مهاڳ
محترم جناب گل حسن ولد محمد خان ڪلمتي بلوچ جولاءِ 1959ع ڌاران ڳوٺ عرضي بلوچ گڏاپ ملير جي مهان مٽي مان جنم وٺي هن سنسسار ۾ سير ڪرڻ آيا. ابتدائي تعليم راڌو جوکيو مان حاصل ڪري مئٽرڪ مراد ميمڻ مان پرائي گونا گون روشني جي شهر ڏانهن قدم وڌائي ڊپلومه، ۽ ايم.اي صحافت ۽ ايم اي سنڌي ادب ۾ ڊگريون حاصل ڪري هن وقت لوڪل گورنمينٽ ۾ 18 گريڊ ۾خدمتون سرانجام ڏيئي رهيا آهن.
محترم گل حسن ڪلمتي صاحب ستن ڪتابن جا ليکڪ ۽ رضا علي عابدي BBC جي ڪتاب(سنڌوءَ جو سفر ڪهاڻي)جو سنڌي ۾ پڻ ترجمو ڪيو اٿن پاڻ سٺا محقق تجزيه نگار آهن.محترم گل حسن صاحب ڪراچي سنڌ جي مارئي جهڙو ڪتاب لکي سنڌي ادب کي انمول تحفو عطا ڪيو اٿن.
ارڏو اترادي بنيادي طور شاعر آهي، جيڪڏهن ارڏي کي سنڌ دوست يا قومپرست شاعر چيو وڃي ته ڪو وڌاءُ نه ٿيندو.قوم پرست شاعري جي ڪري سنڌ جي قوم پرست اڳواڻن عاجز باجڪاڻي کي ارڏو اترادي جو لقب ڏنو.اها 1981ع جي ڳالهه آهي،اها شايد ڪنهن کي نه خبر هجي ته سندس اصل نالو ارسلاح آهي، پنهنجي پهرئين شاعري جي ڪتاب”جنگ جو اعلان“ 1988ع کان وٺي هو مسلسل لکي رهيو آهي.ارڏي جي محبت ۽ عشق جو محور سنڌ رهيو آهي. سنڌ سان بيپناهه محبت ارڏي کي هي ڪتاب”تاريخ ۽ اسان”لکڻ تي مجبور ڪيو.جيڪا سنڌ جي جديد تاريخ لکڻ جي هڪ شعوري ڪوشش آهي.
جيڪڏهن اسان تاريخ جا ليکڪ ايمانداريءَ سان پنهنجي ضلعي، تعلقي ۽ قبيلي جي تاريخ لکڻ جي شروعات ڪريون ته اسان سنڌ جي جديد تاريخ لکي وٺنداسين، ماضي جي درٻاري ليکڪن وانگر بادشاهن، وزيرن ۽ قبيلائي جهيڙن کي هروڀرو وڌائي انهن جي بيجا تعريفن ۾ صرف نه ڪريون.غير جانبداري ۽ ايمانداري سان تاريخ کي قلمبند ڪريون ته بهتر نتيجا نڪري سگهندا. ارڏي پنهنجي ڪتاب جي شروع ۾ انهيءَ نقطي تي بحث ڪيو آهي.پر هو گهڻو ڪري سنڌ جي تاريخ تي کليل اهڙن قديم ڪتابن کي درٻار ي ليکڪن جي لکڻ جي حوالي سان رد ڪري ٿو.اها پنهنجي جاءِ تي حقيقت به آهي پر سنڌ جي تاريخ نه هئڻ ڪري انهن ڪتابن جي آڌار تي اسان کي اڳتي وڌڻو پوندو، انهن ليکڪن جي ڪتابن مان اسان کي سنڌ جي تاريخ لکڻ جي شروعات ڪرڻي پوندي.
انگريزن سان اختلاف صحي آ، انهن وطن پرستن کي دهشت گرد، ڌاڙيل ۽ چور لکيو پر انهن شين جي باوجود انهن سنڌ جي تاريخ جي حوالي سان گهڻو ڪجهه لکيو. قديم آثارن جي کوٽائي ڪري تاريخ جي دفن ٿيل بابن کي ظاهر ڪيو آهي.
اسان وٽ تاريخ جو حشر انتهائي خراب آهي،جيڪڏهن اسان سنڌ جي تاريخ تي نظر ٿا وجهون ته هڪ هزار سالن جو خال آهي ٽي سو سال ق م کان اڳ سڪندر اعظم جو سنڌ مان گذرڻ جي تاريخ کانپوءِ جيڪڏهن نظر ڊوڙايون ٿا ته ستين صدي عيسوي ۾ راءِ سهاسي جي گهراڻي جو ذڪر ملي ٿو.هڪ هزار سال جي وٿي آهي تاريخ خاموش آهي.اصل ۾ اها تاريخ ئي آهي جنهن کان اسان کي ماضيءَ جي پروڙ پوي ٿي اسان کي اها ڄاڻ ملي ٿي ته ماضي ۾ قوم ۽ قبيلن ۾ تعلقات ڪهڙا هئا انهن جي رهڻي ڪهڻي، ثقافت جي خبر پوي ٿي اهو سڀ ڪجهه اسان کي آثار قديمه جي ماهرن جي ڪري ڪجهه نه ڪجهه ممڪن ٿيو آهي.
