نور احمد ولد ڌڻي بخش
محترم نوراحمد جو جنم اسڪول رجسٽر مطابق 1 آڪٽروبر 1972ع آهي، پيدائشي هنڌ ڳوٺ پنهنجو ديهه سونواهه اٿس، هن ابتدائي تعليم شيران ڀيه مان پرائي مئٽرڪ سال 1987ع ۾ گورنمينٽ هاءِ سيڪنڊري اسڪول غوثپور تعلقه ڪنڌڪوٽ مان ۽ بي اي سال 1994ع ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپورميرس مان پاس ڪيائين. نوراحمد 22 آڪٽوبر 1992ع ۾ گورنمينٽ پرائمري ٽيچر طور مقرر ٿيو. ان دوران بي ايڊ سال 1995ع ۾ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي اسلام آباد مان پاس ڪيائين.
نوراحمد کِلُ مک خوش طبع، نوجوان آهي، هن جي محبت عقيدت پيرسائين حضرت ميان عبدالخالق صاحب رحمة الله عليهه گادي ڌڻي درگاهه حضرت قبلا سائين محمد صديق رحمة الله علي ڀرچونڊي شريف ڏهرڪي جن سان تمام گھڻي آهي، خاص ڪري هر عيد درگاهه عاليه جي حضور ۾ پڙهندو آهي. الله پاڪ کيس صدق دل سان سڪ سندس سيني ۾ دائم قائم رکي (آمين).