تاريخ، فلسفو ۽ سياست

تاريخ ۽ اسان

بلوچن جي تاريخ ۽ اينٿراپالاجي تي مشتمل هن ڪتاب جو ليکڪ تاريخدان ۽ شاعر ارڏو اترادي آهي.
ارڏو اترادي بنيادي طور شاعر آهي، جيڪڏهن ارڏي کي سنڌ دوست يا قومپرست شاعر چيو وڃي ته ڪو وڌاءُ نه ٿيندو. قوم پرست شاعري جي ڪري سنڌ جي قوم پرست اڳواڻن عاجز باجڪاڻي کي ارڏو اترادي جو لقب ڏنو. ارڏي جي محبت ۽ عشق جو محور سنڌ رهيو آهي. سنڌ سان بيپناهه محبت ارڏي کي هي ڪتاب ”تاريخ ۽ اسان“ لکڻ تي مجبور ڪيو. جيڪا سنڌ جي جديد تاريخ لکڻ جي هڪ شعوري ڪوشش آهي
Title Cover of book تاريخ ۽ اسان

ميرباجڪ

ميرباجڪ

المش رومي کان شجرو مير احمد خان عرف مير بلوچ جو ان جي اولاد مان مير جلال خان هو۔ان دور کان به اڳ بلوچ مڪران پرڳڻي جا بادشاهه پڻ رهيو۔
مير جلال خان کي چار پٽ هڪ نياڻي هئي۔جيڪي هي هئا(1) رند(2) لاشار(3) ڪورائي(4) هوت ۽ ڌيئون جتو۔
رند مان رند قبيلو ۽ لاشار مان لاشاري قبيلو ٿيو۔اڳتي وڌي اهي بلوچن جا ٻه وڏا طاقتور قبيلا ليکجڻ ۾ آيا۔رندن جو پڳدار مير چاڪر خان ۽ لاشارين جو پڳدار مير گهرام خان سگهارا سربراهه بڻيا۔
جڏهن مير چاڪر خان ۽ مير گهرام خان جو زمانو آيو۔هنن جي پاڻ ۾ ٻڌي هئي سي مڪران کان سبي تائين پرڳڻان فتح ڪندا آيا۔اهو لڳ ڀڳ زمانو 1400ع ليکجي ٿو۔ان دوران رندن ۽ لاشارين جي اندر شاطر ماڻهن پنهنجو پنهنجو ڪم ڪرڻ شروع ڪيو۔ان کان علاوهه اهي به شڪ هئا ته ڀروارن ملڪن جي حاڪمن ٻه ويڙهائڻ جو چالون کيڏيون۔بلوچستان جي پرڳڻن جو فتح ڪرڻ بلوچن جو حاڪم ٿيڻ ترڪن کي اکين ۾ ڪنڊو محسوس پئي ٿيو ۽ سنڌ جي بادشاهه کي سبي پرڳڻي جي فتح به ڳران گذري هجي۔مگر ٻاهرين بابت شڪ ۽ پاڻ ۾ اندرين حالتن جي پڪ آهي۔رندن کي بلوچستان جي تخت ڀائيواري ۾ گهرام ۽ لاشارين کي برداشت ڪرڻ سٺو سوڻ نه پيو لڳي۔چون ٿا ته هنن جون پاڻ ۾ ڱيهارو جنگيون ٿيون۔حقيقت ۾ اهي جنگيون بلوچن کي ڪمزور ڪرڻ ۽ ڌاري سامراج کي ڌرتي ڦرڻ جو جواز هو۔مگر اقتدار جي لالچ تخت جو اڪيلو وارث ٿيڻ واري سوچ غالب ٿيڻ لڳي جيڪا سندن خامي هئي۔
تاريخ شاهد آهي ته جيڪي به سامراج هئا انهن جن ساٿارين سان گڏ ٿي ملڪ فتح ڪيا ۽ بعد ۾ اهي ساٿارين سان به وڙهيا۔ڪالهه آمريڪا طالبان سان گڏجي روس سان وڙهي بعد ۾ طالبان سان به وڙهيو۔اهڙي ريت شرپسندن، درٻاري شاعرن ٻنهي ڀائرن جي اولاد جي ويڙهه واري ڱانڊن کي هوا پئي ڏني۔
