لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

سنڌي ٻوليءَ جا سرجڻهار شاعر

سنڌي شاعريءَ جي مختلف دورن بابت لکيل تحقيقي مضمونن ۽ مقالن تي مشتمل هن ڪتاب جو ليکڪ پروفيسر سروپچندر شاد آهي. شاد صاحب مهاڳ ۾ لکي ٿو:
”مون پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جا سرجڻهار شاعر“ ۾ قاضي قادن کان شيخ اياز تائين جي زماني واري شاعري کي ارڙهن دور ۾ ورهايو آهي. مون تفصيل سان هر دور ۾ اڀرندڙ نقطن، مضمونن ۽ شاعرانه نمونن جو تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي.“

Title Cover of book Sindhi Boli'a ja Sarjenhaar Shair

نارائڻ شيام : (22 جولاءِ 1922ع – 10 جنوري 1989ع)

[b]اديبن ۽ نقادن جا رايا
[/b]
(1) اسان جي دور جي شاعرن ۾، نارائڻ شيام کي وڏي اهيمت حاصل آهي، هو انهن ٿورن شاعرن مان آهي، جيڪي اسان جي دور جي شاعري جي وهڪري کان الڳ ٿلڳ پنهنجي ذاتي اسلوب جي ڪري نرالا ۽ انوکا ٿا لڳن. نارائڻ شيام سنڌي جي جديد شاعري، توڙي ترقي پسند شاعري جي بنياد وجهڻ مان هڪ آهي. نه فقط هو اُنهن بنياد وجهندڙن مان هڪ آهي، پر اُنهن سڀني مان اهم پڻ آهي ڇو ته هو شاعري توڙي ترقي پسندي جي قدرن کي اڄ تائين نه فقط پنهنجو ڪندو آهي، پر اڃا تائين انهن کي سنوارڻ سينگارڻ ۽ اُنهن ۾ ننڍين راهن پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رُڌل آهي.“
[b]ڊاڪٽر تنوير عباسي. بوند، لهرون، سمنڊ
[/b]
(2) ”هن جي ڪلام هن جي واتان ٻڌڻ جي سوچي رهيا هئاسين، تڏهن هو اسان کي الوداع ڪري، ايترو دور وڃي نڪتو جو هن جي واپسيءَ جي اُميد ئي نه رهي، شيام جي شاعري ۾ ٻولي جي مڌرتا، ڪلپنا جي اُڏام، ڌرتيءَ جي سونهن ۽ سڳند سان لڳاءُ، سنڌ ۽ انسان جي رنگا رنگ جذبات جو اظاهر ملي ٿو.“
[b]محمد ابراهيم جويو. شيخ اياز پنج شعري مجموعا
[/b]
(3) ساري رات ڪبير سان تون، مان ڳالهيو،
ڌرتي انيدُئي وئي، اهڙي پر ڳايو،
دَر دَر ورجايو، نياپو هن جي نينهن جو.
[b]نارائڻ شيام. شيخ اياز
[/b]
(4) شيام ۽ اياز لڳ ڀڳ ساڳي دؤر جا شاعر آهن، ٻئي اڄ جي دؤر جا عيوضي ۽ نوجوان ٽهيءَ ۾ بهترين اهل سخن آهن، ٻنهي وٽ فن ۽ خيال جون بلنديون آهن.
[b]ڪيرت ٻاٻاڻي. ڪونج خاص نمبر
[/b]
(5) شيام جي گونا گون ۽ شاعري بابت گهڻو ڪري چئي سگهان ٿو، پوءِ نه ٿو چوان ڪنهن ٻئي وقت حوالي سان چوندس، پر هڪ ڳالهه چوڻ سان پاڻ کي روڪي نٿو سگهان جا سندوتا جي جهلڪ ۽ تلاش مون هن جي شاعري ۾ ڏٺي آهي سا اڄ جي ٻئي ڪنهن شاعر جي رچنا ۾ نه آئي آهي ۽ نه ئي اچي سگهي ٿي.
[b]گوبند مالهي. ڪونج خاص نمبر
[/b]
(6) شيام جي شاعري ۾ نه صرف گهرائي آهي پر ڪلپنا جي اُڏام پڻ، شيام جا ڪي شعر پڙهندي من اهڙو مگن ٿيو وڃي جو نه سرير جي سڏوهي نه سنسار جي شيام جي بلند پروازي پاٿڪ (پرهندڙ) کي اُڏائي وڃي ئي عرش رسائي.
[b]ارجن ”حاسد“ ڪونج خاص نمبر
[/b]
[b]نارائڻ شيام زندگي جو احوال:
[/b]نارائڻ شيام سنڌي ٻولي جو وڏو شاعر ۽ تخليقڪار هو. نارائڻ شيام ضلعي نوابشاهه جي نوشهروفيروز تعقلي جي هڪ ڳوٺ کاهي قاسم ۾ 22 جولاءِ 1922ع ۾ پيدا ٿيو. هن جي پيءُ جو نالو ديوان گوڪل داس هو. ماءُ جو نالو جمنا ديوي نگواڻي هو. هن پرائمري ۽ سيڪنڊري جي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪئي هن جو پيءُ مختيارڪار هو. اُنهي ڪري گهڻن ئي تپيدارن جا پٽ هن سان گڏ پڙهندا هئا. ان جي ڪري نارائڻ شيام ڏاڍو مشهور هو ۽ سب هن جي عزت ڪندا هئا. مئٽرڪ جي امتحان پاس ڪرڻ کان پوءِ ڳوٺ جي اسڪول ۾ هن کي ماستري جي نوڪري ملي. هو فارسي پڙهائيندو هو ۽ فارسي ۾ تمام گهڻو هوشيار هو. هن وٽ سنڌي توڙي فارسي لفظن جو وڏو ذخيرو هو. جنهن هن کي قابل استاد بڻائي ڇڏيو. هو پنهنجي شاعري، ٻاجهاري سڀاءُ ۽ حليمائي جي ڪري ڳوٺ جي ماڻهن جي اکين جو تارو هو، هو شاعري به خوب ڪندو هو.

[b]ڪراچي مان وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ:
[/b]نارائڻ شيام وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪراچي ويو. اُتي هن ڊي.جي. سنڌ ڪاليج ۾ داخلا ورتي رهائش لاءِ هن کي مٺارام هاسٽل ۾ جڳهه ملي. سنڌ جي شاعر، اديب ۽ نقاد عبدالرزاق راز سنڌ جي اديبن ۽ شاعرن جا خاڪا لکي هڪ ڪتاب ”ساٿي کي ساريام“ شايع ڪيو. انهي ڪتاب ۾ نارائڻ شيام جو به خاڪو ڏنل آهي. عبدالرزاق راز جو چوڻ مطابق نارائڻ شيام وڏو اديب ۽ پختو نقاد ۽ برجستو شاعر هو. هو سنڌي ادبي سرڪل جو سرگرم رڪن هوندو هو. نارائڻ شيام صبر وارو شاعر هو. هو فطري طرح سادو هوندو هو. هو سادو ۽ سچو ماڻهو هو. هن جو رنگ صاف نه پر سانورو هو ان ڪري هن پنهنجو تخلص شيام (ڪرشن مراري) رکيو مٺارام هاسٽل ۾ نوجوان سنڌي شاگرد هڪ ٻئي سان پيار ۽ محبت سان ملندا هئا ۽ ادب تي بحث جاري رهندو هو. ادبي محفلن ۾ نارائڻ شيام خوب بحرو وٺندو هو ۽ ٻڌندڙ حيران ٿي ويندا هئا ته هو ايتري معلومات ڪٿان ٿو حاصل ڪري. هو وڏو مقرر هو. جڏهن هو ڳالهائيندو هو ته سب حاضرين مٺ ماٺ ۾ هن کي ٻڌندا هئا۽ خوش ٿيندا هئا. هاسٽل ۾ نارائڻ شيام سان گڏ سوڀو گيان چنداڻي، عبدالرزاق راز، شيخ اياز ۽ ٻيا نوجوان مٺارام هاسٽل ۾ رهندا هئا. شيخ اياز ۽ ساڻ وڏي ٺوٺ ٺاٺ وارو هو. هو ڪڏهن به اسان جي ڪمرن ۾ نه ايندو هو. اسان گڏ ٿي هن جي ڪمري ۾ ويندا هئاسين ۽ ڪو پروگرام ٺاهيندا هئاسين، اُتي هاسٽل ۾ ڪراچي ۾ رهندڙ ٻين ٻولين جي اديبن ۽ شاعرن جو اثر وڌندو رهندو هو. رشيا مان ڪميونزم جا خيالات ٻڌي اسان جي شعور ۾ ڏاڍو ڦيرو آيو. اسان قديم خيالن کي ڇڏي نوان خيال اختيار ڪرڻ شروع ڪيا. اسان جون دليون بدليون ۽ اسان جدت پسند ٿي ويا سين. اسان سوچيو ته سنڌي ادب کي ڪيئن جديد بڻائجي ۽ نون ۽ فراخ دلانا خيالن کي اپنائي سنڌي ادب ۾ نواڻ آڻجي اسان ٻه ڳالهيون سوچيون. (1) ته ڪيئن قديم سنڌي جي صنفن کي نئين زماني جي خيالن مطابق ٻيهر رائج ڪجي ۽ (2) پرڏيهي صنفن کي پنهنجو ڪجي ۽ انهن ۾ سنڌي شاعري لکي انهن کي مقبول بڻائجي جديد سنڌي شاعري جي شروعات اهڙي نموني ٿي.

[b]شيام جي حيثيت:
[/b]نارائڻ شيام هڪ وڏو اديب ۽ نقاد هو. نوَن خيالن جي چڱي طرح سار سنڀال لئه اسان دوستن کي سمجهائيندو هو شيخ اياز، نارائڻ شيام ۽ عبدالرزاق شاعري جي پرڏيهي صنفن تي ڪم ڪيو. ڪنهن هائيڪو لکيا، ڪنهن ترائيل لکيا ڪنهن سانيٽ لکيا اهڙي طرح نيون صنفون مشهور ٿينديون رهيون ۽ سنڌي شاعري تڪڙي تڪڙي ترقي ڪرڻ لڳي. سنڌي شاعرن جلدي جلدي ۾ ايتريون ته نيون صنفون گهڙيون ڪو به نٿو ڄاڻي ته اُنهن صنفن کي پهرين ڪنهن گهڙيو.
نارائڻ شيام ۽ شيخ اياز گهڻيون ئي پرڏيهي صنفون گهڙيون جيڪي اڄ به ڪامياب ۽ مشهور آهن. عام طرح ائين چيو ويندو آهي ته پهرين پهرين اُنهن پرڏيهي صنفن کي نارائڻ شيام لکيو ۽ اُنهن کي سنڌي شاعري ۾ رائج ڪيو.

