تاريخ، فلسفو ۽ سياست

تاريخ ۽ اسان

بلوچن جي تاريخ ۽ اينٿراپالاجي تي مشتمل هن ڪتاب جو ليکڪ تاريخدان ۽ شاعر ارڏو اترادي آهي.
ارڏو اترادي بنيادي طور شاعر آهي، جيڪڏهن ارڏي کي سنڌ دوست يا قومپرست شاعر چيو وڃي ته ڪو وڌاءُ نه ٿيندو. قوم پرست شاعري جي ڪري سنڌ جي قوم پرست اڳواڻن عاجز باجڪاڻي کي ارڏو اترادي جو لقب ڏنو. ارڏي جي محبت ۽ عشق جو محور سنڌ رهيو آهي. سنڌ سان بيپناهه محبت ارڏي کي هي ڪتاب ”تاريخ ۽ اسان“ لکڻ تي مجبور ڪيو. جيڪا سنڌ جي جديد تاريخ لکڻ جي هڪ شعوري ڪوشش آهي
Title Cover of book تاريخ ۽ اسان

ذات باجڪاڻي جي پڳ جو احوال

ذات باجڪاڻي جي پڳ جو احوال

ذاتين ۽ قبيلن ۾ پڳ جو رواج انسان ذات جي گڏيل زندگي گذارڻ دوران وجود ۾ آيو۔
زراعت جي دور کان اڳ مال جا چراگاهه، سرسبز علائقه شڪارگاهه مقرر ٿيڻ لڳا۔شڪارگاهن ۾ چوري، زوري شڪار ڪرڻ هڪٻئي جو مال ڪاهڻ جڏهن معمول ٿيو۔تڏهن هرعلائقي جي ماڻهن بچآئون ڪرڻ يا بدلي وٺڻ لاءِ گروهه، ڱولا ٺاهيا ان وقت ڏاهن ماڻهن کي اڳواڻ يا پڳدار مقرر ڪيا ۽ انهن کان صلاح مشورا پئي ورتا۔اڳتي هلي پڳدار جي وفات کانپوءِ ان جي پٽ کي پڳ ٻڌائڻ يا بادشاهه جي پٽ کي بادشاهي ڏيڻ جيئن خلافت ملوڪيت ۾ تبديل ٿيڻ وغيره جو رواج عروج تي ٿيو۔
تڏهن عقلمند ڏاهي پڳدار سردار بادشاهه جي مرڻ کانپوءِ اها پڳ ان جي بي عقل پٽ کي ٻڌائن پيا ته اها ذات، اهو قبيلو ان جي سرداري رولڙي جو شڪار پئي ٿي۔ان وقت ڏاها ماڻهو پنهنجي برادري جو ڪٺ ڪري اها پڳ ڪنهن سمجهدار کي ٻڌائيندا هئا۔
سنڌ ۾ پڳ تي ويڙهه جي ڳالهه دودي چنيسر کان ڪهاڻين ۾ آئي۔ جڏهن مير جلال خان جي اولاد وڌي قبيلن جي صورت اختيار ڪئي ته رندن پنهنجي سرداري جي پڳ مير چاڪر خان تائين هلائي ۽ لاشارن پنهنجي سرداري جي پڳ مير گهرام خان تائين هلائي، جيڪي مانجهي مرد سڏجڻ لڳا۔
مير گهرام خان لاشاري جو وڏو پوڱو مير باجڪ خان ولد مير بکر خان جڏهن اتر سنڌ ۾ آيو ته پڳ مير گهرام خان جي ٻئي نمبر پٽ مير رامن خان جي اولاد کي عطا ٿي۔
بلوچستان ۾ تعليم جي کوڱ رهي تنهن هوندي به ٻن ٽن صدين اندر بلوچ سردارن سرداري جا دفتر رکيا۔تنهن هوندي به باجڪاڻي ذات وارن سرداري پڳ سنڀالڻ جي پوئواري ان ڪري نه ڪئي ته مير باجڪ سنڌ ۾ آيو ۽ بجاراڻي جي سرداري ۾ رهيو۔هوئن به سردار اهو ٿئي جيڪو راڄ سنڀالي۔انهن جي واهر ڪري جيڪو سردار راڄ ڀاڳ تائين نٿو پهچي ته اهو نظام بيڪار ٿئي ٿو۔
چند سال اڳ جيڪب آباد شهر ۾ سردار ڌڻي بخش خان لاشاري جڏهن لاشارين جو جلسو ڪرائيو هو۔ان ۾ اسانجا باجڪاڻي ڪجهه پوڙها ۽ جوان شريڪ ٿيا هئا۔ان جلسي ۾ آئون (راقم الحروف)به هيس۔ان اسٽيج تي مون اردو ۾ شعر پڙهيو هو ۽ تقرير ۾ هڪڙي باجڪاڻي چيو ته اسين اوهان جي جلسي ۾ سردار مڃائڻ خاطر ڪونه آيا آهيون۔بلڪه هڪ ڀاءُ جي حيثيت ۾ شريڪ ٿيا آهيون۔باجڪ کي سنڌ ۾ آئي تقريبا ساڍا ڇهه سو سال ٿيا آهن۔باجڪاڻي کي بظاهر بجاراڻي جي مقدمي جي پڳ آهي۔پر هن کي سردار هن وقت تائين وڏو مان مرتبو ڏيندا آيا آهن۔پسگردائي جا سردار گردار مقدم مير رحمدل خان، مير نهال خان ۽ مير عبدالرحمنٰ خان کي آڌر ڀائون (Protocol)ڏيندا آيا آهن۔
