تاريخ، فلسفو ۽ سياست

تاريخ ۽ اسان

بلوچن جي تاريخ ۽ اينٿراپالاجي تي مشتمل هن ڪتاب جو ليکڪ تاريخدان ۽ شاعر ارڏو اترادي آهي.
ارڏو اترادي بنيادي طور شاعر آهي، جيڪڏهن ارڏي کي سنڌ دوست يا قومپرست شاعر چيو وڃي ته ڪو وڌاءُ نه ٿيندو. قوم پرست شاعري جي ڪري سنڌ جي قوم پرست اڳواڻن عاجز باجڪاڻي کي ارڏو اترادي جو لقب ڏنو. ارڏي جي محبت ۽ عشق جو محور سنڌ رهيو آهي. سنڌ سان بيپناهه محبت ارڏي کي هي ڪتاب ”تاريخ ۽ اسان“ لکڻ تي مجبور ڪيو. جيڪا سنڌ جي جديد تاريخ لکڻ جي هڪ شعوري ڪوشش آهي
Title Cover of book تاريخ ۽ اسان

ليکڪ پاران

ليکڪ پاران
منهنجي ننڍڙي ڪاوش جو ڪارڻ نئين نسل کي تاريخي ڄاڻ ڏيڻ، تاريخ لکڻ علم ادب لاءِ اتساهه پيدا ڪرڻ آهي۔اهو ڪم انهن کان تڏهن ٿيندو جڏهن هو تعليم پرائڻ جو جذبو پاڻ ۾ پيدا ڪندا۔تعليم کانسواءِ دنيا ۽ دين ۾ ڪا ترقي ڪانهي، هڪ شاعر چيو آهي ته:
اوج اعليٰ تي رسائي علم ٿو انسان کي
علم سان آدم سڃاڻي ٿو سچي سبحان کي۔
جيئن ته تاريخ ماضي جو آئينو آهي،ان جي روشني ۾ هر قوم کي شاندار مستقبل جون راهون تلاش ڪرڻيون آهن۔تنهنڪري ترقي يافته قومون پنهنجي نئين نسل کي ابتدائي تعليم کان وٺي اعليٰ تعليم تائين حقيقي تاريخي ڄاڻ ڏين ٿيون۔
بدقسمتي سان بيٺڪي ملڪن کي سامراج هر وقت حقيقي علم (علم معنيٰ ڄاڻ)کان اونده ۾ رکيو آهي۔اسانجي ڌرتي به انهن ڱئين ۽ چوٿين دنيا جي ملڪن مان آهي۔ هونئن ته هي ڌرتي ست هزار سالن کان آباد آهي پر سرسبز ۽ شادا بي ڪري هميشه حملا آورن جي ڌڪن ۾ پئي ڌڪجي بچندي آزاد ٿيندي ۽ غلام ٿيندي پئي اچي۔ان آزادي ۽ غلامي جي ويڙهه اسان جي قوم جي ترقي واري وڻ کي وڌڻ نه ڇڏيو آهي۔آزادي وارن دردن ۾ وڻ مس مس وڌڻ شروع ڪيو ته مٿان ڪنهن نه ڪنهن دهشتگرد ملڪ ان تي اچي حملو ڪيو۔انهن حملن خاص ڪري هتان جي شعور علم کي ڪاپاري ڌڪ لڳايو تاريخي ڪتاب ڦاڙي ساڙي لوڙهيا ويا۔ترقي جي وڻ کي وڍي ساڙي ناس ڪيو ويو ترقي، تعليم، شعور ۽ هنر جي ميدان ۾ اڳين دورن کان اڃا پوئتي آهيون۔موهن جي دڙي واري ڏاند گاڏي جي ڦيٿن ۾ جيڪا سرائي پيل آهي سا اڃا ڪاٺ جي ۽ ان ۾ ڪلي يا نٿ به اهائي ڪاٺ جي آهي۔موهن جي دڙي وارا پڪن گهرن ۾ رهندا هئا مگر اسانجي ماروئڙن جا گهر اڃا ڪکانوان آهن۔ٿر جا مارون پنهنجن حاڪمن هوندي اڃا تائين غربت ۾ آهن اڃا تائين ماروي ۽ ماروئڙن سان ساڳيا ويل وهن پيا۔
