ڏولي ڪير کڻي؟
”مائي زمانو ته ڪهڙو بڇڙو اچي ٿيو آهي، مرڻ ته نه هئو ڄڻ ڪاڄ هو.“ هوءَ پنهنجي منهن ڳالهائڻ لڳي.
”ڇو! ڇا ٿيو؟“ زيبو، ماءُ جو آواز ٻڌي ڪمري کان ٻاهر نڪري آئي.
”اَڙِي امڙ، تو واقعي سچ چيو ته ڪپڙا سُٺا پائي وڃ، پر مون ته وڃي ڄڻ پڇتايو. ائين پئي لڳو ڄڻ مان ئي سڀني ۾ گهٽ هئس، سڀ مايون ائين تيار ٿي آيون، ڄڻ شادي تي آيون هيون، پر امان ڪوته خدا جو خوف ڪن، کين ته ڄڻ هلڻو ئي ڪونهي.“ امان يڪساهيءَ ۾ ڳالهائيندي اچي کٽ تي ويٺي.
”اڄڪلهه زمانو ترقي ڪري ويو آ، هيءُ رسمون وري ڇو پٺيان رهن. انهن ۾ به ڪا تبديلي اچڻ کپي نه.“ مون امان کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ چيو.
واقعي امڙ زيبو. ڏس ته زماني جا رنگ. اڳ ۾ وڏي ڪا پوڙهي گذاري ويندي هئي، ته ڌوتل پوتل ڪپڙا به لاهي پراڻا کڻي پائينديون هيونسين ته مائي قضيو ٿيو آ، پر هاڻ ته توبهن ٿي وئي آهي. نه روئڻ نه پٽڻ ۽ نه وري ڪلمو ۽ تسبيح پڙهڻ.
اڳ ۾ مرڻ ڪڏهن ڪڏهن ٻڌبو هو ۽ جوانن جو موت ته ٻڌبو ئي ڪونه هو، پر امان هاڻ ته ماڻهن جو مرڻ به ايترو سستو ٿي ويو آ، جو روز الائي ڪيترن جون حياتيون وقت کان اڳ ختم ٿيو وڃن. روز روڊ ايڪسيڊنٽ، روز عورتن جو بيدرديءَ سان قتل، اخبارون ته رت سان ريٽيون پيون آهن، پوءِ ڪنهن کي ڏوهه ڏجي!“ مان امان کي سمجهائڻ ويٺس.
”امڙ اهو ته صحيح آ مرڻ ته ڪو مهڻو ڪونهي. هلڻو ته سڀ ڪنهن کي آ، پر هتي ته حالت ئي اُبتي لڳي پئي آ، وڃ کڻي ته سعيو ڪري قالين وڇايا پيا وڃن، وهاڻا ٽيڪن لاءِ رکيا پيا آهن. جيڪو اچي انهن کي بوتلون پياريون پيون وڃن. ميت اُتي پيو آ، هتي اهتمام اهڙا لڳا پيا آهن ڄڻ هر ڪو شادي جي دعوت تي آيو آ. ڪپڙا ته ٺهيو، پر ميڪ اپ سڄو منهن تي ٿڦيو پيو آ، لپ اسٽڪ لڳي پئي آ، ميچنگ تي سينڊل، ڪلپيون، وارن جو مختلف اسٽائيل، ٻانهُنِ ۾ سونيون چوڙيون ۽ ڪنگڻ، ائين ٿي لڳو ڄڻ هاڻ هاڻ بيوٽي پالر تان ٿي آيون آهن.“
”امان، تون به ڪا صفا سادي آهين، اڄڪلهه ته اها مهل به شامل ٿي وئي آ پاڻ کي ڏيکارڻ جي. رڳو ٻڌڻ جي دير آ. خبر رڳو پئي ته فلاڻي هنڌ ڪير گذاري ويو آ. ڏک ڪرڻ جي بجاءِ وينديون ڪمري ۾، بيگ ۾ جيڪو سڀن کان نئون وڳو هوندو اهو ڪڍنديون ميچنگ ڏسنديون ته ڪهڙي ڪهڙي ٿئي ٿي. سينڊل ڪڍنديون وارن جا مختلف اسٽائيل ڪري ڏسنديون ته ڪهڙا ٿا ٺهن.“
”مائي نُنهون ته ٺهيو، پر پنهنجون ڌيئون جيڪي رت آهن، جگر آهن. اهي به ڪونه پيون روئن، ٺهيو جڙيو سڀن جي اڳيان ويٺيون آهن. مايون به ڪنهن سان افسوس ڪن. گهرواريون ئي چپ ڪيو تيار ٿيو ڪنڊ ۾ ويٺيون آهن. پوءِ ٻين ماين کي ڇا آهي. اهي ته رونشي ڪوڏيون، اهي به زور زور سان ڪچهريون لڳائي ويٺيون هيون. هوءَ ڌيءَ جنهن جي هاڻ شادي ڪرائي اٿن اها ته روئڻ بجاءِ گرمي گرمي ڪرڻ لڳي ۽ وئي وهنجڻ ۽ وڳو سهڻو پائي اچي ماين جي وچ ۾ ويٺي.“ امان حيران ٿيندي ٻڌائڻ لڳي.
