محترم شڪيل احمد ولد عامل خان
سن 1967ع ۾ ڳوٺ سخي پيرجان خان باجڪاڻي ۾ پيدا ٿيو، هن پرائمري تعليم ان ئي ڳوٺ مان حاصل ڪري مئٽرڪ سال 1983ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول غوثپور مان پاس ڪيائين، هن سال 1994ع ۾ پوسٽ گريجوئيٽ جو امتحان پاس ڪيو، محترم شڪيل احمد 27 آگسٽ 1995ع ۾ نيشنل بيڪ آف پاڪستان ۾ ڪيشيئر مقرر ٿيو. شڪيل احمد کي والدين دعا ڪئي ته پٽ جڏهن وڏو ٿيندين پئسن جا انبار اڳيان هوندئي هنيئر ايتري قدر مصروف آهي جو دوستن، عزيزن جي سڏڻ تي به مشڪل سان ڪنڌ ڦيرائي ڏسندو آهي، نظر پئسن ۾ سڀني سڏيندڙن کي سڄو ڏينهن پيو جيءُ جيءُ چوندو آهي.