ڪھاڻيون

ترورو

ثمينه ميمڻ جي هڪ سُڃاڻپ هڪ ذميدار ۽ ڏاهي ايڊيٽر واري آهي، جنھن سنڌي ادبي بورڊ جي ٽماھي رسالي ”مھراڻ“ کي سنڀاليندي اچي، پَرَ ساڳي ئي وقت هُوءَ جڏهن ڪهاڻي لکي ٿي ته سندس ڪهاڻي پڙهندڙن جي مَنَ ۾ لَهي وڃي ٿي. هوءَ سماجَ تي گهري نگاههَ رکي ٿي ۽ سماجي المين کي نهايت خبرداريءَ سان ڪهاڻيءَ جو موضوع بنائي ٿي. ثمينه ميمڻ جون ڪهاڻيون سماجَ جو آئينو آهن، جنهن ۾ سماجَ جي خوبصورتين ۽ بدصورتين کي پَسي سگهجي ٿو. ثمينه ميمڻ جي ڪهاڻين جا موضوع نرالا ۽ انهن ڪهاڻين جا ڪردار ڏٺل وائٺل محسوس ٿيندا.
  • 4.5/5.0
  • 1350
  • 527
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ثمينه ميمڻ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ترورو

مهاڳ

1973ع وارو دؤر هئو جو سنڌي ادب جي گلستان جي آبياريءَ لاءِ ڪيتريون ئي خواتين اڳتي وڌيون ۽ ادب جي مختلف صنفن تي قلم کنيو، پر پوءِ ميڊيا جي، خاص طرح اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ترقيءَ باعث ڪاغذ قلم واري وهنوار ۾ ڪافي قدر گهٽتائي اچڻ لڳي ۽ هينئر به جيڪي ڳاڻ ڳڻيون عورتون جيڪي ادبي کيتر سان سلهاڙيل آهن، انهن جي اولين ترجيح Woman Activist بڻجي غير سرڪاري تنظيمن ذريعي روزي روٽي ڪمائڻي آهي ۽ انهيءَ جو به جيڪڏهن جائزو وٺبو ته خواتين ۽ نياڻين جو وڏو انگ نثري شاعري ڪندي نظر ايندو، ڇاڪاڻ ته ان ۾ نه گهڻي وقت جي ضرورت پئي ٿي نه وري گهڻي محنت جي ”ٿورو چيو گهڻو سمجهجو“ جي مصداق لکڻي به لکي، نالو به ٿيو ۽ مقصد به پرايو.
اهڙي ماحول ۾ جتي خواتين ليکڪائن جو تعداد محدود آهي اتي خواتين ڪهاڻيڪارائن جو انگ اڃا به اٽي ۾ لوڻ برابر آهي ۽ انهن چند ۽ بااثر (لوڻ جيان) خواتين ۾ ثمينه ميمڻ جو نالو به ڳائجي ٿو.
ثمينه جو جنم موري ۾ ٿيو ۽ پرورش ڪراچيءَ ۾ ۽ جواني ڄام شوري ۾. انهن ٽنهي شهرن جي ثقافت ۾ رچيل ثمينه جي ڪهاڻين جا موضوع ۽ مشاهدا به انهن ٽنهي شهرن جي نمائندگي ڪن ٿا. ثمينه جيئن ته عورت آهي ۽ عورت هجڻ جي ناتي هڪ طرف گهر سندس مشاهدي جو مرڪز آهي ٻئي طرف اندر جا احساس ۽ اُڌما به سندس دل جو آواز آهن، ڪهاڻين ۾ هڪ طرف جتي هن خارجي صورتحال ريتن رسمن ۽ ثقافتي قدرن جو ذڪر ڪيو آهي، اتي عورت جي داخلي ڪيفيتن کي به سهڻن لفظن ۽ انداز ۾ پيش ڪيو آهي ۽ معاشرتي روين جو به ڀيٽاڻو اڀياس پيش ڪيو آهي، ڪلهه ۽ اڄ جي فرق کي بيان ڪيو آهي.