[b]انجمن ترقي پسند جو قيام:
[/b]اسان سنڌي اديبن گوبند مالهي، سوڀو گيان چنداڻي، شيخ اياز، عبدالرزاق راز ۽ ٻين سنڌي اديبن، شاعرن ۽ نقادن ڪراچي ۾ انجمن ترقي پسند جو بنياد رکيو. ائين ڪرڻ سان سنڌي ادب ۾ وڏا ڦيرا آيا ۽ شاعرن ۽ اديبن نوَن نوَن موضوئن تي لکي سنڌي ادب ۽ شاعري کي وڏي ترقي ڏياري. سنڌي ادب ۾ نوَن خيالن جي ڪري وسعت پيدا ٿي ۽ سنڌ ۾ فراخ دلي جو زور پکڙيو. ماڻهن پراڻي ادب ۽ پراڻن خيالن کي ڇڏي نوان موضوع ۽ نوان خيال اختيار ڪري سنڌي ادب ۽ شاعري کي نوَن رنگ بخشيو ائين جديد ادب پيدا ٿيو ۽ ماڻهن جي ذهين تي ڇانئجي ويو.

[b]لڏ پلاڻ جو احوال:
[/b]مون ۽ نارائڻ شيام بي.اي. جو امتحان بمبئي يونيورسٽي مان پاس ڪري ايم.اي. ۾ داخلا ورتي 1947ع ۾ هندستان ۽ پاڪستان جو ورهانڱو ٿيو. ورهانڱي کان پوءِ هنڌن جي وڏي لڏ پلاڻ ٿي. سنڌ جا سنڌي سنڌ مان لڏي هندستان هلايا ويا. نارائڻ شيام پنهنجي وڏي ڪٽنب سان گڏ لڏي هندستان هليو هو. هو اُتي دهلي ۾ ”هاٿي خاني“ پاڙي ۾ رهڻ لڳو. جيئن ته هن جي گهر جا ڀاتي تمام گهڻا هئا ان ڪري اُتي انهن جو گذر سفر ڏاڍو ڏکيو ٿيڻ لڳو.

[b]نوڪري:
[/b]اُتي هن کي پوسٽ ۽ تار کاتي ۾ اڪائونٽنٽ برانچ ۾ ڪلارڪ جي نوڪري ملي. هن نوڪري ۾ تمام گهٽ پگهار ملندو هو، جنهن جي ڪري هن جي رهائش گاهه ۽ رهڻ سهڻ ڏاڍو سادو هو. اُتي هن کي سڃاڻڻ وارا تمام گهٽ هئا. هو ماڻهن سان گهٽ ملندو هو ۽ اُتي هن جا دوست به تمام ٿورڙا هئا. هو نوڪري ايمانداري سان ڪندو هو باقاعدگي سان آفيس ويندو هو. هو قدرتي نظارن جو عاشق هو. گهر کان آفيس تائين روڊ جي ٻنهي پاسن کان وڏا وڏا وڻ هوندا هئا. جن تي ويهي مختلف پکيئڙا مٺڙيون ٻوليون ڳائي ماحول کي رنگين بڻائي ڇڏيندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن نارائڻ شيام آفيس کان موٽندي اُنهن وڻن جي هيٺان ويهي پکيئڙن جون لاتيون ٻڌي شاعري جا خاڪا جوڙي گهر موٽي ايندو هو. آڌي رات جو اُٿي اُنهن خاڪن ۾ رنگ ڀري عاليشان شعر جوڙيندو هو ۽ انهن کي شايع ڪرائي داد حاصل ڪندو هو.

[b]قدرتي نظارن جو عاشق:
[/b]نارائڻ شيام قدرتي نظارن جو عاشق هو. قدرت جا وڻندڙ نظارا هن کي وڻندا هئا ۽ هن جي روح جهومائي ڇڏيندا هئا. هو آسمان چنڊ، تارن ۽ ٻين حيران ڪُن نظارن کي ڏسي تمام گهڻو خوش ٿيندو هو. قدرت جي ڄڻ هن جي لاءِ ڪو شاعري جو کُليل ڪتاب هو، هو آسمان، چنڊ، تارن، ڪتين کي ڏسي سوچيندي نظر ايندو هو قدرت هن کي قدرتي نظارن جي ذريعي نوان نوان سبق سيکاريندي هئي ۽ هن جو شوق وڌندو رهندو هو.

[b]نوڪري کان رٽائرمينٽ:
[/b]نارائڻ شيام همت، حوصلي ۽ ڪاريگري سان نوڪري ڪئي هن جا سڀ آفيسر توڙي ننڍا ڪلارڪ ۽ پٽيوالا هن مان خوش هئا. هن 58 سالن جي عمر ۾ هيڊ ڪلارڪ جي حيثيت ۾ سن 1980ع ۾ رٽائرمينٽ کان پوءِ هن ساهتيه اڪيڊمي ۾ ڪنوينيئر طور ڪم ڪري داد حاصل ڪيو. هن کي 1970ع ۾ ساهتيه اڪيڊمي جو ايوارڊ مليو.

[b]نارائڻ شيام جا ساٿي:
[/b]اُنهي دور ۾ جيڪي اديب شاعر ۽ نقاد هن جا ساٿي هئا اُنهن مان ڪي هي آهن. هري دلگير، فتح چند واسواڻي، گوبند مالهي، ڪيرت ٻاٻاڻي، ڪرشن کٽواڻي، پوپٽي هيراننداڻي، لڇمڻ ڀاٽيه، ارجن، حاسد، واسديوَ نرمل، هريش واسواڻي، هري همٿاڻي چيتن ڪرناڻي ۽ گورڌن محبوباڻي.

[b]شخصيت:
[/b]گورڌن محبوباڻي هڪ وڏو سنڌي شاعر ۽ ناٽڪ نگار هو. هن جي نارائڻ شيام سان ڏاڍي ياري هئي. ٻئي مٺڙا شاعر ۽ اديب هئا. نارائڻ شيام جي شخصيت کي ائين بيان ڪيو آهي.
شيام واقعي هڪ انوکي شخصيت جو مالڪ آهي. معصوم ٻار جهڙو سانتيڪو سٻاجهو چهرو، کليل پيشاني، خمار ڀريل اکيون، مرڪ جڙيل چپ، هو اڪثر خاموش رهندو هو، پر سندس خاموشي به ڳالهائيندي آهي. هن جي چپن تي پکڙيل مرڪ سڀني کي ديوانو بڻائي ڇڏيندي آهي.“
(نوٽ: مون نارائڻ شيام تي لکندي گورڌن محبوباڻي جي مضمون، جيئن مون کين سڃاڻپ مان فائدو حاصل ڪيو آهي.)

[b]تصنيفات[/b]:
نارائڻ شيام ڏهه ڪتاب لکيا آهن، ڪي وري چون ٿا ته هن جا لکيل ڪتاب يارهن آهن. يارهون ڪتاب ڪهڙو آهي ان جي ڪنهن کي خبر نه آهي. هن جا لکيل ڏهه ڪتاب هي آهن:
(1) ماڪ ڦڙا 1953ع
(2) پنکڙيون 1955ع
(3) رنگ رتي لهر 1957ع
(4) روشن ڇانورو 1962ع
(5) ماڪ بنا رابيل 1964ع
(6) وري ڀريو پلاند 1968ع
(7) اڇائيندي لڄ مران 1972ع
(8) مهڪي ويل صبح جي 1983ع
(9) نه سورنگ نه سو سُهراڻ 1987ع
(10) ڏاتي ۽ حيات 1988ع

[b]وفات:
[/b]نارائڻ شيام 69 سالن جي ڄمار ۾ دهلي ۾ وفات ڪري ويو. هن جي وفات تي پنهنجي ڪتابڙي سُر نارائڻ شيام ۾ شيخ اياز ائين لکيو آهي:
تنهنجي رَکّ کڻي ويون، گنگا جون لهرون،
سنڌوءَ اُٻهريون، ٻانهون ڦهلايون گهڻو.
*-*-*
شيام! نه آئي راڌِڪا، گُذري وئي رات،
ڇا تو مڃي ماتِ گوڪل مان گُم ٿي وئين؟