چون ٿا ته ٻنهي ڀائرن جي اولاد جي ويڙهه جو ٻيو ڪارڻ ظاهر ۾ گوهر جتڻي تي مير چاڪر خان ۽ مير گهرام خان جو عاشق ٿيڻ آهي۔
هوڏانهن مير چاڪر جي ڪمال کي زوال مريد جي مٽيندي بددعائن آندو، جنهن جي مٽيندي(هاني مريد جي مٽتيندي هئي جيڪا مير چاڪر پنهنجي حوالي ڪئي)۽(اهو مضمون اها ڪهاڻي طويل آهي جنهن جو هتي ذڪر غير ضروري آهي)
رندن جنگ کي وڌائڻ لاءِ لاشارين سان ويڙهه ڪرڻ لاءِ بهانا پئي ڳوليا۔ اتفاق سان شڪار ڪرڻ وقت لاشارين مير چاڪر خان جي ڌيءَ جي اٺن مان اٺ ڀل ۾ ڪهي کاڌو جنهن تي مير چاڪر ۽ رند ڪاوڙيا ۽ ويڙهه ڪرڻ لاءِ لاشارين سان زيادتي ڪرڻ لڳا، جنهن تي مير چاڪر رات جو مير گهرام وٽ ميڙ به ٿي ويو۔مگر ٺاهه نه ٿيو۔تنهن تي ويڙهه وري شروع ٿي مير باجڪ نه ٺهيو ۽ پنهنجن کان ناراض ٿي سنڌ ڏانهن روانو ٿيو سندس گجر سڄي واڱ تي منٿون ڪندو آيو۔مگر باجڪ هڪ به نه ٻڌي ڪن جو چوڻ آهي ته
مائي مريم يا مائي گوهر جتڻي جا قصا مستند نه آهن، اهي ڳالهيون شڪ ڏند ڪٿائن جي آڌار تي شاعرن ڪهاڻيڪارن گهڙيون آهن۔بهرحال ويڙهه اقتدار جي هئي۔جنهن ۾ لاشارين جي نسل ڪشي ڪرڻ لاءِ مير چاڪر خان ارغونن کان مڱي مائڱي جي آڌار تي مدد ۾ لشڪر وٺي آيو۔ويڙهه ۾ هارائڻ جا آثار ڏسي رندن ويڙهه کي تيز ڪرڻ لاءِ ارغونن کي جذبي ڏيارڻ لاءِ پنهنجي محسن ارغونن جي سپهه سالار جي پٽ حيدر کي رندن ماريو۔اها حقيقي خبر جڏهن ارغونن کي پئي ته حيدر کي ته رندن ماريو۔ٻئي ڏينهن تي جنگ جو رخ تبديل ٿيڻ ۽ رندن سان ويڙهه ڪرڻي هئي ته مير چاڪر خان رندن جي اڱالي سان رات جي پيڱ ۾ پنجاب ڀڄي ويو۔اتي مير چاڪر خان جي مزار اڳوڻي منڱگموي ويجهو ست گهر جي نالي سان مشهور آهي۔ان منڱگمري کي اڄڪلهه ساهيوال سڏن ٿا۔
جيئن سنڌ ۾ چينسر پنهنجي ڀاءُ ڌرتي ڌڻيءَ دودي کي پڳ جي ساڙ کان مارائڻ لاءِ دهلي کان خلجي جو لشڪر وٺي آيو۔تيئن مير چاڪر خان، مير گهرام کي مارائڻ لاءِ ارغونن کي وٺي آيو۔وري چينسر جي اولاد شرم کي پرچائڻ لاءِ چوڻ لڳا ته دودو ڀا، کي پڳ کڻي واپس ڪري ها۔هيڏي قوم نه مارائي ها۔ بس “دودو ڌوڙ چينسر ڇائي، هن جي ڪسر هن کي آئي”دودو ته شهيد ٿي ويو ان دودي جي دليري عظمت کي وڃائڻ لاءِ پوين اهي چوڻيون مروج ڪيون۔اهڙيءَ ريت مير چاڪر جي ڪرتوتن کي پردي ڏيڻ لاءِ پويان چون ٿا ته مير گهرام به ڄا۾ نظام الدين(ڄام نندو)کان سنڌين جي لشڪر لاءِ ماڻهو موڪليو۔مگر سنڌين مدد نه ڪئي ۽ رسد نه پهتي۔