ڪھاڻيون

ترورو

ثمينه ميمڻ جي هڪ سُڃاڻپ هڪ ذميدار ۽ ڏاهي ايڊيٽر واري آهي، جنھن سنڌي ادبي بورڊ جي ٽماھي رسالي ”مھراڻ“ کي سنڀاليندي اچي، پَرَ ساڳي ئي وقت هُوءَ جڏهن ڪهاڻي لکي ٿي ته سندس ڪهاڻي پڙهندڙن جي مَنَ ۾ لَهي وڃي ٿي. هوءَ سماجَ تي گهري نگاههَ رکي ٿي ۽ سماجي المين کي نهايت خبرداريءَ سان ڪهاڻيءَ جو موضوع بنائي ٿي. ثمينه ميمڻ جون ڪهاڻيون سماجَ جو آئينو آهن، جنهن ۾ سماجَ جي خوبصورتين ۽ بدصورتين کي پَسي سگهجي ٿو. ثمينه ميمڻ جي ڪهاڻين جا موضوع نرالا ۽ انهن ڪهاڻين جا ڪردار ڏٺل وائٺل محسوس ٿيندا.
  • 4.5/5.0
  • 1350
  • 527
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ثمينه ميمڻ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ترورو

ضَربَ

اڄ سونل جي ننڍي ڀيڻ فاطمھ جي شادي ٿي رهي هئي، ڪجهه ڏينهنِ کان شاديءَ تي آيل سندن چاچيون، سوٽيون، ماسيون ۽ ماساتيون ٽڪيل هيون.
اڄ صبح کان گهر ۾ هُل هنگامو متل هو، هرڪو شاديءَ جي تيارين ۾ لڳو پيو هو، پر سونل جي ماءُ اُداس هئي ڇو ته اها مِٽي سونل لاءِ آئي هئي، پر سونل شاديءَ کان انڪار ڪيو هو، ۽ ائين نه چاهيندي به سندس ماءُ کي فاطمھ جي شادي ڪرائڻي پئي.
هيءُ پهريون ڀيرو نه هو، ائين کوڙ مِٽيون سونل لاءِ آيون، پر هُن ماءُ کي اهو چئي چپ ڪرايو هو ته هُن کي في الحال نوڪري ڪرڻي آهي.
ڪڏهن ڪڏهن سونل چاهيندي هئي پنهنجي اندر ۾ پلجندڙ زهر کي اوڳاڇي ٻاهر ڪڍي، ڇو هن جي اندر ۾ مرد لاءِ نفرت ڀريل آهي؟ ڇو هوءَ ڪنهن تي اعتبار نه ٿي ڪري سگهي؟ هزارين سوال هن جي اندر ۾ پلبا رهبا هئا، پر جواب هن کي ڪڏهن به نه ٿي مليو.
جڏهن کان هوءَ يونيورسٽي مان ماسٽرس جي ڊگري وٺي موٽي هئي تڏهن کان اڌ رات جو ننڊ مان ڇرڪ ڀري اُٿي پوندي هئي، ۽ پوءِ ڊپ ۾ اکيون بند به ڪري نه سگهندي هئي.
ڪڏهن ڪڏهن چاهيندي هئي ته هوءَ ماءُ سان ڳالهه شيئر ڪري پنهنجي اندر جي درد کي گهٽائي، پر چاهيندي به پنهنجي وڍيل اندر کي پاڻ سان کڻي ٿي هَلِي.
اڄ سڀ گهر جا ڀاتي اداس هئا، فاطمھ هنن جي گهر مان وڃي رهي هئي، فاطمھ منجهند جو ئي سونل سان گڏ پارلر تي تيار ٿيڻ وئي ته ان مهل ئي سڄي گهر ۾ اُداسي ڇانئجي ويئي، فاطمھ جو اڄ هن گهر ۾ آخري ڏينهن هو. هوءَ به پنهنجي ڳوڙهن کي روڪي نه سگهي. ٿوري دير کان پوءِ هرڪو رات جي شاديءَ جي تياريءَ ۾ لڳي ويو. ۽ ائين هال ۾ وڃڻ جو وقت به ٿي ويو. سونل جي ماءُ ۽ اُن جي وڏي ڀيڻ سڀاڳي به اڳ ۾ ئي تيار ٿي، مهمانن جي استقبال لاءِ هال ۾ ويون ۽ ائين ٿوري دير ۾ مهمان به اچڻ شروع ٿيندا ويا.