ثمينه ميمڻ جي ڪهاڻين ۾ سندس خانداني پرورش ۽ مشاهدن جا به عڪس موجود آهن. ثمينه جو جنم موري جي هڪ علمي ۽ ادبي گهراڻي ۾ 6- مئي 1965ع ۾ ٿيو. جتان هي گهراڻو لڏي اچي ڪراچيءَ ويٺو ۽ ثمينه جي تعليم ۽ ننڍپڻ جا ڏينهن ڪراچيءَ جي مشهور اسڪول اين.جي.وي ۾ گذريا. 1983ع کان لکڻ جي شروعات ماهوار ”ٻالڪ“رسالي کان ڪئي ۽ سندس پهرين تحرير هڪ انٽرويو هو، جيڪو هن ياسمين شيخ کان ورتو هو. 1984ع ۾ ڪراچيءَ ۾ وومينس ڪاليج ڪراچيءَ ۾ پڙهائيءَ دوران ڪاليج ۾ سندس ڪهاڻي شايع ٿي، جنهن تي کيس انعام پڻ مليو. ثمينه ميمڻ نه رڳو ڪهاڻيون لکيون پر سندس وابستگي مختلف اخبارن روزاني عوامي آواز، هلال پاڪستان، روزاني مهراڻ، روزاني ڪاوش، انگريزي اخبار ڊيلي نيوز سان به رهي، جنهن ۾ سندس ورتل انٽرويوز، شاعري، ڪهاڻيون ۽ مضمون پڻ شايع ٿيا.
12- نومبر 1992ع ۾ سندس شادي سنڌ جي مشهور سماج سڌارڪ ۽ عورت جي آزاديءَ لاءِ جاکوڙيندڙ شخصيت خان محمد پنهور جي ٻانهن ٻيلي ڀاءُ (سؤٽ) عبدالمجيد پنهور سان ٿي ۽ ملازمت به کيس سنڌ جي علمي ادبي اداري سنڌي ادبي بورڊ ۾ ملي ۽ اها تاريخ هئي 16- اپريل 1990ع ۽ انهيءَ ئي اداري ۾ 1997ع ۾ انچارج لائبررين بڻي. ملازمت دوران هن سنڌي ادبي بورڊ مان شايع ٿيندڙ رسالن ماهوار ”گل ڦل“ ۽ ”سرتيون“ ۾ بحيثيت انچارج ايڊيٽر ۽ جوائنٽ ايڊيٽر فرض سرانجام ڏنا.
ثمينه ميمڻ جي ڪهاڻين جو تعداد لڳ ڀڳ ٽيهارو آهي، سندس ڪهاڻيون ماهوار پارس، ماهوار مومل، ماهوار سرتيون ۽ ٽِماهي مهراڻ ۾ شايع ٿيون آهن.”تِرورو“ سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو آهي. جيڪو پندرهن ڪهاڻين تي مشتمل آهي. ڪهاڻين لکڻ جي ڀيٽ ۾ جيڪو ڏکيو ڪم مون کي لڳندو آهي، اهو عنوان جي چونڊ جو هوندو آهي. عنوان خوبصورت ۽ دل کي ڇڪيندڙ به هجي ۽ موضوع سان ٺهڪندڙ به هجي ۽ انهيءَ سلسلي ۾ ثمينه جس لهڻي جنهن خوبصورت عنوانن جي چونڊ ڪئي آهي. جيئن ته ثمينه جو تعلق روشن خيال تعليم يافته وچولي گهراڻي سان آهي، جتي هڪ طرف ته عورتن کي تعليم جي زيور سان آراسته ڪيو ويندو آهي. ٻئي طرف عورت کي فيصله سازيءَ جو اختيار ڏنو ويندو آهي، ٽئين طرف عورت کي روايتي قدرن ۽ رواجن جي به پاسباني ڪرڻي پوندي آهي. انهيءَ حوالي سان سندس ڪهاڻين جا ڪردار به انهيءَ ماحول سان تعلق رکن ٿا ۽ انهيءَ ماحول جي نمائندگي ڪن ٿا. سندس ڪهاڻين جي مجموعي ۾ عورتن جي مختلف مسئلن کي موضوع بنايو ويو آهي.