هن ڌرتيءَ تي سامراج مختلف روپ ڌاري مختلف ازم ارادا کڻي ڪاهي آيو آهي۔قديم بيٺڪين کان جديد بيٺڪين تائين هن ڌرتي ڌڻين ڪڏهن ڌارين سان ويڙهه ڪئي ته ڪڏهن ديسي دلالن ماڻهو ماريا ۽ مارايا۔ پڳن ۽ پرڳڻين جي حاصلات کانپوءِ اڄ تائين پاڻ ۾ قبيلائي ويڙهه جاري آهي۔رند ۽ لاشار، چانڊيا ۽ مگسي ڪونڌر ڪهائي بس مس ٿيا ته ٻيون ذاتيون شروع ٿيون۔اوڳاهي ۽ تيغاڻي مال جي چوري تي، جکراڻي ۽ مارفاڻي گدري جي چوري تي چاچڙ ۽ سبزوئي مال جي چوري تي ان کان علاوهه ساوند ۽ سبزوئي زمين جي ويڙهه ۾ مانجهي مرد مارائڻ کانپوءِ فيصلو ٿيو وري سندن وچ ۾ چوري تان جهيڙو ٿيو جيڪو هن وقت تائين هلندڙ آهي ۽ جکراڻي پوک جي ڀيلي تان ويڙهي ناس ٿيا، ان ٿوري عرصي ۾ چوري ڌاڙا ڏينهن ڏٺي جو عام آهن۔انهن کي لانچر ۽ ٻيا هٿيار ٻيلن جي اندر اچي پيا ملن، چورن ۽ ڌاڙيلن جا سردارن عيوضا مقرر ڪيا۔هاڻي هو مال ڪاهي وڃن، ڀاڳيو مارن يا پاڻ مرن سراسر فائدي ۾ آهن، هاٿي جيئري لک مئي ٻه لک۔
فوجي جنرل حميد گل اخبار ۾ بيان ڏنو هيو ته ڌاڙيل چند ڪلاڪن ۾ ختم ٿي سگهندا۔اوهان حد جي صوبيدار کي گولي جي آڏو بيهاري پڇو ته اهو اوهان کي ٻڌائيندو ته ڌاڙيل فلاڻا آهن ۽ اهي ڪهڙي ڀوتار سردار وٽ رهن ٿا۔پوءِ سرڪار سڳوري انهن کي ڪجهه نه چوندي ڇاڪاڻ ته سرڪار جون اسيمبليون ڏڪي وينديون۔
هي به حقيقت ٿي سگهي ٿي ته قبيلا وڙهائڻ ۽ سردارن تي خير ڪرائڻ لاءِ سختي نه ڪرڻ جو هي به هڪ سبب ٿي سگهي ٿو ته قبيلائي ويڙهه واري مچ کي مچائڻ ڪليشن ۽ لانچر گهر ويٺي پهچائڻ واري واپار سان گڏ قوم جا ويڙهو پٽ وريام جا ختم ٿين ته ان ۾ سرڪار ۽ سردار جي ڪو سامهون نه اچي۔ قوم ۾ ڪڏهن اتفاق ۽ اتحاد نه ٿئي۔معيشيت تباهه ٿئي تعليم برباد ٿئي۔
چورن ۽ ڌاڙيلن جي آڙ وٺي پوليس جي بجا= ملڱري اچي بجيڱ کائي کپائي ۽ اها ملڱري ٻين ملڪن ڏانهن مرڻ لاءِ ڇو وڃي؟ان حڪمت عملي سان گڏ وڏن وڏيرن سردارن کي اهو چئي هيسائجي ۽ حڪومت ۾ آڻي بيعت ڪرائجي ته توهان چورن ڌاڙيلن جا وڏا آهيون ۽ توهان ئي سرپرستي ڪري مال کائو ٿا ۽ انسان مارايو ٿا امن امان برباد ڪريو ٿا۔ٻي صورت ۾ اسان سرڪار سان سڌا ٿي هلو۔