سونل به فاطمھ کي پارلر تان وٺي هال جي ٻاهران گاڏيءَ مان سندس ساهيڙين ۽ ماساتين جي سٿ ۾ هال ۾ اندر داخل ٿي ته مووي ۽ ڪئميرائون آن ٿيون ۽ ائين سڀني جون نظرون ڪنوار تي کڄي ويون ۽ هوءَ سڀني سَٿ ۾ اسٽيج تي اچي ويٺي. ٿوري دير کان پوءِ گهوٽ به پنهنجي مائٽن ۽ دوستن سان گڏ دهل شرناين جي استقبال ۾ ڳائڻ کان پوءِ اچي اسٽيج تي ڪنوار سان گڏ ويٺو.
اُتي هال ۾ ان مهل موقعو وٺي هڪ پاڙيسرڻ وڌي اچي سونل جي ماءُ کي ٽوڪيندي چيو: ”ڇو ڀلا تون وڏيءَ ڌيءُ کي ويهاري ننڍي ڌيءُ جي شادي پئي ڪرائين، سونل جي ته عمر به آهي، مومل ته ننڍي آ. اڃا ته هوءَ پڙهي پئي.“
سونل جي ماءُ وٽ ته ڪو جواب نه هو، ڳالهه ٻڌندي ئي وسامجڻ لڳي، پر ڀر ۾ سندس ڀيڻ هُن جي ماٺ کي ڏسندي مائيءَ کي وراڻي ڏيندي چيو ته: ”ادي اهي ته نصيبن جون ڳالهيون آهن، ٻيو ته اڳيون دور نه آهي جو هروڀرو پهرين ڌيءَ جي شادي ڪرائڻي آهي، جيڪڏهن ننڍين نياڻين جون به مِٽيون جُڙي ٿيون اچن ته ڇو نه ڪري ڇڏجن.“ مائي جواب ٻڌي لاجواب ٿي وئي ۽ اتان وڃڻ ئي غنيمت سمجهائين.
سونل جي ماءُ هونئن ئي اداس هئي ويتر اکين ۾ ڳوڙها اچي ويس ۽ پاڻ کي ويچارِي سمجهڻ لڳي. اها حالت ڏسندي هُن جي وڏي ڀيڻ زاهده سندس ڪلهي تي هٿ جو هلڪو آٿت ڏنو ته هُن پنهنجي اکين کي رئي جي پلاند سان اُگهيو ۽ ايندڙ مهمانن سان ملڻ ۾ لڳي وئي ۽ ائين نڪاح جو به وقت ٿيو ۽ نڪاح جون هرڪو هڪٻئي کي مبارڪون ڏيڻ لڳو، پوءِ مانيءَ کائڻ جو وقت ٿيو. ڪجهه مهمان اسٽيج تي وڃي ڪنوار ۽ گهوٽ سان ملڻ ۾، ۽ ڪي فوٽو ڪڍرائڻ ۾، ڪي مووي ڀرائڻ ۾ لڳي ويا. ائين اڌ رات گذري وئي. پري پري جا مهمان سڀ روانا ٿي ويا، باقي پنهنجا مِٽ مائٽ لانئن جي رسمن تائين ۽ ڪنوار گهوٽ جي موڪلاڻيءَ تائين ويٺل هئا ۽ ائين رسمون صبح جو وڃي ختم ٿيون.
فاطمھ جي وڃڻ جي گهڙي آئي ته سڀ گهر جا ڀاتي اداس ٿي ويا. فاطمھ موڪلائڻ شروع ڪيو ته سڀني جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا پاڻ سڀني سان موڪلائڻ مهل روئِي پئي. سڄو ماحول ڏک ۾ وٺجي ويو، پر گهوٽيتن موڪلاڻيءَ مهل هال جي گيٽ تي دهل شرنايون شروع ڪرايون ۽ نچڻ ڳائڻ شروع ڪيو ته ماحول ٿورو بهتر ٿيو ۽ ائين فاطمھ پنهنجي گهوٽ سان گاڏيءَ ۾ رواني ٿي وئي ۽ هرڪو پنهنجي پنهنجي گاڏي ۾ چڙهي گهر روانو ٿيو.