”آٿت“ جو مرڪزي ڪردار اها عورت آهي جا غلط رواجن جي ور چڙهي وڏي عمر جي مڙد سان شادي ڪري ٿي ۽ پوءِ ان کان طلاق وٺي ٿي ۽ پوءِ وري مسئلن جو شڪار بڻجي ٿي. جيتوڻيڪ شادي هڪ مضبوط ۽ مستحڪم ادارو آهي. جنهن ۾ اعتماد آهي، اعتبار آهي، جذبو آهي، قرباني آهي ان کي محض جنسي آسودگيءَ سان لاڳاپڻ ۽ جنسي آسودگيءَ جو ذريعو سمجهڻ هن اهم بنيادي اداري جي توهين آهي، ڪس ۽ ڪسر وارو فارمولو هن اداري سان لاڳو هئڻ گهرجي، شايد اهوئي پيغام هن ڪهاڻي جي ذريعي پڙهندڙن تائين رسائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي.
”وري به همت ڪري مڙس کي ڌونڌاڙڻ لڳي، هو جيڪو پنهنجي اگهور ننڊ ۾ سُتو پيو هو، سو هن جي اوچتو اُٿارڻ تي ڀڙڪي پيو.“
هوءَ ڊڄندي پڇڻ لڳي ته ”م… م مظهر ڪونه آيو آهي؟ ڪيڏانهن ويو؟ ايڏي رات گذري وئي آ“. تنهن تي منهن پڇڙو ڪري چوڻ لڳو ”ان لاءِ اچي مٿو کاڌو اٿئي. مون کان ٻڌائڻ وسري ويو ته هو پنهنجي اصلي پيءُ ڏي هليو ويو، سندس دوست دڪان تي ٻڌائي ويو.“ . ”چڱو ٿيو ٽريو منهن جي اکين جي اڳيان.“ هو منهن ورائي سمهي رهيو.
هن کي ائين لڳو ڄڻ هينئر سندس پيٽ ۾ ساهه پيو، سوچڻ لڳي ته گهٽ ۾ گهٽ سندس سڳو پيءُ کيس کاڌي جا طعنا ته ڪونه ڏيندو. مان ته هن لاءِ ڪجهه ڪري نه سگهيس، پر سڳو پيءُ ته کيس پيار ڏيندو!“
”اندر روح رهيام“ خوبصورت عنوان واري هيءَ ڪهاڻي اڄ جي سماج جو وڏو الميو آهي. اهڙا ڪردار نه رڳو ٻهراڙين پر شهري پاڙن ۽ ادارن ۾ عام جام آهن. ”پرائي مال تي ٽوپي نراڙ تي“ مصداق هڪ طرف امن پسند ۽ قانون پسند ماڻهن کي يرغمال بڻائي معاشري کي هيسائن ٿا ٻئي طرف ادارن کي هلڻ نٿا ڏين ۽ وري ملڪي تعمير ۽ ترقيءَ ۾ به رنڊا روڪ ڪن ٿا. ڀته خوري ۽ داداگيريءَ ذريعي سماج جي هر پهلوءَ ۾ مسئلا پيدا ڪن ٿا. ماسات حميد به اهڙي قسم جو ڪردار آهي ”منهنجي بابا مون کي وڌيڪ پڙهڻ جي اجازت ڏني مون ميٽرڪ پنهنجي ڳوٺ مان ڪئي. منهنجون ننڍيون ڀينر ۽ ڀائر به پڙهڻ لڳا. ماسات حميد کي اسان تي ڪاوڙ ته ڏاڍي ايندي هئي، پر هن جو زور سندس گهر تي هلندو هو، اسان تي نه. هُو جڏهن به گهر ايندو هو بابا کي برغلائيندو هو، اهو چئي ته ”ماسڙ، حُسنا کي پڙهائي ٺيڪ نه پيو ڪرين، سڀاڻي تون ئي ڪنڊا ڪڍندئين، جڏهن مڙس به توکي ڳولي ڏيندي.“ پر بابا ٿڌي دماغ وارو ماڻهو هو ۽ اهو ضرور چوندو هو ته ”ابا حميد! پنج ئي آڱريون برابر نه هونديون آهن، علم ڪڏهن به غلط رستو ناهي ڏيکاريندو پُٽن کي پڙهائجي ٿو باقي نياڻين ڏوهه ڪيو آهي ڇا؟“
