لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سنڌي ٻوليءَ جا سرجڻهار شاعر

سنڌي شاعريءَ جي مختلف دورن بابت لکيل تحقيقي مضمونن ۽ مقالن تي مشتمل هن ڪتاب جو ليکڪ پروفيسر سروپچندر شاد آهي. شاد صاحب مهاڳ ۾ لکي ٿو:
”مون پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جا سرجڻهار شاعر“ ۾ قاضي قادن کان شيخ اياز تائين جي زماني واري شاعري کي ارڙهن دور ۾ ورهايو آهي. مون تفصيل سان هر دور ۾ اڀرندڙ نقطن، مضمونن ۽ شاعرانه نمونن جو تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي.“

Title Cover of book Sindhi Boli'a ja Sarjenhaar Shair

ڀائي چئنراء سامي(وڪرمي سنبت 1800ع – 1907ع 1743ع 1850ع)

[b]اديبن ۽ نقادن جا رايا
[/b]
”انهن ٽنهي شاعرن شاهه، سچل، ساميءَ کي هڪٻئي کان ڌار نٿو ڪري سگهجي. انهن جو فڪر ساڳيو آهي. انهن جو نظرياتي ۽ تاريخي پس منظر ساڳيو آهي. انهن جي زبان ساڳئي آهي. هنن جا نظريا ساڳيا هئا ۽ انهن جو پيغام ساڳيو هو. سنڌ سامي کان سواءِ اڻپوري آهي. سنڌ جو ڪلچر ساميءَ کان سواءِ اڻپورو آهي.“
[b]تنوير عباسي. ٽه ماهي ”مهراڻ“ 1988ع
[/b]
”سامي الفاظ ۽ معنيٰ جو خالق آهي. وٽس سنڌي زبان جي محاورات جو وڏو خزانو آهي. هو جادوگر ۽ سحر نگار آهي. لفظن ۾ بلا جو زور اٿس.“
[b]قريشي حامد علي خانواڻي. نئين زندگي اپريل 1965ع
[/b]
”سامي ۽ هن جي ڪوتا (شاعري) بابت هيلتائين جيڪا اوک ڊوک ڪئي ويئي آهي سا گهڻو آتمڪ اُنتي، روحاني راز تائين محدود رهي آهي، جيڪا هن سان ۽ هن جي ڪوتا سان بي انصافي آهي. اڄ جڏهن انسان عقل، علم ۽ وگيان (سائنس) سان خدا تائين پهچي ڪيترن ايشور ۽ آتمڪ (روحاني) ۽ خدائي ۽ روحاني ڳجهن کي کوليو آهي تڏهن ته پاڻ اِهو ضروري آهي ته اسين پنهنجي ڪوي ساميءَ کي مادي نقطه نگاهه سان ڏسي معنيٰ جا نوان موتي ڳوليون.
[b]اي.جي.اُتم. ساهتيه ۽ ساهئتڪار تنقيدي مضمون مان ورتل
[/b]
لطيف ۽ سچل وانگر سامي به پنهنجي دور جو باغي شاعر آهي. هن تصوف ۽ ويدانيت جي اوٽ ۾ مذهب ۽ ڌرم پنڊتن ۽ ٻاون وغيره تي چوٽون (وار) ڪيون آهن. مايا کي منهن ڪاري، ڏندري، ڏيوالي ۽ ڏائڻ سڏي سرمائيدار طبقي خلاف پنهنجي نفرت جو اظهار ڪيو آهي بهرحال سامي جو ڪلام تصوف ۽ ويدانت جو مها چار آهي.
[b]غلام محمد گرامي. ٽه ماهي مهراڻ 1964ع
[/b]
”سنڌ ۽ سنڌ جي سڃاڻپ جا ٽي شاعر آهن. شاهه، سچل ۽ سامي. سنڌ جا هي سونهارا ۽ سدا حيات شاعر سنڌي سماج جي سموري چڱائي، سموري سونهن ۽ سموري سچ جا ڄاڻو، امين ۽ ترجمان آهن.“
[b]محمد ابراهيم جويو. ”شاهه، سچل ۽ سامي“
[/b]
[b]سامي جي جيون – ڪهاڻي
[/b]سامي سنڌي ٻوليءَ جو هڪ پيارو، نيارو ۽ ناميارو شاعر آهي، هو پنهنجي ڏات، ڏاهپ، مشاهدي جي قوت ۽ تخليقي صلاحيتن جي ڪري سنڌي ڪلاسيڪي شاعري جو هڪ اهم شاعر آهي. هن جو درجو شاهه ۽ سچل جي برابر آهي.

[b]افسوس جو اظهار
[/b]افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته سنڌي ۽ گهڻو ڪري هندو شاعرن، اديبن، عالمن، نقادن، محققن ۽ دانشورن ڀائي چئنراءِ سامي سان انصاف نه ڪيو آهي. سامي تمام گهڻا سلوڪ سرجيا پر انهن هن جي سموري ڪلام کي گڏ ڪري، اُن کي ڇاپرائڻ جي ڪا سنجيده ڪوشش نه ڪئي آهي. گنگارام روهڙي واري جي گرمکي ۾ ڇاپايل ڪتاب ۾ سامي جا 5300 سلوڪ آهن، اهو سامي جي سلوڪن جو وڏي ۾ وڏو ڪتاب آهي. هن ڪتاب کي سنڌي عربي صورتخطيءَ ۾ ڇو نه ڇپايو ويو؟ ۽ سنڌ جي ماڻهن کي سامي جي گهڻن سلوڪن کان ڇو محروم رکيو ويو؟
ڀائي چئنراءِ سامي سنڌ جو ۽ سنڌي ٻوليءَ جو هڪ مشهور شاعر آهي. ڇو نه هن جي سوانح عمري بابت ڪو مستند ڪتاب ڇپائي پڌرو ڪيو ويو. جيئن ته هن جي زندگي جي باري ۾ مفيد معلومات هٿ ڪري هن جي باري ۾ من گهڙت واقعن جي ڇنڊ ڇان ڪري، انهن کي اصل حال ۾ آڻي سگهجي. سنڌ جي هن وڏي شاعر جي باري ۾ ڪيتريون ئي ڳالهيون ڇپيون ناهن. هو ڪڏهن ۽ ڪٿي ڄائو؟ هن جو ديهانت ڪيڏي عمر ۾ ۽ ڪٿي ٿيو؟ هن ڪٿي تعليم حاصل ڪئي؟ هو ڪهڙي عمر ۾ ڌنڌي تي لڳو؟ هن ڪڏهن کان شاعري شروع ڪئي؟ هن جي ڪلام ۾ هٿ آيل سنڌي هندو شاعرن جو ڪلام ڪيئن هن جي ڪلام ۾ شامل ٿيو؟ هن جي شادي ڪهڙي عمر ۾ ۽ ڪهڙي خاندان مان ٿي؟ هو شڪارپور ڇڏي ڪڏهن امرتسر ويو؟ هو واقعي فقيراڻي لباس ۾ امرتسر ويو؟ هو امرتسر ۾ ڌنڌو ڪندو هو يا ساڌ سنگت سان گڏ وقت گذاريندو هو؟ هن کي ڪيترا پٽ هئا؟ هن کي پهريون پٽ ڪهڙي عمر ۾ ڄائو؟ ڇا هو امرتسر کان موٽي سنڌ ۾ آيو؟ ڇا هن جي وفات امرتسر ۾ ٿي؟ ۽ ڪهڙي عمر ۾ ٿي؟ انهن سوالن جا جواب ملڻ گهرجن جيئن ته سامي جي حياتي بابت مفيد معلومات هٿ ڪري اهو اندازو لڳائي سگهجي ته هن شاعري جا ڪهڙا ڪهڙا دور هئا، هن جي گم ٿيل ڪلام کي هٿ ڪري سامي جي شاعري بابت ڪا مفيد راءِ قائم ڪري سگهجي ۽ سنڌي شاعري ۾ سامي جي اهيمت جو صحيح اندازو لڳائي سگهجي.

[b]وڏن جو احوال
[/b]ڀائي چئنراءِ جي پيءَ جو نالو بچو مل، آڪهه ڏاتارائي ۽ نک لُنڊ هئي. هو ڏاڍو شاهوڪار ماڻهو هو. هن جي سڄي شڪارپور ۾ عزت ۽ مڃتا هئي. هو وڏو سخي هو ۽ گهرجائو ماڻهن جي مدد به ڪندو هو. هن شڪارپور شهر جي واڌاري ۽ سُڌاري لاءِ ڪافي رقم خرچ ڪئي. هن کي شڪارپوري ”شڪارپور جو ابو“ سڏي ساراهيندا هئا.

[b]پيدائش[/b]
ڀائي چئنراءِ جي پيدائش وڪرمي سنبت 1800 برابر سنه 1743ع ۾ شڪارپور شهر ۾ ٿي. هي مائٽن جو لاڏلو پٽ هو. هن جو پيءَ بچو مل وڏو شاهوڪار واپاري هو. ڀائي چئنراءِ جي شروعاتي زندگي ڏاڍي ٺاٺ سان گذري. هن جي سهڻي شڪل ۽ سٺين عادتن جي ڪري ننڍا وڏا سڀ هن کي چاهيندا هئا. هو سڄي پاڙي وارن جي اک جو تارو هو.

[b]تعليم[/b]
اِهو معلوم ٿي نه سگهيو آهي ته ڀائي چئنراءِ ڪٿان کان ۽ ڪهڙن مڪتبن مان تعليم پرائي، هو اڻ پڙهيل نه هو. هو گر مکي چڱي طرح ڄاڻيندو هو. ذاتي شوق جي ڪري هن شڪارپور جي عربي جي اُستادن کان ڪيترائي عربي جا لفظ سکيا جن کي هن پنهنجي ڪلام ۾ استعمال ڪيو آهي. سماي راولپنڊي جي هڪ صوفي دل پٺان سيٺ کان، جو ڪپڙي جو وڏو واپاري هو، فارسي جي تعليم حاصل ڪئي. هو ويدن، اپنشدن ۽ سوترن وغيره جو چڱي طرح واقف هو. سندس سلوڪ انهي ڳالهه جي واضح گواهي ڏين ٿا.

[b]ڪاروبار
[/b]ڀائي چئنراءِ اٽڪل ويهن سالن جي عمر ۾ پنهنجي خانداني ڌنڌي ڪپڙي جي ڪاروبار کي اختيار ڪيو. هو خوش اخلاق ۽ خوش مزاج جوان هو. هو پنهنجن گراهڪن جو خاص خيال رکندو هو. گراهڪ ۽ پاڙي وارا دڪاندار به هن کان خوش ئا. هن جي شرافت، ايمانداري ۽ سچائي جي ساراهه ڪندا هئا. هو ذات پات ۽ ڀيد ڀاءُ جي تعصب کان بلڪل آجو هو.