جڏهن هيءُ سڀ گهر جا ڀاتي گهر آيا ته ڄڻ هنن کي گهر خالي خالي لڳو، سونل جي ماءُ ته ڄڻ اندر ۾ ڀُري پئي هئي، پر ڪنهن کي ٻڌائي. ڪجهه ڏينهن ڪاوڙ ۾ هُن سونل سان ڳالهائڻ ڇڏي ڏنو. جيڪو سونل به محسوس ڪيو، پر هوءَ ڇا ٻڌائي ته هوءَ پاڻ اندر ۾ ڪيتري ڀُريل، ڪيتري ڊنل آهي.
فاطمھ جي شاديءَ کان ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ سونل پنهنجي نوڪريءَ لاءِ مختلف جاين تي پنهنجا ڪاغذ موڪليا هئا ۽ انٽرويو به ڏئي آئي هئي، ۽ اڄ جڏهن هن کي هڪ پرائيويٽ اسڪول طرفان نوڪريءَ جي آڇ جو ليٽر ٽي.سي.ايس ۾ مليو، هوءَ اڄ ڏاڍي خوش هئي ۽ پنهنجي پيءُ ۽ ماءُ کي اِهو ليٽر ڏيکاريو. سونل جو پيءُ ته ڏاڍو خوش ٿيو ۽ مٿي تي هٿ رکي مبارڪون به ڏنيون، پر هُن جي ماءُ کي ڪا خوشي نه ٿي. هوءَ ماءُ جي منهن ۾ نهاري نه سگهي، ۽ پاڻ کي قصوروار به سمجهڻ لڳي، پر هن کي نوڪري ڪرڻي هئي ۽ ائين هُن اسڪول ۾ نوڪري جوائن ڪئي ۽ پاڻ کي مصروف ڪري ڇڏيو.
ڪجهه ڏينهنِ کان سونل کي فاطمھ ٿي ياد آئي. ڪمرو به خالي خالي ٿي لڳس ۽ هاڻي ته ننڊ به ڦِٽي ويندي هئس. خواب به عجيب عجيب ڏسندي هئي ۽ جهٽ ۾ اکيون کولڻ چاهيندي هئي، پر اکيون کولي نه سگهندي هئي، اڄ هن چاهيو ته ماءُ کي پنهنجي ڪمري ۾ سُمهاري، پر همت نه ڪري سگهي. پهرين ئي سندس ماءُ هن سان ٿورو ڪاوڙيل به هئي.
سڄي رات گذرڻ تي هئي، پر هِن جو دماغ سجاڳ هو، هن ٿوري دير اکيون بند ڪيون ۽ هِن جي اک لڳي ته ننڊ ۾ رڙيون ڪرڻ شروع ڪيائين. ”پليز مون کي ڇڏيو، پليز مون کي ڇڏيو“. ائين چوندي چوندي هن جون اکيون کُليون ته هوءَ پگهر ۾ سڄي شل ٿي وئي هئي، هوءَ بيڊ تي اُٿي ويٺي ۽ وڏا وڏا ساهه کڻڻ لڳي، ۽ سائيڊ ٽيبل تان پاڻي کڻڻ لاءِ گلاس کنيائين. اوندهه جي ڪري، گلاس پٽ تي ڪِري پيس ۽ گلاس ٽٽڻ جو آواز ٿيو. ڀرسان ڪمري ۾ سندس ماءُ جڏهن گلاس ٽٽڻ جو آواز ٻڌو ته سندس ڪمري ڏانهن ڊوڙندي آئي، ڪمري جي لائيٽ ٻاريائين. جڏهن سونل کي هن حالت ۾ ڏٺائين ته پريشان ٿي ويئي. سونل سڄي ڏڪي رهي هئي ۽ وڏا وڏا ساهه کڻي رهي هئي. سندس ماءُ تڪڙ ۾ رڌڻي ڏانهن وئي ۽ گلاس کڻي آئي ۽ جڳ مان پاڻي ڀري هُن کي ڀاڪر ۾ ڀريندي پيارڻ لڳي. ڪجهه دير تائين سونل ماءُ کي ننڍڙن ٻارڙن جيان چنبڙي پئي ۽ گوڏي تي ننڍڙن ٻارڙن جيان ليٽي پيئي. ٿوري دير سامت ۾ اچڻ کان پوءِ ماءُ جي گوڏي تان اُٿي پاڻ سنڀالڻ لڳي. سندس ماءُ هن کي ڏسي پريشان ٿي وئي ۽ هُن کان پڇڻ لڳي، ”ڌيءَ توکي ڇا ٿيو تون ٺيڪ ته آهين نه، لڳي ٿو تو ڪو ڀوائتو خواب ڏٺو آهي.“
هوءَ پنهنجي ماءُ جي ڳالهائڻ تي ڄڻ ڇرڪجي پئي، پر همت ڪري جواب ڏنائين، ”ها امان لڳي ٿو مون ڪو خواب ئي ڏٺو آهي، هاڻي مان ٺيڪ آهيان، اوهان ڀلي وڃي آرام ڪيو، مان به ٿوري دير سمهان ٿي.“
سندس ماءُ ته هلي وئي، پر هوءَ اکيون بند ڪري نه پئي سگهي، سندس کي لڳو ته جيئن پاڻ اکيون بند ڪندي ته خواب وري هن کي پريشان ڪندو. ان لاءِ سڄي رات اکيون کولي ويهي رهي ۽ ائين صبح ٿي ويو.