”تِرورو“ هيءَ ڪهاڻي هڪ طرف سماج جي بدلجندڙ معيارن جي نشاندهي ڪري ٿي، ٻئي طرف تبديلي باعث ٻٽن معيارن جي مسئلن جو جائزو وٺي ٿي ”انيتا“ هڪ اهڙي ڪٽنب سان تعلق رکي ٿي، جنهن جو بنياد ڳوٺ آهي، پر تعليم پرائڻ لاءِ هوءَ هاسٽل ۾ اچي ٿي ۽ تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ به هوءَ پنهنجو پاڻ کي قدامت پرستيءَ کان آجو ڪرائي نه ٿي سگهي. ”اهو منهنجي وس ۾ ڪونهي، اسين ڪيتريون به ايڊوانس ڇو نه هجون، ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجيءَ ۾ ڦاڙها ماريون، پر اسان وٽ پنهنجي حق لاءِ زبان کولڻ کي بي حيائي جو لقب ڏنو ويندو، جيڪو مون کي قبول ڪونهي.“ انيتا ٿڌو ساهه کڻندي ڳالهه جاري رکندي چيو ”ڇا توهان ٽي.ويءَ تي سنڌي ڊراما نه ڏٺا آهن، خبر ناهي اسان جا ليکڪ ڇو پنهنجي مرده ڪلچر کي اڃا تائين فخر سان پيش ڪن ٿا. انهن کي هن دور ۾ به ڌاڙيل وڏيري ۽ حويليءَ کانسواءِ ڪجهه ڪونه ٿو ملي ۽ ان ڪري ئي اسان جا ڳوٺاڻا توڙي پڙهيل ڳڙهيل انهيءَ دقيانوسي خيالن مان جان ڇڏائي نه سگهيا آهن ۽ پوءِ اهوئي روئڻو ته اسان غيرتمند آهيون“ هوءَ ڄڻ اڀامي پئي هئي.
ثمينه انهن حقيقت پسندانه سببن جو اظهار انيتا جي لفظن ۾ ظاهر ڪري ٿي ۽ تبديلي پسندن کي ڌيان ڇڪرائي ۽ مئسيج ڏئي ٿي ته تبديليءَ جي شروعات پنهنجن چئنلن جي ڊرامن کان ڪندو ته سماج ۾ تبديلي اچي سگهي ٿي.
”روح رڙيو جنهن لاءِ“ هيءَ هڪ احساسن ۽ جذبن تي ٻڌل ڪهاڻي آهي هن ڪهاڻيءَ جي مک ڪردار ”پريت“ انهن ڇوڪرين مان هڪ آهي جيڪي آئيڊيل جي ڳولا ۾ زندگي گذارينديون آهن ۽ ٻئي طرف انهن ۾ فيصلي ڪرڻ جي قوت ناهي هوندي ۽ زندگيءَ ۾ هر آزادي هوندي به هُو ڪو فيصلو ڪري ناهن سگهنديون ۽ اهڙا ڪردار اسان جي سماج ۾ حقيقي طور موجود هوندا آهن.“ هڪ ڏينهن هن جي ڀاءُ هن کي ويهي سمجهايو ۽ پڇيو ته ”جيڪڏهن تنهنجي ذهن ۾ ڪو ڇوڪرو آهي ته ٻڌاءِ تون ائين نه سمجهجانءِ ته تنهنجو ڀاءُ تنهنجي راضپي ۾ راضي نه هوندو.“ پر پريت ته هڪ لمحي، هڪ پل اڳيان گوڏا کوڙي ويٺي هئي ۽ اهو هڪ لمحو، هڪ پل جيڪو سندس هٿن منجهان نڪري چڪو هو.