جس هجي ارڏي اترادي کي جنهن پنهنجي قبيلي ۽ قبيلائي وٿاڻن جي تاريخ ۽ تفصيلي احوال گڏ ڪيو آهي ۽ تحقيق ڪئي آهي.آئون تاريخ جو شاگرد آهيان، مونکي خبر آهي ته تاريخ لکڻ ۽ خاص ڪري قبيلائي تاريخ لکڻ جو ڪم ڪيترو نه ڏکيو آهي.جنهن لاءِ هڪ روشن خيال ۽ ترقي پسند دوست کي به قبيلائي پرستي جا طعنا ملن ٿا، هن وقت سنڌ قبيلائي جهيڙن ڪري معاشي طور تي انتهائي پٺتي پيل آهي.تعليم جو حشر برو آهي پر هڪ تاريخ لکندڙ ۽ تحقيق ڪندڙ کي انهيءَ پاسي به ڌيان ڏيڻ گهرجي ته سنڌ کي قبيلائي جهيڙن مان ڪيئن آجو ڪري ٿا سگهون.جنهن لاءِ تعليم انتهائي ضروري آهي.تعليم سان هنر ۽ شعور ۾ واڌارو ٿئي ٿو.پڙهيل ماڻهو قبيلائي سردار ۽ وڏيري جي ڪڌن ڪرتوتن کي وائکو ڪرڻ ۾ ڪنهن جي پرواهه نه ڪندو آهي.ارڏي جي شاعري پڙهڻ سان اوهان کي اندازو ٿي ويندو ته هو ڪيتري نه بهادري سان سچ چوي ٿو.
اسان وٽ ملڪي تاريخ سان گڏ هتان جي قبيلن، قومن ۽ راڄن جي تاريخ لاءِ ڪو مواد موجود نه آهي.انگريزن جي لکيل گزيٽيئرن، چچ نامو، تحفت الاڪرام، جنت السنڌ ۽ ٻين ڪتابن ۾ اڻپورو مواد موجود آهي جيڪو نه هئڻ جي برابر آهي.جنهن لاءِ تاريخ لکندڙ دوست به مونجهاري جو شڪار ٿين ٿا.ويجهڙ ۾ جن دوستن قبيلن جي تاريخ لکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.اهي به لڪير جا فقير ثابت ٿيا.بنا ڪنهن تحقيق ۽ ڇنڊ ڇاڻ جي ماضي جي لکيل ڪتابن جي آڌار تي پراڻن غلطين کي ورجايو ويو آهي.
ڪتاب”تاريخ ۽ اسان”۾ ارڏي اترادي سنڌ ۽ بلوچستان جي تاريخ ۽ خاص ڪري بلوچ قوم جي تاريخ تي لکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پر انتهائي مختصر ۽ نه هئڻ جي برابر بلوچن جي باري ۾ مختلف مصنفن جي باري ۾ لکيل مواد جي ڇنڊڇاڻ کانپوءِ ارڏي پنهنجي پاران ڪنهن نتيجي تي پهچڻ بجاءِ اها ذميواري هڪ خط وسيلي مون تي رکي آهي.باقي جيئن ته ڪتاب جو گهڻو حصو انهيءَ تي لکيل آهي.ارڏي اترادي پنهنجي ڪتاب ۾ هن ڳالهه طرف به ڌيان ڇڪايو آهي ته صدين کان بلوچن ۽ سنڌين سان واسطا ۽ رابطه رهيا آهن راءِ سهاسي کان وٺي سنڌ ۽ بلوچستان جا موجوده خطه هڪ رهيا آهن.موهن جي دڙي ۽ مهر ڳڙهه جي تهذيب هڪ آهي پر پوءِ گهڻا ليکڪ جنهن ۾ هن اياز ڀڳت جو مثال ڏنو آهي بلوچن کي ڌاريو لکي هڪ نئين فتني کي هوا ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.انهيءَ حساس مسئلي تي ارڏي اترادي قلم کڻي هڪ ڏکيو ڪم پنهنجي لاءِ منتخب ڪيو آهي.
ارڏي ڪتاب ۾ ليکڪ پاران مواد کان وٺي”باجڪاڻين”جي تاريخ تائين علم حاصل ڪرڻ، قبيلائي جهيڙن کي ختم ڪرڻ، علم ۽ ادب لاءِ اتساهه ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، هڪ هنڌ هو لکي ٿو ته:
“قبيلائي جهڳڙا ڪري پنهنجن کي ئي ماري رهيا آهيون پنهنجا ڪونڌر ماري ۽ مارائي پنهنجي سگهه پاڻ ختم ڪري رهيا آهيون.جيتري جفاڪشي سان قومپرست در در وڃي جهيڙن ٽارڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، اوتري شدت سان سامراجي قوتون جهيڙا واڌئن پيون.”
قبيلائي جهيڙن جي ڪري سنڌ جي علم، شعور، ترقي ۽ معشيت کي جيڪو ڌڪ گذريل ٽيهن سالن کان لڳو آهي اهو ترخانن، مغلن ۽ ارغونن جي حملن کان به وڌيڪ هاڃيڪار ثابت ٿيو آهي،قبيلائي جهيڙن سان علم، شعور ۽ ڏاهپ جا رستا بند ٿي وڃن ٿا، ٻار اسڪول وڃڻ قلم کڻڻ بجاءِ هٿيارن سان کيڏن ٿا. لائبريريون ۽ علمي درسگاهن کي مورچن طور استعمال ڪري ترقي جا رستا بند ڪيا وڃن ٿا.اسان سنڌي ماڻهو اڃان انهيءَ اونداهي مان نڪري نه سگهيا آهيون ته ٻئي پاسي پڙهيل لکيل ماڻهو بلوچ ۽ سماٽ جي ڳالهه کي هوا ڏئي سنڌ کي نئين فتني ڏانهن ڌڪڻ جون گهڻن سالن کان ڪوششون ڪري رهيا آهن پر سنڌ جي صوفي ڪلچر جي ڪري انهن ماڻهن کي ڏکيائي پيش اچي رهي آهي، جنهن جو ذڪر ارڏي نهايت بي باقي سان ڪيو آهي ته سنڌ ۾ صدين کان رهندڙ بلوچن کي ڌاريو لکيو ويو آهي انهن کي اهو احساس ڏياريو وڃي ٿو ته اوهان ڌاريا آهيون اوهان کي واپس وڃڻو آهي.جيڪڏهن ڌارين ۽ اصلي رها ڪن جي ڳالهه ڪبي ته پوءِ انتهائي معذرت سان چوڻو پوندو ته سنڌ ۾ فقط ڪولهي، ڀيل ۽ هندو بچندا ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ رهندڙ سومرا، ڪلهوڙا پنهنجو پاڻ کي عربن سان ڳنڍڻ ۾ فخر محسوس ڪن ٿا.سيد به عرب آهن، باقي سما به پاڻ کي هندستان جي راجستان جو ڄاڻائي فخر محسوس ڪن ٿا.
