تاريخ، فلسفو ۽ سياست

تاريخ ۽ اسان

بلوچن جي تاريخ ۽ اينٿراپالاجي تي مشتمل هن ڪتاب جو ليکڪ تاريخدان ۽ شاعر ارڏو اترادي آهي.
ارڏو اترادي بنيادي طور شاعر آهي، جيڪڏهن ارڏي کي سنڌ دوست يا قومپرست شاعر چيو وڃي ته ڪو وڌاءُ نه ٿيندو. قوم پرست شاعري جي ڪري سنڌ جي قوم پرست اڳواڻن عاجز باجڪاڻي کي ارڏو اترادي جو لقب ڏنو. ارڏي جي محبت ۽ عشق جو محور سنڌ رهيو آهي. سنڌ سان بيپناهه محبت ارڏي کي هي ڪتاب ”تاريخ ۽ اسان“ لکڻ تي مجبور ڪيو. جيڪا سنڌ جي جديد تاريخ لکڻ جي هڪ شعوري ڪوشش آهي
Title Cover of book تاريخ ۽ اسان

محترم جناب حفيظ الله ولد سونهارو خان

محترم جناب حفيظ الله ولد سونهارو خان

محترم حفيظ الله سن 4 مئي 1975ع ۾ ڳوٺ محمد مريد خان باجڪاڻي ۾ پيدا ٿيو ۽ هتان جي پرائمري اسڪول مان ابتدائي تعليم حاصل ڪري سال 1990ع ۾مئٽرڪ هاءِ اسڪول دڙي(چيف سردار مير سندر خان سندراڻي)مان پاس ڪري سال 1994ع ۾ بي ايس سي شاهه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس مان ۽1999ع ۾ ايم اي اڪنامڪس ۾ ساڳي يونيورسٽي مان پاس ڪري ورتائين۔هنيئر ايل ايل بي جي آخري سال ۾ آهي۔
محترم حفيظ الله فياضي درگاهه انباهه شريف(چڪ)(i) وارن جي مکيه طالب حضرت بابا شاهه ڏنه رح صوفي لاڪوفي فقير سائين جن جي سجاده نشين حضرت بابا عبدالملڪ عرف جمال الله سائين جن جو طالب ٿيو۔الله پاڪ شال پنهنجي هادي جي نظرِ ڪرم سان استقامت عطا ڪري(آمين)۔

(i)فياضي درگاهه حضرت داتا فيض محمد شاهه جيلاني رح جن جي نالي پٺيان مشهور آهي۔جنهن کي اهل علم ۽ اهل نظر انسان داتا فيض درياءَ سڏيندا آهن۔جن جو رسالو پاڪ حضرت بابا ميرل جاگيراڻي سائين رحمت الله عليه جي تخلص سان ڇپيل آهي۔دنيا ۾ اڄ تائين ڪنهن به شاعر پنهنجي شاعري ٻئي جي نالي سان تخلص نه ڏنو آهي، اها ئي رمز چئجي ته هيئون هن ۾ ۽ هو هِن ۾ سمايل هيڪڙائي جو درس آهي۔
انهي ئي درگاهه عاليه جا سجاده نشين حضرت داتا شاهه ولايت جيلاني رح جن نه صرف ولايت جا صاحب هئا پر مٿاهين ملڪ اعليٰ پائي جا شاعر به هئا۔جن فرمايو ته:
“شاهه ولايت عشق کي ناچو ٿي نچايم”
حضرت داتا ولايت علي شاهه جيلاني جن جو رسالو پاڪ مختصر “انباهه ۾ آڙاهه”پڻ ڇپيل آهي۔ان کان علاوهه حضرت داتا بگن شاهه جيلاني دوم جن جا ٻه شاعري جا ڪتاب پڻ ڇپيل آهن”داتا شاهه ولايت” ۽ “داتا بگن”سائين جن جا ڪيترا ٻول رهيل آهن انهن جي رسالن مان ڪيترا شعر نه ڇپجي سگهيا آهن۔اها خبر تصديق سان موجوده سجاده نشين حضرت بابا جان محمد سائين جن ٻڌائي سگهندا۔
حضرت داتا فيض دريآئون رحمت الله عليه ۽ حضرت داتا شاهه ولايت رحمت الله عليه جن جا جيڪي رسالا ڇپيل آهن،انهن ۾ احوال ۽ سن غير تصديق هجڻ ڪري فقرآئون جي اسرار گهڻي گهر تي حضرت بابا عبدالملڪ عرف جمال الله جن تحرير ڪري رهيا آهن،هن ۾ انباهه شريف جي اوليا× ڪرام جو احوال حضرت بابا بگن سائين جن دوم تائين مفصل ۽ جامع لکي رهيا آهن۔
حضرت بابا عبدالملڪ عرف جمال الله ولد محترم مولوي غلام رسول بجاراڻي صاحب جن جي گهر 3 مارچ 1951ع ۾ هن ڪائنات ۾ آيا،پرائمري تعليم حاجي الف خان بجاراڻي جي ڳوٺ پرائي ۽ مدرسه دالفيوض ڪنڌڪوٽ ۾ 74۔1973ع تائين علم حاصل ڪيائون ۽ مولوي ٿيڻ جي علم ۾ دستاربندي تائين پهتا ان علم کي خيرباد چئي باطني علم ڏانهن توجهه ڏيڻ لڳا ڇاڪاڻ ته سائين جن 1967ع کان باطني علم ڏانهن راغب هئا،ديني، دنوي ٻئي علم حاصل ڪندا رهيا، ان دوران دنوي علم جي قابليت سرڱيفڪيڱ تي ڪنڌڪوٽ ميونسپل ۾ انتظامي عملدار پڻ ٿيا، سائين جن ويهن ورهين جي ڄمار ۾ حضرت بابا فقير شاهه ڏنا سائين جن جي بيعت ملڻ جو شرف عطا ٿين۔هِن وقت پنهنجي مرشد هادي جي درگاهه عاليه(نزد ڪنڌڪوٽ)جا سجاده نشين آهن۔
حضرت بابا شاهه ڏنا سائين جن وصال جي ويجهڙائي واري عرصي ۾ انباهه شريف داتا شاهه ولايت شاهه رحمت الله عليه وٽ حضور ۾ عرض ڪيو ته فقط اوهان جي امر پيروي ڪندي اسان هڪ عبدالملڪ ئي مريد ڪيو، جيڪو اسانجي حال وسله جو مالڪ هوندو۔
حضرت بابا شاهه ڏنه سائين رحمت الله عليه جن جي وصال کانپوءِ سندس مرشد جي وصعيت جي تائيد ڪندي حضرت بابا بگن سائين رحمت الله عليه (دوم) جن ڪنڌڪوٽ جي سُنگ وارن فقيرن کي امر ڪندي فرمائيو ته اڄ کانپوءِ ڪنڌڪوٽ جي سمورن فقيرن جي سنگ جو بابو عبدالملڪ سائين آهي۔ هي اوهان جو بابو آهي۔انباهه شريف جي اوليائن جي هر ميلي تي ڪنڌڪوٽ جي سڄي سنگ جي سرواڻي ڪندا رهندا آهن۔