محترم ثناالله ولد مير حبيب الله خان
سنه 8 مئي 1989ع ۾ پيدا ٿيو۔هن پرائمري تعليم مير عبدالرحمنٰ خان باجڪاڻي جي ڳوٺ مان پرائي 2005ع ۾ ڪيڊٽ ڪاليج فتح جنگ ضلع اٽڪ (پنجاب)راولپنڊي بورڊ مان مئٽرڪ پاس ڪري ورتي،هن وقت مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي ڄامشورو سنڌ ۾(اليڪٽريڪل شعبي ۾) سليڪشن ٿي ويو آهي۔
آئون انهن پيارن ذات وارن شاگردن کان معافي ٿو وٺان ته ڇاڪاڻ هن ڪتاب ۾ سواءِ ثناالله جي ڪو اهڙو شاگرد شو نه ڪيو آهي جنهن ڊگري نه ورتي هجي۔
محترم ثناالله جو نالو فقط ان ڪري شامل ڪيم ته محترم حبيب الله خان ولد عبدالحق علم دوستي جو اهڙو ثبوت ڏنو آهي جو نرم دل باجڪاڻي ٿي ضلع اٽڪ جهڙي ڏورانهن طرف هڪ جيتا مڙو موڪليو۔محترم حبيب الله خان جو اهو قدم ٻين جي دلين ۾ اتساهه پيدا ڪرڻ جهڙو آهي۔اهڙو ئي شوق شال سڀني سنڌ واسين جي دامن گير رهي آمين۔
محترم حبيب الله هڪ ڏاهي، بهادر اڳواڻ مير نهال خان باجڪاڻي جي اولاد مان آهي۔مير نهال خان جهڙا اڳواڻ قومن کي صدين کانپوءِ مشڪل سان ملندا آهن۔اگر هو هن وقت هجي ها ته بلنداڻن کانسواءِ به ذات باجڪاڻي علم جي طلب ۾ برطانيه پهچن ها۔ان خال کي ڀرڻ لاءِ محترم حبيب الله خان ڪوشش ڪئي مگر وقت ۽ حالتون شايد باجڪاڻي ايڪي، اتحاد پيار، محبت سهڻي صلاح کان تمام پري آهن۔هن وقت سهپ جو ماحول ڪوهين ڏور آهي۔مجبور ٿي”اهي ڏينهن اهي شينهن”ياد ڪريون ٿا ته شال وري ڪو وآئون وري۔