سنڌ، بلوچستان ۽ ٻين علائقن ۾ گهڻ قومي معاشرو آهي جيڪو صدين ۾ جڙي هاڻي هڪ قوم ۽ هڪ تهذيب جي صورت ۾ نروار آهي.تاريخي طور تي هر ڪنهن کي اهو حق حاصل آهي پنهنجي بنياد کي ڳولي ان تي فخر ڪري پر قومي طور تي اها ڳالهه وسارڻ نه گهرجي ته سنڌ ۾ رهندڙ تمام قبيلا انهن جو ماضي ۾ تعلق ڪهڙي قوم، ملڪ ۽ علائقي سان هجي اهي سنڌي آهن، بلوچستان ۾ رهندڙ بلوچ آهن.
سنڌي ۽ بلوچ جي هيت ترڪيبي(قومن جي بنجڻ جو عمل)۾ مختلف نسلن ۽ مختلف دورن جي لڏپلاڻ جو وڏو عمل دخل آهي.جنهن لاءِ سنڌين ۽ بلوچن کي ڪنهن خاص نسل سان ڳنڍڻ غير منطقي ۽ غير سائنسي آهي سنڌي ۽ بلوچ قوم جيڪي سنڌ ۽ بلوچستان ۾ رهن ٿا.هڪ گهڻ نسلي قوم آهن. جنهن ۾ مختلف نسل ۽ قوم، معاشي، سياسي، قبيلائي مجبورين ڪري هڪ ٻئي ۾ جذب ٿي تاريخي مرحلا طئي ڪري هڪ قوم جي صورت اختيار ڪئي آهي.اڄ به انهن جي بنيادي ترڪيب کي الڳ الڳ بحث ۾ آڻي سگهجي ٿو.انهن جي نسلي تاريخ تي ڇنڊڇاڻ ڪري انهن جي بنياد تي لکي سگهجي ٿو پر انهن کي سنڌي قوم مان الڳ ڪري نٿو سگهجي.
ارڏي پنهنجي ڪتاب جو گهڻو حصو بلوچن جي تاريخ ۽ باجڪاڻين جي شجري متعلق لکيو آهي بلوچن جي تاريخي حوالي سان اڃان تائين ٿيندڙ ڪجهه تاريخدانن پاران بلوچن جي تاريخ تي بحث به ڪري ٿو پر حتمي طور ارڏو به ڪنهن نتيجي تي نٿو پهچي ۽ مير جلال خان کان پوءِ بلوچن جي شجري ۽ تاريخ کي ٻين گهڻن وانگر سچ مڃي ٿو.مون سميت گهڻا تاريخ جا ڄاڻو مير جلال خان واري نسلي شجري سان اختلاف ڪن ٿا.هاڻي هيٺ آئون مختصر مختلف تاريخدانن، تاريخي ڪتابن ۾ بلوچن جي حوالي سان جيڪو بحث ڪيو آهي پيش ڪيان ٿو.
بلوچن جي ابتدا متعلق مختلف رايا ڏسڻ ۾ اچن ٿا هر مورخ پنهنجي مطابق بلوچن کي ڪنهن نه ڪنهن بالادست قوم سان ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.تمام مورخن جي ڳالهين کي ڏسڻ کانپوءِ اها راءِ جڙي ٿي،اها ڪجهه هيٺين ريت آهي.
ڪجهه مورخ بلوچن کي عرب قوم جو حصو قرار ڏين ٿا، انهن مطابق بلوچ قوم شام جي علائقي حلب ۾ رهائش پذير هيا ۽ حضرت حمزه جي اولاد مان آهن،حضرت علي جا مريد هئا ۽ يزيد جي لڙاين کان تنگ ٿي حلب کان هجرت ڪري ڪرمان ۾ اچي رهائش پذير هئا ۽ هتان مير جلال خان جي اڳواڻي ۾ مڪران طرف هجرت ڪري آيا.مير جلال خان جو قافلو 44 قبيلن تي ٻڌل هو ۽ انهيءَ جي اولاد مان بلوچن جا وڏا قبيلا بڻيا،انهن ۾ رند، لاشار، ڪورائي، هوت، علي بلو ۽ ماڻي جتو آهن.
امير حمزه جي اولاد ۽ حلب ۾ رهائش لاءِ هڪ روايت سينه به سينه نثر ۽ نظم جي صورت ۾ موجود آهي جيڪڏهن ڪابه روايت تاريخ جي خلاف هجي اها مسترد ڪئي ويندي آهي.بلوچن جي دعويٰ آهي ته هو امير حمزه جي اولاد مان آهن يقينا ڪنهن غلط فهمي جو نتيجو آهي.سگهڙ جي هيٺين شعر تي اها روايت هلندي اچي ٿي.پراڻو جيڪو نظم آهي هن جو ڪجهه حصو سنڌي ترجمي سان هيٺ ڏجي ٿو.