”اوچتو اڄ ايتري عرصي کان پوءِ سُندر جو يونيورسٽيءَ ۾ اچڻ. هوءَ اکيون ملائي نه سگهي هئي، پر اندر ۾ روئي پئي هئي ۽ لُڙڪن هاريون اکيون اُگهندي بس ۾ ويٺي ۽ هن سوچيو ۽ ائين محسوس ڪيو ڄڻ ڪا پل جي ڳالهه هئي جيڪا هن کان وسري نه سگهي هئي ۽ هاڻ زندگي ائين ئي بي رونقيءَ ۾ گذارڻ هن جي عادت بڻجي چڪي هئي.“
”ڏولي ڪير کڻي“ هيءَ ڪهاڻي ثقافت جي بدلجندڙ معيارن بابت آهي اڳ ڪهڙا طور طريقا ۽ رواج هئا اڄ ڪهڙا آهن. پئراميٽر طور گهر ۾ قضيي جو رواج کنيو ويو آهي ۽ ڪهاڻيءَ ۾ ڀيٽاڻو اڀياس پيش ڪيو ويو آهي.
”وِرهه وڇوڙا“ هيءَ ڪهاڻي به زندگيءَ جي حقيقتن تي آڌار رکي ٿي خالد ۽ سپ زندگيءَ جي موڙ تي آڏو اچن ٿا. ملاقات، محبت ۾ تبديل ٿئي ٿي ۽ ڳالهه رشتي تي پهچي ٿي. پر جيئن ته خالد جو سؤٽ سان مڱڻو ٿيل آهي ان ڪري سندس مائٽ خالد جي شاديءَ ۾ به شرڪت نه ٿا ڪن ۽ کيس لادعويٰ ڪن ٿا. بهرحال ڪجهه وقت کان پوءِ کين ارم نالي ڌيءَ ڄمي ٿي. پر خالد ٿي پنهنجي ڪٽنب جو دٻاءُ جاري ساري آهي ۽ خالد جيڪو بنيادي طرح فلرٽ قسم جو جوان آهي اهو سڀ کان ٻي شاديءَ جي اجازت طلب ڪري ٿو. ٻنهي جي زندگي ٽڪرائن جي ور چڙهي ٿي ۽ پوءِ هن ڪهاڻي کي آءٌ ڪجهه اڳتي وڌائينديس ته خالد پنهنجي سؤٽ سان شادي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿو. پر ڳالهه اڃا به مڪمل نه ٿِي ٿي خالد هڪ ٽين عورت جي چڪر ۾ اچي ٿو ۽ ان سان شادي لاءِ سپ کي طلاق ڏئي ٿو ۽ کانئس سندس زندگيءَ جو جياپو ارم به کسي وٺي ٿو ۽ پوءِ هن ڪهاڻيءَ جي پڄاڻي ڪجهه هن ريت ٿئي ٿي، ته هڪ روڊ حادثي ۾ خالد ۽ سندس معصوم نياڻي ارم فوت ٿي وڃن ٿا ۽ پڇاڙيءَ ۾ تجزيو ته ثمينه عورتن جي مختلف مسئلن تي قلم کنيو آهي ۽ اهي ڪردار هوائي نه پر حقيقي آهن جيڪي سندس آسپاس آهن. اميد ته ثمينه پنهنجي ڏات کي اڳتي وڌائيندي پنهنجي مشاهدي ذريعي، پنهنجي ماحول مان ٻيون ڪهاڻيون به لکندي ۽ ادب کي مالامال ڪندي. (آمين)


ڊاڪٽر تنوير جوڻيجو