اهي هيون چند ڳالهيون جن مان هر دور ۾ هي قوم پئي گذرندي آئي آهي انهن حالتن ڪري علم شعور تباهه ٿيندو رهيو۔جن ماڻهن وٽ شعور نه هوندو آهي انهن ماڻهن کي آزادي ۽ غلامي ۾ ڪو فرق محسوس نه ٿيندو آهي، شعور کان سواءِ انسان پنهنجا قدر وڃائي ويهندو آهي۔هڪ شعور ئي ته آهي جيڪو انسان ۽ جانور ۾ فرق ڏيکاريندو آهي ٻي صورت ۾ ماڻهو هڪ ڳالهائيندڙ جانور آهي،اهو جانورن وانگر پنهنجي کاڌي، پنهجي اولاد(ڦر) ۽ نفساني خواهشن تي وڙهڻ لاءِ رسا ڱوڙائي هڪ ٻئي سان وڙهندا آهن۔
ٻيو ته،هي قومون ويڙهه جهيڙن ۽ جهيڙن کانپوءِ لڏپلاڻ ڪري پيڱ جي باهه کي ٻل ڏيڻ، مال چارڻ ڪري اسڪول مڪتب جي ويجهي نه ويون۔ اهو ئي سبب آهي جو هنن اول پنهنجي تاريخ پاڻ نه لکي، انقلابن ۽ لڏپلاڻ سبب حقيقي ليکڪن شاعرن تاريخدانن جا ڪتاب ساهه سان سانڍي نه سگهيا،ان ڪري اڄڪلهه جا تاريخ دان گهڻو ڪري ڌارين مورخن، عربن، انگريزن يا درٻاري اديبن شاعرن جي لکڻين کي معتبر سمجهي حوالا ڏيئي تاريخ لکن ٿا۔اها حقيقت آهي ته انهن درٻاري مورخن جيڪا به تاريخ لکي آهي ۽ خاص ڪري بيٺڪي ملڪن جي گهڻن ذاتين قبيلن کي ڌاريو ڪري پيش ڪيو آهي ۽ جتي حملو ڪري آيا انهن ماڻهن کي انهن جي ثقافت کي نيچ ڪري پيش ڪيو آهي۔
ڌارين جي لکڻين قوم ۾ اتفاق اتحاد بجا= نفرت نفاق پيدا ڪيو۔پنهنجائپ، پيار امن ختم ڪرائڻ لاءِ ئي ائين لکيو آهي ته هتان جا قبيلا ۽ ذاتيون سڀ ڌاريا آهن، مار، ڦر، ڌاڙن کي فروغ مليو۔نفسانيت کي اوليت ۽ روحانيت کي قيد ڪيو ويو،صوفين درويش تي تلوارون وهائي شهيد ڪيو ويو۔
آئون مٿين تاريخن تي اتفاق نه ڪندي شڪ ۽ ڏند ڪٿائن، خوشامند وارين لکڻين کي رد ڪرڻ لاءِ اهڙن تعارفي ڪتابن ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ لاءِ هي ڪتاب لکي رهيو آهيان۔هي ڪتاب صدين کانپوءِ اسان کي هن ماڻهن جي باري، جن يونيورسٽين ڪاليجن ۽ اسڪولن ۾ پڙهيا آهن انهن ماڳ مڪانن لاءِ واضح نشاندهي طور ثابت ٿيندو۔اهڙن ئي ڪتابن ته موهن جو دڙو، آمري، رني ڪوٽ، عمرڪوٽ، ڪوٽ ڏيجي جا قلعا واضح ڪيا۔انهن جي کوٽائي ۽ کوجنا اسانجي ثقافت کي اجاگر ڪيو آهي۔