[b]هڏ ڏوکي ۽ همدرد انسان
[/b]ڀائي چئنراءِ هڪ همدرد ۽ هڏ ڏوکي انسان هو. هڪ دفعي جڏهن هو پنهنجي دڪان ۾ ويٺو هو ته هن ڏٺو هڪ گهٽ ذات واري عورت پنهنجي ٻار کي هنج ۾ کڻي جيئن بازار مان گذري رهي هئي ته هڪ سامهون ايندڙ گاڏي سان ٽڪرائجي ڪري پيئي ۽ بيهوش ٿي ويئي. سندس معصوم ٻار به چوٽ کائي رڙيون ڪرڻ لڳو گهڻيئي دڪان کليل هئا انهن ۾ دڪاندار ويٺل هئا پر ڪو به دڪاندار هن عورت ۽سندس ٻار جي مدد لاءِ هيٺ لهي ڪو نه آيو. ڇاڪاڻ ته هو گهٽ ذات واري عورت هئي. ڀائي چئنراءِ هي ڏک ڀريو نظارو ڏسي يڪدم پنهنجي دڪان تان هيٺ لهي اچي عورت جي تيمارداري ڪئي ۽ هن کي هوش ۾ آڻڻ لاءِ ڪيترائي حيلا هلائي، هن کي هوش ۾ آڻي، هن کي پاڻي پياري، هن جي پٽ کي سندس ڪڇ ۾ ڏيئي پوءِ پنهنجي دڪان ۾ موٽي آيو. ڀائي چئنراءِ کي ڏاڍو ڏک ٿيو ته سٺا ويس وڳا پائڻ وارا انسان ڪيڏا نه تعصبي ۽ بيپرواهه آهن. هن پنهنجي هن شعر ۾ ماڻهن جي اڍنگي روش جي خوب شڪايت ڪئي آهي:
نينهن نٿا ڄاڻن، ويد پڙهي وادي ٿيا،
ٻانڀڻ ڪن ٻيائي سان، جپ، تپ ۽ اشنان،
پنهنجي نارائڻ ري، جي سُڌ رکن ڪه نه،
رهن منجهه جهان، نرد ڪش نيارا نڀ جا.
ڀائي چئنراءِ وڏو همدرد ۽ خدمت گزار هو. خدمت هن جي لاءِ پاٺ پوڄا کان وڌيڪ هئي.

[b]سوامي مينگهراج مهراج سان عقيدت
[/b]ڀائي چئنراء کي سوامي مينگهراج مهراج سان ڏاڍي عقيدت هئي. سوامي مينگهراج بهاولپور جي علائقي احمد پور شهر جو ويٺل هو. هو شڪارپور ۾ هاٿي در وٽ هيمنداس جي مڙهي ۾ رهندو هو. هو وڏو ودوان (عالم) هو. هو شاعري به ڪندو هو ۽ نوجوانن کي شاعري سيکاريندو به هو. ڀائي چئنراءِ سوامي مينگهراج مهراج سان پنهنجي پهرين ملاقات ۾ ايترو ته متاثر ٿيو جو هن کي پنهنجو گُرو بنائي ڇڏيائين.
ڀائي چئنراءِ سوامي مينگهراج مهراج سان 8 يا ڏهه سال گُذاريا، هن سوامي مينگهراج مهراج کان ڌرمي شاسترن جو گهرو علم پرايو. هو سوامي مهراج کان شاعري جا بنيادي اصول به سکيا ۽ هن جي رهنمائي ۾ شاعري ڪرڻ به شروع ڪئي.

[b]تخلص[/b]
ڀائي چئنراءِ پنهنجي گرو سوامي مينگهراج مهراج کي مان ڏيئڻ جي لاءِ ”سامي“ جو تخلص اختيار ڪبو. ڪٿي ڪٿي ”مينگهو“ ۽ ”ٻانڀڻ“ جي تخلص کي به استعمال ۾ آندو آهي.
سي ڪيئن رنگ رچن، سامي سپرين سان.
*-*-*
غريبي گلزار، موچاري مينگهو چوي.
*-*-*
ڇڏائن ٻانڀڻ چوي تنهن کي سهج سرود.
سامي جي هر سلوڪ ۾ هن جو تخلص ضرور استعمال ٿيل هوندو آهي. ڪڏهن پهرين مصرع ۾ ڪڏهن ٻئي مصرع ۾، ڪڏهن ٽئي مصرع ۾ ۽ ڪڏهن چوٿين مصرع ۾ تخلص ڪتب آندل هوندو آهي. تخلص هن جي سلوڪن جي سونهن وڌائيندو رهندو آهي.

[b]شاعري جي شروعات
[/b]ڀائي چئنراءِ سامي پنهنجي شاعري جي شروعات 25 30 سالن جي عمر ۾ ڪئي هوندي. هو شڪارپور ۽ ڀرپاسي وارن نوجوانن سان گڏ سوامي مينگهراج مهراج وٽ مڙهي وڃي شعري اصولن جي ڄاڻ حاصل ڪندا هئا. اُتي ڪي نوجوان هندو شاعرن جهڙوڪ موهن فقير، ساجن ڀيو، آسوُ، ڌنون، بادل ۽ ٻين شاعرن جا شعر به اچي پڙهندا هئا ۽ جن جي ڪلام کي ياد ڪري ڀائي چئنرام ساٿين کي ٻڌائيندو هو. اهڙي طرح هن سلوڪ چوڻ شروع ڪيا. هو پنهنجن سلوڪن کي ڪاغذ جي چٽڪين تي گرمکي ۾ لکي مٽ ۾ وجهندو ويندو هو. هو هندو شاعرن جي ڪلام کي گرمکي ۾ ڪاغذ جي چٽڪين تي لکي مٽ ۾ وجهي ڇڏيندو هو. هو سوامي مينگهراج مهراج جي رهنمائي ۾ سلوڪ لکندي لکندي هڪ وڏو شاعر بڻجي ويو.
ڀائي چئنراءِ سڄو ڏينهن دڪان تي ڌنڌو ڪندو هو ۽ شام جو سوامي مينگهراج مهراج جي مڙهي ۾ وڃي گُرو جي صحبت ۾ صرف ڪندو هو. هن جو ڌنڌو وڌندو رهندو هو ۽ هو سچي خوشي محسوس ڪندو هو.

[b]امر تسر ڏانهن روانگي
[/b]ڀائي چئنراءِ سامي 35 40 سالن جي عمر ۾ پنهنجي خانداني ڌنڌي کي ڪامياب بنائڻ جي لاءِ پنهنجي پتني سان گڏ امرتسر ويو. هن ڪڏهن شادي ڪئي ۽ ڪهڙي خاندان مان ڪئي انهن جي باري ۾ ڪا به معلومات ميسر ناهي. هو سٺي صورت وارو ۽ بلند اخلاق نوجوان هو. هو صاف ۽ سُٿرا ڪپڙا پائيندو هو. سڄو ڏينهن دڪان تي ويهي ڌنڌو ڪندو هو ۽ شام جو دڪان بند ڪري گهر وڃي گهر وارن سان وقت گذاريندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ساد سنگ ۾ وڃي وقت گهاريندو هو ۽ خوش رهندو هو. هن جو امرتسر ۽ شڪارپور جو سفر هلندو رهندو هو. هو امرتسر ۾ به وقفي وقفي سان شاعري ڪندو رهندو هو

[b]پٽ جي پيدائش
[/b]ڀائي چئنراءِ سامي کي 50 60 ورهين جي ڄمار ۾ هڪ پٽ ڄائو جنهن جو نالو گهنشامداس رکيو ويو. امرتسر ۾ به ڀائي چئنراءِ جي گهڻي واقفيت هئي. شڪارپور ۽ ڀرپاسي وارا ماڻهو ڌنڌي ڪارڻ امرتسر ايندا رهندا هئا. انهن جي سنگت ۾ وقت سٺو گذاريندو هو. انهن يارن ۽ دوستن هن جي ساڌو بنجڻ جي باري ۾ ڪٿي به اشارو نه ڪيو آهي.
ڀائي چئنراءِ سامي 60 65 سالن جي ڄمار ۾ امرتسر ڇڏي شڪارپور موتي آيو هِو شاعري به ڪندو هو ۽ ساٿ سنگت ۾ حصو به وٺندو هو. هن جي شاعري جو چرچو هر هنڌ هو ۽ پري پري جي علائقن مان شاعر اچي هن سان ملندا هئا، رهاڻيون ڪندا هئا ۽ شاعري ۾ مفيد مشورا حاصل ڪري پنهنجي ڪلام کي زور وٺرائيندا هئا. سامي انهي وقت هڪ بيمثال ۽ باڪمال شاعر جي حيثيت حاصل ڪري چُڪو هو.

[b]ديهانت (وفات)
[/b]سامي 107 سالن جي وڏي ڄمار ۾ شڪارپور شهر ۾ وڪرمي سنبت 1907 برابر 1850ع ۾ وفات ڪئي. شڪارپور شهر جي پنچائت دستوري رسمن سان هن جو ڪريا ڪرم ڪرايو. اِهو ثابت ڪري ٿو ته سامي نڪو ساڌو هو ۽ نه ئي وري ڪو سنياسي هو. هو شڪارپور شهر جو هڪ وڏو مان وارو بزرگ ۽ هڪ وڏو شاعر هو.

[b]خراج تحسين
[/b]شڪارپور جي هڪ صوفي شاعر فقير غلام علي مسرور سامي کي هن نموني ۾ خراج تحسين پيش ڪيو آهي:
”ست سنت ساڌو پرش سامي مرد مڻيادار هو،
قربن وارو فرد هو، ڪانگي ڪلنگيدار هو،
سچ صوفين جي مسلڪ ۾ صوفي سپھ سالار هو،
سنه عيسويءِ ارڙهن صدي پنجاهه جو پرچار هو،
سؤ ست ورهيه جيوت پڄاڻان يار هن هسوار هو.“

[b]سلوڪن جا ڇاپا
[/b]سامي جي پٽ اٽڪل 22 سالن جي عمر ۾ مٽن مان سلوڪ ٻاهر ڪڍي، انهن کي ترتيب سان ٺاهي رکيو. هن پنهنجي پيءُ کي ڪلام ڇاپرائڻ جو عرض ڪيو. اُنهي تي سامي وراڻيو ته ”ڪو سنڌ جو سپوت اچي انهن کي ڇاپرائيندو.“
ديوان ڪوڙيمل کلناڻي هن جي 2100 سلوڪن کي گرمکي مان سنڌي عربي صورتخطي ۾ اُتارائي اُنکي سنه 1885ع ۾ تعليم کاتي طرفان ٽن جلدن ۾ ڇپارائي پڌرو ڪيو. روهڙي جي گنگارام سامي جي 3500 سلوڪن کي گرمکي ۾ ڇپارايو. اهڙي طرح 2100 سلوڪن وارا ڇاپا ڇپندا رهيا. پروفيسر ڀوڄراج ناگراڻي سامي جي ٽن ڀاڱن ۾ ڇپيل سلوڪن کي هڪ ئي ڪتاب جي صورت ۾ گڏ ڪيو جنهن کي سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت حيدرآباد 1992ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. جنهن ۾ لڳ ڀڳ 2675 سلوڪ شامل آهن.