[b]نارائڻ شيام جي شاعري:
[/b]نارائڻ شيام جديد سنڌي شاعري جي رچندڙن مان هڪ آهي. هن جديد سنڌي شاعري ۾ وڏا تجربا ڪيا آهن ۽ گهڻيون صنفون قائم ڪري پڙهندڙ کي ڏاڍو حيران ڪري ڇڏيو آهي. هن هنڌي ادب ۽ مغربي ۽ جاپاني ادب جي قديم صنفن کي سنڌي رنگ ۾ رنگي وڏو ادبي ڪارنامو سر انجام ڏنو آهي. هن جي شاعري مٺي آهي، سٺي آهي ۽ سنڌي ثقافت جي رنگن ۾ رنگيل اهڙي ته نموني ۾ آهي جو ساڃيه ۽ سُرت جو هڪ وڏو تحفو بڻجي آهي.
نارائڻ شيام سچ جو شاعر آهي، پيار جو شاعر آهي ۽ سُرهاڻ جو شاعر آهي. هن جي شاعري پڙهندڙن تي جادو ئي اثر وجهي ٿي، اُنهن جي شعور کي جاڳائي ٿي ۽ اُنهن جي جذبن کي اهڙي ته مُرڪ بخشي ٿي جو ائين پيو ڀانئين جي ڄڻ موهن جي مُرلي وڃي رهي آهي ۽ زندگي راڌا جيان نچي رهي آهي. ڪٿي به مايوسي هجي، غم هجي ۽ ڏکڙا هجن ته هن جي شاعري جي ٻڌڻ سان هر شيءِ نئون روپ وٺي سُرور ئي سُرور پکيڙي ڇڏي. هن جي شاعري ۾ مستي آهي نئون سوچ آهي ۽ وڏي بلندي آهي. هن جي شاعري پڙهڻ سان ماڻهو سجاڳ ٿي نه صرف پاڻ سٺو انسان سمجهي ٿو پر سڄي ڪائنات ۾ نيڪي ۽ سٺائي جون رچنائون ڏسي سمجهي نيڪي جو اوتار بڻجي وڃي ٿو. هن جي شاعري جي خاص خوبي آهي ته هو سچن ۽ قيمتي زيورن وانگر انسانن جي سهون کي سينگاري ٿي.
نارائڻ شيام هڪ وڏو تخليقي شاعر هو. هن ڪيتريون ئي بلند بالا شاعري جا ڪارامند ڪارناما ڏئي شاعري کي بلندين تي پهچايو آهي. هن پنهنجن شعرن کي مختلف صنفن ۾ لکي پاڻ کي وڏو ۽ وڙهندڙ شاعر پيش ڪيو آهي. هن پنهنجي شاعري ۾ نظم، ترايل، دوهو، سورٺو، بيت، وائي، گيت، رباعي، غزل، آزاد نظم، سانيٽ، ۽ هائيڪو ۾ شاعري ڪري وڏا رنگ رچايا آهن. هن جيترين صنفن ۾ لکيو آهي، ايترن صنفن ۾ ٻئي ڪنهن شاعر قلم آزمائي نه ڪئي آهي. هن هائيڪو جي شاعري کي ڪاميابي سان استعمال ڪري سڀني جديد سنڌي شاعرن کي پٺتي ڇڏي ڏنو آهي.
سنڌي شاعر ۽ نقاد ڊاڪٽر تنوير عباسي جي لفظن ۾ ”نارائڻ شيام سنڌي جو اُهو نرالو شاعر آهي. جيڪو پنهنجي نرالي اسلوب، لهجي ۽ مزاج ۽ فڪر، ٻولي، موسيقيت ۽ ڪامياب تجربن سبب، سنڌي شاعري جي موجوده دور جي وهڪري ۾ رهندي، به اُن وهڪري کان ڌار هڪ انوکي، نرالي ۽ دائمي حيثيت رکي ٿو.“ نارائڻ شيام جو فڪر گهرو آهي. ٻولي مٺڙي آهي ۽ پيش ڪش اهڙي ته موهيندڙ آهي جو ڪو به پڙهندڙ پاڻ کي هن جي شاعري کان پري رکي نٿو سگهي. هن جي شاعري ۾ سنڌ جي ثقافت جا سڀ رنگ موجود آهن ۽ زندگي جون رهايون هر روح کي خوش ڪن ٿيون.
نارائڻ شيام زندگي ۽ اُن جي رنگن روپن جو بهترين ۽ سدا بلند شاعر آهي. هن جي شاعري ۾ مُرڪ آهي. جنهن ۾ پيڙا جي جهلڪ ڀي نظر اچي ٿي. هن جي شاعري ۾ پيڙا ڀي آهي، جنهن ۾ ڪڏهن ڪڏهن مُرڪ به نظر ايندي آهي.
گُل خوشبو جي تور، ٻڌي سهائي رات کي،
تون به تند ڪا تور، سُر ۾ ٻڌ سرهيون گهڙيون.
نارائڻ شيام جي شاعري ۾ مُرڪ توڙي لڙڪ ٻئي انمول آهن جيڪي زندگي جي سنڌرتا، مُڌرتا ۽ مصيبتن کي مُرڪي سهڻ جي سگ آهن.
شيام ۽ شيخ اياز ٻئي وڏا شاعر ۽ زندگي جا پوڄاري پيارا آهن. ٻنهي تمام گهڻا شعر چيا آهن اُهي سنڌي ماءُ جا پيارا پُٽڙا آهن اُنهن جي شاعري رنوان دوان ۽ جذبن، احساسن جي ۽ آدرشن جي ڄڃ آهي. سُر نارايڻ شيام ۾ شيخ اياز ڪهڙي نه رازن ڀري ڳالهه ڪئي آهي.
اڃان آهن ڳائڻا، ڇا مون کي ڪجهه گيت،
تو کان پوءِ ته ميت! سانجهي سُوني ٿي وئي.
شيام ۽ اياز شاعري جا مُنارا آهن جن مان روشني نڪري زندگي جي رنگن کي وڌيڪ روشن ۽ رنگين بڻائي ٿي.
سنڌ جي شاعر، اديب ۽ نقاد ڊاڪٽر سحر امداد نارائڻ جي شاعري جو مطالعو ڪري خوب ساراهيو آهي ته شيام جو نه رڳو ڪلاسيڪي سنڌي شاعري جو اونهو اڀياس ڪيل ٿو ڏسجي، پر ساڳئي وقت پنهنجي فوڪ لوڪ سان شيام جي شاعري جا جڙ نڙ ناتا ملن ٿا. شيام جي شاعري جو فطري فلو/ندي جي رواني ڪٿي قافين ته ڪٿي معنائن ۾ جيڪو ”لوڪ“ جو اُهاءُ ملي ٿو، سندس شعرن مان سونهري ماضي جو جيڪو شعور بُکي ٿو اهو حال جي ست رنگي سونهن ۽ سچاين ۽ مستقبل جي آس جي رنگ سان ملي هڪ بنهه نئون ۽ انوکو رنگ پسائي ٿو.
ارجن حاسد نارائڻ شيام جي شخصيت کي ائين بيان ڪيو آهي.
نارائڻ شيام! نارئڻ شيام!
تو لاءِ اهو ئي آهه سچو انعام،
جيئن سچو تون، تيئن تون سچو شاعر،
ته زنده آهه سنڌي زبان،
ڪهڙو پاڻ به وڏ ٿو،
تيين شاعر شيام،
پائي سگهي سچو سون انعام؟
پڙهيو پيو تنهنجو ڪلام.