آئون ڪو ذات يا قبيلا پرست نه آهيان،آئون اهڙي ڪتاب لکڻ جي شروعات ڪري سنڌوءَ دريا جي لهرن ۾ پٿر پيو اڇلائيان،جيئن ٻيا قبيلا به قلم کڻن اهڙا ڪتاب اسانجي حقيقي انسائيڪلوپيڊيا ثابت ٿيندا۔اڃا انسائيڪلوپيڊيا ٻين ڪتابن حوالن جي بنياد تي لکيا ويا آهن جن ۾ ڪيترا تضاد ۽ جهول آهن اگر اسانجي برک اديبه ڊاڪٽر فهميده حسين ۽ سائين تاج جويو صاحب جن کي ههڙا ڪتاب ملن ته اسانجي سنڌي انسائيڪلوپيڊيا سون تي سهاڳو ثابت ٿئي۔ اچو ته اهڙا ڪتاب لکون،اچو ته حقيقي روزانو ڊائري لکون ۽ ڇڀائيون يا قلمي نسخا انهن ڏانهن موڪليون۔جن به ڌارين جي تاريخ سامهون آندي آهي۔ ان مان اڪثر غلط ۽ بي بنياد غير سائنسي غير منتقي نتيجه ڏنا آهن ڇا بدوي سعودي عربيه جا نه آهن ڇا ڪارا اصلي آمريڪي رهاڪو نه آهن ڇا ڪرد ايران ۽ عراق جا باشنده نه آهن هالانڪه هنن کي ڪيتريون صديون ٿيون آهن جو اُهي انهن ملڪن جا شهري آهن۔تاريخ ۾ ثابت آهي ته بلوچ امير حمزه يا ٻئي همزه جي اولاد نه آهن۔ان دور کي ڀيڱيو ته بلوچ سنڌ جي پرڳڻي مڪران جا بادشاهه جلدي ڪيئن ٿي ويا ايتري آدمشماري ڪيئن وڌي ويئي۔بلوچن جي باري ۾ گنگارام سمراڱ تاريخ ۾ ٻه هزار سال اڳ بگٽي ۽ ڦاناڻي کي قلاتي سڏي ٿو۔وڌيڪ حواله اڳتي ڏنل آهن هتي انهن جو ورجا× ٿيندو۔
هتي هڪ اهو به عرض ڪريان ته،ذات ۽ قبيلا نالا صرف سڃاڻ لاءِ هوندا آهن،دنيا ۾ چٽو اهو آهي جنهن جا عمل چٽا آهن۔مگر محبوب مدني مصطفيٰ صلي الله عليه وآله وسلم ذات قريش پاڻ به سڏايو۔پاڻ سڳورا جڏهن مڪي کان مديني اچي رهيا ته اسين سڀ اڄ محبوب مدني سڏيون ٿا ۽ انهن پاڻ مدني سڏايو، ٿوري وقت لاءِ ائين کڻي چئجي ته بلوچ صدين کان سنڌ جي مختلف پرڳڻن ۾ رهن ٿا۔ڇا اڃا سنڌي نه آهن، بلوچ هنن جي وڏي مير احمد خان عرف بلوچ کي سڏيندا هئا۔هاڻوڪي بلوچستان ۾ بلوچن جي قوم جو وجود تمام ٿوري عرصي کان آهي سي به سنڌ جي مڪران سيستان وغيره پرڳڻن جي حوالي سان ۽ بين القوامي حوالي سان بلوچستان ۾ رهندڙ سڀئي ذاتيون بلوچ آهن ۽ سنڌ ۾ سڀئي رهندڙ ذاتيون سنڌي هئڻ ۾ فخر ڇو نه محسوس ڪن۔هو پنهنجي ڌرتي کي ماتر ڀومي سڏي ڇو نه مآئون جي لوئي ۽ لڄ تي قربان ٿين۔غلام محمد لغاري ڌاري سامراج سان وڙهندي ڀاڄ کائڻ تي دانهن ڪئي هئي ته
ڪجامي رود سنڌ مادر ما بلوچان است
ترجمو:ڪاڏي ٿا وڃو، سنڌ اسان بلوچن جي مآئون آهي۔