ٻئي ڏينهن شام جو سونل جي ساهيڙيءٌ مهوش جي ننڍي ڀيڻ سپيءَ جي سالگره هئي، پنهنجي ماءُ کان اجازت وٺي پنهنجي ڀاءُ سان گڏ مهوش جي گهر وئي. شام جو ئي هُن جي ماءُ، ڪپڙا الماريءَ ۾ رکڻ لاءِ سندس ڪمري ۾ وئي، ان وقت سڄي الماريءَ جا ڪپڙا هيٺ مٿي لڳا پيا هئا.
’هِن ڇوڪريءَ کي ته هوش ئي نه آهي، جڏهن کان اسڪول ۾ نوڪري ڪرڻ لڳي آهي ته هن کان ته سڀ شيون ڇڏائجي ويون آهن، الماريءَ جي حالت ڇا ڪئي اٿس. هوءَ پنهنجو پاڻ سان ڳالهائڻ لڳي. الماريءَ مان سڀ ڪپڙا کڻي بيڊ تي رکندي وئي. ڪپڙا جيئن بيڊ تي رکڻ لڳي ته ڪجهه ڊائريون اچي پَٽ تي ڪِريون ۽ ان مان ٻه ٽي فوٽو به پٽ تي ڪِريا، ۽ ٻن ٽن اخبارن جون ڪٽنگس پڻ ان ڊائرين مان هيٺ ڪِريون. سندس ماءُ ڊائريون، فوٽو ۽ اخبارن جون ڪٽنگس پٽ تان کنيون، ۽ بيڊ تي ويهي رهي.
هيءُ فوٽو ته اُهي هئا جن ۾ سونل ۽ مُرڪ کي يونيورسٽيءَ مان ماسٽرس جي ڊگري ملي هئي، ۽ انهيءَ تصوير ۾ سونل ۽ مُرڪ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسيلر کان ڊگري وصول ڪري رهيون هيون ۽ ڀر ۾ هڪ فل سوٽ پاتل شخص بيٺل هو، ان جي ئي تصوير سڀني تصويرن ۾ ڦاٽل هئي ۽ وري اخبارن جي ڪٽنگس ۾ به ان جي ئي تصوير قئنچي سان ڪٽيل هئي. هوءَ پريشان ٿي وئي ۽ دل ۾ عجيب وهم وسوسا وڪوڙجندا ويس، سوچڻ لڳي ته ڪٿي…… نه نه… ائين نه ٿو ٿي سگهي.
تصويرون ۽ اخبارن جون ڪٽنگس بيڊ تي رکيون، ۽ وري ڊائرين کي کولي پڙهڻ لڳي ته من ڪنهن ڊائريءَ ۾ سونل جي ڪا لکڻي لکيل هجي، جنهن مان ڪا حقيقت ظاهر ٿئي. ڇو ته هُن کي خبر هئي ته سونل کي روزاني ڊائري لکڻ جي عادت آهي.
هوءَ ٻن سالن کان اڳ واري ڊائري کڻي هڪ هڪ پني پني کي اڳيان پٺيان ورائڻ لڳي. ڏڪي به رهي هئي ۽ آهستي آهستي پنا ورائيندي ٿي وئي ۽ ڊائري ۾ آخري پنا پڙهڻ شروع ڪيا، اُتي هڪ صفحو ’ڪاري رات‘ نالي لکيل هو.
