تاريخ، فلسفو ۽ سياست

تاريخ ۽ اسان

بلوچن جي تاريخ ۽ اينٿراپالاجي تي مشتمل هن ڪتاب جو ليکڪ تاريخدان ۽ شاعر ارڏو اترادي آهي.
ارڏو اترادي بنيادي طور شاعر آهي، جيڪڏهن ارڏي کي سنڌ دوست يا قومپرست شاعر چيو وڃي ته ڪو وڌاءُ نه ٿيندو. قوم پرست شاعري جي ڪري سنڌ جي قوم پرست اڳواڻن عاجز باجڪاڻي کي ارڏو اترادي جو لقب ڏنو. ارڏي جي محبت ۽ عشق جو محور سنڌ رهيو آهي. سنڌ سان بيپناهه محبت ارڏي کي هي ڪتاب ”تاريخ ۽ اسان“ لکڻ تي مجبور ڪيو. جيڪا سنڌ جي جديد تاريخ لکڻ جي هڪ شعوري ڪوشش آهي
Title Cover of book تاريخ ۽ اسان

محترمه ڊاڪٽر سڪندره صاحبه

محترمه ڊاڪٽر سڪندره صاحبه
آئون تعارف تحرير ڪرڻ کان اڳ ڪُجھ حقيقت عرض ڪريان ٿو، اتر سنڌي جي بلوچ قبائل جا ماڻهو نياڻين کي سائنسي تعليم يعنيٰ انجنيئري، ڊاڪٽر، فلاسافي يا ڪنهن شعبي ۾ اعليٰ تعليم ڏيارڻ جي حق ۾ ڪو هڪ اڌ گھراڻو مشڪل سان هجي.
هتي آئون پنهنجي ذات واري ماڻهو جي زباني پيش ٿو ڪريان هن ٻڌايو ته اسانجي ملڪ جي نياڻي ننڍي هوندي کان سندس ڀائيٽي جي نالي ٿيل هُئي، جڏهن هيءُ ڇوڪري انٽرسائنس تائين پڙهي ته اسان ڀڄ ڊڪ ڪري بورڊ کان وڃي مارڪون گھٽائي آياسون، ان لاءِ ته متان هوءَ ڊاڪٽري ۾ چونڊجي وڃي ۽ پوءِ اسانجو صاحب اسانجي هڪ به نه ٻڌي. سو سڄو معاملو ان لاءِ اسان ڪيو ته اها ڇوڪري ٻاهرين ڪاليجن ۾ نه پڙهي. جتي ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون گڏ ڊاڪٽري پڙهندا آهن. ۽ ٻه چار درجه پڙهڻ ڪافي آهي ۽ اسانجي گھر ۾ اچڻ واري ٻاهر نه پڙهي.
اهڙي ريت هڪ ٻيو واقعو آهي ته اسانجي ضلعي ۾ هر پنجين ميلن تي سردار آهن ۽ سياستدان پڻ آهن. انهن سياستدانن مان هڪ لائق انسان پنهنجي نياڻي ڊاڪٽري تائين پڙهائي. جڏهن ان محترمه سائڻ جي شادي پنهنجي ڪٽنب ۾ ڪرائي وئي ۽ انهي محترمه پنهنجي جاگيردار مڙس کي چيو ته، اسانجي ضلعي ۾ جديد ٽيڪنالاجي واري ڪلينڪ ڪانه آهي. وڏي سفر کانپوءِ نياڻيون ٻين ضلعن ۾ لاعلاج حالت ۾ کڻائي وڃن ٿيون. ڇونه پنهنجي ڀر واري زمين تي اڏيل محل ۾ اهڙو شفا خانو کوليون آئون هيترا سال علم به پرائي چڪي آهيان ۽ انجو فائدو قوم کي ملي. تنهن تي هن انڪار ڪيو ۽ عظيم سوچ واري شهزادي کي گھريلو عورت بڻائي ويهاري ڇڏيو ته اسانجو شان نه آهي.
مٿئين حقيقت کي نظر ۾ رکي سوچيو ته ڪا وچولي طبقي يا هيٺين طبقي جي نياڻين جي وارثن ۽ پٺ تي پيل ضلعي جي ماڻهن جو ڇا حال هوندو، جيڪڏهن ڪو باشعور فرد پنهنجي نياڻي پڙهائيندو ته اول سو ڀيرا سوچيندو ته اسانجا عزيز قريب ۽ ڀرپاسي وارا سردار وڏيرا خوامخواه به اڱريون کڻندا ۽ ڪنهن نه ڪنهن جاهل ماڻهوءَ جا ڪن ڀري بي ڏوھ مارائي ڇڏيندا، پوءِ تنهن تي ويڙهائي قبيلن جون تباهيون ڪرائيندا، ان ذهني پيڙاءُ ۾ سنڌ سڄي پيڙهجي ٿي خير..
محترمه ڊاڪٽر سڪندره صاحبه هن علائقي جي اها خوش نصيب مهان عورت آهي، جنهن ڪامران خان باجڪاڻي جي ڪوٽ ۾ محترم محمد حسن جي گھر ۾ سن 1978ع ۾ جنم وٺي ابتدائي تعليم ان ئي ڳوٺ مان پرائي مئٽرڪ 1994ع ۾ گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول غوثپور مان ۽ اتان ئي انٽرسائنس پاس ڪري ايم بي بي ايس پڙهڻ لاءِ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻه پهتي ۽ 2003ع ۾ ڊاڪٽري جي ڊگري حاصل ڪئي.
بقول هن ڊاڪٽر صاحبه جي ته منهنجي اها خوشنصيبي آهي ته مونکي بابا سائين ۽ محترم جناب چاچا سائين محمد شعبان صاحب جهڙا علم دوست روشن خيال انسان الله پاڪ عطا ڪيا. جن مونکي نه صرف گھر ۾ اسپتال کولي ڏني پر 2007ع کان پي پي ايڇ آءِ هيلٿ سينٽر تي نوڪري ڪرڻ جي به اجازت پڻ ڏني جتي آئون پنهنجي وارثن سان گڏ ڪار تي ويندي آهيان . ان ۾ وڏن جو چوڻ آهي ته اڪثر سنڌ جون غريب عورتون مهانگائي واري دور ۾ خانگي اسپتالن ۾ علاج لاءِ نه ٿيون اچن. اگر خلق خدا جي خدمت ڪجي ته پوءِ ڇو نه گھر کان ٻاهر قدم رکجي. اهڙي ريت سنڌي نياڻين خاص ڪري اتر سنڌ جي نياڻين لاءِ راھ هموار ڪرڻ نيڪ نيتي سان هڪ قدم اڳتي وڌائڻ عزت ۽ عظمت جي لائق آهي.
محترمه ڊاڪٽر سڪندره صاحبه جهڙي باعزت پروقار اڏول انقلابي نياڻي تي نه صرف ذات باجڪاڻي بلڪه سنڌي سماج کي فخر هجڻ کپي اهڙين سمورين نياڻين تي رحمد جي چادر شال رب العزت هميشه دائم قائم رکي. (آمين)