تاريخ، فلسفو ۽ سياست

تاريخ ۽ اسان

بلوچن جي تاريخ ۽ اينٿراپالاجي تي مشتمل هن ڪتاب جو ليکڪ تاريخدان ۽ شاعر ارڏو اترادي آهي.
ارڏو اترادي بنيادي طور شاعر آهي، جيڪڏهن ارڏي کي سنڌ دوست يا قومپرست شاعر چيو وڃي ته ڪو وڌاءُ نه ٿيندو. قوم پرست شاعري جي ڪري سنڌ جي قوم پرست اڳواڻن عاجز باجڪاڻي کي ارڏو اترادي جو لقب ڏنو. ارڏي جي محبت ۽ عشق جو محور سنڌ رهيو آهي. سنڌ سان بيپناهه محبت ارڏي کي هي ڪتاب ”تاريخ ۽ اسان“ لکڻ تي مجبور ڪيو. جيڪا سنڌ جي جديد تاريخ لکڻ جي هڪ شعوري ڪوشش آهي
Title Cover of book تاريخ ۽ اسان

ارصلاح خان باجڪاڻي”ارڏو اترادي”

ارصلاح خان باجڪاڻي”ارڏو اترادي”
حالانڪ پنهنجو تعارف پاڻ لکڻ ڏاڍو ڏکيو آهي پر جيئن ته هن ڪتاب ۾ سڀني جو تعارف مون ئي سهيڙي لکيو آهي۔ان حوالي سان آئون به هن ئي ذات جوفرد آهيان، منهنجو تعارف وري ڪو ٻيو لکي اهو مناسب نه سمجهندي پاڻ ئي لکيو آهي۔
منهنجو نالو ارصلاح ولد کوهدل خان ذات باجڪاڻي ديهه گلوالي هاڻوڪي تعلقه تنگواڻي ضلع ڪشمور سنڌ ۾ 17 مئي 1949ع ۾ جنم ورتو۔
ابتدائي تعليم پهريائين مير لشڪر خان بجاراڻي جي ڳوٺ ۾ استاد الله بخش ولد عبدالرحيم اوڳاهي صاحب جن وٽ پڙهيم، اتان جيئن لڏي ڪنڌڪوٽ جي ويجهو هاڻوڪي ڳوٺ محمد مريد خان باجڪاڻي ديهه شيران ۾ آياسين ته باقي پرائمري تعليم پرائمري اسڪول شيران ڀيه ۾ استاد عبدالواحد ڀيو، استاد غلام حسين چاچڙ ۽ استادمحمد منٺار سومرو جن وٽا پڙهي ٻه سال انگريزي دڙي(چيف سردار مير سندر خان سندراڻي جي مڊل اسڪول ۾)استاد امان الله سندراڻي صاحب، استاد برٿ لعل وٽ پڙهي پوءِ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڪنڌڪوٽ مان مئٽرڪ 1969ع ۾ پاس ڪري آبپاشي کاتي ۾ سيرواهه ڳڙهي خيرو ۾ گيج ريڊ ٿيس، ٽيليگراف، ٽائيپ رائيٽري ۽ آبداري سکيم پئي ته نهري پٽيواري(آبداري)گھوٽڪي فيڊر ۽ روهڙي ڪئنال لاءِ نئون سسٽم کوليو،ان ۾ آبداري جو آرڊر مليو۔ 1970ع کان پنوعاقل، گھوٽڪي،ميرپور ماٿيلو، ڳڙهي خيرو ۽ ٺل ۾ نوڪري ڪيم 1972ع ۾ ممتاز علي ڀڱو صاحب جي وزيراعليٰ جي دور ۾ ريڊيڪشن ۾ نوان آبدار (اسان کي) لاهي ڇڏيائون۔
ڪجهه وقت مير هزارن جي بسن تي سوڍو خان چنه وٽ ڪنڊيڪٽران کان پوءِ عريضي نويس ٿيس پر پوءِ 74۔1973ع ۾ ٻئي سال پرائمري ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج ڪنڌڪوٽ ۾ پنهنجي خرچ تي پڙهيم۔11 جنوري 1975ع کان پرائمري ٽيچر ٿيس،بعد ۾ بي اي، بي اي ايڊ ۽ ايم اي سنڌي ۾ 1985ع ۾ پاس ڪري سال 1988ع کان ايڇ ايس ٽي گورنمينٽ هاءِ اسڪول گڊو ۾ ٿيس،هن وقت گريڊ 17 بي ۾ پڙهائي رهيو آهيان، گزيٽيڊ ٿيڻ (هيڊماستري)کان انڪار ڪري صرف استاد ٿيڻ کي بهتر سمجهيم۔
ادبي حوالي سان شروعات ۾ “ارصلاح”عاجز باجڪاڻي”عاجز بلوچ جي تخلص سان شاعري ڪيم، 81۔1980ع کان”ارڏو اترادي”جي تخلص سان شاعري ڪيم۔
منهنجي شاعري جا ٻه ڪتاب ڇپيا،ڪيترن اخبارن، رسالن ۾ تعارف ۽ شعر انٽرويو پڻ ڇپيا، باقي گهڻي شاعري جو مواد، مقالا، مضمون، ڪهاڻيون،خط، آتم ڪهاڻي ترتيب هيٺ آهن۔ گهڻي شاعري اخبارن ۽ رسالن ۾ وارن موٽائي موڪلي۔
نه ڇپيا اهي شعر اخبار افسوس
اهي ڊائري ۾ اُتاري وڃان ٿو
لک شعر اهڙا مون کان پوءِ به شاعر
ڇڏي قوم تنهنجي سهاري وڃان ٿو

مون ڪيترائي ڪتاب پڙهيا،ڪيترن سماجي ادبي سرگرمين ۾ ڀاٽي ڀائيوار ٿيس، ڪيترن سياستدانن کي پڙهيم ۽ ويجهو ٿي ڏٺم خدا شناسي لاءِ پيرن فقيرن درگاهن جا درشن ڪيم، پرکڻ پروڙڻ جي پاڻ وٽ طاقت ڪانه هئي پر پيار محبت امن سڪون صوفين وٽ سمجهي حضرت داتا فيض درياءَ رح(انباهه شريف چڪ ضلع شڪارپور)جن وٽ حضرت بابا عبدالملڪ سائين جي شفقت، صحبت پهچايو،ان وقت داتا حضرت بگن سائين جن سجاده نشين هئا۔انهن نام جو قرب ڪيو(داتا جن جو ذڪر صحفه 58 تي آيل آهي)
“فيض جي درياءُ مان ڏي جام تون،
ساقي ساغر جو به وارو ٿي وڃي
(ڪتاب ياد توکي ڪريان ص 39)
مونکي چار پٽ ۽ چار نياڻيون آهن،پٽ سڀئي تعليم يافته آهن ۽ نياڻين مان ٻه پڙهيون ۽ ٻه نه پڙهي سگهيون۔