شڪر الله جو ڪريان ٿو ان جو حمد بيان ڪريان ٿو،
اهو هن جهان جو مالڪ آهي،
هيءُ دنيا خاڪ ۽ مٽي ٿي ويندي،
فقط الله جو نالو رهندو،
اسين حضرت علي جا مريد آهيون،
اسان جو دين ۽ ايمان محفوظ ۽ ثابت آهي،
اسين بلوچ “پاڪ نبي”جي امت آهيون،
جو جهان جو والي آهي،
اسين بلوچ حضرت امير حمزه جي اولاد آهيون،
۽ فتح اسان کي نصيب ۾ آهي،
اسين حلب کان هلي يزيد سان جهيڙو ڪيو،
واقع ڪربلا کانپوءِ اسين بمپور پهتاسين،
اتان کان اسان جي اڳين منزل سيستان هئي،
هتي سيستان جو بادشاهه شمس الدين هو،
جنهن جو بلوچن سان ورتاءُ دوستاڻو هو،
جڏهن بدرالدين تخت تي ويٺو،
هن بلوچن سان دشمني شروع ڪئي،
پوءِ بلوچ سردار مير جلال خان جي اڳواڻي ۾،
چوئيتاليهه قبيلن سان سيستان کان نڪري هارين بندرگاهه پهتا.
جيڪو علائقي ڪيچ کان ساڄي پاسي واقع آهي،انهيءَ نظم ۾ جن قبيلن جو ذڪر آهي، انهن ۾ هوت، کوسا، ڪورائي، لاشاري، دريشڪ، مزاري، رند، ڊومڪي، چانڊيا، ڪلامتي(ڪلمتي)پوج، جتڪاڻي، جتوئي، گولا، گوپانگ، دشتي، گورگيج مڪمل بلوچي نظم 100 سٽن تي ٻڌل آهي.
حضرت امير حمزه حضرت محمدﷺ جو چاچو هو ۽ هم عمر به هو حضرت امير حمزه احد جي جنگ ۾ سن 3 هجري مطابق624ع ۾ مڪه جي ماڻهن سان وڙهندي شهيد ٿيو، اسلامي تاريخن مطابق حضرت حمزه کي ڪو ٻيو اولاد نه هو ۽ نه ئي هن ٻي شادي ڪئي. اولاد ۾ امير حمزه کي فقط هڪ ڌي حضرت اممه هئي.
تاريخ تي نظر وجهنداسين ته فردوسي شاهه نامه ايران ۾ سڀ کان پهرئين بلوچن جو ذڪر ڪيسخرو (1144 کان 1116 ق.م)جي دور ۾ ڪري ٿو.ڪيخسرو جي جانشين شاه وش جي زير ڪمان فوجي دستن جو احوال بيان ڪندي فردوسي لکي ٿو ته ڇهين نمبر تي بلوچن جو دستو هو.جيڪو ٻه ميل ڊگهو هو ۽ انهن جي جهنڊي تي چيتي جو نشان هو.اهو ڪيئن ممڪن آهي.جنهن قوم جو ذڪر تاريخ ۾ قبل از مسيح هجي ۽ هو پاڻ کي هزارين سال پوءِ حضرت امير حمزه سان منسوب ڪن.ڇاڪاڻ ته تاريخ جي اڻڄاڻائي، شعور ۽ تعليم نه هئڻ ڪري اڪثر سگهڙن کان غلطيون ٿيون آهن.
فردوسي بلوچن جو ذڪر رستم ۽ سهراب واري قصي ۾ به ڪري ٿو.رستم اصل ۾ سيستان(زابلستان)جو هو جيڪو بلوچن جو اصلي وطن سمجهيو وڃي ٿو. رستم جي هٿان پنهنجي پٽ سهراب جي موت کانپوءِ رستم پنهنجي ملڪ ۾ قيد تنهائي ۾ رهيو.
توراني فوجن جڏهن ايران تي حملو ڪيو ته ڪيڪاوس هڪ ڀيرو ٻيهر رستم کي جنگ لاءِ سڏ ڪيو پر رستم خود ميدان جنگ ۾ نه ويو پر بلوچي فوج کي ايران جي حفاظت لاءِ موڪليو.ڪيڪاوس پنهنجي پٽ شاهه وش جي اڳواڻي ۾ ٻارنهن هزار سوار ۽ ٻارنهن هزار پيادل فوج توراني سان مقابلي لاءِ روانو ڪئي.فردوسي انهي موقعي تي شاهه نامي ۾ لکي ٿو ته
گزين ڪرداز آن نامدران سوار
دليران جنگي دهه و دو هزار
هم از پهلوئي پارس کوچ و بلوچ
ز گيلا ن جنگي دوست سروچ
(انهن گڏيل ٿيل نامور شهسوارن مان تقريبان ٻارنهن هزار جنگي سوار هئا.انهن بهادرن سان گڏ فارس کان ڪوچ ۽ بلوچ، جنگجو گيلاني ۽ دشت سروچ جا جوان هئا.)
انهيءَ جنگ ۾ بلوچن جو سپهه سالار رستم اشڪش کي مقرر ڪيو هو.فردوسي لکي ٿو ته ڪيخسرو جڏهن سلامي ورتي ته ڇهين نمبر تي بلوچ فوجي هئا جن جو دستو ٻن ميلن تائين ڦهليل هو انهن جي جهنڊي تي چيتي جو نشان هو.
(ان جي زير ڪمان ڪوچ ۽ بلوچ بهادرن جو لشڪر هو، جيڪي وڙهڻ لاءِ تيار هئا)
انهن وٽ جهنڊو هو جنهن تي چيتي جو نشان ٺهيل هو، اهو جهنڊو جنگ ۽ پيڪر جي علامت هو.بلوچن متعلق فردوسي جو شعر ته لمبو ڊگهو آهي هتي مون ڪجهه اشعار پيش ڪيا آهن.