[b]شاعري جون نمايان خصوصيتون
[/b]سامي سنڌ جو پهريون شاعر آهي جنهن سنڌ ۾ رائج بيتن جي شاعري کي ڇڏي، قديم هندو شاسترن جي مقبول صنف ”شلوڪ“ کي ”سلوڪ“ جو روپ ڏيئي، سنڌي شاعري ۾ هڪ نئين روايت جو بنياد رکيو. سلوڪ ڇند وديا جي اصولن تي لکيل هڪ نئين صنف آهي پر اُن جي ماترائن جو سلسلو بيت/ ڏوهيڙي جي صنف جهڙو آهي.
(2) سامي پهريون سنڌي شاعر آهي جنهن ويدن جي ويچارن کي صفائي ۽ سولائي سان سنڌي ٻولي ۾ سڻائي سنڌي شاعري ۾ وسعت آندي ۽ سنڌي شاعري کي اڳتي وڌڻ لاءِ راهه هموار ڪري ڏني.
(3) سامي پهريون سنڌي شاعر آهي جنهن سنڌي ٻولي ۾ لفظن جي ذخيري کي وڌائي اُن کي مالا مال ڪيو آهي. سامي جي شاعري ۾ عربي ۽ فارسي لفظ به آهن، پر اُنهن جو تعداد ٿورو آهي. هن هندي ۽ سنڌي لفظن کي ملائي سنڌي ٻوليءَ کي شاهوڪار بنايو آهي.
(4) سامي پهريون سنڌي شاعر آهي جنهن 18 مصراعن وارو سلوڪ سرجي سنڌي شاعري ۾ وڏي وسعت آندي آهي. قديم سنڌي ڪلاسيڪي شاعرن جهڙوڪ شاهه عنات رضوي ۽ شاهه لطيف 4 5 ۽ 10 مصراعن وارا شاعر رچيا پر سامي ٻنهي کان گوءِ گهڻي ويو. سامي جي 18 مصراعن واري شعر جو مطالعو ڪري اُن جي شعري خوبين جو اندازو لڳائڻ لازمي آهي.
”پنڊت تنهن کي پاڻ، جنهن کي سُڌ سروپ جي،
اٺئي پهر سروپ سان، جڙي سو جوڳي ڄاڻ،
سنياسي نسي بنان، سڀ ۾ ڄاڻي پاڻ،
اُتم جل ۾ آ پريتي، ڌوتي من سڄاڻ،
اُداسي اُداس ٿي ڄاڻي جڳ مهمان،
سو او ڌوتي انڀئي، ڪٿي ويد پرماڻ،
ويساڳي پنهنجي پاڻ کي، ڏسڻ لاءِ حيران،
نانگو ٿيو نرٻاڻ سو، پاڻ ڪڍيو جنهن پاڻ،
ملان من مسيت ۾، ڪري دور قرآن،
مومن ڄاڻي من ۾، آهي سڀ جاءِ ساڻ،
داتا ديا وند سو ، جو ڪري پاڻ قربان
راڳي گاوي ديپ راڳ، ڏيئو ٻري تنهن ساڻ
سلطاني صاحب سو، جونياءَ ڪري نرٻاڻ،
سچو ليکو جو لکي، شاهه انهي کي ڄاڻ،
سورو سچو ڄاڻ سو، جو جيئي پنجيئي پاڻ،
گرهي گيان گرو رهي ماڻ نماڻ،
سَتي رهي پتورت ۾، اُهو ڄاڻي ڄاڻ،
اُهي ڳالهيون پرماڻ، سامي پائي ڪو سچو.
لفظن جي جوڙ، انهن جي ترتيب ۽ تجنيس حرفي بيمثال آهي.

[b]سامي جي شاعري
[/b]سامي سنڌي ٻولي جو هڪ لاکيڻو شاعر آهي. هو ساڃهه ۽ سُرت جي ديوي جو لاڏلو هو. هن پنهنجي شاعرانه ڏات، مشاهدي، تجربي ۽ تخليقي صلاحيتن جي ذريعي بيمثال ڪلام جوڙي سنڌ جي سڀني ماڻهن کي موهي ڇڏيو.
سامي جي شاعري سلوڪن تي مشتمل آهي. لفظ سلوڪ هندستان جي قديم شاسترن جي مقبول صنف ”شلوڪ“ تان ورتل آهي. جنهن جي معنيٰ آهي ”چئن مصراعن وارو اخلاقي شعر.“ سامي سلوڪ کي اسٽپ ڇند جي گورک ڌنڌي کان آزاد ڪرائي، سنڌ جي ڪلاسيڪي شاعرن جي مقبول صنف بيت / ڏوهيڙي مطابق تحرير ڪيو هن دوها ڇند، سورٺا ڇند ۽ دوها سورٺا ميل جي ذريعي ڪمال ڪاريگري ۽ فني ڪماليت سان پنهنجي ڪلام کي سرجي وڏو ڪمال ڪيو ۽ سنڌي شاعري کي ڪمال درجي تائين پهچايو.
سامي جا سلوڪ گهڻو ڪري چئن مصراعن وارا آهن. دوها ڇند مطابق لکيل سلوڪن جي هر مصرع ۾ 13+11 ماترائون هونديون آهن ۽ سورٺا ڇند مطابق لکيل سلوڪن ۾ هر مصرع ۾ 11+13 ماترائون هونديون آهن. دوها ڇند ۽ سورٺا ڇند مطابق لکيل سلوڪن جي هر مصرع ۾ 13+11=24 ۽ 11+13=24 ماترائون هونديون آهن ۽ سڄي سلوڪ ۾ ماترائن جو تعداد 24+24+24+24=96 هوندو آهي.
گهڻو ڪري سامي جي سلوڪن ۾ 4 مصراعون هونديون آهن. اُنهن جي ماتراعن جو تعداد مقرر هوندو آهي، اُهو گهٽ يا وڌ نه هوندو آهي. شاهه لطيف ۽ ٻين ڪلاسيڪي شاعرن جي بيتن ۾ ماتراعن جو تعداد گهٽ وڌ ٿيندو آهي. قرآن، حديث ۽ ٻين مذهبي حوالن جي ڪري ماترائن جو تعداد وڌي ويندو آهي. سامي هڪ وڏو ودوان (عالم) هو. هن جي سلوڪن ۾ ماترائن جو تعداد مقرر رهندو آهي. ڇاڪاڻ ته هو حوالا استعمال ئي نه ڪندو هو.
سامي تمام گهڻا سلوڪ لکيا جيڪي گرمکي ۽ سنڌي عربي صورتخطي ۾ ڇپجي چڪا آهن. گنگارام روهڙي واري جي گرمکي ڇاپي ۾ 5300 سلوڪ درج ٿيل آهن. اُنهن کي اڄ ڏينهن تائين سنڌي –عربي صورتخطي ۾ نه ڇپرايو ويو آهي. وقت جي ضرورت آهي ته انهن کي هڪدم سنڌي عربي صورتخطي ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو وڃي جيئن ته نقاد ۽ محقق انهن جو مطالعو ڪري سامي بابت ڪا صحيح ۽ مثبت راءِ قائم ڪري سامي جي اهميت کي اجاگر ڪري سگهن.
پروفيسر ڀوڄراج ناگراڻي سامي جي سلوڪن جي ٽن حصن کي هڪ جلد ۾ گڏ ڪيو جنهن کي سنڌي اديبن جي سهاڪري سنگت حيدرآباد 1992ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. هن جلد ۾ سامي جي سلوڪن جو ڪل تعداد 2675 آهي. انهن سلوڪن مان 2 مصراعن وارو 1 سلوڪ، 5 مصراعن وارا 3 سلوڪ، 8 مصراعن وارا 5 سلوڪ، 10 مصراعن وارو 1 سلوڪ ۽ 18 مصراعن وارو ڊگهو 1 سلوڪ شامل آهي. 3 مصراعن وارا 488 سلوڪ ۽ باقي 4 مصراعن وارا 2187 سلوڪ آهن.
ڪن نقادن جورايو آهي ته سامي سلوڪن کان سواءِ وايون ۽ شبد به لکيا جيڪي ملي نه سگهيا آهن. سنڌ جي هڪ سڄاڻ شاعر تاجل بيوس مشهور راڳين کان ملاقاتون ڪري ڪافي معلومات هٿ ڪري هڪ ڪتاب ”سامي سودو سچ جو“ ڇپايو آهي، جنهن ۾ سامي جي سلوڪن کي نئين ترتيب ڏيئي واين ۽ ڏوهيڙن جي صورت ۾ آندو آهي. هي هن ڳالهه جو ثبوت آهي ته وائي سُر، لئه ۽ سنگيت جي پيداوار آهي. اِها هڪ نئين طرز جي کوجنا آهي ۽ اهڙيون کوجنائون انهي ڳالهه جي ثابتي ڏيئي سگهن ٿيون ته سامن سلوڪن سان گڏ وايون ۽ شبد به سرجيا هوندا.
شاهه، سچل، سامي
شاعر ثقافت جا سرواڻ هوندا آهن. هو انساني قدرن جا علمبردار هوندا آهن. هو سماج جا خدمت گُذار هوندا آهن. هو امن جا اوتار هوندا آهن ۽ هو بيمثال تخليقڪار هوندا آهن. محمد ابراهيم شاعرن کي تاريخ جا فرشتا سڏي ٿو.
شاهه، سچل ۽ سامي سنڌ جي ڪلاسيڪي شاعري جي سدا حيات ”ٽمورتي“ آهن. انهن جي شاعري سنڌواسين جو مان آهي، شان آهي ۽ سنڌ جي سڃاڻپ آهي. شاهه، سچل ۽ سامي سچ پچ سنڌ ڌرتي ۽ سنڌي شاعري جا بيباڪ، بيڊپا ۽ سچا ترجما آهن.

[b]شاهه[/b]
شاهه عبداللطيف ڀٽائي نه صرف سنڌ جو پر سڄي دنيا جو عظيم شاعر آهي. هو صاف دل صوفي ۽ کليل دل ۽ دماغ وارو انسان آهي. هن جي شاعري هن جي شخصيت جو اندروني آواز آهي. هو تعصب ۽ مذهبي ڪٽرپڻي جو مخالف آهي.
نڪي ڪم ڪفارسين، نڪا مسلماني من،
نڪا دل دوزخ ڏي، نڪي بهشت گهرن،
اُڀا ائينءَ چون، ته پرين ڪجو پانهنجو.
شاهه اوچ نيچ ۽ ڀيد ڀاءُ کي ڌڪاريندي کليو کُلايو چوي ٿو:
”ڏات نه آهي ذات تي، جو وهي، سو لهي،“
شاهه لطيف ڪوڙن ملن تي هر طرح سان وار ڪيو آهي:
”ملن مٺو ماءُ، پتو ڦٿو پيٽ ۾،
سڃاڻي الله، ڏٻي ڏنائون ڌوڙ ۾.“
شاهه ٻيائي ۽ ڪٽر ڌاريندڙ ماڻهن کي هن طرح ڌڪاري ٿو:
”مورک مور نه ٻجهڻا، هيڏانهن هوڏانهن ڪن،
سي ڪيئن پرين پسن، ڪٽر جن اکين ۾.“
*-*-*
”اندر ڪوڙو ڪانءُ، ٻاهر ٻولي هنج جي،
اهڙو ٺلهو ٿان، ڀڃي ڇو نه ڀورا ڪرين.“
شاهه لطيف ڪوڙن ڪانوَن ۽ ڪٽر ملن ۽ قاضين سان گڏوگڏ فريبي جوڳين ۽ ڪوڙن سنياسين تي به گهري چوٽ هنئي آهي:
جنهن سنياسي سانڍيو گلي ۾ گراهه،
انهي کان الله، اڃان آڳاهون ٿيو.“
*-*-*
”ڳولا جي گراهه جا، جونا سي جوڳي،
ڦٽل او ڦوڳي، جنين سڪم سانڍيا.“
شاهه لطيف مذهبي ڀيد ڀاءُ ۽ ڪٽر پڻي کي ڌڪاري، صاف دل صوفي هجڻ جو ثبوت فراهم ڪيو آهي.