امان جون ڳالهيون ٻُڌي مون کي به کل ٿي آئي، چوي ته سچ پئي. اڄڪلهه زماني ۾ فيشن ٿي پيو آ، مون کي پڻ پنهنجي ننڍپڻ جي ڳالهه ياد اچي وئي، جڏهن اسان جي پاڙي ۾ ڪير گذاري ويو هو ته اسين به ڀينرون رونشي ۾ امان وارن جي پٺيان لڳيون هيونسين. جڏهن اتي پهتيونسين ته اتان جي ڪنهن مائيءَ چيو ته: ”ائي ڇوڪريون توهان وري ڌوتل استري ٿيل ڪپڙا پائي آيون آهيو، وڃو وڃو اهي ڪپڙا لاهي ٻيا پراڻا پائي اچو. ڇا چوندا ماڻهو ته پاڙي واريون ڪهڙيون اٿن جو تيار ٿي آيون آهن.“
اسان کي سمجهه ۾ ته ڪجهه نه آيو هو، پر ڊپ ٿي پيو هو ته الائي ڇا ٿيندو ۽ ڊوڙ پائي گهر وياسين ۽ ويٺيونسين پراڻن ڪپڙن کي ڳولڻ، جڏهن مليا ته اهي ڪپڙا لاهي وري پراڻا پاتاسين پوءِ وري پاڙي ۾ ويونسين.
ڪمري ۾ گهڙڻ لڳس ته ڀاءُ سڏ ڪيو ۽ ڪپڙن جو پڇڻ لڳو.
”ڇوڪرا هينئر ڇا ٿو ڪرين ڪپڙن کي، تون وڃ پاڙي جي ڳالهه آهي. ميت اجهو ٿا کڻن. وڃي شريڪ ٿيءُ.“ امان ارسلان کي چوڻ لڳي.
”امان مان اتان ٿي آيو آهيان، پر جيستائين مائٽ مِٽَ گڏ ٿين ته پوءِ ئي ميت کڻندا، تيستائين آئون وهنجي تيار ٿي وٺان.“
”اڙي ڇوڪري کي هوش آهي يا نه ! جيڪي ڪپڙا پاتا پيا اٿئي اهي صحيح اٿئي. پاڙي وارا ڇا چوندا ته ڇوڪرو تيار ٿي آيو آهي. پاڙي جو لحاظ ئي ڪونه آهين!“
”امان توهان هاڻي ته ڏسي آيا آهيو، ماين جا رنگ، وري به ارسلان کي پيا جهليو.“
”ڏس ته ادي ٻاهر ته ڄڻ عيد جو سمان لڳو پيو آ، ڇا ته ڊيڪوريشن ٿي آهي. ڇا ته قالين وڇايا آهن! ڇا ته چوڌاري پرفيوم جي خوشبو آهي! ڇا ته ڪپڙا پائي آيا آهن! اڃا ٿي امان چوي ته ڪپڙا سٺا نه پائي وڃ، ڀلا جن جي گهر ۾ قضيو ٿيو آهي اهي ته خاص تياريون ڪيو پيا گهمن، تياريون ڇا هُتي ته فوٽو پيا نڪرن!“
”اڙي ابا توبهن ڪر اهو ڇا پيو چوين.“
”امان مان ڄڻ ڪوڙ پيو ڳالهايان. فوٽو ته هونئن ئي نڪرن پيا، پر هُتي هينئر مُووي به ڀربي.“ ارسلان امان کي وڌيڪ چيڙائڻ لڳو.
امان ته حيران ٿيندي ڪمري ۾ وڃي مٿو ٻڌي سمهي رهي.
”ڇو امان وري ڪونه ويندينءَ ڇا!“
”ائي امان هاڻ ته وڃڻ تي دل ئي ڪونه ٿي چوي. جن مائٽن کي ذرو به ڏک ڪونهي پوءِ ڇا وڃي ڪجي. جڏهن ميت کي کڻندا ته وڃي ٿي ايندس. ادي بصران اسان سان ته ڏاڍو سٺي هلي، پوءِ اسين به ته پنهنجو فرض پورو ڪيون.“
”ادي او ادي پرفيوم ته ڏجانءِ.“ ارسلان زيبوءَ کي ڳوليندو ڪمري ۾ آيو.
”ها ها ڏيانءِ ٿي.“ مون به ارسلان کي پرفيوم ڪڍي ڏني ۽ هُو لڳائي ٻاهر ويو ته ان مهل خبر پئي ته ميت کڻن پيا. ارسلان به تڪڙو تڪڙو ويو، مان به ٿورو در جي چيرَ مان ڏسڻ بيٺس.