ڪيخسرو 530ق م ۾ فوج جي ڪمان سنڀالي،انهيءَ ڪهاڻي ۾ ڙال جو به ذڪر آهي،جيڪو رستم جو پي، هو، سڪندراعظم جڏهن سنڌ مان ٿيندو هاڻوڪي بلوچستان جي حدن مان گذريو ته هن کي سخت مزاحمت کي منهن ڏيڻو پيو، هوريتي قبيلن جي ماڻهن سڪندر جو مقابلو ڪيو ۽ موجوده ڪلمت بندر واري جاءِ تي سخت جنگ لڳي.
شاهنامي مطابق سڪندر جي بلوچستان ۾ اچڻ کان اڳ بلوچستان ۽ ان جو اولهه وارو حصو ڪيڪاوس، ڪيخسرو، لهراسپ، بهمين، هوءِ دراب جي هٿ هيٺ رهيو.
سڪندراعظم جي جنرل نيرڪوس کي پاڻ کان اڳتي وڃڻ جو حڪم ڏنو ۽ ان سنڌ کان علاوهه بلوچستان متعلق جيڪو ڪجهه لکيو اهو انتهائي اهم آهي نيئر ڪوس اهو سفر 325 ۽ 324 ق م ڪيو.هن بلوچن کي ماهي خور جو لقب ڏنو.جڏهن سڪندر اعظم انهن علائقن مان گذريو ته هن وٽ هڪ لک ويهه هزار سپاهي هئا،سڪندر جي وقت ۾ لکڻين ۾ مڪران کي گدروشيا لکيو ويو آهي، اهو علائقو لسٻيلا کان ڪرمان تائين هو، سڪندر کانپوءِ ايران ۾ اشڪاني خاندان جي حڪومت قائم ٿي.اشڪانين جي زوال کانپوءِ ساساني خاندان حڪومت ڪئي.ساساني اردشيربابڪان پنهنجي حڪومت منظم ڪرڻ کانپوءِ زابلستان(سيستان)طرف ڌيان ڏنو بلوچن ڏانهن پنهنجا سفير موڪليا.بلوچن آڻ نه مڃي.هر حملي ۽ ارد شير کي شڪست نصيب ٿي فردوسي لکي ٿو ته:
(اردشير جي دور ۾ به بلوچن سان جنگيون ٿيون ۽ شهنشاهه انهن جي سرڪوبي لاءِ دانائن کان راءِ ورتي)
هڪ جاءِ تي فردوسي لکي ٿو ته
کر ھرگز بلوچی نہ یابند خورد
چون ازتیغ داران و مرادان گرد
جيڪڏهن ڪو بلوچ هٿ لڳي چاهي ٻار هجي، جنگي جوان هجي، پوڙهو هجي هن کي ختم ڪري ڇڏيو)
انهيءَ جنگ کانپوءِ فردوسي لکي ٿو ته ايران مان بلوچن جو خاتمو ٿيو،نوشيروان 579ع ۾ گذاري ويو.هرمز تخت تي ويٺو، ٻارنهن سال بعد خسرو پرويز پيءُ هرمز کي قتل ڪري حڪومت تي ويٺو.
ارد شير جي وقت گهڻا بلوچ شام ترڪي ۽ هاڻوڪي بلوچستان جتي اڳ ۾ بلوچ موجود هئا هجرت ڪري ويا، ڪوئيٽا ۽ دشت واري علائقي ۽ بلوچن جو ذڪر رستم جي پيءُ ڙال جي وقت ۾ فردوسي ڪئي هئي ڙال جهڙي پهلوان به اطامت قبول ڪئي هئي.فردوسي لکي ٿو ته:
يعني زابل کان ٽن ڏينهن جي پنڌ تي هڪ بلند پهاڙ آهي، هن جبل جي پاسي دشت خرگاهه (مستونگ)۽ ٻئي پاسي دشت جو علائقو آهي هتان هندستان لاءِ رستو وڃي ٿو.ان دشت ۾ وڏي تعداد ۾ خانه بدوش ڪوچ، افغان، لاچين، ڪرد ۽ بلوچ آباد آهن.
انهيءَ مختصر تاريخ ڏيڻ جو مقصد اهو هو ته تاريخ مان اها ڄاڻ ملي ٿي ته حضرت امام حسين جو قافلو 2 محرم 61 هجري مطابق 2 آڪٽوبر680ع تي خميس ڏينهن ڪربلا پهتو ۽ 10 آڪٽوبر680ع ۾ ڪربلا ۾ آخري معرڪو ٿيو جنهن ۾ امام حسين پنهنجي جانثارن سميت جام شهادت نوش ڪيو،جيڪڏهن فرض ڪريو ته يزيد سان بلوچن جون جنگيون ٿيون جنهن جي نتيجي ۾ اموي حڪومت جي ظالمن کان تنگ ٿي انهن بمپور ڏانهن هجرت ڪئي، جيڪو سال 1223ع آهي اهو ڪيئن ممڪن آهي ته هڪ قافلو 61هجري مطابق 680ع ۾ حلب کان هليو ۽ 557ع سال بعد هو بمپور پهچي ٿو.سوال ٿو پيدا ٿئي ته پوءِ ايترا سال بلوچ ڪٿي رهيا؟
اڳ ۾ لکيم ته ارد شير جي وقت ۾ ظالمن کان تنگ ٿي ڪجهه بلوچ قبيلا حلب آيا ۽ انهن يزيد سان جنگيون ڪيون، ڇاڪاڻ ته يزيد جي وقت ۽ هن کان هزار سال اڳ بلوچن جو ذڪر سيستان ڪرمان ۽ موجوده بلوچستان ۾ تاريخي ثبوتن سان موجود آهي.تنهنڪري تمام بلوچن کي حلب ۽ ان جي ڀرپاسي وادي البلوص جو ڄاڻائڻ غلط آهي.ڪجهه بلوچ قبيلا سيستان کان هجرت ڪري آباد ٿيا هئا ۽ انهيءَ نظم ۾ جنهن بدرالدين بادشاهه جو ذڪر آهي،جنهن کي سيستان جو بادشاهه چيو وڃي ٿو.تاريخ ۾ سيستان ۾ بدرالدين نالي ڪنهن بادشاهه جو ذڪر نٿو ملي.شمس الدين جي وفات کانپوءِ بدرالدين جو ذڪر اچي ٿو ممڪن آهي بدرالدين بادشاهه نه پر فوج جو سپهه سالار هجي جنهن جو رويو بلوچن سان سٺو نه هو.
