخدوم ابوالحسن جي ”سنڌي“ سنڌي ادب ۽ شاعري ۾ وڏي اهميت رکي ٿي. هن ”سنڌي“ کي پاڻ تائين محدود نه رکيو. هن ٺٽي جي ٻين شاعرن کي هن نئين قسم جي شاعريءَ ڏانهن متوجه ڪيو جن ”سنڌي“ ۾ طبع آزمائي ڪري ”سنڌي“ کي وڏو اوج ڏياريو. ابوالحسن جي ”سنڌي“ کان سواءِ مخدوم ضياالدين جي سنڌي، مخدوم محمد هاشم جي سنڌي، مخدوم عبدالله جي سنڌي، مخدوم غلام محمد بگائي جي سنڌي، محمد صالح جي سنڌي ۽ ٻين ڪيترن ئي شاعرن جي سنڌين ادبي دنيا ۾ موج مچائي ڇڏي.
”سنڌي“ جي شاعرن سنڌي جي مضمون ۾ وسعت آندي، مقصديت سان گڏوگڏ انهن شاعرن شاعري جي ٻين ضروري لوازمن کي سنڌين ۾ شامل ڪري سنڌين کي وڌيڪ دلڪش، دلچسپ ۽ مقبول عام بنائي ڇڏيو. انهن ”سنڌي“ جي موضوعن ۾ اضافو آندو ۽ سنڌين ۾ رسول اڪرم جي اخلاق، اعمال، اقوال ۽ احوال، ٻارن جي تعليم ۽ تربيت، بناوٽ، نزاڪت، زماني بابت واقع نگاري، فصاحت، سلاست ۽ بلاغت جهڙن موضوعن کي سنڌين ۾ عشقيه ۽ مزاحيه موضوع به ملن ٿا جن جي هڪ پنهنجي اهميت آهي.
مخدوم ابوالحسن جي ايجاد ڪيل نئين ڌارا ”سنڌي“ سنڌي شاعري ۾ هڪ نئون، نرالو ۽ توجه طلب باب آهي. انهي کان سواءِ سموري سنڌي شاعري اڻپوري ۽ بيمعنيٰ آهي.


[b]مددي ڪتاب:
[/b](1) ميمڻ عبدالغفور سنڌي. سنڌي ادب جي مختصر تاريخ ڀاڱو پهريون.
(2) عبدالجبار جوڻيجو. ”سنڌيون“.
(3) ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو. سنڌي ادب جي مختصر تاريخ.
(4) محمد صديق ميمڻ. سنڌي ادب جي تاريخ ڀاڱو پهريون.
(5) سيد حسام الدين راشدي. سنڌي ادب.