بلوچن جي تاريخ ۽ اينٿراپالاجي تي مشتمل هن ڪتاب جو ليکڪ تاريخدان ۽ شاعر ارڏو اترادي آهي.
ارڏو اترادي بنيادي طور شاعر آهي، جيڪڏهن ارڏي کي سنڌ دوست يا قومپرست شاعر چيو وڃي ته ڪو وڌاءُ نه ٿيندو. قوم پرست شاعري جي ڪري سنڌ جي قوم پرست اڳواڻن عاجز باجڪاڻي کي ارڏو اترادي جو لقب ڏنو. ارڏي جي محبت ۽ عشق جو محور سنڌ رهيو آهي. سنڌ سان بيپناهه محبت ارڏي کي هي ڪتاب ”تاريخ ۽ اسان“ لکڻ تي مجبور ڪيو. جيڪا سنڌ جي جديد تاريخ لکڻ جي هڪ شعوري ڪوشش آهي
سنڌ جي پروقار دلير سياستدان مرحوم نهال خان باجڪاڻي جي نالي
هي تعارفي ۽ تاريخي ڪتاب ارپيان ٿو۔
جنهن جي اڏول ، ارڏائي ۽ ذهين هجڻ جا ڪافي مثال هن ضلعي جي تاريخ ۾ موجود آهن۔
اهڙا انسان دوست ۽ ڀرجهلا صدين کان پوءِ پيدا ٿيندا آهن۔