تاريخ، فلسفو ۽ سياست

تاريخ ۽ اسان

بلوچن جي تاريخ ۽ اينٿراپالاجي تي مشتمل هن ڪتاب جو ليکڪ تاريخدان ۽ شاعر ارڏو اترادي آهي.
ارڏو اترادي بنيادي طور شاعر آهي، جيڪڏهن ارڏي کي سنڌ دوست يا قومپرست شاعر چيو وڃي ته ڪو وڌاءُ نه ٿيندو. قوم پرست شاعري جي ڪري سنڌ جي قوم پرست اڳواڻن عاجز باجڪاڻي کي ارڏو اترادي جو لقب ڏنو. ارڏي جي محبت ۽ عشق جو محور سنڌ رهيو آهي. سنڌ سان بيپناهه محبت ارڏي کي هي ڪتاب ”تاريخ ۽ اسان“ لکڻ تي مجبور ڪيو. جيڪا سنڌ جي جديد تاريخ لکڻ جي هڪ شعوري ڪوشش آهي
Title Cover of book تاريخ ۽ اسان

محترمه نصرت محب صاحبه

محترمه نصرت محب صاحبه
محترمه نصرت محب جي تعارف کان اول آئون سندس والد محترم جو تعارف پيش ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪرڻ لازمي سمجهان ٿو۔جيڪو منهنجو حال محرم رازدان رهيو آهي۔چوندا آهن ته شاعري قدرت جي ڏات آهي مگر اکرن جي اصلاح لاءِ استاد هجڻ ضروري سمجهي وقت بوقت منهنجي شاعري تي سرسري نگاهه ڪندا رهيا آهن۔ان ڪري ڪتاب پيران پير دستگير ۾ پنهنجي شاعري جو استاد لکائيم۔
استاد حافظ عبدالقادر”عبد”ڇلگري (مري) هوئن ته ڪنهن تعارف جو محتاج نه آهي،هو اول قرآن پاڪ جا حافظ ٿيا،بعد ۾ دنوي تعليم پرائي پرائمري ٽيچر ٿيا، حافظ صاحب نه صرف استاد حافظ، شاعر ، اديب، عالم عامل صوفي منش عظيم انسان آهن۔سندس هادي مرشد سلطان العارفين حضرت باهو رح سلطان جي آل مان حضرت حافظ حبيب سلطان رح جن جا طالب آهن۔
نالي مٺي نالي چٽي حافظ عبدالقادر”عبد”ڇلگري جن مري قبيلي جي عالم ۽ آفيسر گهراڻي سان تعلق رکن ٿا،
محترمه نصرت صاحبا 27 مارچ 1983ع ۾ ديهه دين ڳڙهه تعلقه ٺل ضلع جيڪب آباد حافظ سائين عبدالقادر ڇلگري جي گهر پيدا ٿي۔جيئن ته ان سال جي آخر ۾ ٺل شهر ۾ اچي ويٺا۔گورنمينٽ پرائمري اسڪول نور محمد ڀڱي ۾ محترمه پنهنجن وڏن ڀائرن سان گڏ ابتدائي تعليم حاصل ڪري 1999ع ۾ گرلس هائير سيڪنڊري اسڪول ٺل مان مئٽرڪ پاس ڪيائين،محترمه نصرت محب صاحبه سال 2007ع ۾ شاهه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس مان ايم ايس سي باٽني جي ڊگري حاصل ڪري گل ماڊل پبلڪ اسڪول اينڊ ڪاليج جيڪب آباد ۾ ليڪچرار ٿي،هن وقت ڪميشن جي تياري ڪري رهي آهي ۽ ايم فل پڙهي رهي آهي،
محترمه نصرت محب صاحبه جو ذڪر هن ڪتاب ۾ ان ڪري شامل ڪري رهيو آهيان جو 31 مئي 2009ع ۾ محترمه نصرت جي شادي محب الله باجڪاڻي سان ٿي، هوءُ هن وقت محترمه نصرت محب جي نالي سان هن قبيلي ۾ شامل آهي۔