[b]سچل[/b]
سچل سرمست بلند آواز وارو باغي شاعر هو. هن مذهبي ڪُلفت ۽ ڪٽرپڻي کي جڙ کان ڪاٽي ڦٽو ڪري ڇڏيو آهي، هو اعلانيه چوي ٿو ته:
”مذهب ملڪ منجهايا.“
*-*-*
”هندو مومن ناهيان.“
*-*-*
نامين مسجد، نامين حُجرا اندر پير نه پايان،
نامين ڪعبه، نامين قبله، مڪي مول نه جاوان،
نامين نانڪ، نامين بهمن، گنگا مول نه جاوان،
يار ته ميڏا درس درازي، سچل ناوَ سڏايان،
سچل سرمست پنهنجي ڪلام ۾ مذهبي ڪٽرپڻي ۽ تفرڪيبازي جي خلاف بغاوت جو اظاهر ڪندي چوي ٿو:
ڪلمي مون کي ڪين ڪيو، مورون مسلمان،
نڪو احمد موڪليو، عرب کون ايمان،
سچو سو سبحان، عالم ليکي آدمي.“
سچل سرمست مذهبي ڪٽرپڻي جي خوب مخالفت ڪئي آهي. هن هندو ۽ مسلمان کي آگاهه ڪيو ته هو سار سلوڪت ۾ نه هليا ته پوءِ پڇتائڻو پوندو.
”وقت اُهائي ويل، دوئي دور ڪرڻ جي،
ڪڍ مذهب من مان، ساجهر ساڻ سويل،
هندو مومن سان ملي، محبت جا ڪر ميل،
متان ٿئي اويل، سُچو اولهه سج نه لهي.“
سچل سرمست ذات پات، ڀيد ڀاءُ، مذهبي ڪٽرپڻي، ڪلفت ۽ دوئي کي در ڪرڻ جي لاءِ باغيانه راهه اختيار ڪئي آهي.

[b]سامي[/b]
ڏکڻ هندستان جي صوفين ۽ سنت شاعرن سوامي راما نج جي زير اثر مذهبي ڀيد ڀاءُ ۽ انساني نابرابري جي خلاف زوردار تحريڪ هلائي. اُها تحريڪ 15 صدي کان شروع ٿي ۽ 19 صدي تائين جاري رهي. اُها تحريڪ سنڌ ۾ سامي جي دور (1743ع 1850ع) ۾ وارد ٿي. سنڌ جو سنت شاعر ڀائي چئنراءِ سامي هن تحريڪ جو پهريون نمائنده سنڌي شاعر آهي.
سامي ڪلهوڙن، ٽالپرن ۽ انگريزن جو شروعاتي دور ڏٺو، انهن دورن ۾ نادر شاهه دهلي ۽ سنڌ تي ڪاهون ڪيون ۽ عام ماڻهن جو قتل عام ڪرايو. اُن کان پوءِ احمد شاهه ابدالي ۽ افغانستان جي بادشاهه تيمور شاهه جي ڪاهن سنڌ کي برباد ڪري ڇڏيو. مذهب ۽ ڌرم جو زور ايڏو ته وڌي ويو جو حڪمران به ملن مولوين، ٻانبڻن ۽ پنڊتن جي زير اثر اچي ويا. ملن ۽ پنڊتن من گهڙت ۽ خيالي قائدن تحت ماڻهن کي پاڻ ۾ وڙهائي ڇڏيو. سامي پنهنجي ڪلام ۾ اوچ نيچ، ڀيد ڀاءُ، تعصب، مذهبي ڪٽرپڻي، ڪلفت ۽ ٻيائي جي خلاف ڪيترائي شعر تحرير ڪيا.
سنڌ جي دانشور غلام محمد گرامي پنهنجي ٽه ماهي مهراڻ 1964ع ۾ شايع ٿيل هڪ مضمون سامي جو ڪلام ۾ لکي ٿو ته ”لطيف ۽ سچل وانگر سامي به پنهنجي دور جو هڪ باغي شاعر آهي. هن تصوف ۽ ويدانت جي اوٽ وٺي مذهبي ۽ ڌرمي فرقي بندي ۽ بي روح رسمي عبادات ۽ تپسيا، ذات پات، رنگ نسل جي ڀيد ڀاءُ جي رد عمل ۾ ڪيترائي شعر لکيا.“
پٿر پوڄاڪن، ديو نه ڏسن ديهه ۾.
*-*-*
ميخاني مسجد ۾، ڄاڻي ڪو نه فرق.
*-*-*
توکي ڪل ڪيهي، قاضي ڪتابن جي.
سامي ڍونگين ۽ ڏيکاءُ پسندن جا ڇوڏا لاهي ڇڏيا آهن جيڪي منهن تي رام رام ۽ اندر ۾ ڇريون سانڍي ڦرندا رهن.
”لکين لٻاڙي، ڳالهيون ڪن ائم جون،
سامي ڪوڙائي ساڌ ٿيا، مٿو ۽ ڏاڙهي،
ڪلڪائين ڪپت جي، ڪاتي، ڪهاڙي،
ڀار کائي ڀاڙي، رمتا وڃن رهه ۾.“
سامي پنهنجي زماني جي حاڪمن، ميرن حاجين، مکين ۽ چوڌرين جا هن طرح پول پڌرا ڪيا آهن.
”ڪلجڳ جا ڪوڙا، مير متعدي، چوڌري،
راتيون ڏينهان لوڀ جا گهر ٻنڌن ٻوڙا،
ويساهي ويساهه سان، ڊوهن وسوڙا.“
شاهه، سچل ۽ سامي تعصب، مذهبي ڪٽرپڻي، ڪلپت ٻيائي، فرقي بازي ۽ نفرت جي براين کي ظاهر ڪري انسانن کي خبردار ڪيو آهي ته هو انهن براين کان بچن ۽ سهپ،قربت، برابر، ميل ميلاپ ۽ همدردي جي ذريعي براين کان بچي برابري، ڀائيچاري ۽ محبت وارو معاشرو ٺاهڻ ۾ ڪردار ادا ڪن.

[b]سامي جي شاعري ۾ ويدن جي واڻي
[/b]سامي ويدانتي ويچارن جو وڏو ماهر هو. پنهنجي شاعري جو مقصد بيان ڪندي سامي پان چوي ٿو:
”ويدن جي واڻي ٿو، سنڌي ۾ سمجهايان،“
ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ پنهنجي مضمون ”سامي“ جيڪو ”نئين زندگي“ 1998ع واري فيبروري جي پرچي ۾ شايع ٿيو، اُن ۾ چوي ٿو ته ”سامي جي شاعري جو روح“ ويدانت آهي جنهن کي اسلامي تصوف ۾ ”وحدت الوجود“ ۽ انگريزي ۾ (Panlheism) چئبو آهي. ويدانتي ويچارن موجب ”اهم برهم اسمي“ يعني ”مان برهم آهيان“ چيو ويندو آهي.

[b]ويدانتي ويچارن جي سمجهاڻي
[/b]سامي ڏاهپ، عقلمندي ۽ علميت ذريعي ويدانت جي ويچارن جو دلچسپ ۽ دلفريب انداز ۾ اظاهر ڪري سڀني کي موهي ڇڏيو آهي. سامي مختلف صوفين ۽ سنتن وانگر انهن عنوانن جهڙوڪ ”ايشور“ يا ”الله“ اوتار، خالق ۽ خلق جي وچ ۾ تعلقات ”وڻ“ پنجن ڀوتن ۽ براين جي ماءُ ”اوديا“ يا بي علمي ۽ سچي ستگرُو يا مرشد جي ذريعي ويدانت جي مشڪل ڳالهين کي سادگي ۽ سولائي سان سمجهايو آهي.

[b]ايشور (الله)
[/b]سامي ويدانتي اصولن مطابق پنهنجي شاعري جي شروعات ايشور جي ساراهه سان ڪئي آهي.
”ايشور پرتک، سامي سورج جان رهي،
انڌا ڏسن ڪينڪي، پتي پنهنجي اک،
ڪوهه ڪرين جک جک، درد در ديوانن جان.“
ايشور سموري سرشتي (ڪائنات) جو خلقڻهار آهي. اُن جو نور ڪائنات جي ذري ذري ۾ موجود آهي. اُن کي ڏسڻ ۽ محسوس ڪرڻ لاءِ ڏسڻ وارين اکين جي ضرورت آهي.

[b]اوتار (Incarnation) جو تصور
[/b]ويدانتي فلسفي موجب ”اوتار“ جو تصور اهم آهي. جڏهن جڏهن ڌرم کي ناس ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي، تڏهن تڏهن ايشور جاندار شيءِ يا انسان جو روپ ڌاري ڌرتي تي ظاهر ٿيندو آهي ۽ ظالمن جو ناس ڪري، ڌرم کي بچائيندو آهي. سامي ”اوتار“ جي تصور کي هن نموني ۾ سمجهايو آهي.
”بيک ڪري آيو، خاوند پاڻ خلق ۾،
جاهه ورائي چت سان، نانا رنگ لايو،
ڳڻتي ليکي کون پري، اچرج مچايو،
سامي سمجهايو، نيارو رهي نڀ جان.“

[b]خالق ۽ خلق ۾ تعلق
[/b]ويدانتي اصولن مطابق ايشور (الله) ڪائنات جو سرجڻهار آهي. سڄي انسانذات هڪ آهي ته اُن جي اصليت به هڪ آهي. انسان الله کان الڳ ناهي ۽ نه وري الله انسان کان جدا آهي. سامي جو هي سلوڪ معنيٰ خيز آهي.
”خالق منجهه خلق خلق سڀ خالق ۾،
سمجهي ڪو سامي چوي، ورلو جَن هڪ،
مهر ڪري مالڪ، جنهن کي پرچي پاڻهي.“
هن ساڳئي اصول کي هن طرح به بيان ڪيو ويو آهي.
”سامي سڀ جنسار، اٿئي عجيبن جو،
ڏسي ٻُڌي پاڻ ٿو، ڄاڻي ڄاڻڻهار،
نرا ڪار آڪار، ڌاري آيوجڳ ۾.“

[b]”جوڻ“ (Transmigration of soul)
[/b]جوڻ ويدانتي فلسفي موجب هڪ اهم ترين نُڪتو آهي. اُنکي ”مهاڄار“ به سڏيو ويندو آهي. آتما جو پرماتما سان ملڻ انسان جي ڪرمن (عملن) مطابق ٿيندو آهي. جيڪڏهن عمل سُٺا نه هوندا ته آتما کي بار بار جنم ۽ مرڻ جا چڪر ڪاٽڻا پون ٿا. آتما جو ڇوٽڪارو تڏهن ٿيندو آهي. جڏهن سٺا عمل هن جي پاپن کي ڌوئي ڇڏيندا ۽ آتما جوڻ جي مها ڄار کان آزاد ٿي، نرواڻ (نجات) ماڻيندي. سامي چوي ٿو.
”مايا ڀلائي، وڌو جيءَ ڀر ۾،
پاڻ پنهنجو پاڻ ۾، ويٺو وڃائي،
سيني ۾ سماي چوي، ڪوٽ جنم پائي،
اوديا پٽ لاهي، جاڳي ڏسي ڪينڪي.“
مانگ ديهه (انساني جنم)
ويدانتي اصولن موجب انساني جنم اهم آهي جنهن کي سامي هيرن جو هار ۽ انمول سمجهي ٿو انساني جنم اسان کي پهرين مذهبي، تهذيبي سماجي ۽ انساني قدرن جي طريقا ٻُڌائي، سِڪ، سچائي بيڊپائي ۽ اورچائي سان زندگي گذارڻ جي لائق بنائي هن کي سماجي سورمو ٺاهي،ِايشور جي قريب آڻي، هن کي نرواڻ ماڻڻ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿو.