جيستائين مير جلال هان جو تعلق آهي، تاريخ ۾ هڪ قدآور شخصيت آهي مير جلال هان کي اهو امتياز حاصل آهي ته اڄ هر بلوچ چاهي ٿو ته هن جو تعلق ڪهڙي قبيلي سان هجي پنهنجي مورث اعليٰ مڃي ٿو هر بلوچ پنهنجي شجري جي افتتاح مير جلال هان کان ڪري ٿو.مير جلال هان جو عهد(1100،1185)آهي، چون ٿا ته وفات کانپوءِ هن کي ايراني شهر بمپور ۾ دفن ڪيو ويو تاريخ جي ڪنهن ڪتاب ۾ مير جلال هان جو ذڪر ڪونهي بقول ڊاڪٽر شاهه محمود مري جي ان جي موجودگي بلوچي زبان جو مضبوط ۽ پڪي جو فولڪلور جي يقيني بنياد تي آهي.
هاڻي سوال ٿو پيدا ٿئي ته هاڻوڪا تمام بلوچ قبيلا ڪنهن نه ڪنهن طرح مير جلال هان جي اولاد مان آهن ته پوءِ مير جلال هان کان هزارين سال اڳ جن بلوچن جو ذڪر تاريخ ۾ موجود آهي.جنهن جو ذڪر فردوسي به ڪيو اُهي ڪير هئا؟ ۽ بلوچن کي مير بلوچ کان شروع ڪيون ته پوءِ هزارين سال اڳ ۾ زابل، سيستان، ڪرمان ۾ موجود بلوچ ڪهڙي کاتي ۾ وڌا ويندا؟مير جلال هان جڏهن 44 قبيلن جي اڳواڻي ۾ سيستان مان هجرت ڪري آيو ته پوءِ انهن 44 قبيلن جي پويان اولاد ڪئي ۽ ڪير آهن؟خود مير جلال هان جا يارنهن ڀائر هئا، سڀ بلوچ جيڪڏهن مير جلال هان جي پٽن مير رند، مير لاشار، مير هوت، مير ڪورائي، مير عالي، مير بلوءِ مائي، جتوئي جي اولاد مان آهن ته پوءِ باقي ڀائرن جي خاندان کي ڪٿي ڳوليون؟سڪندر اعظم جي وقت جي ميدان زطن هوتن ۽ ڪلمتين سڪندر اعظم سان مهاڏو اٽڪايو اُهي ڪيڏانهن ويا؟مير جلال هان جي هجرت کانپوءِ هزارين بلوچ زابل کان وٺي بندر عباس تائين موجود هئا.اُهي ڪهڙي نسلي کاتي ۾ شمار ڪيا وڃن؟مير جلال هان جي هجرت کان اڳ ايران جي بمپور واري علائقي ۾ لاشار، سرباز واري علائقي ۾ موجود مگسي انهن علائقن ۾ رهڻ ڪري لاشاري ۽ مگسي مشهور ٿيا.انهن کي تاريخ ۾ڪٿي بيهارڻ گهرجي؟جنگال، ڄاموٽ، جيڪو مير جلال هان کان اڳ ايراني علائقي باهو، دشت ۽ لسٻيلي ۾ موجود هئا ۽ حڪمران هئا.انهن بلوچن کي مير جلال هان جي ڪهڙي پٽ ۽ اولاد ۾ فٽ ڪنداسين.
ل هان جي ڪهڙي پٽ ۽ اولاد ۾ فٽ ڪنداسين.
سڪندراعظم ان کان اڳ ۽ ان کان پوءِ موريد عهد، اشوڪ اعظم جو دور(273 ق م)ٻڌهه، ساساني، نوشيروان، راءِ خاندان، چچ، زامر وغيره ۽ چچ ڪرمان جي سرحد تائين علائقو سنڌ ۾ شامل ڪيو، عرب، محمد بن قاسم جو مڪران ۽ سنڌ تي حملو، تاريخ جو هڪ ڊگهو سفر آهي جنهن ۾ بلوچ هاڻوڪي بلوچستان کان وٺي بندر عباس ۽ زابل تائين رهندا هئا.سنڌ ۾ محمد بن قاسم کان به اڳ بلوچ موجود هئا.حضرت عمر رضه جي دور ۾(634،643) عبدالله بن عبيدالله مڪران تي حملو ڪيو، مڪران ۾ سعد نالي شخص زبردست مزاحمت ڪئي.حضرت عثمان جي دور ۾(644،656)۾ عبدالرحمنٰ بن ثمره سيستان کان وٺي ڪيچ مڪران جو علائقو فتح ڪيو.حضرت علي جي دور(655،661)۾ 658۾ شاعر بن داعو کي هند جي فتح لاءِ موڪليو ويو.ڪوهه قيقانان(قلات) ۾ 20 هزار بلوچن سندس مقابلو ڪيو.بلوچن کي شڪست ملي.هزارين نوجوانن کي قيد ڪيو ويو. عورتن کي غلام بڻايو ويو.