اسانجا ڪافي نوجوان پڙهيل پوڙها بزرگ هن ڪتاب ڏانهن ڌيان يا تاريخ سان دلچسپي نه ٿا ڏيکارين ۽ چون ٿا ته ڇا هئاسون ڪٿان آياسون۔ ڪير آهيون؟ اها ضرورت نه آهي۔هن وقت اهو سوچجي ته اسين ڪيئن ترقي ڪريون، نوڪري هجي، ڇوڪري هجي، ڪار بنگلو هجي، پيڱ جي پوڄا ٿئي۔ڇا دنيا ۾ يهودي آسودا نه هئا۔ڪيئن ڇڙوڇڙ ٿي دنيا ۾ رلندا رهيا نيٺ اهو احساس اڀاريو ويو ته پنهنجي ڌرتي هجي،اسين گڏجي رهون ۽ ان ڌرتي تي ٻئي جو پاڇو نه هجي، بيت المقدس تي قبضي ڪرڻ جي ڪوشش ڇو پيا ڪن، حالانڪ فلسطيني يهودي عرب ٻئي نسل آهن، فلسطيني چون ٿا ته اسانجي مذهبي جنگ نه آهي، هي قومي ويڙهه آهي۔
ڇا موهن جي دڙي آباد ٿيڻ وقت سنڌي آسودا نه هئا۔هينئر مالي حالت ۾ ڇو پوئتي آهن۔آسودگي شعور سان آهي شعور تاريخ پڙهڻ ۽ پرجهڻ سان آهي۔باشعور قوم کي ڪابه طاقت دير تائين غلام رکي نٿي سگهي۔آزادي انسان جو بنيادي حق آهي، آزاد قومون پنهنجن شهيدن، محسنن، وڏن بهادرن جا ڏهاڙا، ان ڪري ملهائينديون آهن ۽ انهن تي مضمون مقالا لکي ايندڙ نسل ۾ قرباني جو جذبو پيدا ڪري آزاد رهڻ لاءِ شعوري سگهه برقرار رکندا آهن۔
آخر ۾ آئون هڪ شاعر جو مثال پيش ڪريا ٿو ته:
پوڙهي شاعر ڱيئگور کان ڪنهن پڇيو ته تون قومي آزادي لاءِ گيت شعر پيو لکين، ڇا توهان آزادي اکين سان ڏسندو×؟
چيائين ته جڏهن منهنجي قوم آزاد ٿئي، ان وقت شام جو آسمان جي لالاڻ ۾ تارو اڀرندو، ان اڀرندڙ ستاري ۾ اوهان چتائي ڏسجو ته ان ۾ اوهان کي منهنجو روح مرڪندي نظر ايندو۔
اهڙي طرح هر قوم جو هر فرد جڏهن پڙهندو باشعور ٿيندو، پنهنجي تاريخ پاڻ لکندو، تڏهن منهنجو روح به اوهان جي من ۾اوهان کي مرڪندي نظر ايندو۔
منهنجو هي تاريخي تعارفي ڪتاب اڻپورو مختصر ضرور آهي۔مگر هن کانپوءِ ڪو منهنجو ڀاءُ هن کي مڪمل ڪندو ڇاڪاڻ ته ڪافي تعليم يافته سرنديءَ وارا آهن۔
هي تعارفي ڪتاب آهي مون تاريخ تي مختصر جائزو لکيو آهي۔تاريخ تي ڪافي بلوچ لکي رهيا آهن۔جن ۾ چند حقائق آهن گهڻي قدر ڌارين ليکڪن جي آڌار تي لکيو ويو آهي مون صرف انهن جي ڇنڊڇاڻ ڪئي آهي وري به ڪوتاهي ٿي هجي ته درگذر ڪندا۔
منهنجي ذات وارن گهڻن هن تعارفي ڪتاب لاءِ همٿائيو پر پوءِ تصويرن ۽ تعارف ڏيڻ ۾ تمام ٿورن مدد ڪئي۔آئون انهن کان رنج نه آهيان، ڇاڪاڻ ته مونکي اها ڄاڻ آهي ته غلام قومن ۾ اهڙيون تمام گهڻيون خاميون هونديون آهن۔فقط
اوهان جي ٻيلپي ۾
ارڏو اترادي
ڪنڌڪوٽ
0301-3976274