[b]پنج ڀوت
[/b]سامي ويدانتي ويچارن موجب پنجن براين جهڙوڪ ڪام، ڪروڌ، موهه، لوڀ ۽ اهنڪار جن کي ”پنج ڀوت“ يا ٻلوان دشمن“ به چيوويندو آهي کي تفصيل سان بيان ڪيو آهي. عام انسان کي جسني بيمارين طرف ڇڪي ٿو. ڪروڌ (ڪاوڙ) هن کي خونخوار جانور بنايو ڇڏي. موهه هن کي دنيوي شين ۾ ڦاسايو ڇڏي، اوپ هن کي گمراهه ڪريو ڇڏي ۽ اهنڪار (هٺ ۽ غرور) هن کي اوچ نيچ ۽ ڀيد ڀاءُ جو شڪار بنايو ڇڏي.
”ٻانڀڻ ٻَڌ مَ ٺاٺ، ڪوڙا مايا موهه جا،
کڻي هڻندو ڌوڙ ۾، اها ڏائڻ ڏاٺ،
ڇڏي پوٿيون پاٺ، جاڳي ڏس جڳديش کي.“

[b]اوديا (بي علمي)
[/b]اوديا (بي علمي، اڻڄاڻائي) پنجن ڀوتن جي ماءُ آهي. بي علمي سڄي دنيا جا جيءَ منجهائي ٿي ۽ سڀني کي لاچار ۽ عاجز بنائي ٿي. اکين جو نور کسي، راهن ۾ اوندهه ڦهلائي ٿي اُها ماڻهن کي اکين هوندي انڌو، ڪنن هوندي ٻوڙو، دماغ هوندي معزور ۽ روح هوندي بيجان بنائي اُنهن کي ڀٽڪائيندي رهي ٿي.
”ڏاڍي ڏيوالي، اوديا ڏائڻ ڏندري،
جنهن ڦري سڀ فقير ڪيا، کلکل سان خالي.“

اسان کي انهن جسماني، سماجي ۽ روحاني براين کان بچائڻ وارو صرف ستگرو (مرشد) آهي.

[b]ستگرُو (مرشد)
[/b]ويدانيتي ويچارن موجب ستگروُ (مرشد) جو وڏو مقام آهي. سنت شاعر ڪبير اُن کي هن نموني ۾ بيان ڪيو آهي.
”گرُو گووند دونون کڙي، ڪس ڪي لاگون پاءِ،
ٻلهاري گرو آپ ڪي، گووند ديو دِکاءِ.“
گرُو (مرشد) ايشور جو لاڏلو هوندو آهي. هو هر وقت ڀليل ۽ ڀٽڪيل انسانن کي صحيح راهه ڏيکاري، اُنهن جي رهنمائي ڪندو آهي. هو انساني معاشري مان براين جو خاتمو ڪري روحاني خوشي محسوس ڪندو آهي.
ڪامل ڪرم ڪيو، تڏهن اکيون کلي آيون،
ڏسي پنهنجي پاڻ کي، سيتل من ٿيو،
نسو آتم جيءَ جو، چئون سڀ ويو،
ڀاسي ڪين ٻيو، سامي چئي سروپ ري.
گرُو ايشور جو ديدار ڪندو آهي ۽ ٻين کي به ان جو ديدار ڪرائيندو آهي.

[b]سامي جي شاعري ۾ سنڌ جي روايتن جي ترجماني
[/b]سامي جي ڪلام ۾ ويدن جي واڻي جاويچار شامل آهن. انهن سان گڏوگڏ سنڌ ۽ سيدين جي روايتن جون ڳالهيون به شامل آهن جيڪي هن جي ڪلام جي اهميت ۾ اضافو ڪن ٿيون.
(1) سامي پنهنجي ڪلام ۾ سنڌ، سنڌ جي ماڻهن، سنڌ جي ثقافت، سنڌ جي ادبي روايتن جو ذڪر ڪري، اُنهن کي بيمثال نموني ۾ ساراهي اِهو ثابت ڪيو آهي ته هو سنڌ جو سچو ۽ سلڇڻو سپوٽ آهي.
(2) سامي جي ڪلام ۾ سنڌ جي آزاد فضا، کليل آسمان، سج، چنڊ ۽ تارن، پهاڙن، جهنگلن، ٻيلن، ندين ۽ جانورن جهڙوڪ شيرن، هاٿين، گهوڙن، باندرن، هرڻن، ڪوريئڙن، پروانن، نانگن، سپن، سنڌ جي گلن ڦلن جهڙوڪ ڪنولن، گلاب جي ڳاڙهن گلن وغيره جو ذڪر ڪري سنڌ جي هر شيءِ کي ياد ڪري ۽ ساراهي هن سنڌ سان پنهنجي محبت جو اظهار ڪبو آهي. هن انهن شين مان حيرت انگيز تشبيهون جوڙي، سنڌي شاعري کي مالا مال ڪيو آهي.
(4) سامي سنڌ جي ماڻهن جي بنيادي خوبين جهڙوڪ پورهئي، اورچائي، بيڊپائي ۽ حوصلي کي خوب ساراهيو آهي.
”وِرڇي منڌ م ويهه، ڪاهه ته ڪيچين کي ملين.“
*-*-*
”جيئڻ ۽ مرڻ جو، سامي سوچ نه ڪن.“
(5) سامي سنڌ جي عوامي قصن ۽ داستانن کي پنهنجي ڪلام ۾ جاءِ ڏيئي سنڌ سان محبت جو اظهار ڪيو آهي. ”سسئي پنهون“ جي داستان جو هي شعر ڪيڏو نه معنيٰ خيز آهي ۽ سنڌين جي ڪاميابي جو اهم راز آهي:
”ويهي منڌ مَ ويهه، ڪاهه ته ڪيچين کي ملين،
ساجهر ئي سامي چوي، ڇلي ڇپرين پيهه،
درويش جو ڏيهه ويٺن کي واري وري.“
سامي جو هي ”سهڻي ميهار“ وارو بيت حوصلو وڌائي ٿو.
پاڻ وڃائي پانهنجي، اُٿي محبت مَ مھ،
اچي پاڻ الله، عاشق ٿئي عرش کون،
(6) سامي سنڌ جي سورمن ۽ جان نسارن کي ساراهي اِهو ظاهر ڪيو آهي ته سنڌ جا سورما پنهنجي جان کي گهوري سنڌ بچائڻ لاءِ هر دم تيار آهن.
”سدا اليلن جا، رتا نيڻ رهن،
ڪاڻ نه ڪڍن ڪنهنجي، سوري پڻ چڙهن.“
”عاشق سي چئجن، جي سوري سهن سرتي“
اهڙا ڪيترائي مثال سامي جي ڪلام ۾ موجود آهن.
(7) سامي پنهنجي ڪلام ۾ سنڌ جي هارين ۽ نارين کي ساراهي سنڌ جي خوشحالي جا گيت ڳاتا آهن. سامي اُنهن کي خبردار ڪري ٿو ته اُهي اناج کي نقصان پهچائڻ وارن پکين کان بچائين ۽ اناج جا اکٽ ڀنڊار پيدا ڪن.
”پنهنجي پوک سنڀار، پراني پيهي تي چڙهي،
کميا کانڀاڻي سان، ڪڍي ڪلپت جهار،
ڏيئي واڙ ويساهه جي، تون سامي ڀرم نوار،
تان کڻي بيحد بار، انيئي اکٽ اناج جو.“
ڪير چوندو ته سامي سنڌ ۽ سنڌ جي روايتن کي وساري ڇڏيو آهي.

[b]سامي جي سورمي
[/b]ڪنهن به قصي يا داستان جي مرڪزي زناني ڪردار کي سورمي چئبو آهي. مارئي، مومل، سورٺ، سسئي، سهڻي، نوري اهي شاهه لطيف جون سورميون آهن. سامي جي سورمي ”سهاڳڻ“ آهي، جيڪا پنهنجو مٽ پان آهي. هو سڀني سورمين جو شان آهي، مان آهي ۽ سڃاڻپ آهي. هو راڻي آهي، مهراڻي آهي هو عورت جي عظمت جو اوچو نانءُ آهي.

[b]سُهاڳڻ هڪ مهاراڻي
[/b]سامي ڪمال ڪاريگري ۽ فني ڪماليت سان سهاڳڻ جي ڪردار کي تخليق ڪيو آهي ۽ هن کي سنڌي سماج جي راڻي ۽ مهاراڻي ڪري پيش ڪيو آهي. جنهن سماج ۾ سهاڳڻ جهڙيون سورميون موجود هونديون آهن اُن کي ڪير نقصان پهچائي سگهندو!

[b]سهاڳڻ جون خوبيون
[/b](1) سهاڳڻ پنهنجي ڀتار کي ريجهائي پيڪن ۽ ساهرن جو مان وڌائي ٿي.
(2) هو پنهنجو پاڻ کي پنهنجي ڀتار کي ارپي سج چند جيان جرڪندي نظر ايندي آهي. هو سهاڳ جو سک ماڻي، کلندي ۽ ٽلندي رهي ٿي.
”نسو مٽائي، جهولي جهروڪن ۾“
(3) هو ادب ۽ احترام جي مورت هوندي آهي ۽ خاوند کي خوش ڪري، خوش ٿيندي آهي.
(4) هو هميشه ورجي صحبت ۾ مسرور رهندي آهي.
(5) هو پنهنجي ورسان هيع ۽ هرس ۾ وقت گذارنيدي آهي
(6) هن جي انمول خوبي هن جو”سنت“ آهي.سُهاڳڻ پتي ورٿا (Husband devoted)عورت آهي. هو سڀني جو مان رکندي آهي ۽ سڀ هن کي عزت جي نگاهن سان ڏسندا آهن.
(7) هو سادگي پسند آهي. هٺ ۽ غرور هن کان ڪوهين دور رهند آهن.
”سهاڳڻ سچي، پاسي ٿئي نه پيءَ کون،
سُميهي سُکيت سيج تي، ڇڏي ڪلپ ڪچي،
سيد سامي چئي، رهي رنگ رچي،
جيئنءِ گُل پچي، سڳند سوادي سو ٿو ٿئي.“

[b]سهاڳن جا سينگار
[/b]سهاڳن هڪ نياري ناري آهي ته هن جاسينگار به نيارا ۽ پيارا آهن. سادڱي هن جي سونهن آهي پتي سان پيار هن جو چندن هار آهي. هوتن
”سمک ڏسي سپرين.“