مير باجڪ خان جي پڳ مرزان خان اول جي پٽ مستاغ تائين جڏهن آئي ته هو صفا سادو سودو ماڻهو ثابت ٿيو۔ان وقت خلافت ملوڪيت جي رسم ڱوڙي باجڪاڻن مير ميهال خان کي پڳ ٻڌائي۔جيڪا پوءِ مير رحمدل خان تائين هلي۔
مير رحمدل خان جي وفات کانپوءِ نور محمد خان کي پڳ ٻڌرائي وئي۔ڪجهه وقت کانپوءِ نور محمد ڏوهي ٿيل عورت ورتي(i)جنهن تي باجڪاڻي ڪاوڙيا ۽ انجو ڀاءُ علي حسن ان وقت ننڍو هو۔ان جي چاچي مير نهال خان کي پڳ جي آڇ ٿي مگر هن انڪار ڪيو۔پوءِ ان جي چاچي مير عبدالرحمنٰ خان کي پڳ ٻڌرائي وئي۔
ان دور ۾ خانبهادر سردار مير شير محمد خان بجاراڻي اول جي سرداري هئي۔ان دور ۾ مير عبدالرحمنٰ خان باجڪاڻي، مير ارسلا خان بنگلاڻي ۽ مير محمد صلاح خان ڏاهاڻي ناليوارا بهادر اڏول مقدم هئا۔
مير عبدالرحمنٰ خان ان وقت خانبهادر سردار مير شير محمد خان بجاراڻي(اول)جي ڀا، مير فتح محمد خان بجاراڻي کي لوڪل بورڊ جي اليڪشن ۾ شڪست ڏني هئي۔
هي دور باجڪاڻي ذات لاءِ بادشاهي دور هو۔ڇاڪاڻ ته مير نهال خان باجڪاڻي ان وقت ضلع ۾ جرڳي جو ميمبر هو۔مون کي ننڍي هوندي شاعري ۽ ڪهاڻين سان دلچسپي هئي۔هڪ رات بابا سائين وڏن جو ذڪر ڪندي ٻڌايو ته مير نهال خان باجڪاڻي ۽ ارسلا خان بنگلاڻي کي دل جا پاور هئا۔ان وقت کان ذهن ۾ هئو ته ماڻهو وٽ دل جا پاور ڪيئن ٿيندا آهن۔جڏهن وڏو ٿيس تڏهن سردار مير سندر خان سندراڻي، مير مهراڻ خان بجاراڻي ۽ مير عبدالرحمنٰ خان جن وٽ دل جا پاور ڏٺم، غلطيون هر انسان کان ٿينديون آهن مگر اهڙا انسان قومن کي صدين کان پوءِ به مشڪل ملن۔
مير عبدالرحمنٰ خان باجڪاڻي سنه 1970ع ۾ وفات ڪئي۔پڳ مير بلند خان کي ٻڌرائي وئي۔هوڏانهن ڪن علي حسن خان جي پٽ نور حسن خان کي اٿاريو ۽ اڀاريو ته جيئن باجڪاڻي ذات انتشار جو شڪار ٿئي۔لعل نصيباڻي(نسيواڻي)شعر چيو هو ته
مهينهان ڪيچي زيندغ دائين راجري رنبو
بلوچي شاعري جو ترجمو:
جيستائين مينهون ۽ ڪيچي(باجڪاڻي)جيئرا آهن تيستائين راڄ لاءِ رنبا آهن)
اهي ٻئي ڀوتارن وٽ ويهي باجڪاڻن جي خلاف ابتيون سبتيون ڳالهيون ڪندا هئا۔مگر اڪثر باجڪاڻي ذات جي دورانديش ڏاهن ماڻهن سازشن کي ڪامياب ڪرڻ نه ڏنو۔پوءِ جيڪي نورحسن جي پاسي لڪ ۾ هئا وقت گذرڻ تي نورحسن جي نااهلي ثابت ٿيڻ تي پنهنجي موت مري ويا۔
مير بلند خان باجڪاڻي سچ پرست قول جو پڪو دنيا جي لوڀ لالچ کان پاڪ صاف ڳالهائڻ جو کرو آهي، هو هڪ ڀيرو جنهن ڳالهه تي بيٺو يا جنهن جي طرف ٿيو وري نه ڦرندو آهي۔هي سياست جي اٽڪل بازي کان پري اصولي آهي ان ڪري عملي سياست ۾ گھٽ ڪامياب رهيو۔
مير بلند خان باجڪاڻي 1926ع ۾ پيدا ٿيو ۽ پرائمري تعليم کان مٿي نه پڙهيو۔اهڙي طرح مير عبدالرحمٰن خان ڪنهن به پٽ کي اعليٰ تعليم حاصل نه ڪرائي۔ان وقت انهن کي اهو خيال به ڪونه هو ڇاڪاڻ ته هو پنهنجي دور جا ڄڻ ته بادشاهه هئا۔