تاريخ، فلسفو ۽ سياست

تاريخ ۽ اسان

بلوچن جي تاريخ ۽ اينٿراپالاجي تي مشتمل هن ڪتاب جو ليکڪ تاريخدان ۽ شاعر ارڏو اترادي آهي.
ارڏو اترادي بنيادي طور شاعر آهي، جيڪڏهن ارڏي کي سنڌ دوست يا قومپرست شاعر چيو وڃي ته ڪو وڌاءُ نه ٿيندو. قوم پرست شاعري جي ڪري سنڌ جي قوم پرست اڳواڻن عاجز باجڪاڻي کي ارڏو اترادي جو لقب ڏنو. ارڏي جي محبت ۽ عشق جو محور سنڌ رهيو آهي. سنڌ سان بيپناهه محبت ارڏي کي هي ڪتاب ”تاريخ ۽ اسان“ لکڻ تي مجبور ڪيو. جيڪا سنڌ جي جديد تاريخ لکڻ جي هڪ شعوري ڪوشش آهي
Title Cover of book تاريخ ۽ اسان

الحاج جناب نادر علي صاحب

الحاج جناب نادر علي صاحب

علم جو سيکاري سو استاد ٿئي،
هي احسان انسان کي ياد ٿئي،
اُٿي قوم جي گهر ڏيئو ٻار”ارڏا”
تنهنجي روشني ساڻ آباد ٿئي۔
(ارڏو اترادي)
استاد ٿي علم ڏيڻ پيغمبري پيشو آهي،اڄڪلهه استاد اهو ٿئي ٿو جنهن کي ٻين ادارن ۾ نوڪري نه ٿي ملي، فقط پگهار وٺڻ يعنيٰ خيرات حاصل ڪري ٿو مگر دل و جان ۽ ايمان سان رزق ڪمائڻ جو خيال به ڪونه آهي۔
پر جيڪڏهن اهي استاد بنا لوڀ لالچ، ذات پات، رنگ نسل ۽ منفي سوچ کان مٿانهون ٿي علم عطا ڪرن ٿا ته بيشڪ اهي ٻنهي دنيائن ۾ مان ۽ شان وارا ٿين ٿا۔
اهڙي ئي بزرگ صفت انسان دوست استاد نماز روزي جي پابند، خير خواه الحاج جناب ناد رعلي باجڪاڻي جو ذڪر ڪريان ٿو۔
الحاج جناب نادر علي بيبرڪ باجڪاڻي جي گهر ڪڏهن ۽ ڪهڙي ڏينهن پيدا ٿيو، ڄمڻ جي تاريخ لکڻ جو رجهان ڪونه هو، هو سنڌي فائينل يعنيٰ ست درجا پڙهي، پرائمري ٽيچر ٿيندي امتحان ڏيندي ترقي ڪندي انگريزي ماستر ٿي، ايس ڊي او جي عهدي تي سن 1996ع ۾ رڱائرڊ ٿيو،1968ع ۾ جڏهن آئون بورڊ جي امتحان(نائين ڪلاس)جي تياري پيو ڪريان،ان وقت ڪجهه هندو استاد 30 روپيه مهيني جي حساب سان شام جي ڱيوشن ڏيڻ لڳا،مون ان وقت 10 روپيه بورڊنگ في(10 روپيه غريب شاگردن لاءِ لوڪل بورڊ ڀريندو هو)جيڪا منهنجي مامي مولوي نورالدين “مسرور” جي چوڻ سان مير صبح صادق خان کوسي، مير سڪندر علي کوسي ڏانهن سفارش ڪري لکي موڪليو ته هي ڇوڪرو برابر غريب آهي اڌ في معاف ڪندا ۽ گهران مهيني ۾ پنج روپيه خرچي ملندي هئي سو ڱيوشن في ڪٿان آڻيان۔
مون کي باباچيو ته بيبرڪ باجڪاڻي جو نينگر استاد آهي چون ٿا ته غريبن کي مفت پڙهائيندو آهي ان وٽ وڃ آئون ان وٽ گهر ويس،ان چيو ته سڀاڻي کان وٺي غوثپور هاءِ اسڪول جي رهائش وٽ ايندا رهو ۽ اتي ان جو ساٿي استاد محمد حنيف بروهي(تعلقه ڳڙهي خيري وارو)ان هاءِ اسڪول ۾ پڙهائيندو هيو، ان مهربان سائنس هال شام جو کولي سائنسي تجربا ڪرائيا ٻنهن مفت پڙهائيو۔
بظاهر باجڪاڻي برادري جي ڇوڪرن سان گڏ پسگردائي وارن ۾ انجنيئري جو شوق جناب غلام مصطفيٰ صاحب ڪري ٿيو پر گهڻي محنت شعور ۽ ڀلائي الحاج جناب نادر علي صاحب جهڙي مرد مومن جي هئي۔جناب محمد حنيف بروهي صاحب هن وقت ڊگري ڪاليج جيڪب آباد ۾ سائنس جا ليڪچرار آهن۔
اڃا به ڪي آهين، ڪل جڳ ۾ ڪاپڙي
(شاهه صاحب)