[b]سهاڳڻ هڪ بيمثال سورمي
[/b]سامي جي سورمي بيمثال آهي، لاجواب آهي. سچ پچ هو ستي ساوتري آهي جيڪا پنهنجي پتي ديوَ مهاراجا ستيوان جي روح کي موت جي ديوتا جي چنبي کان آزاد ڪرائي اچي ٿي. هو ستي سيتا آهي جيڪا پنهنجي پتي شري رام جي حڪم تي ڌرتي ۾ داخل ٿي امر بنجي وڃي ٿي.
سامي سچ چيو آهي
”سهاڳڻ سائي، ماڻي سُک سهاڳ جو،
مينڌي جنهن محبت جي، لڱن تي لائي،
ڪري نه ڪتر جيتري، ڏاهي وڏائي،
سامي سدائي، سيتل رهي سپاءَ ۾.“
سامي جو سنديش (پيغام)
سامي پنهنجي ڏات، مشاهدي جي قوت، تجربي ۽ تخليقي صلاحيتن جي ڪري هر هنڌ مشهور ۽ معروف رهيو آهي. هن جو ڪلام شعريت، علميت ۽ هدايت جو هڪ اکٽ ڀنڊار آهي. هن جو هر سلوڪ معنيٰ جي موتين سان ڀرپور آهي. اُن ۾ ماڻهن لاءِ انيڪ سنديش موجود آهن، جيڪي اُنهن کي ديني ۽ دنيوي معامرن ۾ مدد ڪن ٿا. سامي هڪ نيڪ ۽ خوش اخلاق انسان هو. هن جو هي سنديش اهم ۽ لاڀدائڪ آهي ته:
”چڱا سي چئجن، چڱو جنين جي جڳ ۾،
برائي ڪنهن جيوَ جي سامي ڪين ڏسن،
سداسم رهن، اسٿت آتم پد ۾.“
سامي سچو آهي ۽ سچ جو پوڄاري آهي. هو ڪوڙ ۽ ڪلفت جي خلاف آهي. هو ڪوڙن ساڌن جي ڪوڙن ڪرتوتن کي ڌڪاري ٿو. اُنهن کي سچ جي طرف راغب ڪندي چوي ٿو:
”ويد، پراڻ پڙهي ڪري، ٿو لوڪ ريجهائين،
سپيريان جي سڪ ۾، جهاتي نه پائين،
چاهه نه چڪائين، تون پسندين ڪئين پرين کي.“
پريم نه رڳو هڪ سماجي گُڻ آهي، پر اُهو هڪ روحاني گُڻ به آهي. پريم دلين کي جوڙي ٿو. ڪلفت ۽ ٻيائي جا بُت ٽوڙي ٿو. پريم هڪ اهڙي قوت آهي جيڪا هر قسم جي بُرائي کي ختم ڪري، ڀلائي جون راهون روشن ڪري ٿو. سامي جو هي سنديش بيشڪ ملهائتو آهي:
”آءُ ته پياريان، ڀري پيالو پريم جو،
سامي هن اوسر ۾، تن من سڀ ٺاريان.“
سامي هڏ ڏوکي ۽ همدرد انسان هو. شيوا (خدمت) هن جي لاءِ پوڄا هئي. شاهه لطيف سچ چيو آهي: ”ڏات نه آهي ذات تي، جو وهي، سو لهي.“ انگريزي ادب جي ممتاز اديب ۽ نقاد ڪار لائل جو چوڻ آهي ته ”رحمتي اُهي آهن جن پنهنجو ڪم ڳولي لڌو آهي.“ اُنهن کي ٻئي ڪنهن به رحمت ڳولڻ جي ضرورت ناهي.“ سامي جو هيءَ سنديش اهم آهي ته ڪم جي ذريعي ئي وڏو مقام حاصل ڪري سگهجي ٿو.
”ڍيڍ، چمار، جو لاها، پيچارا، نائي،
جنين لنوَ لائي، سي سڀيئي سُڌريا.“
سامي اوديا (بي علمي، اڻڄاڻائي ۽ جهالت) کي قديم ڪوڙن ۽ خود غرض پادرين جيان نعمت نٿو سمجهي ۽ علم جي راهه ۾ ڪي رڪاوٽون نٿو پکيڙي. هو بي علمي کي خطرناڪ ڏائڻ سمجهي ٿو جيڪا جيءَ جان جلائي ٿي، اونده پکيڙي ٿي ۽ انسانن کي ڀٽ ڪائي، دربدر ڪري ٿي. سامي جو هي سنديش سموري انسانذات لاءِ لاڀدائڪ آهي ته وديا (علم) حاصل ڪجي ۽ پنهنجي زندگي کي سنواري معاشري کي رهڻ لائق بنائجي. بي علمي جي باهه کي علم جي پاڻي سان ٻُجهائڻ ضروري آهي.
”باهه اوديا آ، ساڙي سڀ سنسار کي،
تنهن کي وديا جل سان وارم وار ُٻجهاءِ،
صاف ڪري سامي چوي، من ممٽ مٽاءِ.“
سامي جي ڌرم پتني جي باري ۾ ڪا ڄاڻ ميسر ناهي لڳي ٿو ڄڻ سامي سهاڳڻ جي صورت ۾ پنهنجي ڌرم پتني جو چٽ چٽيو آهي. عورت قدرت جي هڪ انمول هستي آهي. هو شادي ڪري ساهرن ۾ اچي ٿي، ڀتار کي ريجهائي ٿي، ٻار ٻچا پيدا ڪري ٿي، انهن کي پالي نپائي ٿي ۽ اُنهن جي مستقبل کي سُڌارڻ لاءِ پاڻ پتوڙي ٿي. عورت گهر جي سونهن آهي ۽ معاشري جو ڀلو چاهيندڙ آهي. هو ستي ساوتري ستي سيتا جيان پنهنجي ڀتار کي ارپي، خدمت ڪري عورت جو مان مٿاهون ڪري ٿي.
”سامي سائي ڄاڻ، سهاڳڻ سڄڻ جي،
جنهن پر چايو پرينءَ کي، ارپي پنهنجو پاڻ،
سنسي ري شيوا ڪري، سڪ صبوري ساڻ،
ڀوري تنهن جو ڀاڻ، خاوند خالي نه ڪري.“

[b]سامي جي شاعري جون خوبيون
[/b](1) سامي جي شاعري جي پهرين خوبي آهي الفاظ جو اکٽ ذخيرو حامد علي جاناڻي تاج جويي جي مرتب ڪيل ڪتاب ”سامي تي نئين نظر“ ۾ ڇيپل مضمون ”سامي جا سلوڪ“ ۾ چوي ٿو ته سامي الفاظ ۽ معنيٰ جو خالق آهي. سندس لفظن ۾ خاص زور اٿس. هو جادوگر ۽ سحرنگار آهي.“ هن سنڌي ٻولي جي ذخيري (Vocabulary) کي خوب مالا مال ڪيو آهي. هي هن جو اهم ۽ بي مثال ڪم آهي.
(2) سامي جي شاعري جي ٻئي خوبي آهي، من موهيندڙ پيش ڪش (Presentation). هو لفظ ۽ معنيٰ کي گڏي اهڙي نموني ۾ بيان ڪري ٿو جو منڊل مچيو وڃن ٿا. هو پنهنجن خيالن کي الڳ الڳ نمونن ۾ رنگي اهڙي ته مهارت سان پيش ڪري ٿو جو سموري زندگي مسڪرائيندي ۽ جرڪندي نظر اچي ويندي آهي.
”آهي اوکيرو، جيئندي مرڻ جڳ ۾،
سمجهي ڪو سامي چوي، پر جي چڪيرو،
ڪيو جنهن ڪلپت جو نپٽ نپيرو،
دوست ري ديرو، خالي ڏسي ڪو نه ڪو.“
(3) سامي جي ڪلام جي ٽئين خوبي آهي ته هو پنهنجن ويچارن کي اشارن، ڪناين ۽ تمثيلن ۾ لڪائي بيان نٿو ڪري پر ککئي نموني ۾ بيان ڪري ٿو. جيئن پڙهندڙ ۽ ٻڌندڙ سندس راز کي بنان مونجهاري جي سمجهي وڃن. هن ڪوڙي قاضي جي حرڪتن کي هن نموني بيان ڪيو آهي:
پڙهي قرآن ڪتاب، قاضي ڪوهه قضا ڪرين،
ملي وٺ محبوب سان، ڇڏي زور ثواب،
مٿان اچي اوچتي، ڪريئي ڪال ڪباب،
ٿيندين پوءِ خراب، سج لٿي سامي چوي.
(4) سامي جي شاعري جي چوٿين ۽ نمايان خوبي آهي ڪردار نگاري. سامي هڪ سڄاڻ شاعر آهي. هو انسانن جي خوبين ۽ خامين کي سمجهي ٿو. اها هن جي وڏي قابليت آهي. هو مختلف ماڻهن جي گروهن کي مختلف نالا ڏيئي، انهن کي جيئرا جاڳندا ڪردار بنائي، انهن جي خوب ڪردار ڪشي ڪئي آهي.

[b]گرمک: مرشد
[/b]”سدائين گُلزار، گرمک رهن گيات ۾.“
ساڌو:
”سدائين نرمل، ساڌو جن سنسار ۾،
ليپ نه لڳي تن کي، جيئن جل رهن ڪنول.“
دردمند:
”ڪهڙو حال چوان، دردوندن جي دل جو،
کليا گل گُلاب، جان رهن نت نوان.“
فقير:
”ڪري فقر فقير، فارغ ٿيا فڪر کان.“
سهاڳڻ:
جنهن ريجهايو ڪنت، آئون سهاڳڻ سا چوان.
عاشق:
”عاشق نت اُداس، روئن رت اکين مون.“
سنياسي:
”سنياسي سيئي، پاڻ، ڪڍيو جن پاڻ مون.“
سورهيه:
”سامي چئي ڪو سورمو، رهسي رنگ رَچي،
جيئن پتگ مچي، سما ڏسي سوجهرو.“

[b]سامي جون ادبي خدمتون
[/b]سامي سنڌي شاعري کي ترقي ڏيارڻ لاءِ ڪيئي ادبي خدمتون سرانجام ڏنيون. هن قديم هندو شاسترن (ڪتابن) جي مقبول صنف ”شلوڪ“ کي ”سلوڪ“ جو نالو ڏيئي سنڌي شاعري ۾ رائج ڪري، اُن کي مقبوليت ڏياري. ”سامي جا سلڪ“ سنڌي شاعري جي جان آهن. سامي سلوڪن جي ذريعي پنهنجي ڌرتي، اُن ماڻهن ۽ اُنهن جي ثقافت کي پڌرو ڪري نه صرف پنهنجو مان وڌايو آهي پر سرزمين سنڌ جي مان کي اجاگر ڪري وڏو ادبي ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي.
سامي جا سلوڪ ڇند وديا جي اصولن مطابق لکيل آهن. اُنهن سلوڪن ۾ ماتراعن جو تعداد مقرر آهي. ڪٿي به گهٽ يا وڌ نٿو ٿئي. سندس سلوڪن جا قافيا پڪا ۽ پختا آهن. جي ڪٿي سندس قافين ۾ ڪا گڙٻڙ نظر اچي ٿي ته اها سامي جي گهٽتائي ناهي پر هن اُتي اهڙا قافيا استعمال ڪيا آهن يا لفظ استعمال ڪيا آهن جيڪي ٻهراڙين ۾ عام ماڻهو ڳالهائيندا هئا ۽ ڳالهائين ٿا. سامي عام ماڻهن جي ٻولي کي اُنهن تي اُچارڻ ۾ ڪم آڻي عام ماڻهن جو مان وڌايو آهي.
سنڌي جي ڪلاسيڪي شاعرن جهڙوڪ قاضي قادن، شاهه ڪريم، شاهه عنات رضوي، شاهه لطيف پنهنجي شاعري ۾ بيت جي مصراعن کي 4 5 ۽ 10 تائين محدود رکيو آهي، اُتي سامي پنهنجن سلوڪن ۾ مصراعن جو تعداد 18 ڪري وڏو فني ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي. هن قديم سنڌي ڪلاسيڪي شاعري ۾ ڊگهي ۾ ڊگهو سلوڪ چئي سنڌي شاعري ۾ وڏي وسعت آندي آهي ۽ سنڌي شاعري لاءِ نيون راهون کوليون آهن.
سامي هڪ آدرشوادي سنڌي عورت جي عضمت کي ”سهاڳڻ“ جي صورت ۾ ساراهي هڪ بيمثال ڪم ڪيو آهي هي سنڌي شاعري ۾ سامي جي هڪ بيمثال خدمت آهي ۽ اُن کي قدر جي نظر سان ڏٺو وڃي ٿو. سامي پهريون سنڌي شاعر آهي، جنهن سنڌي عورت جي عظمت جا گيت ڳائي، اُن جي حيثيت کي زنده جاويد بنائي ڇڏيو آهي.