[b]گيت جو سُريلو شاعر نارائڻ شيام:
[/b]نارائڻ شيام سنڌي گيت جي شاعري جو سُريلو، مٺڙو ۽ شعور کي بلند ڪرڻ وارو شاعر آهي. گيت هنڌي شاعري جي سهڻي، سُريلي ۽ مُڌر صنف آهي، جنهن کي ڪشن چند بيوس سنڌي شاعري ۾ رائج ڪيو. اُن کان پوءِ جي شاعرن جهڙوڪ شيخ اياز، نارائڻ شيام، عبدالرزاق راز مقبول بڻايو آهي. پنهنجي ڇپيل ڪتاب مٺڙو ٻولن مور ۾ سرو پچندر شاد گيت جي باري ۾ لکيو آهي ته گيت ننڍي کنڊ جي دلچسپ، دلفريب ۽ مقبول شاعري جي هڪ صنف آهي، انهي جو اندازو انهي ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته گيت شروع کان وٺي مندرن ۾، ميلن ۾، جلسن ۾ جلوسن ۾، درسگاهن۾ ۽ قرب ڪچهرين ۾ ڳايا ويندا هئا ۽ ڳاتا وڃن ٿا. گيت ايشور جي شاعري آهي، فطرت جو راڳ آهي، هڪ باشعور ۽ باسمجهه شاعر پنهنجي ذاتي جذبن ۽ ويچارن کي، سادن، سلوڻن ۽ مٺڙن ٻولن جي ذريعي ظاهر ڪري ٿو، اُن ۾ سُر ۽ سنگيت جو رنگ ڀري، گيت سر جي ٿو، گيت سُريلن، سچن ۽ سگهارن جذبن کي مٺڙن، من موهيندڙ ۽ ڪومل لفظن جي ذريعي ظاهر ڪرڻ جو نالو آهي. گيت شاعري جي اها صنف سُخن آهي جنهن ۾ سچن اکرن ۽ خلوص انساني جذبن، احساسن، ويچارن ۽ آدرشن کي سُر ۽ سنگيت سان سنواري، سادن سادن، مٺن مٺن، ڪومل ڪومل لفظن جي ذريعي ڪاريگري ۽ فنڪاري سان اهڙي نموني پيش ڪري ٿو جو ذاتي ويچار آفاقي ويچار بڻجي وڃن ٿا. گيتن ۾ جذبا ضروري آهن، فطري اظهار ضروري آهي، موسيقي ضروري آهي ۽ رواني پڻ ضروري آهي. گيت شاعري جي اُها صنف آهي جيڪا انساني احساسن کي سندر، مڌر ۽ ڪومل ٻولن جي ذريعي ظاهر ڪري شعور کي جڳائي ٿي، آنند آڇي ٿي ۽ روح کي راحت بخشي ٿي.
گيت هڪ اهڙي صنف آهي جنهن ۾ پنهنجائپ آهي، سندرتا آهي، ڪو ملتا آهي ۽ مڌرتا آهي. اهڙين خاصيتن کي حاصل ڪرڻ لاءِ گيت جي شاعر کي موسيقي، شاعري جي ٻول، مالهاءُ، بي روڪ انساني جذبن کي بي ساختگي سان ظاهر ڪرڻ کان فن اچڻ گهرجي. ڇند وديا جي اصولن کان هٽي ٻئي ڪنهن شعري سر کي استعمال ڪرڻ يا ڀاري ۽ وزني لفظ استعمال ڪرڻ سان رواني ۾ فرق اچي سگهي ٿو.
نارائڻ شيام سنڌي گيت خوب لکيا آهن جن ۾ زندگي جون تصويرون به آهن روپ ۽ رنگ به آهن چنچلتا ۽ مُڌرتا به آهي ۽ سچائي ۽ سونهن جون وڄندڙ مُرليون به آهن جيڪي زندگي کي سُريلو ۽ رسيلو بنائڻ ٿيون. هن جي گيتن ۾ زندگي جا سڀ رنگ موجود آهن. اُنهن ۾ سُنهن به آهي، سچائي به آهي مٺاس به آهي ۽ سُر ۽ سنگيت جا سهڻا نمونا به آهن. هن جا گيت جاڳن ٿا، شعور بخشن ٿا ۽ زندگي جون هر قسم جون تصويرون ڏيکاري موهت ڪري ڇڏين ٿا. هن جا گيت روح کي وندرائين ٿا ۽ زندگي ۾ ڪيترائي موج پيش ڪري زندگي کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.
نارائڻ شيام جي گيتن ۾ مختلف نظارا اکين کي وڻندا رهن ٿا ۽ عجيب نموني ۾ ظاهر ڪيل سچايون، سهڻيون لڳن ٿيون. هن جي گيتن ۾ موتين جي چمڪ آهي، گلن جي مسڪراهٽ آهي، هارين جي هُنگار آهي ۽ ٻارڙن جي خوشي جون تصويرون به آهن هن ننڍن ۽ وڏن لاءِ ڪي ئي گيت لکيا آهن. نارائڻ شيام هن گيت ۾ ڌرتي کي سنواريندڙ هارين جي جذبن کي ڪهڙي نه سُريلي نموني ۾ پيش ڪيو اهي.
لاباري جي جنهن کي اون،
خوش ٿي ڌرتي کيڙي ڇو نه.
سون رُپي جي جنهن کي اون،
داڻو داڻو ميڙي ڇو نه.
خوشحالي جي جنهن کي اون،
ڪانا ڪک به سهيڙي ڇو نه.
شيام دلين جي جنهن کي اون،
راڳ رسيلا ڇيڙي ڇو نه.
نارائڻ شيام ٻارن جي رشتن کي ڪهڙو نه سهڻي ۽ سُريلي نموني ۾ سمجهايو آهي. اُنهي مان معلوم ٿئي ٿو ته هن کي ٻارن لاءِ ڏاڍو پيار آهي. جنهن جو اظهار نارائڻ شيام هن گيت ۾ ڪيو آهي.
چمپا راڻي ننڍي نماڻي،
سٺو سٻاجهو پيار،
ڀائوءَ جي هوءَ آهه دلاري،
ڀاڀي ڪريس پيار!
ٻارڙا سڀ جي جان آهن. سڀ اُنهن سان پيار ڪن ٿا ۽ اُن کي وندرائڻ لاءِ هر قسم جي ڪوشش ڪندا آهن. نارائڻ جي شاعري ۾ قدرت جا سڀ رنگ ۽ ڍنگ موجود آهن جي زندگي جي رنگن روپن کي سمجهڻ ۾ وڏي مدد ڪن ٿا. قدرت هڪ کليل ڪتاب آهي. جنهن ۾ رنگ به موجود آهن. سرهاڻ به خوب آهي ۽ نصيحتن جا خوب راڳ ڇپيل آهن. هي گيت هڪ اهڙي تصوير آهي جنهن کي بازار ۾ خريد نٿو ڪري سگهجي:
ڪارن ڪڪرن جي ڇم ڇم،
سونين بجلين جي رم جهم،
پاڻي پاڻي هر ڪنهن هنڌ،
اچي هوا مان ڀني سڳنڌ،
مٿان انڊلٺ رنگ ڪڍيا،
هيٺ اڇا رابيل ٽڙيا،
ٽانڊاڻا ائن لاٽ ڪڍن،
اُڀ ۾ جهر مر جهرمر وجهن،
رنگ عجب سارنگ رچي،
مور نچي ڄڻ رنگ نچي.
هن گيت ۾ قدرت جي نظارن کي ڪهڙي نه سُريلي نموني ۾ پيش ڪيو ويو آهي. نارائڻ شيام قدرت جو هڪ وڏو شاعر آهي. هن جا قدرتي نظارا موج مچائن ٿا ڏکين ڳالهين کي سمجهڻ جي توفيق ڏين ٿا ۽ ڏکين سوالن کي سمجهڻ ۾ مدد ڪن ٿا. هن جي قدرتي شاعري ۾ رنگ آهن، روپ آهن ۽ نرالا نظارا آهن جيڪي مست ۽ مهو ڪري ڪائنات جي سڀني رازن کي سمجهڻ ۾ مدد ڪن ٿا.
نارائڻ شيام پيار جو شاعر آهي، هن جي شاعري ۾ ڪٿي به حسد ۽ تعصب نظر نٿو اچي. هو چاهي ٿو ته سڀ انسان هڪ آهن. اُنهن کي ڀر سان ويهاري دنيا مان ٻيائي کان آجو ڪري دل جو دلبر بنائڻ هڪ وڏي عبادت آهي.
پنهنجي ڀر ۾ جاءِ، پرين! ڏي پنهنجي ڀر ۾ جاءِ،
جنم جنم جي آهيان پياسي، منهنجي پياس ٻجهاءِ.
پرين ڏي پنهنجي ڀر ۾ جاءِ.
تنهنجو چنڊ کڻي مان جاڳان منهنجو ديپ جلائي،
پرين ڏي پنهنجي ڀر ۾ جاءِ.
تنهنجي پيڙ کڻي مان ڳايان، منهنجو ساز وڄاءَ،
پرين ڏي پنهنجي ڀر ۾ جاءِ.
نارائڻ شيام جا گيت مٺا آهن، وڙهندڙ آهن ۽ انساني احساسن کي چمڪائي اُميدن کي روشن ڪن ٿا. اُهي وڇوڙي کي مٽائي، ميلاپ جا مٺڙا گيت ڳائي انسانن کي جوڙي رکن ٿا.
نارائڻ شيام واين جو شاعر:
وائي سنڌي شاعري جي جهوني صنف آهي. هن ۾ سنڌ جي روايتن جو ذڪر خوبي سان ٿيل هوندو آهي. راڳيندڙ جڏهن وايون ڳائيندا آهن ته سر زمين سنڌ جهومڻ لڳندي آهي. وائي سنڌ جي سنڌي سُر ۽ سنگيت جي ۽ سنڌ جي سونهن جي سڃاڻپ آهي. وائي شاعري ۽ سنگيت جو مڌر ۽ سُريلو سنگم آهي. وائي پاڻي جي وهندڙ ڌار جيان آهي، جيڪا اڳتي وڌائي، نوان نظارا ۽ نيون راهون ڏيکاري ٿي. وائي هڪ اهڙي صنف آهي، جنهن ۾ رس، رچاءُ، رواني، موسيقي ۽ بي ساختگي رچيل هوندي آهي. وائي هڪ پر اثر ۽ دلچسپ صنف آهي. وائي ڳيچ جي هڪ سڌريل صنف مان ڦٽي نڪتي آهي. وائي ڇند وديا جي ماترڪ اصولن مطابق لکي ويندي آهي. وائي جو تعلق سنگيت سان آهي. اُنهي ڪري وائي ٻول ملها (Diction) ساڌي ۽ سولي هوندي آهي، سادا ۽ سلوڻا لفظ وائي جي دلچسپي، لطف ۾ زندگي سان تعلق رکندڙ هوندو آهي، صوفي خيال ۽ رمزون، بچا ۽ خالص انساني جذبا ۽ احساس قدرتي نظارا، سوچ ۽ لوچ، دعائون ۽ تمنائون، خوشي ۽ غم، ميلاپ، وڇوڙو، جاکوڙ ۽ پورهيو، هار ۽ جيت، وندر ۽ ورونهن، اهي وائي جا دلچسپ ۽ دل فريب موج آهن.
جديد سنڌي شاعري جي پرڏيهي صنفن تي لکڻ سان گڏوگڏ سنڌ جي جهونين صنفن: بيت، دوها، سورٺا ۽ واين تي نئين نموني ۾ لکڻ جي شروعات ڪئي. نارائڻ شيام خوب وايون لکيون. بلبل نئين ۽ نرالي نموني ۾ هن جي واين ۾ لفظ بلڪل نوان ۽ ٺهڪي ايندڙ آهن. هن جون وراڻيون الڳ ٿلڳ ۽ وائي کي خوب سينگارينديون آهن. هن جا قافيا صاف، سٺا ۽ موثر آهن. هن جي واين ۾ قدرت ۽ قدرت جا نظارا ضرور آهن، جيڪي هن جي خيالن کي وڌيڪ معنيٰ بخشيندا آهن ۽ هن جي واين ۾ رنگ ۽ روپ پکيڙي ڇڏيندا آهن. هن جون وايون نوَن ۽ الڳ ٿلڳ آهن جن ۾ نارائڻ شيام نون جزبن ۽ خيالن کي نئين نموني ۾ پيش ڪري وائي ۾ گهرائي ۽ معنيٰ ڀريندو آهي. هِن جون وايون سڀني سنڌي وائي نگارن کان بلڪل الڳ آهن. هن جهڙيون مؤثر وايون لکڻ جهڙي تهڙي شاعر جو ڪم نه آهي.
نارائڻ شيام جي واين جا ٿلهه نوان آهن، جن ۾ وراڻيون به قابل غور آهن جيڪي وائي جي اثر کي وڌيڪ واضح ڪري رنگ وکيري ڇڏينديون آهن
ٿلهه:
هڪ وک کڻدي روشني، ٻي وک کڻندي ٻاٽ،
ٽانڊاڻي جي لاٽ، رات انڌاري پنڌ گهڻو.
ٿلهه:
دور دور هئين دور،
اَلا، اک اڇ ٿي ڳولي.
نارائڻ شيام جا ٿلهه نوان ۽ نرالا آهن اُنهن ۾ ڳولا آهي، بيڪراري آهي ۽ ڪجهه حاصل ڪرڻ جي تمنا لڪيو لڪيو ڪجهه نهاري رهي آهي. نارائڻ شيام جي واين جي وڏي خوبي آهي قدرت ۽ قدرتي نظارن سان تعلق. قدرتي نظارا شيام جي واين کي وڌيڪ وڻندڙ ۽ پُر اسرار بڻائي انهن ۾ نواڻ ڀري سُهڻا سهُڻا منظر پيش ڪندا آهن.
ڪنهن ڪنهن مهل هتان هُتان رکي رکي چمڪاٽ،
بُوند بوند هيءُ روشني، اوندهه نجي اُساٽ،
ڏسندي ٻري ٺري وڃي، ويتر ڪاري واٽ،
ٽناڊائي جي لاٽ، رات انڌاري پنڌ گهڻو.
نارائڻ شيام جي منزل پري آهي. وايون ڏکيون آهن، روشني ناهي پر هن کي ڪو به فڪر ناهي ته هومنزل تي ڪيئن پهچندو قدرت جا نظارا هن کي مدد ڪرڻ لاءِ تيار بيٺا آهن ۽ هو هن کي منزل تي پهچائي ڪامياب ڪري ڇڏيندا.
ڪنهن ڪنهن مهل هتان هُتان رکي رکي چمڪاٽ،
ٽانڊائي جي لاٽ، رات انڌاري پنڌ گهڻو.
هن جي واين ۾ سونهن به قدرت جي اسراٽ تي بيٺل آهي. هن پنهنجن خيالن کي فلاسافرن جي نظر سان ڏسي وائي کي ويتر فنڪارانا نموني ۾ پيش ڪيو آهي. نارائڻ شيام جي شاعري ته الڳ آهي پر هن جي پيش ڪش به بلڪل جُدا آهي هن جي هي وائي پڙهو:
دور دور هئين دور، اَلا اک ڇا ٿي ڳولي،
ڪونجون ڪري قطار اُڏاڻيون،
وٺڙي ويئي ڪجلي ڪڪري،
اُٻاڻڪي اُڀ ڏانهن نهاري،
اَلا اک ڇا ٿي ڳولي؟
هن وائي ۾ شاعر قدرت جي حسين ۽ رنگين نظارن کي ڏسي حيران ۽ پريشان ٿي ويو آهي. هو اهو سمجهي نٿو سگهي ته اک اهڙن ساهرانا نظارن۾ ڇا پئي ڳولي ۽ ڇو پئي ڳولي اها حقيقت آهي ته قدرت ۽ اُنهن جي اثر وائي ۾ هجڻ لازمي آهي، انهي جي ڪري وائي جي اهميت وڌي وئي ۽ وڙندڙ بڻجي ٿي.
قدرت هن جي نظارن ۽ اُن جي انوکن اثرن جو شيام جي واين ۾ ڏاڍو اثر آهي. اُهي شيام جي جذبن ۽ احساسن کي اهڙي ته طلسماتي نموني ۾ پيش ڪن ٿا جو ائين پيو لڳي ته اعليٰ تخليقار اُنهن سڀني شين کي خلقي ڪو سهڻو منظر پيش ڪيو آهي. هي وائي ڪا رڳو شاعري ناهي پر سونهن سچائي ۽ سُرهاڻ جو ڪو سهڻو نظارو آهي. اچو ته هن جو مطالعو ڪيون:
ٿلهه:
مون نه جواني ۾ لکي
ڪوئل جي ڪونجار، مون نه جو اني ۾ لکي.
هير ڀني جي اوٽ ۾.
آئي جا هٻڪار، مون نه جواني ۾ لکي،
پوپٽ نچندا ئي رهيا.
رنگ رتي جهنڪار، مون نه جواني ۾ لکي،
نيري نڀ جي گهور ۾.
هئين اُڪير اُپار، مون نه جواني ۾ لکي،
نارائڻ شيام هن وائي ۾ جيڪي رنگ ڀريا آهن جيڪي سُر ۽ سنگيت جا لهرا نروار ڪيا آهن ۽ جيڪي منظر پيش ڪيا آهن اُنهن جو ڪو به جواب نه آهي. جديد سنڌي شاعرن جهڙوڪ شيخ اياز، تنوير عباسي، امداد حسيني، اُستاد بخاري، سروپ چندر شاد، تاج جوئي ۽ ٻين شاعرن جيڪي وايون لکيون آهن اُهي سهڻيون ۽ بي مثال آهن پر اُنهن ۾ جي نارائڻ شيام جي واين جي خوبين کي شامل ڪيو وڃي ته سچ پچ اُهي امير ٿي رهنديون.