منهنجي دوست مُرڪ کي سندس ڊپارٽمينٽ جي استاد آفيس ۾ سڏايو، مُرڪ مون کي به پاڻ سان گڏ وٺي هلي ۽ انهيءَ استاد، مُرڪ کي ۽ مون کي به مبارڪون ڏنيون، ۽ ائين ڳالهائيندي ڳالهائيندي هُو ڪرسيءَ تان اُٿيو ۽ مُرڪ جي ويجهو اچي هُن جي ڪلهي تي هٿ رکيو. مُرڪ سڄي پگهر ۾ شل ٿيندي وئي، هوءَ ڪجهه ڪُڇي نه سگهي ۽ ڊپ ۾ وٺجي وئي، پر مون کي الائي ڪهڙي همت اچي وئي، اُن استاد کي چماٽ وهائي ڪڍي. انهيءَ وقت استاد پنهنجي بيعزتي محسوس ڪئي ۽ ڪجهه ڪُڇي نه سگهيو، پر هن آخر ۾ اهو چيو ته: ”اوهان کي ان جو جواب ضرور ملندو.“
”ها ها اوهان کي جيڪو ڪرڻو آهي اُهو ڪيو مان ڊڄڻ وارن مان نه آهيان، اوهان ڇا ٿا سمجهو ته اسان ڇوڪريون ڪمزور آهيون ۽ اها اوهان جي ڀُل آهي. آءٌ چاهيان ته اوهان تي حريسمينٽ جو ڪيس ڪرائي ٿي سگهان.“ مان جذباتي ٿيندي ويس ۽ مُرڪ منهنجو هٿ جهليندي مون کي ٻاهر وٺي وئي.
مُرڪ ته ڏاڍي ڊنل هئي ۽ ڪجهه ڏينهن مون کي جڏهن به اهو منظر ياد ايندو هو، ته دل چوندي هئي ته هُن استاد کي ڪا سيکت ڏجي، پر مُرڪ جي منع ڪرڻ تي آءٌ خاموش رهيس، پر اها خبر نه هئي ته اها خاموشي مون کي هميشه لاءِ خاموش ڪري ڇڏيندي، مان جيڪا ايڏي بولڊ هوندي، ڊپ کان ڪنهن سان به ڳالهه شيئر نه ڪري سگهيس، بس دل ئي دل ۾ لُڇندي ۽ ڦٿڪندي رهيس.
سندس ماءُ جڏهن ڊائري پڙهي بس ڪئي ته هن جي اکين ۾ ڄڻ تِرورا ايندا ويا، سڄي پگهر ۾ شل ٿي وئي هئي ۽ هن جا حواس ئي جواب ڏئي ويا. هوءَ ڏڪي رهي هئي. هُن کي ڪيتري دير کان هوش نه هو، ۽ هوءَ پنڊپهڻ ٿي اُن ڊائريءَ جي هڪ هڪ لفظ کي دل اندر ۾ وڏي ڪَرب مان لاهيندي ٿي وئي ۽ ڄڻ سڪتو طاري ٿي ويس.
هُن کي چار سال اڳ سونل جو يونيورسٽيءَ ۾ ايڊميشن ۾ سليڪشن وقت خوشيءَ جو منظر اکين اڳيان اچي ويو. ڪيئن نه سڀني کي ڀاڪر پائي فخر مان ٻڌائي رهي هئي ۽ اها ٻچڙي........ منهنجي .............. ايتري وقت کان..............هوءَ اندر ۾ ڇڄي پئي.
ڪجهه دير تائين پاڻ ڪمري ۾ ڊائريون، فوٽو ۽ اخبارن جي ڪٽنگس کي هٿ ۾ رکي ويٺي، هن کي خبر ئي نه پئي ته سونل به هن جي مٿان اچي بيٺي ۽ جڏهن سونل، ماءُ جي هٿن ۾ ڊائريون، فوٽو ۽ اخبارن جون ڪٽنگس ڏٺيون ته گهٻرائجي وئي. هوءَ ماءُ ڏانهن به نهاري نه سگهي، پلنگ تي پرس رکي هوءَ ماءُ جي ڀر ۾ خاموشيءَ سان ويهي رهي.
ان وقت ٻنهي جي اکين ۾ لڳاتار ڳوڙها ڳڙي رهيا هئا ۽ ٻنهي اندر جي درد کي اورڻ لاءِ هڪٻئي کي ڀاڪر ۾ ڀريو.

* * *