[b]سامي جي عبارت
[/b]سامي جي عبارت جا خاص گڻ آهن، سجيدگي، شائتسگي، پختگي ۽ عمدگي، عام طور سندس عبارت سادي، سولي ۽ سلوڻي ناهي. سنجيده فڪر ۽ فن جي ڪري عبارت عام فهم به ناهي. ان کان انڪار ڪرڻ جائز ڪونهي. هن جي عبارت فصاحت توڙي سلاست جي لحاظ کان پڪي، پختي ۽ سهڻي آهي. هو پنهنجن ٻولن ۽ قولن کي پڙهندڙن ۽ ٻڌندڙن جي سامهون ڪمال ڪريگري ۽ فني علميت سان پيش ڪري انهن جو اندر ٺاريو ڇڏي ٿو.
”پير پرچي پاءِ، محبت جي ميدان ۾،
ڪٺا پيا ٿي ڪيترا، جاني لڳ تنهن جاءِ،
سي ڏهڪين ڪين ڪي، سامي سِڪ وڌاءِ،
پهرين پاڻ جلاءِ، ڏسڻ ٿئي ئي پر جو.
سامي جي عبارت هڪ ودوان (عالم) جي عبارت آهي، هڪ شاعر جي آهي ۽ هڪ عام انسان جي آهي، جنهن ۾ فڪر سمايل آهي، فن سمايل آهي، پيار سمايل آهي ۽ وڏو اثر سمايل آهي. هن جي عبارت پڙهڻ کان پوءِ سامي هڪ عالم، هڪ شاعر، هڪ درد وند عاشق ۽ هڪ سماج سڌارڻ واري انسان جي روپ ۾ اسان جي اڳيان ظاهر ٿي آشرواد ڏيندو نظر اچي ٿو.
سامي جي عبارت ۾ شعري صنعت، شعري خوبي ۽ فني لوازما موجود آهن اسان جي اديبن، شاعرن ۽ نقادن بنان تنقيدي اڀياس جي انهن شعري صنعتن کي سندس ڪلام مان خارج ڪري قهر ڪيو آهي.

[b]سامي جي ٻولي
[/b]سامي جي ٻولي شڪارپور ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڳالهائڻ واري سريلي ٻولي آهي. پروفيسر ڀيرومل مهرچند پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ٻولي جي تاريخ“ ۾ خوب لکيو آهي ”ٻولي ته شڪار پور جي جهڙي آهي سپ ۽ سوادي تهڙي آهي مٺي ۽ رسيلي واهه جو منجهس ميٺاج آهي.“
شڪارپور جي ماڻهن پنهنجي ٻولي کي وڌيڪ مٺو بنائڻ لاءِ ڪي مخصوص طور طريقا ڪم آندا آهن.
هو کان ۽ مان جي بدران کون ۽ مون آڻيندا آهن مثال.
(1) محبتي مشتاق، پاسي ٿين نه پيءَ کون،
(2) محبتي ماڻڪ لڌو، دل درياه مون.
(3) هو واحد مان جمع بنائڻ جي لاءِ ”اون“ جي بدران ”آن“ استعمال ڪندا آهن.
مثال:
رآهون بدران رآهان، دانهون دبران دانهان، ٻاهون بدران، ٻانهان، لتون بدران لتان، موجون بدران موجان ڪم آڻيندا آهن.
(4) هو ٻولي کي مٺڙو ۽ دلچسپ بنائڻ جي لاءِ اڪثر ڪري ”ڙا“ ۽ ”ڙو“ کي لفظ پٺيان استعمال ڪندا آهن.
مثال:
”ويو“ بدران ”وئڙو“، ”رات“ بدران ”راتڙي“ ، ”ڀائر“ بدران ”ڀائڙا“، ”مٺو“ بدران ”مٺڙا“ ”سنهو“ بدران ”سنهڙو“ چئي خوسي مخصوص ڪندا آهن.
سامي شڪارپور ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڳالهائڻ واري ٻولي ۽ انهن مخصوص اچارن کي پنهنجي ڪلام ۾ استعمال ڪري انهن علائقن وارن ماڻهن جو مان مٿي ڪيو آهي.
(1)سامي غ جي بدران گ ڪم آندو آهي.
مثال طور نغارو بدران نگارو، غيب بدران گيب، غريبي بدران گريبي، غوطا بدران گوتا وغيره.
(2)سامي خ بدران ک ڪم آندو آهي.
مثال طور، خط بدران کت، خيال بدران کيا، خودي بدران کدي وغيره.
(3)سامي ز بدران ج ڪم آندو آهي:
مثال طور سزا بدران سجا، مزا بدران مجا، رضا بدران رجا پرهيز بدران پرهج وغيره استعمال ڪيو آهي.
اهو چڻ صحيح ڪونهي ته سامي ٻولي کي خراب ڪيو آهي. سچ اهو آهي ته هن ٻولي کي استعمال ڪندڙن جي ٻولي سمجهي اُن کي سنواريو آهي.

[b]لفظن جو اکُٽ ذخيرو
[/b]سامي جي ڪلام ۾ لفظن جو اکُٽ خزانو آهي. هن جي ڪلام ۾ عربي، فارسي، سنسڪرت، هندي ۽ سنڌي لفظ ڪم آندل آهن.

[b](1) عربي ۽ فارسي لفظ:
[/b]درخت، صبر، شڪر، عشق، احمق، عروض، فراق، حيرت، عبرت، محب، عجب، هنگامو، حضور، خاوند، محبوب، مئخانو، دلبر، پروانو، ديدار، وحدت، واصل، خام خاموسي، غوتا، نغارو، رضا، عاجزي، خراب، مرغوب وغيره.
[b](2) سنسڪرت لفظ:
[/b]آتما، ايڪتا، پراڻ، پراڻي، پورب، پشچم، ورن، لوڪ، پرلوڪ، ڪايا، ڪنچن، نرگڻ، سرگڻ، انوپ، ڪنچر، مرگهه، ترشنا، نرادار، ڪيول وغيره شڪام پرماڻ وغيره.
[b](3) هندي لفظ:
[/b]ڍاهه، چنتا، گيان، اگيان، وديا، اوديا، اونگهه، کوج، سار، مَڌُر، ڌيرج، نائي، مُرلي، پاجي، دهائي، جهل مِل، نڀ، ڀار، درس، درشن، ڪنت، کميا وغيره.
[b](4) سنڌي لفظ:
[/b]سنڌي لفظ سامي جي ٻولي جي سونهن آهن. اُهي اڳوڻي تهذيب جون سندر نشانيون آهن.
ٽوپي، سوٽي، ماڙي، ڪنو، کٽولو، ٻوڙو، ڏيل، موڪرو، جهيڙو، سيج، ريجهاڻ، ريج، درياه، ويساهه، توڪل، سور، ساجهر، پاڙو، لاڙو، ڌاڙو، واڙو، ساڙو، گهيڙ، روگ، موڳو، سِڪ، ساراهه، لوئي، سرت، چاڻي، ڀورڙو، دڳ، پڙلاءُ، واڳ، راڳ انهي جهڙا نايڪ لفظ سامي جي سلوڪن ۾ وجود آهي.
[b](5) ٻٽا لفظ:
[/b]سامي ڪي ٻٽا لفظ به گهڙيا آهن. سامي کان متاثر ٿي جديد سنڌي شاعري جي سرواڻ ڪشنچند بيوس به ٻٽا لفظ گهڙي پنهنجي ڪلام ۾ شامل ڪيا. سامي جا ڪجهه ٻٽا لفظ هي آهن: جل ڦرو، رام ن، آتم رنگ، موهه ممتا، رند راءِ، گرڀ گُماني، مايا جل، وديا هٿ، چاهه چڪي، پريم رس، نرمل راهه، لالچ لب، دک درد، سُڄو سکڻو وغيره.

[b]عبارت کي سينگارڻ وارا طور طريقا
[/b]سامي پنهنجي عبارت کي دلچسپ بنائڻ لاءِ سينگار جا هي فني طور طريقا وڏي مهارت سان پيش ڪيا آهن.

[b](1) اصطلاح:
[/b]سامي پنهنجي ڪلام ۾ نج سنڌي اصطلاح جوڙي پنهنجي سمجهه ۽ ڄان جو ڌاڪو ڄمايو آهي ۽ پنهنجي شاعري جي سونهنءَ کي اُجار ڪيو آهي. ڪجهه اصطلاح هيٺ درج ڪيا وڃن ٿا. رولو وجهڻ، هئي هئي ڪرڻ، رنگ چڙهڻ، ڪوڙو دم هڻن، جُٺ ڪرڻ، ساک ڏيئڻ، وڇوڙو وجهڻ، سار لهڻ، هٿ کڻڻ، منهن موڙڻ، گهاٽ گهڙن، ڳنڍ کولڻ، موج ماڻڻ، رَت رُئڻ، پُٺ ڏيئڻ، نيڻ ٺرن، اڻ گهڙيا گهاٽ لهڙڻ وغيره.

[b]استعارا:
[/b]سامي جا استعارا هن جي ٻولي جي مهارت ۽ مشاهدي جي قوت جي ساک ڀرين ٿا، ڪجهه استعارا هيٺ ڏجن ٿا:
(1) مورک سو آهي، جو سچ سڃاڻي ڪينڪي،
(2) عاشق سي چئجن، سِڪ جنين کي سچ جي.
(3) آهي مهانگو، سامي سودو سچ جو.
(4) سِڪ ري صفائي، اچي ڪين اندر ۾.
(5) نڪري ڪيئن ڏهي ري، منجهون کير مکڻ.
(6) پريت بنان پريم ڪنهن پاتو ڪينڪي.
(7) سامي سو سچيار، جو ڪڍي ڪوڙ قلوب مون.
(8) ڀلو ڀلائي، برو برائي کي لهي.
(9) جنين هٿ هاريو، تنين جيتيو جڳ کي.
(10) ورلو واپاري، سودو ڪري سچ جو.

[b]تشبيهون:
[/b]سامي جون تشبيهون هن جي مشاهدي ۽ تجربي جي ترجماني ڪن ٿيون. اُهي چٽيون ۽ دلچسپ آهن. اُهي سنڌ جي کليل فضا ۽ روايتن مان ڦٽي نڪتل آهن، سامي جون ڪجهه تشبيهون هيٺ پيش ڪجن ٿيون.