ڇا ته منظر لڳو پيو هو! چوڌاري ماڻهو قالينن تي وهاڻن جون ٽيڪون ڏيو ويٺا هئا. بوتلون هٿن ۾ هيون نه روئڻ نه پٽڻ.
ارسلان صحيح ته چوي پيو، واقعي فوٽو پيا نڪرن.
آئون به ٻاهر جو منظر ڏسي اچي ڪم کي لڳس، ماني به پاڙي ۾ موُڪلڻي هئي.
مريم اسڪول مان آئي ۽ حيران ٿيندي پڇڻ لڳي:
”ادي ڪنهن جي شادي پئي ٿئي؟!“
”راڻي، شادي ڪونهي، هوءَ جيڪا گڊوءَ وارن جي ڏاڏي هئي، اها اڄ صبح گذاري وئي آهي.“
هوءَ به حيران ٿي، پر ڪجهه به پڇي ڪونه سگهي.
”مريم تون اسڪول جا ڪپڙا مٽاءِ ۽ پوءِ گڊوءَ وارن جي گهر ماني ڏئي آ“
”ڇو ادي انهن ڪونه ٺاهي آهي ڇا!“
”نه راڻي جنهن جي گهر ۾ ڪير گذاري ويندو آهي ته، اهي ڪجهه به ڪونه رڌيندا پچائيندا آهن، پاڙي وارن مان هرڪو ڪجهه نه ڪجهه موڪليندو آهي. وڏا ته کائين يا نه کائين، پر ننڍڙن معصوم ٻارن کي ته بک لڳي هوندي، تون جلدي ماني کڻي وڃ.“ مون کي خبر هئي ته ماني موڪلڻ جي ضرورت نه هئي، پر سُمهڻ کان اڳ امان تاڪيد ڪري سُتي هئي.
”ها ادي آئون ڪپڙا مَٽايان ته ڏئي ٿي اچان.“
ان مهل خبر پئي ته ميت کي مقام ڏانهن کڻي پيا وڃن. آئون به امان کي اٿارڻ ويس ته جيئن هوءَ به وڃي سگهي.
امان به منهن ڌوئي پاڙي ۾ وئي.
جنهن مهل ميت کڻي رهيا هئا ته ڪو گهر مان روئڻ جو آواز نه پئي ٻڌڻ ۾ آيو، سچ مون کي ته الاهي ڏک ٿئي ٿيو، ماسي ويچاري ڪيڏي نه سٺي هئي. پوءِ هُن جي مرڻ تي ڪنهن کي به ڏک ڪونهي. هوءَ نُنهن سان به ڪيئن هلندي هئي، پر هت ته ڳالهه ئي ٻي هئي.
امان به اڌ ڪلاڪ ۾ پهچي وئي، ڀلا ويهي به ڇا ڪري هرڪو ته هليو ويو هو.
مون به منجهند جو ننڊ ڪئي ته شام جو ارسلان به سهڪندو گهر پهتو.
”ڇو توکي ڇا ٿيو! ايڏو پيو سهڪين.“
”ادي ڳالهه ئي ڇڏي ڏي، ماڻهو مرن هڪڙن جا ۽ ڏوليون وري کڻي مسجدن ۾ اسين پهچايون.“
”ڇو ٻيا ڪيڏانهن ويا هئا.“
”ادي آئون به گڊوءَ جي ڪري ويس، ان جي ڏاڏي هئي. ڪم ڪار به ڪرايوسين، پر آخر ۾ جڏهن ڏاڏيءَ کي پوري واري ڇڏيئون ته ڏولي ڪير به کڻڻ لاءِ تيار ڪونه هو، اها اُتي ئي پئي هئي ۽ سڀ پنهنجين پنهنجين گاڏين ۾ چڙهي روانا ٿيا.“ هن سهڪندي چيو.
”ٻيا ته ڇڏيو، پر گڊو جيڪو اسان جو دوست آهي، اهو به گاڏيءَ ۾ چڙهي روانو ٿيو. ان مهل اسان کي ئي ڪونه ڏٺئين ته هُو ويا ڪيڏانهن!“
”پوءِ توکي وري لاچار هو ڇا ڏوليءَ کڻڻ جو، پئي هجين ها.“
”بس اسان ٻه ٽي دوست بچياسين ته ڏٺوسين ته ڏولي اتي ئي پئي آ ته اسان پنهنجي دوستيءَ جو فرض سمجهي پنڌ ڪري اچي مسجد ۾ ڏوليءَ کي رکيوسين.“
امان جيڪا صبح کان اهڙيون ڳالهيون ڏسي حيران ۽ پريشان ٿي پئي هئي سو اها ڳالهه ٻڌندي چوڻ لڳي.
”الائي مائي مرڻ کان پوءِ اسان جو حشر ڇا ٿيندو!“