تاريخ، فلسفو ۽ سياست

تاريخ ۽ اسان

بلوچن جي تاريخ ۽ اينٿراپالاجي تي مشتمل هن ڪتاب جو ليکڪ تاريخدان ۽ شاعر ارڏو اترادي آهي.
ارڏو اترادي بنيادي طور شاعر آهي، جيڪڏهن ارڏي کي سنڌ دوست يا قومپرست شاعر چيو وڃي ته ڪو وڌاءُ نه ٿيندو. قوم پرست شاعري جي ڪري سنڌ جي قوم پرست اڳواڻن عاجز باجڪاڻي کي ارڏو اترادي جو لقب ڏنو. ارڏي جي محبت ۽ عشق جو محور سنڌ رهيو آهي. سنڌ سان بيپناهه محبت ارڏي کي هي ڪتاب ”تاريخ ۽ اسان“ لکڻ تي مجبور ڪيو. جيڪا سنڌ جي جديد تاريخ لکڻ جي هڪ شعوري ڪوشش آهي
Title Cover of book تاريخ ۽ اسان

محترم محمد شعبان صاحب

محترم محمد شعبان صاحب
محترم جناب محمد شعبان ولد ڪامران خان باجڪاڻي سال 1945ع ڌاران ڳوٺ ڪامران خان تعلقه تنگواڻي ضلع ڪشمور ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم پنهنجي ئي ڳوٺ مان پرائي، تنهن بعد مئٽرڪ سال 1966ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڪنڌڪوٽ مان پاس ڪيائين ۽ بي اي سول ۾ سال 1975ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان پاس ڪري ورتائين.
محترم جناب محمد شعبان صاحب انهيءَ ئي سال 1975ع ۾ ڊسٽرڪٽ لوڪل گورنمينٽ ۾ ايس ڊي او ٿيو ۽ سال کان پوءِ واپڊا سول ايس ڊي او ۽ سال 2005ع ۾ انجنيئر جي عهدي تي رٽائرڊ ٿيو.
محترم جناب محمد شعبان صاحب يونيورسٽي دوران شاگرد يونين ۽ قوم پرست ليڊر رهيو، ان دوران سندس خلاف ڪيس به داخل ڪيا ويا جيڪي ڊگري وٺڻ کانپوءِ به هلندا رهيا. جيڪي صوفي لا ڪوفي فياضي فقير حضرت بابا شاھ ڏنا رحمة الله عليه جن جي دعا سان ختم ٿيا.
محترم جناب محمد شعبان صاحب جن تي گھڻو صوفي ازم جو اثر رهيو، جنهن ڪري هو پيار امن، محبت ۽ ڀائيچاري ۽ انسان دوستيءَ جو قائل آهي، هن پنهنجي پونئرن ڀائيٽن ۽ ٻين ڪيترن ئي غريبن کي تعليم ڏيارڻ ۾ مدد ڪئي. هينئر رٽائرڊ ٿيڻ بعد ڪنهن ڪمپني ۾ قابليت ڪري انجنيئر پڻ آهي.