(1) ”جيئن ٻيڙي ٻوڙ، تيئن لوڪ ڪٽنبين جا.“
(2) ”محبتي مري، درشن ڪاڻ دوست جي،
جيئن مڇلي نير کون، پلڪ نه رهي پري.“
(3) ”جيئن نيڻن ۾ نور، تيئن ساکي وسي سڀ ۾.“
(4) ”پاڻي منجهه پنو، جيئن کلوڻو کنڊ جو.“
(5) ”سامي سدائين، رهن پاڻي ۾ پيا،
جيئن هاٿي مڪنا، جهولن مڌ مستي ۾.“
(6) ”ڪُٺا ڪڇن ڪينڪي، پتنگ جيئن پچن.“
(7) ”سدا پرين جي لنوَ ۾، رهن ائين لين،
جيئن جل کون مين، پلڪ پرانهون نه ٿئي.“
(8) ”محبت جي ميدان ۾، عاشق رنگ رچن،
پون پروانن جان، اڳيون عجيبن.“
(9) ”عشق جاڳايو، سامي سمجهي جيءَ کي،
جيئن چقمق لوهه کي، چت ري جلايو.“
(10) ”جيئن وڃڻيءَ ۾ واءُ، تيئن ساکي وسي سڀ ۾.“

[b]تجنيس حرفي:
[/b]سامي ٻين سنڌي ڪالسيڪي شاعرن وانگر پنهنجي ڪلام ۾ تجنيس حرفي جوواهه جو استعمال ڪيو آهي. تجنيس حرفي سامي جي شاعري جي سونهن آهي. هي مثال پڙهي سامي جي فني خوبين جو مزو ماڻيو:
(1) ”دوست جو ديدار، ڪامل آهي ڪهڙو.“
(2) ”مورک ڪوهه مرين، رهين مايا موهه ۾.“
(3) ”جنين لنوَ لائي، سي سڀ لال گلال ٿيا.“
(4) ”نڪو آر نه پار، سپيريان جي سڪ جو.“
(5) ”عاشق اربيلا، ڪاڻ نه ڪڍن ڪنهن جي.“
(6) ”چڱا سي چئجي، چڱو جن جي چت ۾.“
(7) ”ڏاڍي ديوالي، مايا ڏائڻ ڏندري.“

[b]کينئلداس ”فاني“ جي راءِ
[/b]سنڌ جي سريلي ۽ البيلي شاعر کينئلداس فاني پنهنجي مضمون ”سامي صاحب جي ٻولي ۽ شاعري“ جيڪو تاج جويي جي مرتب ڪيل ڪتاب ”سامي تي هڪ نظر“ ۾ چيو آهي تنهن ۾ لکيو آهي ته ”سامي پنهنجي عبارت کي رسيلو ۽ اثرائتو بنائڻ لاءِ ڪيئي نج سنڌي اصطلاح سلوڻي سنڌيءَ ۾ جهنجهي ڇڏيا آهن.“ سامي جون تشبيهون لاجواب آهن. هن جي تجنيس حرفي پنهنجو مٽ پاڻ آهي.

[b]سامي جي ڪلام جي اهميت
[/b]اسان جي اديبن، شاعرن، نقادن ۽ عالمن بنان سوچڻ ۽ سمجهڻ جي سامي بابت گمراهه ڪن خيالن جو اظهار ڪيو آهي. ڪي ته سامي کي شاعر به تسليم نٿا ڪن، ڪي هن جي ٻولي تي اعتراض ٿا ڪن. ڪي هن جي خيالن سان متفق ناهن، ڪي هن جي شاعري جي چال ۽ رفتار کي ڍري سمجهن ٿا، ڪي وري هن جي ڪلام کي شاهه ۽ سچل جي ڪلام سان ڀيٽي، اُن ۾ اوڻايون ظاهر ڪن ٿا. ڪي وري هن جي ڪلام کي سنڌ جي سماجي، تهذيبي ۽ ادبي روايتن کان وانجهيل سمجهن ٿا. هي سامي جو قصور ناهي. پر هي سنڌ جي تنگدل ڏاهن جي پنهنجي خامي آهي. سامي جو ڪلام روحانيت جي اوٽ ۾ لکيل آهي. جي انهن اوٽ کي پري هٽائي ڏسبو ته پوءِ هر شيءِ سج جيان صاف ۽ چٽي نظر ايندي.
سامي اڳتي ڏسڻ وارو (Anticipator) شاعر آهي. هن ايندڙ وقت کي محسوس ڪري شاعري ڪئي آهي. هن اڄوڪي وقت جي حالتن جي تصوير چٽي حيران ڪن ڪم ڪيو آهي. هو ڏسي ٿو ته علم بنان هر هنڌ اونده آهي. ماڻهو سچ ۽ ڪوڙي وچ ۾ فرق نٿو ڪري سگهي. هو ڪوڙ ۽ فريب جي ڄار ۾ ڦاٿل آهي. ڪام (جنسي چاهه) ڪروڌ (ڪاوڙ) موهه (لڳاءُ) لوڀ (لالچ) ۽ اهنڪار (غرور) اُنهن کي ماڻهن جي دائري مان ڌڪي مزاڪن پيا ۽ سچا رئندري زندگي سرڪن پيا. زندگي مقصد وڃائي ويٺي آهي. هر هنڌ ظلم ۽ ڏاڍائي جو راڄ آهي. هر طرف مارا ماري آهي، لاقانونيت آهي، دهشتگردي آهي، اغوا خوري آهي، جنسي ڏاڍايون آهن. علم جو وجود ناهي يا اُن جو استعمال غلط نموني ۾ ٿو ٿئي، ڪٿي به سلامتي ناهي، سڪون ناهي، هر پاسي ڦڏا، فساد، چوريون، ڌاڙا عام جام آهن. تعصب، ڀيد ڀاءُ، تفرڪيبازي ۽ مذهبي ڪٽرپڻي جي باهه ٻري رهي آهي.
سامي مڃي ٿو ته انهن براين ۽ ڏاڍاين جو هڪ ئي سبب آهي، اوديا (بي علمي، اڻڄاڻائي، جهالت). هن جو ايمان آهي، ته وديا (علم) ئي انهن سڀني براين جو خاتمو ڪري سگهي ٿي. علم اسان کي شعور ڏيندو، بند اکيون کولي ڪائنات جي هر شيءِ کي اسان جي اڳيان ظاهر ڪندو. سچ ۽ ڪوڙ وچ ۾ فرق ٻُڌائيندو ۽ ذهن کي سگهارو بنائي اسان جي سوچ سمجهه ۽ عمل کي صحيح راهه تي آڻي انقلاب جون راهون روشن ڪندو.
سامي جا بي علمي (اوديا) ۽ علم (وديا) بابت لکيل سلوڪ انهن روحاني ۽ سماجي براين کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ڪندا ۽ اسان جي اڳيان سگهاري، پر امن ۽ خوشحال زندگي جو تصور پيش رڪي هن گُم ٿيل جنت (Paradise Lost) مان ڇوٽڪارو ڏياري حاصل ڪيل جنت (Paradise regained) ڏانهن وٺي ويندو.
سامي چوي ٿو ته اوديا (بي علمي) سڀني بيمارين جي جڙ آهي. اوديا ڏندي ڏائڻ آهي.
”سامي ڪيئن اڙين، تون اوديا جي اڀمان ۾،
سُکي ڏٺو ڪو نه ڪو، تنهن کي تپ چڙهي،
راتيون ڏينهن سڙي، سو بنان باهه اندر ۾.“
*-*-*
”سارو جڳ نچي، اوديا جي اهنڪار ۾،
جيئن باندر بازيگر جي، هٿ ۾ نٽ نچي.“

اهڙين حالتن ۾ ستگرو، مرشد يا استاد ئي ڪم اچي سگهي ٿو. هو علم جي ذريعي بي علمي کي هٽائي اندر کي ٺاري انساني صلاحيتن کي اجاگر ڪري، ڀلائي جي ڪمن ۾ لڳائي ڇڏي ٿو.
”ڪيو جنهن سهي، گرمک گُر ويساهه سان،
سنسو تنهن جو سير ۾، وئڙو سڀ وهي،
باقي سا سروپ جي، سامي ليک رَهي،
آتم لال لهي، داخل ٿيا مهراڻ ۾.“
مرشد منجهيل من کي جاڳائي، منور ڪري ميدان عمل ۾ موٽائي آڻي ٿو ۽ سچي راهه ڏيکاري ٿو.
سامي مڃي ٿو ته ڪام، ڪروڌ، موهه، لوڀ ۽ اهنڪار وڏيون روحاني ۽ سماجي برايون آهن اُنهن مان اهنڪار (وڏائي، غرور، تڪبر) وڏو طاقتور دشمن آهي، هن کي ذير ڪرڻ ڪو سولو ڪم ناهي. سامي جو اهو چوڻ سچ آهي.
”جنين هٺ هارايو تنين جيتيو جڳ کي.“
اهنڪار يا هٺ کي هارائڻ لاءِ اديبن، شاعرن، نقادن ۽ دانشورن کي هڪ هنڌ گڏ ٿي، سوچي سمجهي ڪو منصوبو جوڙي، اُن تي عمل ڪرڻ لاءِ ميدان عمل ۾ اچڻو ضروري آهي. پهرين اُنهن کي ”محبتي مشطاقن“ جيان وايو منڊل کي موافق بنائڻو آهي:
”محبتي مشتاق، لڪن ڇُپن ڪينڪي،
وسائي ويٺا پريم سان، اکن منجهه اوطاق،
سدا سپيرين سان، پرچيا رهن پاڪ،
ٻانڀڻ ٻولن واڪ، درد ڀريا ديدار جا.“
انهن کي اندر صاف ۽ پاڪ ڪري، پرچاءُ ڪرڻو آهي، جيئن ته دليون دلين سان ملي سگهن.
ان کان پوءِ ”دردوند“ وانگر دلين جا دک مٽائڻ لاءِ ڪوشان رهڻو آهي:
”دردوند داناءَ دويت نه رکن دل ۾،
ڏٺو جن عدالتي، سڄڻ سان ويساهه،
هلن هٺ، سوڌي سندر راهه،
سداليپ اچاهه، سامي رهن سڀاءُ ۾.“
ائين ڪرڻ سان شڪ شبها دور ٿيندا، هٺ ۽ هيبت کان پري رهي سڀاءُ ۾ تبديلي آڻڻي هي.
آخر ۾ ”البيلن عاشقن“ جيان ميدان عمل ۾ ڪاهي، سختيون سهي جيت حاصل ڪرڻي آهي.
”عاشق ڪيئن هٽن، سوري جان سنگرام کان،
اکيون اکن ۾ رهي، سنمک چوٽ چٽي،
سامي کُٽ کُٽي، رمزن سان سُک سار جي.“
رازن، رمزن ۽ موافق مُدمن سان طاقتور دُشمن کي زير ڪري سماج ۾ سهپ، محبت، برابري ۽ هم آهنگي کي قائم ڪري هن ڌرتي جي ٽڪڙي کي جنت بنائي سگهجي ٿو.
سامي جو ڪلام مفيد آهي ۽ اهم آهي. اُن ۾ سماج کي سُڌارڻ جون ڳالهيون ڪيون ويون آهن. سماج ۾ رائج براين طرف اشارا ڪيل آهن ۽ انهن جي خاتمي لاءِ قابل عمل اُپاءُ به ٻڌايا ويا آهن. سامي کي سماج ۾ سُڌارا آڻڻ وارو شاعر نه تسليم ڪرڻ اُنهن جي بي علمي آهي، بي عقلي آهي، اهنڪار آهي.


[b]مددي ڪتاب
[/b](1) تنوير عباسي. تاج جويي جي مرتب ڪيل ڪتاب ”سامي تي هڪ نئين نظر“ ۾ ڇپيل مضمون ”سنڌي شاعري ۾ سامي جي اهميت.“
(2) کينئلداس ”فاني“. سامي تي هڪ نئين نظر ۾ شايع ٿيل مضمون ”سامي جي ٻولي ۽ شاعري.
(3) غلام محمد گرامي. سامي جو ڪلام. ٽه ماهي مهراڻ 1964ع.
(4) محمد ابراهيم جويو. سامي تي هڪ نئين نظر ۾ شايع ٿيل مضمون تاريخ جو فرشتو سامي.
(5) محمد صديق ميمڻ. سنڌ جي ادبي تاريخ.
(6) تاجل بيوس. سامي سودو سچ جو.
(7) ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ. سامي تي هڪ نئين نظر ۾ شايع ٿيل مضمون سامي.
(8) حامد علي خاناڻي. سامي تي هڪ نئين نظر ۾ شايع ٿيل مضمون سامي جا سلوڪ.