[b]نارائڻ شيام غزل جو ڳوڙهو شاعر:
[/b]نارائڻ شيام سنڌي ٻولي جو هڪ وڏو شاعر هو. ان تمام گهڻا غزل لکيا. هن جا غزل ڳوڙها، معياري ۽ مڪمل آهن. اُنهن ۾ رس آهي، رنگ آهي، درد آهي ۽ پُر اسرار نظارا آهن جيڪي پڙهندڙن کي ڏاڍو متاثر ڪن ٿا.نياز فتحپوري جي لفظن ۾ غزل جو تعلق انسان جي اُنهن جذبن سان آهي جيڪي تمدن جي هر دور ۾ پايا ويندا، اُنهي ڪري سنڌي جا جيڪي نام نهاد نقاد، غزل کي هڪ فرسوده صنف سمجهن ٿا، اُنهن شايد غزل جي قوتن ۽ وسعتن کي سمجهيو ناهي.
غزل اڄ ڪل جي دور جي مقبول صنف آهي، هن ۾ ٻن مصراعن وارا شعر هوندا آهن جن جي ڳوڙن خيالن کي بحر وزن قافيي ۽ رديف جي ذريعي سان پيش ڪري وڏا رنگ رچايا ويندا آهن ۽ عشق، ديوانگي جي اثر تحت زندگي رازن ۽ روپن کي پڌرو ڪري زندگي کي وڌيڪ حسين ۽ رنگين بڻايو ويندو آهي.

[b]نارائڻ شيام جي غزل جون خويبون:
[/b]نارائڻ شيام هڪ وڏو سنڌي شاعر آهي ”هري دلگير نارائڻ شيام جي مجموعي رنگ رتي لهر ۾ خوب لکيو آهي. نارائڻ شيام پنهنجي غزل کي نوَن خيالن، احساسن ۽ انقلاب جو ذريعو بڻايو آهي. ننڍن ننڍن، مٺن مٺن لفظن ۾ لطف، حسين ۽ رنگين خيال نڀائڻ اها شيام صاحب جي وڏي ۾ وڏي خوبي آهي. نارائڻ شيام پنهنجن غزلن کي ڪامياب ۽ مؤثر بنائڻ لاءِ ڪمال ڪاريگري سان بندش جي چستي، لفظن جي نشت، تشبيهن ۽ استعارن جو استعمال ڪري پنهنجن غزلن کي سون، ساريڪو بنائي پيش ڪرڻ ۾ هو پنهنجو مٽ پاڻ آهي. هن وٽ جذبي، فڪر ۽ تخيل جو اهڙو لطيف سنگم ٿو ملي جيڪو سنڌي جي ٻئي ڪنهن به شاعري جي ڪلام ۾ مشڪل سان ملي ٿو. هن جي غزلن جون هي خاص خويبون آهن جيڪي هن کي غزل جو وڏو شاعر بنائن ٿيون.

[b](1) سلاست:
[/b]دقيق ۽ ڏکين خيالن کي سولن سولن لفظن يعني عام فهم ٻوليءَ ۾ بيان ڪرڻ اها شيام جي پهرين خوبي آهي.
هجي جا کلڻ خوبين جي ۽ عيبن کان بنهه آجي،
نه پنهنجي شاعري اهڙي، نه پنهنجي زندگي اهڙي.
*-*-*
ڏينهن جي شور ۾ رات جي خاموشيءَ ۾،
جي وسارڻ به گهريم، توکي وساري نه سگهيس.

[b](2) رواني:
[/b]اهڙا لفظ استعمال ڪرڻ جن کي اُچارڻ ۾ زبان نه اٽڪي. ان خوبي کي رواني چئبو آهي. رواني ڀريل شعر پڙهندي لفظن جو اُهو ئي آواز نڪرندو آهي، جيڪو اُنهن لفظن جو اصل آواز هوندو آهي. رواني جي لحاظ کان جيتري قدر ٿي سگهي، شعر جو هر رڪن ڪنهن لفظ تي ختم ٿيڻ گهرجي. شيام جي شعرن جي اثر کي رواني وڌيڪ رنگين بڻائي ٿي. مثال طور هي ٻه شعر پڙهو:
گلي ڪنهن کي لڳايان ۽ ڇني ڇيهون ڪريان ڪنهن کي،
جگر پنهنجي جو رت آهي ڀريل هر گل جي رڳ رڳ ۾.
*-*-*
ان ناز تان نشار پوي منٿ هڪ قبول،
ٻيهر ته چؤ ائين ئي نھاري ته ڇا ڪاريان.

[b](3) اختصار:
[/b]گهٽ ۾ گهٽ لفظن ۾ مطلب ادا ڪرڻ کي اختصار چئبو آهي. اختصار نارائڻ شيام جي غزلن جي خاص خوبي آهي. اُنهن شعرن جو مطالعو ڪريو ۽ لطف حاصل ڪريو.
عشق انڌي جو انڌو رهندو،
حسن پاڻ کي سؤ سينگاري.
*-*-*
رات جي راڻي ڪاري رات،
هت هُت خوشبوءِ، جيئن اُفواهه.
مٿئين شعر ۾ خوشبو جي اُفواهه سان تشبيهه به پنهنجو مٽ پاڻ آهي.

[b](4) تخيل:
[/b]تخيل هڪ اهڙي قوت آهي جيڪا تجربن ۽ مشاهدن ذريعي ذهن ۾ اڳئي گهر ڪري ويٺل معلومات جي ذخيري کي ٻيهر ترتيب ڏيئي، هڪ نئين صورت بخشي ٿو ۽ پوءِ اُن کي لفظن جي اهڙي دلچسپ ۽ دلڪش نموني ۾ جلوه ڪري ٿو، جيڪو معمولي نمونن کان بلڪل يا ڪي قدر عليحدو ٿيندو آهي. نارائڻ شيام جي غزلن کي تخيل خوب سنواريو ۽ سينگاريو آهي. شيام جي شعرن ۾ تخيل جا ڪيئي مثال پيش ڪري سگهجن ٿا.
رات ڪاٽي اسان ٻنهي جاڳي،
نيٺ ڪنهن ڪنهن جي ننڊ چورائي.
ڳل ڇهڻ ساڻ گل ٽڙيا گويا،
چرچي چرچي ۾ ائين بهار آئي.
*-*-*
خوف کان ننڊ نه بلبل کي سڄي رات آئي،
وڃي گلشن مان صبا، گل کي نه ڪيڏانهن کڻي.
*-*-*
ڇا فقط ڌوڙ آهه ڌرتي تي؟
چنڊ وٽ صرف چاندني هوندي!

[b](5) جدت:
[/b]جدت جو مقصد آهي ته خيالن کي اهڙي نموني ۾ پيش ڪيو وڃي جيئن جديد زندگي ۾ اهو ماڻهن کي وڻي ۽ سرور پهچائي. جدت جو واسطو اظاهر سان آهي. انداز بيان جي جدت سان، معمولي ڳالهين ۾ به اهو لطف ۽ اهو اثر پيدا ٿئي ٿو، جو شعر ٻڌندڙ وجود ۾ اچيو وڃن. نارائڻ شيام با شعور ۽ جدت طراز شاعر آهي.
اسان جا پير اکين تي رکڻ لاءِ ماندي آهه،
اسان کي واٽ ڇڪي توڙ تي رسائيندي.
*-*-*
تصور سان تنهنجي نه چمڪيو ٿي ساغر،
چپن تائين آڻي به هاري ڇڏيو سين.
*-*-*
اڙي مٿو ته مٿي کڻ، ڪرين اهو ڇا پيو،
قدم صنم جا به ڏس، پنهنجي سر جو بار به ڏس.

