تاريخ، فلسفو ۽ سياست

تاريخ ۽ اسان

بلوچن جي تاريخ ۽ اينٿراپالاجي تي مشتمل هن ڪتاب جو ليکڪ تاريخدان ۽ شاعر ارڏو اترادي آهي.
ارڏو اترادي بنيادي طور شاعر آهي، جيڪڏهن ارڏي کي سنڌ دوست يا قومپرست شاعر چيو وڃي ته ڪو وڌاءُ نه ٿيندو. قوم پرست شاعري جي ڪري سنڌ جي قوم پرست اڳواڻن عاجز باجڪاڻي کي ارڏو اترادي جو لقب ڏنو. ارڏي جي محبت ۽ عشق جو محور سنڌ رهيو آهي. سنڌ سان بيپناهه محبت ارڏي کي هي ڪتاب ”تاريخ ۽ اسان“ لکڻ تي مجبور ڪيو. جيڪا سنڌ جي جديد تاريخ لکڻ جي هڪ شعوري ڪوشش آهي
Title Cover of book تاريخ ۽ اسان

محترم قلندربخش ولد محمد مبارڪ خان

محترم قلندربخش ولد محمد مبارڪ خان
سن 1985ع ڌاران ڳوٺ حاجي الھ اڏيو خان باجڪاڻي، تعلقه تنگواڻي ضلع ڪشمور ۾ پيدا ٿيو، هن ابتدائي تعليم مير رحمدل خان باجڪاڻي جي ڳوٺ ۾ پرائي، مئٽرڪ 2001ع ۾ دليجان خان ملڪ مان پاس ڪيائين، هڪ شاعر جي ناتي سان تعارف لکان ٿو. محترم قلندربخش جو ادبي ميدان ڏانهن وڌيڪ لاڙو ٿيو، هن جا خط پٽ شاعري هر مهيني ڪنهن نه ڪنهن اخبار ۾ (بقول هن جي) ڇپجي ٿي. هن وقت ڪهاڻي ”دل جو درد“ هڪ سؤ صفحن تي لکيل آهي. محترم قلندربخش غزل ۽ وائي جو سٺو شاعر آهي، هتي غزل جون ڪجھ سٽون پيش آهن.
اداس قلندر باجڪاڻي
روئندي روئيندي گذريو جيون،
هاءِ! خزان ۾ اجڙيو جيون،

اوکي راھ م تڙپي تڙپي،
عشق ڪڙن ۾ جڪڙيو جيون،

مرڪي مرڪي جنهن کي ساريم،
نيٺ ته پنهنجو وسريو جيون،

توکي روز پڪاري ”قلندر“،
پنهنجي شهر ڏي سنبريو جيون.