تاريخ، فلسفو ۽ سياست

تاريخ ۽ اسان

بلوچن جي تاريخ ۽ اينٿراپالاجي تي مشتمل هن ڪتاب جو ليکڪ تاريخدان ۽ شاعر ارڏو اترادي آهي.
ارڏو اترادي بنيادي طور شاعر آهي، جيڪڏهن ارڏي کي سنڌ دوست يا قومپرست شاعر چيو وڃي ته ڪو وڌاءُ نه ٿيندو. قوم پرست شاعري جي ڪري سنڌ جي قوم پرست اڳواڻن عاجز باجڪاڻي کي ارڏو اترادي جو لقب ڏنو. ارڏي جي محبت ۽ عشق جو محور سنڌ رهيو آهي. سنڌ سان بيپناهه محبت ارڏي کي هي ڪتاب ”تاريخ ۽ اسان“ لکڻ تي مجبور ڪيو. جيڪا سنڌ جي جديد تاريخ لکڻ جي هڪ شعوري ڪوشش آهي
Title Cover of book تاريخ ۽ اسان

پس ورق ۾ تاثرات

پس ورق ۾ تاثرات
ارڏو اترادي هڪ سماجي ڪارڪن محبت وطن، اديب، شاعر، استاد آهي سندس ڪيتريون تحريرون مختلف سنڌي ڪتاب، رسالن ۽ اخبارن ۾ وقت بوقت ڇپجنديون رهن ٿيون.
هي ڪتاب ”تاريخ ۽ اسان“ علم پرائڻ تاريخ لکڻ لاءِ نئين ٽهي ۾ اتساهه پيدا ڪرڻ ۾ سٺو ثابت ٿيندو.
ڊاڪٽر خالد حسين مزاري رحيم يارخان

ارڏو اترادي سنڌ جو مزاحمتي شاعر روشن خيال اديب آهي، هن جا ٻه ڪتاب ڇپيل آهن، هي پنهنجي هن ڪتاب ۾ لکي ٿو ته ”جيڪي قبيلا قومون علم نه پرائينديون پنهنجي تاريخ پاڻ نه لکنديون. ٻيا ليکڪ تن جي سياسي، سماجي، ثقافتي تاريخ بهتر نه لکي سگھندا“.
حاڪم علي ڪٽوهر ٺل، 03063183101

ارڏو اترادي هڪ بهترين شاعر آهي جنهن جي شاعري وقت ۽ حالتن جي پوري پوري عڪاسي ڪري ٿي. اهڙي ريت هي ڪتاب پڻ تاريخ لکڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو هي ڪتاب بظاهر بلوچ قبيلي تي لکيل آهي، مگر ڌارين تاريخدانن، ديسي دلالن جن حاڪمن جي ڇانوءَ ۾ ويهي تاريخ لکي آهي، انهن تي ڀرپور تنقيد پڻ آهي.
راجه ڊومڪي، ڊي_سي_او آفيس جيڪب آباد


ارڏو اترادي سڄاڻ اديب، شاعر، امن، آهنسا مظلوم ۽ محڪوم قومن جو ساٿاري آهي. هن جو هي ڪتاب ”تاريخ ۽ اسان“ اهڙو ڪتاب آهي جنهن ۾ سنڌ جي سياسي، سماجي، معاشي تاريخ سان گڏ سنڌ بلوچستان جا ماڳ، مڪان، محفوظ ڪيا ويا آهن. هي ڪتاب هر روشن خيال، ادب دوست ۽ اديبن ڏانهن قلم کڻڻ لاءِ دعوت آهي.
حميد سبزوئي، ڪراچي