[b](6) جماليات:
[/b]سڳن آهوجا جي چوڻ مطابق ”جمالياتي شاعري، ماديت ۽ روحانيت جي دلڪشين کي هڪ ٻئي ۾ سموئي ڇڏي ٿي ۽ پنهنجن باريڪين ۽ نفاستن، وسعتن ۽ گهراين سان اسان جي حواسن کي تهذيبي تربيت ڏئي ٿي.“ نارائڻ شيام جي غزلن ۾ جماليات نمايان نموني ۾ موجود آهي.
سونهن ڪيڏي نه اڄ ڪڍي سرهاڻ،
هڪ نظر ۾ ئي جيءُ هٻڪاريو.
*-*-*
ڇا رس ڀري رهاڻ ۾ جهنڪار ماڪ جي،
ڌڙڪڻ ڪلين جي دل جي بندءِ انگ انگ ۾.

[b](7) تڙپ:
[/b]شيام جي غزلن جي ڪيترين ئي شعرن ۾ تڙپ ملي ٿي.
ساڻ تنهنجو خيال ڀي نه رهيو،
هاءِ تنهائي، ههڙي تنهائي.

[b](8) روز مره جي ٻولي:
[/b]نارائڻ شيام جي غزلن جي ٻولي روز مره جي زندگي ۾ ڪم ايندڙ ٻولي هوندي آهي جيڪا پڙهندڙن کي خوب وڻندي آهي. خيالن کي وڻندڙ روپ ۾ پيش ڪندي آهي.
اٿي ڇرڪي بس ڪاوڙي مسڪرائي،
لڪي ڪنهن ڪئي پير تي ڪتڪتائي.

[b]نارائڻ شيام جا هائيڪا: (جاپاني تصويرن):
[/b]جديد سنڌي شاعرن جاپاني صنف هائيڪو تي به تجربا ڪيا آهن. شيخ اياز، نارائڻ شيام، هري دلگير، امدا حسيني، ۽ ٻين هائڪو لکيا آهن پر اُهي ڪامياب هائڪو لکي نه سگهيا آهن. سوائي نارائڻ شيام جي سنڌي جي شاعرن هائيڪو کي هائيڪو نماءُ جو نالو ڏنو ڪن ٽيڙو جو نالو ڏنو ۽ ڪن وري اُن کي هائيڪو به سڏيو.
هائيڪو جاپاني شاعري جو هڪڙو ننڍڙو نمونو هوندو آهي، هن ۾ ٽي ننڍڙيون مصراعون هونديون آهن. پهرين ۽ ٻي مصراع هم قافيا هونديون آهن. هائيڪو جون ماترائون 6، 7، 6 يا 5، 7، 5 هونديون آهن. هائيڪو ۾ قدرت بنيادي شيءِ هوندي آهي. شاعر ڪنهن قدرت جي اثر تحت ٿورن لفظن ۾ پنهنجن خيالن کي ظاهر ڪندو آهي. هائيڪو کي سولائي سان سمجهڻ ڏکيو هوندو آهي. غور ۽ ويچار ڪرڻ کان پوءِ هائيڪو ۾ سمايل جذبن کي سمجهي سگهبو آهي.
نارائڻ شيام پنهنجي هڪڙي خط ۾ هائيڪو بابت ائين چيو آهي: تصويرون مون جاپاني ڪوتا مان متاثر ٿي لکيون آهن. جاپاني ٻولي ۾ اُن ڍنگ کي هائيڪو چوندا آهن “Haiku” جاپاني ڪوتا ۾ Rhyme System قافيا نه ٿيندو آهي. اُن ڪوٽا جو آڌار آهن ماترائون. جاپاني ڪوتا جي پهرين سٽ ۾ 5 ماترائون ٻي سٽ ۾ 7 ماترائون ۽ ٽي سٽ ۾ 5 ماترائون ٿينديون آهن.
جاپان جي ڪوتا هائيڪو ۾ ٻه عناصر ٿين ٿا هڪ دائمي يا ابدي ۽ ٻيو عارضي يا گهڙي جو جنسار. ليڪن ٻئي جزا بجلي جي ڇيڙن وانگر هئڻ گهرجن جن جي ملڻ سان چمڪاٽ پيدا ٿئي. سنڌي جو نئون فارم چترڪاري جي ٽيڪنڪ تي ٻڌل آهي. يعني پهرين پس منظر، جنهن تي اڀري ٿو هڪ نقش ۽ آخر اُن نقش جو خاص انگ يا جزي جو فڪر ۽ نظر جو مرڪز ٿي ٿو پوي. سنڌي هائيڪو ۾ پهرين پس منظر اڀري ٿو، ۽ آخر ان نقش جو خاص انگ يا جزو، جو فڪر ۽ نظر جو مرڪز ٿو پوي. پس منظر ۽ فڪر هائيڪو جا خاص انگ آهن.
هائيڪو نارائڻ شيام جي من پسند صنف آهي. هو هائيڪو کي تصوير سڏي ٿو. جنهن ۾ جذبن ۽ خيالن کي اهڙي ته ڪاريگري سان پيش ڪيو آهي، جيئن ڪو چترڪار چتر چتيندو آهي. هن جي هائيڪو ۾ ٽي مصراعون ٿينديون آهن، پهرين ۽ ٽي مصراع هم قافيا هونديون آهن ٻي مصراع الڳ هوندي آهي. تنوير عباسي جي چوڻ موجب: مختصر طور هائيڪو هڪ عڪس آهي، جذبي سان ڀريل عڪس، اهو معروضي عڪس آهي، جيڪو ڪنهن ”وٿ“ (Object) کي وقت ۽ ماڳ (Time and space) ۾ متيعن ٿو ڪري ۽ ان ۾ موسم (Season) جو عنصر ضروري آهي.
هائيڪو ۾ گهڻو ڪري تيرهن ماترائون هونديون آهن 11، 13، 11:
موڪل واري ڏينهن
چانئٺ تي بيٺس اچي،
اڄ به اچي پيو مينهن.
هن هائيڪو ۾ مينهن جي وسڻ کي شيام اهڙي ته خوبصورت نموني ۾ پيش ڪيو آهي جو ڄڻ ڪي چترڪار پنهنجي چتر کي پيش ڪري موج مچائي آهي.
نارائڻ شيام هائيڪو کي تصوير چوي ٿو ته واقعي جذبن، احساسن ۽ نظارن کي تصوير جي شڪل ۾ پيش ڪري ٿو. شيام جا سڀ هائيڪو گهڻو ڪري جذبن ۽ احساسن جون موهه ڀريون تصويرون آهن. هندستان جي ڪن نقادن هائيڪو کي تصوير سڏڻ کي غلط قرار ڏنو آهي پر ائين نه آهي. شيام جون تصويرون هائيڪو کي رنگين ۽ حسين صورت ۾ پيش ڪرڻ جا حسين ۽ رنگين طريقا آهن.
شيام راڳيندڙ جي ساز، اُن جي اکين ۽ چپن جي جذبي کي ڪهڙي نه حسين چتر ۾ پيش ڪيو آهي. جنهن کي ڏسي چترڪار به حيران ۽ پريشان آهي. هن جا لفظ ۽ پيش ڪش ڪنهن به جذبي کي تصوير ۾ پيش ڪري سگهن ٿا.
ساز رکيل ڀت ساڻ
بند اکيون چُڀ ڳائڻو،
راڳن ساڻ رهاڻ.
نارائڻ شيام جا هائيڪو سچ پچ ٻين لفظن سان چٽيل تصويرون آهن اُنهن ۾ شاعري جا رنگ آهن ۽ چترڪاري جا عمده ڍنگ به آهن، اچو ته هن خوبصورت هائيڪو جو مطالعو ڪريون ۽ شاعري ۽ چترڪاري جو لطف حاصل ڪريون.
نارائڻ شيام جا هائيڪو الڳ شيون آهن جن ۾ سُنهن آهي ته سُرور به ۽ سهڻا جذبا ۽ سهڻا رنگ. هن جا هائيڪو نه صرف اعليٰ شاعري آهن پر اعليٰ تصويرون به آهن، اچو ته هن هائيڪو کي ڏسون ۽ اُن جي جذبن ۽ چترن کي ڏسي حاصل ڪريون.
پوپٽڙا رنگين،
ٻار ته گڏجي ماءُ سان،
هائي هلندا ڪين.
نارائڻ شيام هڪ انوکو نظارو پيش ڪيو آهي، جنهن ۾ رنگين پوپٽن اُن جي مستين ۽ ٻارن جي لاءِ اُن جي اوچتي وندر کي ڪهڙي نه جذباتي ۽ طلسماتي نموني ۾ پيش ڪيو ويو آهي.
اهڙي حسين جذباتي تصوير کي پيش ڪرڻ نارائڻ شيام جو ئي ڪم آهي. ٻيو ڪو به شاعر اهڙي تصوير چٽڻ کان لهرائيندو.
نارائڻ شيام جا هائيڪو ڏاڍا مشهور آهن اُهي شاعري به آهن ۽ چترڪاري نارائڻ شيام جا هائيڪو معلوماتي توڙي فني طرح صاف سُٿرا آهن اڇا جزا به آهن، ڇا موزون قافيا آهن ۽ ڇا درست ماترائون آهن، موزون قافين جي ذريعي نارائڻ شيام پنهنجن هائيڪن ۾ خوب رنگ ڀريو آهي ۽ خوب صورتي پيش ڪئي آهي. هن جا قافيا سادا آهن پڪا ۽ پختا آهن.
گليءَ گليءَ ۾ شور،
اُنهاري جون موڪلون،
ٻار لغڙ ۽ ڏور.
*-*-*
ڪوئل جي ڪونجاهر،
دونهون جيئن جهاز جو،
هي جمنا جي ڌار.
نارائڻ شيام ڪهڙي نه سولائي سان جذبن ۽ عزمن جون ڪي ناياب تصويرون پيش ڪيون آهن، جيڪو سٺو چترڪار ته اُنهن تصويرن کي چترن ۾ چٽي سڀني کي موهي سگهي ٿو. چترن ۾ رنگ ۽ لڪيرون سونهن پيدا ڪنديون آهن ۽ نارائڻ شيام پنهنجن تصويرن کي صاف، سُريلن ۽ معنيٰ ڀريل لفظن ۾ پيش ڪري وڏو ڪارنامو سر انجام ڏنو آهي. سچ پچ نارائڻ شيام جا هائيڪو سنڌي شاعري جي سونهن آهن ۽ اُهي سونهن ۽ دل فريبي جي ڪري اسان جي ذهن تي ڇانيل رهندا.
اچو ته نارائڻ شيام جي اُنهن هائيڪن کي پڙهون ۽ مزا ماڻيون.
ڏيئي ڪنڌ کي ٻانهن
کٽ تي ليٽي پئي تڪيئه،
رات ستارن ڏانهن.
*-*-*
تارا سهس هزار،
هو ماناري تي مکيون،
ٽپڪي روشن لار.
*-*-*
در کڙڪايو واءُ،
کوليم پر ڪنهن کي کلي،
چوان ته اندر آءُ.