انهيءَ تاريخ جي ڏيڻ جو مقصد اهو آهي ته مير جلال هان کان اڳ لکين بلوچ بلوچستان ۾ آباد هئا جن حمله آورن جو بهادري سان مقابلو به ڪيو.
جيستائين رند جو تعلق آهي جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته تمام رند مير رند جيڪو مير جلال هان جو اولاد هو انهيءَ جي نسل مان آهن.تاريخ تي نظر وجهبي ته معلوم ٿيندو ته سومرن جي دور ۾ حنيف سومري(1025ع) ۾ رند جو ذڪر سنڌ ۾ ملي ٿو، دودي سومري جي دور ۾ مير صالح رند جو ذڪر ملي ٿو.سومرن جي دور ۾ دودائي بلوچن جو ذڪر به سنڌ ۾ ملي ٿو جيستائين مير رند جي دور جو تعلق آهي اهو 1420ع کان 1445 آهي.مير جلال هان کان اڳ اعلمش رومي ۽ گل چراغ جي دور ۾ به رندن جو وجود هو.ڪي تاريخ دان چون ٿا ته انهن جو تعلق به رند قبيلي سان هو.رندن جي باري ۾ هڪ خيال اهو به آهي ته زرتشت جي الهامي ڪتاب رند جي مڃڻ وارن کي رند به چيو ويندو هو.انهن مان عبدالڪريم رند ايران تي بادشاهت به ڪئي.مورخن جي خيال ۾ اهي رند بعد ۾ رند چوائڻ لڳا ۽ بلوچ قبيلن ۾ شامل ٿيا.
مري قبيلو جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته رندن جي شاخ مان آهن ۽ مير بجار جي اولاد مان آهن پر تاريخ تي نظر وجهنداسين ته اموي دور ۾ هشام بن عبدالمالڪ 724 ۾ عمر بن هبيره کي عراق جي گورنري تان معزول ڪري جنيد بن عبدالرحمنٰ مري کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو.هو 730ع ۾ ترقي ڪري خراسان جو گورنر ٿيو.يزيد بن مهلب جي ڌيءَ سان شادي کانپوءِ خليفي جي عتاب هيٺ رهيو ۽ گورنري تان معزول ڪيو ويو.شام ۽ عراق جي سرحد تي مري نالي انتهائي خوبصورت شهر به موجود آهي.جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته مري قبيلي جو وجود تمام آڳاٽو آهي.
جيستائين لاشارين، مگسين، گشڪورين ۽ ڊومڪين جو تعلق آهي.اهي سب تاتارين جي حملي وقت ۽ ان کان اڳ انهن علائقن ۾ رهندا هئا جيڪو انهن قبيلن سان منسوب آهن.لاشار جو علائقو ايران جي شهر بمپور ۽ مگسي جو علائقو ايران جي علائقي سرباز ۾ موجود آهن.جتي 2003ع ۾ آئون وڃي چڪو آهيان.انهن علائقن ۾ رهڻ ڪري انهن قبيلن کي لاشاري، مگسي چيو ويو.
گشڪوري ۽ ڊومب وارا علائقا اڄ به موجود آهن ۽ مير جلال هان کان گهڻو اڳ اهي ماڻهو انهن علائقن ۾ رهندا هئا.جنهن جي پويان انهن کي گشڪوري ۽ ڊومڪي چيو ويو.
هوت قبيلي جو ذڪر مون اڳ ۾ ڪيو هو ته جڏهن سڪندراعظم مڪران مان گذريو ته هوريتي قبيلي سندس مقابلو ڪيو.ڪلمتي به پاڻ کي هوت قبيلي ۾ شامل ڪن ٿا.ڪلمت اهو علائقو آهي، جنهن جو ذڪر يوناني مورخ هيرو ڊوٽس جي تاريخ ۾ ملي ٿو.ڪلمت واري جاءِ تي سڪندر سان سخت جنگ لڳي هئي.جتي هڪ پراڻي قبرستان جي باري ۾ مشهور آهي ۽ سڪندر جي فوجين جون قبرون آهن.سرياني، عبراني ۽ عربي ۾ مڇي لاءِ”حوت”جو لفظ استعمال ٿيندو هو.ساحلي علائقي ۾ رهڻ ڪري سڪندراعظم به انهي علائقي کي Iethyophrsi جو نالو ڏنو جنهن جي معنيٰ”ماهي خور”قياس آهي ته اڳتي هلي ماهي خوران مان علائقي جو نالو بگڙجي مڪران ٿيو هجي اهو الڳ بحث آهي.مڇي کائڻ ۽ مڇي واري علائقي ڪري”حوت”جو لفظ مشهور ٿيو جيڪو بعد ۾”هوت”بڻجي ويو.
