محترم جناب محب علي صاحب
محترم محب علي ولد جعفران خان باجڪاڻي جي گھر ۾ سال 1962ع ڌاران ڳوٺ الله اڏيو خان باجڪاڻي ۾ جنم ورتو. هن ابتدائي تعليم ساڳي ئي ڳوٺ ۾ پرائري سال 1981ع ۾ مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڪنڌڪوٽ مان پاس ڪري بي اِي 1989ع ۾ مهراڻ يونيورسٽي ڪئمپس نوابشاھ (هن وقت قائدعوام يونيورسٽي نوابشاھ جي نالي مشهور آهي).
محترم محبت علي صاحب ڊسمبر 1989ع ۾ ئي سنڌ ڪچي آبادي اٿارٽي ۾ ڊائريڪٽر طور لاڙڪاڻه ريجن ۾ سرڪاري نوڪري جا فرائض انجام ڏئي رهيو آهي ۽ اڃاتائين ئي ساڳي عهدي ۽ ساڳي جاءِ تي آهي.
هن هردلعزيز انسان سان منهنجي ملاقات ڪانه ٿي آهي، مگر منهنجي ڀاءُ محمد مريد خان ۽ ٻيا عوام دوست ماڻهو سندس تعريف ڪن ٿا (چون ٿا ته محترم محمد امين کوسو (ڪانگريزي فرد ٺل) هڪ خط محترم بشيراحمد مورياڻ (ان وقت ڊي سي هو) ڏانهن لکيو هو ته تنهنجا ٻئي جھان چٽ آهن.
(1) رشوت نه کائڻ ڪري تنهنجا گھرڀاتي دال لاءِ سڪن ٿا.
(2) بالا آفيسرن جي حڪم تي جائز ناجائز عمل ڪري ڪرسي بچائڻ ٿو چاهين.
تنهن تي مونکي ياد آيو ته محترم محب علي صاحب جي تعريف ان ڪري آهي جو هو راشير آفيسر نه آهي باقي شال رب پاڪ خوشامند کان بچائي کيس خوددار ٿيڻ جي توفيق عطا ڪري ۽ محبت علي شال محب علي ٿي رهي. (آمين)