[b]نارائڻ شيام: ڊاڪٽر سحر امداد جا خيالات
[/b]نارائڻ شيام جديد سنڌي شاعري جو هڪ وڏو شاعر آهي. هن گهڻين ئي صنفن ۾ شاعري ڪري وڏي هلچل مچائي ڇڏي آهي. هن جي شاعري ۾ سچ آهي، سنگيت آهي ۽ سنڌ، سنڌي ماڻهن ۽ سنڌي ثقافت جو گهرو مطالعو ڪيو ويو آهي. هن جي شاعري ۾ سنڌي تهذيب جا سوين رنگ ۽ روپ آهن. هن جي شاعري سنڌ جي ۽ سنڌي ٻولي جي هڪ بي مثال تصوير آهي.
نارائڻ شيام تمام گهڻي شاعري ڪئي آهي. هو شيخ اياز جو جهونو دوست آهي. افسوس سان چوڻو پوي ٿو ايڏي وڏي شاعر نارائڻ شيام کي سنڌ ۾ وساريو ويو آهي. سنڌ ۾ هن تي تمام ٿورا مضمون لکيا ويا آهن. شيخ اياز تنوير عباسي ۽ امداد حسيني هن تي ڪجهه لکيو آهي. هن تي ڊاڪٽر سحر امداد هڪ متاثر ڪندڙ مضمون لکيو آهي. جنهن جو عنوان آهي ”موجوده دؤر جو هڪ اهم شاعر“ جيڪو سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇپايل رسالي مقالا ۾ شايع ٿيل آهي. ڊاڪٽر سحر امداد مشهور سنڌي اديب، شاعره ۽ نقاد آهي. هن جي سوچ سچي آهي ۽ هن جي پيش ڪش نرالي آهي هن پنهنجي مضمون ۾ نارائڻ شيام کي ساراهيو آهي پر پنهنجو پاڻ کي هڪ روشن خيال نقاد طور پيش ڪيو آهي. نارائڻ شيام جو اهڙو مطالعو هن طرح ڪنهن ٻي سنڌي شاعر ۽ اديب پيش نه ڪيو آهي. هن مطالعي ۾ نه واکاڻ آهي نه ڪا اجائي گلا آهن هن ۾ ادبي طرح هڪ وڏي شاعر جو کلي دل سان اڀياس ڪري اُن جي شاعري کي پڙهندڙن اڳيان رکيو ويو آهي.
نارائڻ شيام وڏو تخليقڪار اهي اُن جي تخليقن ۾ زندگي جا سوين رنگ موجود آهن جيڪي پڙهندڙ کي موهي ڇڏين ٿا. هن جي شاعري عام ماڻهن جي جذبن، احساسن، کي رنگ ڏيکاري ڄڻ جادو پکيڙن ٿا. هن جي شاعري ۾ سنڌ جو روايتون مُرڪن ٿيون جيڪي زندگي کي مُراڪي نوان جلوه ڏيکارين ٿيون هن جي شاعري ۾ سنڌ، سنڌي ماڻهو ۽ سنڌي ريتون، رسمون موجود آهن جيڪي شاعر کي منفرد بڻائن ٿيون. شاعر هن جي شاعري ۾ جيڪا سُنهن پکيڙي آهي، ثقافت جا رنگ قائم ڪيا آهن ۽ ڌرتي ۽ ڌرتي جي روپ کي پيش ڪيو آهي. اُنهي جو ڪو جواب نه آهي. هن سنڌ جي روپ کي سنواري سنڌ جي جيجل ماءُ جي رنگ ۾ پيش ڪري اهڙي ته تخليق ڪاري ڏيکاري آهي جو هر هنڌ واهه واهه پکڙجي وئي آهي. نارائڻ شيام جي شاعري ۾ سُنهن آهي، زور آهي، اُڇل آهي ۽ انسان ذات لاءِ هڪ صاف ۽ سٿرو پيغام آهي. هن جي شاعري جو مطالعو زندگي جو مطالعو آهي.
نارائڻ شيام هڪ وڏو شاعر آهي. هن گهڻن ئي صنفن ۾ لکي ڪمال ڪيو آهي. هن جي هر صنف ۾ شاعري مثالي ۽ لاجواب آهي. هن جا بيت هجن يا سورٺا، وايون هجن يا دوها، گيت هجن يا نظم، ترائيل هجن يا هائيڪو آهي. سڀ معنيٰ جا موتي آهن. اُنهن جي سونهن رواني ۽ پيش ڪش اعليٰ طرح آهي. اُنهن کي پڙهي ماڻهو هر شيءِ ۾ هيرا موتي ۽ لالون ڏسي خوش ٿي وڃن ٿا. هن جي شاعري ۾ جادو آهي ۽ زندگي کي سنوارڻ جا نوان نوان رنگ ۽ ڍنگ آهن. نارائڻ شيام هڪ جادوگر شاعر آهي هن جي لفظ لفظ ۾ جادو آهي، جيڪو پڙهڻ وارن کي موهي ڇڏي. هن جي لفظ ۾ جيڪو رنگ آهي، اهو هر لفظ کي سوني وارو رنگ ڏئي عام شين کي خاص شين ۾ بدلايو ڇڏي. هن جا لفظ سٺا، معنيٰ خيز ۽ سنڌي کي سنوارڻ وارا هيرا موتي آهن. هن پنهنجي شاعري ۾ معنيٰ خيز لفظ آڻي اُنهن ۾ جيڪا سُنهن ۽ نوان ڀري آهي، جو ائين پيو لڳي ڄڻ هڪ وڏي تخليق ڪار تخليقڪاري جا سهڻا سهڻا روپ ڏيکاري هڪ وڏي تخليق ڪار هجڻ جو ثبوت پيش ڪيو آهي.
نارائڻ شيام گهڻائي ڪتاب لکيا آهن جن ۾ زندگي جا رنگ ۽ روپ مرڪندي نظر اچن ٿا. هن جي شاعري معني جي کاڻ آهي. هن پنهنجي شاعري ۾ ڄڻ هيرا لال موتي ۽ اهڙيون بي مُل چيزون پيش ڪيون آهن ڄڻ ڪو ماهر سونارو پنهنجا قيمتي زيور ٺاهي سونهن ۽ سوڀيا کي سنواري رهيو آهي. هن جي هٿن ۾ ڄڻ ڪو جادوئي رنگ آهي، جيڪو زندگي جي هر تڪليف ۽ مصيبت ۾ اُن کي رنگي خوشي ۽ اُميد ۾ بدلايو ڇڏي. نارائڻ شيام جي شاعري ۾ اُميد ۽ آسري جو پيغام موجود آهي جو پڙهندڙ جهوميو اُٿن ۽ ڪوششون ڪري هو اُهو سڀ حاصل ڪن ٿا. ڄڻ ڪي ڪي حاصل ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات محنتون ڪن ٿا. هن جي شاعري ڪاميابي جي ڪُنجي آهي. هن جي شاعري ماڻهن کي جاڳائي هر ڪم ڪرڻ جي لائق بڻايو ڇڏي. جنهن کي سونهن ۽ سوڀيا گهرجي مقصد ۽ منزل گهرجي جنهن کي هر مصيبت کان بچڻو هجي اُن لاءِ اُهو لازمي آهي ته هو نارائڻ شيام جا شعر پڙهي پاڻ کي سمجهي عوام کي سمجهي ۽ ڪائنات جي رچندڙ جو جلوو ڏسي.
نارائڻ شيام هڪ سُريلو شاعر آهي پر هڪ سُريلو انسان به آهي. هو سونهن ڏسي ٿو ته بڇڙائي پڻ ڏسي ٿو. خوشي به ڏسي ٿو ته غم به خوشحالي ڏسي ٿو ته بک ۽ اڄ به هو آزادي ڏسي ٿو ته قيد پڻ، هو سهائي رات ڏسي ٿو ته اونداهي رات به مطلب ته هو زندگي جا سڀ رنگ ۽ ڍنگ خوشيون ۽ ناراضگيون، ملڻ ۽ وڇڙڻ، اُميد ۽ نااُميد ڏسي زندگي کي صحيح نموني ۾ سمجهي زندگي گذاري سگهي ٿو. اُهي زندگي جا رنگ آهن،
نارائڻ شيام هڪ سهڻو، سُريلو ۽ تجربيڪار شاعر آهي هن جو اسلوب انوکو آهي، مٺو آهي ۽ حيران ڪندڙ پڻ هو پنهنجن شعرن کي سچائي سان پيش ڪري سچي هجڻ جو ثبوت پيش ڪري ٿو. هن جي تخليقن ۾ سادي ٻولي، سگهارا مثال، سهڻيون تشبيهون ۽ معنيٰ خيز چوڻيون هونديون آهن جيڪي هن جي طرز تحرير کي جرڪائي ڇڏين ٿيون. هن جو اسلوب ڏاڍو وڻندڙ آهي. هن جي ٻولي عام ماڻهن جي ٻولي جيان معنيٰ ڀريل آهي. هن جي ٻولي ۾ رس آهي مٺاس آهي گهرائپ آهي ۽ پنهنجائپ آهي. اُهي سڀ شيون هن جي اسلوب کي سنواري سينگاري هن کي مقبول بنائن ٿيون سهڻا خيال عمده پيش ڪش ۽ اثر انگيز اسلوب هن جي لکڻين کي بي مُل بنائن ٿيون.
اُن ته هڪ آواز فضا ۾ گم ٿي ويندو سانءِ،
منهنجي ملڻ لاءِ پوءِ گگن ۾ واجهه وڏا وجهجانءِ،
بس ۾، ڪي بس جي ڦيتن مان، ڦرندي گذري وقت،
هي گهر، دفتر، روڊ، نگر ڀر، من نه ڪئي ٿر ٿانءُ،
ڏينهن جي گهاڻي جنگل کان پوءِ، رات جي اونهي ڍنڍ،
هين مان پاڻ ڦٽائي، هُن ۾ پاڻ کي غرق ڪجانءِ.
نارائڻ شيام اهڙو ته سهڻو شاعر آهي جو هو هر شيءِ، هر نظاري کي اهڙي ته چٽي نموني ۾ پيش ڪري ٿو جيئن ڪو چترڪار چترڪاري ڪندو هجي جنهن ۾ خوشي جا رنگ هوندا آهن. آس اُميد جا رنگ هوندا آهن ۽ مُرڪڻ ۽ جرڪڻ جا رنگ موجود هوندا آهن. هن جي شاعري ۾ زندگي جا سڀئي رنگ آهن جيڪي زندگي کي جرڪائيندا رهندا آهن.