اهي سڀ واقع مير جلال خان جي هجرت کان گهڻو اڳ آهن، جو مڪران ۽ سنڌ تي حملو، تاريخ جو هڪ ڊگهو سفر آهي جنهن ۾ بلوچ هاڻوڪي بلوچستان کان وٺي بندر عباس ۽ زابل تائين رهندا هئا.هاڻوڪي بلوچستان ۾ رهندڙ بلوچن مير جلال هان سان هجرت نه ڪئي ۽ نه ئي انهن جي اولاد مان آهن،انهن جي پنهنجي هڪ الڳ تاريخ ۽ حيثيت آهي،مير جلال هان کان اڳ مڪران ۾ ميد، هوت، ڪلمتي، جنگال، ڄاموٽ موجود هئا، انهن هنن علائقن ۾ حڪومت ڪئي هئي.ضرورت انهي ڳالهه جي آهي ته جيئن امير حمزه جي اولاد، يزيد سان جنگ، حلب کي تمام بلوچن جو وطن قرار ڏيڻ واريون ڳالهيون تاريخ غلط ثابت ڪيون تنهنڪري مير جلال هان واري ڳالهه تي به ڇنڊڇاڻ جي ضرورت آهي،مون جيڪي مٿي سوال پيش ڪيا آهن خود انهن سوالن ۾ جواب موجود آهي. بلوچن جي تاريخ ۾ ڪو جلال هان قدوآر شخصيت طور موجود هوندو هن کان انڪار ڪونهي پر بلوچ قبيلن کي انهيءَ جي اولادن مان ظاهر ڪرڻ تاريخ سان ناانصافي آهي، جنهن تي تاريخدانن کي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ گهرجي.
مون هن مهاڳ ۾ بلوچ لفظ تي بحث نه ڪيو آهي ڇاڪاڻ ته اهو هڪ تمام وڏو ۽ وسيع موضوع آهي جنهن تي گهڻن مصنفن تفصيل سان لکيو آهي پر هو اڃان به ڪنهن نتيجي تي نه پهتا آهن،انهن مورخن جي ڪتابن جي پڙهڻ کانپوءِ حميد بلوچ پنهنجي ڪتاب”مڪران”۾ لکي ٿو ته انهي ڳالهه ۾ محقق ٽن گروهن ۾ تقسيم آهي.
پهريون گروهه انهن ماڻهن تي مشتمل آهي ته بلوچ عرب نسل مان آهن انهن مطابق بلوچ قوم شام جي شهر ۾ رهائش پذير هئا.يزيد سان لڙاين کانپوءِ انهن هجرت ڪئي ۽ ايران آيا.
ٻئي گروهه جو خيال آهي ته بلوچن جو مسڪن بابل هو انهن مطابق بلوچ(بلوص)بابل جي بادشاهه نمرود جو لقب هو،اهي بل(بعل)ديوتا جا پوڄاري هئا. انهن بابلي سلطنت جو بنياد رکيو.مگر ڪجهه اڻ وڻندڙ حالتن ڪري اُهي هجرت ڪري سيستان ۽ هاڻوڪي بلوچستان ۾ اچي آباد ٿيا.
ٽيون گروهه انهن ماڻهن تي مشتمل جيڪي فردوسي جي شاهنامي ۽ عرب جفرافي دانن جي ويچار کي بنياد بڻائي انهيءَ نتيجي تي پهتل آهن ته بلوچ قوم ايراني شاخ سان تعلق رکي ٿي.بلوچ جو نالو هميشه ڪوچ سان آيو آهي جيڪو اصل ۾ هڪ ئي قوم جون ٻه شاخون آهن، هي ابتدائي طور ايران جي علائقي بخيره فرز، ڪرمان،سيستان، دشت، مڪران ۾ آباد هئا.نوشيروان جي وقت کان اها هجرت هاڻوڪي بلوچستان ڏانهن جاري رهي ۽ آخري هجرت مير جلال هان جي سربراهي ۾ ٿي، اهو واقعو 14هين صدي ۾ پيش آيو.
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته سنڌ وانگر بلوچستان ۾ به هڪ نسلي گروهه نه آهي، بلوچن ۾ به مختلف نسلن ۽ قومن جا ماڻهو شامل ٿي بلوچي رنگ ۾ رنگجي ويا آهن،آريا، دراوڙ، ايراني، ترڪي، ساساني، توراني ۽ عرب وغيره هتي اچي هميشه لاءِ بلوچ قوم ۾ ضم ٿي ويا آهن، هن پوري خطي ۾ آرياڻن کان گهڻو اڳ 3000 کان 1500 سو سال ق م ۾ موئن جو دڙو، هڙپا ۽ مهر ڳڙهه جون تهذبيون عروج ٿي هيون تاريخ دانن جو چوڻ آهي ته اهي سڀ دراوڙ هئا.دراوڙ ترقي يافته هئا. اهي عظيم تهذيب جا مالڪ هئا.انهيءَ تهذيب جا آثار نال قلعه گل حمد ۾ ملن ٿا.جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته سنڌ وانگر بلوچستان به 8000 سال ق م ترقي يافته خطو هو.آرياڻن وانگر ٻين قومن به انهن سرسبز علائقن جو رخ ڪيو ۽ پوءِ بعد ۾ آيل سڀ ملي هڪ قوم جي شڪل ۾ اڄ موجود آهن.
مهاڳ تمام وڏو ٿي ويو آهي گهڻيون ڳالهيون اڃان بحث طلب آهن جن لاءِ هڪ الڳ ڪتاب جي ضرورت آهي، انهيءَ بحث جو مقصد بلوچ قوم نسلن موڙخن جي ڳالهين جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ هو.
آخر ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ارڏي اترادي کي تاريخي ڪتاب لکڻ تي واڌايون ۽ دعا آهي ته هو هميشه ائين لکندو رهي شعر ۾ نگياريندو رهي.باقي باجڪاڻين متعلق مون کي ايتري ڄاڻ نه هئي،هن تي انهيءَ ڪري قلم نه کنيم ۽ باجڪاڻين متعلق ارڏي هي ڪتاب لکي مون جهڙي تاريخ جي شاگرد جي معلومات ۾ به اضافو ڪيو آهي.
حق موجود، سنڌ موجود
گل حسن ڪلمتي
ڪراچي
21-07-2010