بهرحال مير چاڪر خان چنيسر ٿي چڪو۔نتيجي ۾ نه سنڌ جو تخت چنيسر کي نصيب ٿيو۔نه وري بلوچستان جي بادشاهه مير چاڪر خان ماڻي۔ تاريخ وڏي بي رحم ٿيندي آهي۔اها حقيقت آهي ته ڪيترين قومن ۾ اهي واقعا پيش آيا۔جن جن پنهنجن کي ٻين کان مارايو تن کي بادشاهي مان ڪک به نه مليو۔افغانستان جي بادشاهي نجيب جي حڪومت اسانجي اکين آڏو آهي۔نجيب تخت کان دستبردار ٿيو،طالبان آمريڪا جي معرفت حڪومت هٿ ڪري نجيب کي ڦاهي ڏيئي لاش کي سگريڱن جا ڏنڀ ڏنا ويا۔پوءِ طالبان جو حشر آمريڪا 11 سيپٽمبر وارو ڊرامو رچائي ڇاڪيو۔اهو ڊرامو اڃا هلي ٿو۔
خير انهن رندن جي حالتن مير باجڪ خان اتر سنڌ اوڀر بلوچستان ۾ ۽ سندس اولاد اچي آباد ٿيو ۽ بجاراڻي جي سرداري ۾ رهيو۔
مير باجڪ خان جي اولاد کي باجڪاڻي ۽ گجر جي اولاد کي گجراڻي سڏيو وڃي ٿو۔باجڪاڻن جو شجرو پنهنجي دور تائين تحرير ڪيو آهي۔مٿي مير گهرام خان کان لاشار، مير جلال خان، مير احمد عرف بلوچ کان المش رومي تائين رسايو اٿم مگر هي مختصر شجرو آهي۔مگر بلوچ ٻه هزار سال پراڻا آهن۔
گجر کي غلام يا ڀاءُ سڏڻ ۾ تاريخ مستند نه آهي،بهرحال جيڪو ڏکي وقت ۾ سر ڏئي ساٿي ٿي آيو سوئي ته ڀاءُ هوندو آهي۔
هن وقت باجڪاڻي ذات ستن پاڙن کان وڌيل آهي،باجڪاڻي پنهنجي دور ۾ ضلع لوڪل بورڊ ۽ جرڳي جا ميمبر ۽ يونين ڪائونسل جا چيئرمين رهيا آهن۔علمي لياقت آهر هن وقت تمام گهڻا گريجوئيٽ ۽ پوسٽ گريجوئيٽ ۽ آفيسر پڻ آهن۔مضمون جي وڌي وڃڻ ڪري ڀاءُ گجر جو ذڪر ۽ شجرو شامل ڪري نه سگهيو آهيان۔مگر محترم غلام نبي خان صاحب(چيف انجنيئر روڊس)۽ ان جي پاڙي جي جوڌن جوانن فضل محمد خان تپيدار کي نٿو وساري سگهجي۔جن وڏي همدردي سان پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪري ڪيترا مسڪين پڙهائيا ۽ انهن جا گهر روشن ڪيا۔محترم استاد صيفل خان، سچل خان، قيصر خان، محترم عبدالغني، محترم عبدالحميد صاحب جن کي وسارڻ نه گهرجي۔گجراڻي استاد، اهل علم به تمام گهڻا آهن۔انهن تي ڌار ڪتاب لکي سگهجي ٿو۔آئون اهڙن هر دل عزيزن کان معافي وٺان ٿو ڇاڪاڻ ته انهن جو ذڪر تحرير ڪونه ڪري سگهيو آهيان۔اميد ته هو باشعور ۽ عالم آهن۔هو پنهنجي تاريخ پاڻ سهيڙيندا ۽ عالم جن باجڪاڻين مون سان تعارف، تصوير ڏيڻ ۾ تعاون نه ڪيو۔اهي به هي ڪتاب ڏسي هڪ قدم اڳتي وڌائيندا۔هو سنڌ ۽ بلوچستان ۾ سٺا زميندار ناظم آهن۔منهنجي مدد نه ئي صحيح، پنهنجي مدد پاڻ ضرور ڪندا۔