[b]نارائڻ شيام جي شاعري جي اهميت:
[/b]نارائڻ شيام سنڌي ٻولي جو تمام وڏو شاعر هو. هو اعليٰ صفتن وارو ذات ڌڻي هو. هن پنهنجو پاڻ کي سنڌي ٻولي ۽ شاعري تان گهوري نه صرف پنهنجي ٻولي کي ترقي ڏياري پر پنهنجو مان به مٿانهون ڪيو. هو گهڻو پڙهيل لکيل هو. فارسي ٻولي جو سٺو ڄاڻو هو. هو محنتي هو ۽ فرض سناس به هو اُنهي ڪري هن هر مصيبت سهي پنهنجي زندگي گذاري ۽ سنڌي ادب ۽ شاعري ۾ بي شمار ادبي خدمتون سرانجام ڏنيون. هو هڪ هيرو هو، ڪوهينور هيرو هو. اُن پنهنجي قابليت ۽ ادبي صلاحيتن جو ڀرپور استعمال ڪري سنڌي شاعري کي شاهڪار بڻايو. هن شاعري ۾ تمام گهڻن صنفن تي لکيو. هن دوها، بيت، وايون، گيت، نظمون، غزل، رباعيون، ترائيل، سانيٽ، هائيڪا وغيره لکي پنهنجن صلاحيتن جو مظاهرو ڪري. هو جڏهن لڏ پلاڻ کان اڳ ۾ سنڌ ۾ هو ته سنڌي اديب ۽ شاعر هن کي ساراهيندا هئا ۽ هن جو قدر ڪندا هئا. لڏ پلاڻ کان پوءِ جڏهن هو هندستان ويو تڏهن هن تمام گهڻو ادب، ناٽڪ ۽ شاعري لکي ۽ سنڌي ماڻهن کي ڇرڪائي ڇڏيو. اُهي چوڻ لڳا ته هڪ خراب مالي حالتن ۾ رهندڙ هڪ اديب ۽ شاعر اهڙو سٺو ڪيئن ٿو لڳي. اُنهن کي اها ڳالهه نه وڻي ۽ اُنهن هن جو قدر نه ڪيو. هن جي ڄاڻو پر هن همت نه هاري هن چيو ته هيرو ته آخر هيرو آهي. پنهنجي آهي. اُن کي ڪو به رد نٿو ڪري سگهي. هندستان جي اديبن ۽ شاعرن ڪتاب ڇپائيندڙ ادارن ۽ شاهوڪار ماڻهن هن جي مان ۾ مشاعرا نه ڪرايا هن جي لکڻين کي عام نه ڪيو، هن جي ڪا واهر نه ڪئي ۽ هن جي لکڻين کي ڇاپائي هن شهرت وڌائڻ ۾ ڪا دلچسپي نه ورتي. نارائڻ شيام جيڪو سنڌ ۾ رهندڙ اديبن ۽ شاعرن ۾ وڏو مقبول آهي. شيخ اياز، عبدالرزاق راز، تنوير عباسي، استاد بخاري، امداد حسيني، ڊاڪٽر سحر امداد تاج جويو ۽ ٻيا هن جا وڏا قدردان آهن. هو هن جي شاعري جا وڏا عاشق آهن. هو هر موقعي مهل تي نارائڻ شيام جا ڏينهن ملهائڻ لاءِ پاڻ پتوڙيندا آهن ۽ هن جي لکڻين کي شايع به ڪرائيندا آهن. پنهنجن بيبها ادبي صلاحيتن کي استعمال ڪري هن پنهنجو پاڻ کي مقبول بڻايو آهي. هن جي اها مقبوليت ختم ٿيڻ واري نه آهي. وقت بدلجي پيو ماڻهن جا ڪم ڪار وڌي ويا آهن. اُنهن وٽ، ايترو ٽائيم ناهي جو اهي ڊگهيون نظمون ۽ ٻيا ڪي ڊگها شعر وغيره پڙهڻ جي لاءِ آتا هجن. نارائڻ شيام ڪيترائي ننڍا شعر لکيا آهن. هن جا دوها، بيت، وايون ۽ هائيڪو ڏاڍا مشهور آهن، اُنهن کي پڙهي هو پنهنجي شاعري کي نمايان بڻائي، سُرخرو ٿيڻ لاءِ هر وقت تيار آهن. اچو ته هن جي ننڍڙن ننڍڙن شعرن کي ياد ڪري رس حاصل ڪريون.

دوهو:
ماڪ مثل رئندو رهيس، اونداهي ۾ رات،
ڪرڻن سان ڳوڙها اُگهيئه، پرچائي پرڀات.
دوهو:
چنڊ لڳو ٿي ائين، اُڀ ۾ آڌي رات جو،
جر تي هو ريان جيئن، تري هنس ننڊ اکڙو.
دوهو:
رات ائين ها سيج تي، وکڙيل تنهنجا وار،
ڄڻ شاعر جي ذهن تي، ربط بنا استعار.
بيت:
تنهنجي منهنجي پريت، جيئن ٻه ٽڪؤن هڪ دوهرو،
تو بن ڪهڙي ريت، سرتا، ڪا معنيٰ مون کي.
*-*-*
مومل ماکيءَ ميٺ! مون سان چار اکيون ڪري،
ڪيئي نگاهون هيٺ، ويئي ڀت تان اُس لهي.
*-*-*
برسي بادل بوند، دل ۾ جاڳيا ڀاؤ ڳيچ،
وڇونءَ جان اڻهوند، ڏنگ هڻي ماندو ڪيو.
وايون:
گهري گهري سانت گونج آ ڳاتي گيت جي،
آڌي رات، ڀني فضا تاريلي ايڪانت.
گونج آ ڳاتي گيت جي.

لهرائي لنءِ لنءِ اندر، بادل بجلي ڀانت،
گونج آ ڳاتي گيت جي.

ساز ڀڳل، چپ ڳائڻو مک تي ڪومل ڪانت،
گونج آ ڳاتي گيت جي.
هائيڪا: تصويرون
چتر چٽڻ جو موهه،
ٿي ئي ويو منهنجي هٿان،
رنگ رتو اڄ ڏوهه.
*-*-*
روئي ڏيڻ ثواب،
ڪتا اٽڪيا پاڻ ۾،
سهڪي سهن عذاب.
*-*-*
مور مور ئي مور،
هتي هُتي اُوري پري،
شور شور ئي شور.
*-*-*
ڇڻيل گلن جو ڍير،
نئڙي پَٽ تان پنکڙيون،
چونڊي ويٺو ڪير.

غزل:
نارائڻ شيام جا غزل چمڪندڙ تارن وانگر آهن اُنهنجي چمڪ قائم آهي ۽ قائم رهندي. نارائڻ شيام اهم ۽ وڏو شاعر آهي. هن جي اهيمت قائم رهڻ واري آهي.

غزل
ڪو نه ڪنارن جو ويساهه،
ڀائيندو ڀي آ درباهه،
هر هر هئين اُڀ ڏانهن نگاهه،
هاءِ مٺي دل جو ويساهه،
مون وٽ ته نه تارا نه چراغ،
رسڻو آهي راتو واهه،
رنگ رتي سرهاڻ مٿان،
حرص ڀري گنجار سياهه.
رات جي راڻي ڪاري رات،
هت هُت خوشبو جيئن افواهه،
روئي عشق ٿيو خاموش،
حسن کنيو هڪ سُک جو ساهه،
پڇن جو ڦل پنهنجي ديد،
دل کي کينچي، جيئن گناهه،
ڳائجي اڄ موهن جو دڙو،
ڪلهه ٿي هئي تهذيب تباهه،
وسريا ڏينهن، ويساها مينهن،
هاڻ نه اُٿلي ڪو درياهه،
کل دل! جيئن گڏ جڳهه به کلي،
جڳه سان ڪرڻو آهه نباههه،
اُس ۾ لُڪ جو پنڌ سهي،
واٽ تي آهه جهجي وڻراهه،
لڙڪن ۾ ئي پيهي شيام،
پائي سگهنديدا دل جو گاهه.
نارائڻ شيام جي شاعري ۾ سچ، سونهن، سرهاڻ، درد، تڙپ ۽ سڪ موجود آهي، ڪو اهڙو انسان هوندو جيڪو اُنهن کان ڀڄڻ جي ڪوشش ڪندو.
سنڌ جي هر دل عزيز شاعر پنهنجي ڪتابڙي سُر نارائڻ شيام کي هن نموني سان ساراهيو آهي.
ساري رات ڪبير سان، تون، مان ڳالهايو،
ڌرتي انبرُ ٿي وئي اهڙي پرڳايو،
ور ور ورجايو، نياپو هن جي نينهن جو.
*-*-*
آهه اڌوري تو بنا، هيءَ جا منهنجي مون،
ساميءَ وانگر تون، سدا رهندين سنڌ ۾.


[b]مددي ڪتاب
[/b](1) بوند، لهرون، سمنڊ. ڊاڪٽر تنوير عباسي.
(2) شيخ اياز. پنج شعري مجموعا. محمد ابراهيم جويو.
(3) سُر نارائڻ شيام. شيخ اياز.
(4) ڪونج خاص نمبر. ڪيرت ٻاٻاڻي.
(5) ڪونج خاص نمبر. گوبند ”مالهي“
(6) ڪونج خاص نمبر. ارجن ”حاسد“
(7) هسٽري آف سنڏي لٽريچر. ايل ايڇ اجواڻي.
(8) شيخ اياز ۽ نارائڻ شيام. محمد ابراهيم جويو. ”مهراڻ“ مارچ 1999ع